سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: تاريخ اسلام

باب:

صفحو:8 

جڏهن غازي مرحوم جي لشڪر جا سردار موٽي آفريقا ڏي ويا ۽ جڏهين خليفي هشام کي ٽورز جي جنگ جي خبر دمشق ۾ پهتي. تڏهن هن عبدالملڪ نالي هڪڙي رئيس کي اِسپين جو اَمير ڪري موڪليو. ٽورز جي شڪست جي ڪري اِسپين ۾ بربرن فساد کڙو ڪيو. سڀني کان اڳ طارق جي هڪڙي اَمير منوسا نالي، جنهن ايڪوئيٽينا جي عيسائي نواب يوڊيز جي ڌئ سان شادي ڪئي هئي. تنهن عيسائين ۽ بربرن جي اشاري تي فساد جو جهنڊو کڙو ڪيو. عربن کي ڪيترن ئي هنڌن تي شڪستون ڏنائون. هن فساد جي ڪري سڄي اُتر اسپين ۾ فساد پئجي ويو. جليقيه، مريڊا ۽ ٻين سرحدي علائقن ۾ به فساد جي باهه جا شعلا بلند ٿيا. بربر ڏکڻ ۾ طليطله، قرطبه کان الجيراس جي طرف ڪاهيندا هليا. اِنهيءَ مراد سان ته الجيراس کان جهازن ۾ چڙهي آفريقا جي بربرن کي فساد ۾ شامل ڪيون. اُندلس جو اَمير عبدالملڪ ڏاڍيءَ پريشانيءَ ۾ اچي ڦاٿو. پر هو برجستو فوجي حاڪم هو. وٽس مضبوط فوج به هئي. هن آراگان ۽ نيوري جي عيسائين کي شڪست ڏئي کين آڻ مڃائي. پر ناربونه جي حاڪم يوسف کيس مدد ڏني. ٻنهي فوجن جي مدد سان هن رائين ندي ٽپي ڪري ريمي تي قبضو ڪري فرنگين کي شڪست ڏيئي آوگنان سرڪيو. هن بربرن کي سخت شڪست ڏني. شامي عرب جي هن وقت سندس فوجن ۾ هئا، تن بربرن جي چڱي پئماني تي سرڪو بي ڪئي. شامي عرب جي هن وقت سيوطا جي علائقي کان آيا هئا، تن اُندلس جي شاداب علائقن کي ڏسي اِسپين ۾ رهڻ لاءِ ڪوشش ڪئي. پر بربرن کي شڪست ڏيڻ کانپوءِ عبدالملڪ کين موٽي وڃڻ لاءِ زور رکيو. جنهن جو اِهو نتيجو نڪتو جو فوجي سردارن گڏجي کيس عهدي تان لاهي ماهه رمضان المبارڪ سن 116هه نومبر سن 734ع ۾ عقبا کي اُندلس جون واڳون سپرد ڪيو. جو انصاف پرست ۽ نيڪ چال وارو انسان هو. هن 5 ورهيه حڪومت ڪئي، پر انهيءَ ٿوري عرصي ۾ هن ڪيترائي ڀيرا فرانس تي حملا ڪري عيسائين کي خوب شڪستون ڏنيون. هن جي ڏينهن ۾ رائين درياهه جي ڪپ تي جيڪي به قلعا هئا، تن ۾ عربن جي مضبوط فوج ويٺل هئي. ناربونه جو ڏکڻ فرانس ۾ واقع آهي. اُهو  اِسلامي فوجن جو مرڪز هو. سن 118هه مطابق سن736ع ۾ هن غازي مرد ڊافني جو علائقو فتح ڪري سينٽ پال، ٽرائس، چاٽيڪس، ڊانزري، والينس ۽ نيولوائنس جي شهرن تي وڃي اِسلامي جهنڊي کي کوڙيو. مطلب ته جڏهن برغونه ۾ عربن جو قدم کتو تڏهن فرانس جي تختگاهه جي حالت نازڪ ٿيڻ لڳي. عقبا پنڊمانٽ فتح ڪري شارل مارٽل کي جنهن اڳ ٽورز جي شهيدن جو بدلو وٺجي.

مٿئين اعلان تي شارل ٻيهر ليمبارڊس جي عيسائي حاڪم لوئيٽ پرانڊ کان فوجي مدد گهري، سندس ڀاءُ شائل ڊي برانڊ اڳئين دستور موجب فرنگستان جي مشرقي علائقن مان جهنگلي جنگجو ٽيوٽان قومن جا جٿا وٺي آيو. اولهندي ۽ ڏاکڻئي فرانس جا علائقا جن تي هينئر مسلمانن جو قبضو هو، اُتي جي عيسائين کي به چارلس جنگ لاءِ ڪانڍ ڏني. جڏهن عيسائي رهاڪن ٽيوٽانن جا قبيلا فرانس ۾ جنگ لاءِ ايندا ڏٺا، تڏهن هوبه چؤطرف کان مسلمانن سان جنگ ڪرڻ لاءِ اُٿيا. آويگان سخت خونريز معرڪي کان پوءِ عيسائن فتح ڪيو ۽ جيڪي به مسلمان قيد ٿيا تن کي قتل ڪري ڇڏيائون. هنن پوءِ ناربونه تي حملو ڪيو، پر عقبا جي تلوار خون آشام سان مقابلي ڪرڻ جي کين طاقت نه ٿي، تنهن ڪري هو شهرن کي ويا ناس ڪندا. فرانس جا اُهي شهر جن کي عربن اچي رونق وٺائي هئي، سي به عيسائين ناس ڪيا. سڀني شهرن کان نائمس ۽ مئگولون جا شهر قابل تعريف هئا. غازي عقبا کي فرانس ۾ عيسائين سان رڌل ڏسي، عبدالملڪ، جو هن وقت پيرسن هو، تنهن اِسپين ۾ فساد کڙو ڪيو. هن فساد ايترو زور ورتو جو سن 123هه مطابق سن 740ع ۾ غازي عقبا عبدالملڪ هٿان شهيد ٿي ويو. پر عبدالملڪ گهڻا ڏينهن حاڪمي ڪري نه سگهيو. ڇاڪاڻ هڪڙي آفريقا جي سردار باج نالي کيس هارائي سندس لاشو صليب تي هڻائي ڇڏيو. خر باج به عبدالملڪ جي پٽن هٿان مارجي ويو. اسپين فسادن جو مرڪز هو. ماهه شوال سن 124هه ۾ طلابه بن سلامه دمشق جي درٻار مان اِسپين جو حاڪم مقرر ٿي آيو. اِسپين ۾ بربرن ۽ شامي عربن جي فساد ڪري غازي عقبا جيڪي به فرانس ۾ فوجي ڇانوڻيون جوڙايون هيون، سي هينئر خالي ٿي ويون. پر عبدالملڪ ۽ عقبا جي فوجي سرگرمين جي ڪري عيسائين کي وري طاقت نه ٿي، جو مسلمانن سان هٿ اٽڪائي سگهن. پر اِسپين ۾ هن وقت جيڪي به فساد ٿيا پئي، تن جو ڪارڻ قديمي رهاڪو عرب، بربر ۽ نوان آيل شامي عرب هئا. سندن پاڻ ۾ گهڻي عرصي تائين جنگ جاري رهي ۽ بيشمار، خونريزيون ٿيون. جنهن ڪري ملڪ تباهه ٿيڻ لڳو. البته طلا به اچڻ سان باغي سرڪردن کي جلا وطن ڪري ڇڏيو ۽ شامين کي مرشيا جو علائقو رهڻ لاءِ ڏنائين. جنهن تي هنن مصر نالو رکيو ۽ ٻين قبيلن کي به علائقا ورهائي ڏنائين. جنهن کي اندروني فسادن تي ڪجهه ڇنڊو پيو. مگر گروهي مخالفت اڃا جاري هئي. آخرڪار اِهي فساد تڏهن مٽيا جڏهن خاص دمشق جي شاهي خاندان مان هڪڙو اهڙو لائق نوخيز شهزادو اچي اُندلس جي حڪومت پنهنجي هٿن ۾ ورتي. هو سياست مدني جي اصولن مان واقف ۽ حڪمت عملئ جي هٿيارن سان آراسته هو. سندس پيشانئ مان شاهي خاندان جا آثار نمايان هئا ۽ سندس خون ۾ بادشاهي رُعب ۽ داب گڏيل هو ۽ خلافت جو خميرو هو. مطلب تنهن عجيب ۽ غريب شخص حڪومت جون واڳون هٿ ڪرڻ سان فسادن کان اسپين جي مطلع کي صاف ڪيو ۽ مخالف قبيلن کي پاڻ ۾ گڏي قرطبه جي جهنڊي هيٺان آڻي بيهاريائين. اُهو ابن الوقت عبدالرحمٰن الداخل هو. جنهن جو بيان اڳتي هلي ناظرين اڳيان خدمت ۾ پيش ڪبو.

عراق ۾ بدامني ۽ اَهل بيت سان ظلم

مغربي اسلامي دنيا ۾ ڇا ڇا ٿي گذريو، تنهن جو بيان ڪجهه اسين ڏيئي چڪا آهيو. هينئر مشرقي دنيا جو حال ٻڌو. عراق جي حاڪم خالد جنهن ڪجهه وقت تائين اُتي اَمن اَمان رکيو هو. تنهن بدقسمتيءَ سان بنو هاشم قبيلي وارن سان ڪي مروتون ڪيون. اها ڳالهه بني اُميه وارن سياسي نڪتي نگاهه سان پاڻ لاءِ خلاف ڄاڻي کيس عهدي تان لاهي ڦٽو ڪيو. تنهن کانسواءِ عراقي خالد جي گهڻي عزت ڪندا هئا. جا ڳالهه به خليفي پنهنجي اقتدار لاءِ خطرناڪ ڄاتي. سن 120هه ۾ يوسف بن عمر عراق جو حاڪم مقرر ٿيو. يوسف اَلغضريءَ جي طبيعت خالد کان گهڻي نرالي هئي ۽ هو هڪ ظالم حڪمران هو. وڏي ڳالهه ته هو معدر خاندان مان هو کيس خالد سان عداوت هئي. هو بنو هاشم وارن سان ڏاڍا ظلم ڪرڻ لڳو.

محمد بن علي جو حضرت عباسرضه  جو پوٽو هو. جنهن عباسي تحريڪ جو ايران ۾ بنياد وڌو هو، تنهن 124هه ۾ وفات ڪئي. سندس وڏي پٽ ابراهيم پيءُ جي رهيل ڪم کي زور وٺايو. اَبو مسلم خراساني، جو شريف عربي نسل مان هو ۽ اَهل بيت لاءِ کيس سچي محبت هئي، تنهن محمد بن عليءَ جي عباسي تحريڪ کي خراسان ۾ گهڻو زور وٺايو. سندس علمي لياقت ماڻهن جي دلين تي ايتريقدر اَثر وڌو، جو گهڻائي ماڻهو بني اُميه وارن جي خلاف ٿي بيٺا. باوجود ان جي ته هشام جي ڏينهن ۾ هي تحريڪ دٻيل رهي پر سندس مرڻ کانپوءِ مٿيون سيلاب ويو وڌندو، تان جو دمشق جي ديوارن کي به لوڏي ۾ وجهي ڇڏيائين.

6 ربيع الثاني سن 125 هه مطابق فبروري سن 743ع ۾ خليفي هشام رسفويٰ وٽ وفات پاتي. سندس عهدي تي سندس ڀائيٽو وليد ثاني جي لقب سان دمشق جي تخت تي ويٺو.

هشام جي ڏينهن ۾ اسپين جي اڳوڻي عيسائي بادشاهه جي پوٽي شهزادي سارا Sarah کي سندس ڀائرن سميت سندس چاچي مال ملڪيت ڦري لوڌي ڪڍيو. شهزادي خليفي جي درٻار ۾ اچي انصاف لاءِ گهر ڪئي. خليفي کيس باعزت گهڻي مروت سان پنهنجيءَ راڻيءَ جي محلات ۾ ٽِڪايو. سندس سموري ملڪيت سندس چاچي کان وٺي ڏنائينس ۽ سندس مرضيءَ مطابق سندس شادي اسپين جي هڪڙي عرب سردار سان ڪرايائين. شهزادي مرڻ تائين عيسائي مذهب تي قائم رهي پر سندس اولاد اسلام اختيار ڪيو. سندس هڪڙو پٽ ابن قتيبه اسپين ۾ ڏاڍو مشهور ٿي گذريو. هو گاٿ شهزاديءَ جي تن مان هو، تنهن ڪري کيس عرب مٿئين نالي سان سڏيندا هئا. هو وڏو عالم ۽ پنهنجي وقت جو مشهور مصنف ٿي گذريو.

وليد بن يزيد بن عبدالملڪ

سن 125هه مطابق سن 743ع ۾ خليفي هشام جي مرڻ وقت عرب سلطنت پنهنجي ترقيءَ جي معراج تي پهتل هئي. جيئن ته يورپ ۾ سڄو ابيري اُپٻيٽ يعني اسپين ۽ پرتگال جا ملڪ مسلمانن جي قبضي ۾ هئا فقط هتي جي اُتر اولهندي جابلو علائقن ۾ ڪي ڌاڙيل عيسائين جا ٽولا رهندا هئا. بحيره روم يعني ڀونچ سمنڊ ۾ ميورقه، منارقه، اِويقا، ڪورسيقه، سارڊينه، ڪريٽ، روڊس، قبرص، صقليه ۽ جذيره الايوني وارا سمورا ٻيٽ اسلامي سلطنت سان لاڳو هئا. هن مان پڙهندڙ معلوم ڪري سگهندا ته عربي ٻيڙي رومن، يونانين ۽ وينس وارن کي مات ڪري اهي ٻيٽ فتح ڪيا هئا. گويا بحر متوسط عربن جي لاءِ ڍنڍ هئي ۽ عربي ملاح سمنڊ جي سفر ۽ جنگين ڪرڻ ۾ يونانين ۽ رومن کان سو حصا وڌيڪ ماهر هئا. براعظم آفريقا ۾ جبل الطارق کان وٺي واديءَ سينا ۽ سئيز جي شاهراهه تائين سڄو ملڪ دمشق سان لاڳو هو. اهڙيءَ طرح براعظم ايشيا ۾ طورس جبل کان وٺي مشرق ۾ چين جي ديوارن تائين سمورا ملڪ اموي سلطنت جي ماتحت هئا. حضرت مُحمّد مصطفيٰ صلي الله عليھ و آلھ وسلم جو نالو دنيا جي قومن جي دل تي اهڙو ڄمي ويو جو خسرو پرويز جو نالو عالمِ هستيءَ مان هميشه لاءِ مٽجي ويو. خليفي هشام جي ڏينهن ۾ مشرق توڙي مغرب ۾ فساد ٿيندا رهيا ۽ مٿين ملڪن ۾ فسادن هوندي به ايترو چئبو ته هشام  هوشيار ۽ قابل تعريف شهنشاهه ٿي گذريو. خليفو منصور، جو عباسي خاندان جو ٻيو خليفو ٿي گذريو آهي سو اُميه سلطنت تي نڪته چيني ڪندي لکي ٿو، ته سڄي نبي اُميه خاندان مان هشام جهڙو بادشاهه ڪو ورلي ٿي گذريو. کانئس پوءِ جو وليد ثاني دمشق جي تخت تي ويٺو، سو شرابي آزاد خيال ۽ شرعي احڪامن کان بلڪل لاپرواهه هو. سندس اهڙيءَ حالت ڪري عام ماڻهن ۾ هن لاءِ نفرت پئجي ويئي. هشام جي اها مرضي هئي ته سندس ڀاءُ يزيد ثاني تخت تي ويهي جنهن لاءِ هن گهڻي ڪوشش به ورتي هئي ۽ وليد جي حالت کي سڌارڻ لاءِ به هن گهڻا مٿا هنيا هئا. گاهي ماهي هن سان سختيون به ڪيون هئائين، جيئن ته هو سڄو وقت اردن جي قلعي ۾ قيد هو. وليد چاچي جي مرڻ تائين ته سڄو وقت صبر ۾ رهيو، پر مرڻ جو ٻڌي هڪدم دمشق ۾ آيو، جتي حڪومت جون واڳون پنهنجي  هٿ ۾ ڪري، تخت تي ويهڻ شرط پنهنجن مائٽن کي سندن محلاتن مان تڙائي ڪڍيائين ۽ حڪم ڪيائين ته مرحوم خليفي جي ماتم تي ڪو به گريه زاري نه ڪري. هن وليد اول ۽ هشام جي اولاد سان اهڙا پير کنيا جن کي ڏسي دمشق جا ايوان ڪنبي ويا، وڏا وڏا جرنيل جن ورهين کان رومين سان جنگين ۾ مدد ڏني هئي، سي به خوف کان هراسجي ويا. خليفي جڏهن پنهنجي درٻارين جو رخ بدليل ڏٺو، تڏهن پنهنجي اقتدار کي مضبوط ڪرڻ لاءِ پنهنجي فوجن جي اميرن کي عمديون عمديون سوغاتون ڏيڻ لڳو. ساڳيءَ طرح رعيت جي دل وٺڻ لاءِ هن ڪي ڍلون معاف ڪيون. غريبن کي وظيفا مقرر ڪري ڏنائين. انڌن ۽ محتاجن جي به پوري سنڀال وٺڻ لڳو. اهو سڀ چڱو، پر ظلم جو اثر جو قدرتي سندس طبيعت ۾ ويٺل هو، سو مٽجڻ جو نه هو. عراق جو معزول حاڪم خالد، جو هن وقت دمشق ۾ هو، جنهن ماڻهن سان مروتون ڪيون هيون، تنهن کي ظالم يوسف بن عمر عراق جي حاڪم جي حوالي ڪري ڇڏيائين، جنهن هن نيڪ دل انسان کي مارائي صليب تي چاڙهي وليد جي درٻار دمشق ڏي ڏياري موڪليو. هن جي ظلمن جي ڪري ماڻهو عباسي تحريڪ ۾ بني اُميه وارن جي خلاف خوشيءَ سان شامل ٿيڻ لڳا. جڏهن ابو مسلم خراسان ۾ وارد ٿيو، تڏهن هزارين ماڻهو سندس جهنڊي هيٺان اچي گڏ ٿيا. مخالفين جي پوشاڪ ڪاري هئي جا عباسين جي پوشاڪ طور مشهور ٿي.

مغرب ۾ فساد ۽ جنگيون

اسپين ۾ اڳ چئي چڪا آهيون ته غازي عقبا جي مرڻ کان پوءِ شامين، بربرن ۽ يمنين جي سرڪردن جي حڪومت لاءِ اچي پاڻ ۾ ڪشمڪش شروع ٿي هئي، جنهن ڪري ڪيترائي حاڪم هڪ ٻئي پٺيان فسادين هٿان مارجي ويا هئا، ساڳي حالت اڃا به جاري هئي. شامين جي سرڪردي طلابه بن سلامه جيڪو مريڊا جي ديوارن هيٺان مختلف قبيلن کي شڪست ڏيئي امير اُندلس ٿيو هو، تنهن ڏهه هزار فسادي قيد ڪيا، جن کي ٻئي ڏينهن تلوار سان قتل ڪرائي ڇڏيائين. هن خوف کان ماڻهن ۾ گهڻو حراس پئجي ويو.

مٿئين حادثي جي خبر جڏهن قيروان جي حاڪم حنضله کي پئي تڏهن هن اسپين جي فسادن کي مٽائڻ لاءِ پنهنجي هڪڙي امير حسام ابو الحظر کي ڏياري موڪليو. ماهه رجب المرجب سن 125هه مطابق مئي سن 743ع ۾ خليفي هشام جي حڪم سان حسام قرطبه ۾ وارد ٿيو. اسپين جي سڀني اميرن هن جي آڻ مڃي ۽ طلابه شام ڏي روانو ٿيو. اسپين جا فساد مٽجڻ جا نه هئا، سُتت ئي حميرن ۽ معدرن جي پاڻ ۾ جنگ لڳي، فساد زور وٺي ويو . آخر قرطبه جي ويجهو سيڪنڊه Sekundah وٽ سخت معرڪو لڳو. جتي يمنين سخت شڪست کاڌي. ابو الحظر به هن معرڪي ۾ قتل ٿي ويو. فاتح معدرن پوءِ گڏجي صواباه نالي هڪڙي يمنيءَ کي تخت تي ويهاريو، جنهن جي هيٺان هڪڙو معدر رئيس مقرر ٿيو، جنهن جي صلاح سان هو حڪومت ڪرڻ لڳو، پر سورنهن مهينن جي حڪومت ڪرڻ کان پوءِ سن 127هه مطابق سن 745ع ۾ عقبا جي اولاد مان يوسف نالي هڪ رئيس سندس مرڻ کان پوءِ ماهه ربيع الثاني سن 129هه مطابق سن 746 ۾ اُندلس جو اَمير مقرر ڪيو ويو، جنهن ڏهن سالن تائين اَمن اَمان سان حڪومت ڪئي پر سُتت ئي ناربونه جي امير عبدالرحمان بن القمه، جو لخمي خاندان مان هو، تنهن تخت لاءِ فساد کڙو ڪيو. هو بلڪل بهادر سپهه سالار هو کيس عرب (اَلفارس اَلاندلس) جي لقب سان سڏيندا هئا، پر بدقسمتيءَ سان جلد ئي پنهنجي ماڻهن هٿان مارجي ويو. اهڙي طرح بيجا، الجيراس ۽ اشبيله جي رئيسن به هڪ ٻئي پٺيان فساد ڪيا. پر يوسف مٿن غالب رهيو. آخر سن 755 ۾ اموي شهزادو عبدالرحمان الداخل اسپين ۾ آيو تڏهن مس مس فساد بند ٿيا.

فرانس ۾ فرنگين جي حاڪم پيپين اُتي جي عربن کي هڻي ڪمزور ڪري وڌو. لئنگويڊاڪ، سپيٽمينا ۽ سوائي جا شهر جتي عرب گهر ڪري ويٺا هئا، تن شهرن کي فرنگين باهه ڏني. اُهي خوبصورت شهر جن ۾ مسلمانن محلات، مساجد ۽ شفاخانه تيار ڪرايا هئا، تن کي مڪتبن سميت ناس ڪري ڇڏيائون ۽ جيڪي به مسلمان هٿ لڳن، تن کي قتل ڪري ڇڏيائون. مٿئين وحشتناڪ قتل عام کان پوءِ وڏي ڏُڪر منهن ڪڍيو، جنهن جي وگهي گهڻا ئي مسلمان توڙي عيسائي مري ويا. ڏاکڻي فرانس ۾ اڃا به ڪي علائقا مسلمانن جي قبضي ۾ هئا، جن لاءِ چپي چپي تي عربن چوٽون کاڌيون، پر سن 755ع ۾  فقط ناربونه جو هڪڙو علائقو مسلمانن جي قبضي ۾ باقي وڃي رهيو هو. جنهن تي به پيپين حملو ڪيو. برابر چئن سالن تائين جنگ جاري رهي، پر عربن کي ٻاهرين مدد ملڻ جي اُميد ڪانه هئي. آخر فرنگين مٿئين علائقي تي قبضو ڪري ورتو. جن مسلمانن جي ننڍن ٻارن ۽ زالن جو قتل عام ڪيو. سرزمين فرانس، جا ڪجهه وقت اسلام جي نور علم ۽ حڪمت کان منور هئي، اُتي وري اڳئين دستور موجب جهالت جي اونداهي جو دور وري طاري ٿي ويو، جيڪي مسلمان مٿئين قتل عام کان بچيا تن پرينس جبل کي لتاڙي اچي اسپين ۾ پناهه ورتي.

قيروان ۾ حنضله بادشاهي ڪندو هو. سندس سياڻپ جي ڪري خارجي توڙي بَربَر وڌيڪ آسودا هئا ۽ آفريقا جو واپار به وڌڻ لڳو، پر آفريقا ۾ عبدالرحمان بن حبيب نالي هڪڙي فساديءَ مٿو ڪڍيو. سندس شرارتن جي ڪري سن 127هه ۾ پهريون تيونس ۾ فساد جاڳيو. آخر هن قيروان مقدس تي ڪاهه ڪئي. حنضله سندس تاب جهلي نه سگهيو، جنهن ڪري حڪومت سندس حوالي ڪري پاڻ شام ڏي هليو ويو. سندس وڃڻ کان پوءِ آفريقا ۾ فساد ٿيندا رهيا. بدقسمتيءَ سان عبدالرحمان به جالي نه سگهيو. جيئن ته سن 137هه ۾ سندس ڀاءُ کيس قتل ڪري پاڻ حڪومت ڪرڻ لڳو.

خليفي وليد ثانيءَ جي ڏينهن ۾ پهريون گهمرو بني اُميه خاندان جي حڪومت جا آثار بدلجڻ لڳا. هن پنهنجي خاندان جي ماڻهن سان ظلم ڪيا هئا، تنهن ڪري سندس ئي مائٽ سندس مخالفت ڪرڻ لڳا. هو گهوڙي جو سواريءَ جو ڏاڍو شوقين هو. سندس درٻاري کانئس گهڻو بيزار هئا. شام جي حميرين اعلانيه سندس خلاف فساد کڙو ڪيو. اهڙيءَ طرح يمنين به کيس معزول ڪرڻ جي خواهش ڏيکاري. هنن يزيد بن وليد جي لاءِ خلافت تي ويهڻ لاءِ تائيد ڪئي. ڇاڪاڻ جو طرفين کي چورڻ وارو خود يزيد پاڻ هو. ساڻس دمشق جا رهاڪو به شريڪ هئا. جڏهن وليد کي راز معلوم ٿيو، تڏهن سن 126هه ۾ هو ڪجهه لشڪر وٺي يزيد جي مقابلي لاءِ نڪتو پر سندس سپاهي کيس ڇڏي وڃي يزيد سان گڏيا. خليفو خوف کان وڃي محلات ۾ لڪو پر فسادين محلات جي ديوار ڀڃي سندس سر وڍي آڻي يزيد اڳيان رکيو. جنهن نيزي تي چاڙهي دمشق جي بازارن ۾ گهمائڻ لاءِ حڪم ڏنو.ð

يزيد بن وليد اول

سن 126هه مطابق سن 743ع ۾ يزيد بن وليد اول وليد ثانيءَ کي مارائي دمشق جي تخت تي ويٺو. جيتوڻيڪ حڪومت جي نشي ۾ هن ڪجهه وقت سرڪشي اختيار ڪئي هئي، پر دراصل هو زاهد شريعت جو پابند ۽ قول جو سچو هو. تخت تي ويهڻ سان هن عام ۽ خاص ماڻهن کي کليءَ درٻار م گهرائي اعلان ڪيو ته ”مان البته تخت هٿ ڪرڻ لاءِ ڪجهه بي ايماني ڪئي آهي پر مان هينئر توهان کي يقين ٿو ڏياريان ته هر طرح رعيت جي ڀلي لاءِ ملڪي قانون ۾ به ڦير ڦار ڪندس. اُنهن محتاجن کي خوش رکندس جن کي منهنجي اهلڪارن هلاڪ ڪيو هو. واقع جيڪڏهن يزيد جيئرو رهي ها ته پنهنجا قول ضرور پاڙي ها ۽ رعيت منجهائنس فائدو وٺي ها، پر هن ٿوري وقت تائين راڄ ڪيو هو. فلسطين ۾ حمص وارن فساد ڪيا، هو دمشق تي ڪاهي به آيا، پر آخر آڻ مڃيائون. مروان بن محمد آرمينا جي حاڪم شام تي ڪاهه ڪئي انهيءَ لاءِ ته وليد جي بدنصيب اولاد کي تخت وٺي ڏئي پر يزيد هن کي موصل ۽ آذربائيجان جي علائقن جي حڪمراني سپرد ڪئي جنهن تي هو راضي ٿي ويو ۽ سندس اطاعت قبول ڪيائين.

يوسف بن عمر، جو هن وقت عراق جو حاڪم هو تنهن کي هن عهدي تان لاهي عبدالله بن عمر کي اُتي جو حاڪم مقرر ڪيائين. يمامه وارن پڻ فساد ڪيا. وري جڏهن منصور بن جمهور کي خراسان جو عامل ڪري موڪليائين. تڏهن ناصر بن سيار اُتي جي عامل عهدي ڇڏڻ کان انڪار ڪيو. مطلب ته عراق ۽ خراسان ۾ به فساد جا شعلا بلند ٿيا. مٿين اندروني فسادن جي ڪري حڪومت جو نظام بدلجڻ لڳو ۽ عباسين جي اقبال جو ستارو چمڪڻ لڳو. خليفي تخت تي ويهڻ مهل ته پنهنجن اهلڪارن کي گهڻا ئي دلاسا ڏنا هئا پر هينئر اُٽلندو سندن پگهارون گهٽائڻ لڳو. هن فعل جي ڪري کيس ناقص جي لقب سان سڏڻ لڳا. هن خليفي 6 مهينا 12 ڏينهن حڪومت ڪري 46 ورهين جي ڄمار ۾ سن 126هه ۾ وفات پاتي.

ابراهيم بن الوليد اول

ذوالحج سن 126هه مطابق سيپٽمبر سن 744 ۾ يزيد جي مرڻ کان پوءِ سندس ڀاءُ ابراهيم دمشق جي تخت تي ويٺو. هن خليفي جي حڪومت دمشق جي ديوارن اندر محدود هئي. مروان بن محمد جنهن کي يزيد موصل ۽ آذربائيجان جي حڪومت ڏيئي جند ڇڏائي هئي، سو ٻيهر لشڪر وٺي جنگ لاءِ نڪتو. سندس ظاهري رڳو اهو مطلب هو ته وليد جي پٽن کي حق وٺي ڏيان. هن اَسي هزار فوج سان دمشق تي ڪاهه ڪئي. خليفي هڪ لک ويهه هزار لشڪر سليمان بن هشام جي سرڪردگيءَ هيٺ سندس مقابلي لاءِ ڏياري موڪليو. ليبان رڻ پٽ جي مقام (عين الجار) وٽ طرفين جي فوجن جو تصادم ٿيو. ابراهيم جي فوجن ۾ اڪثر يمني سپاهي هئا پر مروان وٽ اُهي جنگجو هئا جن سڄي عمر پهاڙن ۾ ترڪمانن سان مقابلي ڪرڻ ۾ گذاري هئي. هنن يمني سپاهه کي سخت شڪست ڏيئي سندن گهڻا ماڻهو ماري وڌا. اِبراهيم سندس مائٽن وليد جي پٽن کي ماري ڀڳو. وليد جي مائٽن وري ابراهيم جي گهڻن مائٽن کي ماري وڌو ۽ ڦرلٽ ڪيائون. هنن يزيد جي قبر کي اُکاڙي سندس لاش  کي شهر جي قلعي جي ديوارن تي لٽڪائي ڇڏيائون. مروان فاتحانه طور سان دمشق ۾ وارد ٿيو. سڀني اَميرن اُمرائن سندس مرحبا ڪئي. ماهه صفرالمظفر سن 127هه مطابق نومبر سن 744ع ۾ مروان بن محمد مروان بن محمد مروان ثانئ جي لقب سان دمشق جي تخت تي رونق اَفروز ٿيو. اِبراهيم خلافت ڇڏڻ کانپوءِ به 6 سال جيئرو هو. سن 133هه ۾ انتقال ڪيائين.

مروان بن محمد

مروان بن محمد، مروان اول جو پوٽو هو. سندس ڏاڏو بني اُميه حڪومت جو باني هو. جو عبدالمناف جي پنجينءَ پيڙهيءَ مان هو. هن آرمينا جي علائقي تي نهايت ئي بهادريءَ سان حڪومت ڪئي هئي. هن ڪيترائي ڀيرا ترڪمانن ۽ تاتارين جي لشڪرن کي شڪستون ڏيئي نالو ڪڍيو هو. عرب کيس الحمار جي لقب سان سڏيندا هئا. جنهن جي معنيٰ آهي گڏهه! گڏهه هڪ خصيص جانور شمار ڪيو وڃي ٿو. پر عربي گڏهه مضبوط ٿين ٿا. اڃا تائين مصري لوڪ اڪثر گڏهه تي سواري ڪندا آهن.

مروان جڏهن دمشق جي تخت تي ويٺو، تڏهن سندس عمر سٺ ورهين جي هئي. پاڻ ۽ سندس ساٿي پراڻي نموني جا هئا. هو محلات ۾ بلڪل سادي زندگي بسر ڪندو هو، نه ته اڳيان خليفا عياش ۽ آرام پسند هئا. هن کي پنهنجي لشڪر جي سپاهين سان ڏاڍي محبت هوندي هئي. ساڻن گڏ رهندو، کائيندو، پيئندو هو. سندس رڳن ۾ قديمي طاقت جو جوهر هو. ڇاڪاڻ جو ايڏي عمر جو ٿي ڪري هن دشمنن کي چئني ڪنڊن تي مات ڪيو. مصيبت جي وقت صابر ۽ ثابت قدم رهندو هو ۽ سخاوت جوبه ڪوڏيو هو.

بني اُميه سلطنت جو زوال

باوجود ان جي ته مروان بن محمد نهايت ئي مدبر، دور انديش ۽ صاحب الراءِ هو. پر دمشق جي تخت تي هو اهڙي وقت رونق پذير ٿيو. جڏهن بني اُميه خاندان جي اقبال جو آفتاب غروب ٿيڻ تي هو ۽ ملڪ اندروني فسادن ۽ بغاوتن جو مرڪز بنجي چڪو هو. چؤطرف عباسي تحريڪ جو ڄار پکڙيل هو. تنهنڪري ملڪ کي نئين سر سڌارڻ هن لاءِ ڏاڍو ڏکيو ڪم هو. سندس ڏينهن ۾ فلسطين ۾ حمص وارن ۽ يمن ۾ خارجين فساد ڪيا. ساڳيءَ طرح عراق، ايران ۽ حجاز ۾ ته فسادن جا شعلا اڳيئي پئي ٻريا. حمص وارن کي سيکت ڏيڻ لاءِ هن حمص تي فوج ڪشي ڪئي، باغي گهيري ۾ اچي ويا. منجهانئن ڪيترن ئي کي هن سوليءَ تي لٽڪائي ڇڏيو. تنهن کانپوءِ سليمان بن هشام ستر هزار فوجن سان مقابلي ڪرڻ لاءِ اُٿيو، پر قنسرين جي معرڪي ۾ شڪست کائي قيد ٿيو.

خارجي جي عراق ۾ جنگ لاءِ سانباها ڪري رهيا هئا. تن کي خليفي فرات نديءَ جي پريان تڙي ڪڍيو. خارجين پوءِ ٻيهر ابو حمزي جي سرڪردگيءَ هيٺ مدينو منوره فتح ڪيو. پهريون ماڻهن کي ڪجهه تڪليفون ڏنائون، پر پوءِ چڱو سلوڪ ڪرڻ لڳا. عبدالله بن يحيٰ، جو هن وقت يمن ۽ حضرالموت جو حاڪم هو، سو بلڪل نيڪ دل سچو انسان هو. ماڻهو کيس گهڻو پسند ڪندا هئا. پر مروان جي هڪڙي فوجي سردار حجاز ۽ يمن تي ڪاهي ٻئي علائقا هٿ ڪيا. حجاز هٿن مان وڃڻ کان پوءِ خارجين ايران ۽ حضرالموت ۾ وڃي پناهه ورتي. جڏهن فلسطين، حجاز ۽ عراق ۾ فساد بند ٿيا، تڏهن خليفي پنهنجي خاندان مان يزيد بن عمر حبيرا کي مشرقي ملڪن جو حاڪم مقرر ڪري وٽس پنهنجي ٻن پٽن عبدالملڪ ۽ عبدالله کي ڇڏي آيو ۽ اَمن اَمان رکڻ لاءِ پنهنجي سرڪوشش ڪرڻ لڳو. پر فسادي، جي هن وقت سڄي ملڪ ۾ پکڙيل هئا، سي اَمن اَمان رکڻ ۾ خليفي کي رڪاوٽون وجهڻ لڳا. خراسان جو حاڪم ناصر بن سيار جو معدر خاندان مان هو، تنهن کي حميرين لاءِ سخت نفرت هئي. هوڏانهن عباسي تحريڪ جي بانيڪارن مختلف قبيلن کي فسادن ڪرڻ لاءِ پئي چوريو. اهڙن واقعن جي نمودار ٿيڻ ڪري سڄي ملڪ ۾ گويا افراتفري مچي وئي.

اَبو  مسلم خراسانيءَ جو اَصلي نالو عبدالرحمٰن بن مسلم هو. هو ايران جي شهر اصفهان ۾ ڄائو هو ۽ ڪوفي ۾ تربيت پاتي هئائين. هو عباسي تحريڪ جو حامي هو ۽ ابراهيم بن محمد بن عبدالله بن عباس جو  سچو مددگار هو. ابراهيم کيس اَبو مسلم جو لقب ڏنو. جو پوءِ تاريخن ۾ پوئين نالي سان مشهور ٿيو. بني اُميه خاندان جي تاجدارن جيڪي وقت بوقت ماڻهن سان ظلم ڪيا هئا، تن جي ڪري هن خاندان جي خلاف عام توڙي خاص جي دلين تي برو اثر پئجي ويو. وري مختلف قبيلن جون پاڻ ۾ جنگيون لڳيون، تن جنگين لڳڻ ڪري ابو مسلم  کي فوجن ٺاهڻ جو وجهه ملي ويو. ڇاڪاڻ جو دمشق جهڙي عظيم الشان شهنشاهيت کي ڪيرائڻ فوجن کانسواءِ مشڪل ڪم هو. اَهل بيت سان ظلمن ٿيڻ ڪري اِمامن سڳورن جا جيڪي مريد هئا، سي به گهڻو اڳ بني اُميه خلاف ٿي بيٺا هئا. مٿين سڀني مخالف جماعتن کي هڪڙي مرڪز تي آڻي بيهارڻ لاءِ هڪ زبردست بانيڪار جي ضرورت درپيش هئي. جو فوجي انتظام رکي سگهي، نه ته عباسين کي ڪهڙي مجال هئي، جو دمشق جهڙي سلطنت سان مقابلو ڪري سگهن؟ تنهن کانسواءِ مروان جهڙو فوجي سپاهي جو اُميه خاندان جو آخري چشم و چراغ ۽ تخت جو وارث هو. سو ڪو معمولي انسان ڪين هو جو مقابلي ڪرڻ کان سواءِ دٻجي سگهي! هو جنگجو ۽ فوجي پهلوان هو. هن پنهنجي پوري عمر ڪردستان جهڙي جابلو ملڪ ۾ گذاري هئي. هن نه فقط رومي فوجن سان چوٽون کاڌيون هيون پر تاتاري ۽ ترڪمان جي وقت بوقت قفقاز جبل جي گهاٽين مان نڪري ايشيا ڪوچڪ تي حملا ڪندا هئا، تن سان به هن جنگيون جوٽيون هيون ۽ سندس فوج جا سپاهي مٿين قومن سان لڙندي جنگ جي مختلف فنن جا ماهر ٿي چڪا هئا. عين الجار جي معرڪي ۾ شام جي فوجن کي شڪست ڏيئي هن پنهنجي فوجي حڪمت جو پورو ثبوت ڏيکاريو ۽ دمشق تي طوفان وانگر ڪڙڪي وڃي ان کي فتح ڪيائين.

عباسين جي طاقت جا وڌي، سو رڳو عراق جي حاڪم حجاج بن يوسف ثقفيءَ جي ڏينهن ۾. ڇاڪاڻ جوهن پنهنجي زيردستن تي ڏاڍا ظلم ڪيا هئا. وڏا وڏا اصحاب سڳورا ۽ تابعين اهڙن ظلمن جي ڪري بني اُميه راڄ کان بيزار ٿي پيا. سلطنت جي دفترن ۾ جيڪي به ايراني عملدار هئا، تن کي عهدن تان لاهي ڦٽو ڪيو ويو. هنن جڏهن پنهنجي حقن لاءِ دانهن ڪوڪ ڪئي تڏهن وقت جي ڪنهن به حاڪم سندن فرياد ڪو نه ٻڌو. ايرانين سياسي خواهه مذهبي نڪته نگاهه سان پنهنجو قدر ٻين قومن جي مقابلي ۾ ڪريل ڏٺو. تڏهن هنن به ناانصافيءَ جي صدا بلند ڪئي. ويتر جو اهل بيت سان ظلم ٿيا، تن سندن دلين کي ويتر زخمي ڪري ڇڏيو. مطلب ڳالهه ته اَبو مسلم کي وڌيڪ مدد ملڻ جو وجهه ملي ويو ۽ خراسان تحريڪ جو مرڪز بڻجي پيو.

خراسان ۾ عربن ڪرمانيءَ جي هٿ هيٺ حڪومت جي خلاف بغاوت شروع ڪئي. گهڻن ئي ماڻهن هن شورش ۾ حصو ورتو. ناصر بن سيار به زبردست انصاف پرست حاڪم هو، پر هو فساد کي روڪي نه سگهيو. ڇاڪاڻ جو سڄي ايران ۾ هن وقت فساد هئا. آخر ماهه رمضان المبارڪ سن 129هه ۾ حضرت اَبو مسلمؒ اَهل بيت لاءِ جهنڊو بلند ڪيو. هاشمي ۽ فاطمي اِمامن جي حقن ۽ انصاف لاءِ گهر ڪيائين.

جهنڊي بلند ٿيڻ شرط هر هڪ شهر ۾ ماڻهن جا اَنبوهه ڪٺا ٿيا ۽ شهرين وڏين وڏين ٽڪرين تي کڻي باهه جا مچ ٻاريا ۽ 25 رمضان المبارڪ جي ڏينهن سڀني ماڻهن ڪارا ڪپڙا پاتا ۽ ڪارا جهنڊا کڙا ڪيائون. هو شهرن کان نڪري وڌڻ لڳا. بني اُميه لشڪر جنهن هنن سان مقابلو ڪيو، تنهن هرات ۽ ٻين هنڌن تي شڪست کاڌي. ڪرمانيءَ جنهن ٿورو اڳ فساد ڪيو هو، تنهن جي مئي کان پوءِ سندس پٽ به اچي اَبو مسلم سان گڏيا. اَبو مسلم خراسان جي حاڪم ناصر بن سيار کي مروّ مان لوڌي ڪڍيو. مروّ اُنهن ڏينهن ۾ خراسان جو تختگاهه هو. مطلب ته هاشمي جهنڊي هيٺان هينئر هزارين ماڻهو هر هڪ شهر مان اچي گڏ ٿيا. خراسان جي شڪست کان پوءِ دمشق ۾ شامين جي اچي اک کُلي. هنن فسادن کي ٽارڻ جي گهڻي ڪوشش ورتي. پر هينئر وقت گذري چڪو هو. ڇاڪاڻ جو عراق ۽ حجاز جي گهڻن ئي ماڻهن هن سيلاب ۾ اچي حصو ورتو. اَبو مسلم فسادي عباسي فوجن جو سچو سپهه سالار هو. ۽ ڪنهن کي مجال نه هئي جو سندس مقابلو ڪري سگهي. ناصر جڏهن هرات ۽ مروّ مان ڀاڄ کاڌي تڏهن هڪڙو خلاصو خط مروان کي لکي موڪليائين. جنهن ۾ لکيل هو ته

”فسادي باهه اکين اڳيان اچي پهتي آهي، جنهن بني اُميه سلطنت جي جسم کي زخمي ڪري ڇڏيو آهي. جو تاريخن ۾ يادگار رهندو. ياد رک جيڪڏهن هن وقت بني اُميه خاندان وارا ننڊ ۾ غافل رهيا، ته ضرور حالت نازڪ ٿي ويندي. هينئر وقت اچي ويجهو پهتو آهي“.

خط ملڻ سان خليفي مروان کي اچي بي آراميءَ کنيو. هن في الحال عراق جي حاڪم کي مدد رواني ڪئي، پر جيسين اُهي فوجون فارستان پهچن، تنهن کان اڳ فرغانه ۽ خراسان جا علائقا ابو مسلم جي حمايتين فتح ڪيا. ابو مسلم وٽ هن وقت عام ماڻهن کانسواءِ ڪي خاص ماڻهو به هئا، جي پنهنجي وقت جا صاحب ڪمال هئا.

ناصر بن سيار جو هن وقت فارستان ۾ هوð تنهن کي  هڪڙي حجاز جي رهندڙ عرب پهلوان ڪهتابابن شبيب، جو هن وقت فارس ۾ رهندو هو، سراخس جي معرڪي ۾ سندس شامي لشڪر کي سخت شڪست ڏني. ناصر جو هن وقت 85 ورهين جو پريو مڙس هو، سو جرجان ڏانهن ڀڄي ويو. هن ٻيو دفعو به شڪست کاڌي ۽ فارستان ڏانهن ويندي واٽ تي ئي مري ويو. مروان کي مشرقي ممالڪ جي فسادن جي خبر هئي هن فسادن جي بانيڪار جي ڳولا ڪئي. کيس عباسي خاندان جي معزز ماڻهن ۾ گهڻو شڪ هو. عباسي خاندان جا پويان هن وقت فلسطين جي ڏکڻ ۾ (حماميه) جي ڳوٺ ۾ رهندا هئا سندن مدبر هن وقت ابراهيم بن محمد هو جنهن کي مروان قيد ڪرائي هوران ۾ نظر بند ڪري رکيو. ڪن جاسوسن خليفي کي اها خبر ڏني ته ڪي بني اُميه خاندان جا معزز به شامل آهن، جنهن شڪ جي ڪري خليفي ڪيترن ئي ماڻهن کي گرفتار ڪيو. منجهانئن عبدالله بن عمر ثاني ۽ عباس بن وليد اول مکيه مهندار هئا، جي بغاوت جي ڏوهه ۾ هن وقت ابراهيم سان نظربند هئا. مروان سمجهيو ته ابراهيم جي گرفتار ٿيڻ ڪري فسادن جي باهه تي ڪجهه ڇنڊو پوندو پر دراصل ابراهيم جو فسادين سان ڪو تعلق ڪونه هو، ڇاڪاڻ جو عباسي تحريڪ جو بنياد گهڻو اڳ مضبوط ٿي چڪو هو ۽ ماڻهو بني اُميه راڄ کان بيزار هئا. ابو مسلم جون فوجون اڳئين دستور موجب وڌنديون پي آيون. ڪهتابا، جنهن تازو ناصر جي فوجن کي جرجان ۾ شڪست ڏني هئي، سو به شام جي طرف وڌندو پئي آيو. ساڻس خالد بن برمڪ نالي هڪڙو ايراني به شامل ٿيو، جنهن جو نالو عربي تاريخن ۾ مشهور آهي. هن حملي ڪري سڄيءَ سلطنت جو نظام بگڙجي ويو. ڪهتابا رائي ۾ انتظام کي مضبوط ڪرڻ لڳو. سندس پٽ حسن ۽ ٻئي هڪڙي سندس ايراني فوجي سردار ابو اعيون بني اُميه ۽ خارجين کي شڪست ڏني.

جڏهن مروان ڏٺو ته حالتون ابتر ٿينديون ٿيون وڃن، تڏهن هن وڏو شامين جو لشڪر ڪهتابا جي مقابلي ۾ ڏياري موڪليو. حسن بن ڪهتابا هن مهم جو نهاوند جي مقام وٽ مقابلو ڪيو ۽ شامي لشڪر کي شڪست ڏنائين. مروان ٻيا 2 لشڪر پنهنجي پٽ عبدالله ۽ يزيد جي هٿ هيٺ ڏياري موڪليا. پر ڪهتابا نهاوند تي قبضو ڪري ورتو. هن پنهنجي پٽ کي نهاوند وٽ وهاري ابو اعيون فارسيءَ کي عبدالله جي مقابلي ۾ موڪليو. عبدالله هن وقت ڪوفي ۾ هو. ڪهتابا جلد ئي فرات نديءَ کي لتاڙي وڃي يزيد جي ڇانوڻي تي جلوله ۾ ڪڙڪيو. شامين شڪست کاڌي، ايتري ۾ سندس پٽ حسن اچي گڏيس. يزيد واسطø ڏانهن تڙجي ويو ۽ ڪوفو سواءِ ڪنهن مقابلي جي حسن فتح ڪيو. مروان جڏهن عراق جي حاڪم يزيد جي شڪست جي خبر ٻڌي تڏهن تپي باهه ٿي ويو. هن ائين ڄاتو ته ابراهيم جو ضرور اَبو مسلم سان تعلق آهي. اهڙي خيال جي ڪري کيس شهيد ڪرائي ڇڏيائين.ð ابراهيم جي مرڻ کانپوءِ سندس وصيت موجب سندس ڀاءُ ابوالعباس عبدالله عباسين جو امام ٿيو، جنهن کان مروان صداقت لاءِ قسم ورتو هو ۽ واقع هو پنهنجي قول تي سچو  رهيو. کيس السفاح جي لقب سان سڏيندا هئا. سفاح جڏهن مروان جي نيت بدليل ڏٺي تڏهن ڪوفي ڏانهن هجرت ڪري ويو. جتي ڪجهه وقت لڪل رهيو. آخر جڏهن حسن مٿيون شهر فتح ڪيو تڏهن هن پاڻ کي ظاهر ڪيو. حالتون هن وقت ڦريون هيون. هتي هن جي اَبو سلام  سان ملاقات ٿي. اَبو سلام جو اصل نالو جعفر بن سليمان هو، جو اهل بيت جي طرفان سفارت جو ڪم ڪندو هو ۽ سچو انسان هو. (تاريخ روضةالصفا) فاتح حسن هنجي گهڻي تعظيم ڪئي. سندس هٿ چميائين ۽ وڏي شان سان پاڻ وٽ ويهاريائين. کيس اَبو مسلم جي سڀني ڪارنامن کان آگاهه ڪيائين. پوءِ سلام ۽ حسن جي نالن تي خطبو پڙهجڻ لڳو. تنهن کان پوءِ ڪوفي وارن کي اطلاع ڏنائون. ته سڀاڻي سڀ جامع مسجد ۾ اچي گڏ ٿين ۽ امام جي چونڊ لاءِ راءِ پيش ڪن. ٻئي ڏينهن عجيب شهر جو منظر هو سڀني ماڻهن ڪاري پوشاڪ پاتي هئي. سڀئي جامع مسجد ۾ اچي گڏ ٿيا. ابوسلام به ڪاري ماتمي پوشاڪ سان اچي ساڻن شامل ٿيو.

نماز ادا ڪرڻ کانپوءِ ابو سلام ماڻهن کي حقيقت کان آگاهه ڪيو. هن واعظ ۾ چيو ته اَبو مسلم اُهو شخص آهي، جنهن نه فقط مذهب جي خدمت ڪئي آهي. پر بني اُميه وارن جي ظلم جون پاڙون پٽي ڇڏيو اٿن. هينئر جڏهن خدا جي فضل سان حق پرستن جي فتح ٿي آهي، تڏهن توهان تي فرض آهي ته نئون اِمام ۽ خلافت عظميٰ لاءِ خليفو انتخاب ڪريو. هن وقت ابو العباس سڀ کان ممتاز ۽ وقت جو امام هو، تنهن ڪري سڀني جي راءِ ٿي ته اُن کي خليفةالمسلمين مقرر ڪجي. باوجود ان جي ته اَبوسلام جو به ماڻهن تي اقتدار گهڻو هو، پر ٻنهي معزز هستين کي دلين ۾ خوف به هو. ڇاڪاڻ جو اِهي ساڳيا ئي ڪوفي وارا هئا جن يزيد بن معاويه جي مدد ڪئي هئي ۽ اولاد رسول صلي الله عليھ وآلھ وسلم سان دشمني ڪئي هئائون. پر هينئر بني اُميه جي راڄ کي وڏو عرصو گذري چڪو هو، عراقين کي به بني اُميه وارن جي انصاف جي خبر چڱي طرح پئجي چڪي هئي ۽ حجاج بن يوسف جن جي دلين کي زخمي ڪيو هو تن زخمن جا انگور اڃا سوڌا تازا هئا. لاچار کين بني عباس وارن جي طرفداري ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪوبه چارو ڪونه هو!

آخر ابو سلام جي راءِ سان ابو العباس خليفو منتخب ٿيو ۽ الله اڪبر جي نعرن سان راءِ قائم ٿي. جڏهن خلافت عظميٰ جو ضروري مسئلو طئي ٿي ويو، تڏهن سڀني گڏجي هڪڙو قاصد ابوالعباس ڏانهن موڪليو جو هن وقت مروان جي خوف کان ڪوفي ۾ ڪنهن تهه خاني ۾ لڪل هو، جتان نڪري جامع مسجد ۾ آيو. ماڻهو چئني ڪنڊن کان ڊوڙي اچي سندس عبا کي چمڻ لڳا ۽ ڪي دست بوسي ڪرڻ لڳا. 13 ربيع الثاني سن 132هه مطابق 25 ڊسمبر سن 749ع ۾ ابو العباس راءِ عامه سان خليفة المسلمين مقرر ٿيو.

ابو اعيون جنهن کي ڪهتابا ڪجهه لشڪر ڏيئي عبدالله بن مروان جي مقابلي لاءِ موڪليو هو، تنهن مروان جي پٽ کي ذاب نديءَ جي اوڀر ۾ زر جي شهر وٽ وڏي شڪست ڏني. هن معرڪي ۾ گهڻا شامي قتل ٿيا. جڏهن مروان کي پنهنجي پٽ جي شڪست جي خبر پئي، تڏهن غصي ٿي 120،000 لشڪر وٺي دجله نديءَ کي ٽپي آيو. ابو اعيون سان مقابلو ڪيائين. انهيءَ وچ ۾ عبدالله بن علي ابوالعباس جو چاچي ڪوفي مان فوجي وٺي ابو اعيون جي مدد لاءِ آيو. پوءِ ذاب نهر جي ڪپ تي ڪوشاف جي هنڌ وٽ جنگ لڳي. عباسين جي سڄي فوج کي ڪاري پوشاڪ پهريل هئي. شامي لشڪر جا گهڻا ماڻهو قتل ٿي ويا. ڪيترائي وڃي عباسين سان شامل ٿياø پر مروان ڪائي پرواهه ڪانه ڪئي. عباسي پهرئين معرڪي ۾ البت هٽي ويا، پر ابو اعيون ماڻهن کي گهوڙن تان هيٺ لهي وڙهڻ جو حڪم ڏنو ۽ پنهنجي سياهه فام جهنڊي کي بلند ڪيائين. عبدالله بن عليءَ زور سان پڪاري چيو ته ”اڄ منهنجي ڀائيٽي ابراهيم جي خون جو بدلو وٺو.“ تنهن کان پوءِ هن يا محمد يا منصور جا نعرا بلند ڪيا ۽ سندس سڄي لشڪر نعرا هنيا. اتي مروان به پنهنجي سپاهين کي همٿايو، پوءِ اچي جنگ لڳي. هڪ طرف شام جي بهادرن جوهر ڏيکاريا، ٻئي طرف خراسان جي پهلوانن تلوار هلائي. هيءَ گهمسان جي جنگ جمادي الثاني سن 132هه مطابق 25 جنوري سن 750ع ۾ لڳي. آخر شامين شڪست کاڌي. مروان موصل ڏانهن ڀڄي ويو، پر اُتي جي رهاڪن کيس پناهه ڏيڻ کان انڪار ڪيو. اُتان هو هوران ڏي ڀڳو، جتي نئين فوج تيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو، پر عباسي فوج سندس پٺيان هئي جا هن وقت موصل ۾ هئي.  هوران ۾ حمص جا علائقا عباسي حڪوت سان لاڳو ٿي ويا.البته دمشق ۾ مروان جي ڀائيٽي ڪجهه مقابلو ڪيو، پر عبدالله طوفان وانگر شهر ۾ وارد ٿيو. مروان جو ڀائٽيو قتل ٿي ويو. 25 رمضان المبارڪ سن 132هه مطابق مارچ سن 750ع ۾ ڪوفي جي فتح کان پوءِ پنجين مهيني عباسين جو جهنڊو دمشق جي ديوارن سان لڏڻ ۾ آيو. چون ٿا ته عبدالله بن علي دمشق ۾ بني اُميه وارن جي قبرن کي کوٽايو. جيڪي به هڏا هٿ لڳس، تن کي باهه ۾ ساڙائي سندن رک هوا ۾ اُڏائي ڇڏيائين.ð

مروان، جو هن وقت فلسطين ۾ هو، تنهن اُتان قسطنطنيه ڏي وڃڻ جو اِرادو ڪيو، ته وڃي بازنطيني شهنشاه جي مدد سان ٻيهر تخت حاصل ڪريان. ڇاڪاڻ جو هن کي خبر هئي ته هڪ لڱا خسرو پرويز ايران جي شهنشاه کي قسطنطنيه جي قيصر مدد ڏني هئي ۽ هن ايران وري هٿ ڪيو هو. اهڙي خيال سان هن قيصر سان ملاقات ڪرڻ جو ارادو ڪيو، پر سندس رفيقن کيس مصر ۽ آفريقا جي مسلمان حاڪمن ڏانهن وڃڻ لاءِ صلاح ڏني. هو مصر ڏانهن ڀڳو پر عبدالله پنهنجي ڀاءُ صالح ۽ ابواعيون کي لشڪر ڏيئي سندس پٺيان روانو ڪيو. مروان نيل درياهه جي اُلهندي ڪپ تي بصير نالي هڪڙي ننڍڙي ڳوٺ ۾ عيسائين جي هڪڙي ديول ۾ آرام وٺي رهيو هو، پر جڏهن دشمنن جي اچڻ جي خبر ڏنائونس تڏهن پاڻ تلوار هٿ ۾ کڻي ٻاهر نڪتو پر نيزي بازن نيزي ۾ جهلي ورتس. مروان وقت جو مشهور پهلوان هو آخري دم تائين وڙهندي مُئو. هي واقعو 26 ذوالحج سن 132هه مطابق 5 آگسٽ سن 750ع ۾ ٿيو.

اَبوالعباس السفاح هن وقت پاڻ کي هاشمين جي بدلي وٺڻ واري طور مشهور ڪيو هو. سندس اشاري تي گهڻائي بني اُميه وارا قتل ٿيڻ لڳا. جتي ڪو ڪنهن عباسيءَ کي گڏيو اُتي قتل ڪيو ويو. سندن ڳولا نه رڳو جبلن ۽ غارن ۾ ٿيڻ لڳي پر هر هڪ شهر جي گهر جي جاچڻ لاءِ جاسوس مقرر ڪيا ويا. مطلب ته طرفين هڪ ٻي سان پورو پورو انصاف ڪيو. فلسطين ۾ هڪ لڱا عبدالله اَسي ڄڻن کي قتل ڪرائي ڇڏيو، جي مروان جا مائٽ هئا. ڪيترن ئي کي مديني منور ۾ اهل بيت وارن پناهه ڏني هئي. اهڙيءَ طرح عراق ۾ سليمان بن علي ابوالعباس جي ٻئي چاچي گهڻن ئي کي پناهه ڏني هئي. منجهانئن هڪڙو عبدالرحمان نالي، جو هشام جو پوٽو هو، سو اسپين ڀڄي ويو، جتي بادشاهي ڪرڻ لڳو. مروان جون ڌيئرون هوران ۾ هيون، جتي هو غريبي حالت ۾ گذران ڪنديون هيون، پر آخر مصر جي حاڪم مهديءَ هنن لاءِ وظيفو مقرر ڪيو هو.

بني اُميه خاندان جو خاتمو ٿيو. هن خاندان جي تاجدارن تقريباً نوي سال بادشاهي ڪئي، يعني سن 661ع کان سن 750ع تائين حڪومت ڪيائين. منجهائن 14 نامور فرمانروا ٿي گذريا جن جو حڪم مشرق ۽ مغرب تي هلندو هو.** منجهانئن ڪي ڪي ڪمزور ۽ ڪم عقل به هئا. مروان جو پويون شهنشاهه هو، سو بلڪل زبردست ٿي گذريو، پر سندس نصيب کوٽا هئا. هو عياش هئا، رعيت جي ڀلي لاءِ ڪو خيال ڪونه ڪيائون. سندن ظلمن کان تنگ ٿي ڪري، رعيت خدا کان دعا گهرندي هئي. آخر سندن دعا اگهامي. سندن خزانا خالي ٿي ويا، سندن کيتيون غير آباد ٿي ويون. هنن پنهنجن وزيرن تي اعتبار ڪيو، پر اُنهن پنهنجيءَ لالچ ڪاڻ ماڻهن تي ظلم ڪيا، پر وقت جي بادشاهن کي ڪائي خبر ڪانه ڪئي. فوج جي سپاهين جون پگهارون رهيل هيون، جنگ وقت اُهي ميدان ڇڏي وڃي فاتحن جا طرفدار ٿيا. جن جن سندن دوستن کين مدد ڏيڻ لاءِ انجام ڪيو هو، سي وقت تي ڦري بيٺا.+ هن وقت اسلامي سلطنت جي آبادي اٽڪل 4 ڪروڙ 90 لک هئي.*

بني اُميهّ خلافت تي هڪ نگاهه

خلافت راشده جي زماني ۾ (خلافت عظمى) لاءِ خليفو عام ماڻهن جي صلاح ۽ مصلحت سان چونڊيو ويندو هو. جا سچي خلافت هئي، پر جڏهن حضرت امير معاويه دمشق جي تخت تي ويٺو هو، تڏهن اسلامي جمهوريت جي اڳوڻي صورت بدلجي ويئي، جيئن ته دمشق جي تخت لاءِ بادشاهه پاڻ وارث مقرر ڪندا هئا. خليفي مقرر ڪرڻ لاءِ عام راءِ جي وٺڻ جو سلسلو هميشه لاءِ بند ٿي ويو. بني اُميه خاندان جي ڏينهن ۾ جڏهن ڪو بادشاهه ٿيندو هو ته باقي حڪومت جا اهلڪار ۽ ٻيا فوجي صيغي جا عملدار بادشاهه جي روبرو اچي قسم کڻندا هئا ۽ ڌار ڌار علائقن جي ماڻهن کان صوبيدار بادشاهه جي طرفان رعيت کان قسم وٺندا هئا. اها رسم ايتريقدر خراب هئي جو منجهائنس نه فقط جمهوريت کي نقصان هو پر بدنصيبيءَ سان دمشق جا فرمانروا (غير محدوديت)کي پنهنجي حق ۾ فائديمند سمجهڻ لڳا پر حقيقت ۾ غير محدوديت جي پردي ۾ کين نقصان پهتو، جيئن ته جدا جدا علائقن جا صوبيدار هيڪر رڳو بادشاهه جي اڳيان قسم کڻندا هئا پر پوءِ پنهنجي رعيت کان رشوت وٺندا هئا ۽ ٻي ناانصافي جي هلتن سان کين ڏاڍو تنگ ڪندا هئا.

حضرت ابوبڪر صديق رضه، حضرت عمر فاروق اعظم رضه، حضرت عثمان رضه۽ حضرت علي رضوان الله تعاليٰ اَجمعين جي عهد مبارڪ ۾ ملڪ جي سڄي آمدني (بيت المال) ۾ داخل ٿيندي هئي. اُها آمدني حقيقتن رعيت جي ڀلي لاءِ خزانو هو. غريبن ۽ محتاجن کي اُن سرمايهّ مان وظيفا ملندا هئا. پر جڏهن دمشق ڦري دارالخلافت ٿيو ۽ حضرت اَمير معاويه رضهخلافت جو جڏهن اعلان ڪيو، تڏهن سڄي ملڪ جي آمدني بادشاهه جي ملڪيت شمار ٿيڻ لڳي، وري جن جن ماڻهن حضرت اَمير معاويه رضهکي سندس خودمختياري جي قاعدي ڪڍڻ ۾ ۽ حڪومت هٿ ڪرڻ ۾ مدد ڏني هئي، سي به سلطنت جي اُپت مان حصو وٺندا هئا، جيئن سڄي مصر ولايت جي اُپت ته رڳو عمرو بن العاص وٺندو هو.

بني اُميهّ شهنشاهيت جي ڏينهن ۾ ملڪ جي اُپت هيٺئين دستور مطابق گڏ ڪئي ويندي هئي. (1) زمينن تي ڍل (2) غير مسلم قومن تي جزيهّ ڍل(3) شين تي محصول (4) غنيمت جو مال (5) صوبن کان خراج (6) جنگ جي نقصان ڀري ڏيڻ ۾ اهڙن قرضن جي آمدني. مٿيون ڍلون هر هڪ صوبي جي سرڪاري خزاني ۾ داخل ڪندا هئا. هر هڪ علائقي جي آمدني اُتي جي سرڪاري نوڪرن، سپاهين ۽ ٻين سرڪاري ڪمن تي خرچ ڪئي ويندي هئي. تنهن کانسواءِ مسجدن، رستن ۽ مڪتبن تي به مٿيئن آمدنيءَ مان خرچ ڪبو هو. باقي جيڪا رقم بچندي هئي سا وري دمشق جي شاهي خزاني ۾ داخل ٿيندي هئي. ڍلن جي اوڳاڙيءَ جو ڪم عاملن کي سپرد هو، جيئن هتي پاڪستان ۾ ڪليڪٽر مقرر آهن. پر خليفي عمرثاني رضه جي ڏينهن ۾ مٿيون ڍلون (صاحب الخراج) اُڳاڙيندو هو، وٽس ان ڪم لاءِ خلاصو دفتر مقرر هو. صوبيدارن وٽ ڪاتب رهندا هئا جي علائقن جي صوبيدارن جي طرفان لکپڙهه ڪندا هئا.

اُمّوي فرمانروائن کي سلطنت جي جدا جدا علائقن ۾ جاگيرون هيون، شاهي خاندان جي شهزادن کي به جدا جدا جاگيرون هيون. جيئن فرات نديءَ جو سمورو هيٺيون ملڪ هشام جي ڀاءُ مسلمه جي جاگير هئي. خليفي عبدالملڪ جي ڏينهن ۾ اندروني فسادن جي ڪري البته ملڪ جي حالت بدلجي ويئي هئي، پر وليد ثانيءَ جي عهد ۾ نوان سڌارا ٿيڻ لڳا.(1)

هر هڪ علائقي تي جدا جدا نمونن جون ڍلون رکيل هيون ۽ سڄي سلطنت پنجن حصن ۾ ورهايل هئي.
 (1) حجاز، يمن، نجد سميت (2) مصر ولايت (3) عراق عرب بابل ۽ قلديا، عراق عجم (4) ايران خاص (5) عمان، بحرين، ڪرمان، سيستان، ڪابل، وسط ايشيا، سنڌ اهي سمورا علائقا عراق جي صوبي جي هٿ هيٺ هئا جن جو تختگاهه ڪوفيٰ هو.

وچ ايشيا ۽ خراسان جي مٿان جدا نائب گورنر مقرر هو، سندس صدر مقام مروّ شريف ۾ هو. عمان  بحرين ۽ بصره جي نائب گورنر جي هٿ هيٺ هئا. سنڌ ۽ پنجاب لاءِ جدا گورنر هو. جزيرة العراق، آرمينا، آذربائيجان ۽ ايشيا ڪوچڪ جو ڪجهه علائقو هڪڙي علائقي ۾ شمار ڪيا هئا. تنهن کانسواءِ دمشق جي تخت سان هيٺان ملڪ لاڳو هئا مثلاً ليبان، سڄو اُتر آفريقا، اسپين ۽ ڏاکڻؤ فرانس جنهن ۾ صقّليه، سارڊينا ۽ اسپين جي اُتر اُڀرندي وارا ٻيٽ Balearic Isles به شامل هئا. مٿين مغربي علائقن جو تختگاه قيروان مقدس هو. اُتي جي گورنر جي سنڀال هيٺ بحيره  روم جي ٻيٽن جي سنڀال لاءِ جدا نائب گورنر طنجه ۾ رهندو هو.

اسپين جي امير جو صدر مقام قرطبه هو. اهو هو اسلام جو سيلاب، جو عرب جي صحرا مان نڪري مغرب ۾ پرنيس جبلن سان وڃي ٽڪريو ۽ مشرق ۾ ديوار چين ۽ هندستان جي دل ۾ وڃي جاءِ ڪيائين. اهڙيءَ طرح مسلمانن تي الله تعاليٰ رب سمٰوٰت والارض جيڪي رحمتون نازل ڪيون، تن جي بيان ڪرڻ جي قلم کي طاقت ڪانهي، جو ٿورن صفحن ۾ ختم ڪري سگهي!

سڪندر مقدوني پهريون مغربي فاتح هو، جنهن جي تلوار خون آشام اِيران ۽ بلخ کي جهڪايو. اهو پهريون گهمرو هو جو مغربي لوڪ مشرق کان واقف ٿيا، پر سڪندر کي به طاقت نه ٿي جو هندستان ۾ يوناني بيٺڪ جوڙي سگهي. البته ميگٿينز يوناني فاتح جي طرفان ڪجهه وقت هندستان جي راجا چندر گپتا جي درٻار ۾ پٽاليپترا هاڻوڪي (پٽنا) ۾ سفير هو، تنهن مان صاف معلوم ٿو ٿئي ته يونانين بلخ (بخترا) تائين بيٺڪون وڌيون هيون، پر هندستان جي راجائن سان مقابلو ڪري نه سگهيا، پر عرب يونانين کان پوءِ ٻي ايشيا جي مغربي قوم هئي جن بحري توڙي خشڪي رستن کان سنڌ پنجاب ۽ ڪشمير تائين محمد بن قاسم جي سرڪردگيءَ هيٺ مٿيان هندن جا ملڪ فتح ڪيا ۽ مشرقي هندوستان جي تخت گاهه قنوج تائين ڪاهون ڪيائون. هندستان جا هندو راجا، جي آريا هئا ۽ پنهنجين روايتن موجب مسلمانن کان مهذب هئا، سي صحرائي عربن جو مقابلو ڪري نه سگهيا. جيتوڻيڪ ٻئي قومون گرم ملڪن جون هيون پر تاريخ شاهد آهي ته عربن وٽ تيز رفتار گهوڙا، بار برداريءَ جا اُٺ ۽ ديوار شڪن ڪلون هيون جن جي ذريعي هنن ديبل، الور، ملتان ۽ ٻيا قلعا سر ڪيا. هندو راجپوت به بهادر هئا وٽن زرهون ۽ هاٿين جا رٿ هئا پر اُهي سورمه فاقيه مست عربن اڳيان مقابلو ڪري نه سگهيا!!

مغرب ۾ بربر، يوناني، رومي، گاٿ، هنس ۽ ٽيوٽان جهڙيون جنگجو قومون هيون، جن مان گاٿ، هنس ۽ ٽيوٽان قومن يونان ۽ رومته الڪبريٰ جي عروج کي مٽائي هن وقت سڄي يورپ تي قبضو ڪيو. پر توحيد جا متوالا عرب جي شراب حجاز کان مخمور هئا، تن اسپين ۽ فرانس جي سرزمين تي وڃي ڏؤنڪو وڄايو. وٽن بحري ٻيڙا به هئا، سندن بحري مرڪز به جڙيل هئا. مشرق ۾ بصره سندن بندرگاهه هو. مغرب ۽ شام جي ڪناري تي سندن بندرگاهه جڙيل هئا. هنن اَهل روم، يونانين ۽ وينس وارن سان بحري چوٽون کاڌيون. بحيره متوسط جا سمورا ٻيٽ هٿ ڪيائون. بندرگاهه بلرم Palermo سندن مرڪز هو. مشرق ۾ مالابار ۽ سيلون تائين سندن غوراب گشت ڪندا هئا، مطلب ته مشرق ۽ مغرب جو واپار سندن قبضي ۾ هو.

عدالتي کاتي جي ننڍن ننڍن منصفن مٿان هڪ وڏو منصف مقرر هوندو هو. غير مسلم قومون مثلاً يهودين ۽ نصارن لاءِ پادري مقرر ٿيل هوندا هئا، جي سندن انصاف پنهنجي مذهبي ڪتابن جي اصولن موجب ڪندا هئا. جمعي جي نماز پڙهڻ لاءِ هر هڪ صوبي جو حاڪم يا مفتي اعظم اِمامت جو ڪم ڪندا هئا. پوليس کاتي جو وڏو مهندار (صاحب الشرطه) به صوبي جي گورنر جي ماتحت هوندو هو پر هشام جي ڏينهن ۾ هڪ نئين فوج تيار ٿي، جو پوليس جو ڪم به ڪندي هئي ۽ جنگ وقت ميدان ۾ به لڙندي هئي. اهڙي عظيم الشان سلطنت جي جدا جدا صوبن جي اهلڪارن سان شاهي خط و ڪتابت ڪرڻ لاءِ هڪ جدا صيغو حضرت امير معاويه جي ڏينهن ۾ عمل هيٺ آيو، جنهن کي (ديوان الخطوط) سڏيندا هئا. خليفن جي خطن کي رجسٽر ۾ داخل ڪري اُنهن تي شاهي مهر هڻي روانو ڪندا هئا. لفافن تي مهر هڻڻ ۽ پرداخت جو ڪم ديوان الخطوط جي سپرد هو. ٽپال کاتو به چڱي پيماني تي هو، پر عباسي خليفن هن کاتي کي وڌيڪ زور وٺايو. عبدالملڪ جي ڏينهن ۾ به پورو انتظام هو. خارجي معاملات Foreign Affairs جوڪم سمورو عربن جي هٿ هيٺ هو. غير مسلم قومن کي عهدا مليل هئا پر اِنهي پردي اندر حجاج بن يوسف نه رڳو يهودين يا عيسائين کي عهدن تان لاهي ڦٽو ڪيو، پر ڪيترن ئي معزز مسلمانن کي دربدر ڪري ڇڏيائين، جنهن ڪري ايرانين، يهودين ۽ عيسائين جو سلطنت مان اعتقاد نڪري ويو. هو پنهنجن بالا عملدارن کي ڌڪارڻ لڳا. اهڙيءَ حڪمت عمليءَ جي ڪري خارجي حڪمت عملي گهڻو ڪمزور ٿي ويئي. جنهن جو آخر نتيجو مروان ثانيءَ اکين سان ڏٺو.

خليفي عبدالملڪ جي ڏينهن ۾ هر هڪ علائقي جي حاڪم کي سڪن ٺاهڻ جو حڪم هو. اُهي سِڪا خاص ديواني ڪمن ۾ هلندا هئا، باقي عام ڏيتي ليتي ۾ ۽ صرافي ۾ ساساني ۽ بازنطيني حڪومتن جا سڪا هلندا هئا. خليفي وٽ شاهي ضرب خانو هو، جتي اشرفيون ۽ چانديءَ جا سڪا جڙندا هئا. سونين اشرفين جو وزن 4025 گرين هو ۽ چانديءَ جي درهمن جو وزن 2097 گرين هو. ساساني ۽ بازنطيني سڪن وانگر هئا.ð پر باقاعده درهمن جو رواج حضرت عمر فاروق اعظمرضه کان وٺي پيل هو. خليفي عبدالملڪ کان اڳ دفترن جو ڪم فارسي، يوناني يا شامي زبانن ۾ هوندو هو پر هن خليفي دفترن ۾ عربي زبان رائج ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

سلطنت جي علائقن تي اُهي ماڻهو گورنر مقرر ٿيندا هئا جي عالم، فاضل، يا اهڙي عهدي لاءِ لائق هوندا هئا، يا ته وري وڏ گهراڻن يا شاهي خاندان مان منتخب ڪيا ويندا هئا يا وري پنهنجي حسن خدمت ۽ ڪارنامن جي ڪري وڃي عهدي تي پهچندا هئا. پر خليفي يزيد ثانيءَ جي ڏينهن ۾ جيڪي خليفي جا خوشامدي ڇاڙتا يا چاپلوس هئا، تن کي عهدا ملڻ لڳا ۽ خليفي هشام جي ڏينهن ۾ به ساڳيو حال هو. وڏي خراب رسم ته اها پيل هئي جو اُهي اعليٰ حاڪم خليفي سان محفلن ۾ گڏ رهندا هئا ۽ سندن سمورو ڪاروبار ننڍن عملدارن جي سپرد هو، جي ٻوڙين يا تارين، سندن وس ۾ هو. اهڙي حالت ڪري ماڻهو تنگ ٿيڻ لڳا.

ملڪي انتظام چئن کاتن ۾ ورهايل هو (1) ديوان الخراج (2) ديوان الخطوط (3) ديوان الرسائل (4) ديوان المستوفته. پوليس ۽ فوجن کي پگهار ڏيڻ جو ڪم به ديوان الخراج جي سپرد هو. هر هڪ عرب فوج ۾ نوڪري ڪرڻ لاءِ ٻڌل هوندو هو. جڏهن فوجون جنگ تي نڪرنديون هيون، تڏهن کين وڌيڪ پگهار ملندو هو. فوجي صيغي جي حالت بلڪل مضبوط هوندي هئي. بحري ٻيڙي ۽ ملاحن مٿان جدا عملدار مقرر هوندو هو. جنهن کي (اَمير البحر) Admiral سڏيندا هئا.


ð  وليد ثاني ڏاڍو فضول خرچ هو. هن هڪڙي ڀيري قرآن شريف مان فال پي معلوم ڪئي ته هيءَ آيت نڪتي ته ”سرڪش ۽ ظالم بادشاهه هميشه مايوس رهن ٿا. هن کي پڙهي غصو آيو ۽ قران شريف کي کڻي پٽ تي ڦٽو ڪيائين، نعوذبالله چون ٿا ته هن وقت واقعي کان پوءِ سُتت مارجي ويو. تاريخ الخلفا مصباح الدين.

ð  نوٽ: فارستان يا فارس، اِيران جي ڏکڻ اولهندي ۾ هڪڙو علائقو آهي. شيراز منجهس مکيه شهر آهي. هتي جو شراب ۽ عطر دنيا ۾ مشهور آهي.

ø  واسط ڪوفي ۽ بصره جي وچ ۾ هڪڙو مشهور شهر ۽ مضبوط قلعو هو، جو حجاج بن يوسف پنهنجي يادگار طور جوڙايو هو. عراق ۾ ڪوفي ۽ بصره کان پوءِ هي ٽيون نمبر شهر هو.

ð  علاقه ابن اثير لکي ٿو ته ابراهيم کي مروان کير ۾ زهر ڏياري مارايو. وري ڪي عرب مؤرخ لکن ٿا، ته ابراهيم مٿان گهرجي ڇت ڪري پئي، تڏهن مئو. والله علم.

ø  تاريخ ابن خاليقان

ð تاريخ اسلام، مصنف: علامه سيد امير علي.

**  علامهّ مسعودي

+  علامهّ محي الدين اَلخياط (درُس اَلتاريخ خلافت بني اُميهَّ

* تاريخ اسلام، مصنف: سيد امير علي.

(1)  نوٽ: عبدالملڪ بن مروان بيت المقدس جي مسجد اقصيٰ جي پٿر بيت اللحم تي قبو جوڙايو. هن پٿر جو نالو صخره شريف آهي. اڳ مسلمان بيت المقدس ڏي منهن ڪري نماز پڙهندا هئا، پر پوءِ وحي جي حڪم موجب ڪعبة الله ڏي منهن ڪري سجدو ڪرڻ لڳا. هن مسجد جو بنياد حضرت دائود عليہ السلام وڌو. بعد ۾ حضرت سليمان عليہ السلام زمردي ۽ طلائقي ڪم قُبي تي ڪرايو. 403 سالن تائين عمارت قائم رهي.

حضرت مسيح عليہ السلام کان 787 سال اڳ بابل جي بادشاهه بخت نصر بني اسرائيل کي قتل ڪري بيت المقدس کي لٽي مسجد کي باه ڏني، ٻئي خليفي حضرت عمررضهّ مسجد کي مرمت ڪرايو. بعد ۾ عبدالملڪ 66 هجري ۾ مصر جي ستن سالن جي آمدنيءَ مان مسجد تعمير ڪرائي. مٿس 8 سالن تائين ڪم هليو.

ð  خليفي عبدالملڪ جيڪي سڪا ٺهرايا تن تي هڪڙي طرف ”الله احد“ ۽ ٻئي طرف کان ”الله الصمد“ لکيل هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org