سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: تاريخ مظهر شاهجهاني

باب: --

صفحو: 9

”اٽڪل هڪ لک رپيا اڪبر آباد، لاهور ۽ ملتان جي ڀلاوڻن کان قرض وٺي، سبي ۽ گنجابي واري پرڳڻي ڏانهن هليو ويو. شاهوڪارن کي پاڻ وٽ گهرائي، انهن کان زوري وصوليون ڪري، کين مارائي ٿي ڇڏيائين. اتان بدلي ٿي بادشاهي درٻار ۾ آيو ۽ مون (شيخ فريد بکري مصنف ذخيره الخوانين) سان اچي وير وڌائين ته سندس جاگير جيڪا کانئس کسجي بايزيد بخاري جي پٽن کي ملي هئي، تنهن ۾ منهنجو ئي هٿ هو. گهڻي جاکوڙ کانپوءِ بکر جي راڄڌاني واري فوجداري، وسيلي مون کي مصيبت ۾ وڌائين. خدا حق وڪيل هو، جنهن منهنجي ٻڌي ۽ هن کي مقرب خان سان گڏ ”پٽني“ جا وڻ ڏيکاريائين، جتي مري جهان ڇڏي ويو، جنهن ،جيڪي پوکيو سوئي لڻندو“.

           (ذخيره الخوانين قلمي ص 8-940)

جڏهن هي صفحا ٿي ڇپيا تڏهن راقم کي پنهنجي ڪتابن جي ذخيري مان ”ديوان حافظ“ مطبوعه منشي نولڪشور، مطيع مطلع نور جو هڪ نسخو مليو، جنهن جي سرورق تي مخدوم محمد جعفر بوبڪائي ابن مخدوم ميران جو نسب نامو ڪنهن نامعلوم شخص جي هٿ اکرن ۾ لکيل هو، جيئن ته اڄ تائين مخدوم جعفر بوبڪائي جو نسب نامو ڪٿي به نه مليو آهي ۽ هي ٻئي شخصيتون پهرين ٻاري جي سنڌي عالمن سان هيون، انهي مخدوم جو ذڪر آيوآهي، ان ڪري ضروري سمجهيو ويو ته اهو نسب نامو به هتي درج ڪجي، جيئن مٿين ٻنهي بزرگن جي خوانادي سان دلچسپي رکندڙ علم دوست حضرات ٻن مان استفادو ڪري سگهن:

شجره متبرڪ مخدوميان قريشيان بني عباس بوبڪان عبدالمناف – هاشم- عبدالمطلب – عباس- عبدالله- هاشم- ابوبڪر-

سلطان اندس (؟)- بزدار خان. سالار خان- سلطان ترڪ-

سلطان خلجي خان- ابوبڪر- شيخ محمد- شيخ

ابوبڪر- عاري- ميره – مروٽه (؟)- شيخ

قلندر- مرزوق- نورالدين –

محمد يعقوب – محمد ميران بوبڪائي (استاد شاه حسن ارغون وغيره)- مخدوم جعفر بوبڪائي (صاحب متانه)-

نصيرالدين- خير محمد- عبدالصمد-

خير محمد- عبدالصمد عرف وڏل- پير محمد- اُميد علي 

مير محمد                     ميان نصير محمد

اندازو آهي ته هي شجرو مير محمد ولد امير علي نالي ڪنهن شخص ”ديوان حافظ“ جي خالي ورق تي لکيو آهي.

ڪراچي، 25- مارچ 1962ع

اهم تاريخي واقعن جا گوشوارا

1135- 1044

11 محرم 1035هه-

سيد بايزيد بخاريءَ جي وفات تي جهانگير بادشاهه ٺٽي جو صوبو شهزادي شهريار (نوهان جي ڄائي) جي جاگير ۾ ڏنو، جنهن جو نائب شريف الملڪ مقرر ٿيو.

آچر 28 صفر 1037هه- (11-آبان 22 سال جهانگيري)

جهانگير ڪشمير کان ورندي ”راجور“جي منزل تان اسهڻ بعد سٺ ورهين جي ڄمار ۾ واٽ تي وفات ڪري ويو، سندس حڪومت جو عرصو 12 سال اٺ مهينا ۽ پندرهن ڏينهن هو.

آصف خان ابوالحسن يمين الدوله بروقت خسرو جي پٽ داور بخش کي تاج پهرايو، نورجهان پنهنجي ڄاٽي شهريار کي بادشاهه بڻائڻ ٿي گهريو، پر سندس ڀاءُ يمين الدوله کيس ائين ڪرڻ نه ڏنو ۽ پنهنجي ڄائي شاهجهان کي تخت تي ويهارڻ جي منصوبي تي ڪاربند رهي، بنارسي نالي هڪ هندو گماشني کي ”چڪر هٽي“ واري منزل تان، ڪشمير ۽ لاهور جي وچ تي واقع آهي، بادشاهه جي انتقال جي خبر پهچائڻ لاءِ دکن جي پاسي روانو ڪيو، جتي ان وقت شاهجهان جو قيام هو.

آچر 19- ربيع الاول 1037هه-

بنارسي ويهن ڏينهن کانپوءِ دکن جي آخري سرحد تي پهچي، اها خبر مهابت خان وٽ رسائيءَ جنهن اوڏي مهل شاهجهان کي اطلاع ڏنو.

22- ربيع الاول 1037هه-

شاهجهان گجرات رستي دکن کان آگري روانو ٿيو.

18- ربيع الثاني 1037هه-

محمود آباد (احمد آباد) وٽ شاهجهان شير خان کي گجرات ۽ مرزا عيسى ترخان ثانيءَ کي ٺٽي جو صوبه دار مقرر ڪيو.

23 جمادي الاول 1037هه-

شاهجهان جي تخت نشينيءَ جو آگري ۾ اعلان ڪيو ويو. ”مظهر شاهجهاني“ جي مولف يوسف ميرڪ جو وڏو ڀاءُ مير ابوالبقا امير خان ان وقت شاهجهان جي سهري يمين الدوله آصف خان پاران ملتان جو نائب هو.

26- جمادي الاول 1037هه-

شاهجهان جي حڪم سان، آصف خان يمين الدوله، جيڪو ان وقت لاهور جو صوبه دار هو، خسرو جي پٽ داور بخش کي لاهور ۾ قتل ڪري ڇڏيو، جنهن کي هن پاڻ جهانگير جي وفات وقت عارضي طور تخت تي ويهاريو هو. ان سان گڏ داوربخش جي ڀاءُ گرشاسپ، شهريار جي پٽ طهمورث ۽ دانيال جي پٽ هوشنگ کي به زندگي جي نعمت کان محروم ڪري ڇڏيائين.

26- جمادي الاول 1037هه- (خميس جي رات)

شاهجهان اڪبرآباد (آگري) ۾ داخل ٿي، باغ نورجهان ۾ منزل انداز ٿيو.

27- جمادي الثاني 1037هه-

شاهجهان جي تخت نشينيءَ جي باقاعهدي وسم ادا ڪئي وئي.

1- رجب 1037هه-

مرزا عيسى ثانيءَ کي ٺٽي مان بدلي ڪيو ويو، سندس جاءِ تي خواجه باقي عرف شير خواجه جي مقرريءَ جو فرمان صادر ٿيو. مرزا عيسى 18- ربيع الثاني کان وٺي 1- رجب 1037هه تائين ٺٽي جو حاڪم رهيو.

؟رمضان 1037هه-

خواجه باقي ٺٽي ايندي رستي تي فوت ٿي ويو (حڪومت صرف ٻه مهينا 20 ڏينهن سندس نالي رهي).

22- رمضان 1037هه- 1038هه-

خواجه باقيءَ جي جاءِ تي مرزا حسام الدين مرتضى خان کي ٺٽي جي حاڪم ٿيڻ جو فرمان مليو.

؟؟ 1038هه-

احمد بيگ خان (نورجهان جي ڀائٽي) کي سيوهڻ جو حاڪم مقرر ڪيو ويو.

8- ربيع الاول 1038هه-

مرزا عيسى ترخان ثاني کي ”مٿرا“ ۾ جاگير ڏني وئي.

7- ربيع الثاني 1038هه-

مرزا عيسى ٺٽي کان واپس درٻار آگري پهتو.

؟؟1039هه-

يوسف ميرڪ، احمد بيگ ۽ ان جي ڀاءُ يوسف جي ظالمن کان تنگ ٿي سيوهڻ مان نڪتو، جيئن ملتان پهچي انهن ظلمن جو داستان لکي، اتان درٻار ۾ پهچي بادشاهه جي حضور ۾ دادرسيءَ لاءِ پيش ڪري.

؟؟ 1039هه-

مرزا حسام الدين مرتضى خان جيڪو احمد بيگ جو مائٽ هو، دل جي عارضي سبب ٺٽي ۾ گذاري ويو.

12- ربيع الاول 1039هه- (رات)

مير ابوالبقا امير خان کي ملتان مان يمين الدوله جي قيابت کان بدلي ڪري مرتضى خان جي جاءِ تي ٺٽي جو صوبيدار مقرر ڪيو ويو.

-- احمد بيگ خان کي سيوهڻ مان بدلي ڪري ابوالبقا جي جاءِ تي ملتان ۾ رکيو ويو.

-- احمد بيگ خان جي جاءِ تي سيوهڻ ۾ ديندار خان مقرر ٿيو.

--يوسف ميرڪ اڃا سيوهڻ مان نڪري، بکر کان ٿيندو، ملتان ۾ پنهنجي ڀاءُ وٽ پهتو مس، ته هي سڀئي واقعا ظهور ۾ آيا.

ربيع الثاني 1039هه-

گهڻو ڪري ابوالبقا جي ملتان کان ٺٽي ڪوچ ڪرڻ وقت ساڻس گڏ يوسف ميرڪ به ٺٽي واپس آيو.

1- شوال 1040هه-

ملتان مان احمد بيگ جي بدلي ٿي ۽ نجابت خان ولد مرزا شاهه رخ کي اتي مقرر ڪيو ويو.

28- رجب 1041هه-

شاهجهان کي اطلاع مليو ته ارسلان بيگ شمشير خان، جيڪو ان وقت بنگش جو قلعه دار هو، وفات ڪري ويو.

1- ذي الحج 1041هه-

ملتان مان نجابت خان کي بدلي ڪري سندس جاءِ تي قليچ خان کي اتي مقرر ڪيو ويو.

؟؟ 1043هه-

يوسف ميرڪ ٺٽي يا سيوهڻ ۾ ”مظهر شاهجهانيءَ“ تي نظرثاني ڪئي هوندي.

19- محرم 1041هه-

شام جي وقت ”مظهر شاهجهاني“ جي تڪميل ٿي.

؟؟ 1044هه-

سيوهڻ جو حاڪم جان نثار خان هو.

1044هه-

يوسف ميرڪ جو وڏو ڀاءُ مير ابوالبقا امير خان جهونا ڳڙهه ۾ حڪومت جو نائب هو.

(1) يوسف ميرڪ جي اکرن جو عڪس

(2) ڪتاب جي پهرئين صفحي جو عڪس

 (3) ٻئي ڀاڱي جي شروعاتي صفحي جو عڪس

ڪتاب جي پوئين صفحي جو عڪس

شجرا

(1) ڪتاب جي مولف جو شجرو.

(2) نورجهان بيگم جو ناناڻو شجرو.

(3) نورجهان بيگم جو ڏاڏاڻو شجرو.


(1)   ديوان حافظ جي انهي ڇپيل نسخي جي ڪتابت منشي محمد شمس الدين ”اعجاز رقم“ ڪئي هئي. هن پنجين ايڊيشن اپريل 1897ع مطابق 1314هه ڌاري لکنو مان ڇپي هئي. ان جي پڇاڙي ۾ مولوي عبدالعلي مدراسي جو لکيل قطعه تاريخ درج ٿيل آهي، جنهن جي ڇپائي جو سال ”ڪلام معجز نماي حافظ“ (1301هه) مان نڪري ٿو. ان جي تقريظ مرحوم مولانا محمد هادي علي ”اشڪ“ لکي هئي، جنهن ساڳئي نسخي تي ڪي حاشيا به لکيا آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org