شورن جي قوم ۾ اسماعيل شورو ارڏائي ۾ پنهنجو مٽ
پاڻ هو. هي سائين ڏني هندو جو ساٿياري رهي چڪو هو،
سڀني جابلو قومن توڙي انهي راڄڌاني جي راڄن ۾
(سيوهڻ تائين) هن سان ڪنهن به قوم جي پڄڻ جي ڀيڻي
نه هئي.
ٻيو دائود شورو، جيڪو خاسائي شورن جي ڳوٺ ۾ جبل لڳ
رهندو هو: هن جي پاٿاري هوسڙن جي قوم جي چورٽن
ملاحن سان ڀري پيئي هوندي هئي ۽ کليو کلايو درياهن
توڙي خشڪي رستن سان ڌاڙا هڻندو ٿي رهيو، ٽيون دل
قوم جو سناهيو به نامي گرامي شاهينگ هو.
ٺٽي جي صوبه داري، شمشير خان اوزبڪ جي زماني ۾:
تاج خان
جي مرڻ کانپوءِ شمشير خان اوزبڪ کي (257-2) ٺٽي جو
صوبه دار مقرر ڪيو ويو. هن جي بدليءَ کانپوءِ
سيوهڻ جي راڄڌاني مرزا دوست بيگ جي شراڪت سان مير
ابوالبقا کي جاگير طور ملي.
هڪ دفعي هنن پنهنجي هڪ چاڪر، محبت، هٿان ٻيڙي رستي
نارلم (نار) شمشير خان ۽ مظفر خان ڏانهن روانا
ڪيا، جيڪي تنهن زماني ۾ ٺٽي جا بخشي (پگهار
ورهائيندڙ) هئا، جيئن اها ٻيڙي خاسائي شورن جي ڳوٺ
وٽ پهتي ته دائود شوري وارا، هوسڙن جي قوم جا
ماڻهو پنهنجين ٻيڙين تي چاڙهي، محبت چاڪر جي مٿان
اچي ٽٽا ۽ کيس قتل ڪري گدرا دائود شوري جي حوالي
وڃي ڪيائون. مير ابوالبقا کي جڏهن سڌ پئي ته ڏاڍو
ڏمريو. ان ئي ڏينهن سانجهي جي نماز مهل سيوهڻ مان
ٻيڙين ۾ سوار ٿي، ٽي پهر رات جا پنڌ هڻي، پوئين
پهر سن ۽ سيوهڻ واري گهٽ کان هڪ ڪوهه پرتي ٻيڙيون
جهلي لهي آيو (258-1)، ۽ خاسائي شورن تي حملو
ڪيائين. هي جڏهن انهي ڳوٺ ۾ پهتو ته اتفاق سان
دائود شورو، اڳواٽ ٻاٻور
ٻڌڻ تي،
پنهنجي اهل عيال سميت جبل ڏانهن نڪري ويو. شاهي
لشڪر شورن جي ڳوٺ کي باهيون ڏئي سامهون آيل شورن ۽
هوسڙن جا ڪي ماڻهو قتل ڪيا ۽ ڳوٺ ۾ جيڪو مال متاع
انهن جي ور چڙهيو، سو غارت ڪري ڇڏيائون، اها ئي
پهرين چپيٽ هئي، جيڪا شاهي لشڪر طرفان شورن کي
ملي.
ٺٽي جي صوبه داري، مظفر خان معموريءَ جي دور ۾:
شمشير خان جي بدليءَ کانپوءِ مظفر خان معموري ٺٽي
جو صوبه دار ٿي آيو ۽ شمشير خان کي وري سيوهڻ
موڪليو ويو. مير ابوالبقا کي چاچڪن جي راڄڌاني ۾
داخل بدين ۽ چاڪر هالي جي راڄڌاني ۾ آيل نيرون ڪوٽ
۽ شال (ڪوئيٽا) جاگير طور ڏنا ويا (258-2) هو حڪم
ملڻ تي بدين هليو ويو.
مظر خان، شال جي پرڳڻي ۾ رهندڙ سميجن جي سيکت لاءِ
پنهنجن انهن منصبدارن سان جيڪي ٺٽي ۾ سندس حاضر
باش هئا، گهوڙا سنجي گهران نڪتو، مير ابوالبقا اڃا
بدين مان ٺٽي ڪو نه آيو هو، جڏهن مظفر خان جي فوج
شال جي پسگردائي ۾ پهتي ته دل قوم جو ناميارو
سردار مناهيو پنهنجي ڪٽڪ سان اچي، ان جو گس جهلي،
جنگ ۾ لڳي ويو ۽ هن ڪيئي فوجي قتل ڪري ڇڏيا. مظفر
خان اکين سان سڀ ڪجهه ڏسي به ماٺ رهيو ۽ اتي ئي
ديرو دمائي ويهي رهيو، سندس فوجي گاهه پٺي ۽
ڪاٺيءَ ڪِلي لاءِ پريشانيءَ ۾ پئجي ويا.
اوچتو مير ابوالبقا بدين مان ڌوڪيندو رات وچ ۾ اچي
مظفر خان وٽ پهتو ۽ ٻيءَ رات (259-1) پنهنجي سوار
جٿي سان اٿي وڳوڙين جي پويان پيو. ساري رات پنڌ
هڻي صبح تي جبل جي ٻانهين سان رهندڙ فسادين مٿان
حملو ڪيائين ۽ هزارين ماڻهو سندس هٿان مارجي ويا،
جن جون سسيون لاهي مظفر خان وٽ کڻي آيو. اهڙيءَ
ريت سميجن جي مُهم سر ٿي وئي. ان کان پوءِ مظفر
خان مير ابوالبقا کي اتي ئي نيرون ڪوٽ جي قلعي ۾
رهائي پاڻ ٺٽي ڏانهن وريو. پٺيان مير ابوالبقا
ٻيهر سميجن ۽ شورن کي (جيڪي حميد شوري جي ٽولي مان
هئا) سيکت ڏئي سڌو ڪيو، انهي سيکت سان دل صفا دٻجي
ويا. مناهيو دل ۽ حميد شورو به خوار خراب ٿي حاضري
ڀرڻ تي مجبور ٿيا ۽ ڍل ڏيڻ لڳا. انهن شورن مان
داڙو بند واري ٽڪريءَ تي نورالله ۽ ڀاڻس شهيد ٿي
ويا. (259-2) ۽ مير ابوالبقا کي فتح حاصل ٿي.
پڇاڙيءَ مير ابوالبقا کي ڪانگڙي (هندستان) جي مهم
تي وڃڻ جو حڪم مليو ۽ هو اوڏانهن هليو ويو.
هيڏانهن شورا، اسماعيل شوري جي سرداري ۾ سرڪش ٿي
ويا ۽وري وڳوڙ ۾ منهن وڌائون. هنن رعيت جو ارڪو
ترڪو هڻي ڇڏيو ۽ بابو پليجي جو باغ وڍي ويران ڪري
ويا. مظفر خان سندن فساد جو ٻڌي پنهنجي ڀائٽئي
مرزا محمد کي ڪٽڪ ساڻ ڪرائي انهن نڀاڳن جي پاڙ پٽڻ
لاءِ روانو ڪيو. مرزا محمد ٺٽي کان نڪري، اسماعيل
شوري جي ماڻهن سان مقابلو ڪرڻ لڳو. اسماعيل شوري
جا حوصلا خطا ٿي ويا، هن جا ماڻهو پنهنجن ٻارن ٻچن
کي ٻاهر ڪڍڻ ۾ اڙجي پيا. آخر اسماعيل هڪڙو گهٽ
جهلي. پنهنجن ڀائپي وارن سان گڏ لشڪر سان منهن
ڏيندي مارجي ويو (260-1) ۽ مرزا محمد جي سوڀ ٿي
وئي.
ان کانپوءِ هو شورن واري علائقي ۾ رهي پيو، جتي به
کيس شورن، ٻٻرن ۽ دلن جو مال وغيره هٿ آيو سو ميڙي
سهيڙي ڪيترن ماڻهن کي باندي بڻايائين. شورن کي اهو
ڪاپاري ڌڪ لڳي ويو. باقي شورا اباڻا ڪک ڇڏي زبون
حالت ۾ جبلن اندر وڃي جهڳيون اڏي ويٺا. سندن گذر
بسر چورين چڪارين تي ٿيڻ لڳو، جنهن لاءِ هي جابلو
ماڻهن سان ملي راڄن کي ڦريندا ٿي رهيا. دائود شورو
اڃا انهي حال ۾ هو.
شمشير خان اوزبڪ جهانگير بادشاهه جي حڪم ملڻ تي
بهادر خان اوزبڪ جي ڪمڪ سان قنڌار ڏانهن راهي ٿي
ويو، اتان خوشم بيگ جي بدليءَ تي سيوهڻ جي حاڪميت
پنهنجي مائٽ شاهه خواجه جي حوالي ڪري کيس هيڏانهن
اماڻيائين، خاسائي شورن جو ڳوٺ شمشير خان جي ئي
جاگير ۾ هو (260-2).
شاه خواجه قيدين کي سيوهڻ آندو، دائود شورو زال جي
ڪري عاجز ٿي، انهي ڪٽڪ جي پٺ وٺي، سيوهڻ آيو. جڏهن
زال کي پنهنجي اکين سان پرائي بند ۾ ڏٺائين ته هير
دل ٿي، سڀ ڏنڊ ڏوهه ڀري، زال جي ٻانهن ڇڏرايائين
(261-1) ان ڏينهن کانپوءِ دائود شوري واري ڌُر
ڪُرمش ۾ اچي وئي. پڇاڙي جبل جو پاسو ڇڏي درٻيلي جي
ڪچي واري زمين تي سڀ ڪنهن پنهنجا گهر اڏيا ۽ اڃا
تائين اهي ماڻهو رعيت جي روش سان هلندا اچن ٿا،
منجهن ڪابه اڙانگوڙي ڪانه آهي.
ٺٽي جي صوبه داري، سيد بايزيد بخاري جي وقت ۾.
سيد بايزيد بخاري 1028هه ۾ ٺٽي جو صوبه دار ٿيو.
هن جا پٽ ڏاڍا چالاڪ هئا، جهانگير بادشاهه جي حڪم
سان لشڪر ساڻ ڪري جبل پاسي ويا، جتي ڪانهري قلعي ۽
انون ٻيلي تائين گشت ڪيائون. هتان جي سردارن کين
مان ڏيئي، جهانگيربادشاهه جو خطبو جاري ڪيو ۽ سندس
فرمانبردار ٿي ويا. اتان واپس ٿيڻ تي شورن ۽ دلن
ڏانهن پيشقدمي ڪري، مٿن وڃي ڪاهيائون (261-2) جيڪي
جبل جي ڀرپاسي پکڙيل هئا، جيئن شڪارگاهن ۾ شڪار
ڪيو ويندو آهي، تيئن انهن بدنصيبن جو گهيرو ڪري،
منجهائن ڪيترن کي قتل ڪيو ويو ۽ جهونجهار نالي
اسماعيل شوري جو پٽ ٻين سان گڏ قيد ٿيو. سندن مال
اسباب هڙئي تلف ٿي ويا. جيڪي ماڻهو قيد ٿيا، تن کي
هنن ٺٽي ۾ پنهنجي پيءُ سيد يازيد وٽ آندو، جتي
اسماعيل شوري جو پٽ جيل ۾ مري ويو. هن حملي ۾ شورن
۽ دلن جي جڙ نڪري وئي. سندن ڪيترا ماڻهو جبلن
ڏانهن وڃي جابلو ماڻهن سان ويٺا ته ڪي رعيتي راڄ
وانگي ملڪ ۾ رهي پيا. اڃا تائين انهي ريت سان هلن
ٿا ۽ چاڪر هالي جي راڄڌاني جي رعيت کي هنن مان ڪو
به خوف خطرو ناهي.
ٻٻر قوم جا ماڻهو بابو پليجي جا مائٽ هئا، هي دلن
۽ شورن جي حمايت کانسواءِ بنهه ڇورا ٿي پيا
(262-1). هونءَ به ٿورائي ۾ هئا، تنهن ڪري بابو
پليجي جي ڀر ۾ لڏو لاهي اچي ويٺا. بابوءَ ڇا ڪيو
جو نيرون ڪوٽ ۾ رهيل سيد بايزيد جي ٿاڻي تي وڃي
ٽپال پهچايائين. هنن سج اڀرئي ٻٻرن جي سنڌ هڻي
گهڻن کي ماري ڇڏيو ۽ ڪن رعيتي راڄ ٿي رهڻ جي آڻ
مڃي ڇڏي.
سيد بايزيد جي زماني ۾ ٽنهي قومن کي چڱي ڦيهه ملي
وئي پر هيڏانهن هي ڍرا ٿيا ته هوڏانهن وري جبل جي
نومڙين جي قوم جي ماڻهن جي (جيڪي سيوهڻ پاسي ٽڪر ۾
ويٺل هئا) اچي ٻيگهي متي، جن چاڪر هالي جي راڄڌاني
جي رهاڪن جو ويهڻ وهه ڪري ڇڏيو. اتان جي جاگيردارن
پنهنجيون ڪي دِهون سندن حوالي ڪري انهن ڏي وٺ
وسيلي، ٻيون جاگيرون آباد ڪيون (262-2). هاڻ نيرون
ڪوٽ کان وٺي واپس قرنيءَ جي نظرگاه تائين نومڙين
جون وستيون آهن، انهي نظرگاه جو بيان اڳتي هلي ڪيو
ويندو.
هيءَ راڄڌاني ۽ چاڪر هالي واري پاسي کان ٺٽي جو
ڪجهه حصو، ساڪري جي پرڳڻي تائين انتظام طلب آهي.
ساڪري واري پرڳڻي جي پاسي ڪرمتي ٻروچ ۽ جوکيا رهن
ٿا. هنن جو تعداد پيادن ۽ سوارن سميت ٽن هزارن
مڙسن تائين ٿيندو. هي اٺ ۽ دنبا ڍل طور ٺٽي جي
صوبه دار کي ڏيندا آهن ۽ هروڀرو ڪنهن وڳوڙ جي
ويجهو نٿا وڃن، تنهن هوندي به ٺٽي جي صوبه دار
ناريلي واري قلعي کي ٿاڻي جي صورت ۾ آڻي ڇڏيو آهي،
جيئن انهن ماڻهن جي خبرچار پوندي رهي.
سيد بايزيد جي عملداري ۾ جوکين کان ڪا خطا ٿي هئي،
جنهن جو احوال هن ريت آهي ته (263-1) سيد
بايزيد،هڪڙي شاهه محمد نالي پنهنجي نيپاڄ کي پنجاه
سوارن سان ناريلي جو ٿاڻيدار ڪري موڪليو. هي ٽرڙي
طبيعت وارو هلڪڙو ماڻهو هو، سو ڪنهن لڱان بجار
جوکئي جي پٽ حاجيءَ سان گهرو پيو ۽ پنهنجو پادر
لاهي ڏانهس اڇلايائين. جوکين کي باهه وٺي وئي
۽سڀئي مڙي سڙي لڏي پلاڻي جبل ڏانهن اُسهيا. شاه
محمد پنهنجا ماڻهو ساڻ ڪري سندن پٺيان ويو، گهڻيون
ئي صلح جون ڳالهيون ڪيائين پر هنن کيس رکو جواب
ڏئي ڇڏيو، آخر اهو جنجهٽ وڃي جنگ تائين پهتو.
شاهه محمد جي ماڻهن وٽ ڪي ٿورا هٿيار (تراريون ۽
نيزا) هئا، جن سان جلهون ڪرڻ لڳا، ٻئي طرف جوکين
تيرن جي ويڙهه شروع ڪئي، جنهن ۾ شاهه محمد جا
پنجاهي ماڻهو پورا ٿي ويا، جوکيا سندن گهوڙا ۽
هٿيار پنهوار هٿ ڪري وڃي جبل ڀيڙا ٿيا (263-2).
انهي معاملي جي ڪري سيد بايزيد ماڻهن کي جهلي
ڇڏيو ته ان يا ٻيون شيون جبل ڏانهن نه کڻي وڃن. ان
کان پوءِ جوکين جا چڱا مڙس قوم وٺي وٽس آيا ۽ ساڻس
راڄوڻي فيصلو ڪيائون.
اهي جوکيا ۽ ڪرمتي ٻروچ وري به رکي رکي سيوهڻ مان
هٿ چراند ڪندا رهن ٿا، هنن جي نومڙين سان به اصل
کان دشمني هلندي اچي ٿي ۽ ٻنهي ڌرين ۾ سدائين هينس
کينس رهي ٿي پر نومڙيا گهڻن بازن جي ڪري هنن کان
زور آهن.
ٺٽي جي عملداري ۾ ان جي بٽئي جو رواج آهي ۽ اڃا
تائين اها ريت هلندي پئي اچي. بٽئي جو اهو رواج
وڌيڪ آبادي جو باعث بڻجي ٿو. جيڪڏهن جاگيردار بٽئي
۾ اڌ کان مٿي وصولي نٿا ڪن ۽ ٻئي فصل لهڻ تائين
ڪوڙن بهانن سان رعيت جو حصو نٿا کائين ته آبادي تي
ان جو سٺو اثر پوي ٿو. هن ملڪ جي بهتري ان ۾ آهي
ته ملڪي انتظام بابت قانون گوين کان تفصيل گهرائي
ان جي تحقيقات ڪرڻ ۾ اچي (264-2). ۽ جاگيردار جيڪا
مٿين اڳاڙي ڪندا ٿا رهن، تن جا سڀئي ڪوڙا بهانا رد
ڪري رعيت تان اهو آزار لاٿو وڃي.
هڪ ڀروسي جوڳي امين کي مقرر ڪري ان تي اهو ڪم رکيو
وڃي ته ملڪ جي آبادي ۽ ويراني جو هر طرح خيال رکي،
جيڪڏهن ڪابه گهٽ وڌائي ٿئي ته ان بابت کانئس ئي
پڇا ڪئي وڃي. ان سان گڏ جاگيردار کي جهلي ڇڏجي ته
هو دستور کان وڌيڪ رعيت جي فصل مان ڪابه وصولي نه
ڪري.
ملڪ جي سرحدن کي وڳوڙين جي کونس کان بچايو وڃي.
جيئن هڪڙي ئي ملڪ مان ڏهه ملڪ ٻيا پيدا ٿي سگهن ۽
سڄو ملڪ ترخانن واري دور وانگي آباد ٿيندو رهي.
رعيت زور وٺي ۽ جاگيردارن جو ساٿ ڏئي، وڳوڙين جي
پاڙ پٽي ڇڏي.
ترخانن جي زماني ۾ ملڪ جي آبادي جو ڪارڻ اهو ئي هو
ته هنن بٽئي کان وڌيڪ رعيت وٽان ڪابه وصولي نه ٿي
ڪئي، ڪٿي ٽيون حصو ته ڪٿي چوٿون حصو (264-2) پئي
ورتائون. ان ڪري ملڪ به آباد هو، رعيت به راضي
رهندي ٿي آئي ۽ وڳوڙين کي هوڏ ۾ اچي رعيت سان هٿ
اٽڪائڻ جي ڪابه مجال نه پئي ٿي.
هن وقت حالت اها آهي جو ڪن جاگيردارين جي بڇڙي روش
جي ڪري هڪ پاسي رعيت پنهنجي روزگار کان محروم آهي
ته ٻئي طرف وڳوڙي زور وٺي ٿا وڃن ۽ رعيت انهن جي
اوڏائين ۾ اڙجي ٿي وڃي. پر جي رعيت جاگيردارن جي
اڀل ۾ ٿي اچي ته اهي ظالم ان جو ويتر خانو خراب
ڪري ٿا ڇڏين. جيڪڏهن هڪو جاگيردار خدا ترس آهي ته
ماڻهن کي آٿت ملي ٿو وڃي ۽ جاگيردار پاڻ به امن ۾
ٿو رهي. ساڳئي وقت هن جي جاگير جو هر فصل سال بسال
زياده پيداور ڏيندو رهي ٿو. ان جي ڀيٽ ۾ ظالم
جاگيردار جو فصل سدائين کوٽ ۾ آهي، نتيجو آخر هي
ٿو ٿئي ته اهو جاگيردار بيزار ٿي جاگير بدلائڻ جا
جتن ٿو ڪري (265-1)، ليڪن پنهنجي ظلم ستم کان باز
نٿو اچي، جنهن ۾ هن جي ٻنهي جهانن جي ڀلائي آهي.
گهوڙن جي خرچ پکي لاءِ اڳاڙي ڪرڻ جيئن ته شريعت جي
روءِ سان بي واجبي آهي، ان ڪري اهو اجايو بار به
ٺٽي جي رعيت کي بخش ڪرڻ کپي. اها اڳاڙي پرڳڻن جي
جمع بندي ۾ آندي وڃي، ڇاڪاڻ ته اها ڳالهه به رعيت
لاءِ ڪنهن آزار کان گهٽ ناهي انهيءَ اوڳاڙي جي
بهاني عاملن،اربابن، رئيسن توڙي قانون گوين جو من
وڌي ٿووڃي. ان کان علاوه جيڪڏهن ٺٽي شهر جي
ڪوٽوالي کي به اڳيئن دستور موجب انهي حساب کان الڳ
ڪيو وڃي ته ٺٽي جي رهاڪن جو گهڻو فائدو ٿي پوندو،
ڇاڪاڻ ته ڪوٽوالي جو ٿاڪ صوبه دار جي جاگير ۾ رهي
ٿو ۽ هن زماني ۾ ورلي ڪو خدا ترس ماڻهو نبيءَ جي
شرع جو تابع هوندو، ان ڪري اها پڪ آهي ته ڪي صوبه
دار دنيا جي لالچ کي وچ ۾ آڻي ڪيترن اشرافن کي حق
پلئي نه وجهندا ۽ ڪانه ڪا ٺڪ ٺاهي هن ملڪ جي
باشندن کي پيا عذاب ڏيندا (265-2).
هي محصولن کان ويڪ ماڻهن تي چٽيون وجهن ٿا، جيڪي
سندن وس کان ٻاهر آهن ۽ ماڻهن هلاڪيءَ ۾ پئجي ٿا
وڃن.
”ماڻهن کان جڏهن وطن کسجي ٿو ته دين دنيا جون
هزارين خرابيون منجهن پيدا ٿي پون ٿيون، ڇالاءِ ته
جهان جو مدار معاشي وسيلن تي آهي.“
جيڪڏهن شاهي ڪوٽوال سرزمين تي آهي ۽ انصاف ٿئي ٿو
ته ماڻهو شرافت سان هلن ٿا ۽ بادشاهت به وسيع ٿئي
ٿي. هر شخص تي ڏوهه موجب شرعي ڏنڊ پوي ٿو ۽ اهو
بيت المال ۾ داخل ٿئي ٿو، ان حالت ۾ ملڪ جي ڪهڙي
به علائقي ۾ ڪنهن به ماڻهوءَ لاءِ ڪو آزار پيدا
نٿو ٿئي. تنهن ڪري شاهي ڪوٽوال جو هئڻ ضروري آهي،
ان لاءِ ته زماني ۾ گهڻا فساد ٿيندا رهن ٿا، چکائي
انهي ۾ آهي ته هن باري ۾ احتياط کان ڪم ورتو وڃي.
باب چوٿون
سيوهڻ جو بيان
هن ۾ پنج فصل آهن.
فصل پهريون
سيوهڻ جي پرڳڻن جو مختصر احوال
سيوهڻ، ڪچي پراڻي قلعي جي صورت ۾ مٽيءَ جي وڏي دڙي
تي درياهه جي سيتپور ناهران طرف واري ڪناري تي
آباد آهي، درياهه قلعي جي اترئين پاسي ۽ شهر ان جي
ڏاکڻين طرف اچي ٿو. قلندر شهباز
جو مقبرو شهر جي پڇاڙي ۾ ۽ مخدوم ڇٽي امراڻي
جي مزار شهر کان اڌ ميل جي مفاصلي تي آهي، ٿورو
پريان جبل نظر اچي ٿو، جنهن جو پٿر ڪچو ۽ واريءَ
گاڏڙ سائي رنگ تي آهي، ان جي ڊيگهه (266-2) ڇهه
ميل ۽ ويڪر اڌ ميل کن ٿيندي. جبل جي مهاڙي ۾ يڪ
ٿنڀي
تي ننڍي ٽڪريءَ تي هڪ جاءِ آهي، جا ڪنهن زماني ۾
يڪي ٽڪري مان گهڙي ٺاهي، هڪڙي ٿنڀي تي بيهاري وئي
هئي، ان کي حضرت علي جي نظرگاهه به سڏيو وڃي ٿو.
انهي ٽڪريءَ تي مولف جي والد (مير ابوالقاسم
نمڪين) بکر جي ”صفه صفا“ وانگي ”صفه وفا“ نالي
ويڪرو ٿلهو ٺهرايو هو، جتي چانڊوڪين راتين ۾ سندس
ڪچهريون لڳنديون هيون. دستور موجب اهل علم مهمانن
توڙي سپاهين جي خاطر تواضع نار جي گدرن سان ڪئي
ويندي هيئي. اها جاءِ اڃا سوڌي (1044هه تائين)
قائم آهي، جنهن جي پکيڙ اڌ ميل ۾ ٿيندي. هتي ڳاڙهي
واري عام آهي، ان ۾ ريگ ماهي
جام ٿئي ٿي، جنهن جو شڪار اونهاري جي مند ۾
مينهوڳي کان اڳ ڪيو وڃي ٿو (227-1). هتان جي
وارياسي زمين مان قدرتي پاڻي جا ڪيئي چشما لعل
شهباز جا ليکايا وڃن ٿا. قلندر جا مجاور انهن جي
پاڻي تي پوکون ڪندا آهن شهر
جا ماڻهو جيڪي وڏي ”دڪري“ (وهندڙ چشمي) تائين نٿا
پهچي سگهن، تن مان هندو خاص ڪري هتي زالين مردين
اچي وهنجندا آهن، هيءَ ننڍي واهي سڏبي آهي
وڏي واهيءَ جو احوال اڳتي ايندو.
شهر کان ٽي ڪوهه پرتي پڪو پهاڙ آهي، جنهن جو پٿر
اڇو ۽ سخت ٿئي ٿو، اهو پهاڙ ڏکڻ ڏانهن وڃي سمنڊ ۽
ڪيچ مڪران سان ملي ٿو، اتر ۾ قنڌار، ڪابل ۽ ڪشمير
جي (267-2) پهاڙن سان ڳنڍيل آهي. هن جي وچاڳ ۾
گهڻي آبادي ٿئي ٿي، آسپاس جا ٻروچ توڙي ٻيا ماڻهو
هتي هڪ هنڌ ويهڻ بدران جتي به گاهه پٺو گهڻو ٿا
ڏسن اتي لڏو لاهي ٿا ويهن، هتي ڪي قلعا به آهن، جن
۾ پوکي راهي ٿئي ٿي، جهڙوڪ: ڪانهري
وارو قلعو، انون ٻيلو ، ڪوهيار ۽ وڻڪار وغيره،
انهي پهاڙ جي پويان لڪيءَ واري جبل تي پڪ سرو قبو
نظر اچي ٿو، جو اڄڪلهه ويارن آهي، اهو قبو شهر کان
چئن ڪوهن تي ٿيندو ۽ مرزا محمد باقيءَ جي ماڙيءَ
نالي مشهور آهي، هن جبل مان ٻه واٽون نڪرن ٿيون،
هڪڙي باقي جي واٽ سڏجي ٿي، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿوته
اها مرزا محمد باقي ترخان
ٽڪر ٽڪائي ڪڍرائي هئي، ٻي گهاڻي واري واٽ آهي جا
مٿين ماڙي وٽان لنگهي ٿي. انهي واٽ تي (268-1)
گهاڻي جهڙو پٿر پيل آهي، جنهن تان هن تي اهو نالو
پيو هو. هي ٻيئي جوکائتيون واٽون آهن، جنهن ڪري
ورلي هتان لنگهندڙن جي جان بچي سگهي ٿي، ڪيئي
ماڻهو هن پاسي جي ٻروچن هٿان شهيد ٿي چڪا آهن. هن
ٽڪر ۾ ڪيئي شهيد ۽ غيب وارا پيا ٻجهن، ڪيترا ڀيرا
اڌرات جي وڳڙي ۾ انهن جي ذڪر جو آواز وڏي واڪي ٻڌڻ
۾ آيو آهي، انهي ٽڪر جي هيٺاهين ۾ مرزا جاني بيگ
ترخان اڪبر بادشاهه جي فوجن سان مقابلو ڪيو هو، جن
کي خان خانان سيوهڻ جي قلعي تي گهيرو ڪرڻ لاءِ ڇڏي
پاڻ چاچڪان جي راڄڌانيءَ ۾ جون (جوڻ) ڏانهن هليو
ويو هو. مرزا جاني بيگ کي نيٺ شڪست آئي، جنهن سندس
چيلهه ڀڃي ڇڏي. راجا توڏرمل جو پٽ دارو
انهي جنگ ۾ مارجي ويو.
(268-2)
انهيءَ سيوهڻ واري قلعي سان يارهن پرڳڻن جو لاڳاپو
رهي ٿو، جن مان اٺ پرڳڻا درياهه جي هن ڀر قلعي طرف
۽ ٽي پرڳڻا درياهه جي پرئين پاسي آهن. مٿين اٺن
پرڳڻن مان هڪ وڏو پرڳڻو باغبانن جو آهي، جنهن ۾
هيٺيون چار قومون ۽ ذاتيون رهن ٿيون. باغبانن جا
ملڪ، پنهور، ابڙا سميجا تنهن کانسواءِ:
1. جوڻيجن جي قوم،
2. پرين جي قوم،
3. بڪيجن جي قوم-
اهي سڀئي (قومون ۽ ذاتيون ) رعيت ليکجن ٿيون،
منجهن ڪا به اڙانگوڙي ناهي، ساڳئي وقت سرڪاري ڍل
به پرين ٿيون.
4.
ٿيٻن جي قوم.
اها قوم سميجن وانگي ڏاڍي شوم آهي. جيڪڏهن فصل لهڻ
مهل سرڪاري عملدارن جي مٿانئن چڙهائي ٿئي ٿي ته
ڪجهه نه ڪجهه ڍل ڏين ٿا، نه ته ڪا شيءِ وٽانئن
وصول نٿي ٿئي. هن قوم جا چار ڳوٺ آهن، جن مان ٽن
جو تعلق (269-1)مٿئين پرڳڻي سان آهي. انهن ڳوٺن کي
ڪنڌ ڪوٽ، ڇني
۽ ٿيٻن جو ڳوٺ سڏيو وڃي ٿو. چوٿون پٽيجي
ڳوٺ آهي، جيڪو بکر جي راڄڌانيءَ واري ٽڪر جي پرڳڻي
سان تعلق رکي تٿو.
سمن جي دور ۾ هي پرڳڻو حد کان وڌيڪ آباد ۽ سرسبز
هو. مخدوم جعفر بوبڪائي جيڪو سنڌ جي مشهور عالمن
مان هو، مرزا عيسى ترخان
کان نقل ٿو ڪري ته شاهه بيگ ارغون هجي فوج جيڪا
قنڌار کان سنڌ تي مقرر ٿيل هئي، تنهن هتي پهچي
باغبان پرڳڻي کي ڀيل ڪري ڇڏيو، هتي هڪ هزار اٺ
باغن جي نارن ۾ وهندا هئا، جيڪي هنن هٿ ڪيا،
انهيءَ سان هن پرڳڻي جي آبادي ۽ وسنديءَ جو اندازو
لڳائي سگهجي ٿو. اهو پرڳڻو ترخانن جي زماني ۾ پڻ
چڱيءَ طرح آباد هو.
سلطان محمد برتتڪاني
ارغون هن پرڳڻي جو ٿاڻيدار هو. هي ڪيترين جاين تي
قلعا جوڙائي (229-1) پنهنجا ماڻهو اتي مقرر ڪري،
پاڻ ڦلجي
وارو قلعو وسائي ويٺو، جنهن ڪري رعيتي ماڻهو
وڳوڙين جي گهمسان کان امن امان ۾ هئا.
هن علائقي ۾ جيئن ته بد بخت چانڊين ۽ ٿيٻن جي
گهڻائي آهي ۽ هتي پوريءَ ريت ٿاڻا قائم ڪري نٿا
سگهجن، ان ڪري ڪيئي ديهون ويران رهن ٿيون. هن
پرڳڻي ۾ مٿا نالي وڏي ڍنڍ آهي، جنهن ۾ پرڪلڪي
(پوپري)
مڇي جام ٿئي ٿي.
ٻيو پرڳڻو پاٽ آهي هتي خواجن جو امن پسند راڄ رهي
ٿو، جنهن کي جاگيردار جي آيل جي ضرورت رهي ٿي.
ٽيون پرڳڻو نيرون وارو قلعو
آهي. اڳئين زماني ۾ هن ڳوٺ کي واهي سڏيو، ٿي ويو.
هتي جبلن مان پاڻيءَ جي ڪاريز وهي اچي ٿي، جنهن
مان چار واهيون نڪرن ٿيون (279-1). اهي واهيون پٽن
۾ وڃي پون ٿيون جتي ماڻهو پوکي راهي ڪندا آهن.
پهريان هي ڳوٺ ماڇين جو هو، جيڪي ڏاڍا اڙي باز هئا
۽ جاگيردار کي ڪا به ڍل نٿي ڏنائون. بختيار بيگ
ترڪمان انهن تي ڪاهي کين مت ڏني. پوءِ انهيءَ ڳوٺ
تي اڪبرآباد نالو رکي، ان کي پنهورن جي حوالي
ڪيائين، جيڪي رعيتي ريت هلندا ٿي رهيا. هر هڪ
واهيءَ تي انهن کي مقرر ڪيائين.
هڪ واقعي موسي پنهور کي، ٻي عيسى پنهور کي، ٽين
دائود پنهور کي ۽ چوٿين جلال پنهور کي ملي. اڃا
تائين اهو ڳوٺ پنهورن وٽ آهي، جو هن کان اڳ
باغبانن جي پرڳڻي ۾ داخل هو.
شمشير خان اوزبڪ جي ڏينهن ۾ اهو ڳوٺ باغبانن جي
پرڳڻي کان الڳ ڪري، ان تي نيرون ڪوٽ جو نالو رکي،
سيوهڻ جي راڄڌانيءَ ۾ ڏنو ويو، احمد بيگ جي زمان ۾
(270-2) بلڪل ان کي ويراني ورائي ويئي. چوٿون ڳاهن
وارو پرڳڻو آهي، هن وڏي پرڳڻي ۾ ڪي هيتون قومون ۽
ذاتيون رهن ٿيون.
1- پنهور جيڪي قريشي سڏائين ٿا، بيبي حليما ”حضور
اڪرم جي دائيءَ“ جو اولاد چوائين ٿا.
2-ڪوريجا.
3- سميجا بُڪيجا
4- سميجا ٿيٻا
1-
راهه پوٽا، هي پڻ سميجن مان آهن .
2-
ڀان
3-
سيد
4-
شيخ
هن پرڳڻي ۾ پنهورن ۽ سميجن جي گهڻائي آهي. هي
پرڳڻو ڪنهن حد تائين پر امن رهي ٿو. هتان جي رعيت
جاگيردار کي ڍل ڏيڻ يا وڳوڙين تي ڪاهڻ مهل ڪا به
ڪوتاهي نٿي ڪري ۽ هر وقت سندس مددگار رهي ٿي ۽ ڍل
ڏيڻ ۾ به نه3ڪر ڪا نه ٿي ڪري، ليڪن احمد بيگ جي
ظلم سبب (271-1) هي پرڳڻو پوئتي پئجي ويو آهي، خاص
ڪري ٽڪر وارا ڳوٺ وسنو کان خالي آهن.
پنجون بوبڪن جو پرڳڻو آهي، هتي به ڪيئي ماڻهو رهن
ٿا:
1-
بوبڪ، جيڪي پان کي خلجي ٿا ڪوٺائين، هنن ۾ مخدوم
جعفر
بوبڪائيءَ جي اولاد مان ڪي مخدوم آهن، جيڪي بوبڪن
جي ڳوٺ ۾ ٿا رهن.
2-
سميجا دل.
3-
سميجا بڪيجا
4-
خواجا، جيڪي نو مسلم آهن.
5-
ڀَچا
جيڪي سميجن مان آهن.
6-
پنهور
7-
هندو
هن پرڳڻي جي رعيت نهايت غريب آهي، جاگيردارن ان تي
جيڪي به ظلم ڪري ٿو، صبر سان سهندي رهي ٿي.
منجهس ڪا به ڊڍائي ڪانهي. هي پرڳڻو ڏاڍو آباد ۽
سرسبز ٿي سگهي ٿو، جيڪڏهن ماڻهن جي دل ورتي وڃي.
پر هتي چغل خور ۽ مَسهو ماڻهو گهڻا آهن (271-2)
جڏهن به ڪو نئون جاگيردار اچي ٿو ته هڪٻئي جي
مسهائپ کان ڇيڻاڀور ڪري، فتني جي باهه ڀڙڪائيندا
رهن ٿا، جنهن ۾ ٻين سان گڏ پاڻ به سڙن پچن ٿا، جا
ڳالهه هن علائقي جي تباهيءَ جو ڪارڻ بڻجي ٿي.
6- سيوهڻ جي حويلي وارو پرڳڻو: هتان جي رعيت ڏاڍي
مسڪين آهي، ڪڏهن به دل ۾ غير نٿي آڻي.
7- نيرون ڪوٽ
وارو پرڳڻو آهي، ڪنهن زماني ۾ هن جو نالو منڇر ڍنڍ
هو. هتي ڪا به پوک نه ٿيندي آهي پر مڇين ۽ پکين جي
ڪمي ڪانهي. پوک نه هئڻ ڪري ماڻهو ڍل ڏيڻ کان
انڪاري رهن ٿا. هتي جي رعيت غريب ملاحن جي قوم
آهي، جنهن جو ڪڏهن به زمين تي پير نٿو پوي. هنن
اکين سان اَنُ ڪو نه ڏٺو آهي ۽ ڪپڙو به ڪين ڍڪي
ڄاڻن (272-1). هتي ماڻهو گاهه ۽ ڪانن مان مڏ ٺاهي
ان تي پڙڇ وجهي پاڻيءَ ۾ لهن ٿا، جنهن کي ترهو چيو
وڃي ٿو. انهيءَ ترهي جي وسيلي مڇين ۽ پکين جو شڪار
ڪندا آهن. هي تڏن کان پوشاڪ جو ڪم وٺن ٿا، مڇيون ۽
گاهه جون پاڙون سندن خوراد آهي- انهن کي بِههَ،
ڪُمَ، لوڙهه چوندا آهن. جيڪڏهن کين زمين تي آندو
وڃي ٿو ته گهمي ڦري نٿا سگهن.
هن ڍنڍ ۾ سورهن وڏا ڳوٺ آهن. هيءُ ڏهاڪو ڪوهن ۾
آهي، سياري ۾ هتي (272-2) آڙين، بدڪن ۽ ٻين پکين
جا ولر اچي گڏ ٿيندا آهن. جن جو شڪار ڪيو وڃي ٿو.
اهي پکي جيڪي ڪروڙن تائين هوندا آهن تن جو شڪار
ڪيترن نموني سان ڪيو ويندو آهي پر سڀ کان سٺو شڪار
بندوق سان ٿئي ٿو، ڇاڪان ته ان لاءِ ڪنهن لِڪ ڇپ
جي ضرورت ناهي. اهو شڪار ٻيڙين ذريعي ٿي ٿو ۽ هڪ
ڌڪ سان ڪيئي پکي ڪيرائي سگهجن ٿا. مؤلف (يوسف
ميرڪ) پاڻ به ڪيئي ڀيرا هتي بندوق سان شڪار ڪيو
آهي.
ڍنڍ جي اوسي پاسي ڏير جو گاهه گهڻو ٿئي ٿو، جنهن
سان تڏا (پڙڇ) لهن ٿا (273-1). ربيع جي فصل کان
پوءِ جڏهن پاڻي لهي وڃي ٿو ته سيوهڻ ۽ بکر جا
ماڻهو هتي اچي ڏِير جون پاڙون ڪڍي، گرم ڪري، ان
مان ٻنڍ ٺاهي ٿا رکن، جن تي سڄو سال سندن گذارو
ٿيندو آهي، انهيءَ تي ئي پنهنجي ربيع ۽ خريف
گذارين ٿا. ڏير جي گاهه نه ٿيڻ ڪري ڪيترن
جاگيردارن جي عملداريءَ ۾ مؤلف هتي گهڻا ماڻهو
موجود نه ڏٺا، سواءِ ڪن ٿورڙن جي جيڪي هن علائقي
کي پنهنجو اباڻو ماڳ سمجهي لاچار کان هتي رهي، ٻنڍ
تي گذران ڪندا ٿي رهيا.
منڇر توڙي ٻين ڍنڍن ۾ کيهر نالي گاهه به جام ٿئي
ٿو، جيڪو گهوڙن کي چاريو ويندو آهي (273-2) اهو
گاهه جيڪڏهن، ڍڳي، مينهن ۽ رڍ ٻڪريءَ کي کارايو
وڃي ته انهن ۾ ٻجههَ جو مرض پيدا ٿئي ٿو، جو يقيني
طرح موت جو ڪارڻ آهي. اها ڍنڍ ڪڏهن سيوهڻ جي
حويليءَ واري پرڳڻي ۾ داخل هئي. شمشير خان اوزبڪ
جي عملداري دوران ان کي نيرون ڪوٽ جو نالو ڏيئي،
سيوهڻ سان ڳنڍي ڇڏيائون. هن ڍنڍ ۾ به پوپري مڇي
گهڻي ٿئي ٿي.
5.
سن جو وڏو پرڳڻو آهي، جنهن ۾ ڪيئي ذاتيون ۽ قومون
رهن ٿيون.
1-
سيد
2-
لاکا
3-
ڪوريجا
اهي ٽيئي بلڪل مسڪين رعيتي آهن.
4-
مانجهند
5-
کماڻ
6-
ڇڇر
7-
ڳاهيجا
هي چارئي سرڪش قومون آهن پر جاگيردار جي ٿوري
پنبيهه سان سڌيون ٿي وڃن ٿيون.
هتي سيدن جا چار ڳوٺ (274-1) سن، لڪي، آمري ۽ ٺٽي
ولي محمد آهن.
لڪيءَ وارا نج سيد آهن ۽ ٻين سيدن سان سڱابندي نٿا
ڪن. جڏهن جنت آشياني (همايون بادشاهه) ڪنهن زماني
۾ هن پاسي آيو هو ته انهن سيدن سندس خوب خدمت
چاڪري ڪئي هئي. جيتوڻيڪ سڄو ملڪ مرزا شاهه حسن
ارعون جي حڪم سان ويران ٿي چڪو هو، تڏهن به سيد
سڳورا اتي ئي هئا. بادشاهي سپاه کي گاهه داڻي توڙي
رڍ ٻڪريءَ جي جيڪا به ضرورت پئي ٿي، سا هن پوري ٿي
ڪئي. بادشاه هنن تي ڏاڍو راضي ٿيو ۽ کين جاگيرن جا
پروانا عطا ڪيائين.
سيوهڻ جو پرڳڻو جڏهن ابوالقاسم نمڪين جي جاگير ۾
آيو ته ان کان اڳ لڪيءَ جا سيد ڪن حادثن جي ڪري
پنهنجا گهر گهاٽ ڇڏي ڳاهن واري پرڳڻي ۾ وڃي ويٺا
هئا. هنن کي اها سگهه ڪا نه هئي ته وري پنهنجي
ٿاڪن تي هليا اچن. مير ابوالقاسم دم دلاسو ڏيئي
سڀني کي پنهنجي ڪکن ۾ آباد ڪرايو اهي اڃا تائين
اتي ئي ويٺل آهن.
مير ابوالقاسم کي هنن جڏهن همايون بادشاهه جا
پروانا ڏيکاريا ته هن کين اڪبر بادشاهه جي خدمت ۾
وڃي بخشش وٺڻ جو تاڪيد ڪيو. انهيءَ وچ ۾ اوچتي
لڪيءَ (275-1) جي ڳوٺ کي باهه لڳي، جنهن ۾ اهي
پروانا سڙي ويا.
هي پرڳڻو شمشير خان جي عملداريءَ جي شروعات ۾ گهڻي
قدر آباد هو، ڇالاءِ ته هتي لاکا قوم جي ماڻهن جي
ڪثرت هئي. جن جي سميجن انڙن لعنتين سان دشمني
هلندي ٿي آئي. لاکن جا ڪي ڳوٺ درياهه جي اورينءَ
ڀر ”سن“ جي پاسي هئا جيڪي جابلو ماڻهن سن مقابلي ۾
آيا. هنن جا ڪي ڳوٺ درياهه جي پرينءَ ڀر سميجن
انڙن سان به لاڳيتا هئا، ۽ اُتي هو انهن سان
وڙهندا رهندا هئا.
جيستائين شمشير خان اتي هو تيستائين رعيت انهن
ٻنهي موذين (لاکن ۽ سميجن انڙن) جي کوءنس کان آجي
هئي، ان ڪري جو هن درياهه جي ڪنڌيءَ تي سن ۾ ٿاڻو
قائم ڪري خواجه خان کي اتي ويهاري ڇڏيو هو. ليڪن
(275-2) شمشير خان جيئن هتان قنڌار هليو ويو ته هي
پرڳڻو ڏينهون ڏينهن ويران ٿيندو رهيو. ويتر جو
سميجن ۽ جابلو ماڻهن جا هٿ لڳس ته هن جو خانو ئي
خراب ٿي ويو. انهيءَ وٺ پڪڙ ۾ سيدن جا ٻه ڳوٺ آمري
۽ ٺٽي ماڳهين ڀينگ ٿي ويا. ڪيترن سيدن کي سميجن ۽
جابلو ماڻهن قتل ڪري ڇڏيو ۽ رعيت ڪک پن ٿيندي
ويئي. اهڙيءَ ريت ادرٻيلي وارو ڳوٺ لاکن هٿان ۽
جيسروت جو ڳوٺ ڪوريجن هٿان ڀڙ ڀينگ ٿي ويو. ان کان
پوءِ ديندار خان جي عملداريءَ ۾ ماڻهن وڃي ڪجهه
سامت جو ساهه کنيو.
درياهه جي هُن ڀر هيٺيان ٽي پرڳڻا آهن:
پهريون جوڻيجن وارو پرڳڻو، جيڪو هڪ وڏو پرڳڻو آهي،
هتي هي قومون رهن ٿيون:
1-
ڪوريجا (272-1)
2-
پنهور
3-
شيخ
اهي سڀئي هر طرح فرمان برداريءَ ۾ آهن.
4-
سميجا بُڪيجا
هي ماڻهو ڏاڍا نافرمان آهن. سندن تعلق سميجن انڙن
سان رهي ٿو. شروعات ۾ هيبه سميجن انڙن وانگر باغي
هئا، ۽ جاگيردار کي پنهنجي فصل مان فقط نالي ماتر
ڍل ڏيندا ٿي رهيا.پر مؤلف جي ڀاءُ مير ابوالبقا جي
زماني ۾ جڏهن مٿن ڪاهون ڪيون ويون ته شرافت سان هر
حڪم جي تعميل ڪندا رهيا ۽ پوکي راهيءَ ڏانهن به
پورو ڌيان پئي ڏنائون. اڃا تائين حڪم هيٺ آهن.
هي پرڳڻو سميجن انڙن بدبختن جي هٿ وس آهي. ڪنهن
زماني ۾ ڪوريجا ۽ پنهور به هتي پڄنديءَ وارا هئا.
سميجن سان به پئي ڳن ڏنائون ( 276-2) ۽ جاگيردارن
سان به پورا رهندا ٿي آيا. هاڻ هنن جا حال زبون
آهن، ان ڪري سميجن جي مٿن هلان ٿيندي رهي ٿي. هن
پرڳڻي ۾ ڦاڙهي، هرڻ، روجهه وغيره جو گهڻ شڪار ٿئي
ٿو، هتي ريل نالي هڪ ڍنڍ آهي، جنهن ۾ آڙين جو انگ
شمار ڪونهي، اهي باز ۽ ڪوڙڪيءَ سان ڦاسايون وڃن
ٿيون. هن ڍنڍ ۾ به پوپري مڇي گهڻي ٿيندي آهي.
ٻيو پرڳڻو خطه
نالي آهي، هن ۾ هيٺيون قومون رهن ٿيون:
1-
هالي پوٽا
2-
شيخ
3-
سميجا اوٺا
4-
سميجا پريا
5-
سميجا بڪيجا
6-
راهوجا
7-
ڪوريجا
8-
ترڪ (277-1)
9-
ڏيٿا
10-
پلي
11-
لاکا
اهي مڙيئي غريب مسڪين ۽ چئي آکئي ۾ آهن.
12-
سميجا ڏاهري
راءِ سنگهه، گوريه
هندو جو پوٽو جڏهن هن پرڳڻي جي ڪنهن ڀاڱي تي
جاگيردار هو، ته هنن ماڻهن سان ڪي چڪريون ڏنيون
هئائين، جنهن جو ڪارڻ اهو ٻڌايو وڃي ٿو ته هن وٽ
هڪ سو سوار هئا، ۽ انهن کان علاوه رعيت مان به سو
ڏيڍ پيادا ساڻ ڪري ٽلٽيءَ کان ڏاهرين تي وڃي ڪاهه
ڪيائن. جنهن وقت سندن ڳوٺ جي ويجهو پهتو ته هنن کي
پتو پئجي ويو، سو هڪ هزار ڏاهري ( سوار ۽ پيادا)
نڪري نروار ٿيا. راءِ سنگهه جا ماڻهو ڀڄي جان
ڇڏائڻ لڳا پر جيڏانهن ٿي ويا ڏاهرين سندن پيڇو ٿي
ڪيو. آخرڪار جهنگ جي وچ ۾ پهچي (277-2) پنجاهه
پنجاهه سوار آسيرا پاسيرا ڪري خالي پيل گس وٺي
ويهي رهيا،جيئن ڪو ڏاهري اتان ٿي لنگهيو ته ان کي
تير هڻي ڪيرائيندا ٿي ويا. اٽڪل ٽيهارو کن ڏاهرين
جا پريا مڙس ماري وڌائون ۽ ڪيترن سردارن کي قيد
ڪيائون جن جا نالا شهمير ۽ ساند وعيره هئا. هن
پاسي کان به ڪيترا ماڻهو قتل ٿي ويا پر ڏاهرين
شڪست اچي ويئي. ان ڏينهن کان پوءِ اهي ڏاهري سڀ
ڏنڊ ۽ ڏن ڀريندا رهيا. وري هنن جو جاگيردار سان ڪو
وير ويڇو نه رهيو.
ٻي طاقتور قوم هالي پوٽن جي آهي، جا سميجن انڙن
سان پوري پوندي ٿي اچي. هيءَ پوکي راهيءَ سان گڏ
جاگيردار جي پوئواري به ڪندي رهي ٿي. شمشير خان
اوزبڪ جي عملداريءَ کان اڳ ۽ پوءِ (278-1) هن
پرڳڻي جر رعيت ڪن جاگيردارن جي ظلم ۽ زيادتين سبب
بدحال ٿي ويئي ۽ هاليپوٽن ۾ به ڪو حال نه رهيو. ان
ڪري سميجا زور وٺي ويا ۽ ٻنهي ڌرين ۾ رڳڙا هلي
رهيا هئا ته ايتري ۾ احمد بيگ جي عملداري شروع ٿي،
جنهن ۾ سميجن انڙن هيڪاري وڌيڪ هن پرڳڻي جا کنڌا
کڻي ڇڏيا. ماڻهو دربدر ٿيندا ويا ۽ سميجن جا هٿ
بوبڪن کان وٺي سيوهڻ جي حويلي ۽ سن جي پرڳڻ تائين
ڊگها ٿيندا رهيا، ڇاڪاڻ ته هي پرڳڻو درياهه جي
ڪنڌيءَ سان لاڳيتو آهي ۽ لاکاٽ واري پرڳڻي سان وڃي
ملي ٿو، جو سميجن انڙن جي حد ۾ آهي. تنهن زماني ۾
هتي ڇڙوڇڙ ماڻهو ويٺل هئا. سميجا ندورا (278-2) ۽
ڪار مُنهان ويڙه ۾ جيڪي تعديون ڪري ٿي سگهيا، تن
جو شڪار هن پرڳڻي جا رعيتي ماڻهو ٿيندا پئي رهيا ۽
جاگيردار بادشاهي رعيت جي همايت ۾ نڪري ٿي آيو. پر
وري به سميجا ڪڏهن به اتاوليءَ مان رعيت کي هيسائي
درياهه کان هِن ڀر اچي ڪنهن کي آزار ۾ وجهي نٿي
سگهيا. هنن جيڪي وڳوڙ پئي ڪيا اهي درياهه هي هُن
ڀر هئا، ۽ ان پرڳڻي جي ويراني کان سميجن انڙن کي
وڏي هٿي ملندي ويئي.
ديندار خان خطي، لاکاٽ ۽ سن پرڳڻن جا ڪي ڳوٺ سميجن
انڙن، سن جي سيدن ۽ لڪيءَ وارن سيدن کي جاگير طور
ڏيئي صلح جي راهه پيدا ڪئي. سميجن مان ڪرن نالي
سردار کي آڻي خطي واري پرڳڻي جي وچاڳ ۾
ويهاريائين، جنهن ڪري هن پرڳڻي جا ڪي ڳوٺ وري آباد
ٿيڻ لڳا (279-1)، تنهن هوندي به هن پرڳڻي کي سميجن
انڙن جي اُچاٽ کان بچاءُ ۾ رکڻ ضروري آهي. انهيءَ
سان گڏ آباديءَ جو به اُپاءُ ڪرڻو پوندو. هن پرڳڻي
جي آبادي دراصل سميجن انڙن جي زبونيءَ لاءِ
ڪارائتي ٿيندي.
ٽيون پرڳڻو لاکاٽ وارو آهي. هن پرڳڻي ۾ سميجن انڙن
جي ڌماچوڪڙي قائم رهي ٿي. هن جا ٻه تپاآهن هڪڙو
سميجن جو ۽ ٻيو لاکن وارو، جيڪي سميجن انڙن جا
سدائين دشمن رهندا اچن ٿا. اڳئين زماني ۾ سيوهڻ جا
جاگيردار لاکن جو پاسو وٺندا ٿي آيا ۽ فصل لهڻ وقت
سميجن انڙن تي پڻ چڙهايون پئي ڪيائون. تڏهن اهي
لاکا اڳ ۾ پئي ٿيا ۽ جاسوسيءَ جو ڪم ٿي ڏنائون.
جتي به لاکا سميجن جي ور ٿي چڙهيا ته انهن کي
ٻارين ٻچين ترارين جو بک پئي ڪندا رهيا. ٻئي پاسي
لاکن وارو تپو چڱيءَ طرح آباد ۽ سرسبز هو ۽ هي
دستوري ڍل ڀريندا ٿي آيا (279-2). سميجن انڙن جي
اها حالت هئي، جو لاکن جي ڊپ ۽ شاهي لشڪر جي دٻاءَ
سبب ڍنڍن جي ڪَپ تي ٿوري گهڻي پوک ڪندا ٿي رهيا ۽
خريف ربيع جا فصل ( جوَ ۽ جوار) پوٺ تي پئي
پوکيائون. بادشاهه جا ڪارندا سميجن جي اها پوکي
راهي به لاکن جي سنگ ساٿ سان تاراج ڪري ٿي ويا،
ٻيءَ حالت ۾ سميجن کي ڍل ڏيڻ لاءِ مجبور ڪيو ٿي
ويو، تنهن ڪري سميجا ڪر کڻي نٿي سگهيا. رعيت جي
رجوعات به لاکن ڏانهن هئي.
شمشير خان اوزبڪ جي عملداريءَ کان پوءِ ڪن
جاگيردارن جي بڇڙائين جي ڪري لاکا پٺتي پوندا ويا،
جن جون زمينون سميجن انڙن جي قبضي ۾ اچي ويون. ڪي
لاکا سميجن هٿان ڪنگال ٿي ويا ته ڪن وڃي سن ۾
پناهه ورتي. رعيت به ڦري سميجن انڙن ( 280-2) جي
ريءَ رکڻ لڳي. پڇاڙيءَ سميجا آزادي سان پڪين پوکن
جا مالڪ ٿي ويا، ڪو به سندن آڏو نٿي آيو. اهڙيءَ
طرح لاکاٽ جو پرڳڻو اڳاڙيءَ کان نرهه ٿي ويو ۽
هوريان ڏاڍيان سميجن جي سگهائي ٿيندي ويئي. ديندار
خان جڏهن سميجن سان صلح ڪيو ته لاکن جا باقي ماڻهو
درياهه جي هُن پاسي ڪجهه آرام سان رهڻ لڳا.
هن پرڳڻي ۾ اعتماد جوڳن ماڻهن جي انتظام جي ضرورت
آهي، جيئن اهي ماڻهو سرڪش سردارن سان هر حال ۾
پورا پئجي سگهن.
وفات 1023هه (ماثر الامراء، ص 483-1.ذخيره
الخوانين قلمي ص 397)
1024هه جي پڇاڙي يا 1025هه جي شروعات ۾ مير
ابوالبقا انهي مهم تي روانو ٿي ويو. تذڪره
امير خاني.
مير بايزيد بخاري جلوس جهانگيري جي پندرهين
سال (1028هه) ڌاري ٻن هزارن ذاتي ۽ پندرهن سون
سوارن جي منصب سان ٺٽي جو صوبه دار ٿيو. ان
کان اڳ ۾ هو بکر جي راڄڌاني جو فوجدار هو.
مقالات ص 108. مير بايزيد ٺٽي ۾ وفات ڪئي ۽
مڪلي جي قبرستان ۾ سيد جلال بخاري جي ڀرسان
کيس دفنايو ويو. لب تاريخ سنڌ جي مصنف لکيو
آهي ته هو 1025هه ۾ بکر آيو هو.
ڏسو تعليقات، ڪتاب جي پڇاڙي ۾.
انهي هڪ ٿنڀي بابت تحفته الڪرام جو مصنف لکي
ٿو ته اها ٽڪري جي دڙي تي هڪڙي ٿنڀي مٿان بيٺل
آهي، ماڻهو ان کي عقيدت مان قدرتي جاءِ ڪري ٿا
سمجهن. هتي هرڪو سير لاءِ اچي ڇت تان بيهي
نظارو ڪري ٿو. چون ٿا ته چار ولي مخدوم جلال
جهانيان (؟)، شيخ عثمان مروندي، شيخ فريد
(موفي 664هه) ۽ شيخ بهاءُ الدين (متوفي
661هه)، هتي چلي ۾ ويٺا هئا. هيءَ نهايت
هاڪاري ۽سڳوري جاءِ آهي (جلد ٽيون ص 136).
اها هڪ ٿنڀي اڃا سوڌي سيوهڻ جي ريلوي اسٽيشن
جي سامهون موجود آهي، هينري ڪزنس
(Henry Cousens)
پنهنجي ڪتاب
(The Antiquities of Sind 1929)
۾لکي ٿو:
There is a small cave between the town of
Sehwan and the Bandar, called the “Ek Thamb”
or ‘one pillared cave’ which was uisited by
Dr, Wilson and is noticed in his “Memoir on
the Cave Temples, Etc, of Western India: PP,
45.
حققت ۾ اها هڪ ٿنڀي توڙي ٻيا غار جيڪي سيوهڻ
جي جبلن ۾ ڏٺا وڃن ٿا، تمام آڳاٽي زماني ۾
هتان جي اصلي رهاڪن جا ماڳ هئا. (ڏسو ساڳيو
مٿيون ڪتاب.)
ريگ ماهي
Sand Lizard
جنهن کي سنڌي ۾ مکڻي چوندا آهن، هيءَ چچي
(ڪرڙي) جيتري، ان جهڙي، مگر سهڻي ۽ چلڪيدار
ٿئي ٿي، حڪيم انهي کي دوائن ۾ ڪتب آڻيندا آهن.
(مترجم)
اهي چشما اڃا تائين موجود آهن ۽ قلندر جا
مجاور انهن جي پاڻي تي پوک ڪندا رهن ٿا. زمين
جو اهو نڪرو قلندر جو باغ سڏجي ٿو، ان کي لعل
جي واهي به چون ٿا.
تحفته الڪرام جي لکت موجب ٽڪر جا وهندڙ چشما
عجائبات مان آهن، جتي مريض غسل ڪري شفاياب ٿين
ٿا، هتي سدائين پاڻي وهندو رهي ٿو ۽ هندو خاص
موقعن تي پوڄا ڪرڻ ايندا آهن (جلد ٽيون ص
135).
مرزا محمد باقي ولد مرزا عيسى ترخان سنڌ جو
حڪمران، 974-993هه سندس حڪومت جو زمانو هو.
ذخيرة الخوانين (قلمي) ۾ اهو نالو ڌارو لکيل
آهي.
ذخيره الخوانين (قلمي) سان انهي جنگ بابت هن
ريت معلوم ٿئي ٿو: سال الاهي 35 مطابق 998هه
ملتان ۾ بکر جي حڪومت جيئن خان خانان کي ملي
ته کيس سنڌ ۽ ٺٽي جي حڪومت هٿ ڪرڻ جو حڪم
پهتو، انهي مهم سر ڪرڻ لاءِ ميان محمد خان
نيازي، فريدون خان برلاس، شاه بيگ خان ڪابلي،
سيد بهاءُ الدين بخاري، شير خان، جانش خان
بهادر، سير معصوم بکري ”نامي“ (مولف تاريخ
سنڌ) بختيار بيگ، قرا بيگ ترڪمان، ڌارو ولد
راجا توڏر مل وغيره خان خانان سان گڏ روانا
ڪيا ويا. ملڪ الشعرا فيضي انهي روانگي جي
تاريخ ”قصد تته“ مان ڪڍي آهي. (خان خانان) ٺٽي
لڳ جوڻ پرڳڻي ڏانهن هليو ويو. سيد بهاءُ الدين
بخاري وري بختيار بيگ، قرا بيگ ترڪمان، مير
محمد معصوم بکري، حسن علي عرب ۽ ٻين چاڪرن کي
ساڻ ڪري سيوهڻ پهتو، اها خبر جڏهن خان خانان
کي ملي ته هڪدم ميان دولت خان لوڌي سپهه سالار
۽ بينظير بهادر (وقت جي رستم)، خواجه رستم
بخشي، ميان محمد خان نيازي، ڌارو پٽ راجا
توڏرمل، دلپت ولد راءِ رائسنگهه ڀرتو ۽ بهادر
خان ترين کي سيوهڻ اماڻيائين. اهي روزانو اسي
ميلن جو پنڌ هڻي، سيوهڻ وڃي پهتا. ٻئي ڏينهن
مرزا جاني بيگ پنهنجيون فوجون سنبرائي سامهون
ٿيو، جن جو تعداد پنجن هزارن سوارن تائين هو ۽
هيڏانهن صرف ٻه هزار سوار هئا، جن بادشاهي
اقبال جي آسري مهاڏو ڏنو. ٻنهي ڌرين ۾سخت جنگ
لڳي، راجا توڏر مل جو پٽ ڌارو مڙسي سان وڙهندي
مارجي ويو. ميان محمد خان نيازي پنهنجي سر پاڻ
پتوڙي پنهنجن ماڻهن کي موت جي منهن ۾ ڌڪيندو
رهيو. دولت خان لوڌي ايڏا جتن ڪيا جي ان کان
پڄي سگهيا ٿي. دلپت چئن سون راجپوت سوارن سان
دل ٻڌي جنگ ۾ ثابت قدم رهيو، مير محمد معصوم
بکري ۽ شاه بيگ خان به وسان ڪين گهٽايو.
مرزا جاني بيگ جي ڏاڍي ڳولا ڪئي وئي، جيڪو
هيلتائين شاه قاسم ارغون سان گڏ جنگ جي ميدان
۾ موجود هو پر شڪست جا آثار ڏسي شاه قاسم مرزا
جاني بيگ جي پٺيان اهو چوندي فرار ٿيو ته
حياتي آهي ته ٻيهر جنگ ڪئي ويندي. پوءِ ٻئي
ڄڻا ”نواري“ طرف هليا ويا ۽ وري انڙپور ۾ مرزا
جاني بيگ مورچا ٻڌي ويهي رهيو. خان خانان ٻيهر
مٿس گهيرو ڪيو. ڏهاڙي چڪريون لڳنديون رهيون.
آخر توبن بندوقن جي هڻ مسار وڃي هنڌ ڪيو ۽ صلح
جا سانباها ٿيا--... (قلمي 16-17-18) (هن
واقعي جي وڌيڪ تفصيل بابت ڏسو تاريخ سنڌ مير
معصوم ص 251-کان 236).
ڇني ڳوٺ اڃا تائين موجود آهي.
اهو ڳوٺ اڃا سوڌو موجود آهي.
مرزا عيسى ولد عبدالعلي ترخان سنڌ جو حاڪم
(962 کان 974هه تائين).
مير معصوم تاريخ سنڌ ۾ لکي ٿو. انهن ماڻهن
(ارغونن) 921هه ڌاري ڳاهن ۽ باغبانن کي اچي
ڦري ناس ڪيو. مخدوم جعفر (ولد عبدالڪريم عرف
ميران ولد يعقوب بوبڪائي) سنڌ جي گذريل دور جو
برک عالم.
ارغونن
جي اها گهل سڄو هفتو ملڪ ڀيليندي رهي.
(تاريخ
معصومي ص 110)
پ-واري نسخي ۾ برنتقاني لکيل آهي
پاٽ جو شهر اڄ تائين باقي آهي، اڳئين زماني
۾ هي شهر پرڳڻي جو مرڪزي شهر هو.
هن وقت اهڙي نالي وارو ڪو به ڪوٽ يا ڳوٺ
موجود نه آهي.
ڳاهن جو ڳوٺ سيوهڻ کان 21 ميلن جي فاصلي تي
اتر اولهه واريءَ ڪنڊ کان آهي.
مخدوم محمد جعفر ولد عبدالڪريم عرف ميران (
متوفي 949هه) ولد يعقوب بوبڪائي، مؤلف
البصارته في العمل بالاشارته، حاصل النهح، حال
العقوب في طلاق السنود، عجالته الطالبين، فتح
الدارين، قرنه في مرنه پرنه، ڪشف الحق،
المتانته، في مرمته الخزانته، منهج العمال (
منتخب ڪنزالعمال.)
فارسيءَ ۾ بهج لکيل هو، اها (ڀچا قوم) اڃا
تائين سنڌ ۾ آهي.
منڇر ڍنڍ اڃا تائين موجود آهي، جنهن جي پکيڙ
20 ميل ۽ ڊيگهه 21 ميل ٿيندي.
ٻنڍ انهيءَ پاسي جي غريب ماڻهن جو ڏٿ آهي.
آمري ۽ سن جي وچ تي ٻه مشهور ڳوٺ ڇڇر وڏا ۽
ڇڇر ننڍا اڃا تائين موجود آهن.
ٺٽي ولي محمد آمري ريلوي اسٽيشن کان ميل ڏيڍ
جي وٿيءَ تي آهي.
مرزا شاهه حسن ولد شاهه بيگ ارغون سنڌ جو
ڌاريو حڪمران 908 کان 962هه (هن خاندان جي دور
حڪومت جي تاريخ ”خرابي سنڌ“ مان نڪري ٿي، جڏهن
ٻيئي پيءُ پٽ سنڌ کي تباهه ڪري مٿس، مسلط ٿي
چڪا هئا.) (ڏسو مڪلي نامه ص 97.) (مترجم)
هن وقت اهڙي نالي سان ڪو به ڳوٺ يا پرڳڻو
موجود ناهي.
هاڻ انهيءَ نالي سان به ڪا وسندي نٿي ٻڌجي.
لاکاٽ ضلعي نوابشاهه تعلقي سڪرنڊ ۾ قاضي
احمد ڀرسان هڪ هڪ ديهه جي صورت ۾ انهيءَ ئي
نالي سان موجود آهي. شايد انهيءَ زماني ۾ هن
علائقي کي لاکاٽ جو پرڳڻو سڏيو ٿي ويو.
|