سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: تاريخ اسلام

باب:

صفحو:17 

عباسي سلطنت تي هڪ نگاهه

 

اِسلام پهرئين ڏينهن پنهنجي اعلان ۾ مخلوق خدا جي آزادي ۽ مساوات اخوت ۽ حريت جوجهنڊو دنيا ۾ بلند ڪيو ۽ جتان جتان هي قافلو شمع نور هدايت هٿ ۾ کڻي نڪتو. اُها سر زمين ان نور کان منور ٿي. آسمان جي فرشتن مسلمانن جي مٿان سايو ۽ نگهباني ڪئي. جتي مسلمان ويا اُتي مظفر ۽ منصور رهيا! اک ڇنڀ ۾ دنيا جي دولتن ۽ نعمتن سندن اچي قدم چميو. پوءِ سندن زوال جو ڪهڙو سبب هو؟ ڇا وٽن دولت ڪانه هئي؟ نه نه مونکي ياد آهي ته بعد حضرت رسول ڪريم صلي الله عليھ وآلھ وسلم مسلمانن وٽ ايتري دولت هئي، جو خيرات وٺڻ لاءِ مسلمانن کي فقير ڪونه ملندو هو! جيئن لنڊن اڄ ڪالهه دولتمندن جو گهر آهي، تيئن مدينو منور، دمشق، غزني ۽ بغداد شريف به مسلمان دولتمندن جو گهر هو. خاص ڪري هارون الرشيد اعظم جو زمانو ته آسودگي ۽ خوش حالي لاءِ طول وعرض ڪشور ۾ مشهور آهي. ڇا وٽن علم ڪونه هو؟ پر مسلمانن ايرانين، يونانين، مصرين ۽ هندوستانين کي زير ڪيو، جن وٽ علم جا زخيرا موجود هئا. اُنهن ملڪن جي علم جي برباد ٿيلن محفلن کي مسلمانن ازسر نو برپا ڪيو. اڃا به مسلمانن وٽ جيڪا امانت رکيل آهي، اوتري ٻين قومن وٽ ڪانه هوندي. يا مسلمانن وٽ تهذيب ڪانه هئي؟ پر تاريخ شاهد آهي ته جن جن ملڪن ۾ اسلامي تهذيب هلال جي صورت ۾ ٿي چمڪي، اُهو زمين جو ٽڪرو آفتاب اسلام جي نوفشانئ ڪري منور ٿيو. جڏهن تاتاري ڪفارن بلاد اسلاميه تي ڪاهون ڪيون، تڏهن مسلمان مهذب هئا ۽ تاتاري سندن مقابلي ۾ جاهل هئا تڏهن چئبو ته تهذيب به سندن زوال جو سبب نه هو! يا چئجي ته منجهن بهادري ڪانه هئي؟ پر پيغمبر صلي الله عليھ وآلھ وسلم کان اڳ عربستان، شام، ايران يا حبش جي زير اثر هو، پر پوءِ اُهي مسلمان ئي هئا، جن اُلهندي ۾ بحيره اوقيانوس ۽ اُڀرندي ۾ ديوارِچين تائين ملڪ فتح ڪيا! پوءِ ڇو سندن زوال ٿيو؟ تنهن جو جواب به ائين چئبو ته بهادري به قومن کي زوال کان بچائي نه ٿي سگهي! اهو سوال بلڪل حل ٿيڻ جهڙو ناهي، پر قرآن شريف جي سوره آل عمران جي آيت 110 ۾ مسلمانن جي هن ريت تعريف ڪيل آهي“.

”مسلمانو! توهان آهيو سڀني کان بهتر اُمت، جيڪا پيدا ڪئي وئي آهي ماڻهن لاءِ (انهيءَ ڪري جو) توهان حڪم ٿا ڪريو چڱن ڪمن جو ۽ منع ٿا ڪريو بڇڙن ڪمن کان ۽ ايمان ٿا آڻيو خدا تعاليٰ تي...“

هن آيت مان معلوم ٿو ٿئي ته مسلمانن ۾ ٽي صفعتون هيون، تنهنڪري کين (اُمت خير) بهترين جماعت چيو ويو. سندن پهريون فرض هو ته ماڻهن کي برن ڪمن کان روڪين ۽ روڪيندا هئا. هو پاڻ به چڱا ڪم ڪندا هئا، ۽ سندن اها ئي خواهش هئي ته ٻيا به سندن پيروي ڪن. اهوئي سبب هو، جو هو ٻين قومن کان صفحهء هستي تي ممتاز هئا. جيسين مسلمان مٿئين اصول تي قائم هئا، تيسين اسلام جو عروج به هو، پر جيئن جيئن مٿيون اصول کانئن مٽندو ويو، تنهن کان پوءِ به گهڻي وقت تائين سندن عروج رهيو آخر مٽجندا ويا.

اڳ اسين ڏيکاري چڪا آهيون، ته خليفي عمر ثاني ۽ حجاج بن يوسف جي ڏينهن ۾ شامين کي ملڪي انتظام جي وڏن وڏن عهدن تي اجورو مليل هو، پر جڏهن ابو مسلمرحه جي تحريڪ ۽ فوج ڪشي ڪري دمشق جو تختگاهه ملياميٽ ٿي ويو. تڏهن خلافت اعظميٰ جون واڳون انهن جي هٿ اچي ويون. جنهن خاندان کي بني عباس ڪوٺجي ٿو، جنهن جو ذڪر اسين اڳ ڏيئي چڪا آهيون بني اُميه شهنشاهن جو سڪو عراق، شام، خراسان، ايران، مصر ۽ مغرب الاقصيٰ تي هلندو هو. هينئر اهو شرف بغداد کي نصيب ٿيو. جو صدين تائين خلافت عظميٰ جو مرڪز رهيو. بني اُميه خاندان جا اڪثر تاجدار خود غرض هئا. سندن زماني ۾ ملت اسلام ۾ ايراني، ترڪماني ۽ ٻيون قومون حلقه بگوش ٿي چڪيون هيون. پر مٿين قومن سان ڪائي مروت ڪانه ڪيائون سلطنت جي بالا عهدن تي رڳو شامي ممتاز هئا. پر عباسي خليفن جي دور ۾ عربن کانسواءِ ٻين قومن کي، جي اسلام جي دائري ۾ اچي ويون هيون کي اوتري عزت ۽ عهدا حاصل هئا جهڙا عربن کي. تنهن کانسواءِ غير مسلم قومن کي به حق ۽ واسطا ڏنا ويا. مثلاً سلجوقي، ترڪمان، زنگي ۽ غزنوي خاندان وارن، جن يڪي بعد ديگر طول و عرض ڪشور تي حڪومت ڪئي، سي پنهنجي وقت جا حقيقي شهنشاهه هئا. وري خليفةالمسلمين ۽ خلافت اعظميٰ لاءِ اُنهن تاجدارن کي ايتري عزت هئي، جو بغداد شريف جا پويان خليفا باوجود ان جي ته ڪمزور هئا، پر مٿين قومن جا سلاطين کين پنهنجو حقيقي آقا ڪري سمجهندا هئا. سندن اهڙيءَ نمڪ حلالي ۽ ايماندارئ جي عيوض کين بارگاهه خلافت مان مختلف قسمن جا القاب وقت بوقت سرفراز ٿيندا رهيا. اسلامي سلطنت جا هن وقت وادئ گنگا Ganges کان بحر اوقيانوس  Antlantic Ocean تائين وسيع هئي. منجهس بخارا، سمرقند، هرات، نيشاپور، ڪرمان، غزني، دهلي، شيراز، همدان، تبريز، ڪوفا، موصل، حلب، قونيه، دمشق، القاهره ۽ قيروان مقدس منجهس تختگاهه شهر هئا ۽ هر هڪ ولايت تي جدا جدا خاندان جي حڪومت هئي. پر تنهن هوندي به عباسي خليفن جو خطبو طول ۽ عرض ڪشور ۾ پڙهجڻ ۾ ايندو هو. انهن سڀني ڳالهين مان معلوم ٿو ٿئي ته بغداد جي عباسي خليفن ملت اسلاميه جي مسئلن تي پوري طرح سان ڌيان ڏنو سندن اهڙي حوصلي افزائي جي عيوض هو اسلامي دنيا جا حقيقي روحاني پيشوا شمار ٿيڻ لڳا. خلافت عباسيه جي شروع ٿيڻ وقت جيڪي به خليفا بغداد جي تخت تي رونق افروز ٿيا، تن جي روشن ضميري، مروت، شان ۽ دٻدٻي سلطنت عباسيه جي هفت اقليمي سلطنت جي بنياد ۽ عمارت کي ايتريقدر مضبوط ٺاهي ڇڏيو، جو ڪنهن به فسادئ کي مجال نه ٿي جو اندروني فساد ڪري سگهي. باوجود ان جي ته هزارين فساد ۽ سوين تحريڪو وقت بوقت رونما ٿيندا رهيا، پر سلطنت کي تنزل هيٺ آڻي نه سگهيا. علمي لحاظ يا صنعتي نڪته نگاهه کان يا مذهبي طرز عمل سان ديوار چين کان ويندي اسپين تائين رهندڙ قومن کي ڪامل آزادي ۽ جابجا نعره تڪبير جي صدا بلند ٿيندي رهي. جڏهن الله جي رحمت ٿيندي آهي، تڏهن زمين کي آباد ڪندي آهي ۽ چؤطرف شادماني پکڙجي ويندي آهي، وري جڏهن سندس رحمت ڦري قهر جي صورت اختيار ڪندي آهي، تڏهن قهر درياهه جي تلاطم ۽ طوفان جي بربادئ جي ڪري وڏا وڏا وڻ ڪري پوندا آهن ۽ عاليشان محلاتن جا ڪنگرا ڪڙڪاٽ ڪري زمين دوز ٿي ويندا آهن. عباسي سلطنت جنهن جي جاهه ۽ جلال کان هفت اقليم جا تاجدار ڪنبندا هئا، پر جڏهن الله تعاليٰ کان ڏمر  آيو، تڏهن اوچتو مشرق مان هڪڙو طوفان تاتارين جي صورت ۾ نازل ٿيو، هن سيلاب جي تلاطم جي هڪڙي معمولي جنبش کان بغداد دارالامان آسمان هيٺان هلاڪوءَ هٿان ناس ٿيو، اسانکي بغداد جي جي زوال تي گهڻي گريه زاري ڪرڻ نه گهرجي، ڇاڪاڻ جو تاريخ جا راز و نياز اڃا گهڻي تعداد ۾ پٺتي پيل آهن، جي شايد بابل جي تباهه سازي، ڪارٿيج جي عشوگري ۽ بغداد جي عبرت جي مڪان کان وڌيڪ پُرحسرت ۽ تعجب خيز آهي.

خلافت ۽ بيعت

بني اُميه خاندان جي عهد حڪومت ۾ هر هڪ تاجدار پنهنجي جيئري پنهنجو وارث مقرر ڪندو هو.  اهو سلسلو پهريون حضرت امير معاويه بن ابي سفيان رضه شروع ڪيو. هن پنهنجي جيئري پٽ يزيد لاءِ ماڻهن کان بيعت ورتي، جا رسم اِسلامي جمهوريت جي سراسر خلاف هئي. اهو سلسلو جيئن وقت پوءِ گذرندو ويو تيئن زور وٺندو ويو، تان جو خلافت اسلاميه جي آخري دور عثمانيه تائين جاري رهيو. آخر سن 1340هه مطابق سن 1922ع ۾ ترڪن جو قائداعظم مارشل غازي مصطفيٰ ڪمال پاشا فاتح سقاريه، اُهو شخص هو، جنهن ترڪي سلطنت مان خلافت جي سلسلي کي مٽائي مجلس عاليه مليه (جمهوريت) جي اصول کي وري جاري رکيو ۽ خلافت جو خاتمو ٿيو. سلطان عبدالمجيد خان ثاني، پويون خليفةالمسلمين هو، جنهن کي غازي اعظم معزول ڪيو.

جڏهن هڪڙو بادشاهه پنهنجو وارث مقرر ڪندو هو، تڏهن سلطنت جا ولي، اعليٰ عهديدار، قاضي، مفتي ۽ لشڪر جا مهندار اچي بارگاهه خلافت ۾ حاضر ٿيندا هئا ۽ وقت جي بادشاهه جي روبرو اچي پنهنجي وفادارئ جو قسم کڻندا هئا. اهڙئ رسم کي بيعت ڪري سڏيندا هئا. وري جڏهن بادشاهه مرندو هو ۽ نئون سندس وارث گادئ تي ويهندو هو، ته مٿين رسم وري نئين سر جاري رهندي هئي.(1)خليفةالمسلمين هڪ شاندار مسند تي وهندو هو، جنهن کي تاج ڪري سڏيندا هئا. سندس ساڄي کاٻي پاسن کان درٻار جا امير ۽ ٻيا عهديدار اچي ويهندا هئا. پوءِ ولي عهد بادشاهه جي روبرو اچي بيهندو هو ۽ ڪجهه پڙهندو هو، سندس چؤگرد امير، وزير ۽ شاهي خاندان جا ٻيا شهزادا اچي بيهندا هئا، ۽ راءِ زني ڪرڻ کانپوءِ وفاداريءَ جو قسم کڻندا هئا. پوءِ مدينة المنوره يا مڪي معظمه ۾ ولي عهد لاءِ نماز ادا ڪئي ويندي هئي. اهڙي اجتماع کي (اجتماع الامت) ڪري سڏبو هو. بعض اهڙن چونڊن ۾ وقت جا بزرگ، مفتي اعظم يا اِمام خلاف راءِ به ڏيندا هئا، پر وقت جا حڪمران مٿن طرح طرح جا ظلم ڪندا هئا. مٿئين انتخاب واري جماعت جي ميمبرن کي حڪومت ۾ فيصلن ڪرڻ جو سمورو اختيار رهندو هو، دور عباسيه جي پوين ڏينهن ۾ وڏن وڏن سپهه سالار، فاتحن ۽ اميرن کي بارگاهه خلافت مان سموريون اختياريون ملڻ لڳيون. جن کي درٻار مان هڪ دستار جواهر نگار، شمشير ۽ علم بطور شرف جي ملندا هئا. مثلاً غزني، نيشاپور، بخارا، موصل ۽ قاهره جي سلاطين کي اهڙو شرف حاصل هو.

نِظام حڪومت

عام طرح سمجهيو وڃي ٿو ته ايشيا ۾ حڪومت جو نطام هميشه شخصي رهيو آهي. تنهنڪري اسانجي زماني جا ڪي فهميده صاحب ۽ سنجيده بزرگ به اها دعويٰ ڪن ٿا ته رعيتي راڄ ۽ ڪائونسلي حڪومت، جو قدم يورپي قومن جي معرفت موجوده زماني ۾ آيو. درحقيقت رعيتي راڄ ۽ مجلس شوريٰ جو ٻيو نالو اِسلام آهي. عباسي سلطنت جو نظام عمل اعليٰ پيماني تي هو. عالمن، شاعرن ۽ واعظين کي ديني تعليم ڏيڻ جي ۽ شعر گوئي جي مڪمل آزادي هئي. گو وقت جي خليفن کي هر ڪنهن قسم جا اختيارات هئا پر سندن پر جلال درٻار ۾ هر وقت صلاحڪار رهندا هئا ۽ وزارت کي ڪل اختيار هو جي خليفةالمسلمين جي نالي تي حڪومت جو ڪاروبار هلائيندا هئا. خليفةالمسلمين کي اهلڪارن ۽ وزارت جي ميمبرن کي برخاست ڪرڻ جو اختيار هو، ملڪي اخراجات ۽ آمدنئ جي ڪاغذن جي خليفا پاڻ پڙتال ڪندا هئا ۽ اهڙن معاملن ۾ سموري لکپڙهه پاڻ ئي ڪندا هئا. سندن صلاح ۽ مشوره لاءِ آزمودگار ملڪي ۽ فوجي عملدار موجود رهندا هئا. وري ڪاروباري وزيرن جي صلاح ۽ ڪم ڪار لاءِ جدا عهديدار مقرر هوندا هئا. مامون الرشيد جي ڏينهن ۾ ادنيٰ کان وٺي اعليٰ ماڻهن کي حڪومت  جي ڪاروبار ۾ صلاح ڏيڻ جو حق هو. حڪومت جي پوين ڏينهن ۾ جڏهن جدا جدا صوبن تي سلجوقي ۽ ايوبي ۽ ٻيا خاندان حڪومت ڪرڻ لڳا تڏهن اُنهن کي پنهنجن درٻارن ۾ جدا جدا صلاح ڪارن جون جماعتون هونديون هيون. جيئن سلطان غازي صلاح الدين رحه جي درٻار ۾ قاضي الفضل سلطان کي حڪومت جي ٻين ڪمن ۾ ته مدد ڏيندو هو پر جنگ جي ميدان ۾ جنگ به ڪندو هو.

عباسي خاندان جا پهريان اَٺ خليفا سفاح، منصور، مهدي، هادي، هارون، امين، مامون ۽ معتصم زبردست حاڪم ٿي گذريا. هو صوبن جي حاڪمن کي جلد بدلي ڪندا هئا. تنهن کانسواءِ هر هڪ صوبي جي پايهء تخت ۾ خليفن پاران جاسوس رکيل هوندا هئا، جي خفيه رپوٽون بارگاهه خلافت ۾ پهچائيندا هئا. ڪي ته اُنهن ۾ خاص جاسوس هوندا هئا. جي سڌو خليفي سان اچي گفتگو ڪندا هئا. اهڙن خاص جاسوسن کي (صاحب الخبر) سڏيندا هئا. سرڪاري ڇاڙتن کانسواءِ جدا جدا صوبن لاءِ خفيه پوليس به رکيل هئي جي وري عام ماڻهن جي چڪاس رکندا هئا. شهري خبرن ڪڍڻ جو انتظام غضب جو هو مامون الرشيد ست هزار ٻڍيون زالون مقرر ڪيون هيون، جي سارو ڏينهن گهمي ڦري زباني خبرون بيان ڪنديون هيون خليفي کانسواءِ ٻيو ڪو اُنهن جي نالي کان به واقف نه هو. مٿين خليفن خارجي ملڪن ۾ به جاسوس رکيا هئا خاص ڪري بازنطيني شهنشاهن جي درٻارين ۾ عباسي خليفن جا جاسوس ڪم ڪندا هئا، ۽ نهايت ئي هوشياريءَ سان ڪم ڪندا هئا. البته پوين ڏينهن ۾ جڏهن ترڪمانن جو خليفن تي اثر هو، تڏهن مٿيون ڪم روڪجي ويو. پوين خليفن جڏهن پنهنجي اقتدار کي وري سنڀالي ورتو، تڏهن مٿئين ڪم کي وري سنڀالي ورتائون. سن 575هه مطابق سن 1179ع ۾ جڏهن ناصر خلافت نشين ٿيو تڏهن 47 ورهيه اهڙيءَ طرح سان حڪومت هلايائين جو ماڻهو سمجهندا هئا ته شايد وٽس ڪي جن رکيل آهن. اُهي سندس جاسوس رڳو سرڪاري نوڪر ڪين هئا پر اڪثر واپاري به هئا جي واپار جي سانگي ڌارين ملڪن ۾ ويندا هئا ۽ سموريون خبرون آڻي خليفي کي پهچائيندا هئا. نيشاپور، موصل ۽ مرو جي درٻارين ۾ خليفي جا جاسوس رکيل هئا. سلطان اَلپ ارسلان، ملڪ شاهه غازي سلجوقي، نورالدين زنگي ۽ صلاح الدين ايوبيرحه جي ڇانوڻين ۾ به اهڙا جاسوس ڪم لاءِ رکيل هئا.

سلطنت عباسيه جي (حڪمت عملي) به زبردست هئي، خليفن وٽ زبردست فوج رکيل هوندي هئي، اهو ئي سبب هو جو مصري، افغاني، ترڪماني ۽ اُزبڪ به سندن جهنڊي هيٺ هئا. بازنطيني شهنشاهن سان جيڪي به ايشيا ڪوچڪ ۾ جنگيون لڳيون، سي رڳو انڪري ته اُنهن عهدنامن جي وقت بوقت انحرافي ڪئي. وزارت جو ڪم نهايتي قابليت سان هلندو هو. عباسي دور ۾ گبرن، نصارن، يهودين ۽ اهل هنود کي به حڪومت ۾ عهدا مليل هئا. عباسي خليفن کانپوءِ ٻيا جيڪي به اسلام جا شهنشاهه مختلف ملڪن ۾ بادشاهي ڪندا رهيا، تن جي حڪومت جو انتظام به عباسي عهد حڪومت جو ترجمو هو.

جدا جدا صوبن تي خليفا حاڪم مقرر ڪندا هئا، منجهن ڦيرگهير به ٿيندي هئي. ڦيرگهير ٿيڻ وقت هر ڪنهن کي حساب ڪتاب ڏيڻو پوندو هو. جيڪڏهن ڪا خامي حساب ۾ نڪرندي هئي، ته سرڪاري حڪم سان سندس جائداد ضبط ٿيندي هئي. عدالت جو سمورو ڪم قاضين جي سپرد هو جن وٽ هيٺان صلاح ڪارن جي جماعت به هوندي هئي، ۽ هر ڪنهن شهر ۾ قاضي رهندو هو. عباسي سلطنت هيٺين حصن ۾ وراهيل هئي. (1) مغرب الاقصيٰ (اولهندو آفريقا) (1) ليبان صحرا جي پريان ملڪ صقليه ٻيٽ سميت (3) الجزيره (عراق) (4) آرمينا ۽ آذربئجان (5) الحجاز يمامه ۽ نجد سميت (6) يمن ۽ حضرالموت (7) ڪوفا (8) فرات ندئ واري ماٿري (9) بصره (بحرين ۽ عمان سميت (10) عراق عجم (11) خراسان (12) ماوراءِ النهر (ترڪستان) (13) پنجاب سنڌ سميت (14) سوسانيا (فارس سميت) (15) موصل (16) شام بندرگاهن سميت، خليفي سفاح فلسطين کي شام کان جدا ڪري جدا علائقو جوڙيو هو. هارون الرشيد سليشيا کي شام کان جدا ڪري جدا صوبو جوڙيو، ڇاڪاڻ جو اُهو يوناني شهنشاهت جي سرحد تي هو. خليفي اُتي طارسوس جو قلعو جوڙائي اُن کي مٿئين علائقي جو تختگاه جوڙيو. هارون پنهنجي ڏاڏي وانگر عمارتساز هو. جيئن منصور مسيسيا Massisa جو شهر ٻڌو. تيئن رشيد طارسوس، ادانا ۽ مرعاش جا شهر ٻڌا ۽ اڪثر هنڌن تي مضبوط فوجون بيهاريون.

وزارت جو عهدو ايرانين ۾ رائج هو، پر عربن به هن عهدي کي جاري رکيو. جڏهن ڪو نئون خليفو تخت تي وهندو هو ته وزارت ۾ به ڦيرڦار ٿيندي هئي. اَبو سلمه پهريون عرب هو، جو وزير ٿيو. وزيراعظم کي (اميرالامراء) يا رئيس الروساء جي لقب سان ڪوٺيندا هئا. خليفي واثق پنهنجي ترڪمان لشڪر جي سپھ سالار کي (سلطان) جو لقب ڏنو. سندس مٿي تي هڪ جواهرن جو تاج رکيائين. تنهن کان پوءِ ٻين خاندان جي اميرن کي به اڪثر حسب لياقت خطاب مرحمت ٿيندا رهيا. جڏهن ڪنهن اميريا فاتح کي سلطاني جو لقب ملندو هو، تڏهن هڪ وڏي جلوس ۾ خليفةالمسلمين اُن امير کي شاهي خلعت جواهر نگار تاج ۽ شمشير ڏيندو هو. اهڙن اميرن کي ٻه نشان ملندا هئا هڪڙو ملڪي ڪاروبار لاءِ، ٻيو فوجي عهدي لاءِ، اهڙن جهنڊن تي جڙت جو ڪم ٿيل هوندو هو. جلوس جي وچ ۾ مٿئين عهدي جي سند به پڙهي ويندي هئي. رسم ادا ڪرڻ کانپوءِ اهڙي لقبن وارا خليفي جي دست بوسي ڪندا هئا.

سلطان محمود غزني، امير طغرل، غازي الپ ارسلان، غازي ملڪ شاهه، غازي صلاح الدين اعظم سچا فاتح ۽ پنهنجي وقت جا سلطان هئا، سندن پوئلڳن کي به ساڳيا خطاب بارگاهه خلافت مان مرحمت ٿيندا رهيا. سلطاني لقب کان ٻيو نمبر لقب (مَلڪ) هو جو به ساڳئي عزت وارو هو. اتابيگان موصل مان غازي نورالدين زنگي پهريون اتابيگ هو، جنهن کي بارگاهِ اعظميٰ مان مَلڪِ جو خطاب مليو. وزارت جي قلمدان جا ٻه نمونا هئا. هڪڙا اُهي وزير جي محدود هئا، ۽ ٻيا اُهي جي غير محدود اختياريون رکندا هئا. خليفي سفاح، منصور ۽ مهدئ جي ڏينهن ۾ وزيرن جي طاقت محدود هئي پر هارون اعظم جي ڏينهن ۾ جعفر برمڪي ۽ مامون  جي ڏينهن ۾ فضل بن سهل مشهور غير محدود ووزير ٿي گذريا. وزارت جو قلمدان اهڙن ماڻهن کي سپرد ڪندا هئا، جي سياسي ۽ اقتصادي ڪمن ۾ ماهر هوندا هئا. ساڳي نڪته نگاهه سان غير مسلم قومن جي ممتاز ۽ جليل القدر شخصن کي به حسب لياقت عهدا ملندا هئا. ناصر بن هارون عيسائي هو. ساڳئي طرح مصر جي فاطمي خليفن وٽ به عيسائي ۽ يهودي وزير هئا. هر هڪ وزير کي بارگاه اعظميٰ مان تاج ۽ بيش بها خلعت ملندي هئي. وزير زرپوش گهوڙن تي سوار ٿي نڪرندا هئا. سندس رقاب سان گڏ امير ۽ ٻيا درٻاري هلندا هئا پوءِ وڏي شان ۽ تجمل سان وڃي مسند وزارت تي جلوه گر ٿيندا هئا. سندن عهدي لاءِ دستور موجب شاهي اعلان پڌرو ٿيندو هو. وزيرن مان اَبو ايوب مرياني، ربي بن يونس منصور جي ڏينهن ۾ جعفر رشيد جي ڏينهن ۾ فضل ۽ حسن مامون جي ڏينهن ۾ مشهور ٿي گذريا. تنهن کانسواءِ فخرالدوله مقتدئ وٽ، اَبن حبير مستخد وٽ، العامر القذري طغرل بيگ وٽ، نظام الملڪ الپ ارسلان ۽ ملڪ شاه ۽ قاضي الفضل غازي صلاح الدين رحه وٽ وڏا ناليوارا وزير ٿي گذريا.

بغداد شريف جي بارگاه خلافت کي (ديوان العزيز)August Board جي نالي سان سڏيندا هئا. ترڪئ جي سلاطين جي درٻار کي (ايوان يلدز) Court of Yeldiz يا ترڪئ جي سلاطين آل عثمان کي (بابعالي)Sublime Porte جي لقب سان سڏيندا هئا. بغداد جي وزيراعظم کي (الوزير الديوان العزيز) جي لقب سان سڏيندا هئا. حڪومت جي جي ڪاروبار هلائڻ لاءِ 12 ديوان مقرر هئا. ڪي عدالتي ڪمن، ڪي فوجي ڪمن، ڪي خراج وصول ڪرڻ وغيره لاءِ صيغا جڙيل هئا. ابو يوسف هارون الرشيد جي ڏينهن ۾ مشهور انجنيئر ٿي گذريو. جنهن فرات ۽ دجله درياهن ۾ جهاز رانئ جو ڪم شروع ڪيو. ڊاڪ رساني جو ڪم شام ۽ عربستان ۾ اُٺن جي وسيلي هلندو هو. ايران ۾ گهوڙن ۽ خچرن جي وسيلي هلندو هو. سڄي سلطنت ۾ 930 ڊاڪ خانن لاءِ منزلون جڙيل هيون. فقط عراق ۾ ڊاڪ جو ساليانو خرچ 154000 دينار يعنيٰ 1/3 2 ملين فرئنڪ هو. ضروري ڊاڪ ۽ شاهي ڊاڪ رسانئ جو ڪم ڪبوتر ڪندا هئا. جن جي معرفت ٽپال جو ڪم تمام اعليٰ ۽ سولو هو. جنجي خريد ۽ پرورش تي رڳو عراق جو 7 لک ۽ 70 هزار روپين جو خرچ ٿيندو هو.930 ڪبوترن جي ٽپال جون چوڪيون هيون. خطن تي ڪنهن به قسم جو محصول نه هو. ناصرالدين خواهه نورالدين ۽ صلاح الدين غازي جي زماني تائين اهو طريقو عمدگي سان جاري هو. واپار جي سهوليت لاءِ خليفن جابجا قافله سرائون جوڙايون بغداد شريف واپار جو مرڪز هو.  سلجوقي سلاطين جي عهد مهد ۾ چؤطرف شاهي رستا جڙي ويا. واپارين ۽ مسافرن جي سهوليت لاءِ آسائش گاهون پاڻئ جو بندوبست ۽ سرڪاري لشڪر به حفاظت لاءِ مقرر رهندو هو. حاجين سڳورن جي سهوليت لاءِ جدا کاتو جڙيل هوندو هو. جنهن جي اعليٰ افسر کي (امير الحج) سڏيندا هئا. ان لاءِ ته متان بدوي اعرابي حاجين کان رستي تي ڦرمار نه ڪن. صحرا جي رهندڙ عربن جي اميرن کي جدا جدالقب مليل هوندا هئا. ان لاءِ ته پنهنجن صحرائي علائقن اندر چڱي طرح انتظام رکي سگهن. عدالت کاتي جي اعليٰ اعملدار کي (قاضي القضات) سڏيندا هئا. قاضي ابو يوسف پهريون شخص هو جنهن کي خليفي هارون الرشيد مٿئين ممتاز عهدي تي مقرر ڪيو.

صنعت ۽ زراعت

عراق جي زمين قديم زماني کان زراعت جي ڪري مشهور آهي. خليفي مهديءَ ۽ منصور نهرن جو ڄار پکيڙيو هو خاص ڪري نهر عيسيٰ جا منصور کوٽائي سا جهاز رانيءَ لاءِ به افضل هئي. ايران جو ڏاکڻؤن ڀاڱو فارس ته پنهنجي باغات ۽ ميون جي ڪري مشهور هو. منجهس دلڪش سيرگاهون ۽ قدرتي  نظارا گهڻا آهن. صحرا شاپور، جو شيراز جي ويجهو آهي هڪ وسيع ٽڪر آهي، هن خطي کي (شعب بوان) سڏيندا آهن. عربن جو چوڻ آهي ته دنيا ۾ چار سيرگاهون ڏٺيوسين: (1) شعب بوان پارس (2) صفد سمرقند (3) غوطه دمشق (4) نهر اُبله بصره. اهي بلاد اسلاميه ۾ چار بهشت ڪري ڪوٺبا هئا! خاص ڪري شعب بوان تي ڪيترن ئي شاعرن شعر لکيا. امير ازد الدوله جي فرمائش تي هڪڙي شاعر شعيب بوان بنسبت شعر لکيو، جنهن جو ترجمو هيٺ ڏجي ٿو:

”يعني جڏهن ڪو غمگين ماڻهو قلعي تان شعب بوان جي مرغ زارن کي ڏسي ٿو، تڏهن سندس سڀ تڪليف رفع ٿئي ٿي! هتان جا ميوا عراق ۽ عجم ڏي ويندا هئا. منجهس گرم پاڻيءَ جا چشما ۽ مفيد کاڻيون موجود هيون. هتان جا عجائبات دنيا جي عجائبات ۾ شمار ڪيا وڃن ٿا. جن کي اڳئين زماني جا ماڻهو جنن ۽ پرين جو ڪم ڪيل سمجهندا هئا. جيئن تخت جمشيد، نقش شاپور، دخمهء فريدون ۽ خانهء زردشت، جن جو بيان ايران جي تاريخن ۾ ڏنل آهي.(1)

مٿين قديم آثارن جي باري ۾ علامه عرفي شيرازي هن ريت ڏيکاريو آهي:

مٿين آثارن کي ڏسڻ سان فطرتاً انسان جي دماغ ۾ شگفتگي پيدا ٿئي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو فارس جا اڪثر شهر مردم خيز سمجهيا وڃن ٿا. جيئن يزد، ميبذ، گاذرون، فيروزآباد، فضلا، اديب ۽ شاعر هن سرزمين ۾ پيدا ٿيا. جن جون تصنيفون اڄ تائين درس عبرت آهن. خصوصاً شيراز، جو هن دور ۾ ايران جو تختگاهه ٿي رهيو.(2) جيئن مسلمانن قم کي دارالمومنين ۽ يزد کي دارالعباد ڪري سڏيو، تيئن شيراز کي دارالعلم ڪري سڏيائون.“

هجري پهرين صديءَ جي آخر ۾ جڏهن غازي محمد بن قاسم سنڌ تي ڪاهه ڪئي. تڏهن هن شهر جو بنياد پيو. امير ازدوله ديلمئ ۽ اتابيگان شيراز جي ڏينهن ۾ خاص اوج کي پهتل هو.

بغداد ۽ ڪوفا جي وچ۾ وڏا وسيع شهر هوندا هئا. خراسان چانديءَ ۽ شيهي جي کاڻين کان ڀرپور هو. ڪرمان اڃا چاندئ جي کاڻين ڪري مشهور آهي. تبريز ۾ سنگ مرمر جون کاڻيون هيون. لوڻ ۽ گندرف البرز جبل مان نڪرندو هو جارجيا به کاڻين کان معمور هو. بصره  ۾ صابڻ ۽ شيشي جا ڪارخانا هئا جي دنيا ۾ مشهور هئا. بغداد ۽ سماره ۾ به پوءِ جاري ٿيا. بغداد ۾ ڪاغذن جوڙڻ جو ڪارخانو هو جتي مصري ڪاريگر ڪم ڪندا هئا. ايران جي شهرن ۾ سون، هيرن ۽ جواهرن جو ڪم ٿيندو هو. ريشم ۽ غاليچن جو واپار ته خاص ڪري دنيا جي ڏيساورن سان هلندو هو. ڪوفي جو ريشمي ڪپڙو ۽ رومال دنيا ۾ مشهور هئا. دمشق ۾ غاليچن ۽ ململين جا ڪارخانا هئا جتي شاهي گهراڻي لاءِ سامان تيار ٿيندو هو. شيراز جا چوغا، تماڪ، شراب ۽ عطر دنيا ۾ مشهور هو. خراسان جي اڪثر سڀني ڪارخانن ۾ پشم جو ڪم ٿيندو هو. هجري ٻي صدئ ۾ شيشي تي نقاش ڪاري جوڪم ٿيڻ لڳو. ناصر خسرو بيان ٿو ڪري ته فقط هڪڙو فاطمي خليفن جو شيشي جو پيالو 360 دينارن جي قيمت سان وڪاڻو. خلاط، حلب، دمشق، بيروت، سيڊان ۽ ٻيا شام ولايت جا شهر پنهنجي باغات ۽ ان جي کيتن ڪري مشهور هئا جتي ڪمند، انگور، زيتون، گلاب، نارنگين، چانور، ڪڻڪ، جَو، ڪپهه، چڻا، کجور ۽ ٻي اُپت جام ٿيندي هئي. فارس جا شهر عطر، شراب ۽ کنڊ جي ڪارخانن کان مشهور هئا. وڏين وڏين مسجدن، محلاتن جي مينارن ۽ گنبذن تي بلور ۽ ڪاشئ جون ڪلنگيون لڳل هونديون هيون. خليفي واثق واپار ۽ جهاز راني کي زور وٺائڻ لاءِ آمدنئ  جون ڍلون معاف ڪيون. خليفي منصور اناج تي ڍلون گهٽائي ڇڏيون. جنهنڪري ڪڙمي بلڪل آبادگار سکيا هئا. خليفي مهدئ به گهڻو ڍلون گهٽائي ڇڏيون جنهنڪري ڪڙمي بلڪل آبادگار سکيا هئا. مامون وري باغات ۽ ميون تان محصول گهٽائي ڇڏيا. بابل، قلاديا، عراق ۽ ايران ۾ ته گهڻئي ڍلون معاف هيون. ماڻهو آسودگي ۽ خوش حالئ جي ڪري خوش خرم هئا. سچ پچ ته دنيا مسلمانن لاءِ محتاج هئي. هارون الرشيد اعظم جي ڏينهن ۾ ملڪ جي سالياني اُپت ساڍا چاليهه لک دينار هئي. مامون جو روزانو خرچ 6000 دينار هو. فوجي سپاهين جي زالن ۽ ٻارن کي جنگ جي وقت حڪومت طرفان وظيفا ملندا هئا. پيادل فوجن کي حربي سڏيندا هئا. تلوار، نيزا، ڀالا، ڍال ۽ تيرڪمان سندن هٿيار هئا. کين زرهون به پيل هيون. فوجن سان ماهر انجنيئر ڪم ڪندا هئا. يعقوب بن صابر مشهور فوجي انجنيئر ٿي گذريو. جنهن جي ابن خاليقان به تعريف ڪئي آهي. جتي ڪيمپ لڳندي هئي، اُتي بازارون لڳي وينديون هيون. سپاهين جي علاج ۽ معالج لاءِ حڪيم ۽ جراح به شامل رهندا هئا. رات جو قاضي العسڪر سپاهين کي بهادرئ جا قصا پڙهي ٻڌائيندو هو. عرب پهلوانن جي حملي کان پهاڙ به ڪنبي ويندا هئا ليو ڇهين Leo –Vi قسطنطنيه جي قيصر عربن جي پهلواني ۽ سندن فوجي انتظام جي گهڻي تعريف ڪئي آهي. عيسوي تيرهين صدئ ۾ عربن بارود جا هٿيار ڪم آندا. عربن جڏهن شام ۽ مصر جا ملڪ فتح ڪيا تڏهن کين بحري فوج به رکڻي پئي. رومين ۽ يونانين کي مجال نه هئي جو سندن مقابلو ڪري سگهن. وڏا وڏا سمنڊ سندن بازي گاهه بنجي پيا. هنن قبرص ۽ صقليه ٻيٽ فتح ڪيا. سن 340هه ۾ جيڪا مصري ٻيڙي ۽ يونانين جي بحري جنگ لڳي سا تاريخن ۾ عالم آشڪار آهي. عربن هن بحري جنگ ۾ 600 يونانين جا جهاز هٿ ڪيا. شام، مصر ۽ ايراني نار جي بندرگاهن تي جهازن جوڙڻ جون گوديون هيون. عربن جا غوراب رومين ۽ يونانين کان وزن ۾ ڳرا ۽ تير رفتار هئا. جهازن جي مسافري ۽ سلامتئ لاءِ سندن بندرگاهن تي روشني جا مينار لائيٽ هائوس رکيل هئا. بحري دستي جي سرڪردي کي (اميرالبحر) سڏيندا هئا. اڄ ڪالهه يورپي بحري کاتي جي اعليٰ افسر کي ائڊمرل Admiral سڏيندا آهن. سو عربن جي لفظ اميرالبحر مان ورتل آهي. سلطنت جو واپار هندوستان ۽ چين کانسواءِ يورپ جي سڀني ملڪن سان هلندو هو. کنڊ جو واپار پهريون خوزستان مان شروع ٿيو، جو پوءِ اسپين تائين پکڙجي ويو.

جوَ، ڪڻڪ، چانور، ڪپهه، ميوات، گل، کنڊ، شيشي جو سامان، ڌاتن جا برتن، هٿيار، ريشمي، پشمي سوٽي ڪپڙو، دوائون، هر هڪ قسم جا تيل، عطر، کارڪون ۽ سندن گلن جو عطر ۽ ٻيو مال ڌارين ملڪن ڏانهن وڪري لاءِ ويندو هو. وري مصالح، ٻوٽيون، جواهرات، بانس، عاج، هندوستان ۽ آفريقا کان ايندو هو. سمارا جي ٻيٽن مان صندل جو ڪاٺ ايندو هو.

دارالخلافت بغداد شريف

بغداد شريف عربستان ۾ صحرا ۾ گويا لالهء زاد هو ۽ حجازي تهذيب جو مرڪز هو. علم ۽ حڪمت جي لحاظ سان مشرق خواهه مغرب ۾ برک هو. عظيم الشان اسلامي سلطنت جو تختگاهه هو. عرب هن شهر کي عراق جو ياقوت ڪري سڏيندا هئا. خليفي منصور هن شهر کي گولائي تي ٻڌايو هو، ۽ شهر کي چؤطرف وڏي ديوار ٻڌائي هئائين. جنهن کي چار شاهي فولاد جا دروازا هئا. اُهي دروازا ايتريقدر ڪشادا هئا، جو هڪڙو گهوڙي سوار نيزي سان آسانئ سان لنگهي سگهندو هو. شهر جي هڪڙي طرف ٻيو قلعو هو، جنهن ۾ شاهي محلات، خلد نالي هو. قلعي کي هڪڙو سونو دروازو هو. شاهي محلات جي لڳ جامع مسجد هئي، جا بلڪل عاليشان هئي. تنهن کانسواءِ ٻين اميرن شهزادن ۽ وزيرن جا محلات شاهي خزانو ۽ حڪومت جا دفتر هئا. شهر جي اندر گويا هي وري هڪ نئون شهر هو، جنهن کي مدينةالمنصور ڪري سڏيندا هئا. هي شهر دجله درياهه جي ٻنيهن ڪپن تي 12 ميلن ۾ ٻڌل هو. سندس چؤطرف عاليشان وسيع باغ هئا. بازاريون ڪشاديون خوشنما مسجدون ۽ جابجا حمام خانا دجله جي ڪنارن تي قائم هئا، هي شهر جڏهن اوج کي پهتل هو تڏهن سندس آدمشماري اٽڪل 20 لک هئي. اوڀرندي حصي کي المهديه سڏيندا هئا. جو رشڪ ارم هو. اولهندي حصي کي المنصوريه ڪوٺيندا هئا. خليفةالمسلمين جي محلات جنهن کي قصر خلافت سڏيندا هئا. هڪ وڏي باغ ۾ هئي، منجهس جهنگلي جانور رهندا هئا. جن جو خليفا شڪار ڪندا هئا.رستن جي آس پاس وڏا وڻ رکيل هئا. مطلب رستن جي صفائي ۽ مخلوق خدا جي ڀلي لاءِ جوڳو بندوبست رکيل هو. شهر جي مشهور بازار جو نالو (المامونيه) هو، جا سڀ کان ڊگهي بازار هئي. شهر جي دروازن تي هر وقت پهرو لڳل هوندو هو. قصرالخلد دروازي مٿان هڪ عاليشان گنبذ هو، جو شهر جو گويا تاج هو. مٿس عباسي نشان ڦڙڪندو هو. هڪڙي ٿلهي تي هڪ وڏي گهوڙي سوار جو بُت جڙيل هو، جنهن جي هٿ ۾ نيزو هو.

نوٽ- اڄڪلهه يورپ جي شهرن جي چؤسولن ۾ گهڻائي اهڙا بت جڙيل آهن، جن کي سٽئچو STATUE سڏيندا آهن.

تاريخ مجمع البلدان ۾ لکيل آهي، ته مٿيون گنبذ ۽ بت 190 سالن تائين سالم رهيا، پر خليفي متقئ جي ڏينهن ۾ سن 329هه مطابق 940 ع ۾ هڪڙي رات سخت برسات پئي ۽ گوڙ جي ٺڪاءَ ڪري ڀڄي پيو. شاهي محلات اڳيان هڪڙو ڪشادو ميدان هو جنهنکي مربع سڏيندا هئا هتي خليفا فوجن جي نمائش ڏسندا هئا. رشيد، مامون ۽ معتصم پاڻ به فوج ۾ حصو وٺندا هئا. عام راند گهوڙي ڊوڙ هئي، جنهن کي اُن زماني ۾ چوغان CHOUKAN سڏيندا هئا. بغداد ۽ دمشق گهوڙي بازي جي راندين ڪري مشهور هئا. عربن کان اها راند يوناني سکيا ۽ فرينچن قرطبه ۾ اها راند ڪندي عربن کي ڏٺو اڄ يورپ ۾ گهوڙي راند کي Horse Race سڏيندا آهن. اها راند يورپ وارا عربن کان سکيا. پولو راند POLO جو رواج هارون الرشيد اعظم وڌو جا اڄ يورپ جي خاص راند آهي. بغداد شريف ۾ جابجا سنگ مرمر جا محلات هئا ۽ وڏيون وڏيون ماڙيون هيون جي ايراني تهذيب جي ساز ۽ سامانن سان ڀرپور هئا. محلاتن جون ڇتيون ميناڪارئ سان بوقلمون هيون. ديوارن تي ريشمي ۽ مخمل جا پردا ٽنگيل هوندا هئا. ڪمرا اندروني روشندانن سان معمور هئا، منجهن هر طرح سان عيش ۽ نشاط جو سامان موجود هو. خاص ڪمرن کي ديوان سڏيندا هئا. جتي چيني ۽ سون چاندئ جا برتن رکيل هوندا هئا. شاهي محلاتن ۾ جواهرات ۽ هيرن جو ڪم ڪيل هوندو هو. مشهور شاهي ديوان (ايوان الغردوس) نالي هو، جنهن جي ڇت تي جواهرات جو ڪم ٿيل هو. سندس ڀتين تي اهڙا رنگ ڏنل هئا، جو نقاش چين کي طاقت نه هئي جو مٿن نظر ڦيري سگهي! ناصر خسرو بيان ٿو ڪري، ته دجله جي ڪپن تي اهڙا مرغ زار چمن ها جو هڪڙي ورهين جي بيمار کي اُتان لنگهندي صحت نصيب ٿيندي هئي. ندئ جي ٻنهي ڪپن تي چين ولايت جي نموني جو، ٻيڙيون سير لاءِ بيٺل هونديون هيون.

جيئن ڪي انسان بخت ۽ اقبال وارا هوندا آهن تيئن زمين جي طبقي تي به ڪي اهڙا هوندا آهن جي پنهنجي ڪمال ۽ عروج کان قديم زماني کان مشهور هوندا آهن. سر زمين عراق تي به جيڪي قومون قديم زماني کان ٿي گذريون، تن هن زمين جي ٽڪر کي سينگاريو! سامي قوم جو سحرگاهه به هي سرزمين هئي، نجوم جو آغاز به هتان ٿيو. بخت النصر به هتان اُٿيو، جنهن بيت المقدس کي تاراج ڪيو.  سڪندر مقدونئ کي به موت جي فرشتن هن ساڳئي هنڌ موت جو پيالو پياريو. وري جڏهن ڪيو روش بابل(1) کي ناس ڪيو، تڏهن وري ساڳي ايران مان ساساني قوم اُٿي جنهن جي مايه ناز شهنشاهه نوشيروان جي وزير ساڳئي هنڌ تي پنهنجا خزانا دفنائي، هن هنڌ کي باغ داد جو نالو ڏنو. وري اسلام  جي دور ۾ جيڪا پيغمبر خدا صلي الله عليھ وآلھ وسلم جي اُمت هن شهر کي رونق وٺائي، تنهن جو مختصر بيان ڏيئي چڪا آهيون. مطلب ته قيس عامري جنهن ليليٰ جي عشق ۾ صحرا جا پٽ جهاڳيا، تنهن ليليٰ جو خميرو به هن ساڳي خاڪ مان جڙيل هو.

”جي ماڻهو پنهنجي اسلاف (بزرگن) جا ڪارناما فخر ۽ ناز سان نٿا ياد ڪن.

سي گويا خود به ڪڏهن اهڙو ڪم نه ڪندا“ (لارڊ مئڪالي)

مسلمانن جي علمي ترقي هجرت جي ٻي صديءَ کان شروع ٿئي ٿي. بني اُميه ۽ بني عباس خليفن جي مشهور فياضي دلين ۾ اُميد ۽ حوصلن ۾ بلندي پيدا ڪئي ۽ مختصر مدت ۾ سڀني علمن ۽ فنن جي قيمتي ذخيرن جا مسلمان مالڪ بڻجي پيا. تحقيق ۽ تفحص جي ميدان ۾ جهنڊا لڳايائون ۽ جڏهن پٺ ورائي ڏٺائون تڏهن ڪوبه سندن برابر ۽ همعصر نظر نه آيو. بني اُميه خليفن جي زماني ۾ عربي زبان اسلامي بادشاهت جي کاتن ۾ مروج ٿي چڪي هئي. جنهن جو اثر آهستي آهستي مصر، شام ۽ عراق جي معاشرت تي پوڻ شروع ٿيو ۽ عربي اُنهن ملڪن جي مادري زبان ٿي ويئي. پوءِ هارون الرشيد اعظم تصنيفن ۽ ترجمن جو کاتو (بيت الحڪمت) جي نالي سان قائم ڪيو. هن کاتي ۾ يوناني، سرياني، فارسي، سنسڪرت زبانن  جا باڪمال ماهر جمع ٿيا.ثابت بن القره، حبيش بن الحسن، حنين ابن اسحاق وغيره نامور عيسائي مترجم پنج پنج  سؤ اشرفين ماهوار تي مقرر ٿيا ۽ ٻن سون سالن جي اندر يونان ۽ روم جو سارو علمي خزانو بيت الحڪمت ۾ ترجمو ٿي ويو. فضل برمڪي پنهنجي بندوبست سان ڪاغذن ٺاهڻ جو ڪارخانو جاري ڪيو. مامون الرشيد ايثيا (اٿينز) جي ڪتب خانن ۽ اسڪندريه جي ڪتب خانن مان قديم يوناني ڪتاب گهرايا. جن جي عيوض قسطنطنيه جي قيصر کي 12 مڻ سون جا ڏيڻا ڪيا. دوبان ۽ صلا نالي برهمڻ سنسڪرت ڪتابن جي ترجمن ڪرڻ تي مقرر هئا. اميرالمومنين جي علمي حب جو ان مان اندازو ڪري سگهجي ٿو. جو هو مترجمن کي ڪتاب جي وزن جي برابر سون توري ڏيندو هو. سندس عهدمهد ۾ دمشق، بغداد ۽ شماميه ۾ رسدگاهون قائم ٿيون. بحار جي ميدان ۾ آزمودي جي غرض سان اها خاص تحقيق ڪئي ويئي ته محيط ڪرهه ارض 24 هزار ميل آهي. حڪيم ابوبڪر رازي، جو خليفي مڪتفيءَ جي ڏينهن ۾ مشهور حڪيم هو، جنهن سن 923ع ۾ وفات پاتي. تنهن کي دنيا علم ڪيميا (ڪيمسٽري) جو موجد تسليم ڪري ٿي، سو ڪوفي جو رهاڪو هو. هن ڌاتن جي ڪيفيت کي علمي طريقي سان ظاهر ڪيو. هن گهڻائي پائوڊر ۽ مرڪبات ڳولي ڪڍيا ۽ ڪيمسٽري جي تجربي لاءِ ۽ اشاعت لاءِ بغداد ۽ بخارا شريف ۾ (بيت التجارب) قائم ڪيا ويا.  عرب دنيا ۾ پهريون نمبر قوم هئي. جن فزيڪل سائنس جي اشاعت ڪئي. گويا عربن جو دماغ روز ازل کان پرئيڪٽيڪل هو. انگلستان جو مايهء ناز اديب فرانسس بيڪن سندن دماغ تان فلسفي جي روشني ورتي. فرانس جو مشهور مصنف ڊاڪٽر لي بان لکي ٿو ته سندن فلسفه جو طريقو ارسطو کان نرالو هو. ثابت دمشق جو نامور فلاسافر يزيد ٿاني جي زماني ۾ ٿي گذريو، جنهن آلات جاذب برق (بجلي جي جذب ڪرڻ جا اوزار) ايجاد ڪيا، جن جي وسيلي سان بادلن مان بجلي جذب ٿي سگهي ٿي. دمشق جي درٻار مان کيس اهڙي ايجاد تي پنج لک رپيا عطا ٿيا. سن 190هه ۾ علي بن تغلب گهڙي سازي ۾ نالو ڪڍيو.

يزيد بن هارون (وفات سن 206هه) جي ڪلاس ۾ 70 هزار شاگرد ۽ اُستادن جو ميڙ هو. بخارا، هرات، نيشاپور، اصفهان، بغداد، موصل، بصره، قاهره ۽ اسڪندريه ۾ وڏا وڏا مڪتب ۽ ڪتب خانه هئا. ناصريه ڪاليج قبرص ٻيٽ ۾ الملڪ الناصر صلاح الدين جوڙايو. رواحيه جو مڪتب رواح جي پوٽي زڪي ابوالقاسم جوڙايو. ست الشام نالي مڪتب خاتون بنت ايوب دمشق ۾ جوڙايو. صاحبيه ڪاليج صفي الدين وزير القاهره ۾ جوڙايو. نوريه ڪاليج غازي نورالدين ارسلان شاهه موصل ۾ جوڙايو. تنهن کان سواءِ تقفيه، قاهريه، عزيزيه، زنينيه، نفسيه ۽ علاننيه جا وڏا مڪتب هن چمنستان جا گل هئا. سڀ کان وڏو مڪتب نظاميه ڪاليج بغداد شريف هو، جنهن جو بنياد سن 459هه مطابق سن 1067ع ۾ خواجه نظام الملڪ طوسيرحه جو ثازي الپ ارسلان سلجوقي جو وزير هو، وڌو. جتان هزارين جليل القدر عالم ۽ حڪيم تعليم وٺي نڪتا. جن جي تصنيفات کان اڄ يورپ جا ڪتب خانا معمور آهن. هن ڪاليج جي شاگردن جي عزت ايتريقدر هئي جو وقت جي شهنشاهن کي اُنهن جي فتوائن اڳيان سرتسليم ٽيڪڻو پوندو هو. امام ابو حامد محمد غزالي، عبدالقادر سهروردي شيخ عراق، علامه ابو حامد عمادالدين موصلي ۽ ٻيا سڀ هن ڪاليج جا طالب علم هئا.علامه شيخ ابو اسحاق شيرازي رحه جي علم ۽ فضل ۾ شهرهء آفاق هئا. گهڻي عرصي تائين هن مڪتب جا پروفيسر هئا. جڏهن اِمام بخاري رحه تقريرون ڏيڻ شروع ڪيون آهن. تڏهن اٽڪل ڏهه هزار ناظر، محدث، حافظ ۽ فقيھ شامل هئا. اِمام غزالي علم ڪلام ۾ تحافة الفلاسفھ سڀ کان پهريون ڪتاب لکيو ۽ ثابت ڪيو ته اسلام جي اصلي مسئلن کان جيترري قدر فلسفو مختلف ۽ مخالف آهي، اوتري قدر غلط آهي.ø

مستنصريه ڪاليج جنهن جو بنياد سن 625هه مطابق سن 1227ع ۾ خليفي مستنصر بغداد شريف ۾ وڌو، جو ڇهن سالن ۾ تيار ٿيو. شاهي ڪتب خانه مان ڪتاب 160 اُٺن تي لڏي آندا ويا. هن ڪاليج ۾ شاگردن کي مفت شاهي خرچ سان تعليم ملندي هئي. تنهن کان سواءِ هر طالب العلم کي هڪ اشرفي ماهوار ملندي هئي. درٻار جي طرفان ساڍا 4 لک جي جاگير وقف هئي. نظاميه ڪاليج ۾ ڇهه هزار شاگرد تعليم وٺندا هئا. جنهن جو ساليانو عطيه خواجه صاحب 15 هزار دينار مقرر ڪيو. گويا سن 400 هه کان باقاعدهه درسگاهن جي تعمير شروع ٿي ويئي، رڳو بغداد شريف ۾ ست سؤ مدرسا جاري هئا. هاڻي اهو مبارڪ زمانو هو جو اسلامي تمدن جو آفتاب وچ آسمان مان لنگهي رهيو هو. هر طرف علم ۽ فن جا درياهه لهرون هڻي رهيا هئا. گهر گهر مان عقل ۽ علم جون صدائون بلند ٿي رهيون هيون. جنهن کي ڏسو علم جي باغ ۾ تمدن ۽ تهذيب جي شاخ تي ويٺو بلبل هزار داستان جي طرح خوش الحاني ڪري رهيو آهي. نوان نوان رنگ هئا. عجيب غريب سر، هر روز حڪمت جي گلبدن ۾ ايجاد ۽ اختراع جا سرسبز ۽ خوش رنگ ۽ ٻوٽا ڦٽندا رهندا هئا.

بغداد شريف کانپوءِ اصفهان ۾ 48 مڪتب، قرطبه ۾ 80، بيت المقدس ۾ 28، دمشق ۾ 20، قاهره ۾ 20، نيشاپور ۾ 5 زماني جا مشهور عظيم الشان مدرسا مختلف وقتن ۾ قائم ٿيا. اسلامي دنيا ۾ نظاميه ڪاليج مسلمانن جو پهريون مدرسو شمار ڪيو وڃي ٿو. جنهن جو بنياد سلاطين سلجوقيه جي مشهور وزيراعظم خواجه نظام الملڪ سن 459هه ۾ وڌو. علامه امير علي مٿيون سن ڏيکاريو آهي، ڪي مؤرخ 457هه ڏيکارين ٿا. علامه ابن خاليڪان ۽ مولانا شبلي نعماني جو به ساڳيو خيال آهي پر سعيديه ڪاليج جنهن جو بنياد نصر بن سبڪتگين سن 389هه ۾ نيشاپور ۾ وڌو. سو غالباً سڀني کان جهونو ليکجي ٿو.پر معتبر ڪتابن مان معلوم ٿو ٿئي، ته مصر جي جامع ازهر جي ابتدا سن 365هه ۾ ٿي. هن مان معلوم ٿو ٿئي، ته (جامع ازهر) سڄي اسلامي دنيا ۾ پراڻو مڪتب آهي. ڪن جو وري چوڻ آهي ته سن 323هه ۾ اخشيديه سلاطين جي زماني ۾ هن جو بنياد پيو. ڪي چون ٿا ته فاطمي سلاطين جي مشهور سپهه سالار جوهر 358هه ۾ هن جو بنياد وڌو ۽ مٿس المنصوريه نالو وڌائين. جيئن ته فاطمي خليفا شيعا هئا ۽ اسمٰعيلي فرقي مان هئا تن 359هه ۾ خليفي عزيز بالله ڪيترائي ڪمرا تعمير ڪرايا. 400هه ۾ جڏهن خليفو الحاڪم بامرالله  مصر جي تخت تي ويٺو. تنهن 1067 دينار سالياني جائداد وقف ڪري ڇڏي. تنهن کان سواءِ 27 چاندئ جون قنديلون موڪليائين. ٻن سون سالن  کانپوءِ جڏهن مصر تي ايوبي تاجدارن جو قبضو ٿيو. تڏهن غازي صلاح الدين ٻه مدرسا  مالڪي ۽ شافعي فرقي جا تعمير ڪرايا. ان لاءِ ته فاطمي اثر کان مصر پاڪ ٿئي. سن 658هه ۾ جڏهن ايوبيه خاندان جي اقبال جو آفتاب غروب ٿيو ۽ چرڪسي  خاندان جو مصر تي اثر پيو، تڏهن سلطان طاهر، جو هن خاندان جو چوٿون فرمانروار هو، تنهن جي زماني ۾ جامع ازهروري زور ورتو. 818هه ۾ هتي 750 شاگرد موجود هئا. شيخ جلال الدين سيوطي، امام عزالدين بن الاسلام، ابن هشام، سراج ڀليقي، تاج الدين طبريزي، امام صهبائي، شهاب قراني، حافظ اينحجر عسقلاني، زڪريا انصاري، علاء الدين حموي، محمد بن بغدادي، ابو حيان محمد بن يوسف غرناطي، ابراهيم بن عيسيٰ اندلسي جن جا نالا اڄ به شهرت جي آسمان تي مهرو منير آهن. سي سڀ جامع ازهر جي فيض جي چشمي مان فيضياب ٿيا.

ابو موسيٰ جعفر ڪوفي علم ڪيميا جو اُستاد هو. تاريخ مجمعه البلدان جو مصنف ياقوت 1175ع ۾ ڄائو. 1229ع ۾ انتقال ڪيائين. القدسي ۽ ادريسي مشهور جاگرافي دان هئا. ادريسي سن 1164ع ۾ وفات ڪئي. ابو الريحان البيروني جنهن سن 1038ع ۾ غزني ۾ انتقال ڪيو، سو اصل خوارزم جو رهاڪو هو. سلاطين غازي محمود ۽ مسعود جي درٻار ۾ ٿي گذريو. هن هندوستان جو سير ڪري سنسڪرت ۽ هندو فلاسافئ جو چڱو اڀياس ڪيو. هن ڪيميا، نجوم، رياضي ۽ جاگرافيءَ جا گهڻا ڪتاب لکيا. کانئس پوءِ ناصر خسرو مشهور سياح ٿي گذريو جو مرو ۾ ڄائو. سن 1046ع ۾ هتان سفر تي نڪتو. نيشاپور، خلاط، طبريز ۽ حلب مان ٿيندو بيت المقدس بيروت گهمي مصر ويو هتي جو سير ڪري بصره آيو. جتان موٽي بلخ بخارا شريف ويو. هن پنهنجي سفرنامي ۾ سياحت جو پورو بيان ڏنو آهي. سندس سفرنامو مسٽر شيفر SCHEFER فرينچ زبان ۾ ترجمو ڪيو. بلاذري جو سن 279هه مطابق سن 892ع ۾ بغداد ۾ ٿي گذريو سو مشهور تاريخ نويس هو. تاريخ فتوح البلدان سندس تيار ڪيل آهي. همداني، جو هجري 4 صدئ ۾ ٿي گذريو تنهن عرب جي ڏاکڻئي علائقي وارين قومن جو بيان ڏنو آهي. منجهس يمن جو گهڻو بيان ڏنل آهي. مسعودي، طبري، ابن اثير اُهي تاريخ نويس گوهر ٿي گذريا، جي اسان کي عربن جو پورو بيان ڏين ٿا. مقريظي، اَبوالفدا ۽ ابن خلدون کان پوءِ ٿيا. خاص ڪري علامه ابن خلدون کي ته دنيا تاريخ جو پير تسليم ڪري ٿي. اڄ ڪالهه جا تاريخ نويس سندن ئي ڪمائي جو کٽيو کائن ٿا. مسعودي بغداد جو رهاڪو هو، هن المنصورا، ملتان، ايران، کنڀات، دکن، سيلون، هندوستان جي مشرقي ٻيٽن جو سير ڪيو. آفريقا جي ڪناري وارا ٻيٽ ڏسندو چين ويو. اُتان عمان آيو، جتان ترڪستان جو سير بحيره خضر تائين ڪيائين. ڪجهه وقت شام ۾ رهي موٽي بصره آيو، جتي (مروج الذهب) جو ڪتاب لکيائين. جنهن ۾ هن پنهنجي حياتي ۽ سفر جو بيان ڏنو آهي، جدا جدا ملڪن جي ماڻهن سندن رسومات، تهذيب ۽ ٻين حالتن تي چڱي روشني وڌي آهي. علامه ابوجعفر ابن جرير (طبري) سن 914ع ۾ پنهنجي تاريخ شروع ڪئي. سن 922ع ۾ بغداد ۾ وفات ڪيائين، سندس رهيل ڪم عيسوي 12 صدي ۾ المقين پورو ڪيو.

عضدالدوله ابن اثير، جو عراق ۾ جزيره بني عمر جو رهاڪو هو، پر گهڻو وقت موصل جي پسگردائي ۾ رهيو، جتي سندس رهائش لاءِ هڪڙي عمارت هئي. هو وقت جو عالم به هو. هن تاريخ الڪامل جوڙي، جا مشهور آهي. منجهس سن 1231ع تائين بيان ڏنل آهي ۽ هاڻوڪي يورپ ۾ به گهڻي ڪمائتي آهي. تنهن کانسواءِ موصل جي اتابيگن جي تاريخ به جوڙيائين.

 احمد بن محمد نهاوندي خليفي منصور جي ڏينهن ۾ مشهور نجومي ٿي گذريو. هن جهڙو سڄي عرب ۾ ڪو ورلي هو. يحيٰ بن منصور ۽ خالد بن عبدالملڪ مامون جي ڏينهن ۾ حڪمت جا صاحب هئا. هنن سيارن جي گردش ۽ نظام ڪائنات تي جيڪا روشني وڌي تنهن کان بني نوع گهڻو فيض پرايو.

محمد بن موسيٰ الخوارزميð مامون جي ڏينهن ۾ مشهور علم هيئت جو ماهر هو. الڪندي مشهور فلاسافر، علم طبعي ۽ طب جو ماهر هو. ابو معاشر به مشهور نجومي هو. جنهن کي يورپين قرون وسطيٰ ۾ البمزر ALBUMAZAR ڪري سڏيندا هئا. موسيٰ بن شاڪر هارون رشيد جي ڏينهن ۾ مشهور انجنيئر هو. سندس پٽ، جي مامون، معتصم ۽ واثق جي ڏينهن ۾ ٿي گذريا، سي به مشهوور هيئت دان هئا. جن سيارن جي گردش ۽ آفتاب جي گردش جي متعلق حيرت انگيز ڪارناما ڏيکاريا. هنن زمين جي پکيڙ ۽ دنيا جي طبقن جي متعلق گهڻي روشني وڌي. ابن الهيشم دوربينئ جو رواج وڌو.

نظيري، محمد بن عيسيٰ، ابو عبدالله به موسيٰ جي پٽن جي پيروي ڪئي. الباطني جنهن سن 929ع ۾ انتقال ڪيو، سو مشهور نجومي هو، هن کي يورپين (البتگ نيوس) ALBATEGNIUS جي نالي سان سڏيندا هئا. سندس ڪتابن جو لاطيني زبان ۾ ترجمو ٿيو ۽ صدين تائين يورپ وارن منجهانئن تعليم ورتي. علي ابن اماجر ۽ ابوالحسن بغداد ۾ مشهور علم هيئت جا عالم هئا، جن آفتاب جي گردش جي حساب سان سالن ۽ ڏينهن جو شمار ڏيکاريو. الڪوهي به مشهور نجومي ٿي گذريو. هن اونهاري ۾ خطِ سرطان Tropic of Cancer وٽ سج جي گردش ۽ موسم خزان ۾ خطِ استوا EQUINOX وٽ زمين ۽ آسمان جي طبقن جي پيمائش ڪئي. سندس ڪارناما مشهور آهن. اَبوالوفا سن 939ع ۾ خراسان جي شهر بذجان ۾ ڄائو هو. سن 959ع ۾ عراق ۾ آيو. هن اقليدس (جاميٽري) ۽ نجوم ۾ چڱو ثبوت ڏنو. ابن يونس مشهور نجومي هو. سن 1009ع ۾ وفات پاتائين. سندس رهيل ڪم اَبن بندي پورو ڪيو. جنهن سن 1040ع ۾ قاهره ۾ وفات پاتي. حسن، جو پوءِ ابن الهيشم جي نالي سان مشهور ٿيو. تنهنڪري ارض SPHERE تي جيڪي به هوائون لڳن ٿيون، تن جي ڦيرگهير بابت ڳولا ڪئي. عيسوي يارهين صدئ ۾ مشهور ٿيو. سو اصل اِسپين ۾ ڄائو هو، پر گهڻو وقت مصر ۾ رهيو هو. هن علم منظر OPTICS تي جيڪا روشني وڌي آهي، تنهن کي يورپ وارا عزت جي نگاهه سان ڏسن ٿا. سندس ڪتاب به ترجما ڪيا اٿائون.

حضرت عمر خيام به عمال نجومت جو صاحب هو. علامه ابوالفراج اصفهاني مشهور ڪتاب الاغاني تيار ڪيو. اُندلس جي سلطان حڪم هن ڪتاب جي پوري ٿيڻ کان اڳ هڪ هزار اشرفيون مصنف جي خدمت ۾ پيش ڪيون ته پهريون نسخو اِسپين جي شاهي ڪتب خانه واسطي محفوظ رکيو وڃي. ڪتاب (الاغاني) شعرن جو هڪ مجموعو آهي.

ايڊورڊگبن مشهور انگلينڊ جو مايهء ناز مؤرخ ۽ مصنف لکي ٿو، ته يورپ جي تاريڪي جي زماني ۾ آفريقا، اسپين ۽ صقليه ۾ عربن جا قائم ڪيل طبي ڪاليج جاري هئا. هاڻوڪين اسپتالن جو قائم ڪرڻ به يورپ وارن عربن کان ورتو. سن 1204ع ۾ قاهره ۾ هڪ تمام وڏي چرين جي اسپتال موجود هئي. اتابيگ الملڪ نورالدين محمود زنگي دمشق ۾ هڪ عاليشان شفاخانو جوڙايو، جو (شفاالنوري) جي نالي سان مشهور هو. عضدالدوله، جنهن شفاخانو ڪاليج سان گڏ الرازي جي صدارت ۾ قائم ڪرڻ گهريو. تڏهن اُن جي تڪميل کان اڳي علامه جي انتقال ملڪ کي ماتم خانو بڻائي ڇڏيو. هن شفاخاني ۽ ڪاليج جو شروعاتي جلسو اهڙي گرم جوشيءَ سان ٿيو، جو اڃا هن ترقي ۽ تهذيب جي زماني ۾ ڪنهن دارالعلوم جي شروعاتي جلسن ۾ اها ڳالهه حاصل نه ٿي آهي. غرض هن شفاخاني ۾ هر مريض هڪ ٻئي کان جدا رهندو هو. اهڙي ريت طبيبن واسطي به جدا جدا مڪان هئا. انهن شفاخانن ۾ دور حاضره جي طرح رجسٽر به هوندا هئا، جنهن ۾ مريض جو احوال مشاهدات سان گڏ درج ٿيندو هو. مطلب ته طول عرض ڪشور اسلام جي وڏن وڏن شهرن ۾ عاليشان ۽ نامور ڪاليج ۽ شفاخانا هئا. سڀ کان پهريون دنيا ۾ (نيشاپور)ð جو ڪاليج ۽ شفاخانو آهي جو اسلام جي اوائلي زماني (قرون اوليٰ) ۾ قائم ٿي منصور جي زماني تائين مشهور رهيو. برجيس ابن جبرئيل مشهور مشرقي طبيب هن ڪاليج جو پروفيسر هو. ماسويه ابن يوحنا ان ڪاليج جو شاگرد هو. ابن سهل به ساڳئي مڪتب جو سيکاريل هو جنهن سڀني مرضن جا نسخا جدولي صورت ۾ ترتيب ڪيا. اهو اصول ايتريقدر قبول پيو آهي جو اڄڪلهه يورپ جي شفاخانن ۾ اُن جو رواج آهي. طبقات ناصري جو مصنف لکي ٿو ته سن 132هه ۾ عثمان ابن سعيد مشقي هڪڙو عظيم الشان ڪاليج ۽ شفاخانو قائم ڪيو.  جنهن ۾ ابن عيسيٰ پروفيسر هو ۽ مڪه معظمه ۽ بغداد شريف جي انسپيڪٽرئ تي مقرر ڪيو ويو. اهو طبيب سفري شفاخانن جو پايو وجهندڙ هو. جنهن ثابت ابن قره جي نگراني ۾ ڪافي انتظام ڪيو ته ڳوٺ ڳوٺ ۾ بلا معاوضه چڪر لڳائي بيمارن جي دوا ڪري. حڪيمن مان شيخ الرئيس بو علي سينا AVICENNA عرب جو مشهور معروف حڪيم ۽ فلاسافر ٿي گذريو. بلڪ دنيا جي حڪيمن جو ڏاڏاپير هو. سن 1037ع ۾ وفات ڪيائين. سندس ڪتاب ”قانون“ نالي جو طب جي فن جو مڪمل ڪتاب آهي، يورپ ۾ اهڙو مقبول ٿيو جو اڄ کان ڍيڍ سؤ سال اڳي ڪورس يعنيٰ درس ۾ داخل هو. ابو منصور بن بشير وڏو نامور طبيب ٿي گذريو. جنهن کي اعصابي مرضن ۾ ڪامل آزمودو هو. يعقوب بن اِسحٰق نامور حڪيم ٿي گذريو، الڪندي تنهن حڪمت جي الڪندي دائري ۾ هاڪ وجهي ڇڏي. ابن اسحٰق سن 861ع ۾ وفات ڪئي. (اَبو ناصر فربي) جو يورپ ۾ الفرابيوس alfarabius جي لقب سان مشهور ٿيو ۽ عربن جو ارسطو ڪري ليکبو آهي. سو شيخ الرئيس بو علي ابن سينا جو استاد هو. سن 950ع ۾ وفات ڪيائين. سندس جهڙو حڪيم دنيا ۾ ڪو ورلي ٿيو. ابن خاليڪان ۽ اصفهان عربي ۽ فارسي زبانن جا ماهر هئا. ابو نواز جو سن 763ع ۾ ڄائو، عرب جو ٻيو نمبر شاعر ليکجي ٿو. مامون جي ڏينهن ۾ ٿي گذريو. ڪتبي جنهن سن 843ع ۾ انتقال ڪيو ۽ ابو تمام حبيب، جنهن سن 845ع ۾ انتقال ڪيو، سي به شاعر هئا، سي ابو نواز کانپوءِ ٿي گذريا. سيف الدوله (همداني) موصل جي اتابيگن جي درٻار ۾ شاعر هو، کيس گهڻي عزت حاصل هئي. انعامي به حلب جو مشهور شاعر هو، سن 1008 ع ۾ وفات پاتائين.

ايراني شاعرن مان دقيقي ۽ فردوسي مشهور آهن، فردوسي کي ايران جو هومر HOMER سڏين ٿا. سلطان غازي محمود غزنوي جي درٻار جا ممتاز شاعر هئا. عنصري، سلطان مسعود جي درٻار جو شاعر هو. انوري سلطان سنجر وٽ رهندو هو. شيخ فريد الدين عطار طوسي، جو تاتاري ڪفارن هٿان شهيد ٿيو، سو به وقت جو صوفي ۽ شاعر هو. مولانا جلال الدين رومي سلطان علاء الدين سلجوقي قونيه جي سلطان جي درٻار ۾ رهندو هو. ابو الفرج محمد بن اسحٰق (النديم) بغدادي جنهن هڪ شعرن جو ڪتاب جوڙيو سو هڪ افضل فالنامو به آهي.ø

عيسوي ڏهين صديءَ ۽ چوٿين ۽ پنجين صدئ ۾ ابو طالب المبارڪ ۽ ابو حسن ٻه مشهور عربي فاضل ۽ اهل قلم ٿي گذريا جن عربي صورت خطيءَ کي گهڻو درست ڪيو. سلطان صلاح الدينرحه جي عهدمهد ۾ به عربي تعليم گهڻو زور ورتو. وري شيراز جي ٻن بلبلن مسعدي ۽ حافظ جيڪي ٻول ٻوليا، سي اڃا تائين چمنستان شاعريءَ ۽ فارسي جا گوهر تسليم ڪيا وڃن ٿا.

ابو البرڪات بغدادي، شيخ شهاب الدين سهروردي حضرت شيخ جنيد بغدادي ۽ ٻيا وقت جا صوفيا ڪرام، اُهي هئا جن ارسطو ۽ افلاطون وانگر حڪماءِ اسلام جو هڪ نئون فلسفو ترتيب ڏنو. مشهور شاعر ۽ صوفي شمس طبريز مولانا روم جو شاگرد رشيد هو.

مبارڪ هو اُهو وقت جنهن زماني جا شهنشاهه خدا دوست، رعيت پرور ۽ علم ۽ فضل جا شوقين هئا. علمائن سڳورن ۽ ڪامل درويشن جي عزت افزائي ڪندا هئا. هزارين مخلوق خدا سندن دسترخوان تي پلجندا هئا. سندن وزير به انصاف جا صاحب ۽ رعيت جي سک ۽ ڀلي لاءِ دل و جان سان ڪوششن ۾ سرگرم رهندا هئا. جيئن اڄ تعليم تي ناڻو خرچ ڪجي ٿو. اُن زماني ۾ ائين ڪين هو. اسلام جي مايهء ناز تاجدارن پنهنجي خداداد خزانن جا در پٽي ڇڏيا هئا ۽ سخاوت جي بازار سڄي طول ۽ عرض ڪشور ۾ گرم هئي. اُهي شهنشاهه گويا خدا جي طرفان امانت وٺي آيا هئا ۽ امانت طور انصاف ڪندا هئا. هارون الرشيد اعظم جو عدل ۽ انصاف نو شيروان کان گهٽ ڪين هو. مامون الرشيد اُهو عالم فاضل ۽ حڪمت جو صاحب ٿي گذريو، جو سندس ڏؤنڪو اڃا پيو وڄي. هو عالم هو، حڪمت وارو هو، بهادر سپهه سالار هو، درويش هو، عادل هو، سخي هو ۽ صاحب صورت ۽ سيرت هو. بقول علامه سيوطي انسانيت جون جيڪي وصفون چئجن، سي منجهس هيون. جيئن اسلام کان اڳ سڪندر مقدوني، افراسياب، ڪيڪائوس، ڪيخسرو، فريدون، جمشيد ۽ نوشيروان جا نالا اڄ تائين عالم آشڪار آهن. تيئن عربن ۾ منصور، هارون، مامون، ملڪ شاهه غازي، الپ ارسلان، سلطان محمود غزني، غازي نور الدين زنگي ۽ غازي سلطان صلاح الدين شل خدا جي رحمت جو مٿن سايو هجي. آقاءِ نامدار صلي الله عليھ وآلھ وسلم جي اُمت جا اُهي تاجدار ٿي گذريا جن يونان ۽ ايران جي شهنشاهن جي ڪارنامن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو. عرب جي صحرا نشينن دنيا ۾ هڪڙو نئون پيغام آندو جو قومن جي عروج ۽ زوال جي داستانن ۾ سونهري  اکرن سان هميشه لکبو. عباسي دور ۾ زالن به عجيب ڪارناما ڪري ڏيکاريا. منصور ۽ هارون جي زماني ۾ کلئي ميدانن ۾ گهوڙن تي چڙهي دشمنن سان مقابلو ڪنديون هيون. خليفي مقتدر جي والده ماجده پاڻ درٻار ۾ ويهي فيصلا ڪندي هئي. راڻي زبيده خاتون عنبرم شموم (موم بتيون)کي پنهنجي تڪلف جي مجلس ۾ مروج ڪيو.

شعر گوئي ۾ به ڀڙ هئي. پنهنجي پٽ امين جي مرڻ تي جيڪا هن مرثيه خواني ڪئي، سا جگر سوز هئي. بيبي عبيده، جا مامون جي زماني ۾ ٿي گذري، سا به راڳ ۾ قابل هئي. ڪتاب آغاني ۾ سندس وصفن جي گهڻي تعريف ڪيل آهي. فضله جا متوڪل جي درٻار ۾ ڪو وقت رهي، سابه پنهنجي راڳ ۽ خوش الحاني کان مشهور ٿي. شيخا شهدا جا بغداد ۾ ٿي گذري، سا تاريخدان هئي، ۽ ڪيترا ڪتاب تصنيف ڪيائين. اُم المويد وري قاعدي ۾ ڀڙ هئي وقت جي فلاسافرن کان اڪثر سندون حاصل ڪيائين. تقيه، جا ابوالفرج جي ڌئ هئي ۽ غازي صلاح الدين جي وقت ۾ ٿي گذري، سا شاعر هئي. عاليه به راڳ ۾ ڀڙ هئي. اِصفهائي سندس راڳ جي گهڻي تعريف ڪئي آهي.

عرب مشهور سياح ۽ ملاح ٿي گذريا. سمنڊ جي مسافرئ ۾ قبلي کي سڃاڻڻ لاءِ قطب نما COMPASS سندن ئي جڙيل آهي. هنن پنهنجي هنر، علم ۽ تهذيب کي پري پري ملڪن تائين پهچايو. سندن بيٺڪون آفريقا، جاوا، چين، سماترا، ملايا ۽ هندوستان ۾ هيون. بصره عرب سلطنت جو مشهور بندرگاهه هو، جتان ڌارين ملڪن ڏانهن عربن جا غوراب لنگر کڻندا هئا. هو سمنڊ تي ڊگهين مسافرين کي پسند ڪندا هئا.ø

خشڪيءَ تي واپار لاءِ وڏا وڏا رستا جوڙيائون. آفريقا جي اونداهي کنڊ جي اندروني حصن ۾ پهريان عرب ويا. بحيره روم ۾ اٽلي، فرانس ۽ اسپين سان سندن واپار هلندڙ هو. بحيره الاسود ۾ طرابزون مشهور بندرگاهه هو جتان بازنطيني سلطنت سان واپار ڪندا هئا. بغداد کان سمرقند تائين ڪشادو رستو هو جو بخارا، هرات کان ٿيندو خيبر جي رستي هندوستان ڏانهن ويندو هو. سائيبيريا جو ملڪ سندن منزل گاهه هو. پر بغداد جي خليفن جا سڪا رشيا ۽ سويڊن تائين هلندا هئا. ۽ هن جا ڪارناما الف ليلي Arabian nights ۾ مظهر آهن(1).  عرب پهرين قوم هئي جن بحر اوقيانوس ۾ آئز ورس AZORES ٻيٽ ڳولي ڪڍيو، اُهي پنهنجي روايتن موجب آمريڪا تائين به ويا هئا(2). حڪمت ۽ فلاسافيءَ تي بحث ڪرڻ جا شائق هئا. ناچ ۽ ڊرامه جي فن ۾ به ڪمال ڪيائون(3).دورِ حاضره ۾ جيڪا يورپ  ترقي ڪئي آهي، سو اُنهن صحرا نشين عربن جي تمدن جو اثر آهي. دنيا جو ڪو اهڙو حصو  ڪونه هو، جتي  اُنهن جي طاقت ۽ رعب جو سڪو ويٺل نه هجي. ڪابه اهڙي قوم نه هئي، جا اُنهن جي يا اُنهن جي تمدن جي محڪوم نه رهي هجي. مطلب ته مسلمانن ڪائنات جي خزانن کي سنڀاليو. اورچائي سان رکيو، دنيا سان اعتدالي سان هلت ڪيائون ۽ عروج جو حيرت انگيز مثال قائم ڪيائون. هوڏانهن جانبازي جي ميدان ۾ ڪسريٰ ۽ قيصر کي گهڻو پوئتي ڇڏيائون، هيڏانهن فضيلت جي ميدان ۾ يونان جو ڪنڌ هيٺ ڪيائون. علم جي آسمان مان ايجاد جا تارا لاهي آيا. علم ۽ هنر جا درياهه وهائي ڏنائون. علم جي آسمان جو عالم آفتاب بغداد ۽ قاهره جي مينارن تي چمڪاٽ ڪرڻ لڳو. جو ٻج حضور آقائي نامدار صلي الله عليھ وآلھ وسلم جي مبارڪ هٿن سان مڪه جي پاڪ خاڪ ۾ پوکيو ويو، سو اهڙي سرعت ۽ حيرت سان وڏو ٿيو ۽ وڌيو. جوان جو فرحت بخش پاڇو دنيا جي ملڪن تي پکڙجي ويو. ساري دنيا اُن مان راحت ۽ عافيت حاصل ڪئي. مگر افسوس اسان خود اُن جي پاڙ پٽڻ شروع ڪئي ۽ نتيجو اهو نڪتو جو اسان بدنصيبن جي غفلت، جا تقدير ۾ لکيل هئي، اسان جو صورتون بدلجي ويون. اسان جا اخلاق بگڙي ويا. نه اُهي اسان رهياسين، ۽ نه اسانجون ترقيون، جن جي جلوه تي جهان رشڪ ڪندو هو.  هاڻي به نااُميد ٿيڻ نه گهرجي. پيغمبري واعدو اسان جي هردم حمايت ڪري رهيو آهي ۽ اسان وٽ اُها امانت اڃا موجود آهي جنهن جي ريشمي ڏور کي جهلي اسان ترقي ڪئي هئي.


(1)  علامه مقريظي قرطبه ۽ بغداد جي خليفن جي درٻار جو پورو بيان ڏنو آهي.

(1)  فرهنگ ناصرئ ۾ لکيل آهي، ته فارس يا پارس جو نالو ڏاکڻئي ايران تي هن ڪري پيو جو هو شنگ جي پٽ جو نالو پارس هو. يورپ وارا به ساڳئي نالي سان ايران کي پرشيا PERSIA سڏين ٿا.

(2)  تقويم البلدان

(1)  ببال- بابل نهايت ئي قديم ۽ آباد شهر هو، جو گهڻي عرصي تائين عراق عرب جو تخت گاهه هو. اُهو فرات ندئ تي هو، اڄ به سندس ڦٽل ويران هنڌ موجود آهن. 2300 ورهيه قبل مسيح هي شهر تختگاهه هو. سندس اصلي لفظي معنيٰ آهي خدا جو در (باب= دروازو= ايل= الله) سندس عظمت جي خبر هن مان ٿي پئي جو مورخن جو  چوڻ  آهي، ته هن شهر جي چؤطرف هڪ وڏي عالم پناه ڏنل هئي، جا 55 ميل ڊگهي هئي. سندس بلندي 340 فٽ هئي ۽ 75 فٽ ديوار جي ٿولهه هئي. بخت النصر جي ڏينهن ۾ وڏي عروج کي پهتل هو.

ø  علي ابن عباس حڪيم الرازي پنجاهه سال کان پوءِ ٿي گذريو، هن جيڪو ڪتاب لکيو، تنهن جا ويهه جلد هئا. امير ععدالدوله جي يادگيري ۾ تيار ڪيائين. سن 1227ع ۾ مٿيون حڪمت جو ڪتاب لاطيني زبان ۾ ليانس LYONS ۾ ڇپيو. هن پيٿاگورث ۽ گالين جي غلطين کي درست ڪيو. ابو علي حسين ابن سينا جو شيخ الرئيس ۽ حڪمت جو صاحب هو، سو 980ع ۾ بخارا جي ويجهو افشانا ڳوٺ ۾ ڄائو. 18 ورهين جي عمر ۾ بخارا مڪتب ڇڏيائين، سلطان محمود غزنووي کيس وڏو عهدو آڇيو، پر انڪار ڪيائين پوءِ شمس الدوله همدان جي امير وٽ ڪجهه وقت وزير هيو، ڪجهه وقت علاؤالدوله امير اصفهان جي درٻار ۾ رهيو. وڏو نامور فلاسافر ۽ حڪيم ٿي گذريو.

ð  ابو موسيٰ خوارزمي جبر (الجبرا) ۽ مقاله جو پايو قائم ڪيو.

ð  نيشاپور جو ڪاليج فارس ۾ طب حڪمت جو اعليٰ پيماني تي مڪتب هو. جنهن جو بنياد سن 250ع ۾ نوشيروان عادل ساساني وڌو هو. اُن زماني ۾ فارس وارا علوم جي نسبت عيسائين کان گهڻو تعليم يافته هئا. ڇاڪاڻ جو عيسائي پادري رڳو مذهبي تعليم ڏيڻ ۾ رُڌل رهندا هئا. مٿيون ڪاليج عباسي زماني تائين قائم رهيو. آخر خليفي منصور مٿئين نموني جهڙو ڪاليج بغداد ۾ تعمير ڪرايو. پر جڏهن هارون الرشيد اعظم جو زمانو آيو، تڏهن علوم ۽ فنون جي بازار گرم ٿيڻ لڳي. هر هڪ جامع مسجد سان گڏ پرائمري اسڪول قائم ٿيو، پر مامون جي زماني ۾ علمي يادگارون آب ۽ تاب سان چمڪڻ لڳيون. رڳو قاهره جي ڪتبخاني ۾ علوم ۽ فنون جي ڪتابن جو تعداد هڪ لک هو، جن مان 6500 جلد ته رڳو هيئت ۽ طبي ڪتابن جا موجود هئا. ۽ هر هڪ شخص کي مطالعي ڪرڻ جي عام اجازت هئي.

ø  ڪوفي جي ميدان ۾ ڪرهء ارض جي ماپ لاءِ اوزار رکيل هئا. عرب زمين جي ماپ ۾ ڪامياب ٿيا. حڪمت ۽ جراحت ۾ يونانين کان گوءِ کڻي ويا. رڳو بغداد جي شهر ۾ اٺ سو سرڪاري سند يافته حڪيم هئا. گبن جلد ڏهون

ø  عيسوي نائين صدئ ۾ سنڌ باد ۽ سليمان بصره جا مشهور واپاري هئا، جن جو واپار سمنڊ جي ٻيٽن ۽ 7 پرانهن ملڪن سان هلندو هو. سنڌ باد جهازي جا سمنڊ جا سفر ته مشهور آهن. اهڙئ ريت 851ع ۾ سليمان جو واپار گجرات- سرانديپ ۽ مالابار سان هلندو هو. مسعودي بغدادي، جنهن 890ع کان 956ع تائين هندوستان جو سير ڪيو. سو لکي ٿو ته عربي واپارين جا جهاز هندوستان جي بندرگاهن تان مصالحا، ڪافور ۽ صندل جو ڪاٺ ڀري بصره ڏانهن ويندا هئا. بصره هن وقت دنيا ۾ وڏي واپار جو مرڪز هو.

“History of Indian Shipping & Maritime activity” By Radhakumud Mookerji M.A colcutta 1912.

(1)  مولوی محبوب عالم  ايڊيٽر اخبار پئسه لاهور پنهنجي سفرنامه يورپ ۾ لکي ٿو ته برلن جي عجائب خاني ۾ ڪي اوزار ۽ هٿيار ۽ برتن رکيل ڏٺا جي عربن جا جڙيل هئا.

(2)  تاريخ اسلام، مصنف: علامه سيد امير علي.

(3)  ايشياٽڪ پوئيٽري Asiatic Poetry سر وليم جونس Sir.W.Jones لاطيني زبان تان سن 1774ع ۾ لنڊن ۾ ترجمو ٿيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org