هڪڙي ڏينهن وچينءَ نماز ڀيري جبل پاسي سيوهڻ جي
حويلي وارن ڳوٺن مان خابرن اچي شمشير خان کي ٻڌايو
ته نومڙيا پنهنجن ٿاڪن مان نڪري سندن ڳوٺن ڏانهن
ڪاهيو پيا اچن. اتفاق سان ان ڏينهن لشڪر جا ڪيترا
ماڻهو حاضر هئڻ بدران ٿاڻن ۽ جاگيرن ڏانهن موڪل تي
وڃي چڪا هئا. بهرحال هن وٽ جيڪي موجود هئا، تن مان
سٺ ستر سوارن کي سنڀرائي، پنهنجي سالي بادشاهه
خواجه سان گڏي، نار جي ڳوٺ ڏانهن موڪليائين، جو
سيوهڻ کان ستن ڪوهن تي جبل جي هيٺانهين ۾ آهي. هو
رات جو وڃي نار جي قلعي ۾ ويهي رهيو. ٻئي ڏينهن
صبح جو شمشير خان پاڻ بهو ڃي داديجيءَ واري واههجي
ڪپ تي ويٺو، اتان پنهنجي هڪ عزيز شاهه خواجه کي
ويهارو سوارن سان روانو ڪيائين ته نار (323-2)
واري لشڪر سان وڃي ملي.
انهي وچ ۾ مولف به شمشير خان وٽ اچي نڪتو. شمشير
خان کيس ٻڌايو ته اجهو هي خبرون پيون ٻڌجن پر مون
ڳوٺن جي نگهباني لاءِ لشڪر ڏياري موڪليو آهي. مؤلف
چيس: جيڪڏهن تون پاڻ وڃين ها ته ڏاڍو چڱو هو، ڇو
ته اوزبڪ تنهن جي غير موجودگي ۾ دل لائي نٿا وڙهن،
ليڪن تنهنجي هوندي ڏاڍي سورهيائي سان سر ڌڙ جي
بازي ٿا لڳائين. منهنجي اها راءِ کيس وڻي ۽ اوڏي
مهل ڏهه ٻارهن ماڻهو جيڪي وٽس حاضر هئا، ساڻ
کنيائين. مولف به ساڻس گڏ هليو، انهي وچ ۾ بادشاهه
خواجه کي پنهنجن ماڻهن سان گڏي نارنگه واري قلعي
تي اماڻيائين. هو اڃا سيوهڻ کان ٽي ڪوهه پرتي
ٺيڙهي جي ڳوٺ تائين مس پهتو ته مٿان نومڙين جي ڊنب
اي ٺڪاءُ ڪيو، جنهن ۾ٽي هار سوار ۽ ست اٺ سو
(324-1) پيادا شامل هئا: ڏينهن ڏٺي جو ڪڇيءَ
واري ڳوٺ تي ڪاهه ٿي وئي جو سيوهڻ کان پنجن ڪوهن
تي آهي ۽ اهو ڊنب جو ڊنب ڪيترا ماڻهو قتل ڪري،
سمورو مال هڪلي وري جبل ڏانهن هليو ويو.
بادشاههخواجه سڀ ڪجهه اکين سان ڏسي، هڪليندو وڃي
نومڙين جي ڊنب کي رسيو. اتي پهچي اندازو لڳايائين
ته هتي تير ۽ ترار جي جنگ جي جاءِ ناهي، ڇالاءِ ته
نومڙيا گهڻي تعداد ۾ هئا ۽ هڪيا تڪيا ٿي تير پئي
هلايائون سو هي پوئتي هي بندوق هٿ ۾ ڪري پريان ئي
پريان فائر ڪندو ويو. غنيم ڦري جڏهن مٿانئس الر
پئي ڪئي ته هي چورن وانگي ان جو ڌڪ گسائي پنهنجو
بچاءُ ڪندو ٿي رهيو. ان جي پاسيري ٿيڻ تي وري ان
پويان لڳي، بندوق جا فائر ٿي ڪيائين.
شمشير خان اها خبر ٻڌي، ڪڇيءَ واري ڳوٺ تائين آيو
۽ رعيت مان جيڪي ماڻهو قتل ٿي چڪا هئا، تن جي مٿان
بيهي دل ۾ چوڻ لڳو: (324-2) آءٌ بروقت لشڪر تائين
پهچي نه سگهيس، هاڻ منهنجي ۽ لشڪر جي وچ ۾ غنيم جي
کيپ آهي، ايڏو لشڪر به پاڻ سان ڪو نه اٿم جو مٿس
چڙهائي ڪري سگهان. اهو ويچاريندي اتان هو واپس
وريو.
هوڏانهن بادشاهه خواجه غنيم سان وڙهندو ۽ وڌندو ٿي
ويو. بيگ محمد قرق نالي هڪ اوزبڪ جيڪو شمشير خان
جو جو خاص ماڻهو هو، انهي ويڙهه ۾ ويارجي ويو.
بادشاهه خواجه ”نار“ ڳوٺ جو پاسو وٺي اڳيان آيو ۽
غنيمبه پويان واهه جي پوئين ڀر ورتي، جتي جبل مان
ايندڙ مينهن جي پاڻي جو لنگهه هو.
نومڙين، رعيت جا هٿ آيل ڍور ڍڳا پنهنجن ماڻهن سان
جبل ڏانهن روانا ڪري ڇڏيا، ۽ پاڻ پير کوڙي تيرن
سان جنگ ڪرڻ لڳا. ايتري ۾ رات ٿي وئي. اوزبڪن جو
لشڪر لاچار ٿي، آخر پنهنجي مالڪ وٽ واپس آيو
(325-1). اهڙي ريت نومڙيا، سن ۽ سيوهڻ جي ڳوٺن سان
جاڙون ڪندا ٿي رهيا ۽ شمشير خان ساڻن صلح جون
ڳالهيون پئي هلايون.
مقصد هي آهي ته فسادي ۽ وڳوڙي ماڻهو ترار هلائڻ
کانسواءِ سڌا ٿي نٿا سگهن، خاص ڪري نومڙيا، جن جو
ڪو به مڙهه مقام نه آهي. هي جبل ۾ جتي به ڪا آبادي
ٿا ڏسن ته اتي جهڪو ٻڌي ويهي ٿا رهن. جڏهن اها
جوءِ گاهه پٺي کان خالي ٿئي ٿي ته وري ٻئي هنڌ
چارو جام ڏسي مال چارڻ لاءِ ترسي ٿا پون. هي ڪٿي
به هڪ هنڌ رهي پوکي راهي نه ڪندا آهن، سندن ڌنڌو
چوراڪاري ۽ ڦرلٽ آهي.
ٿورن ڏينهن کانپوءِ ش۾شير خان کي جهانگير بادشاهه
طرفان بهادر خان اوزبڪ جي مدد لاءِ قنڌار وڃڻ جو
حڪم مليو، جنهن موجب هي چار پنج سو سگهارا اوزبڪ
ساڻ ڪري قنڌار هليو ويو. پويان قمبر خواجه نالي
پنهنجي هڪ خاص ماڻهوءَ کي حاڪم قرر ڪيائين، جيڪو
ٿوري عرصي اندر گذاري ويو. (325-2). شمشير خان
قنڌار مان قمبر خواجه جي جاءِ تي وري خوشم بيگ کي
حاڪم ڪري موڪليو. هي جڏهن سيوهڻ پهتو ته
ناتجربيڪار هئڻ جي باوجودسميجن انڙن تي ڪاهه ڪرڻ
جو هام هنيائين ۽ تڪڙ ۾ لشڪر سنبرائي، رعيت جي ڪن
ماڻهن سان گڏجي، درياهه ٽپي، سيوهڻ جي ۾ وڃي ويٺو
۽ ماڻهن جي گڏ ٿيڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو، جيستائين
سندس ماڻهو گڏ ٿين تنهن کان اڳ هوڙهيائي ڪري اڳيئي
وڌبو ۽ ڪاڪي ڳوٺ جي گهيڙ وٽان درياهه جي ڪنڌيءَ تي
پهچي، لوڙها ڏياري، وچ۾ ويهي رهيو. سندس مٿئين
پاسي کان لشڪر ۽ هيٺان ٻيڙيون هيون.
اڳياڙي جي مهل هئي، ماڻهن نماز شروعڪي ته خوشم بيگ
به وڃي صف ۾ بيٺو، اوچتو سميجن طرفان طوفان کڙو ٿي
ويو. ماڻهن ۾ دانهوڙو مچي ويئي، جا خوشم بيگ ۽
سندس لشڪر جي ڪنن تائين پهتي، هي نماز ڇڏي پنهنجا
ماڻهو گڏائڻ لڳو، جيڪي سندس آڏو هئا (326-1). ڪي
همراه لوڙهي کان ٻاهر موڪليائين ته جيئن ڪا خبر
چار لهي اچن. ويرم ئي ڪانه گذري ته سميجا لوڙها
لتاڙي سندس لشڪر تي ڪاهي آيا. بروقت ڪيترا اوزبڪ
مارجي ويا. شمشير خان جو مير منشي ملاراجو ڪمبوو
به انهي ويڙهه ۾ قتل ٿي ويو. باقي سپاهي ڀڄي وڃي
پاڻيءَ ۾ پيا ۽ سميجا سندن هٿيار ۽ ٻيو سامان
گهوڙن سميت هٿ ڪري ويندا رهيا.
خوشم بيگ هڪڙي سياڻپ ڪئي ته پوياڙي جي نماز کان
پوءِ باقي بچيل سوار ساڻ ڪري، ڪاڪي واري قلعي
تي پهچي، اندر وڃي ٿانيڪو ٿيو،
جنهن تي سميجا اچي گهيرو ڪري ويهي رهيا، انهن
ڏينهن ۾ ابوالبقا جو وڏو پٽ عتيق الله جنهن کي
جهانگير بادشاهه روجهڙين جي شڪار لاءِ ڏياري
موڪليو هو (326-2) تڏهن سيد بايزيد بخاري
جو پٽ سيد باقر بکر جو حاڪم هو ۽ هن کي به پڻس
روجهڙين جي شڪار لاءِ اماڻيو- اهي ٻيئي ان وقت
سيوهڻ ۾ هئا. عتيق الله سنسد همراهن سان گڏ راقم
الحروم (يوسف ميرڪ) سميت ڪاڪي واري قلعي تي پهچي،
خوشم بيگ سان مليا. ٻئي ڏينهن سيد باقر پنهنجا
ماڻهو وٺي آيو. خوشم بيگ کي ڏَڍُ ملي ويو.
سميجا اهو حال ڏسي، قلعي جون ڪنڌيون ڇڏي پري هليا
ويا. هي لشڪر ڪيترو وقت اتي رهي پيو، ايتري ۾
سميجا ڪن ماڻهن کي وچ ۾ ڪري صلح جون ڳالهيون هلائڻ
لڳا، آخر گهوڙا، هيٿار ۽ ٻيو سامان جيڪو پاڻ سان
کڻي ويا هئا، واپس ڏيئي ٺاهه ڪري پنهنجن گهرن
ڏانهن ويا هليا. خوشم بيگ بهسيوهڻ اچي پهتو. آئندي
لاءِ اهڙي چڙهائي جي پچر ڇڏي، (327-1) ملڪي معاملن
۾ لڳي ويو.
شمشير خان ٽي چار سال قنڌار ۾ رهي شاهي خدمتون
سرانجام ڏيندو رهيو. هيڏانهن سيوهڻ به سرسبز ۽
آباد هو. اهو شمشير خان ئي هو، جنهن سب کان پهريان
شاهه عباس جي لشڪر تي توب ڇوڙي هئي جڏهن هو قنڌار
جي قلعي تي گهيرو ڪري چڪو هو. پوءِ قنڌار جو قلعو
شاه عباس جي هٿ ۾ آيو ته اتان جا امير ملتان ۾
سپيرا افغان وٽ ويا، جنهن ٻه هزار اُهدي سوار ۽ ڪي
منصبدار سميجن انڙن جي سيکت لاءِ شمشير خان سان
گڏي سيوهڻ روانا ڪيا، افغان وارا (احدي) شمشير خان
سان نه ٺهيا، تنهن ڪري هو سميجن ڏانهن نه وڌيو ۽
لشڪر کي ملتان ڏياري موڪليائين.
مطلب هي ته شمشير خان جي عملداري ۾ ملڪ بهرحال
سرسبز ۽ آباد هو، هتان جو لشڪر (327-2) ٻين پاسن
ڏانهن پڻ شاهي مهمن سر ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو
رهيو. اهائي رعيت جي آبادي ۽ وڳوڙين جي تباهيءَ
لاءِ مکيه ڳالهه هئي.
شمشير خان ٻيئي ڀيرا جيڪا عملداري هلائي، تنهن جو
عرصو پندرهن سالن جي لڳ ڀڳ هو. هن انصاف جي روءِ
سان رعيت کي چرخي فصل ۾ بٽئي ٿي ورتي. ڪن جاين تي
ٽيون حصو ۽ چوٿون حصو به پئي ورتائين. اهڙي طرح
ڪچي ۾ داڻي بندي روا ٿي رکيائين. سپاهين کي به هن
وٽان جاگيرون مليل هيون، جن ۾ فراش توڙي سئيس شامل
هئا. پنهنجي حڪومت جي پڇاڙي ۾ رعيت جي عرض ڪرڻ تي
چرخي فصل تي به داڻي بندي عائد ڪيائين ٿي. ملڪي
حالتن ۽ شاهي دستور جو هن کي هر طرح خيال پئي
رهيو. سندس گهڻو وقت مسجد ۾ ٿي گذريو، پنهنجي
چوبدارن کي حڪم ڏئي ڇڏيو هئاني ته ڪو به رعيت جي
مٿان ظ:م نه ڪري (328-1)، رعيت کي جنهن مهل به وڻي
مون وٽ ايندي رهي. عدالت ڪرڻ وقت هن ڪنهن کي به
نٿي ڇڏيو- جيتوڻيڪ هن وٽ ڪي اوزبڪ اهڙا به هئا، جن
بعضي سندس حڪم نٿي مڃيو. پوياڙي جي نماز مهل سندس
ڪچهري ۾ جيڪي نوڪر چاڪر ۽ عدالت ڪرڻ وارا اچي گڏ
ٿيندا هئا، تن کي چوندو هو ته ”دوستو اوهان سڀئي
مون کي سڃاڻو ٿا، جيڪو به مظلوم مون وٽ اچي ٿوته
آءُ ان جي دادرسيءَ لاءِ تيار ٿو ٿيان، ڪي اوزبڪ
پنهنجين جاگيرن توڙي شهرن۾ رهن ٿا، جن تي مان
اعتبار ته ڪريان ٿو پر اهي سراسر نالائق آهن. هي
ماڻهن تي ظلم ڪن ٿا پر ڪو به سندن ڊپ جي ڪري مون
وٽ دانهين ٿي نٿو اچي. توهان کي خبر هجي ته مون کي
ٻڌايو!، نه ته قيامت جي ڏينهن خدا اوهان کي ان جي
پڇا ڪندو.“
سيوهڻ هن جي عملداري دوران ايڏو سرسبز ۽ آباد هو
جو هند، عراق توڙي مغربي ملڪن جي هر شئي هتان ملي
ويندي هئي (328-2). سوداگرن تي اصل محصول کان وڌيڪ
ڪابه سختي نٿي ڪئي وئي ۽ هڪ ٻيڙيءَ تان رڳو هڪ سير
وڌيڪ ثمر ورتو ٿي ويو. سندس عملداري ۾ رعيت،
ڪاريگر ۽ سوداگر سڀ خوش پيا گذاريندا هئا، جيڪڏهن
اتفاق سان سندس جاگير ۾ ڪنهن سوداگر سڀ خوش پيا
گذاريندا هئا، جيڪڏهن اتفاق سان سندس جاگير ۾ ڪنهن
سوداگر کي لٽيو ڦريو ٿي ويو ته ڪوشش ڪري ان جو مال
ساڳيءَ جنس جي صورت ۾ واپس ٿي واريائين، ۾ ان وچ۾
ڪابه شئي ضايع ٿيندي هئي ته اها پنهنجي هڙان ڀري
سوداگر کي ٿي رسايائين، جيئن هو راضي رهي.
خدا شاهد آهي ته هن جي عملداري دوران هرڪو امن ۾
هو ۽ سڀڪنهن شڪرانا ٿي ڪيا. سمجدون آباد رهنديون
ٿي آيون. هي پاڻ به روزي نماز ۽ تهجد جو پابند هو.
هن ٻيڙيون تيار ڪرائي ڇڏيون هيون، جن جي ڪمائي مان
پنهنجي خوراڪ ۽ وپشاڪ جي خرچ جو پورائو ٿي ڪيائين.
رعيت مان ڪابه شئي پنهنجي خرچ لاءِ ڪو نه اڳاڙيندو
هو.
شير خواجه جي عملداري:
شمشير خان جي بدليءَ کانپوءِ هيءُ مل (329-1) شير
خواجه (باقي جان خواجه) جي عملداري هيٺ آيو. جنهن
کي اهو ربيع سچتان ٿيل سال 1032هه (هڪ هزار ۽
ٻٽيهه) ڌاري تنخواه طور مقرر ڪري ڏنو ويو. هو
پنهنجا عامل هن پاسي اماڻي پاڻ جنت مڪاني (جهانگير
بادشاهه) جي خدمت ۾رهيو. قضا سان ملڪ جا ڀاڳ اهڙا
اچي ٿيا جو ان سال ربيع وارو اهو فصل ماڻهن داڻي
بندي جي آسري حد کان وڌيڪ ته پوکيو پر ان تي الاهي
آفت اچي پئي، جنهن ڪري ڪيتري ايراضي خشڪ سالي جو
شڪار ٿي وئي، جتي ڪا ٿوري گهڻي پوک ٿي هئي ته ان
مان پنج ڪاسا (ٽويا)في جريب مس پليءَ ٿي پيا، جن
جو وزن ٽيهه سير جهانگيري هو ۽ چڻن جا ٽي ٽويا
جريب مان ٿي آيا.
شير خواجه جا عملدار جڏهن هتي پهتا ته چغل خور ۽
خود غرض ماڻهن موقعي جو فائدو وٺي سندن خوب ڪن
ڀريا. نتيجو اهو نڪتو، جو (329-2) هنن اشراف ڪيمني
جا کنڌا کڻي ڇڏيا. ڪنهن وٽ به ان جو داڻو نه
رهايائون. هنن کي الاهي آفت جو ڪو به احساس نه هو.
ڳري داڻي بندي ڪري ان تي ڳاٽي ڀڳا اگهه چاڙهي،
رعيت کان وصولي ڪيائيون. رعيت ويچاري سان ڏاڍا
ناحق ٿيا پر جيئن ته اها رعيت ڪو وقت اڳ شمشير خان
جي عملداري ۾ خوشحال رهي چڪي هئي. ان ڪري هن شير
خراجه جي هرڪا زيادتي گوارا ڪئي ۽ هر ڪنهن جيئن
تيئن گهاٽو سهي، ٻني جي پيدائش ۽ مال اسباب وڪڻي
ظالمن جا ڀڀ ٿي ڀريا.
انهن عملدارن، چغل خورن جي چوڻ تي لڳي، وڏ وڏيرن
جون زمينون پنهنجي قبضي ۾ آنديون ۽ مٿن ڳريون ڍلون
مڙهي، ڪيترن وڏيرن کي بازارين ۽ گهٽين ۾ چوکنبو
ٻڌي ڪاٺ چاڙهيو ويو ۽ کانئن زوري اڳاڙيون شروع ڪري
ڏنائون. ساڳي ريت سوداگرن جي ٻيڙين تي به محصول
مڙهيندا ويا جيڪو هر حالت ۾ دستور کان زياده هو،
هر هڪ ٻيڙي تان اڪي اڳاڙي ٿي ڪيائون. ڌراوت ۾ جا
شئي گهٽ پئي ٿي. سا ٻيڻي ڪندا ٿي ويا (330-1).
انهن ظلمن جي ڪري راڄ ڀاڳ جي چڱن مسن رعيت جي ڪن
ماڻهن سان گڏجي جهانگير جي درٻار ڏانهن رخ رکيو.
بادشاهه سلامت تن ڏينهن ۾ لاهور واري دارالاخلافه
۾ هو ۽ شير خاوجه به سندس حاضريءَ ۾ هو، جڏهن
فريادي لاهور پهتا ته سندن داد خواهي کان اڳ شير
خواجه (جيڪو پنهنجي عملدارن جي افعالن کان واقف
هو) اٽڪل ڪري فريادين کي پاڻ وٽ گهرائي ورتو ۽ هر
هڪ کي دم دلاسو ڏئي گذ سفر لاءِ پروانا هٿ ۾
ڏنائين ته هو اڳئين دستور موجب پنهنجين زمينن تي
وڃي قبضو ڪن. عملدارن جيڪي کانئن زوري کسيو هو، سو
به سڀ ڪنهن کي واپس ڏياريائين. اهڙي طرح رعيتي
ماڻهن کي به دلداريون ڏيئي شمشير خان واريون
رعايتون پلئي وڌائين. (330-2). جيئن ته ماڻهو هن
جي عملداري دوران ڏاڍي آار ۾ اچي چڪا هئا، ان ڪري
سندس ايترن ايڇپن مان به راضي نه پئي ٿيا. هن ڇا
ڪيو، جو انهن ظالم عملدارن کي (جن ماڻهن سان
تعديون ڪري ڇڏيون هيون) قيد ۾ وجهي مٿانئن ڏند
مڙهي ڇڏيائين ۽ انهن جي جاءِ تي وري ٻيا عملدار
اماڻيائين. غرض ته ماڻهن سان جيڪي ظلم ٿي چڪا هئا،
تن جو ازالو ٿي ويو، انهي وٺ پڪٽ جي ڪري هن جا
عملدار وري ڪنهن تي ظلم ڪرڻ کان باز اچي ويا، رعيت
سان گڏ وڏيرن به سامت جو ساهه کنيو، ليڪن ٻيڙين
تان ساڳيو حد کان وڌيڪ محصول اڳاڙيو ٿي ويو ۽
سوداگرن سان ساڳيو ئي ويل هو.
انهي شير خواجه جي عملداري ۾ سميجن انڙن سان
چڇڱيون جٺيون ٿيون. هن مير عاقل نالي هڪ سيد کي
لاکاٽ پرڳڻي جو فوج دار مقرر ڪري، پنهنجي پاران
سميجن انڙن مٿان رکيو، جنهن پنهنجا پنجاهي سوار
(331-1) اهڙي نموني سميجن مٿان ٿاڦي ڇڏيا، جو بيان
ڪري نٿوسگهجي. هي لاکاٽ جي ڳوٺ ۾ درياهه جي ڪنڌيءَ
سان قلعو تيار ڪرائي ان ۾ ويٺو رهيو ۽ جيڪي ٻيڙيون
ٺٽي کان ٿي آيون يا ٺٽي ڏانهن پئي ويون تن کي هڪ
هنڌ گڏ ٿيڻ بدران چوڪيءَ پاسي روانو ڪيو ٿي ويو،
جتان اڪيلي ٻيڙي يا ٻه ٻيڙيون گڏجي فراغت سان
اينديون وينديون پئي رهيون. هن هڪ هنڌ ٻيڙين جي گڏ
ٿيڻ يا چوڪي تي بيهڻ جو رواج ختم ڪري ڇڏيو. سميجن
انڙن توڙي هوسڙن مان ڪنهن کي به مجال يا حرص نه
پئي ٿيو، جو ٻيڙين سان ڪا هٿ چراند ڪن. ان باري ۾
سميجن سان ڪي چڪريون به لڳي چڪيون هيون، جن ۾ کين
شڪست آئي هئي. سميجن مان جيڪي ماڻهو جهلجي ٿي پيا
تن کي فروخت ڪيو پئي ويو.
پڇاڙي شير خواجه جي سيوهڻ واري عملدار يار محمد
ڪوڪه جي مير عاقل سان عداوت شروع ٿي. هيءُ پنجاه
ماڻهو مير عاقل جا ۽ چاليهه ماڻهو پنهنجا ساڻ ڪري
(331-2) باغبانن جي پرڳڻي ڏانهن روانو ٿي ويو. مير
عاقل وٽ هاڻ باقي ڏهه ماڻهو وڃي بچيا. جن سان گڏ
هو لاکاٽ واري قلعي ۾ ويهي رهيو. سميجن جڏهن ڏٺو
ته مير عاقل اڪيلو آهي ۽ سيوهڻ وارو (يار محمد جو
لشڪر) به پري نڪري چڪوآهي، تڏهن پوياڙيءَ جي نماز
مهل وجهه وٺي قلعي جي ٻاهران بيٺل سنسد اٺ ڪاهي
ويا. مير عاقل پنجاهه ڏهه ماڻهو وٺي انهن بدبختن
جي ڪڍ پيو ۽ سانجهيءَ جي نماز مهل وڃي کين رسيو.
هن پنهنجن ڏهن ماڻهن کي چيو: منهنجي دل چوي ٿي ته
آءُ هتي شهيد ٿيندس! توهان وڃي پنهنجي پوين جي سار
لهو! اهو ٻڌي پنج ڇهه ماڻهو انهن ڏهاڪو ماڻهن مان
دل نه جهلي واپس لاکاٽ جي قلعي ۾ موٽي آيا. باقي
همراهه مير عاقل جو ساٿ ڏئي بيهي رهيا. سميجن اچي
سڀني کي گهيرو ڪيو ۽ مير عاقل کي چيائون: تو پاڻ
چيو هو ته جڏهن مڙس تي ڪا اوکي ويل اچي ته کيس
گهوڙي تان هيٺ لهي اچڻ کپي. هيءَ اها ئي ويل آهي
سو تون پنهنجي قول کي پاڻي ڏي!
مير عاقل ائين ئي ڪيو (332-1) ۽ گهوڙي جي مشڪين ۾
هٿ وجهي، خدا کي ياد ڪري، هيٺ لهي آيو. اتي ئي ٻن
ٽن ماڻهن سان منهن ڏيندي شهيد ٿي ويو!
خان خانان مهابت خان جي فتور وقت شريف الملڪ جيڪو
سلطان شهريار کان اڳ ٺٽي جو صوبه دار هو، سميجن
انڙن تي چڙهائي ڪرڻ جي سانگي لاکاٽ واري ڳوٺ ۾ اچي
ويٺو هو ۽ يار محمد ڪوڪه کي لشڪر سميت اتي گهرايو
هئائين، جيئن هڪٻئي جي ساٿ سان سميجن انڙن تي ڪاهه
ڪئي وڃي. جڏهن يار محمد ڪوڪه پنهنجي لشڪر سان ان
وٽ ويو ته شريف الملڪ پنهنجي فوج کي سيوهڻ تي مقرر
ڪيو، جا قلعي ۾ اچي داخل ٿي، ائين هن بنا ڪنهن
تحريري حڪم جي سيوهڻ جو علائقو شير خواجه جي ماڻهن
کان هٿ ڪري پنهنجي قبضي ۾ آندو.
شمس الدين جي عملداري
پوءِ هو (شرير الملڪ) شمس الدين کي هتان جو حاڪم
مقرر ڪري پاڻ ٺٽي ڏانهن هليو ويو. سميجن انڙن سان
ڪابه هٿ ڇوهي نه ڪيائين، انهي شم الدين جي عملداري
جهڙي هئي تهڙي نه هئي، ڇاڪاڻ ته هن وڳوڙين کي هٿ
ئي نه لاتو. پر هڪ دفعي (332-2) خواجه عارف نالي
پنهنجي ڪنهن عزيز کي سپاهه ساڻ ڏيئي باغبانن واري
پرڳڻي ۾ سميجن ٿيٻن تي ڪاهي وڃڻ لاءِ موڪليائين.
هن اتي وڃي ڪا سوڀ نه ڪئي ۽ واپس اڪبرآباد جي ڳوٺ
۾ اچي پهتو. هتي ٻه سميجا ٿيٻا، پاسي وارن پنهورن
۾ مهمان ٿي ٽڪيل هئا، جن کي خواجه عارف گرفتار ڪري
سيوهڻ ڏانهن روانو ٿيو. پنهورن پنهنجي مهمانن جي
پڪڙجڻ تي شورش ڪئي ۽خواجه عارف مان وڙهي کيس شڪست
ڏنائون. سندس لشڪر مان ٻارهن کن بازو قتل ٿي ويا،
جن ۾ ڪي سوار ته ڪي پيادا هئا، خواجه عارف ٻنهي
(گرفتار ٿيل) سميجن کي ماري ڇڏيو ۽ پاڻس هڪندو اچي
سيوهڻ جي قلعي ۾ پهتو. شمس الدين بي پير، لطيف بيگ
(333-1) ۽ ٻين ارڙهن ڄڻن (شاهي ملازمن) کي شهيد
ڪري هڪ اونهيءَ کڏ ۾ دفنائي ڇڏيو، باقي ظلم ستم
جيڪي شريف الملڪ جي ماڻهن سان ڪيا ويا. سي به
ساڳيءَ ريت عمل ۾ آيا. انهي ڪري هن جي جاءِ تي وري
نوروز بيگ نالي ٻئي عملدار کي رکيو ويو0. وڃڻ وقت
هن رعيت ۽ واپارين کان سڀئي بقايائون ڇڪي تاڻي
وصول ڪيون. اهڙي طرح قرض ۽ ڏنڊ اُڳاڙي، ملڪ جو
تختو اونڌو ڪري، ٺٽي ڀيڙو وڃي ٿيو.
اها پهرين بدعت هن ملڪ ۾ شروع ٿي جو قرآن جي آيت
ولاتذروازرت و زر آخري- تي عمل نه ڪيو ويو.
نوروز بيگ جي عملداري
هن (نوروز بيگ) جي عملداري ملڪ کي ويتر زبون ڪري
ڇڏيو. ليڪن شيخ مصطفى ڪروڙي باغبانن واري پرڳڻي ۾
نومڙين سان منهن ڏيندي چڱي مڙسي ڏيکاري. اهو واقعو
هن طرح ظهور ۾ آيو: هن باغبانن جي پرڳڻي مان وصولي
ڪرڻ لاءِ سيوهڻ ۾ اچي قلعي جي ٻاهران ترسيو. وٽس
سٺ ستر پنهنجا سوار موجود هئا (333-1) ايتير ۾
نومڙين اچي سيوهڻ جي پرڳڻن مان ڦرلٽ ڪئي. اها خبر
ڏينهن لڙئي مهل سيوهڻ ۾ اچي پهتي. شيخ مصطفى جيئن
قلعي جي ٻاهران ويٺو هو، تيئن تاڙ ٻڌي، انهن نڀاڳن
جو پيڇو ڪيائين ۽ نار جي ڳوٺ وٽ وڃي کين پهتو. اتي
سانجهي ٿي چڪي هئي، تنهن ڪري ماڻهن کيس چيو ته هاڻ
اوير ٿي وئي آهي ۽ غنيم به مال هڪلي وڃي جبل ۾
ٿانيڪو ٿيو، چڱو ائين آهي ته تون واپس هليو وڃ! پر
هو نه مڙيو، گهوڙن کي گاهه پٺو ڏيئي وري انهن کي
سنجي، سانجهيءَ جي نماز کانپوءِ اڳتي وڌيو. سڄي
رات پنڌ هنيائين، ٻئي ڏيبنهن ڪانو سج مٿي چڙهي آيو
ته به ڪاهيندو رهيو. وڳوڙين کي اڃا ڪابه ڪل ڪانه
پئي هئي. هو بي اونا ٿي گهوڙا ۽ ٻيو مال چاري وارن
پاسن ڏانهن اماڻي، پاڻي جي هڪ تلاءَ تي سمهي پيا.
اوچتو لشڪر مٿن ڪاهي آيو، کن پل ۾ نومڙين جا
چاليهارو ماڻهو مارجي ويا، جن جون سسيون لاهي
(334-1) سندن گهوڙا ۽ ڊڊا هٿ ڪيائين ۽ رعيت کي به
ڍور ڍڳا موٽارئي ڏنائين.
سيف الملوڪ ڪاشغري جي عملداري:
نوروز بيگ جي تبادلي کانپوءِ سيف الملوڪ ڪاشغري
هتان جو حاڪم ٿيو. هن سان ٻن منصبدارن جو جٿو به
ساڻ هو. کيس خريف تنخراه ۾ ڏنل هئي پر هي خريف جي
فصل کڄڻ کانپوءِ آيو ۽ ربيع به اڪلاءَ ۾ هئي.
نوروز بيگ اڳواٽ ئي خريف تي قبضو ڪري چڪو هو. سيف
الملوڪ پنهنجو حصو وصول ڪري کانئس دستاويز لکرائي
ورتو، جيئن خريف جي جوابداري لاءِ ان کي ثبوت طور
درٻار ۾ پيش ڪري سگهي. باقي ربيع جي فصل تي هن پاڻ
ئي ڌاڪو ڄمايو، هيءُ هڪ جري سپاهي هو.
هڪ دفعي مهدي نالي پنهنجي ڀاءُ کي لشڪر ساڻ ڏيئي
سن جي پرڳڻي ڏانهن موڪليائين، انهي خيال سان ته
جيئن ماڻهن تي لشڪر جو رعب وهجي وڃي ۽ سميجا انڙ
به ڏهڪاءَ ۾ اچي وڃن (334-2) هن جي مرضي هئي ته سن
جي گهيڙ وٽان سميجن انڙن ڏانهن ٽپي وڃي، پر ايتير
سميجا سن جي سيدن کي وچ ۾ آڻي، پنهنجا چار سردار
اڳ ۾ ڪري، مهدي سلطان سان اچي مليا. هو کين
پنهنجي ڀاءُ وٽ سيوهڻ ۾ وٺي آيو. ڀاڻس سپاهگيري جي
تدبير موجب انهن کي قيد ۾ وجهي ڇڏيو ۽ سميجن تي
ڪاهي وڄڻ جا گهاٽ گهڙيندو رهيو.
اهو ڳوٺ اڃا سوڌو مشهور آهي. (هتي ڪڇار ذات
جا ماڻهو رهن ٿا).
شاه عباس، سال 1031هه ڌاري قنڌار واري قلعي
تي قبضو ڪيو. (ڏسو تزڪ جهانگيري، ڇپاڻ نول
ڪشور ص 350- 346-358). شاهجهان سال 1047هه ۾
اهو قلعو واپس ورتو.
احدي هڪ ذاتي منصب هو، جيڪو اڪبر بادشاهه جي
زماني ۾ مقرر ٿيو هو. اهڙي منصبدار وٽ سوار ۽
پيادا ڪو نه هوندا هئا. (مترجم).
”سچان ٿيل سال موش“ (ڪوئي جو سال) ترڪن جي
مقرر ڪيل ٻارهن سالن مان هڪ سال جو نالو.
(مترجم)
زمان بيگ ولد غيور بيگ، خطاب، مهابت خان خان
خانان. متوفي 1044هه اهو فور سال (21 جلوس
جهانگيري جيڪو اڱاري ڏينهن 22 جمادي الثاني
1035هه ۾ شروع ٿيو) ڀت (جهلم درياهه) وٽ واقع
ٿيو (ڏسو ماثر الامرا 397 تزڪ 413)
شريف الملڪ 1035هه ڌاري ٺٽي جو حاڪم هو.
شهزادو شاهجهان رمضان جي پڇاڙي يا شوال جي
شروعات (1035هه) ڌاري ٺٽي پهتو (ڏسو تزڪ
421-413-425 ۽ تحفته الڪرام ج 3- ص 94)
سيد بايزيد بخاري خطاب، مصطفى خان، ذوالحج
1034هه يا محرم جي شروعات 1035هه ڌاري فوت
ٿيو. ٺٽي جي حڪومت پوءِ سلطان شهريار کي ملي.
(ڏسو تزڪ ص 407).
ڏسو تعليقات، ڪتاب جي پڇاڙيءَ ۾.
|