المتقي بالله ابن مقتدر
راضي بالله جي وفات پڄاڻان يحڪم ڪوفي کان بغداد
آيو ۽ سليمان بن حسن وزير سان خلافت نشيني جي باري
۾ گفتگو ڪيائين. بغداد ۾ وزارت جي محفل ٿي. جت آل
عباس جا معزز شهزادا ۽ اهلڪار موجود هئا. آخر عام
راءِ پاس ٿيڻ سان مقتدر جي ٻئي پٽ شهزادي ابواسحاق
ابراهيم کي سن 329هه ۾ خلافت تي ويهاريائون. جنهن
اَلمتقي بالله جو لقب ورتو.
قصر خلافت ۾ فساد، يحڪم ۽ ابن رايق جو مارجي وڃڻ
اَبو عبدالله (بريدي) هن وقت خوزستان ۾ هڪ آزاد
حڪومت قائم ڪئي هئي. جنهن ڪري خلافت جي اقتدار کي
سخت صدمي پهچڻ جو انديشو هو. يحڪم مٿس ڪاهه ڪئي.
عبدالله بريدي شڪست کاڌي، پر يحڪم هڪڙي ڪرد
سپاهيءَ هٿان مارجي ويو. سندس مرڻ کان پوءِ خليفي
متقيءَ سندس گهر تي قبضو ڪري، سندس ملڪيت ضبط ڪئي.
عبدالله بغداد تي ڪاهه ڪئي. هن پنهنجي اعلان ۾
ظاهر ڪيو ته ”جيڪڏهن خليفو مون کي 5 هزار دينار
فوجن ۾ ورهائڻ لاءِ ڏيندو ته مان موٽي ويندس“.
لاچار خليفي 5 هزار دينارن جي ڳوٿري سندس حوالي
ڪري فساد کي ٽاريو. يحڪم جي قتل ٿيڻ بعد خليفي
ڪورتڪين ديلميءَ کي اميرالامراء جي منصبي سرفراز
ڪئي. ٿورن ئي ڏينهن کان پوءِ ابن رايق شام کان
بغداد تي ڪاهه ڪئي ۽ ڪورتڪين کي قيد ڪري پاڻ
اميرالامراء بنجي ويٺو. بريدي، جو هن وقت واسط ۾
هو، تنهن سن 330هه ۾ دارالخلافه تي ڪاهه ڪئي. ۽
قبضو به ڪري ورتائين. ابن رايق ۽ خليفي کي اچي سر
جو خوف ورتو ۽ ٻئي ڄڻا بغداد ڇڏي موصل ڏانهن ڀڄي
ويا. هن وقت موصل تي اَمير همدان موصليء جي ٻن پٽن
حسن ۽ علي جي حڪومت هئي، جي هن وقت ايشيا مائز ۾
بازنطيني حڪومت سان ويڙهه ۾ رڌل هئا. پر جڏهن کين
خليفةالمسلمين جي اچڻ جي خبر پئي، تڏهن هو موٽي
پنهنجي تختگاهه ڏانهن آيا، ٻنهي شهزادن
خليفةالمسلمين کي نهايت ئي تعظيم ۽ تڪريم سان آڌر
ڀاءُ ڏنو. ۽ خليفي کين سندن سعادتمندئ جي عيوض
ناصرالدوله ۽ سيف الدوله خطاب مرحمت ڪيا. پر
بدبخت ابن رايق سندن هٿان مارجي ويو. کانئس پوءِ
خليفي حسن کي ناصر الدوله اَميرالامراء جي منصبي
عطا ڪئي. آخر ٻنهي شهزادن جي مدد سان خليفي بغداد
هٿ ڪيو.
المتقيء جو بيڪسيءَ جي حالت ۾ قيد ٿيڻ
اسين اڳ چئي چڪا آهيون ته اَميرالامراء جي منصبئ
لاءِ اچي اَميرن جي پاڻ ۾ ڇڪتاڻ جاڳي، خليفا به
سندن هٿ هيٺ محتاج هئا. اَمير ناصرالدوله. جو هن
وقت مٿئين عهدي تي هو، تنهن کي لاچار عهدو ڇڏڻو
پيو. ڇاڪاڻ جو سندس آبائي وطن موصل تي هن وقت ترڪن
حملو ڪيو. تنهن ڪري سن331هه ۾ خليفي توزون نالي
هڪڙي ترڪ کي مٿيون عهدو ڏنو، پر ٻن سالن کانپوءِ
توزون جي نيت بدليل ڏسي پنهنجي اهل و اعيال سميت
موٽي موصل ڏانهن ويو، جتي ناصر الدوله وٽ وڃي
پناهه ورتائين. پر ناصرالدوله جي به نيت بدليل ڏسي
قاصدن جي معرفت توزون سان عهدو پيام ڪري بغداد
ڏانهن موٽيو. توزون سندس استقبال ڪيو ۽ خاڪ بوسي
به ڪيائين پر سن 333هه ۾ دغا سان کيس رفيقن سميت
قيد ڪري سندس اکيون ڪڍائي تخت تان لاهي ڦٽو
ڪيائينس. هن ڪل 4 سال حڪومت ڪئي. سن 357هه ۾
بيڪسيءَ جي حالت ۾ وفات ڪيائين. هو نهايتي
پرهيزگار بادشاهه هو. اِنڪري کيس المتقي جي لقب
سان ڪوٺيندا هئا. سندس ڏينهن ۾ رومين نصيبين ۽
اڊيسا تي ڪاهي ڦر لٽ ڪري گهڻن ئي بيگناهه مسلمانن
کي شهيد ڪيو. تنهن کان پوءِ سن 333هه ۾ رومين
پهريون گهمرو بحري رستي کان آذربائيجان تي حملو
ڪيو. پر آخر تڙجي ويا.
المستڪفي بالله اول ابن متقي
سن 333هه مطابق سن 944ع ۾ اَمير تو زون المتقي کي
تخت تان لاهي شهزادي ابو القاسم عبدالله اَبن متقي
کي المستڪفي بالله جي لقب سان خلافت تي ٿاڦيو.
ساڳئي سال ۾ اَمير سيف الدوله موسليءَ حلب ۽ دمشق
تي ڪاهه ڪئي. جيسين اَخشيد مصري سندس مقابلي لاءِ
اچي، تنهن کان اڳ رومين مٿس ڪاهه ڪئي. اَمير سيف
الدوله رومين کي اهڙي سخت شڪست ڏني. جو وقت جي
شاعرن اَمير موصوف جي شجاعت تي گهڻائي شعر چيا.
ابن شير زاد جو امير الامراء ٿيڻ ۽ بني بويه
خاندان جو زور
سن 334هه ۾ اَمير تو زون 2 سال 9 مهينا منصبي ڪري
وفات ڪئي. زيرڪ بن شيرزاد پنهنجيءَ فوجي نمائش
سان مٿيون عهدو هٿ ڪيو. لاچار درويش خليفةالمسلمين
کي سندس آڻ مڃڻي پئي. مٿئين عهدي لاءِ عراق ۾ ٽن
اَميرن فساد ڪيا. سڀني کان معزالدوله اَحمد بويه
جنهن کي مٿئين عهدي لاءِ ورهين کان سوداءُ هو سو
اَمير توزون جي مرڻ جو ٻڌي بغداد تي ڪاهي آيو. ابن
شيرزاد ۽ خليفو ٻئي خوف کان جان بچائي وڃي لِڪا.
پر خليفي خفيه طرح سان اَحمد بويه جو استقبال ڪري
کيس معزالدوله جو خطاب ڏيئي اميرالامراء جي منصبي
تي مقرر ڪيو. سندس وڌيڪ دلجوئي لاءِ سندس ٽئين
ڀاءُ حسن کي رڪن الدوله جا خطاب ڏيئي سندن نالا به
سڪن تي هڻڻ لاءِ حڪم ڏنو. گويا خلافت جون سموريون
اختياريون هن وقت معزالدوله اَحمد جي هٿ ۾ هيون.
هو گويا سچو پچو بادشاهه هو. هن ابن شيراز کي ڍلن
اُڳاڙڻ تي مقرر ڪري خوش ڪيو ۽ خليفةالمسلمين کي 5
هزار دينار ساليانو وطيفو مقرر ڪري ڏنائين.
معزالدوله علم ۽ هنر جو ڏاڍو شوقين هو. پر فطرتي
ظالم هو.هو شيعه فرقي مان هو. تنهنڪري محرم جا ڏهه
ڏينهن سرڪاري طور ماتم لاءِ مقرر ڪيائين. ٿورن
ڏينهن کان پوءِ هن کي خوف جاڳيو، ته متان خليفو
زور نه وٺي وڃي. تنهنڪري انهيءَ اِرادي سان سن
334هه مطابق سن 945ع ۾ کيس تخت تان لاهي قيد ڪري
رکيائين. ۽ اتي ئي سن 338هه ۾ 22 ورهين جي ڄمار ۾
وفات ڪيائين. هن ڪل هڪ سال ۽ 4 مهينا حڪومت ڪئي.
المطيع بالله ابن مقتدر
سن 334هه مطابق سن 946ع ۾ اَمير معزالدوله مقتدر
جي هڪڙي پٽ شهزادي ابوالقاسم فضل کي مطيع بالله جي
لقب سان خلافت تي ٿاڦيو.
ساڳئي سال ۾ اَخشيد مصريءَ دمشق ۾ وفات ڪئي. سندس
پٽ هن وقت صغيرالعمر هو. تنهنڪري حڪومت جون واڳون
ڪافور نالي هڪڙي حبشي غلام جي هٿ ۾ هيون. اَمير
سيف الدوله موصلئ وجهه ڏسي دمشق تي ڪاهه ڪئي. پر
ڪافور ملڪ جي چڱي حفاظت ڪري نمڪ جو حق ادا ڪيو.
عباسي
اقتدار جو ڪمزور ٿيڻ
اِئين چئي نه سگهبو ته ڪو بني بويه خاندان وارن جي
زور ڪري خلافت عباسيه جو خاتمو ٿيو پر عباسي سلطنت
جي عالمگير زنجير جون ڪڙيون گهڻو اڳي ئي ڍريون ٿي
چڪيون هيون. هن عظيم الشان سلطنت جا بنياد پوين
تاجدارن جي عياشيءَ ڪري لڏي چڪا هئا. اڳيان
شهنشاهه علم فضل ۽ تلوار جا ڪوڏيا هئا، پر هينئر
عباسي خليفي وٽ سندن ملڪيت ۽ اسباب جي حساب ڪتاب
لاءِ فقط هڪڙو مير منشي مقرر هو. باقي ڦٽل سلطنت
جون واڳون اَهلڪارن جي هٿ ۾ هيون. بني بويه خاندان
جي اَميرن برابر هڪڙي صديءَ تائين حڪومت ڪئي. هنن
ايتريقدر زور ورتو جو حمداني اَميرن کي موصل مان
تڙي ڪڍيائون. منجهانئن معزالدوله احمد نهايتي بلند
۽ عالي حوصلي وارو ماڻهو هو. سندس بلند پروازن کي
روڪڻ لاءِ بغداد شهر جون چار ديوارون ناڪافي هيون.
تنهنڪري سن 336هه ۾ حمداني شهزادن سان خونريز
معرڪن ڪرڻ کان پوءِ سڄي عراق ۽ اولهندي ايران تي
بني بويه خاندان جو قبضو ٿي ويو. جيتوڻيڪ هن
خاندان جا ڪي اَمير ظالم به هئا. پر منجهانئن اڪثر
علم، هنر ۽ فلسفي جا مشتاق به هئا. هنن رعيت جي
ڀلي ۽ آسودگيءَ لاءِ زراعتي ڪمن کي گهڻو زور
وٺايو. حجرالاسود جو 22 ورهين کان قرامطين پاڻ وٽ
رکيو هو. جنهن لاءِ يحڪم کين 50،000 دينار به ڏيڻا
ڪيا هئا. سو سن 339هه ۾ پنهنجو پاڻ موٽائي ڏنائون.
سندن چوڻ هو ته اسان ڪنهن خاص ارادي سان اِهو پٿر
آڻي پاڻ وٽ رکيو هو ۽ ڪنهن خاص ارادي سان موٽايون
ٿا.
سن 334هه ۾ اَمير معزالدوله بيمار ٿيو. هن وزارت
جو قلمدان پنهنجي پٽ بختيار جي حوالي ڪيو. عمران
بن شاهين اَميرالبطايح کي جڏهن جاسوس بني بويه جي
مرڻ جي غلط خبر ڏني، تڏهن هن بغداد تي ڪاه ڪئي. پر
اِنهيءَ وچ ۾ بني بويه وري تندرست ٿيو. سن 355هه ۾
هن عمران جي سرڪوبيءَ لاءِ فوج ڪشي ڪئي، پر اتفاق
سان واٽ تي وري بيمار ٿي ويو ۽ بغداد ڏانهن موٽيو.
آخر سن 356هه ۾ انتقال ڪيائين. خليفي سندس پٽ کي
پيءُ جي منصبي ڏني ۽ کيس عزالدوله جو لقب به ڏنو.
معزالدوله احمد ڪل 21 سال 11 مهينا حڪومت ڪئي.
سّيف اَلدوله موصلئ جو رومين کان جزيه وٺڻ
اَمير حمدان موصلئ جا پٽ حسن ۽ علي بلڪل نامور
پهلوان ٿي گذريا. منجهانئن اَمير علي جنهن کي
بارگاهِه خلافت مان سيف الدوله جو لقب مليل هو، سو
وڏو جنگجو پهلوان هو. هن نه فقط مصر جي سلاطين سان
جنگيون جوٽيون پر سندس ڪاهن جي ڪري رومين کي به
منجهائنس خوف جاڳيو. سن 339هه ۾ هن ايشيا مائنر تي
ڪاهي رومين کان گهڻو ملڪ فتح ڪيو. ٻن معرڪن ۾ سندس
فوجن رومين هٿان شڪستون کاڌيون. جن جي بدلي وٺڻ
لاءِ سن 334هه ۾ هن رومين تي ٻه گهمرا حملا ڪيا ۽
ٻنهي خونريز معرڪن ۾ دشمنن کي ڇٽيءَ جو کير ياد
ڏياريائپن. سن 335هه ۾ هن بيشمار قلعا دشمنن کان
فتح ڪيا پر سن 351هه ۾ حلب جي ويڙهه ۾ اَمير جي
فوجن شڪست کاڌي ۽ سن 355هه ۾ اناطاڪيه، طرطوس جي
معرڪن ۾ هن رومين کي سخت چوٽ ڏني. سن 356هه ۾ سيف
الدوله وفات ڪئي. سندس پٽ سعدالدوله جانشين ٿيو.
پر سندس هڪڙي غلام قروعيه نالي ايترو زور ورتو جو
حلب، حماه، حمص، ڪفرتاب، معره، فاميا ۽ شيراز جي
علائقن تي قبضو ڪري رومين کان جزيه ڍل اُڳاڙيائين.
سن 359هه ۾ هن بهادر غلام سڄو آرمينا جو علائقو به
فتح ڪيو.
مصر ۾ پهريون فاطمي خليفو
خليفي المطيع بالله جي عهدِ حڪومت ۾ سن 358هه ۾
معزالدين الله فاطمي قيروان مقدس جي خليفي جو هڪڙي
غلام جوهر نالي هڪ لشڪر وٺي مصر پهتو. هتي هن
فاطمي خلافت جي تبليغ شروع ڪئي ۽ سندس تحريڪ پورو
فروغ حاصل ڪيو. جيئن ته گهڻائي ماڻهو فاطمي حلقهء
۾ شامل ٿيڻ لڳا. جڏهن مٿئين تحريڪ پورو عروج حاصل
ڪيو. تڏهن عباسي خطبو به مٽجي ويو. جوهر جي فوجن
قاهره تي قبضو ڪيو ۽ شهر کي نئين سر تعمير ڪرڻ
لاءِ حڪم ڏنائين.
جڏهن هر طرح سان مڪمل انتظام ٿيو. تڏهن خليفو
معزالدين فاطمي مصر ۾ وارد ٿيو. رفته رفته سڄي مصر
۾ فاطمي اقتدار مضبوط ٿي ويو ۽ شام دمشق سميت سندن
قبضي هيٺ اچي ويو.
بختيار ۽ سُبڪتگين جي پاڻ ۾ ناسازي
جيئن اَمير حمدان موصلئ جا پويان ڪم طاقت هئا،
تيئن وري معزالدوله احمد عياش ۽ پست همت هو. تنهن
کان سواءِ حڪمراني هلائڻ لاءِ منجهس ڪو ڳڻ ڪانه
هو. سندس عيش پرستئ جو اِهو نتيجو نڪتو جو سندس
ڀاءُ بصره جي حاڪم کيس قيد ڪيو، پر سندس چاچي رڪن
الدوله هن کي آزاد ڪرايو ۽ موصل جي اَميرن جي ڪم
همٿيءَ سبب رومي ڪفارن ايشيا مائنر تي ڪاهي
مسلمانن تي محشرستان ٻاري ڏنو. خليفةالمسلمين جي
بيڪسئ ۽ بختيار جي عياشئ ڪري اهڙو ڪوبه مرد ميدان
مسلمان حاڪمران ڪونه هو جو مظلوم رعايا جو فرياد
ٻڌي. آخر هن دردناڪ حادثي ۽ قتل عام جي آگاهي لاءِ
مسلمانن جي هڪڙي جماعت بارگاهِه خلافت ۾ اچي روبرو
خليفة المسلمين کي عرض ڪيو. بختيار اهڙي موقعي کي
غمينت ڄاڻي خليفي کان فوجن جي نقل و حرڪت جي خرچ
جي هڪ وڏي رقم جي گهُر ڪئي، پر خليفي جواب ۾ چيس
ته خطبي کانسواءِ هينئر مون وٽ ڇا رکيو آهي؟ پر
تنهن هوندي به جيڪڏهن فوج ڪشي ڪرڻ جي همت رکين ٿو
ته ”چشم مار روشن دل ما شاد“ ائين چئي هڪ وڏي رقم
کيس خرچ وغيره لاءِ پنهنجي ذاتي جائداد مان ڪڍي
ڏنائين. پر اِن وچ ۾ رومي سيلاب هزارن مسلمانن جو
خون پاڻئ وانگر وهائي ڇڏيو ۽ هو موٽي ويا هليا.
اهڙي طرح جنگ جي باهه هزارن مسلمانن جو خون پي پاڻ
مرادو وسامي وئي. مطلب ته مٿين رقم، جا
خليفةالمسلمين بختيار جي حوالي ڪئي هئي سان هن
پنهنجي عشرتڪده جي زينت تي خرچ ڪري ڇڏي. بختيار
ڪنهن ضروري ڪم سان اَهواز ڏانهن ويو، هن پنهنجئ
منصبئ جي عهدي تي پنهنجي ترڪ اهلڪار مان سبڪتگين
کي مقرر ڪيو. وفاداري ۽ اعتماد جو هن وقت جنازو
کڄي چُڪو هو. سندس غير حاضرئ ۾ ڪن ترڪ رفيقن جي
مدد سان سبڪتگين تخت ۽ تاج تي قبضو ڪري ورتو ۽
بختيار نااُميد رهجي ويو. جڏهن سبڪتگين زور ورتو
تڏهن هن خليفي مطيع کي چيو ته هاڻ خلافت جون واڳون
پنهنجي پُٽ شهزادي ابوبڪر عبدالڪريم جي حوالي ڪر.
هن سندس فرمان کي مڃيو. سن 363هه ۾ 19 سال 5 مهينا
خلافت تي رهي. امانت پنهنجي پٽ جي حوالي ڪري 63
سالن جي عمر ۾ ڪنهن بيمارئ وگهي مري ويو.
طائي باالله ابن مطيع
شهزادو ابوبڪر عبدالڪريم 13 ذي القعد سن 363هه
مطابق 5 آگسٽ سن 974ع ۾ 47 ورهين جي عمر ۾ طائي
بالله جي لقب سان خلافت تي ٿاڦيو ويو.
قصر خلافت ۾ فساد عزدالدوله ۽ صمصام الدوله جو
اِقتدار
خليفي طائي بالله جي ڏينهن ۾ به اَميرالامراء جي
منصبئ لاءِ ميدانِ ڪارزار هر وقت گرم رهيو.
بختيار، جو ڪو وقت عيش ۽ آرام سان مٿئين عهدي تي
رهي چڪو هو، تنهن سبڪتگين جي خلاف پنهنجي سؤٽ
عزالدوله کي چوريو. جنهن سن 364هه ۾ بغداد تي فوج
ڪشي ڪئي. پر انهيءَ وچ ۾ سبڪتگين انتقال ڪيو. ترڪن
اُفتگين جي هٿ هيٺ ميدان ۾ مقابلو ڪيو. پر تڪريت
جي معرڪي ۾ ترڪن هار کاڌي. عزدالدوله بغداد تي
قبضو ڪيو ۽ بختيار کي به قيد ڪيائين. مرزبان بن
بختيار، جو هن وقت بصره جو حاڪم هو. تنهن پيءُ جي
بچاءَ لاءِ پنهنجي چاچي رڪن الدوله ۽ عمران بن
شاهين ۽ ٻين اُمرائن کي مدد لاءِ درخواست ڪئي.
سندن مدد سان بختيار ٻيهر منصبي هٿ ڪئي. پر سن
367هه ۾ عزدالدوله فاتحانه تزڪ ۽ هشام سان بغداد ۾
وارد ٿيو، هن پنهنجئ شهنشاهيت جو اعلان ڪيو.
جيتوڻيڪ خلافت جي اَصلي صورت گهڻو اڳ بدلجي چُڪي
هئي. پر تنهن هوندي به مسجد جي منبر تي ڪڏهن به
شهنشاهئ جو خطبو ڪين پڙهيو ويو هو. پر عزالدوله جي
بارگاهِه منصبئ اڳيان ساڍن ٽن سون سالن جي عرصي
کانپوءِ صبح ۽ شام شهنشاهي جون نوبتون وڄڻ لڳيون.
خليفةالمسلمين سموريون اختياريون سندس حوالي ڪيون
۽ کيس تاج الملت جو خطاب ڏنائين. بختيار ٽيون
گهمرو اَبو تغلب بن حمدان جي مدد سان بغداد تي
قسمت آزمائي ڪئي. پر تڪريت جي معرڪي ۾ شڪست
کاڌائين ۽ سن 368هه ۾ مارجي ويو. تنهن کانپوءِ
عزدالدوله حمداني امير کان بدلي وٺڻ لاءِ موصل تي
ڪاهه ڪئي. اَبو تغلب شام ڏانهن ڀڄي ويو. جتي مارجي
ويو. گهڻي عرصي کانپوءِ يعنيٰ سن 380هه ۾ سندس ٻن
پٽن اِبراهيم ۽ حسين موصل تي قبضو ڪيو. اَبو طاهر
بن بقيه جو بختيار جي وزير مان هو، تنهن کي
عزدالدوله سولئ تي لٽڪايو. اَبوالحسن بن انباري جو
اُن وقت جو شاعر هو، تنهن اَبو طاهر جي باري ۾
هڪڙو مرثيو لکيو، جنهن جو لب لباب هن ريت هو .
”علوفي الحيات و في الممات“ يعني زندگي ۽ موت
ٻنهين ۾ سربلند رهيو. عزدالدوله جڏهن مٿيون مرثيو
ٻڌو تڏهن چيائين ته مان جيڪڏهن ابو طاهر وانگر
هجان ها ته جيڪر منهنجي حق ۾ به اهڙي مرثيه خواني
ٿئي ها!
هن ساندهه جنگين ۽ معرڪه آرائين جي ڪري خلافت
اسلاميه جو مرڪز بغداد بلڪل ويران ٿي ويو هو
تنهنڪري سن 319هه هن وزيراعظم مساجد، بازارين ۽
شفاخانن جي مرمت ڪرائي. علمائن سڳورن ۽ درويشن ۾
گهڻو خير خيرات ڪيائين، جنهن سندس نالي تي هڪڙو
وڏو شفاخانو تعمير ڪرايو. ايتري وڏي عهدي تي پهچڻ
کان پوءِ به سندس دل ۾ پنهنجي طاقت کي وڌائڻ جو
شوق دامنگير هو. سندس خاص دلي مراد اِها هئي ته
خلافت سندس خاندان ۾ بدلجي وڃي. اِن لالچ سان هن
پنهنجئ ڌئ جو سڱ خليفةالمسلمين کي ڏنو. پر سندس
مرادون پوريون ڪين ٿيون. جيئن ته سن 372هه ۾ وفات
ڪيائين کانئس پوءِ منصبئ جي عهدي تي سندس پٽ صمصام
الدوله جانشين ٿيو. جنهن کي خليفي شمس الملت جو
خطاب ڏنو. سندس ڏينهن ۾ باداَلڪردي حميدي دياربيڪر
جي حاڪم سن 374هه ۾ موصل فتح ڪري بغداد تي به ڪاهه
ڪئي پر هن ڏاڍي بهادرئ سان هٽائي ڇڏيس. سن 377هه ۾
سندس ڀاءُ اَبوالفوارس شرف الدوله اَهواز مان وڌي
واسط تي قبضو ڪيو. هن پنهنجي ٻن ڀائرن کي ايران جي
قلعي ۾ نظربند ڪري رکيو. سن 379هه ۾ شرف الدوله به
انتقال ڪيو. کانئس پوءِ سندس ڀاءُ اَبو نصر
بهاؤالدوله جي لقب سان سندس جانشين ٿيو. شرف
الدوله جي مرڻ کانپوءِ قلعي جي محافظن صمصام
الدوله ۽ ابو طاهر کي آزاد ڪيو. صمصام الدوله
شيراز پهتو. جيتوڻيڪ هو هن وقت اَنڌو هو، پر تنهن
هوندي به ديلمين سندس مدد ڪئي اتان جو ايران جو
حاڪم بنجي پيو. پر آخر سندس موت جا ڏينهن اچي
پويان ٿيا هئا. سن 388هه ۾ قتل ٿي ويو.
بني بويه خاندان وارن مان عزدالدوله ۽ شرف الدوله
جيڪي سن 949ع کان سن 989ع تائين وزارت جي عهدن تي
مقرر رهيا. سي وڏا علم دوست ۽ سخي مرد هئا. هنن
وزيرزادن نه رڳو بغداد شهر کي زبونئ کان بچايو پر
عالمن، فاضلن، شاعرن ۽ فلاسفرن جي به ڏاڍي عزت
ڪيائون. ابن سلام، عبدالرحمٰن نظام شمسئ جا وڏا
ماهر ٿي گذريا. اَبو الوفا مشهور اقليدس ماهر
GEOMETRICIAN
اُن زماني جا مشهور ليکجن ٿا.
بغداد شريف جا جيڪي به خليفا ٿي گذريا، سي اڪثر
رعيت پرور، علم دوست ۽ سخا جا صاحب ٿي گذريا. هنن
اِسلام جي ڏاڍي خدمت ڪئي. سندن باجبروت درٻارن ۾
هميشه علماء، فضلاء ۽ شاعرن، حڪيمن ۽ فلاسفرن جو
هجوم رهندو هو. وري هن خاندان جي جليل القدر
بادشاهن جا وزير به ساڳيا رعيت پرور ۽ وڏي سخاوت
جا صاحب هئا. سندن ڏينهن ۾ جيڪي به بزرگ ٿي گذريا،
تن لاءِ اڃا سوڌو دنيا محتاج آهي.مشرق خواهه مغرب
تي سندن بار احسان رهندو اچي ٿو. خليفي مطيع بالله
جي درٻار ۾ به مشهور معروف گوهر ٿي گذريا. مثلاً
علامه مسعودي، مشهور تاريخ نويس، مشهور حڪيم، اَبو
نصر فارابي، مشهور شاعر مطبني، مشهور ڪاتب اَبو
الفرج تنهن کان سواءِ اَبو القاسم دنواري ۽ ٻيا جي
حڪمت، علم، ادب ۽ فلاسافيءَ جا مايهء ناز گوهر ٿي
گذريا، تن جو نالو علمي نڪته نگاهه سان اڄ ڏينهن
سوڌو دنيا ۾ ياد آهي. بني بويه خاندان جي پوين
ايتريقدر زور ورتو جو سن 381هه ۾ بهاؤالدوله
خليفةالمسلمين کي گرفتار ڪري کانئس تخت ڇڏڻ لاءِ
انجام ورتو. تنهن کان سواءِ سندس سموري اِملاڪ تي
قبضو ڪيائين. هن خليفي ڪل 17 سال 8 مهينا ۽ 6
ڏينهن حڪومت ڪئي. سن 393هه ۾ خليفي قادربالله وٽ
76 ورهين جي عمر ۾ ملڪ عدم ڏانهن راهي ٿيو.
القادر بالله ابن متقي
خليفي طائي بالله جي گرفتاريءَ کانپوءِ 19 شعبان
المعظم سن381هه مطابق 1 نومبر سن 991ع شهزادي
ابوالعباس احمد بن مقتدر کي القادر بالله جي لقب
سان مسندِ خلافت تي ٿاڦيائون. هن پنهنجي ڀاءُ
معزول خليفي سان گهڻي مروت ڪئي. کيس پاڻ سان گڏ
رهائيندو هو. خليفو قادر بالله وڏيءَ ڪماليت وارو
نيڪ سيرت ۽ متقي هو. هر وقت عبادت الهيٰ ۾ مشغول
رهندو هو ۽ رات جوبه شبِ بيدارئ ۾ گذاريندو هو.
اهڙيءَ سليم طبع هوندي به واقعات کي منهن ڏنائين.
ڇاڪاڻ جو مصر جي فاطمي خليفن جي طاقت ويئي روز
بروز وڌندي. معزالدين جي مرڻ کانپوءِ سندس پٽ
اَلعزيز فاطميءَ شام جا ڪيترائي قلعا فتح ڪيا هئا.
هن خاندان جا خليفا پاڻ کي اَميرالمومنين سڏائيندا
هئا. فاطمي فرقي کي زور وٺائڻ لڳا. تان جو سندن
تحريڪ جو چرچو عراق ۾ مشهور ٿيڻ لڳو. انهن مشڪلاتن
کي منهن ڏيڻ لاءِ خليفةالمسلمين هڪڙي علمائن جي
محفل ڪوٺائي. پاڻ به وڏو عالم هو. هن اجتماع جو
اهو نتيجو نڪتو جو اَهل عراق فاطمي تحريڪ کي ڌڪارڻ
لڳا ۽ عباسي خليفن کي پنهنجو روحاني پيشوا سمجهڻ
لڳا. خليفي پاڻ ڪي اهڙا ڪتاب جوڙيا جن جي وسيلي
سان فاطمي تحريڪ روڪجي ويئي. سندس عهد حڪومت ۾
مشرق ۾ مشهور غزني خاندان جو افغانستان جي شهر
غزنيءَ ۾ پايو پيو. هن خاندان جي مشهور تاجدار
غازي سلطان محمود غزنويءَ هندوستان ۾ توحيد جو
ڏؤنڪو وڄايو. جنهن جو مختصر بيان هيٺ ڏجي ٿو.
غزنوي خاندان
جن ڏينهن ۾ سمانيه خاندان جا بادشاهه بخارا شريف ۾
بادشاهي ڪندا هئا. اُنهن ڏينهن ۾ اَبو اسحاق
(الپتگين) جو هن خاندان جو باني ليکجي ٿو. اصل
ترڪي نسل مان هو ۽ بخارا جي سماني سلطانن جي طرفان
ڪابل ۽ قنڌار جي وچواري شهر غزني جو فوجي اَمير
هو. سماني خاندان جي تاجدارن اٽڪل هڪ صدئ تائين
يعنيٰ سن 874ع کان سن 999ع تائين بخارا ۽ خراسان
تي حڪومت ڪئي. هن وقت هن خاندان جي پوين جو زور
گهڻو گهٽجي ويو. تنهنڪري الپتگين به وجهه وٺي
مٿئين پهاڙي علائقي تي قبضو ڪري پنهنجيءَ حڪومت جو
بنياد وڌو. سندس تختگاهه ساڳيو شهر غزني هو. هو
پنهنجي وقت جو بهادر ۽ خودمختيار حاڪم هو. کيس
وڌيڪ فتوحات جو دل ۾ ڪو شوق ڪونه هو تنهنڪري هن
غزني جي حڪومت تي قناعت ڪئي. هڪ لڱا سبڪتگين نالي
هڪڙو ترڪي غلام سندس درٻار ۾ اچي وڪاڻو. سلطان
ڇوڪري جي صورت ڏسي ڄاتو ته ڇوڪرو ڳڻائتو آهي. کيس
اولاد به ڪونه هو، تنهن ڪري قدرت الهيٰ اهڙو ڦيرو
کاڌو جو سبڪتگين غلامي حالت ۾ وڪاڻو. پر هينئر
سلطاني حڪم موجب حرم ۾ پرورش وٺڻ لڳو. جڏهن وڏو
ٿيو تڏهن شهزادن وانگر تيراندازي، گهوڙي سواري ۽
ٻين جنگي فنن ۾ خوب مشق وٺي پختو ٿيو.
سبڪتگين جو خواب
جڏهن انسان جي قسمت ۾ چڱو لکيل هوندو تڏهن اقبال
به اچي سندس پير چمندو آهي. سبڪتگين ڪيئن
بادشاهي حاصل ڪئي. تنهن پُراسرار حقيقت جو بيان هن
ريت آهي. هڪڙي ڀيري جڏهن سبڪتگين هيڪلو جنگ ۾ پئي
شڪار ڪيو، تڏهن هڪڙي هنڌ هرڻيءَ جا ٻه ننڍا ٻچا
ڏٺائين. جن کي پالڻ جي شوق سان کڻي گهوڙي تي چاڙهي
گهر ڏانهن هليو. جڏهن شهر جي ديوار وٽ پهتو، تڏهن
پوئتي نهاري ڏٺائين ته ٻچن جي ماءُ هرڻي سندس
پٺيان پٺيان پئي اچي. سندس دل ۾ محبت ڀرجي آئي ۽
ٻنهي ٻچن کي گهوڙي تان لاهي ڇڏيائين ۽ هرڻي پنهنجا
ٻچا وٺي موٽي جهنگ ڏانهن ويئي. رات جو سبڪتگين
خواب ۾ سردار دوجهان صلي الله عليھ وآلھ وسلم کي
ڏٺو. حضور صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن فرمايس ته
”اي سبڪتگين تو ڪمال مروت سان هرڻي جا ٻچا موٽائي
ڏنا. جنهن تي خداوند تعاليٰ توتي مهربان ٿيو آهي ۽
تون ستت ئي بادشاهه ٿيندين“. خدا جي قدرت جا رنگ
ڏسو جو، سلطان الپتگين کي هڪڙي نياڻي هئي. جڏهن
اُها بلوغت جي عمر کي پهتي، تڏهن سندس شادي
سبڪتگين سان ڪيائين. هن ميل جي ڪري سبڪتگين سلطان
جو ناٺي ٿيو ۽ تخت ۽ تاج لاءِ جائز وارث ٿيو، خوش
قسمتيءَ جا رنگ چئجن جو سن 995ع ۾ الپتگين مرڻ کان
ٿورو اڳ اَميرن ۽ وزيرن جي روبرو تخت سبڪتگين جي
حوالي ڪري راهي ملڪ عدم ٿيو.
هو غلام مان ڦري هن وقت سلطان ٿيو هو زماني جي
نشيب افروز مان چڱيءَ پر واقف هو. هو نهايتي رعيت
پرور، پاڙيسرين تي مهربان ۽ رحم دل بادشاهه ٿي
گذريو. بغداد جي خليفي به سندس خودمختياريءَ کي
تسليم ڪيو هو ۽ سلطان لاءِ هڪڙو جهنڊو ۽ هڪڙو چوغو
روانوڪيو هئائين. سلطان به بارگاهِه خلافت کي مڃڻ
لڳو. کيس خليفةالمسلمين جي طرفان ناصرالدوله جو
خطاب به مرحمت ڪيو ويو. سبڪتگين غزني خاندان جوسچو
باني ليکجي ٿو. سلطان نوح سماني جو هن وقت بخارا
جي تخت تي هو، تنهن کي تاتارين ۽ ترڪمانن لوڌي ڪڍڻ
لاءِ مٿس حملا ڪيا. پر سبڪتگين کيس مدد ڏني، جنهن
ڪري هو تاتاري فوجن کي شڪست ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿيو.
هندوستان تي اسلام جي ٻي يلغار ۽ نعره توحيد کان
پنجاب جي هندو راجائن جو ڪنبڻ
سرزمين هندوستان تي پهريون پهريون مسلمانن جو حملو
محمد بن قاسم جي زير سرڪردگيءَ هيٺ ٿيو ۽ مسلمانن
قنوج تائين ڪاهون ڪيون ۽ هن وقت سنڌ، ملتان ۽ اُچ
تائين عربن جي حڪومت هئي. اُهي نائب اڪثر تميم ۽
سمارا عراق جي شهرن جا رهاڪو هئا، جي
خليفةالمسلمين اَلمامون بن هارون رشيد جي عهدِمهد
۾ عراق کان لڏي اچي سنڌ ۾ گهر ڪري ويٺا هئا. سندن
اولاد اڃا به سنڌ ۾ موجود آهي. کين ٿهيم سڏيندا
هئا. پنجاب جنهن جون حدون هن وقت اُتر ۾ ڪشمير کان
اُڀرندي ۾ جال اندر (حلبندر) تائين هيون سوبه سنڌ
جو ڀاڱو ڪري ليکبو هو. هندوستان تي ٻيو حملو غزنين
جي سلطانن ڪيو. غزني اُها سرزمين آهي، جنهن جي
فرزندن هندوستان کي ماري ڪنبايو. جڏهن غزنوي
خاندان جو آفتاب ضياپاشي ڪرڻ لڳو، تڏهن پنجاب جي
راجا جئيپال جنهن جو تختگاهه لاهور ۾ هو، تنهن
اسلام جي وڌندڙ طاقت کي خيبر جي پار هندوڪش جبلن
جي پريان روڪڻ گهريو. اهي هندوستان جا هندو
راجائون ئي هئا جن پهريون مسلمانن سان ويڙهه ڪئي ۽
پوءِ اِسلام جي تلوار خون آشام جو تاب جهلي نه
سگهيا. ۽ يڪي بعد ديگري پائمال ٿيندا ويا ۽ سرزمين
هند جي بتخانن ۾ تڪبيرجي صدا ٻڌڻ ۾ آئي.راجا
غزنيءَ جي سلطان کي ڇيڙيو. جيئن عربن ڏکڻ اولهندي
کان حملا ڪيا، تيئن غزنين جي سلاطين اُتر اولهندي
کان جابلو درن کان هندوستان تي حملا ڪيا. اُنهن
درن مان خيبر جو درو بلڪل مشهور آهي. ڇاڪاڻ اُن
زماني ۾ هندوستان ۽ مشرقي ملڪن جو واپار هن رستي
کان ايران، چين، ترڪستان ۽ ٻين مغربي ملڪن سان
هلندو هو. آخر لاهور جي راجا غزنيءَ جي سلطان کي
ڇيڙيو. هن درهء خيبر تي ڪاهه ڪئي. جنگ جي ميدان
ڦيرو کاڌو ۽ جئيپال سبڪتگين هٿان شڪست کائي قيد
ٿيو. سلطان کي ساليانو خراج ڀري ڏيڻ لاءِ انجام
ڪيائين. اِن عهدنامي موجب هو آزاد ٿيو ۽ حڪومت
پنجاب کي آئينده غزنيءَ کي ڍل ڏيڻي پئي. پر راجا
جڏهن آزاد ٿي موٽي لاهور ويو تڏهن هن ڍل ڏيڻ ته
پري جنگ جو تاوان به ڀري ڪونه ڏنو. جنهن ڪري سلطان
پشاور تي ڪاهه ڪئي. ٻئي طرف راجا دهلي، اجمير،
ڪالنجر جي راجپوت راجائن کي مدد لاءِ لکيو، جن
وڏيءَ خوشيءَ سان کيس مدد ڏني. پر اسلامي افواج جي
اڳيان هندو راجپوتن جي دال ڳري نه سگهي. جيئن ته
جيئپال ٻيهر قيد ٿي ويو. هن ٻيو ڀيرو تاوان ۽ خراج
ڀري ڏيڻ جو واعدو ڪيو. سلطان کيس آزاد ڪيو. پر
پشاور جو شهر پنجاب کان ڇڄي غزنيءَ جي سلطنت سان
لاڳو ٿي ويو. سلطان سبڪتگين سن 387هه ۾ غزنيءَ
ڏانهن موٽندي وفات پاتي. هن جمله 20 ورهيه حڪومت
ڪئي.
سلطان غازي محمود فاتح هند
جڏهن سلطان سبڪتگين غزني ۾ وفات ڪئي، تڏهن شهزادو
محمود، جنهن کي بارگاهه خلافت مان يمين الدوله جو
خطاب پيءُ جي جيئري ئي ملي چُڪو هو، سو هن وقت
خراسان جي شهر نيشاپور ۾ هو. سندس ننڍي ڀاءُ
شهزادي اسمٰعيل تخت ۽ تاج پنهنجي قبضي ۾ رکيو.
جڏهن محمود کي ڀاءُ جي بدنيتي ۽ پيءُ جي وفات جي
خبر پهتي، تڏهن هن غزني تي ڪاهه ڪئي. شهزادو
اسمٰعيل گرفتار ٿي ويو. محمود تخت هٿ ڪيو ۽ ڀاءُ
سان ڪمال مروت سان هليو.
سن 1000ع ۾ سماني سلطنت، جا وڃي پوئين ڀرتي پهتي
هئي سا هينئر ڇڄي پرزا پرزا ٿي پئي. سلطان محمود
به وجهه هٿان نه وڃايو ۽ خراسان جو سمورو علائقو
غزنوي سلطنت سان لاڳو ڪري ڇڏيائين. هن وقت سلطان
محمود غزنوي ايشيا جي سڀني اِسلام جي تاجدارن مان
طاقتور ۽ نامور شهنشاهه هو. کيس خليفةالمسلمين
وتان يمين الدوله جو لقب مليل هو. هن پنهنجي پيءُ
جي زندگيءَ ۾ سر زمين خراسان ۾ حصو ورتو هو. هو
پاڻ وڏو بهادر ۽ جوڌو سپهه سالار هو. ننڍي هوندي
کان ئي سندس مرضي هئي ته سر زمين هندوستان کي
اِسلام جي نور کان فيضياب ڪجي ۽ هن ملڪ جي دولت ۽
آسودگيءَ جون ڳالهيون اُنهن قافلي وارن کان ٻڌندو
هو، جي اڪثر خيبر جي دري کان لنگهندا هئا. هن
سلطان 33 ورهيه غزنيءَ تي شهنشاهت ڪئي. انهيءَ
عرصي ۾ هن ڪل سترهن ڀيرا هندوستان تي ڪاهون ڪيون.
جن ڪاهن مان مشهور حملن جو هتي بيان ڏجي ٿو.
پنجاب جي راجائن کي شڪست ۽ اسلامي افواج لاءِ
هندوستان جا در کُلي پوڻ
جئيپال جنهن خراج ڀري ڏيڻ جو انجام ڪيو هو سو وري
سرڪشي ڪرڻ لڳو. غازي محمود کيس سخت سيکت ڏيڻ لاءِ
پنجاب تي ڪاه ڪئي. جئيپال سخت شڪست کاڌي ۽ ڏک شرم
کان پاڻ کي جيئرو باه ۾ ساڙي پورو ڪيائين. سندس پٽ
راجا آنند پال گادي تي ويٺو. هن خراج ڀري ڏيڻ
منظور ڪيو. پر ستت ئي هندوستان جي هندو راجائن کيس
مدد ڏني. جن جي مدد سان هن پشاور تي ڪاهه ڪئي. چون
ٿا ته هندو زالن به پنهنجا زيور وڪڻي فوجن جي مدد
ڪئي. سندن فوجن سان گڏ بيشمار هاٿين جا دستا هئا،
جن تي هنن کي فخر هو. هوڏانهن سلطان غازي به ترڪن
جي فوج وٺي سندن مقابلي لاءِ نڪتو. هندن جي گڏيل
فوجن سخت شڪست کاڌي. ۽ سنڌو درياهه تائين سمورو
ملڪ غزنين جي سلطنت سان شامل ٿي ويو. جنگ جي هار
کائڻ کان پوءِ اَنندپال دلشڪستو ٿي مري ويو. سندس
پٽ جئيپال ثاني گادي نشين ٿيو. سلطان لاهور تي
ڪاهه ڪئي. راجا سندس راولپنڊيءَ وٽ مقابلو ڪيو. پر
سن 1008ع ۾ شڪست کائي اَجمير ڏانهن ڀڄي ويو. سندس
ڀاڄ کانپوءِ هندوستان جا در اِسلامي فوجن لاءِ
هميشه لاءِ کُلي ويا.
هندوستان جي بت خانن ۾ ٿرٿلو ۽ باطل پرستن تي حق
پرستن جي فتح
هندوستان ۾ جابجا مندر ۽ بت خانا هئا، جي بيشمار
سون ۽ پيسن سان ڀريل هئا. اڪثر هندو ٻڌ ڌرم جا
پيرو هئا. هو مٿي ۽ پيرن کان اُگهاڙو ڪري گهمندا
هئا. فقط ڪمر سان هڪڙي ڌوتي ٻڌل هوندي هين. چمڙي ۽
ٻين اهڙين شين کان هو پرهيز ڪندا هئا. جتيون پائڻ
۽ گهوڙن تي چمڙي جي زين رکي چڙهڻ، اهو رواج هو
عربن کان سکيا هئا. هو بهادر ۽ جنگجو هئا. سندن
مشهور هٿيار تيرڪمان، ڍال ۽ تلوار هو. جيئن هو
عربي جانباز نيزي بازن اڳيان پڙي ڪين سگهيا تيئن
هينئر به افغانن ۽ ترڪن جو مقابلو ڪري ڪين سگهيا.
ڇاڪاڻ جو هو سرد ملڪن جا رهاڪو هئا. فاقيه مستي ۽
دليري سندن مکيه گڻ هئا. سن 1008ع ۾ سلطان غازي
محمود ننگرڪوٽ جي ديري تي حملو ڪري اُتي جي مندرن
کي ڀڃي ڇڏيو ۽ مورتن مان کيس ڪيترائي مڻ سون جا ۽
ٻيا قيمتي پٿر هٿ لڳا. سندس مورتن ڀڃڻ ڪري کيس
تاريخن ۾ اڪثر (بت شڪن) يا مورت ٽوڙ جي لقب سان
سڏين ٿا. ڇاڪاڻ جو هو جتي ويو، اُتي بتخانن جي
مورتن کي ڀڳائين. سن 1012ع ۾ هن ڪشمير تي ڪاهه ڪئي
۽ مظفر ۽ منصور ٿي موٽيو. سن 1018ع ۾ مٿرا تي حملو
ڪيائين. جو هڪ مشهور بتخانو ۽ هندن جي تيرٿ جي
جاءِ هئي. هتي جي بتخاني کي بچائڻ لاءِ جيتوڻيڪ
قنوج جي راجا سلطان جي آڻ مڃي، پر مٿيون بتخانو
مجاهدانِ اسلام جي هٿان ناس ٿي ويو. سلطان ڪمال
مروت سان راجا کي سندس ملڪ موٽائي ڏنو. چون ٿا ته
هتي جو بتخانو ايترو وڏو هو ۽ منجهس ايتريقدر بت
رکيل هئا، جو اسلامي فوجن کي رڳو بتن جي ڀڃڻ ۾
برابر ٽي هفتا لڳا.
سومناٿ جي مندر تي ڪاهه مان بت فروش نه آهيان پر
بت شڪن آهيان
جيئن مشهور الف ليليٰ جي ڪتاب ۾ مشن ڳڙهه جي
بتخاني جو قصو عجيب ۽ غريب آهي. تيئن هندوستان جي
تاريخ ۾ سومناٿ جو مندر به پنهنجي پُراسرار روايتن
کان قديم زماني کان مشهور آهي. وڏن وڏن سياحن هن
مندر جي باري ۾ پُراسرار بيان قلمبند ڪيا آهن.
سلطان غازي محمود، جيڪي به هندوستان تي حملا ڪيا
آهن، تن مان سومناٿ جو حملو تاريخن ۾ اهم ترين
ليکجي ٿو. سن 1524ع ۾ سلطان غزني مان وڏو لشڪروٺي
پهرين منزل ملتان ۾ ڪري طوفان وانگر سومناٿ تي
ڪاهه ڪئي. هيڏي ساري راجپوتانا جي رڻ پٽ کي اُٺن
جي وسيلي لتاڙي ٻي منزل اچي اَجمير ۾ ڪيائين. راجا
شهر ڇڏي خوف کان ڀڄي ويو. مسلمانن سندس دولت تي
قبضو ڪيو ۽ پوءِ اڳتي وڌيا. سومناٿ سڄي هندوستان ۾
هندن جو وڏو بت خانو هو، منجهس شِو جي وڏي مورت
رکيل هئي. جنهن کي برهمڻ هر روز گنگا نديءَ جي جل
سان اِشنان ڪرائيندا هئا. مهيني ۾ ٻه دفعا هتي وڏو
ميلو لڳندو هو. سومناٿ گجرات جي ڏکڻ ۾ سمنڊ جي
ڪناري تي هڪ مشهور بندرگاهه به هو. تاريخن مان
معلوم ٿو ٿئي ته سومناٿ ۽ ويراول هندوستان جا قديم
بندرگاهه آهن. جي واپار کان مشهور هئا. عرب به
سرانديپ، مالابار ۽ جاوا جي ڏيساورن سان هن
بندرگاهه رستي واپار ڪندا هئا. مندر سمنڊ جي ڪناري
تي هو. خاص ڪري چنڊ گرهڻ ڏينهن هزارين ياتري سمنڊ
۾ اِشنان ڪرڻ ۽ مورتئ جي پوڄا ڪرڻ ايندا هئا. مندر
جو بيشمار خرچ گجرات ۽ ٻيا هندوستان جا راجائون
ڀريندا هئا. مندر جي پاٺ ۽ پوڄا لاءِ راجائن جون
ڌيئرون هيون، جن پنهنجي زندگي مندر جي سيوا لاءِ
وقف ڪري ڇڏي هئي. سي هميشه ڪئسري پوشاڪ پهري ڀڄن
ڳائينديون ۽ ناچ ڪنديون هيون. مسلمانن جي ڪاهه جو
ٻڌي مختلف ملڪن جي راجائن بيشمار فوجون ۽ دولت
رواني ڪئي. ڪي ته سرِميدان جنگ ۾ اچي وڙهڻ لاءِ
شامل ٿيا. ٻئي طرف سلطان الغازي به فوجن کي تيار
ڪري ساڻن گڏجي سلطان به هڪڙئ صف ۾ بيهي بارگاهِه
الاهيءَ ۾ سجدو ڪيو ۽ مناجات ۾ فتح لاءِ دعا
گهريائين.
ایک ہی صف میں کھڑے محمود و اَیاز
نہ کوئی بندہ رہا نہ کوئی بندہ نواز
صبح صادق ڌاري نماز مان فارغ ٿي حملي لاءِ حڪم
ڏنائين چؤطرف نعرء تڪبير جي فلڪ شگاف آواز کان
مندر جي گنبذ جو طلسمي پتل جو نشان ڪنبڻ لڳو. هندن
مندر جي بچاءَ لاءِ خوب دل کولي جنگ ڪئي. ٻه
ڏينهن ساندهه دوبدو گهمسان جي ويڙهه لڳي. فتح ۽
شڪست جي ڪا خبر ڪانه پئي. مسلمانن جون فوجون
راجپوتن جي فوجن جي مقابلي ۾ جيتوڻيڪ اٽي ۾ لوڻ جي
برابر هيون پر مجاهدان اِسلام، جي پنهنجا گهر ۽
گهاٽ هزارن ميلن جي فاصلي تي ڇڏي آيا، تن جي
استقلال ۽ همت کي ڏسي هندن جا پير ميدان مان
اُکڙجي ويا. سندن سڀئي تدبيرون اُلٽجي ويون. جيئن
ته ٽئين ڏينهن مجاهد اعظم فوجن سميت مندر جي
دروازي کي مسمار ڪري اندر داخل ٿيو. ۽ هندو يا ته
وڙهندي مارجي ويا يا ته ميدان ڇڏي ڀڄي پنهنجي جان
بچايائون. مسلمان اندر وڃي ڏسن ته سوين برهمڻ بت
اڳيان مٿو ٽيڪي ويٺا هئا. ۽ هندن جي فتح لاءِ پٿر
کان دعا پني رهيا هئا. بتن جي حفاظت لاءِ برهمڻن
بيشمار دولت آڻي سلطان جي قدمن اڳيان رکي ۽ نهايت
ئي عاجزئ سان نيزاري ڪيائون ته دولت وٺو پر بت کي
نه ڀڃو،“ سلطان جواب ڏنو ته ”مان دولت جو بکيو ڪين
آهيان، جو ڀڃڻ جي عيوض بت کي وڪڻا“. ائين چئي نيزو
جيڪو هٿ ۾ هوس سو وٺي زور سان بت کي هنيائين، جو
پرزا پرزا ٿي ويو ۽ منجهانس بيشمار موتي ۽ جواهر
ڇن ڇن ڪري پٽ تي ڪِري پيا. چون ٿا ته هتان مسلمانن
کي بيشمار خزانو هٿ لڳو. تنهن کانپوءِ هڪ سال
تائين سلطان گجرات جي راجائن کي مات ڪري وري
ريگستان جي رستي غزنئ ڏانهن موٽيو کيس رستي ۾
البته پاڻئ جي کوٽ ٿي پر آخر سلامتئ سان وڃي
پنهنجي تختگاهه ۾ پهتو.
غزني جو عروج
جيئن اِسلام جي سائي هيٺ دمشق، بغداد، قيروان ۽
ٻين شهرن رونق ورتي، تيئن تيئن غزني
Ghznai
به هن سلطان جي ڏينهن ۾ مشرق ۾ ڪمال شهرت حاصل
ڪئي. جيئن رومي پهريون وادئ ٽائبر ۾ ڪي جهوپڙيون
اڏي ويٺا ۽ رفته رفته اُهي جهوپڙيون وري سنگ مرمر
جي محلاتن جي صورتن ۾ نمودار ٿيون. تيئن غزني ۾ به
پهريون ڪي ٿوريون جهوپڙيون هيون، پر سلطان محمود
غزنويءَ هندوستان جي بيشمار دولت مان هن شهر ۾ وڏا
وڏا محلات، قيمتي مساجد، مڪتب ۽ شفاخانا تيار
ڪرايا. سلطان الغازي پاڻ علم ۽ شاعرئ جو شوقين هو،
تنهن ڪري سندس درٻار ۾ وڏا وڏا علماء، فاضل، شاعر
۽ مايهء ناز اديب رهندا هئا. هتي جي علمي محفل جو
چرچو پري پري تائين هوندو هو ۽ عيسوي يارهين صدئ
جي زماني ۾ غزنئ جو تختگاهه دنيا ۾ مشهور هو.
سلطان هتي هڪ قيمتي عاليشان مسجد تعمير ڪرائي جا
(عروس فلڪ) جي نالي سان سڏجڻ ۾ آئي. هن سلطان کي
علم ۽ شاعرئ لاءِ ايتريقدر شوق هو، پرانهن ملڪن جا
شاعر سندس هاڪ ٻڌي سندس درٻار ۾ رهندا هئا. جن کي
بارگاهه سلطاني ۾ گهڻي عزت مليل هئي. فردوسي،
بيروني ۽ دقيقي هن زماني جا مشهور شاعر ۽ ڪماليت
جا صاحب ٿي گذريا. منجهانئن فردوسي مشهور وقت جو
شاعر ٿي گذريو جنهن کي سلطان ايران جي مشهور تاريخ
شاهنامي لکڻ لاءِ حڪم ڏنو ۽ هر هڪ بيت جي سٽ لاءِ
سوني اَشرفي ڏيڻ جو انجام ڪيائين. فردوسي ءَ کي
ايران جو هومر
HOMER
ڪري ليکين ٿا. هو خراسان جي طوس شهر جو رهاڪو هو.
هن سلطان جي فرمان موجب ٽيهن سالن جي محنت کان
پوءِ مٿئين تاريخ شعرن ۾ جوڙي تيار ڪئي. جنهن ۾ سٺ
هزار بيت هئا. جڏهن موٽي درٻار ۾ آيو ۽ انعام لاءِ
گهر ڪيائين، تڏهن ايڏي وڏي رقم بدران سلطان کيس
چاندئ جا سِڪا ڏيڻ لڳو. پر هن وٺڻ کان انڪار ڪيو ۽
درٻار ڇڏي نڪري ويو. سندس وڃڻ کان پوءِ سلطان
پڇتائڻ لڳو. آخر انجام ڪيل رقم طوس ڏانهن ڏياري
موڪليائين، پر افسوس جو ساڳئي ئي ڏينهن جڏهن
سلطاني ايلچي طوس ۾ پهتو، فردوسي انتقال ڪيو.
سلطان ۽ فردوسي جي گفتگوءَ جا گهڻا عجيب ۽ غريب
ڪلام چيل آهن. مثلاً جڏهن سلطان پنهنجي ڪيل انجام
جي انحرافي ڪئي، تڏهن فردوسيءَ جيڪو ڪلام چيو.
تنهن جو ترجمو هن ريت آهي:
” اي سلطان تون غلام جو پٽ آهين، تنهنڪري ٿورو
انعام ڏين ٿو، پر جي تنهنجي ماءُ شاهي خاندان مان
هجي ها ته جيڪر مونکي بيشمار مال انعام ۾ ڏين ها.“
سلطان محمود غزنوي جهڙو باجبروت شهنشاهه ٿي گذريو.
اهڙو وري انصاف پرست به هو. سندس عدل ۽ انصاف جي
هاڪ هن ريت تاريخ حريت اِسلام ۾ ڪيل آهي ته ”هڪڙي
لڱا هڪڙي شخص اچي کيس فرياد ڪيو، ته تنهنجو ڀاڻيجو
منهنجئ غير حاضرئ ۾ منهنجي گهر ۾ دخل ڪري منهنجي
زال کي ستائي ٿو ”آخر سلطان ساڻس گڏجي وڃي هڪڙي
هنڌ لِڪي ويهي رهيا. شهزادو پنهنجي عادت موجب هن
جي گهر ۾ پيهي آيو، تڏهن هن سلطان وڃي پنهنجئ
تلوار سان ڀاڻيجي جو سر وڍيو. پوءِ هن شخص کان
پاڻي گهرائي پيتائين. تنهن کانپوءِ ٻه نفل نماز جا
ادا ڪيائين. هن شخص پڇيس ته پاڻي پيڻ جو ڪهڙو سبب؟
جواب ڏنائين ته مون قسم کنيو هو ته جيسين انصاف
پورو نه ڪندس تيسين پاڻي هرگز نه پيئندس.پر هينئر
مون پنهنجو انصاف پورو ڪيو ۽ ٻه نفل شڪراني جا ادا
ڪيم“.
خواجه نظام الملڪ طوسي لکي ٿو ته علي نوشتگين
سلطان جو مشهور سپهه سالار هو. هڪڙي ڏينهن شراب جي
نشي ۾ مست ٿي ڪري گهوڙي تي لڏندو لمندو پئي آيو،
ته واٽ تي قاضي جي مٿس نگاهه پئي، جنهن گهوڙي تان
لهرائي. پنهنجي هٿن سان دُرا هنيس. ايتريقدر جو هو
بيهوش ٿي ڪري پيو. ٻئي ڏينهن سپهه سالار سلطان جي
درٻار ۾ وڃي قاضي جي خلاف فرياد ڪئي ۽ سلطان کي
ڪپڙا لاهي پنهنجي پٺن وارا ڌڪ ڏيکاريائين. جنهن تي
نشان اڃا تائين بيٺل هئا. پر سلطان جواب ڏنو ته
”اي علي تو به ڪر ۽ ٻيهر شراب پي گهر کان ٻاهر نه
نڪر“
سندس عهدِ مهد ۾ حضرت سلطان اَبوالحسن خرقاني رح
مشهور بزرگ ٿي گذريو. سندس محفل ۾ سلطان شرف حاصل
ڪيو هو ۽ مٿئين ڪامل درويش کيس هڪ خرقو عطا ڪيو
هو. چون ٿا ته سومناٿ جي گهيري وقت اُهو خرقو
پهري فتح لاءِ بارگاهه الهيٰ مان دعا گهري هئائين.
سلطان محمود 35 ورهيه غزنئ تي حڪومت ڪري سن 421هه
مطابق 1030ع ۾ وفات ڪئي.
سن 1839ع ۾ لارڊ آڪلنڊ فرمانرواءِ هند جي ڏينهن ۾
جڏهن انگريزن جي افغانستان سان پهرين ويڙهه شروع
ٿي، تڏهن انگريزن قنڌار ۽ غزني تي قبضو ڪيو. هنن
سلطان محمود جي مقبري وارو دروازو پٽي هندوستان ۾
آندو. انهيءَ مراد سان ته مٿيون دروازو سومناٿ جي
مندر جو هو، پر دراصل اُهو دروازو سومناٿ جي درن
مان ڪين هو. اُهي دروازا اڃا سوڌو آگري جي قلعي ۾
پيا آهن.
سمانيا خاندان جي پڄاڻيءَ کان پوءِ سلطان جي ڏينهن
۾ وچ ايشيا کان هڪڙي ترڪماني قوم اچي خراسان ۾ گهر
ڪري ويٺي، جا پوءِ (سلجوق) جي نالي سان مشهور ٿي.
سلطان محمود غزنويءَ کي مٿين قوم ڍل ڀريندي هئي.
پر رفته رفته هيءَ قوم ويئي جيئن پوءِ تيئن زور
وٺندي. سلطان جي وفات کان پوءِ سندس پٽ شهزادو
مسعود غزني جي تخت تي ويٺو. پر هو پيءُ وانگر
جراتمند ڪين هو. کيس سلجوقين مان اچي خوف جاڳيو.
هن لشڪر وٺي مٿن ڪاهه ڪئي. پر هرات جي معرڪي ۾ سخت
شڪست کاڌائين. هن شڪست کانپوءِ غزنئ جي سلطنت جو
شيرازو بدلجڻ لڳو.
خليفي قادر بالله جي ڏينهن ۾ گهڻن ئي حڪومتن جو
آغاز ۽ زوال رونما ٿيو. جيئن ته سن 382هه ۾ بني
حمدان سلطنت جو موصل ۾ خاتمو ٿيو. سندس جاءِ تي
دولت بني مسيب جو آغاز شروع ٿيو. سن 388ع ۾
ڪردستان ۾ بنو حسنويه ڪردي حڪومت جو آغاز شروع ٿيو
جا سن 402هه تائين قائم رهي. سن 399ع ۾ حلب ۾ صالح
بن مرداس (بنو صالح) حڪومت جو پايو وڌو جا سن474هه
تائين شان شوڪت سان قائم رهي. اهڙئ طرح سن 389هه
سمانيا حڪومت جو خاتمو ٿيو.
سن403هه ۾ اميرالامراء بهاؤالدوله وفات ڪئي. سندس
پٽ اَبو شجاع سلطان الدوله سن 405هه ۾ شيراز ۾
وفات ڪئي. سن 416هه ۾ مشرف الدوله ڏاڍي ٺاٺ سان
حڪومت ڪري مري ويو ۽ اَميرالامراء جي منصبي تي
سندس ٻيو ڀاءُ جلال الدوله مقرر ٿيو. سندس ڏينهن ۾
11ذوالحج سن 422هه مطابق سن1031ع ۾ نومبر 31 تاريخ
87 ورهين جي عمر ۾ 41 ورهيه حڪومت ڪري
خليفةالمسلمين قادر بالله وفات ڪئي. سندس وقت ۾
گهڻائي نامور شاعر ٿي گذريا. جيئن ته قاضي
عبدالجبار مشهور حڪيم هو، ابو اسحٰق اسفراني ۽
علامه شيخ مغيد وڏا عالم ٿي گذريا، وري شاعرن مان
اَبو عمر بن دراج ۽ ابن شاهين ۽ ٻيا مشهور شاعر ٿي
گذريا. هي خليفو حليم طبع ۽ نهايتي دور اَنديش
حاڪم هو. سندس اَهلڪارن ڪڏهن به ساڻس نافرماني نه
ڪئي.
القائم بامرالله اول ابن قادر
قادر بالله جي وفات کانپوءِ سندس پٽ شهزادو اَبو
جعفر عبدالله سن 422هه ۾ القائم بامرالله جي لقب
سان خلافت تي ويٺو. هي خليفو وڏو زاهد، عالم ۽ سخي
هو پر سندس وزير جلال الدوله اهلڪارن جون تنخواهون
هضم ڪيون. جنهن سبب ڪري جابجا قتل ۽ غارتگيريءَ جي
بازار گرم لڳي. سن 429هه ۾ جلال الدوله (ملڪ
الملوڪ) يعنيٰ شهنشاهه جي لقب سان پاڻ کي سڏائڻ
لڳو. سن 435هه ۾ هن وفات ڪئي. کانئس پوءِ اَبو
ڪاليجارين سلطان الدوله بن بهاؤالدوله اميرالامراء
مقرر ٿيو. جنهن کي خليفي (محي الدين) جو لقب ڏنو.
سلجوقي خاندان
The Seluuk Dynasty:
تاتاري قومن مان گهڻن ئي اسلام اختيار ڪيو ۽ مختلف
ملڪن تي شهنشاهي ڪئي. جيئن هندوستان ۾ چغطائي مغلن
شان ۽ دٻدٻي سان حڪومت ڪئي، تيئن سلاجقه قوم جا
شهنشاهه به نامور ٿي گذريا.
هن قوم جي شهرت سن 408هه مطابق سن 1017ع ۾ شروع
ٿي. ترڪي قوم جي نامور سردار بيغو خان جي سپهه
سالار وفاق جو پٽ (سلجوق) پنهنجي وقت جو بلڪل
هوشيار امير هو. بيغو خان پنهنجي خاتون جي چئي تي
هڪڙي ڀيري سلجوق جي بي عزتي ڪرڻ ٿي گُهري، پر هو
ترڪستان ڏانهن ڀڄي ويو. ساڻس سندس قوم جا ماڻهو ۽
لشڪر به شامل هو. هتي هنن دين اسلام اختيار ڪيو.
هو پنهنجي حڪومت کي وڌائڻ جي ڪوشش ۾ لڳي رهيو ۽ هڪ
سو ستن ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪيائين. شروعات ۾
سندن غزني جي سلطان غازي محمود سان دوستي جو رستو
هو، پر هڪڙي دفعي طغرل بيگ جي سفير کي سلطان
الغازي ڪالنجر ۾ قيد ڪيو. ڪجهه اِن سبب ڪري ۽ ڪجهه
ٻين اهڙن سببن ڪري سلطان جي وفات ڪرڻ کانپوءِ سندس
پٽ مسعود ۽ اَمير طغرل بيگ (جو سلجوق جي اولاد مان
هو) جي وچ ۾ ڪي جنگيون لڳيون. جنهن کان پوءِ
خراسان جي سموري علائقي تي طغرل بيگ جو قبضو ٿي
ويو ۽ غزني جي سلطنت هيٺ افعانستان ۽ پنجاب جو
علائقو رهجي ويو. سلطان مسعود جي وفات پُڄاڻان
غزني جي تخت تي يڪي بعد ديگري ڪيترن ئي شهزادن
حڪومت ڪئي. جن سان سلجوقين جي دشمني هلندي آئي. پر
پوئين تاجدار سلطان ابراهيم جي ڏينهن ۾ غزنئ جي
درٻار ڪجهه رونق ورتي هي سلطان علم ۽ حڪومت جو
ڪوڏيو هو. سندس درٻار ۾ گهڻائي نامور شاعر ۽ حڪيم
ٿي گذريا. مشهور حڪيم سينائي سندس وقت ۾ مشهور
فيلسوف هو. جنهن جي حسن انتظام سان غزني خاندان ۽
سلجوقين جو پاڻ ۾ صلح ٿيو. تنهن کانپوءِ ابراهيم
سمورو رخ غزنيءَ ۽ هندوستان ڏي رکيو. جنهن جو بيان
اڳتي هلي ڏبو. في الحال عزني خاندان کي هتي پورو
ڪجي ٿو.
سلطان طغرل بيگ محمد
هرات جي جنگ ۾ جڏهن سلطان مسعود شڪست کاڌي، تڏهن
طغرل بيگ پنهنجي قوم جو سچو پچو بادشاهه هو. سندس
حڪومت هن وقت خراسان تي هئي. هرات جي جنگ کانسواءِ
هو ٻين معرڪن ۾ به ڪامياب رهيو. هن وقت بغداد جي
تخت تي خليفو قائم بامرالله هو جو ديالميه اميرن
جي اِقتدار ۽ سندن سختين کان اچي تنگ ٿيو هو.
تنهنڪري اهڙي پريشانيء کي مٽائڻ لاءِ اَمير طغرل
بيگ محمد جي فتوحات ۽ بهادرئ جي ڪارنامن کي ڏسي
کيس مبارڪبادئ جو پيغام موڪليائين. خليفةالمسلمين
وٽان مبارڪبادئ جي پيغام کي غنيمت ڄاڻي سن 447هه
مطابق سن 1055ع ۾ بغداد پهتو. جتي بني بويه خاندان
جي اميرن جو زور ڀڃي پاڻ قائم ٿي ويٺو. هن ستت ئي
جرجان، خوارزم ۽ عراق عجم جا علائقا فتح ڪيا. سندس
ڏينهن ۾ ڪيترن ئي عراق جي شهزادن اچي سندن دامن
هيٺ پناه ورتي. جن کي هن ڪمال مروت سان ڪيترن ئي
علائقن جي شهزادن اچي سندن دامن هيٺ پناهه ورتي
جنکي هن ڪمال مروت سان ڪيترن ئي علائقن تي حاڪمران
مقرر ڪري جس کٽيو. مشهور تاريخ نويس علامه ابن
اثير لکي ٿو ته امير طغرل بيگ سياڻو، نرم دل ۽ سخي
بادشاهه تي گذريو. ايتري طاقت جو صاحب ٿي ڪري به
سندس گذران بلڪل سادو هو. هو علم جو ڏاڍو شوقين
هو. هن سلطنت جي طول عرض ۾ ڪيترائي مڪتب، مساجد ۽
عمارتون تعمير ڪرايون. مٿئين صفات کانسواءِ خالص
منجهس مذهبي جوش به هو. سن 429هه ۾ جڏهن هن
نيشاپور فتح ڪيو. تڏهن اُن وقت ماهِه صيام جو
مهينو هو. سندس فوجن جي خواهش هئي ته شهر ۾ ڦرمار
ڪجي. سندس ڀاءُ چغري بيگ جي به اها مراد هئي، پر
هن حڪم ڏنو ته رمضان المبارڪ جو مهينو پاڪ آهي.
تنهنڪري اهڙي پاڪ مهيني ۾ ڦرلٽ ڪرڻ جائز نه آهي.
جڏهن عيد رمضان جو سڳورو ڏينهن پورو ٿيو. تڏهن هن
ڦر ڪرڻ لاءِ سندس فوجن کانئس اجازت گهري پر هن
فرمايو ته خليفةالمسلمين مون کي مبارڪبادئ جي
پيغام سان گڏ مخلوق خدا سان سلوڪ رکڻ لاءِ هدايت
ڪئي آهي. تنهنڪري اسان تي فرض آهي ته وقت جي خليفي
جي حڪم جي پيروي ڪيون. سندس ڀاءُ چغري بيگ اِهو
جواب ٻڌي خودڪشي ڪرڻ لڳو. جنهن تي لاچار سلطان
اَهل نيشاپور کان چاليهه دينار اوڳاڙي فوجن کي
ورهائي ڏنا. خواجه نظام الملڪ طوسي جو هن خاندان
جو وزير هو. تنهن مٿيون ڳالهيون هن خاندان جي
سلاطين جي تاريخ ۾ قلمبند ڪيون آهن.
سلطان طغرل بيگ محمد سلجوقي خاندان جو پهريون
بادشاهه هو. سندس عهدِمهد مسلمانن لاءِ برڪت جو
زمانو هو. ڇاڪاڻ جو عباسي سلطنت جو ڏيئو دجلا
درياهه جي ڪناري تي غوطا کائي رهيو هو. آفريقا ۽
مصر تي بنو فاطميه خاندان جي خليفن جون ڪارروايون
اسلام جي دامن تي سياهه داغ هيون. هوڏانهن مشرق ۾
غزنوي خاندان جو آفتاب غروب ٿي چُڪو هو. عراق ۾
بنو بويه خاندان به ڪم طاقت ٿي چڪو هو. هوڏانهن
ٻئي طرف رومي پنهنجي وڃايل ملڪ کي وري هٿ ڪرڻ لاءِ
وجهه ڳولي رهيا هئا. اهڙي پُر آشوب زماني ۾ سلطان
طغرل بيگ بغداد ۾ وارد ٿي عبدالرحيم نالي بني بويه
اَمير کي سن 447هه ۾ قيد ڪري خليفةالمسلمين کي
آزاد ڪيو. جيئن ته اَمير عبدالرحيم خليفي کي گهڻو
تنگ ڪيو هو. سن 450هه ۾ عبدالرحيم قيد ۾ دم ڏنو.
هي بني بويه خاندان جو پويون اَمير الامراء هو.
سندس مرڻ کانپوءِ بني بويه خاندان جو خاتمو ٿيو.
سلجوقي سلطان جي اهڙئ خدمت جي عيوض خليفةالمسلمين
قائم بامرالله کيس رڪن الدين جو خطاب ڏنو ۽ پنهنجئ
ڌئ جو سنڱ سلطان کي ڏنائين. جيتوڻيڪ هاشمي اَميرن
طرفين جي مخالفت ڪئي. پر خليفة المسلمين جو ان ۾
ڪو ڏوهه ڪونه هو ڇاڪاڻ جو عباسي طاقت گهڻو گهٽجي
وئي هئي. هن وقت خليفةالمسلمين جي اقتدار کي رڳو
سلطان طغرل بيگ قائم رکيو هو. اهڙين حالتن ۾ خليفي
جيڪڏهن سلطان کي سنڱ ڏنو ته ڪو عيب جو ڪم ڪونه
ڪيائين.
فاطمي تحريڪ جو عراق ۾ خاتمو
اَرسلان بساسيري، جو در اَصل ترڪي نسل مان هو ۽
بهاءُالدوله بن عزدالدوله جو سپهه سالار ٿيو ۽ آخر
اميرالامراء جي منصبئ کي پهتو هو، تنهن آخر زور
ورتو. جو سن 441هه ۾ اَنبار ۾ هڪ جدا حڪومت جو
بنياد وڌائين. وري جڏهن ڪن ڳالهين تي سندس خليفي
سان ناسازي پيدا ٿي، تڏهن هن خطبي ۾ مصر جي فاطمي
خليفي جو نالو پڙهڻ لاءِ حڪم ڏنو. سلطان طغرل بيگ
جو ننڍو ڀاءُ اَمير ابراهيم جو هن وقت جبل ۽ همدان
جو حاڪم هو، سو به مٿئين تحريڪ جي جادوءَ هيٺ اچي
ويو. هن سن 450هه ۾ بغداد جي سڀني مسجدن ۾ خليفي
المستنصر فاطمئ جي خلافت جو اعلان ڪيو. سلطان طغرل
بيگ محمد مٿن فوج ڪشي ڪئي. بسا سيري پهريون موصل
ڏانهن ڀڳو پر پوءِ مارجي ويو. اهڙئ طرح قائم
بامرالله جي خلافت ٻيهر قائم ٿي. هن خدمت جي عيوض
خليفةالمسلمين سلطنت جون سموريون واڳون سلطان جي
حوالي ڪيون. کيس بارگاهه خلافت ۾ گهرائي سندس مٿي
تي ٻه تاج جواهر نگار رکيائين. جنهن جو اِهو مطلب
هو ته تون عربن ۽ ايرانين جو سچو پچو سلطان آهين.
تنهن کانسواءِ ست چوغا کيس مرحمت ڪيائين. جن جي
معنيٰ هئي ته تون اسلام جي ستن ملڪن جو شهنشاهه
آهين. اهڙئ طرح سلجوقي سلطان مشرق خواهه مغرب جو
شهنشاهه ٿيو.
خلافت عباسيه هن وقت اهڙي ڪم طاقت اچي ٿي هئي، جو
جيڪڏهن سلجوقي خاندان جو آغاز نه ٿئي ها ته جيڪر
قصرِ خلافت تي تثليث جو قبضو ٿي وڃي ها. جيئن ته
رومي ڪفار هن وقت شام ۽ آرمينا تائين اچي پهتا
هئا. هو مسلمانن جي آبادين کي قتل ۽ غارتگرئ سان
ناس ڪرڻ لڳا هئا. جڏهن مظلومن جو فرياد بارگاهه
خلافت ۾ پهتو تڏهن سلطان الغازي فوجون وٺي سندن
مقابلي لاءِ نڪتو. ڪئپودوشيا ۽ فريقيا جي ٻن
خونريز معرڪن ۾ رومين سخت شڪست کاڌي. اڃا به سندن
قسمت تيز هئي جو سلطان بيمار ٿي پيو. سن 1060ع ۾
راءِ جي شهر ۾ موٽندي 70 سالن جي عمر ۾ هن فاني
دنيا کي ڇڏي دارالبقا ڏي ويو. کيس اولاد ڪونه هو.
برابر اٺن سالن تائين آستان خلافت جي پاسباني
ڪيائين. کانئس پوءِ سندس ڀائيٽو الپ اَرسلان سن
455هه مطابق سن 1063ع ۾ گادئ تي ويٺو.
سلطان غازي اَلپ اَرسلان
غازي اَلپ اَرسلان اَمير چغري بيگ جو پٽ هو. سندس
دل ۾ بهادرئ جو جوهر پيءُ ڏاڏي وانگر ڀريل هو. هو
پنهنجئ بهادرئ ۽ حسن انتظام جي ڪري اِسلام جي
نامور شهنشاهن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. سندس عظمت جي
آفتاب ۽ عالمگير اقبال جي ڪري سندس نالو تاريخن ۾
مشهور آهي. بارگاهه خلافت مان کيس آزادالدوله جو
لقب مليو ۽ واقع هن اسلام کي نصرانين جي چنبي کان
آزاد ڪيو. علامه ابن اثير سندس تعريف هن ريت ڪري
ٿو ته هو وڏو زاهد ۽ عادل شهنشاهه ٿي گذريو. سندس
فياضي ۽ سخاوت جو دنيا ۾ ايتريقدر چرچو هو جو کيس
”غريب دوست“ شهنشاهه ڪري سڏيندا هئا. هو هڪ بهادر
سپهه سالار ٿي گذريو. هن پنهنجئ تلوار آبدار جي
زور سان نه رڳو رومين کي شڪست ڏني، پر کائنن خراج
به وصول ڪيو. واقعات سندس تاريخ کي گهڻي رونق
وٺائن ٿا.
رومي شهنشاهه جو سلجوقي سلطان کي خراج ڏيڻ
رومانوس، جو قسطنطنيه جي شهزادي يوڊيشيا جي حسن
تدبير سان سولئ جي تختي تان بچي وڃي شهنشاهه ٿيو.
تنهن 200،000 فوجن سان ايشيا ڪوچڪ تي ڪاهه ڪئي.
سلطان کي هن اوچتي حملي جي تڏهن خبر پئي جڏهن
ڪفارن جون فوجون اچي مٿان بيٺيون. هن پنهنجي اعلان
۾ ظاهر ڪيو ته بغداد جي ديوارن کي ڊاهي رومي سلطنت
کي وري سندس اڳوڻي عظمت تي پهچائيندس. چون ٿا ته
هن کان اڳ ڪڏهن به اهڙو حملو اسلام تي رومين نه
ڪيو هو. سندن خوف کان هزارن جي تعداد ۾ مسلمانن
شهرن پٺيان شهر خالي ڪيا ۽ ميرقند جي قلعي ۾ اچي
پناهه ورتائون. اُهو قلعو وان ۽ اَرض جي وچ ۾ هو.
سلطان هڪدم 15 هزارن جانبازن ترڪن جي فوج وٺي اچي
ميرقند پهتو. کيس ايتري به فرست ڪانه ملي جو فوجون
گڏ ڪري سگهي. سلطان الغازي پهريائين رومي شهنشاهه
کي صلح لاءِ لکيو، پر هن جواب ڏنو ته جيڪڏهن راءِ
تائين ملڪ مسلمان رومين جي حوالي ڪندا ته آءٌ موٽي
ويندس نه ته جنگ ڪبي.
علامه محي الدين الخياط پنهنجي دروس التاريخ ۾ هن
ريت بيان ڪري ٿو ته سلطان رومانوس جو مٿيون جواب
ٻڌي هڪدم تيرڪمان ڦٽو ڪري تلوار ۽ گرز کڻي سفيد
ڪفن جسم تي پائي خوشبو ملي. وڏي آواز سان
پڪاريائين“ ته جنهن جي مرضي هجي سو وڙهي، جيڪو نه
وڙهي سگهي سو موٽي هليو وڃي، مان جنگ جي ميدان ۾
وڙهڻ لاءِ وڃان ٿو، جي مران ته مون کي انهيءَ ڪفن
۾ دفنائجو“ سندس پڪار تي مجاهد لبيڪ چئي ساڳئ طرح
ڪفن مٿي سان ٻڌي ميدان ۾ نڪري نروار ٿيا ۽ اڳ ۾
سلطان گهوڙي کي جولان ڏيئي دشمنن سان جنگ ڪرڻ لاءِ
نڪتو. طرفين جي پاڻ ۾ سخت گهمسان جي جنگ لڳي. فتح
۽ شڪست جي خبر ڪانه پئي. آخر رومانوس ترڪي جانبازن
هٿان قيد ٿي پنهنجي فوجي اَميرن سوڌو سلطان جي
ڇانوڻي ۾ آندو ويو. سلطان کيس گهڻي آڌر ڀاءُ سان
گڏيو ۽ کيس گهڻيءَ مروت سان آزاد ڪيائين. آخر صلح
ٿيو. جنهن مطابق رومي شهنشاهه پنهنجئ ڌئ جو سنڱ
سلطان جي پٽ کي ڏيڻو ڪيو ۽ هڪ لک دينار ساليانو
خراج ڏيڻ منظور ڪيائين. تنهن کان سواءِ 10،000
دينار بطور تاوان جي ڀري ڏنائين. تنهن کانسواءِ
قيدين جي مٽاسٽا ڪيائون. سلطان رومانوس کي پنهنجي
فوجن جي زير حفاظت قسطنطنيه ڏانهن روانو ڪيو. پر
جيسين سلطان جا کيس وري هٿ پهچن تنهن کان اڳ رومين
کيس تخت تان لاهي سندس اکيون ڪڍي ورتيون.
سلطان غازي اَلپ اَرسلان جي درٻار
هن سلطان جي درٻار ۾ مشهور عالم، فاضل، صوفي ڪامل
درويش ۽ شريعت جا صاحب رهندا هئا. مشهور اِمام
الحرمين خواجه عبدالملڪ، جو ضياءالدين اَبوالمعالئ
جي لقب سان مشهور آهي. کيس اِمام الحرمين جي لقب
سان به سڏيندا هئا. محرم 18 سن 419هه مطابق سن
1028ع ۾ نيشاپور جي ويجهو ڄائو. تنهن کانپوءِ
حرمين شريفين ۾ مڪتب جاري ڪيائون ۽ سندن فتوائون
به قابل اعتماد هيون. تنهن ڪري کين اِمام الحرمين
جي لقب سان سڏين ٿا. وري جڏهن سلطان جي وزير خواجه
نظام الملڪ نيشاپور ۾ نظاميه مڪتب جاري ڪيو، تڏهن
اُتي مدرس اعظم ٿي رهيا. سلطان کي هن بزرگ لاءِ
گهڻي عزت هئي. ڇاڪاڻ جو سلطنتن جي ڪيترن ئي صيغن
جو ڪم سندن ئي سپرد هو. هو پنهنجي وقت جو وڏو مصنف
به هو. 25 ربيع الاول سن 478هه مطابق سن 1058ع ۾
نيشاپور ۾ وفات ڪيائين.ابونصر محمد بن منصور بن
محمد رح سلطان طغرل بيگ جي درٻار ۾ هڪ صلاحڪار هو،
پر پنهنجي فطرتي فضل ۽ ڪمال جي ڪري وڃي وزارت جي
عهدي تي ممتاز ٿيو هو. سو سلطان اَلپ اَرسلان جي
درٻار ۾ به وزيراعظم هو. سندن حسن انتظام جي ڪري
رومي شهنشاهه سلطان الغازي جا شرط منظور ڪيا ۽
طرفين جو پاڻ ۾ صلح ٿيو. ڪي مؤرخ لکن ٿا ته مٿيون
جليل القدر بزرگ 16 ذي الحج سن 456هه ۾ خواجه نظام
الملڪ طوسئ جي اشاري تي شهيد ڪيو ويو.
سلطان اَلپ اَرسلان عقلمند ۽ انصاف پرست شهنشاهه
ٿي گذريو. سندس اَصلي نالو اَبو شجاع محمد هو.
سندس دلاورئ جي ئي سبب ڪري کيس ”اَلپ اَرسلان“
يعني بهادر شينهن ڪري سڏيندا هئا. سڀني سلجوقي
تاجدارن ۾ بهادر ۽ نامور سلطان ٿي گذريو. سن 465هه
مطابق 24 نومبر سن 1073ع ۾ 40 ورهين جي عمر ۾ يوسف
خوارزمي نالي هڪڙي اَمير هٿان شهيد ٿي ويو. کيس
مرّو جي شاهي قبرستان ۾ دفنايائون. سندس سلطنت
ايتريقدر وسيع هئي جو اٽڪل ٻارهن سو حاڪم سندس
ماتحت حڪمراني ڪندا هئا. بغداد ۽ غزنئ جون حڪومتون
سندس اڳيان نيچ هيون. سندس ڏينهن ۾ حڪومت جو سمورو
ڪاروبار حسن نالي وزير جي هٿ هيٺ هو. سلطان کيس
نظام الملڪ جو خطاب مرحمت ڪيو. سن 408هه مطابق
1017ع ۾ طوس جي ويجهو توقان جي ڳوٺ ۾ ڄائو هو. عمر
خيام ۽ حسن بن صباح سندس هم مڪتب هئا. سلاطين
سلجوقيه جي عهدِ مهد ۾ هن وزير گهڻي ناموري حاصل
ڪئي. سندس بيان اڳتي هلي ڏبو.
رومانوس جي شڪست کائڻ کانپوءَ سڄو ايشيا ڪوچڪ،
جارجيا ۽ آرمينا جا علائقا وري اسلام جي جهنڊي هيٺ
اچي ويا. سلطان الغازي ايشيا ڪوچڪ جو ملڪ پنهنجي
سوٽ سليمان سلجوقئ جي حوالي ڪري ڇڏيو. جو وقت جو
بهادر ۽ سياڻو حاڪم ٿي گذريو. هن پنهنجي سلطنت کي
مغرب ۾ دره دانيال ۽ ڏکڻ ۾ بحيره روم تائين وڌايو
۽ يوناني رياستن کان خراج اُڳاڙيندو هو. سندس
تختگاهه نيس شهر ۾ هو، جو بيٿيا جي علائقي ۾ واقع
آهي. صليبي جنگين (ڪروزيڊن) جي زماني تائين نيس
سلجوقي سلاطين جو تختگاهه رهيو. کين سلطان الروم
جي لقب سان سڏيندا هئا.جڏهن ڪروزيڊرن نيس فتح ڪيو.
تڏهن هنن پنهنجو تختگاهه ڦيرائي قونيه
CONIA
۾ ڪيو، جو تاتاري ڪفارن جي حملي تائين سلجوقي
تختگاهه رهيو. سندن يادگارون اڃا تائين موجود آهن.
منجهانئن سلطان علاؤالدين هن خاندان جو چوڏهون
تاجدار هو، جو مشهور شاعر مولانا جلاالدين رومي جو
شاگرد هو.
خليفي قائم بامرالله جي زماني ۾ سن 461هه ۾ بغداد
جي جامع مسجد کي باهه لڳي. جنهن ۾ سندس طلائي نقش
نگار سڙي خاڪ ٿي ويا. سن 466هه ۾ دجله ندئ ۾
طغياني پئي، جنهن ڪري بغداد جو مشرقي حصو غرق ٿي
ويو. سن 467هه مطابق سن 1074ع ۾ خليفو قائم
بامرالله 76 ورهين جي عمر ۾ 44 سال حڪومت ڪري مري
ويو.
المقتدي بامرالله
خليفي جي وفات کان پوءِ درٻارين ۽ علمائن سن 467هه
۾ سندس پوٽي اَبو القاسم عبدالله بن محمد بن قائم
کي (المقتدي بامرالله) جي لقب سان تخت تي ٿاڦيو.
جو هن وقت 19 ورهين جي عمر جو هو. هو پرهيزگار،
انصاف پرست ۽ طاقتور بادشاهه ٿي گذريو هو. خبردارئ
سان بادشاهي ڪم هلائڻ لڳو. بغداد ۾ جيڪي خرابيون
ڏٺائين، تن کي پاڙئون ڪڍي ڦٽو ڪيائين. البته
حنبلين ۽ حنفين جا سو اڪثر فساد ٿيندا رهيا. جنهن
ڪري طرفين کي مالي ۽ جاني نقصان سهڻا پيا.
سلطان ملڪ شاه غازي
جيتوڻيڪ بغداد جا خليفا اَميرالمومنين ڪوٺبا هئا
پر سچا شهنشاهه سلجوقي سلاطين هئا. جن جي حڪومت
اُڀرندي ۾ بخارا شريف کان اولهندي ۾ دره دنيال
تائين هئي. مصر تي فاطمي خليفن جو زور هو. غازي
اَلپ اَرسلان کانپوءِ سندس پٽ ملڪ شاهه غازي سن
466هه مطابق سن1073ع ۾ تخت تي رونق افروز ٿيو. کيس
بارگاهِه خلافت مان جلال الدوله جو لقب سرفراز
ٿيو. هي شهنشاهه سڄي ايشيا جو مالڪ هو. اڳ جيڪا
بغداد جي رونق خليفن جي درٻار ۾ جلوه گر هئي، سا
هينئر سلجوقي شهنشاهن جي درٻار ۾ مظهر هئي. سندس
ڀاءُ، جو تاج الملڪ جي لقب سان هن وقت شام جو حاڪم
هو. تنهن سندس خلاف فساد ڪيو. پر غازي ملڪ شاه جي
سپهه سالار اَفنس خوارز مئ سن468هه بيت المقدس ۽
دمشق جو گهيرو ڪيو. اَهل شام وارن کانئس پناه گهري
۽ خليفةالمسلمين المقتدئ جي نالي خطبو پڙهيو ويو.
سن 472هه ۾ وري سندس ڀائٽي سلطان شاهه بن قاروت
بيگ، جو ڪرمان جو فرمانروا هو، تنهن بغاوت جو
جهنڊو بلند ڪيو، پر جڏهن سلطان جي اچڻ جو ٻڌائين،
تڏهن گهڻي ادب سان پنهنجي چاچي جو خير مقدم
ڪيائين. سندس فرمانبردارئ کي ڏسي سلطان گهڻو خوش
ٿي اصفهان موٽيو.
سن 473هه ۾ تاج الملڪ ٻيهر هڪ لک ماڻهن سان مرو ۾
فساد ڪيو. سلطان جيتوڻيڪ رحمدل هو، سندس ڀاءُ سان
وڙهڻ جي ڪا مرضي ڪانه هئي. پر هينئر لاچار اِصفهان
کان طوس ڏي روانو ٿيو. اُتي اِمام علي رضا جي
مقبري تي ويهي ڳچ وقت تائين عبادت ڪيائين. تنهن
کانپوءِ اُٿي پنهنجي اهلڪارن کي سڏي چيائين. ته
مون خدا کان اِها دعا گهري آهي ته ”جيڪڏهن منهنجو
ڀاءُ مسلمانن تي سلطنت ڪرڻ جي لاءِ مون کان وڌيڪ
لائق آهي ته تون هن کي بادشاهي ڏي“ نيشاپور جي
معرڪي ۾ تاج الملڪ جڏهن هار محسوس ڪئي تڏهن صلح ۽
اَمن اَمان لاءِ درخواست ڪيائين. سلطان کيس گهڻي
مروت سان معافي ڏني.
سلجوقي درٻار جو شان ۽ تجمل
سلطان غازي ملڪ شاهه بلڪل هوشيار ۽ عادل شهنشاهه
هو. هن جهڙو شهنشاهه دنيا ۾ ڪو ورلي ٿيو هوندو. هن
پنهنجي حڪومت جون واڳون پنهنجي خانداني وزير خواجه
حسن جي حوالي ڪيون. جنهن کي (نظام الملڪ) جو خطاب
خاندان جي تاجدارن کان مليل هو. سلطان کيس عطابيگ
لقب مرحمت ڪيو. جيئن عباسي خليفن جو يحيٰ برمڪي
مشهور وزير ٿي گذريو آهي، تيئن خواجه نظام الملڪ
طوسي به سلجوقي خاندان جي شهنشاهن جو مشهور آفاق
وزير ٿي گذريو . هو هوشيار برجستو ۽ وڏئ ڪماليت جو
صاحب ٿي گذريو. سلطان الغازئ جي اِها مرضي هئي ته
رعيت کي انصاف هوشيار کان خوش رکان. اِنهيءَ پاڪ
اِرادي سان هن پنهنجي وزير کي ڪل مختيار ڪري ڇڏيو
هئائين. خواجه نظام الملڪ پنهنجئ وزارت جي عهد ۾
جيڪي ڪارناما ڪري ڏيکاريا، سي اِسلامي تاريخ ۾
اظهر من الشمس آهن. اُهي ايشيا ۾ يادگار آهن.
سلجوقي شهنشاهت جنهن جون حدون مشرق ۾ ديوارِ چين
کان وٺي اولهندي ۾ دردانيال تائين ۽ اُتر ۾ جارجيا
۽ قفقاز کان وٺي ڏکڻ ۾ يمن تائين هيون. ايڏي وڏي
سلطنت جي جيڪڏهن حسن انتظام ڏانهن غور ڪري ڏسبو ته
چؤطرف اَمن اَمان ۽ صلح سانت هئي. عدالت گيري کان
هرڪو محتاج توڙي دولتمند شاد وڪام هو. سلطان
الغازي پنهنجي شاهي خزاني جا در کولائي ڦٽا ڪيا
هئا. غريب ۽ اَمير جي حاجت پوري ٿيڻ لڳي. جابجا
نهرون، پليون، شاهي رستا ۽ قافلي سرائون
جوڙايائين. هڪڙو شاهي رستو مّرو کان دمشق تائين
ٻيو دمشق کان القاهره تائين تعمير ڪرايائين. هنن
رستن ڪري واپار ۽ مسافرن کي سهوليت ٿيڻ لڳي. سلطان
پنهنجي ايڏي وڏئ سلطنت جا 12 دفعا چڪر هنيا، هر هڪ
صوبي ۾ پنهنجي وس آهر رعيت جي خبر چار لڌائين.
مٿين ڳالهين کانسواءِ حجاج جي سک ۽ سلامتئ لاءِ سڀ
ڪجهه ڪيائين. سلطان شڪار جو ڏاڍو شوقين هو، جتي
ويو اُتي غريبن ۽ محتاجن جي سنڀال لڌائين.
ايتريقدر به چئي سگهبو ته جيئن عربن جي حڪومت
شاندار هئي، تيئن سلجوقين جو عهدِمهد به بلڪل برک
ليکجي ٿو. خواجه وزيراعظم وڏو معتبر، صاحب دل ۽
شريف طبع انسان هو. هن بزرگ جي علم سان ڏاڍي دل
هئي. پاڻ به رياضي، طبعيات، فقهه، منطق ۽ موسيقي
جو وڏو ماهر هو. هڪ طرف واپار ۽ هنر وڌڻ لڳو، ته
ٻئي طرف سلطاني گنج مان شاعرن، فاضلن ۽ اديبن جي
خاطر ٿيڻ لڳي فارسي زبان حدِڪمال زور وٺڻ لڳي. هر
هڪ شهر ۾ مساجد، شفاخانا، باغ ۽ مڪتب جوڙيا ويا.
سڄي سلطنت جي طول ۽ عرض ۾ شاهي رستا هئا ۽ جابجا
نهرون کوٽايون ويون. زراعتي ڪمن حدِڪمال زور ورتو
۽ چئني طرفن آسودگيءَ جو دور هو. سلطاني درٻار ۾
هر وقت شاعرن، نجومين ۽ فلاسافرن جي جماعت حاضر
رهندي هئي. جنهن جو سمورو انتطام عمر خيام جي سپرد
هو، جو اسلام جو هڪ وڏو فيلسوف ٿي گذريو. جنهن
وزيراعظم کي سندس نظامِ العمل ۾ هر طرح سان مدد
ڏني. سندس تحريڪ سان ۽ عام ۽ خاص جي ڀلي لاءِ
بغداد شريف ۾ هڪ وڏو مڪتب تيار ٿيو، جو نظاميه
ڪاليج جي نالي سان سڏجڻ لڳو. قطب اوليا حضرت شيخ
محي الدين عبدالقادر جيلاني، اَبو الفراح، جي وڏا
عالم، ڪامل ۽ بلند پايه جا صوفي هئا جن جي نالي
کان دنيا چڱي طرح واقف آهي، سي هن مڪتب جا مدرس ٿي
گذريا. پڻ بلبلِ شيراز شيخ مصلح الدين سعدي به هن
مڪتب جو شاگرد رشيد هو. مشهور تاريخ نويس گبن لکي
ٿو: ته حضرت عمر خيام ۽ سندس هم رفيق نجومين وقت
جي شمار کي ٻيهر درست ڪيو. جيئن ته آفتاب جي برج
حمل، سميت الراس ۽ برج حوت تائين گردش کي وري نئين
سر جاچ ڪيائون. وڌيڪ هو لکي ٿو ته بغداد اِن زماني
۾ مشرق جو آڪسفورڊ هو. تنهن کان سواءِ بخارا،
مشهد، نيشاپور، شيراز ۽ همدان ۾ به وڏا مڪتب هئا.
جتي فلڪيات،نجوم، حڪمت ۽ علم ڪيميا جي تعليم ڏني
ويندي هئي ۽ مخلوق خدا مٿين مڪتبن مان بيشمار
فائدو ورتو. مشهور حڪيم اَبو الفراج اِسلام جو
مشهور ڪتاب آغاني جوڙيو، جو هڪ بيش بها ڪتاب ليکجي
ٿو. وزيراعظم جو نالو به سندس خير جي ڪمن کانسواءِ
سندس تصنيفات جي ڪري مشهور آهي. سندس جوڙيلن ڪتابن
مان (سياست نامو) مشهور ڪتاب آهي، جو سلطان غازي
ملڪ شاهه جي حڪم سان وزيراعظم عربي زبان ۾ تيار
ڪيو. هن ڪتاب جو انگريزئ ۾ به ترجمو ڪيل آهي. جو
هن وقت (ٽرينر آن دي پرنسيپل آف گورنمينٽ) جي نالي
سان آڪسفورڊ جي شاهي ڪتبخاني ۾ موجود آهي. ساڳئي
ڪتاب جو فرينچ پروفيسر ايم شيفر سال 1893ع ۾
فرانسيسي زبان ۾ ترجمو ڪيو. اڄ سوڌو پيرس
PARIS
جي ڪتب خاني ۾ موجود آهي.
غازي ملڪ شاهه جي عهدِمهد ۾ هر ڪنهن انسان کي
مذهبي پابندي ڪرڻي پوندي هئي. هفتي ۾ سلطان پاڻ
ديوان عام ۾ ويهي محتاجن توڙي اَميرن جو انصاف
ڪندو هو. ادنيٰ توڙي اعليٰ سڀني طبقن جي انسانن کي
اجازت هئي، ته سلطان جي درٻار ۾ روبرو اچي ڏک سک
ظاهر ڪن. وري سندس فياضئ جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي،
پڙهندڙن کي فقط ايترو معلوم هئڻ گهرجي ته جمال
الدين زنگي، جو سلطنت جو خزانچي هو ۽ ولايت موصل
جو حاڪم به هو، تنهن حجاج جي سک لاءِ سڄي سلطنت جي
آمدنئ جو ڏهون حصو خرچ ڪيو ۽ حرمين شريفين ۾ مڪتب،
شفاخانا، سرائون ۽ قيام گاهون شاهي خرچ سان تعمير
ڪرايون. بغدداد جي مشهور نظاميه ڪاليج ۾ مسلمانن
کانسواءِ يهودي ۽ نصارا به تعليم وٺندا هئا ۽ عربي
لٽريچر سڄئ دنيا ۾ برک هو. حج جي ڏينهن م سڄي
اسلامي دنيا مان وڏا وڏا عالم بزرگ ۽ اديب اچي گڏ
ٿيندا هئا. جن جي سلطان الغازي پاڻ تعظيم ڪندو هو
۽ هزارن کي شاهي توشاخاني مان مقررشده وظيفا ملندا
هئا. يتيمن، مفلسن ۽ بيواهه زالن ۽ سندن ٻارن جي
پرورش لاءِ جدا شاهي انتِظام رٿيل هو. ابن عساڪر
نيشاپوري دمشق جي وڏي مڪتب جو مدرسي هو. مشهور
پروفيسر اَبو الفراج اُندلسي سڄي قرآن شريف جو
عربي بيتن ۾ ترجمو ڪيو. سڄي ڪتاب ۾ هزارين بيت
موجود هئا. هن وقت اسلامي مڪتبن ڏي جي غور ڪري
ڏسبو ته معلوم ٿيندو ته رڳو قاهره جي جامع الازهر
۾ 120،000 ڪتاب موجود هئا ۽ هن جامع جي اِمام کي
(قاضي الفاضل) جو لقب مليل هو. هن ڪتب خاني ۾
مشهور مورخ (طبري) جي جڙيل تاريخ به موجود هئي.
جنهن جا 1220 جلد موجود هئا. عمر يمني به مشهور
مؤرخ هو. جنهن سلطان غازي صلاح الدين ايوبي جي
عهدِمهد ۾ مصر جي فاطمي خليفن جي تاريخ قلمبند
ڪئي.
عباسي دور ۾ فرقي بندي جي بازار بلڪل وسيع پيماني
تي گرم هئي. جيئن ته فاطمين، حنفين، شيعن،
قرامطين، حنبلين ۽ اسمٰعيلي فرقي وارن جي جداگانه
تحريڪن جي ڪري جدا جدا وقتن تي جيڪي واقعات نمودار
ٿيا تن مان اسان جي تاريخ جو داستان وڏو نه ٿي وڃي
پر تنهن هوندي به ڪي اهڙا مثال ٿي گذريا جن تي
مجبوراً ناظرين جي معلومات لاءِ ڪي بيان پيش ڪجن
ٿا.
حسين بن منصور حلاج
حسين بن منصور حلاج جنهن جي واقعات کان دنيا مشهور
آهي. سو خليفي مقتدربالله عباسي جي ڏينهن ۾ ٿي
گذريو. عمر بن عثمان مڪي جو انهن ڏينهن ۾ توحيد ۽
تصوف جو مشهور اَهل قلم ٿي گذريو. تنهن توحيد ۽
تصوف جي باري ۾ ڪي ڪتاب تصنيف ڪيا. سندس مٿين
ڪتابن مان ڪي چٽڪا سندس شاگرد حسين بن منصور حلاج
ماڻهن کي پڙهي ٻڌايا. جنهن ڪري عام ماڻهو عمر بن
عثمان جي حق ۾ برو ڀلو ڳالهائڻ لڳا. جا ڳالهه عمر
بن عثمان کي نه وڻي. هن حلاج جي حق ۾ بددُعا ڪئي.
آخر حلاج جڏهن اناالحق جي دعويٰ ڪئي تڏهن فقها ۽
صوفي اڪابرن سندس موت جي فتويٰ ڏني. سندن چوڻ هو
ته حلاج پنهنجي حواسن ۾ برقرار هو. حلاج جي حال
کان ماڻهو بي خبر هئا. جڏهن بارگاهه خلافت ۾ مٿيون
مسئلو پيش ٿيو. تڏهن خليفي کي فيصلي ڪرڻ ۾ ڏاڍي
مشڪلات پيش ٿي. جيتوڻيڪ شيخ الاسلام علي بن عيسيٰ
حلاج کي قيد رکيو. پر خليفي چيو ته جيسين حضرت
جنيد (جو اُن وقت جو بغداد شريف جو وڏو بزرگ هو)
هن پيچيده مسئلي جي باري ۾ فتويٰ نه ڏيندو، تيسين
حلاج کي ڪائي سزا ڪانه ڏبي. حضرت جنيد بغدادي
خليفةالمسلمين جي چوڻ تي اِها فتويٰ ڏني ته”حلاج
جي ظاهري دعويٰ شريعت جي خلاف آهي مگر سندس باطني
حال جي خدا کي خبر آهي!“
حلاج قاضيءَ کي چيو ته مان بيگناه آهيان. منهنجو
دين اسلام آهي ۽ مذهب سنت جماعت آهي. مگر قاضئ ۽
وزير خليفي کان اجازت گهري پوءِ کيس هڪ هزار دُرا
هڻائي سندس هٿ پير وڍائي ساڙائي بغداد جي ديوار ۾
سندس سر لٽڪايائون.
(نوٽ)
تاريخ الخلفا ۾ حلاج کي قرامطي هئڻ جو الزام ڏنل
آهي ۽ لکيل آهي ته ان سبب ڪري ئي کيس سولئ
چاڙهيائون.
خواجه حسن نظام الملڪ طوسي وزيراعظم هڪڙي دفعي
ارادو ڪيو ته اهڙو ڪو ڪتاب جوڙجي جنهن ۾ رعايا،
اُمراء ۽ علماء صحيون ڪن ته وزير ڪنهن به قسم جو
ظلم يا رعايا سان بي انصافي نه ڪئي آهي. ”ان لاءِ
ته قيامت جي ڏينهن اهڙو ڪتاب سندس حق ۾ شفا لاءِ
پروانه راهداري ٿي ڪم اچي! سندس اعلان مطابق وڏن
وڏن (علمائن، فاضلن ۽ رعيت مان به گهڻن ئي سندس
خوشنودئ لاءِ صحيحون وڌيو. وري ڪيترن ئي شاعرن
سندس تعريف ۾ قصيدا لکڻ شروع ڪيا. واقعي وزير به
باتدبير ۽ وڏي انصاف وارو هو. پر جڏهن حضرت شيخ
ابواسحٰق فيروز آبادي وٽ ڪتاب صحيح وٺڻ لاءِ کڻي
آيا، تڏهن هن بزرگ ڪتاب تي ”خيرالظلمة حسن“لکي
پوءِ دستخط ڪيا. هن جو مطلب اهو هو ته سڀني ظالمن
کان حسن چڱو ظالم هو! جڏهن وزيراعظم وٽ ڪتاب کڻي
آيا تڏهن ڏسي چيائين ته بيشڪ ابواسحٰق جيڪي لکيو
آهي، سو سڀ سچ لکيو اٿئين.
اِهي آهن اسان جي اڳواڻن، عالمن ۽ مشائخن جا حريت
آموز مثال جو بادشاهن يا وزير اڳيان سچ چوڻ کان
هرگز ڪين ڊڄندا هئا. خواهه سچ جي اظهار ڪرڻ ۾ کين
مال يا جان جو کڻي نقصان ٿيندو هو.
حضرت شيخ ابواسحٰق جو اصل وطن فيروز آباد هو، پر
اڪثر تاريخن ۾ کيس ابواسحٰق شيرازي ڪري لکن ٿا. 21
جمادي الاول سن 476هه مطابق سن 1082ع ۾ بغداد شريف
۾ وفات پاتائين. سندس جنازي نماز پڙهڻ وقت خليفو
مقتدي بامرالله بذات خود شريڪ ٿيو. فقهه جي اَصولن
۾ اِمام هو ۽ محدثين ۾ گويا سندن پيشوا هو. هن
بزرگ گهڻائي ڪتاب تصنيف ڪيا سندن شاگرد ڏاڍا قابل
ٿي گذريا.
مشهور صوفي اَبو علي فارندي جو شيخ اَبوالقاسم
گرگاني طوسي جو مريد هو ۽ اِمام اَبي قاسم فستري،
جو صاحب ِ تفسير هو. تنهن جو شاگرد هو. سن 477هه ۾
وفات ڪيائون. سلاطين سلجوقي جي عهدِمهد ۾ وڏي علم
جو صاحب ٿي گذريو ۽ علوم معرفت ۾ حضرت اِمام غزالي
به سندس شاگرد هو ۽ مريد به هو. صوفي صاحب جڏهن
وزيراعظم جي درٻار ۾ ايندا هئا. تڏهن نظام الملڪ
اُٿي ادب سان سندن استقبال ڪندو هو ۽ کين پنهنجي
مسند تي ويهاري. نهايتي ادب سان ساڻن گفتگو ڪندو
هو. ماڻهن هڪڙي لڱا کائنس پڇيو ته ”ٻين علمائن ۽
صوفين جي ڇا لاءِ ايتري عزت ۽ تعظيم نه ٿا ڪريو؟
فرمايائين، ته ٻيا اچن ٿا، سي منهنجي تعريف ڪن ٿا،
پر شيخ صاحب جڏهن اچن ٿا، تڏهن مونکي منهنجن عيبن
کان آگاهه ڪندا آهن. سندن هدايت مان فيض حاصل ڪندو
آهيان“.
شيخ اَبو سعد بغداد شريف ۾ وڏا واعظ ٿي گذريا.
هڪڙي ڀيري جڏهن نظام الملڪ طوسي سلطان ملڪ شاهه
سان گڏ بغداد جي پاڪ جاين جي زيارت ڪرڻ لاءِ آيا،
تڏهن شهر جا فقير ۽ مسڪين خيرات لاءِ ٻنهي کي
گهيري ويا. وزيراعظم پنهنجئ فياضي کان مشهور هو.
هن ايتري خيرات ڪئي جو حساب ڪرڻ کان پوءِ معلوم
ٿيو، 2 لک چاليهه هزار دينار خيرات ڪري چڪو هو.
پوءِ حڪم ڏنائين ته ڪوئي به سوال نه ڪري. شيخ اَبو
سعد، جي اُن وقت موجود هئا، تن پڪاري چين ته
”اي وزير! سلطان ملڪ شاهه توکي ملڪن جي انتظام
لاءِ رکيو آهي، سو آخرت ۾ سلطان جي بدران توکان
جواب گهرندا. پس اي فخرِ اسلام وزير ! اُن ڏينهن
کي ياد ڪر جڏهن محشر جي آفتاب جي گرمئ کان ماڻهو
پنهنجي پگهر ۾ غرق ٿيندا. پر تون پنهنجي عدل ۽
انصاف جي ڪري ڇانو ۾ بيٺو هوندين. اي نيڪدل وزير
آسمان جا بادل زمين تي مينهن وسائين ٿا. پر تون
زمين جو بادل آهين. ڇا تنهنجي مروت توکي اجازت
ڏيئي ٿي، ته دارالاسلام بغداد تنهنجي فياضئ کان
محروم رهجي وڃي؟ سائل ۽ محتاج ائين رهجي وڃن !
زندگئ جي ٿورن ڏينهن کي غنيمت سمجهي حيات ابديءَ
جي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. مون جيڪي چيو، سو
اَمانت هئي، جامون ادا ڪئي. هينئر اُن تي عمل ڪرڻ
توهان جي اختيار آهي“.
وزير ٽيهه هزار دينار بطور نذراني جي شيخ صاحب جي
خدمت ۾ پيش ڪيا، پر هن نه ورتا، چيائين ته مان
الله تعاليٰ جي فضل سان دولتمند آهيان. مون وٽ
زمين ۽ باغ آهي. جنهن مان مونکي ڪافي آمدني اچي
ٿي. هن بزرگ جي نصيحت وزير تي ايترو اثر ڪيو جو
سائلن کي وري خيراتون ڏيڻ لڳو.
صقليّه ٻيٽ جو اسلام کان ڇڄي ڌار ٿيڻ
سلطان غازي ملڪ شاه جا صوبيدار به نهايتي بهادر
هئا. مثلاً سلطان سليمان روم جي واليءَ نه فقط
يونانين کان ڪي ٻيٽ فتح ڪيا پر يوناني شهنشاهه
مثلاً نقوفورس، بوٽانيٽس کان پوءِ ڊيوڪاس قسطنطنين
جي پٽ اَليگزس ڪامينس ناس جا پويان سلجوقي تاجدارن
جا مطيع هئا ۽ کين ساليانو خراج به ڀريندا هئا. سن
467هه ۾ رومي شهنشاهه، سلطان سليمان هٿان شڪست
کاڌي ۽ سڄوايشيا ڪوچڪ مسلمانن جي هٿ هيٺ اچي ويو.
قسطنطنيه جا قيصر به اسلامي جهنڊي جا سلامي هئا.
پر اولهندي ۾ صقليه (سِسلي) ٻيٽ اِسلام هٿان نڪري
ويو. سن1061ع ۾ نارمن قزاقن ٻيٽ تي ڪاهه ڪئي. پر
هتي جي عرب اَميرن جي پاڻ ۾ نااتفاقي هئي. جنهن
ڪري نارمن ويا زور وٺندا. ٽيهن سالن جي سخت ويڙهه
کانپوءِ سن 1061ع ۾ ڪائونٽ راجر جي هٿ هيٺ عيسائين
ٻيٽ تي قبضو ڪري ورتو. صقليه ٻيٽ ۾ عربن جي بيٺڪ
هئي. مسلمانن جي هن ٻيٽ ۾ علمي توڙي صنعتي گهڻي
ترقي ٿي. کانئن يورپ جي عيسائين روشني ورتي. اڄ
صقليه جي ڪناري تي حجازين جي تهذيب جا آثار موجود
آهن. جي يورپ ڏانهن ويندڙن مسافرن کي هڪ ڀيرو
مسلمانن جي اڳوڻي عظمت ياد ڏيارين ٿا. ڊاڪٽر محمد
اقبال هن ٻيٽ وٽان لنگهندي هيئن لکيو.
رولی اب دل کھول کر اے دیدۂِخوننابہ
بار
تھا یہان ہنگامہ ان صحرا نشینوں کا
کبھی
زلزلے جن سےشہنشاہون کے دربار و یمنن
تھے
اک جھانِ تازہ کا پیغام تھا جن کا
ظھور |
|
وہ نظر آتا ہے تھذیبِ حجازی کا مزار
بحربازی گاہ تھا جن کے سفینون کا کبھی
بجلیون کے آشیانے جن کی تلواروں میں
تھے
کھاگیٔ عصر کہن کو جن کی تیغِ ناصبور |
آہ اے سِسلی سمندر کی ہے تجھ سے آبرو
رہنما کی طرح اس پانی کے صحرا میں ہے
تو
تو کبھی اس قوم کی تھذیب کا گہوارہ
تھا
حسن عالم سوز جس کا آتشِ نظارہ تھا |
وزير نظام الملڪ ۽ سلطان ملڪ شاهه جي وفات
سن 473هه ۾ ملڪ شاهه سلطان جي ڌيءَ سان
خليفةالمسلمين مقتديءَ جي هن شرط سان شادي ٿي ته
خليفو ٻي شادي نه ڪندو. هن سلطان ماوراءِ النهر
(وچ ترڪستان) ۾ گهڻائي شهر فتح ڪيا. سن 483ع ۾
سمرقند فتح ڪري بغداد شريف موٽيو. تلوار آزمائي
ڪئي. هن اسمٰعيلي خاندان جي وڏي اَمير شيخ الجبل
کان الامت جو قلعو هٿ ڪيو. سن 485هه مطابق 1091ع ۾
وزيراعظم حسن بن صباح جي هڪڙي سپاهي هٿان شهيد ٿي
ويو. سندس (نظام الملڪ) عمر هن وقت 77 ورهيه هئي ۽
29 ورهيه وزارت جو قلمدان سندس هٿ هيٺ رهيو. علامه
ابن اثير لکي ٿو ته وزيراعظم جي قتل ٿيڻ ڪري سڄي
اسلامي دنيا افسوس ڪيو. هو وڏو مدبر، انصاف پرست،
علم جو قدر شناس، وڏو مصنف، مشهور عالم ۽ نامور
شاعر ٿي گذريو. کيس 3 پٽ هئا. مريدالملڪ، فخرالملڪ
۽ عزالملڪ جي يڪي بعد ديگر سلجوقي سلاطين جي درٻار
۾ وزارت جي عهدن تي فائز ٿيا.
وزيراعظم جي وفات کانپوءِ سلطان پاڻ بغداد ۾
آيو، ڇاڪاڻ جو قسطنطيه جي شهزادي آئنا ڪمنينا سان
سندس شادي ٿيڻي هئي، پر انهئ وچ ۾ پاڻ موت جو
پيالو پيتائين. هي اُها شادي هئي جنهن ڪري مشرق ۽
مغرب پاڻ ۾ ملي وڃن ها. پر قدرت کي اِها ڳالهه
نامنظور هئي. 15 شوال المڪرم سن 485هه مطابق 18
نومبر سن 1092ع ۾ سلطان وفات ڪئي 20 ورهيه حڪومت
ڪيائين ۽ مرڻ مهل 39 ورهيه سندس عمر هئي. سندس
عهدِمهد انصاف ۽ آسودگيءَ جو زمانو هو.
وفات کانپوءِ سندس راڻي (خاتون الجلالي) پنهنجي پٽ
شهزادي محمود کي، جو هن وقت 4 ورهين جو تخت تي کڻي
ٿاڦيو. خليفي کيس ناصرالدين جو خطاب ڏنو. پر سلطان
جو وڏو پٽ برڪيارق جو هن وقت اِصفهان جو والي هو،
تنهن پيءُ جي وفات جو ٻڌي سن 487هه ۾ بغداد تي فوج
ڪشي ڪئي. پر ڀائرن جو پاڻ ۾ صلح ٿيو ۽ حڪومت جون
واڳون وڏي پٽ کي ملي ويون. جنهن
پوءِ رڪن الدوله جي خطاب سان پنهنجي شهنشاهئ جو
اعلان پڌرو ڪيو. حسن بن صباح جي خونريزيءَ ڪري ملڪ
۾ ڦيٽارو پيو. هن شام، عراق ۽ اُتر ايران جي ڪن
پهاڙي علائقن تي قبضو به ڪيو سندس هٿان گهڻن ئي
اسلام جي مايه ناز فرزندن شهادت جو جام نوش ڪيو.
15 محرالحرام سن 487هه مطابق فيبروري سن 1094ع ۾
خليفي مقتدي 19 سال حڪومت ڪري 38 ورهين جي عمر ۾
وفات ڪئي. هو وڏو پرهيزگار شخص هو. بغداد جي فاحشه
زالن تي بندش وڌائين.
المستظهر بالله ابن مقتدي
خليفي مقتدئ جي وفات کان پوءِ سندس پٽ شهزادو ابو
العباس احمد المستظهربالله جي لقب سان خلافت نشين
ٿيو. علامه ابن اثير لکي ٿو ته تخت تي ويهڻ مهل
سندس عمر 16 ورهيه هئي. هو پاڪدامن، حليم طبع،
دلجو سخي ۽ عادل بادشاهه هو. رعايا جي ڀلي لاءِ
گهڻو ئي ڪجهه ڪيائين، پر افسوس جو گهڻو وقت تخت تي
رهي نه سگهيو. جي هجي ها ته شايد تاريخ ۾ چڱو نالو
ڪڍي ها. سندس ڏينهن ۾ مغرب يعنيٰ يورپ کان مسيحي
لوڪن اسلام تي حملا ڪيا. سندن حملن کي ڪروزيڊ چون
ٿا. هنن ايشيا ڪوچڪ جي رستي کان گڏجي طوفان وانگر
بلاد اسلاميه تي حملا ڪيا. عباسي سلطنت جو آفتاب
غروب ٿيڻ تي هو پر خدا اِسلام جي عزت ۽ شان کي
برقرار رکڻ لاءِ موصل جي پهاڙي علائقن مان هڪڙي
اهڙي مسلمانن جي جماعت پيدا ڪئي. جنهن قوم جو
نامور فرزند سلطان حضرت غازي صلاح الدين ايوبي
رحمت الله عليھ هو. جنهن بيت المقدس جي ديوارن
هيٺان هن طوفان جو خاتمو ڪري ڇڏيو.
|