سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: تاريخ مظهر شاهجهاني

باب: --

صفحو: 19

ٻئي دفعي نومڙين حويلي جي پرڳڻي وارن ڳوٺن تي چڙهائي ڪئي، جنهن جي خبر ماڻهن وڃي سيف الملوڪ کي ڏني. هن وري مهدي سلطان کي لشڪر ساڻ ڏيئي نار جي ڳوٺ ڏانهن اماڻيو. مهدي سلطان پنڌ هڻي وڃي نار جي قلعي ۾ رات رهي پيو. صبح تي نومڙيا ٽڪر جو پاسو وٺي، نار ڳوٺ جي مٿان لگنهي (335-1)، ڪڇيءَ واري ڳوٺ تي (جيڪو نار جي اورئين پاسي سيوهڻ جي قلعي طرف هو) ڪاهي، ماڻهن جو مال ڪڍي ويا. پوياڙيءَ جي مهل اها خبر سيف الملوڪ تائين پهتي، جيتوڻيڪ اڳ ۾ ئي لشڪر کي پنهنجي ڀاءُ سان ڏياري موڪليو هئائين ۽ وٽس ڪن پوڙهن سوارن کان سواءِ ڪو سپاهه به ڪو نه هو، ته به اها خبر ٻڌڻشرط غيرت ۾ اچي اتاولي سان چار پنج سوار ساڻ ڪري نڪتو. سندس ڀاءُ مهدي سلطان کانئس اڳ نار جي ڳوٺ مان نڪري سانجهي جي نماز مهل وڳوڙين سان وڃي ڀتو. هنن جبل جو پاسو ورتو ۽ ٻنهي ڌرين ۾ تيرن بندوقن جي ويڙهه شروعٿي وئي. انهي ويڙهه ۾ ڪو به ماڻهو نه مئو، پر غنيم شڪست کائي پوئتي موٽي ويو. آخر مهدي سلطان به ماڻهن جا ڍور ڍڳا نومين کان ورائي (335-2) پوئتي موٽ کاڌي ۽ واٽ تي ٻيئي ڀائر گڏجي سيوهڻ هليا ويا.

احمد بيگ خان جي عملداري

جيئن خريف جي فصل جو اڪلاءُ ٿيو ۽ سميجن تي چڙهائي ڪرڻ جو وقت آيو ته سيف الملوڪ کي بدلي ڪري جوڻيجن جي پرڳڻي کانسواءِ باقي سمورو علائقو احمد بيگ خان جي حوالي ڪيو ويو. احمد بيگ خان جي اچڻ تائين مرتضى خان مرزا حسام الدين جيڪو ان وقت ٺٽي جو صوبه دار هو، پنهنجن ماڻهن محمد رضا بيگ کي حاڪم ۽ ابراهيم بيگ کي ديوان جي حيثيت ۾ هتان جي عملداري لاءِ موڪليو. هنن اچي خريف جي فصل تي قبضو ڪيو، ايتري ۾ احمد بيگ خان به اچي پهتو. هن پنهنجي اوائلي ڏينهن ۾ ماڻهن سان سٺو سلوڪ ڪيو ۽ هو هوريان ڏاڍيان سڀني پرڳڻن ۽ ڳوٺن جا ارباب توڙي مقدم وٽس اچي رسيا، احمد بيگ خان جڏهن ڏٺو ته سڀئي ٻاهريان ماڻهو سيوهڻ ۾ پهچي چڪا آهن ته پنهنجي ڀاءُ مرزا يوسف کي (336-1) جو ساڻس گڏ هو ۽ ظلم ستم ۾ حجاج بن يوسف جي استاد جو درجو ٿي رکيائين، سڀڪجهه حوالي ڪري، پنهنجي مهر سان کيس اختيار جو پروانو ڏيئي ڇڏيائين. هن پوءِ پنهنجي گهر کي سرڪاري دفتر بڻائي، ڪارروايون شروع ڪري ڏنيون.

مرزا يوسف پريندي ئي اهو ڪارنامو ڪيو جو اڳين عملدارن کي بنا ڪنهن پڇا ۽ حساب ڪتاب جي قيد ۾ وجهي ڇڏيائين. ان کانپوءِ ملڪ جي اربابن جي توڻي تپائي ڏنائين. ٻيو ڪم اهو ڪيائين جو چغل خورن جي چوڻ تي لڳي پوٺي جي آبادي وارن پنهورن جي ڳوٺن جهڙوڪ اراڙي وغيره (جن جو تفصيل اڳتي ڏنو ويندو) ۽ اڪبر آباد واري واهي جيڪي اڳ ڪڏهن به ضبطيءَ هيٺ نه آيل هئا ۽ انهن تان ڪابه ڍل ني وريت وئي، تن تي زوري قبضي ڪرڻ ۽ مٿن ڍل مڙهڻ جو ارادو ڪيائين، تنهن کانسواءِ سيوهڻ جي ٻنهي پرڳڻن جي مال _ڍورن ڍڳن) لاءِ حڪم ڪيائين ته انهن تي داغ (ڏنڀ) لڳايا وڃن ۽ مال جي ڳڻپ ڪرڻ ۾ اچي. ان کان اڳ جهانگير بادشاهه جي زماني ۾ اهو ڏنڀ ڏيڻ وارو رواج مغل سلطنت اندر ختم ڪيو ويو هو (236-2) ۽ اڄ ڏينهن (1044هه) تائين اهو فرمان هن ملڪ ۾ جاري هو. اهو حال ڏسي پڄنديءَ وارا ڪي ارباب جهڙوڪ بهاءُ الدين پنهور ۽ ٻيا رات وچ ۾ ملڪ ڇڏي وڃڻ لاءِ تيا ٿيا. ليڪن پنهورن جا ٻيا سردار ارباب علي ۽ ارباب دائود جيڪي بهاءُ الدين جي برخلاف هئا، تن ڀڄڻ جي ڪانه ڪئي، انهن مان ايڪيتاليهن ڄڻن کي حڪم ليو ته اڪبر آباد واري واهيءَ جي ڳوٺ کي وڃي ضبطيءَ ۾ آڻين. ان لاءِ ڪي پنهنجا ماڻهو به ساڻن گڏي موڪليائين. جڏهن اهي اڪبرآباد واري واهيءَ ۾ پهتا ته بهاءُ الدين پنهور جي ماڻهن جابلو ماڻهو ساڻ گڏجي انهن ايڪيتاليهن ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو. باقي رهيل ارباب، قمقدم، پٽواري، وغيره پنهنجي گمشاتن سان گڏ دشمنن جا قيد ٿي ويا. ان واقعي کانپوءِ هن بيت جي مطلب موجب آسمان گردش ۾ اچي ويو:

چو خواهد کيه ويران کند عالمي

نهد ملک در پنجه اي ظالمي

”خدا جڏهن ڪنهن ملڪ کي ويران ڪرڻ گهري ٿو ته ان کي ظالم جي هٿ ۾ ڏيئي ٿو ڇڏي.“

اهڙي ريت ماڻهن سان عقوبتون ٿيڻ لڳيون. ڳالهه وڃي ايستائين پهتي، جو هر روز ڪنهن ڪنهن منزل تي وقت جي حاڪم ٻن ٽن سون ماڻهن کي ناحق ڦٽڪا پئي هڻايا. اهي ڦٽڪا سو کان وٺي ٻن سون تائين هڪ ماڻهو جي پٺيءَ تي لڳندا ٿي رهيا. هڪ پاٽولي خاص انهي ڪم لاءِ سيڙائي ويهاريو ويو هو ته ڦٽڪا لڳندي جيڪڏهن انهن جون ڪهيون ڇڄي پون ته اهي بروقت سبي ٺاهي ٺيڪ ڪيون وڃن.

احمد بيگ خان پنهنجي عادت موجب سارو ڏينهن محل اندر پئي رهيو. رڳو رات جو ٻاهر اچي ڪچهري ٿي لڳرايائين ۽ اها ڪچهري رات جي پوئين پهر تائين هلندي هئي. مرزا يوسف ان وقت به پنهنجي ڀاءُ وٽ اچي ان جي روبرو به ماڻهن کي ڦٽڪا پئي هڻايا. ڦٽڪن هڻندي جيڪڏهن ڪو ماڻهو مري پوندو هو ته ان جي کيس ڪابه پرواهه نه هوندي هئي. هونئن به عام طرح شيعي مذهب وارن لاءِ سنين ي آزارڻ (337-2) وڏي عبادت سمجهي وڃي ٿي.

اهو ظلم ايتري تائين وڌي ويو، جو سيوهڻ شهر جي ڪنهن به زال يا مرد بابت جيئن به خبر پئي ٿي ته هن وٽ ڪا شئي آهي ته ان کي گهرائي مٿس ڪانه ڪا تهمت ڌري کيس ڦٽڪا لڳرايا ٿي ويا ۽ جيڪي ڪجهه وٽس هو تنهن تي قبضو ڪيو ٿي ويو. ملڪ ۾ جنهن وٽ به ڪو اٺ يا وهٽ هو ته زوريءَ کانئس کسي ان کي سرڪاير ملڪيت ۾ داخل ڪيو ٿي ويو. اها هئي سندس ظلم جي نرالي نوعيت، جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هن جا ٻيا ڪلور ڪهڙا هوندا.

هن سڀني گهٽن تي پنهنجا ماڻهو ويهاري ڇڏيا هئا. سندس حڪم هو ته منهنجي مهر کانسواءِ ڪنهن کي به نه ڇڏيو وڃي، جيڪا ٻيڙي مٿان کان هيٺ تي يا هيٺان کان مٿي پئي آئي ئي، ان جي ماڻهن کي پاڻ وٽ گهرائي، قابو ڪري، ڪي ڏينهن ٻيڙيءَ کي اک ۾ ئي رکيائون. سوداگرن تي زوربار وجهندا ٿي رهيا ته اتي ئي پنهنجي مڏي لاهين ۽ نيٺ اهي ويچارا تنگ ٿي سندن زوربار کان هر ٻيڙيءَ تي ڏن ڏيئي جند ڇڏائيندا ٿي ويا، تنهن کانپوءِ 338-1) سوداگرن ۽ مهاڻن کي ڇڏي باقي نوڪرن چاڪرن کي قيد ڪري کين ڦٽڪا هڻي زور ڀريو ٿي ويو ته سرڪاير غلام ٿين، سوداگرن کان جن به م وڙي هٿ پئي ڪئي، تن کان اها موڙي اڌ بها ۾ ورتي وئي، جنهن ڳوٺ جا رهاڪو ٻيڙي تي ڌاڙو هڻي مال کڻي ٿي آيا، تن کي قيد کان معافي ڏئي سروپا ڍڪائي، سرڪاري ملازمت ۾ رکيو ٿي ويو. آئينده لاءِ انهن کي تاڪيد ڪيو پئي ويو ته اوهان کي جتان به ڪا ملڪيت هٿ اچي سا حاڪم اڳيان آڻي حاضر ڪريو.

بنگال سان جوئارين جا ٽولا گهرائي انهن کي شهر جي گهٽين ۾ ڇيڪ ڇڏيو ويو. اهي جوئاري آئي وئي کي زوري جوئا کيڏڻ تي مجبور ڪري ان جا کيسا خالي ڪندا ٿي رهيا. جيڪڏهن هارائڻ کانپُءِ ڪنهن ڏانهن ڪجهه باقي ٿي رهيو ته ان ويچاري جا ڪپڙا بدن تان لهرايا ٿي ويا.

سيوهڻ جي شريف ۽ معزز ماڻهن کي گهارئي، انهن کان شهر جي چوڌاري قلعي جو آثرو (بنياد) کڻائي، کين حڪم ڏنو ويو ته هرڪو پنهنجي مٿي تي مٽي ڍوئي، اڏاوت ۾ يبگار وهي (238-2) جيڪو ماڻهو پاڻ ڪم ڪرڻ جهڙو نه هو ۽ پنهنجي بدران ڪو مزدور مڙو ٿي وهائڻ گهريائين ته ان ويچاري سان جٺيون ٿي ڪرايون ويون.

هڪ دفعي سامتياڻين جي قاضي عبدالواحد کان زبردستي سو رپين جي دستاويز لکرائي ابراهيم ٻروچ کي وڪرو ڪيو ويو پوءِ قاضي ۽ ٻروچ کي آمهون سامهون بيهاري، ڦٽڪن هڻندڙ کي حڪم ٿيو ته تون ابراهيم ٻروچ کي هڪڙو ڦٽڪو هڻي کانئس سو رپئي جي گهر ڪر. هوڏانهن ابراهيم ٻروچ کي حڪم مليو ته تون وري قاضي عبدالواحد کي ڦٽڪو هڻي وٽانئس هڪ سو رپيا طلب ڪر!

نيٺ سٽيل منصوبي موجب:

ڦٽڪي وارو ابراهيم ٻروچ کي هڪ ڦٽڪو وهائي کيس چوندو رهيو ته جلدي ڪر هڪ سو رپيا هلاءِ!

ابراهيم ٻروچ وري قاضي عبدالواحد کي ڦٽڪو هڻي ٿي چوڻ لڳو ته وارو ڪر هڪ سو پيا هڙ مان ڪڍ!!، جنهن ڏينهن تي سيوهڻ ۾ اهو سانگ رچايو ويو، اهو ڏينهن شهر جي ماڻهن لاءِ ڪاري قيام برابر هو. ڪي ماڻهو اهڙا بههئا، جيڪي تماشائي بڻجي کلندا ٿي رهيا. ان کان علاوه چغلخورن ۽ ڪمينن ماڻهن کي :قحقيقت دان“ جو لقب مليل هو ۽ تور ماپ جي دستور ۾ به گهڻي قدر واڌ کان ڪم ورتو ٿي ويو. ماڻهن جون زمينون ضبط ڪري، انهن تي ڳريون ڍلون مڙهي، زوريءَ وصوليون ڪيون ٿي ويون. (339-1) اهي چلون اهڙيون اڻايون هيون جو ماڻهو پنهنجي جان ڇڏائي نه ٿي سگهيا، آخرڪار انهن کي پنهنجي پوک جي اپت سان گڏ ڍور ڍڳي ۽ ٻئي ٻاري سميت گهر تڙ وڪڻي پورت ڪرڻي ٿي پئي.

هڪ ڀيري ربيع جي فصل تي اهڙي آسماني آفت اچي نازل ٿي، جو بيٺل فصل صفا سوڪ ٿي ويا، جتي ڪو ٻوٽو باقي رهيو تنهن ۾ به ان ڪٽو ڪو نه هو. مرزا يوسف جي مرضي هئي ته ٻنيون داڻي بندي هيٺ آڻي، آسماني آفت جي ڳالهه درگذر ڪري، ماڻهن کان ايندڙ خريف جي فصل تان اڳاڙي ڪئي وڃي. رعيت ويچاري کي خريف جي وصولي ادا ڪرڻ جي طاقت ڪانه هئي. تنهن ڪري هر ڪنهن ڀاڄ ۾ منهن وڌو (339-2). نتيجو اهو نڪتو جو راڄن جا راڄ پنهنجي پوک ڇڏي ڀڄي ويا. رڳو جيڪي ماڻهو اڳاوٽ قيدن ۾ قابو هئا، اهي اتيئي رهيا، جيڪي تڙ تڪڙ ۾ گهر ڇڏي وٺي ڀڳا، تن جو ارڪو ترڪو احمد بيگ خان جا سپاهي تڳائي ويا. رهي کهي ڪسر وري وڳوڙين اچي پوري ڪئي.

اهڙو ڪو به ماءُ پٽ ڪو نه هو، جيڪو دل جهلي مرزا يوسف جون قهري ڪارروايون وڃي احمد بيگ خان وٽ بيان ڪري ته تنهنجي ڀاءُ اجهو هينءَ ٻاري ڏنو آهي. نيٺ راقم الحروف  (يوسف ميرڪ) هڪ رات وجهه وٺي احمد بيگ خان کي چئي ڏنو ته ”هيءُ ملڪ خدا جو آهي، جنهن ان کي بادشاهه جي حوالي ڪيو ۽ بادشاهه تو کي پنهنجو نائب مقرر ڪري ملڪ جو والي بڻايو، ۽ تو وري خدا جي مخلوق کي پنهنجي ظالم ڀاءُ جي تحويل ۾ ڏيئي ان جو خانو خراب ڪري ڇڏيو. قيامت جي ڏينهن تو کان ضرور پڇاڻو ٿيندو. ان کان اڳ بادشاهه پڻ تو کي وٺ ڪندو ( 340-2). قدرت سان انهن ڳالهين جو مٿس ڪجهه اثر پيو. اتفاق سان ڀاڻس ان وقتر هڪڙي چغل خور کي سروپا ڍڪائي، انهيءَ چبوتري جي هيٺان وٺي آيو،ڪ جنه تي احمد بيگ خان ويٺل هو. اهو چغل خور ڀنگ پيتل هو ۽ پنڪيون پئي کاڌائين، سندس وات اُل ڪانوَ وانگر ڦاٽل هو. احمد بيگ خان پنهنجي هڪ ماڻهوءَ کي حڪم ڏنو ته هن ڀنگيءَ جي وات ۾ مٽي وجهه! هن ائين ڪيو. ان رات ٻه ٽي سو ماڻهو قيد مان آزاد ڪرايائين ۽ ماڻهن کي قلعي جي بيگار کان روڪيو ويو. تنهن کان پوءِ پنهنجي مهر مرزا يوسف کان کسي پاڻ وٽ ريائين. پر ان مان ڪهڙو فائدو ٿي سگهو ٿي، ان حالت ۾ جڏهن ملڪ ڀينگ ٿي چڪو هو ۽ ماڻهو پنهنجيون ٻنيون ڇڏي بر منهن ڪري ڀڄي ويا هئا؟ ڪي ڳوٺاڻا جيڪي بوبڪن ۽ ڳاهن وارن پرڳڻن ۾ ( 341-2) آرام سان ويٺا هئا، تن کي به پنهورن، جابلو ماڻهن مان ملي، اچي تاراج ڪيو هو.

احمد بيگ خان کي جڏهن ان جو پتو پيو ته سيوهڻ مان نڪري ڳاهن واري پرڳڻي جي ڳوٺ سامتياڻين ۾ اچي ويٺو، جو بهاءُالدين پنهور جو ماڳ هو. اتي پهچي رعيت کي گهڻيون دلداريون ڏنائين، پر ڪنهن به مٿس اعتبار نه ڪيو. حالت اها هئي جو جيڪو شخص رات جو وٽس ٿي آيو سو صبح ٿيڻ تي ڀڄي هليو ٿي ويو.

راقم الحروف (يوسف ميرڪ) پنهنجي اختياري وطن جون اهي حالتون ڏسي، انهيءَئي هنڌان احمد بيگ کان موڪلائي، سير جي بهاني سيوهڻ پرڳڻي جي جوڻيجن واري ڳوٺ ڏانهن روانو ٿيو، جيڪو ان زماني ۾ مير ابوالبقا سجي جاگير م هو. اهو بهانو ان ڪري ڪيائين ته جيئن اتان شاهجهان جي دربار ۾ پهچي، اهمد بيگ خان جي عملداريءَ جا ڪارناما (341-1) وٽس پيش ڪري.

هي جڏهن اهو ارادو ڪري بکر پهتو ته حڪيم صالح، محمد علي بيگ ۽ مان سنگهه جيڪي تنهن زماني ۾ بکر جا حاڪم هئا، تن کي کڙڪ پئجي ويئي ۽ هنن احمد بيگ خان ڏانهن سڄي روئداد لکي موڪلي. احمد بيگ خط پڙهي اچي ششدر ٿيو ۽ ماڻهن تان ظلم جي باهه ڍري ڪري ڇڏيائين. ڪيترن کي ربيع جي فصل ۾ اُن جون ٻاريون بخش ڪيائين. وڏيرن کان به ساڳئي فصل ۾ جيڪي آني بهاني اڳاڙيون ڪيون هئائين، سي به کين واپس ڏنائين. ان سان گڏ راقم الحروف (يوسف ميرڪ) ڏانهن مير هاشم نالي پنهنجي ملازم کي اماڻيائين، ۽ حڪيم صالح، محمد علي بيگ بندري ۽ مان سنگهه کي ستوهه ڀريائين ته دم دلاسو ڏيئکي موپن کي سيوهڻ موڪلين ۽ منهنجو خيال رکندا اچن، جيئن درياهه اُڪري ٻئي پاسي نه هليو وڃي. ليڪن مير هاشم جي پهچڻ کان اڳ (341-2) آءٌ بکر ڇڏي پنهنجي منزل مقصود ڏانهن روانو ٿي چڪو هوس.

انهيءَ زماني م جڏهن مؤلف جو ڀاءُ مير ابوالبقا ملتان جو صوبيدار هو، تنهن وٽ پهچي، مون اهو سعيو ڪيو ته هندستان جي سفر لاءِ سنبت ڪري نڪران، پر انهيءَ وچ ۾ مير ابوالبقا ملتان مان بدلي ٿي ٺٽي جي صوبه داري لاءِ وڃي رهيو هو، ۽ مون کي ٺٽي وٺي آيو، انهيءَ آسري تي ته ٺٽي پهچي مون کي هندستان جي سفر تي اماڻيو ويندو. قضا سان آب هوا جي تبديليءَ سبب مون کي نزلي جي تڪليف ٿي پيئي، جنهن ڪري مسافري ملتوي ڪرڻي پيم. بهرحال مون خدا جي در باس باسي ڇڏي هئي ته بيماريءَ مان اٿڻ شرط سنڌ جي صورت حال کي ڪتابي صورت ۾ آڻي، پاڻ سان کڻي وڃي بادشاهه جي حضور ۾ پيش ڪندس. خدا جو شڪر جو هن تقاضا مطابق:

الاهي تو بر نيتم آگهي،

چو نيت بخير است خيرم دهي!

خدايا، تون منهنجي نيت کان واقف آهين، نيت چڱي آهي ته نتيجو به چڱو ڪجانءَ، آخرڪار هي ڪتاب ”مظهر التدبير“ مڪمل ڪري ورتم، انهيءَ اميد تي ته (342-1) امير عادل، مقوي الاسلام، ابو المظفر شهاب الدين محمد شاهجهان بادشاهه:

جيڪو ورهين کان خلافت جي ميدان سنواريندو اچي ٿو، جنهن کي هرڪو  پنهنجو مونس ۽ غمگسار ٿو سمجهي، ضرور هن ڪتاب تي عنايت جي نظر ڪرڻ فرمائيندو!

هوڏانهن احمد بيگ خان جا ساڳيا لاٽون ۽ ساڳيا چُگهه هئا،. هيڏانهن ڳاهن واري پرڳڻي ۾ پنهورن سان ڦٽايائين، هوڏانهن خطي واري پرڳڻي کي سميجن انڙن اچي ويران ڪيو. اهڙيءَ طرح بوبڪن، حويليءَ ۽ سن وارن پرڳڻن ۾ نومڙين ۽ سميجن تباهي آڻي ڇڏي!

هڪ دفعي نومڙين جي ڪٽڪ چڙهائي ڪري سن جي شهر ۾ گهڙي ماڻهن جو مال ڪاهيو ۽ ڏاڍي ڦر لٽ مچائي ڏني. انهيءَ پرڳڻي جي پڳدارن شيخ فتح خان ۽ شيخ حبيب (ٻنهي ڀائرن) ڀڄي وڃي پنهنجن گهرن ۾ پناهه ورتي ( 342-2)، ڪن سپاهين ڌاڙيلن جو اڳ ورتو، پر انهن کي به نڀاڳن پورو ڪري ڇڏيو.

احمد بيگ خان کي جڏهن خبر ٻڌائي ويئي ته هن ماڻهن کي سن شهر جي چوڌاري قلعي اڏائڻ جو حڪم ڏنو، جيڪو اڃا تائين (1044 هه) سوڌو قائم آهي. اهڙيءَ ريت ڳاهن، باغبانن، پاٽ ۽ اڪبر آباد پرڳڻن کي چانڊين برباد ڪري ڇڏيو. انهن چڪرين ۾ چڱا ماڻهو به چورن سان ملي ٿي ويا. ڇالاءِ ته سڄيءَ رعيت ۾ وڳوڙ پئجي چڪو هو. ڪي وڏيرا به وڃي وڳوڙين جي وچ ۾ پناهي ٿيا هئا. ڪن ماڻهن ظالم جاگيردرن جي خطري کان وڳوڙين سن ٺاهه ڪري ڇڏيو هو. انهيءَ هالت ۾ مضبوط لشڪر جي ضرورت هئي، جنهن جي وسيلي ماڻهن جي دل وٺي کين ٿانيڪو ڪري ويهاريو وڃي ها. ساڳئي وقت بلوچن، سميجن توڙي بين وڳوڙين (343-1) جي به ڪن مهٽ ٿيڻ کپندي هئي جيڪي هتان هتان اچي ملڪ ۾ فساد پيدا ڪندا پئي رهيا.

احمد بيگ خان جي ڀاءُ مرزا يوسف جي بدمعاشين سبب لشڪر پاڻ بيزار ٿي چڪو هو. حالت اهڙي هئي، جو چئن پنجن مهينن کان سپاهين کي خرچ پکو ڪو نه مليو ٿي. هن وڳوڙ ۾ ويتر لشڪر جي سار سنڀال ڪا نه لڌي ويئي، جنهن جي ڪري ڪيترا ڀيرا هي پنهورن تي ڪاهي ويا، پر ڪامياب ٿي نه سگهيا جيڪو فصل الاهي آفت جو شڪار ٿي چڪو هو، سو به رعيت جي بدران لشڪر جي قبضي ۾ آيو، ڄڻ کين مفت جي مڏي هٿ اچي ويئي. جيستائين اهمد بيگ ڪو هٿ پير ٿي هنيو، ۽ کيس ڪجهه نه ڪجهه هٿ ٿي آيو، تيسين سڀ ڪجهه لفنگ ماڻهو کڻي ٿي ويا. جيڪا مڏي وڳوڙين جي ور چڙهي سا انهن جي ٿي ويئي. انهيءَ اهمد بيگ خان جي ايامڪاريءَ ۾ جيڪي وستيون ويران ٿي ويون. سي اڃا تائين اسري نه سگهيون. رعيت جي ڪمزور ٿيڻ ( 343-2) ۽ وڳوڙين جي زور وٺڻ جا اصلي ڪارڻ اهي ئي هئا.

ديندار خان جي عملداري:

احمد بيگ خان جي انڌير جون خبرون جڏهن بکر ۽ ٺٽي جي واقعي نويسن ابوالقاسم تبا تبا (طبا طبا) ۽ مان سنگهه جي وسيلي بادشاهي درٻار ۾ پهتيون. ته هن کي هتان بدلي ڪري ملتان موڪليو ويو. سندس جاءِ تي ديندار خان آيو. ديندار خان جڏهن هتي پهتو ته ساري ملڪ جي ستياناس ٿي چڪي هئي، ليڪن ملڪ جي ڀلائيءَ لاءِ سوچيندي، هن سڀڪنهن سان سانتيڪي سلوڪ جي روش اختيار ڪئي. هتان جي راڄ ڀاڳ وارن وڏيرن کي هڪ هڪ ڳوٺ جاگير طور ڏنائين. سڄي ملڪ ۾ سواءِ ڪن محالڪارين جي باقي زمينون پنهنجي قبضي ۾ رکيائين، جيڪي سپاهين کي جاگير ڪري ڏنيون ويون. هن جي ماڻهن پهرين سال جيتوڻيڪ ٿورو گهڻو فائدو حاصل ڪيو، پر ٻئي سال جڏهن رعيت کي دم دلاسو مليو، ته سڀڪنهن لاءِ گهڻو ڪجهه ٿي پيا. ڪن جاگيردارن کي پگهار کان گهڻي وصولي ٿي. اهڙي نموني ملڪ وري آباد ٿي ويو (344-1).

ملڪ جي وڳوڙين سميجن، نومڙين توڙي چانڊين سان سٺي روش هلي، کين ڪي ڳوٺ جاگير ڪري ڏنائين. هنن جيتوڻيڪ گهٽ وڌايون به ڪيون، پر انهن سان چڱايون ڪندو رهيو. سميجن انڙن سيوهڻ شهر مان سپاهين جا وهٽ ڪاهيا، قلعي لڳ مانهو ماريائون ۽ لٽ ڦر ڪندا رهيا. مان سنگهه جو گماشتو جيڪو سيوهڻ جو واقع نويس هو، تنهن کي قلعي جي لڳ ڪُٺو ويو. سانجهيءَ جي نماز کانپوءِ ڪو به ٻاهريون شخص شهر ۾ داخل ٿي نه ٿي سگهيو ۽ ڪنهن کي به شهر کان ٻاهر وڃڻ جي اجازت نه هئي. شهر جي ڀرسان رعيتي ماڻهن جون جيڪي پوکون هيون، تن کي سميجن رات جو اچي تاراج پئي ڪيو، جيڪڏهن ٻنيءَ جي مالڪ ڪجهه ڪڇيو ٿي ته ان کي قتل ڪيو ٿي ويو. شهر کان ڪوهه سوا پري (344-2) مدئجي (منزي جي ) واري گهٽ تي سميجن ڌاڙا هڻي ماڻهن کي ٿي ماريو ۽ ڦرلٽ پئي ڪيائون. اتان جي مهاڻن جو سامان ساڙيندا ٿي رهيا، جيڪو به کين منهن پئي چڙهيو تنهن جي سسي ڌڙ کان ڌار ڪري ٿي ڇڏيائون. سيوهڻ لڳ توڙي ڳوٺ جي مهاڻن کي به بيدردي سان قتل ڪندا ٿي رهيا ۽ ۽ انهن جي گهرن کي باهيون ٿي ڏنائون، جيڪي اتان لڏي اچي شهر جي ڀر ۾ ويٺا هئا. شهر ۾ جيڪي ڪپڙي جا واپاري هئا، سميجن انهن کي به ڪو نه ڇڏيو.

نومڙيا ۽ چانڊيا ڏينهن ڏٺ جو سيوهڻ جي شهر مان ماڻهن جو مال ڪاهيو ٿي ويا ۽ برده فروشي پئي ڪيائون. ديندار خان سڀڪجهه ڏسندي به سيوهڻ جي قلعي ۾ ويٺو رهيو. نه پاڻ ڪنهن تي چڙهائي ڪيائين، نه وري لشڪر کي ڪاهه ڪرڻ جو حڪم ٿي ڏنائين (345-1). سيوهڻ جي شهر ۾ سميجن چوراڪاريءَ کان ڪين گهٽايو. ديندار خان پنهنجي خرچ تي سيوهڻ جي چوڌاري نئون قلعو تعمير ڪرايو، بس اهو ئي وڏو ڪارنامو ڪري ڏيکاريائين.

هن پنهنجي سانتيڪي سلوڪ ۾ ڪابه سڪر ڪانه رهائي ۽ هر تدبير سان ملڪ پنهنجي وس ۾ آڻيندو رهيو. هڪ دفعي سن پرڳڻي جا ارباب سيد يوسف ۽ سيد جنگ، جن کي جاگيرون ڏنيون هئائين. کانئس ڪنهن ڳالهه تان ناراض ٿي پيا، سيد يوسف درياهه ٽپي سميجن وٽ ويو ۽ سيد جنگ جبل تي وڃي نومڙين سان مليو ۽ انهن کي ساڻ ڪري ٻپهري جي وقت سن جي قلعي جا دروازا ڀڃي شهر ۾ داخل ٿي لٽ ڦر مچائي ڏنائين. پوءِ سن کان ٻاهر عيد گاهه ۾ وڃي ويهي رهيو. خليل الرحمان نالي (345-2) سن جو جاگيردار وڳوڙين کان هيسجي پنهنجي گهر ۾ لڪي ويٺو. ديندار خان اها خبر ٻڌندي، سيوهڻ جي قلعي کان نڪري اچي شهر جي ٻاهران پير ٽوپڻ جي مزار وٽ ترسيو. سيد جلال کي ڪٽڪ ڏيئي سن موڪليائين، جڏهن هو سن جي ڀرسان پهتو ته نومڙين جبل جو پاسو ورتو. سيد جلال سن ۾ ويهي، ٻنهي اربابن (سيدن) کي سميجن ۽ نومڙين وٽان پاڻ وٽ گهرايو ۽ کين دلاسن سان گڏ انعام اڪرام ڏنائين ۽ اڳي کان وڌيڪ مانائتو ڪري پنهنجي ماڳن تي آندائين. ائين فتني جي باهه ڍري ڪري، هو ديندار خان وٽ اچي پهتو.

ٻئي دفعي عربي نالي ”حلال خور“ سميجو راهوجو جيڪو حد کان وڌيڪ ڪاٽڪو هو ۽ خشڪي توڙي (346-1) درياهي رستي ڌاڙا هڻي ماڻهن کي تنگ ڪري ڇڏيو هئائين، ڪيترا ماڻهو هن جي هٿان قتل ٿي چڪا هئا، سوداگرن ۽ سپاهين جون به کنڌيون کڻي ڇڏيون هئائين. اهو شاهينگ سميجن سان صلح ٿيڻ کانپوءِ به سن ۾ ايندو ٿي رهيو. شيخو بيگ نالي هڪ جوان، جنهن جو ڀاءُ مٿئين ڪاٽڪوءَ هٿان قتل ٿيو هو، هڪ ڏينهن انهي ڪاري چور کي ڏسي ورتو ۽ کيس قتل ڪري ڇڏيائين. ديندار خان کي پتو پيو ته شيخو بيگ کي ڪيترا ڏينهن قيد ۾ هڻي اهو ارادو ڪندو رهيو ته انهي چور جي قتل تي هن کي مارائي ڇڏجي پر ڪن ماڻهن جي سفارش تي کيس مارڻ بدران نوڪري مان ڪڍي ڇڏيائين.

ديندار خان جي نيڪين جي ڪري وڳوڙين آخر نرمي اختيار ڪئي ۽ سندس جاگير مان وڳوڙ گهٽجي ويا ۽ سڀني سندس فرمانبرداري ڏانهن رخ رکيو.

ٿوري وقت ۾ ملڪ هن جي  ضابطي  هيٺ   اچي  ويو. (346-2) خريف تخقرئيل(1043هه) جي موسم ۾ پاڻ سان برجستو لشڪر ساڻ ڪري درياهه اڪري، هو جهانگيراباد جي ڳوٺ ۾ وڃي ويٺو ۽ اتان جي لاکن جون پوکيل ٻنيون پنهنجي قبضي ڪيائين. پوءِ سميجا انڙ ميڙ وٺي وٽس آيا ۽ جتي هئا اتيئي آرام سان رهي پيا ۽ ڍل ڏيڻ لڳا.

انهي پاسي جا لاکا، سميجن انڙن جي قهري ڪاررواين کان تنگ ٿي، شاهي درٻار ڏانهن دانهين ٿي ويا هئا، اتان کن قليج خان جي نالي پراڻو مليو هو ته سميجن انڙن کي سيکت ملڻ کپي. هن بهادر خواجه نالي منصبدار کي لاکن سان گڏي سميجن کي سيکت ڏيارڻ لاءِ ديندار خان ڏانهن ڏياري موڪليون. ديندار خان فريادي ڌر کي پنهنجي پاران زمين ۽ روڪڙ انعام (347-1) ڏيئي کانئن اقرار نامو لکرائي ورتو. پوءِ پاڻ جهانگيرآباد ڏانهن ڪوچ ڪري سميجن جا ڳوٺ وينجهڙو وغيره زير ڪندو، اڳتي وڌندو ويو. سميجا پنهنجن ماڳن تي ئي رهيا پر سندن سردار ديندار خان سان گڏ هئا. هو منديجي واري گهٽ کان سيوهڻ جي شهر ۾ آيو. سميجن جا مڙيئي سردار وٽس موجود هئا، اهي پوءِ سيوهڻ ۾ رهي پيا ۽ ڪو به ڦڏو نه ڪيائون. ديندار خان ساڳئي سال درياهه اڪري سميجن انڙن وٽ وڃي ويٺو، جن پنهنجي پوک مان کيس اناج جو حصو ڏيڻو ڪيو. هاڻي اهو وقت اچي چڪو هو جو هي سپاهگري جي تدبير سان انڙن کي مات ڪري، پنهنجي هٿ وس آڻي ٿي سگهيو. پر ايتري ۾ هن ي بدلي ڪري سندس جاءِ تي جان نثار خان کي آندو ويو (347-2).

سميجن کي جڏهن ديندار خان جي بدلي جي خبر پئي تڏهن هنن سندس ماڻهن کي قتل ڪري ڇڏيو، جيڪي اناج جي اوڳاڙي لاءِ سندن ديهن ۾ ويل هئا، ان سان گڏ سندن گهوڙا ۽ وهٽ به پنهنجي قبضي ڪيائون، باقي جيڪي بچيا اهي ڀڄي ديندار وٽ اچي پهتا پر هو ماٺ ميٺ ۾ درياهه اڪري سيوهڻ جي قلعي ۾ هليو آيو، انهي واقعي کانپوءِ سميجا ”ڪتي جا پُڇ“ سڏجڻ لڳا، جيئن ڪتي جي پڇ سان ڪنهن ريت ور نڪري نه ٿو سگهي، تيئن سميجا هزار احسان هوندي به پنهنجي بڇڙائي کان باز نه ٿا اچن ۽ ترار جي ڌڪ کان سواءِ سڌا ٿي نٿا سگهن.

ديندار خان جي عملداري رعيتي راڄ توڙي پڳدارن ۽ سپاهين لاءِ هر طرف ڪارائتي ثابت ٿي. هي صوفين ۽ مجذوبن جو ڏاڍو معتقد هو (348-1)، سدائين بزرگن جا عرس پئي ڪيائين، ڪو ڏينهن يا ڪا رات اهڙي نه هئي جو ڪنهن نه ڪنهن بزرگ جو عرس سندس جاءِ تي نه پئي ٿيو. هر مهيني ڪيئي عرس ڪندو رهيو، جن ۾ راڳ ۽ سماع جون محفلون به ٿينديون هيون. هن وٽ ڪيئي قوال ۽ ميراثي موجود هئا. اهڙي ريت قرآن جي تلاوت سان به گهڻو چاهه رکندو ٿي آيو. گهڻو ڪري روزي ۾ پئي گذاريائين. شعبان جي مهيني ۾ اونهاري توڙي سياري چنڊ وارن ڏينهن تي روزا رکندو هو. رمضان سان خاص ڪري ڏاڍي دل هوندي هئس، انهي مهيني خرچ گهڻو ٿي ڪيائين. سڄو سال رمضان جو سامان گڏ ڪندو ٿي رهيو، جيڪو انهي مهيني ۾ صرف ڪري ٿي ڇڏيائين. روزي کولڻ مهل سندس مجلس ۾ بهترين کاڌا، ميوا ۽ مٺايون مال هوندا هئا. تراويحن جي نماز تي به ئي چار سئو ماڻهو وٽس ٿي آيا. هي قرآن جو ختم پيرن ڀر بيهي ٻڌندو هو ۽ ستاويهين جي رات تائين اهو سلسلو جاري رکندو پئي آيو. عالمن، حافظن (348-2) توڙي ٻين ڀلارن کي خوب خيراتون پئي ڏنائين ۽ صبح کانپوءِ وري پاڻ قرآن کي هڪ ڏينهن ۾ پڙهي پورو ٿي ڪيائين.

سياري ۾ سڀني سپاهين ۽ ڄاڻ سڃاڻ وارن کي سروپا ڍڪائيندو هو، ڪيترن اميرن ۽ رعيت جي پڳدارن کي ايتريون پوشاڪون پئي ڏنائين، جيڪي هو سڄو سالو چوڙيندا ٿي رهيا، جيڪڏهن سفر ۾ هوندو هو ته سڀني ننڍن وڏن کي الڳ الڳ پنهنجي دولت خاني مان طعام رڌرائي موڪليندو پئي رهيو. هي به ڪنهن بزرگ جي مزار بابت پئي ٻڌائين ته ان جي زيارت لاءِ پئي ويو ۽ ان جي مرمت يا عمارت لاءِ خرچ ڪندو ٿي رهيو.

ديندار خان جي ذاتي جاگير واري رعايا سندس وڪيل قاضي پيري جو جڙتو ٺيڪيداري جي ڪري ڏاڍي عذاب ۾ مبتلا هئي. هو عين موقعي تي ڳوٺ جي وڏيرن ۽ مقدمن کي پاڻ وٽ سڏائي، قيد ۾ وجهرائي (349-1) کانئن زبردستي گذريل سال جون هيڪوڻين جون، ٻيڻيون بقايائون لکرائي وٺندو هو. هنن تي اهو زور به پئي وڌائين ته آئينده هيتري يا هيتري ٻني پوکائيندا. ٻيءَ حالت ۾ کين بيدخل ٿيڻ لاءِ تيار رهڻو پوندو. هن اهو نه پئي ڄاتو ته انهن جي گهر ۾ ڪجهه به موجود ناهي ۽ پوک جي اپت رعيت جي دل وٺڻ سان ئي وڌائي سگهجي ٿي، انهن کي اهي ئي ڳالهيون وڌيڪ پورهئي ڪرڻ لاءِ همٿائي سگهن ٿيون، جيڪي سندن دل وٽان هجن، ٻيءَ حالت  ۾ ڪو به ظلم يا زور ڪارگر ٿي نٿو سگهي.


(1)   ڏسو تعليقات، ڪتاب جي پڇاڙي ۾.

(2)   ڏسو تعليقات.

(1)   حققت ۾ ظالم جو ڪو به مذهب نه هوندو آهي. (مترجم)

(1)   نسخي ”پ“ ۾ هتان هڪ ورق (355) غائب آهي.

(1)   ڏسو تعليقات

(2)   ڏسو تعليقات

(1)   مير ابوالبقا، يمين الدوله پاران ملتان ۾ نائب هو. مرتضى خان حسام الدين انجوجي وفات کان پوءِ ٺٽي جو حاڪم ٿيو. هيءُ واققعو 1039هه ۾ ٿي گذريو.

(1)   ڪتاب جي ٻنهي قلمي نسخن ۾ اهو لفظ تبا تبا ڪلکيل آهي، جا ڪتابت جي غلطي سمجهڻ کپي- اصل لفظ ”طبا طبا“ ئي آهي.

(2)   ڏسو تعليقات

(1)   ترڪن جي ٻارهين سال جي دوري مان مريخ جي نالي ڏهو سال (مترجم)

(1)   ڏسو تعليقات.

(1)   ڏسو تعليقات: قلندر شهباز ۽ ڇٽو امراڻيءَ جو بيان.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org