سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: تاريخ مظهر شاهجهاني

باب: --

صفحو: 23

انهي کانپوءِ ماڻڪ ڇا ڪيو، جو ذڪر ڪيل مير پنوهر جي منڍي لاهي پڻس عيسي ڏانهن هينءَ چورائي موڪليائين ته تو جنهن تارازي جي ڳالهه ڪئي هئي، تنهن ۾ هيءَ منڍي وجهي تور! پڇاڙي سپاهگري وارا جيڪي وهٽ هئا، اهي سڀ زرهن، ترارين ۽ ڍالن سميت کانئن ڏنڊ ۾ ورتائين ۽ ٻيون چٽيون به مٿن وجهي، کين قيد مان ڪڍي ڇڏيائين، تنهن ڏينهن کان پوءِ پنوهرن جو لشڪر سدائين ساڻس گڏ رهندو ٿي آيو. جيئن ته رعيت ۽ سپاهه جو هن سان پورو ساٿ هو، ان ڪري ئي پنوهرن کي اها سيکت اچي وئي.

احمد بيگ جو ڇاڪاڻ ته رعيت توڙي لشڪر سان ڪو ٺاهه نه هو، تنهن ڪري هو پنوهرن سان پڄي نه سگهيو، حالانڪ سيوهڻ جي راڄڌاني جا ڏهه پرڳڻا ۽ هڪ حصو چانڊڪا پرڳڻي جو به سندس جاگير ۾ هو (392-2). جهانگير جي زماني ۾ جڏهن ڳاهن وارو پرڳڻو مرزا غازي بيگ ترخان جي جاگير ۾ آيو، ته ماڻڪ واپسيءَ لاءِ شاهي درٻار ڏانهن وڃڻ جو ارادو ڪري اڃا بکر پهتو ته مرزا غازي بيگ قنڌار وڃڻ جي تيارين ۾ هو، جنهن کيس پاڻ وٽ گهرائي سندس دلجوئي ڪري، پنهنجي ملازمت ۾ آڻي، ڳاهن وارو پرڳڻو تنخواهه طور کيس جاگير ۾ ڏيئي ڇڏيو. ماڻڪ ڏيڍ سو جانباز سپاهي ساڻ ڪري مرزا غازي بيگ سان گڏ قنڌا روانو ٿي ويو.

واٽ تي منگسي ٻروچن مرزا غازي بيگ سان لاپرواهي ڪئي ته هن ماڻڪ کي مٿن چڙهائي جو حڪم ڏنو (393-1). هن وڃي منگسين جي ڳوٺن تي حملو ڪيو، جنهن ۾ ڪيئي ماڻهو قتل ٿي ويا.  آخر انهن جا ڍور ڍڳا جن جو ڪو شمار ئي نه هو، مرزا غازي بيگ وٽ آڻي پيش ڪيائين. وري مرزا غازي بيگ جڏهن قنڌار پهتو ته داور جي ايراضي وارو ٿاڻو ماڻڪ جي حوالي ڪيائين، جنهن حيدر سان چڱيون چڪريون ڏنيون ۽ نيٺ ڪيترين چڪرين کان پوءِ هن کي شڪست ڏئي سوڀارو ٿيو. اهڙي ريت هزاري جي ماڻهن تي چڙهائي ڪري، انهن کي به پنهنجو مطيع بڻايائين. پڇاڙي نوڪدر قوم جو سردار روشن سلطان گهوڙا، شڪاريلباس، باز ۽ شڪاري پرندا تحفي طور آڻي، هن وٽ پيش پيو.

تنهن کانپوءِ مرزا غازي بيگ ٺٽي جي حڪومت خسرو بيگ کان واپس ڪرائي، سائين ڏني نالي هڪ هندوءَ کي ڏياري ۽نصرپور جي راڄڌاني واري حڪومت قاسم خان ارغون جي پٽڻ کان ڦيرائي پنهنجي خدمت گار شهباز خان جي حوالي ڪيائين، جنهن جو ذڪر اڳ ۾ به اچي چڪو آهي. باقي ماڻڪ کي پاڻ وٽ فوجدار ڪري رکيائين (393-3) هو سائين ڏني ۽ شهباز خان سان گڏجي لشڪر جو وڏو تعداد ساڻ ڪري نصرپور آيو ۽ اتان جو قلعو قاسم خان ارغون جي پٽن کان خالي ڪرائي شهباز خان کي ڏنائين.

خسرو بيگ، قاسم خان ارغون جي پٽن سان ملي، سازش ڪئي ته ماڻڪ هن سڄي ٽولي جو اڳواڻ آهي، ان کي ڪنهن به حيلي سان قتل ڪرڻ کپي، باقي ٻين جي ڪابه حيثيت ناهي. قاسم خان ارغون جي پٽ فتحيءَ اهو ذمو پاڻ تي کنيو ۽ماڻڪ کي مهماني جي بهاني پنهنجي جاءِ تي گهرائي، قتل ڪري ڇڏيائين. ان کانپوءِ جندائي نالي فتحي جو وڏو ڀاءُ وڏو لشڪر ساڻ ڪري، هاٿيءَ تي چڙهي ماڻڪ جي ماڳ تي آيو. شهباز خان ۽ سائين ڏنو هندو نصرپور جي قلعي جا دروازا مضبوطي سان بند ڪري اندر ويهي رهيا. ايتري ۾ ماڻڪ جي پٽ راءِ سنگهه پنهنجي پيءُ جا لشڪري وٺي جندائي سان جنگ ڪئي ۽ کيس شڪست ڏنائين (394-1) انهي جنگ ۾ جندائي جي پاسي کان ڪيئي ماڻهو مارجي ويا. راءِ سنگهه هاٿي هٿ ڪري شهباز خان کي ڏنو. قاسم خان ارغون جو ڄاٽو شير بيگ به ٻين سان گڏ قتل ٿي ويو. ماڻڪ جو پٽ پوءِ جندائي جي ديري تي ڪاهي ويو، جو نصرپور کان پنجن ڇهن ڪوهن جي فاصلي تي هو ۽ ديري مان جيڪو به مال متاع کيس هٿ لڳو سڀ تاراج ڪري ڇڏيائين.

اهڙي ريت ماڻڪ رڳو هڪڙي پرڳڻي جي طاقت سان وڏا ڪارناما سرانجام ڏنا.

 

”ب“

چانڊين ٻروچن کي زير ڪرڻ بابت

هنن ماڻهن لاءِ باغبانن جي پرڳڻي وارو ٿاڻيدار چڱي طرح بندوبست ڪي سگهي ٿو. جيڪڏهن کين پنهنجن ماڳن تي رهڻ ڏنو وڃي ته هي به ٻيءَ رعيت وانگي ڍل ڏيڻ کان ڪين ڪيٻائيندا، ساڳئي وقت وڳوڙن کان به پاسو ڪري رهندا. ٻي حالت ۾ ٿاڻيدار کي بروقت مٿن چڙهائي ڪري کين اهڙي سيکت ڏيڻ کپي جيئن ٻيا ماڻهو ان مان عبرت حاصل ڪن. اهي جيڪڏهن هي ملڪ ڇڏي اصلي وٿاڻن ڏانهن هليا ويا ته انهن علائقن (394-2) ”سيويي ۽ گنجابي“ ۾ ٿانيڪا ٿي اتان جي ماڻهن کي (جيڪي سدائين سندن دشمن آهن) بلڪل تباهه ڪري ڇڏيندا.

”ج“

نومڙين کي مت ڏيڻ بابت

هنن کي ٻن طريقن سان مات ڪري سگهجي ٿو:

1-  جيئن مٿي ڄاڻايو ويو، هنن وٽ ماڻهن جي گهڻائي آهي ۽ منجهن هرڪو وڙهي ڄاڻي ٿو. ڪنهن چواڻي: انسان احسان جو غلام آهي. سو هتان جي سردارن لاءِ سيوهڻ جي جاگيردار کي گهرجي ته کين دم دلاسو ڏئي شاهي درٻار ڏانهن روانو ڪري، جيئن هرڪو اتان پنهنجي منصب مطابق سرفراز ٿياچي، انهن سردارن کي چاڪر هالي ياسن جي پرڳڻن ۾ جاگيرون ڏيايون وڃن، جيئن هو جاگيري جو مزو چڱي سرڪار جي تابعداري ڏانهن (395-1) مائل ٿين، انهي نموني هو چڱيون خدمتون سرانجام ڏيندا رهندا.

اهي جابلو ماڻهو جيڪي ڇڙواڳ رهي ملڪ ڀيليندا وٿن ٿا، تن کي انن سردارن هٿانسيوهڻ جي حاڪم وٽ رجوع ڪرايو وڃي، جيڪو مٿن ڍل مقرر ڪري سرڪاير خزاني ۾ جمع ڪندو رهي.

اهي ماڻهو قنڌار يا ڪيچ مڪران جي چڙهائي ڪرڻ ۽ حڪومت جو چڱو ساٿ ڏئي سگهندا.

2- هو تباهه ۽ برباد ٿين، ڇاڪاڻ ته انهي ۾ ئي بادشاهي جي ڀلائي آهي، اهو ڪم به سيوهڻ جو جاگيردار چڱي طرح ڪري سگهي ٿو. اهي نومڙيا جيڪي جابلو علائقن سان واسطو رکن ٿا. ڪابه پوکي راهي نه ڪندا آهن، پر هنن وٽ ڍر ڍڳا جهڙوڪ اٺ، گهوڙا، دنبا ۽ ڏاند گهڻي ۾ گهڻا ٿا ٿين ۽ سندن گذر بسر سيوهڻ توڙي چاڪر هالي جي پرڳڻن تي مدار رکي ٿو. هي پنهنجا اٺ گهوڙا ۽ ٻيو جابلو سامان (395-1) انهن علائقن ۾ آڻي وڪڻن ٿا ۽ اتان اناج، ڪپڙا، هٿيا وغيره خريد ڪري ٿا وڃن يا وري ڪي واپاري اناج، ڪپڙا ۽ هٿيا جبل پاسي وڪرو ڪرڻ لاءِ ٿا نين ۽ ان جي عيوض اٺ، گهوڙا، دنبا ۽ ٻيو مال اتان ٿا آڻين. اهڙي حالت ۾ اهي ماڻهو جيڪي ٿاڻن تي مقرر ٿيل آهن، تن کي تاڪيد ڪيو وڃي ته هو جبل پاسي سوداگرن ۽ٻروچن جي اچ وڃ کي روڪي ڇڏين،جيئن ڪو به ماڻهو ه تان جي مڏي چورائي اوڏاهين نه کڻي وڃي. ٺٽي جي صوبه دار کي به هدايت ڪرڻ گهرجي ته ملڪ جو هٿيار، اناج يا ڪپڙو انهن ماڻهن کي نه ڏياري. سرڪاري فوجن کي به انهن ماڻهن جي ڪنهن سامان جي ڪا ضرورت ناهي. جيڪڏهن انهن کي سواري لاءِ اٺ کپن، ته اهي هتان جي جتن وٽان هٿ ڪري سگهن ٿا، يا کين گهوڙن جي ضرورت آهي ته اهي به گهڻي انداز ۾ ڪيچ ۽ قنڌار مان ملي پوند، پر جي هنن کي گوشت جي ”دروايش“ آهي، ته سنڌ ۾ ايتريقدر ٻڪريون ۽ ڪڪڙ (368-1) آهن جو انت شمار ڪونهي، باقي هنن بدبختن جو احتياج ڇا لاءِ مناسب سمجهي وڃي؟

چاڪرهالي جي راڄڌانيءَ وارن جاگيردارن هنن ي جيڪي به جاگيرون ڏنيون آهن، سي کانئن واپس وٺڻ کپن، جيئن هي پنهنجي اڳين ريت موجب وري جبل پاسي لڏي هليا وڃن، جبل پاسي ڪنهن سال ڪو مينهن نه وسي، جهڙي طرح ويجهڙائي وارن سالن ۾ اتي برسات نه پئي آهي ته به هنن کي اتان نڪري آباد علائقن ڏانهن اچڻ نه ڏجي.

هي جڏهن چاڪر هالي جي راڄڌاني ۾ پنهنجي جاگيرن اندر ويٺل هئا ته ڪنهن به ساڻن هٿ نه پئي اٽڪايو، تنهن زماني ۾ سيوهڻ جي جاگيردار توڙي ٺٽي جي صوبه دار جي چڙهاين سبب هنن جا حال زبون ٿي پئي ويا، نيٺ ڳچي ۾ ڳارو ڪري سيوهڻ جي جاگيردار وٽ اچي پيش ٿي پيا.

جڏهن به ڪا ضرورت پوي ته سيوهڻ جو جاگيردار پوري ريت جاسوسي ڪري مٿن ڪاهي سگهي ٿو ۽ خدا جي فضل سان کيس ڪامياب ٿيڻ جو امڪان رهندو (396-2). پر اهڙي طرح جو هو بي خبر هجن ۽ هڪ ئي حملي سان ختم ٿي وڃن: جيڪڏهن پنجن سالن تائين اهو سلسلو جاري رکيو ويو ته رعيت کي ڪافي طاقت ملي ويندي ۽ نومڙيا بلڪل تباهه ٿي ويندا ۽ انهي صورت ۾ سيوهڻ توڙي چاڪر هالي جون راڄڌانيون هنن جي هٿ چراند کان محفوظ رهنديون. ٻئي پاسي جيڪڏهن ترخانن وانگي مٿن سالياني وصولي جو بار وڌو وڃي ته هي جبل جو پاسو ڪڏهن به ڪو نه ڇڏين. پر هاڻ ته سندن ٻيگهي متل آهي، ڇاڪاڻ ته سيوهڻ جو جاگيردار به هنن سان ٻڌيءَ ۾ رهي ٿو، جنهن کين پنهنجي راڄڌاني مان جاگيرون ڏئي ڇڏيون آهن. ساڳي طرح چاڪر هالي جي راڄڌاني وارا جاگيردار به هنن جو پاسو کڻندا رهن ٿا.

هڪ دفعي سيد بايزيد بخاري ٺٽي جي صوبه داري واري زماني ۾ هنن توڙي ٻين جابلو ماڻهن سان اها تعدي ڪئي هئي. جو سيوهڻ سان گڏ ٻين هنڌن تي به پنهنجا ماڻهو جبل پاسي اچ وڃ نه ڪري سگهي، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو، جو (397-1)  نومڙيا ٻين جابلو ماڻهن سان گڏجي ٺٽي ۾ اچي سيد بايزيد جي پيش پيا ۽ سڀئي ڏنڊ ڀري ڏنائون، تنهن کانپوءِ هن جبل جا رستا مٿن کولي ڇڏيا ۽ پنهنجن ماڻهن کي واپس گهرائي ورتائين. جيڪڏهن سيوهڻ جي جاگيردار وانگي هڪ شخص کي ٺٽي جي چاڪر هالي واري راڄڌاني مان، ٻئي کي بکر جي پرڳڻن، جتوئي، چانڊڪا ۽ ٽڪر مان، ٽئين کي سيوي ۽ گنجابي واري علائقي مان جاگيرو ڏنيون وڃن ته اتان جا جاگيردار بادشاهي خدمتون بجا آڻي، ظلم ۽ جبر ڇڏي، عدل انصاف سان هلي پنهنجين جاگيرن کانسواءِ هر هڪ بندر تان وصوليون ڪندا رهن ۽ اهڙا ماڻهو مقرر ڪري ڇڏين، جيڪي دستور موجب ڪم هلائيندا اچن، انهن تي اها ذميداري به رکيل هجي ته رعيت جي دلجوئي ڪندا رهن (397-2) ۽ ملڪ جي آبادي بابت واسطيدار عملدارن کان جواب طلب ڪن، جيئن هي ملڪ ڏينهون ڏينهن آباد ٿيندو وڃي ۽ شاهي خزاني ۾ به واڌارو ٿئي. هروڀرو ڍل جي حد کان وڌيڪ وصوليون ڪرڻ ملڪ جي تباهي جو ڪارڻ ٻنجي ٿي. هونءَ ئي دولت جي در حق بادشاهه وٽ ڪابه ڪمي ناهي.

جيڪڏهن اهڙي طريقي سان سنڌ جو انتظام هلايو ويو ته هي ملڪ نهايت سرسبز ۽ آباد ٿي رهندو. هي علائقو هندستان جي گهڻن علائقن کان ڪيترين ڳالهين ۾ وڌيڪ ۽ بهتر آهي.

هتان جا ماڻهو مسلمان، مسڪين ۽ خدا ترس آهن، منجهن جاگيردارن جي ظلم سهڻ جي سگهه ڪانهي.

هن ڪمترين غلام جو چوڻ آهي ته سيوهڻ جو سڌارو تڏهن ٿي سگهندو، جڏهن مٿي بيان ڪيل ڳالهين تي چڱي طرح غور ڪيو ويندو. ائين ڪرڻ سان ملڪ به آباد ٿيندو ۽ وڳوڙين کي به ٻنجو اچي ويندو (398-1). ساڳئي وقت سلطنت کي به ڪا پريشاني درپيش نه ايندي. ان ڪري جو هتان جا فسادي ماڻهو خاص ڪري بکر ۽ ٺٽي ۾ گهنا وڳوڙ ڪندا رهن ٿا. ٻئي پاسي خود سيوهڻ جي علائقي جي به اها ئي حالت آهي، جڏهن هتان جي صورتحال سڌري وڃي، تنهن کانپوءِ ٻين ملڪن ڏانهن توجهه ڏيڻ جي ضرورت ٿيندي

ان سان گڏ هي به معلوم هئڻ گهرجي ته انسان جي تخليق جو اصل مقصد اهو ئي آهي ته هو زندگي ۾ ٻنهي جهانن کي ڌيان ۾ رکي هڪ هيءُ جهان جنهن ۾ هو جيئي ٿو جتي کيس سک ۽ نيڪ نامي سان رهڻو آهي ۽ ٻيو هو جهان، جڏهن:

ڪل شئي ها لک الا وجه- جي حڪم

مطابق عالم الوهيت جي منزل ۾ قدم

رکي ۽ ان ڏينهن جڏهن- يوم يفرالمرءُ من

اخيه و امه و ابيه و صاحته و بنيه

لکل امر منهم (398-2) يومئذ شان

يغنيه – جو وقت اچي- وامامن اوتي ڪتابه

به يمينه فسوف يخاسب حساب يسيرا و

ينقلب الى اهله مسرورا- ۽ لڪل لذتون

على سرو موضونته متکئين عليها متقابلين

يطوف عليهم ولدان مخلدون باکواب و

اباريق وکاس من معين لاصدعون عنها

ولاينزفون وفاڪهته مما يتخيرون ولحم مما

يشتهون وحورعين کامثال المئولئو المکنون جزا بما

کانو يعملون- حاصل ڪري اهي ٻيئي

مرتبا، هن بيت جي مضمون مطابق بادشاهن

۽اميرن کي ملي سگهن ٿا: (399-1)

آسايش دوگيتي تفصي اين دو حرف است

يادوستان مروت با دشمنان مدارا

ٻنهي جهانن جي ڀلائي، دوستن سان مروت ۽ دشمنن سان لحاظ ڪرڻ ۾ آهي، ٻنهي جهانن ۾ هنن (بادشاهن ۽ اميرن) لاءِ رعيت کان وڌيڪ ٻيو ڪو به دوستي جو حقدار نه آهي. ڇاڪاڻ ته انهي جي ئي محنت ۽ مشقت سان کين دولت هٿ اچي ٿي. هوڏانهن رعيت مصيبت ۾ رهي ٿي ۽ بادشاهه توڙي امير عيش ڪندا رهن ٿا. جڏهن رعيت سان رعايتون ڪيون وڃن ۽ شرعي حڪمخلاف کانئن ڪجهه به وصول ڪرڻ ۾ ه اچي ته دنيا ۾ نيڪ نامي ۽ آسائش ملي ٿو ۽ قيامت ۾ اها ئي رعيت هنن جي عدل انصاف ۽ خوش اخلاقي جي گواهي ڏئي ٿي ۽ اهي- عدل ساعته خير من عمل الثقلين جي مصداق ان جو اجورو حاصل ڪن ٿا. پوءِ ڪهڙو ضرور آهي جو بعض اميرن ۽ عملدارن جي چورڻ تي اهڙي دوستي کان منهن موڙي، دنيا ۾ ظالم بجڻي، پاڻ کي بدنام ڪيو وڃي ۽ خلق  کي آزار ۾ وجهي، خدا جي اڳيان پاڻ کي شرمسر ڪجي؟.

حڪيم صالح بکر جي ملڪ ۾ جيڪو جواهرن سان ڀريل سوني پيالي جيئان آهي، جڙتو ٺيڪيدارن جي ڪري جمع بندي ۾ گهٽ وڌايون پيدا ڪيون ۽ رعيتي ماڻهو (399-2) جيڪي باقعدي ڍل ڀريندڙ هئا، ان کان سرڪش ٿي ويا. جيڪڏهن هن ملڪ ۾ ڪو شاهي امين هجي ها ۽ دستور جي خلاف ورزي ڪرڻ نه ڏئي ها ته اهڙا المناڪ واقعا رونما ٿي نه سگهن ها. وڌيڪ مصيبت وري اها جو اهي ئي ظالم پنهنجي قهر جي ڪسر باقي رهائي، ماڻهن کي هٿراڌو بقايائن جي عوض قيد ۾ وجهي ڇڏيندا هئا، کين اها ڄاڻ نه هئي ته انهي معمولي حساب جي ڪري سندن سمورو نفعو تلف ٿيندو پئي رهيو، جيڪڏهن رعيت قيد ۾ ڪڙجي وئي ته ٻيو ماڻهو ڪتان ايندو جو سندن حاضري ڀريندو، انهي جي بدران انهن وڳوڙين جي ڪاٺ ۾ وجهڻ کپي، جيڪي ڍل به نٿا ڀرين ۽ سدائين سرڪشي ڪندا ٿا رهن.

محمد علي بيگ بندري بابت ڪنهن کي خبر نه هوندي ته هن وٽ ڪيڏو لشڪر موجود هو ۽ ڪهڙي ريت رعيت کي پنهنجي حڪم هيٺ رکيو هئائين؟ وٽس بهترين ماڻهو ملازم هئا 400-1) جن سندن فرمان مطابق وڳوڙين کي مات ڪرڻ ۾ وسان ڪين گهٽايو. ايترو لشڪر خود حڪيم صالح وٽ به هو، جنهن چانڊڪا ۽ ٽڪر وارن پرڳڻن جي رعيت کي آزاري بيزار ڪري بکر ۾ وڳوڙ وجهرايا ۽ ماڻهن کي وٽان ڪڍي ڇڏيائين. حڪيم صالح، چانڊڪا پرڳڻي جي ارباب ندي جي پٽ صدق ۽ سندس ڄاٽي شهه بيگ تي الزام مڙهي کين قيد ڪري بکر آندو، ان کان اڳ ماٿيلي پرڳڻي واري ارباب کي به ڪاٺ ۾ وڌو هئائين، جو اتان جي ابڙن ديوان مان سنگهه جي مائٽ ديال داس ۽ بکر جي قانون دان وتراج ولد ونس گوپال کي پنهنجي ٻنيءَ تي قتل ڪري ڇڏيو هو. ان سان گڏ سبيءَ جي هڪ قافلي کي به ڦريائون، انهي تان ٽڪر پرڳڻي جي جاگيردار طاهر محمد اسي ماڻهن سان وڃي، انهن جي پرڳڻي جي ارباب (400-2) عبدالواحي کي (جيڪو ان وقت لاکيرن جي ڳوٺ ۾ هو) قيد ڪري وٺي اچڻ چاهيو، پر سميجا لاکير وچ ۾ آيل پاڻي جو بند ڀڃي، لشڪر جي چڌاري گهيرو ڪري بيٺا ۽ لشڪر تي تير وسائڻ شروع ڪري ڏنائون، جنهن ۾ اسي سوار ئي ڪسجي ويا، تنهن کان علاوه هٿيارن ۽ گهوڙن جي به جيڪا ڦرلٽ ٿي سا پنهنجي جاءِ تي رهي ۽ ماڳهين خود طاهر محمد سميجن جي ور چڙهي ويو.

جنهن وقت ڀڄڻ جي ڪا واهه نه ٿي رهي ته ماڻهو ترار جي ڌار تي هٿ به رکندي دير نٿو ڪري.

جيڪڏهن بروقت رعيت کان ڍل اڳاڙڻ ۾ ڪا اڙانگوڙي نه ڪئي وڃي ها ۽ ان کي ظالم بگهڙن (ڪارندن) جي ارڏاين کان امان ڏني وڃي ها ته اهو شرمناڪ واقعو ڪڏهن به پيش نه اچي ها. هاڻ جيڪڏهن حڪيم صالح کي وڍي ڳڀا ڳڀا ڪيو وڃي ته به ساڳيو بکر وري نه ٿي سگهندو. ان لاءِ سمجهدار ماڻهو جي دم دلاسي جي ضرورت آهي.

هي بيت حڪيم صالح جي حال مطابق نظر اچي ٿو:

تو ڏٺو ته بيوقوف گڏهه ڇا ڪيو؟

پاڻ کڏ ۾ پيو، مڏي ٻيا کڻي ويا.

اهي ڳالهيون هيون جيڪي مون هن ڪتاب جي پڇاڙي ۾ آنديون ۽ قصيدي جي هن بيت موجب انهن کي رعيت جي زباني شاهي درٻار ۾ پيش ڪرڻ گهران ٿو:

يا اکرم الخلق مالي، من الوذبه

سو اک عند حلول الحادث العمم.

ترجمو: ساريءَ ساريءَ خلق کان وڌيڪ عزت وارا! مون لاءِ ٻيو ڪو به اهڙو شخص ڪونهي، جو ڏکئي وقت وڃي وٽس پناهه وٺان.

هاڻ ڪتاب جي خاتمي ڏانهن قلم وڌائجي ٿو.


(1)   شير بيگ جي قبر تي لڳل ڪتبي مان ظاهر آهي ته هو 11 رمضان 1020هه ڌاري قتل ٿيو هو.

(2)   تفصيل جي لاءِ ڏسو، تاريخ طاهري، بيگلر نامه ۽ مقدمو مثنوي چنيسر نامه.

(1)   هي لفظ ”دروايش“ ڪتاب جي ٻنهي نسخن ۾ ائين لکيل آهي، جنهن جي ڪا معنى نٿي سجهي. سنڌي ۾ دراصل اهو لفظ ”دروايش“ ٿي آهي جو ”ضرورت“ جي معنى ۾ ڪتب آندو وڃي ٿو يا شايد صحيح (درهوس گوشت) هجي جنهن کي ڪاتبن بدلائي ائين لکيو آهي.

نوٽ: لفظ ”دروايش“ ايامن کان سنڌي ۾ ضرورت جي معنى سان استعمال ٿيندو اچي ٿو، جنهن کي سنڌ جا فارسي دان عالم ۽ شاعر به ائين ئي لکن ۽ ڪتب آڻين ٿا، جيئن سچل سرمست به پنهنجي هڪ فارسي شعر ۾ چيو آهي: آنچه دروايش- محبت کرد. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته هي لفظ آڳاٽي زماني کان استعمال ٿيندو پيو اچي، خاص ڪري سنڌ جي اتراهين ڀاڱي سکر، لاڙڪاڻي ۽ جيڪب آباد پاسي اڃا تائين اهو لفظ سنڌي ٻولي ۾ ڪتب آندو وڃي ٿو (مترجم).

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org