سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: تاريخ مظهر شاهجهاني

باب: --

صفحو: 7

مولف هر پرڳڻي جو نالو ڏئي، ان جي زرعي ۽ معاشي حالتن جو تفصيل لکيو آهي، ان سان گڏ اهو به ٻڌائي ٿو ته هر پرڳڻي ۾ ڪهڙيون قومون ۽ قبيلا آباد آهن، ترخانن جي فوجي تعداد جي ڄاڻ به پهريون دفعو هن ڪتاب مان پئي آهي. اتان ئي اها ڳالهه به ظاهر ٿئي ٿي ته اڪبر بادشاهه سنڌ هٿ ڪرڻ کانپوءِ لاهري بندر سان گڏ بکر ۽ سيوهڻ جي راڄڌاني پاڻ لاءِ مخصوص ڪري، باقي سنڌ مرزا جاني بيگ کي جاگير طور ڏيئي ڇڏي هئي. هي ڪتاب هونءَ ته مغل حڪومت جي نظم نسق تي آئيني مثال آهي، پر منجهس ارغون ۽ ترخان جي دور جي انتظامي جهلڪ به ڪٿي ڪٿي نظر اچي ٿي.

سنڌ جي تاريخ جي سلسلي ۾ هن ڪتاب کان وڌيڪ آڳاٽو، اهم، صحيح ۽ راز درون پرده کي واشگاف ڪرڻ وارو ڪتاب ڪنهن به مورخ ڪو نه لکيو، جيڪڏهن مير معصوم کان وٺي مير علي شير قانع تائين جا مورخ مصلحت ڪوشيءَ کي ڇڏي، يوسف مير وانگي خدا لڳ سچ چوڻ جي سگهه سارين ها ته سنڌ جي گذريل تاريخ پنهنجي اصلي روپ ۾ اسان جي اڳيان پڌري ٿئي ها.

ڪتاب جي پهرئين حصي ۾ سنڌ جي تاريخ جو مواد

هن ڪتاب جو ٻيو حصو سنڌ جي پوريءَ تاريخ جي واقعن ۽ حالتن سان ڀريو پيو آهي، پر مولف هن جي پهرئين حصي ۾ به، جيڪو حڪمرانيءَ جي اصول سان تعلق رکندڙ نڪتن ۽ مسئلن تي مبني آهي، تنهن ۾ ڪن هنڌن تي مثالن ۽ دليلن طور سنڌ جا تاريخي حقائق پيش ڪري ٿو، جيئن چوٿين باب جي ٻئي فصل ۾ جتي ملازمن جي تربيت ۽ تاديب جو ذڪر ٿو آڻي، اتي مثال ڏيندي، هي واقعو لکي ٿو ته

ملڪ گيري جو مدار سڀ کان اول رعيت پروريءَ تي آهي. ائين ڪرڻ سان هڪ ملڪ مان ڏهه ملڪ پيدا ڪري سگهجن ٿا. هتي ڪابه دِهه يا ڪو تپو اهڙو ناهي، جنهن ۾ چار پنج هزار جريب آبادي جي ايراضي نه هجي. بعضي اهو تعداد ويهن ٽيهن هزارن جريبن کان به وڌي ٿو وڃي. پر اها خبر ڪانه ٿي پوي ته هن وقت ان مان ڪيتري ايراضي آباد ٿئي ٿي.

جيڪڏهن رعيت خوشحال ٿي، پوريءَ محنت سان پوکي راهي ۾ لڳي وڃي، مٿس حاڪم جو ڪو به ظلم نه هجي ۽ پاڻ کي صرف بادشاهه جي رعيت ڪري سمجهي، ته اهو ماڻهو جيڪو زور زبردستي سان دل من هڻندي فقط ڏهه جريب آباد ڪري سگهي ٿو سو پنجن سون کان هزارن جريب تائين بلڪ ان کان به وڌيڪ آبادي ڪندو ۽ ڍل ڀريندو رهندو.

مون خود پنهنجي اکين سان اهڙو مشاهدو چانڊڪا پرڳڻي ۾ ڪيو هو، جيڪو بکر جي راڄڌانيءَ ۾ آهي.

اڳين حاڪمن جي عملداري ۾ انهي پرڳڻي مان ٻارهن لک تنڪا (رائج الوقت سڪو) مرادي حاصل ٿيندي هئي، جڏهن محمد علي بيگ بندري بکر جو عملدار ٿيو ته هو رعيت جي سار سنڀال ڏانهن پورو ڌيان ڏيندو رهيو. سندس ايامڪاري ۾ ڪنهن وٽان به ڪا وڌيڪ وصولي نه ڪئي ويندي هئي.

هن ڳوٺ ڳوٺ ۾ وصولي کان اڳ ۽ ان کانپوءِ خبرداري کان ڪم پئي ورتو، جيئن ارباب، رئيس ۽ قانون گو جيڪي بگهڙن جيئان سدائين بکيا آهن، رعيت کي وڌيڪ وصولي جي ٻوهي ۾ نه وجهن، پر جي اهي حساب ۾ ڪا گهٽ وڌائي ڪن يا هٿڙي (گهوٻي) هڻن به پيا ته اها جهٽ پڌري ٿي پوي پئي ۽ انهي مان رعيت کي ڍل ۾ ڇوٽ ڏياري ٿي وئي. پوءِ انهن بدڪردار اربابن، رئيسن ۽ قانون گرين کان حساب ڪتاب وٺي، مٿن ڏنڊ وڌا ٿي ويا، جئن آئينده لاءِ ڪو ٻيو ماڻهو به رعيت سان اهڙي بدديانتي نه ڪري.

جنهن زماني ۾ مرزا عيسى ترخان ٺٽي جو صوبيدار مقرر ٿيو ته ”شرير الملڪ“ محمد علي بيگ به ان جي مدد لاءِ سيوهڻ هليو آيو. مولف جي ساڻس آشنائي هئي، جنهن جي ناتي سان هڪ ڏينهن وٽس ويٺو هوس ته ٽڪر پرڳڻي مان، جيڪو سندس جاگير ۾ هو، ڪو ماڻهو هن وٽ دانهين ٿي آيو ته ”اوهان ٻاجهري جي پوک جي هڪ جريب تي ڏهه تنڪا وصولي رکي آهي پر اوهان جو نائب جاگيردار اسان کان ٻارهن تنڪا وصول ڪري ٿو.“

اهو ٻڌي هڪدم هن پنهنجي منشيءَ کي گهرائي چيو ته ”انهي ڀاڙئي کي لک ته مان رعيت جي دل وٺڻ ٿو چاهيان ۽ تون وري ان جي ٻيڙي ٻوڙڻ جي ڪڍ پيو آهين!، جيڪڏهن تو منهنجي ڏهن تنڪن واريءَ سند کان هڪ پئسو به وڌيڪ ورتو ته توکي انهي ئي هنڌ سوريءَ تي چاڙهيو ويندو، جيئن ٻين لاءِ عبرت جو باعث ٿئي. اهو پرزو انهي مهل مهر هڻي فرياديءَ جي حوالي ڪيو ويو.

هيءُ ٺيڪي تي زمين ڏيڻ واري عمل جي پڻ خلاف هو، جيڪڏهن ڪنهن به ارباب وغيره ويهن هزارن جي پيدائش واري پرڳڻي لاءِ لک رپئي جو ٺيڪو کڻڻ پئي چاهيو ته انڪار ڪري ٿي ڇڏيائين. کيس خبر هئي ته ٺيڪيداري ملڪ لاءِ تباهي جو ڪارڻ بڻجي ٿي، انهي حالت ۾ رعيت پنهنجي حاڪم جي هٿ وس کان نڪري وڃي ٺيڪيدار جي اري چڙهي ٿي، جيڪو پنهنجي مرضي موجب غريب رعايا سان اڙانگوڙيون ڪندو رهي ٿو ۽ ڍل به مسڪين رعيت جي هڏن مان ٿو ڪڍي. صاف ظاهر آهي ته ڪو به ماڻهو لالچ کانسواءِ ٺيڪيداري نٿو ڪري سگهي. سو اها ٺيڪيداري ائين ئي آهي، جيئن ڪنهن سڪل کري کي باهه ڏيڻ سان پهريان ته ان مان چمڪندڙ ڇپون نڪرن ٿيون پر انهي جو نتيجو نيٺ ڌوڙ ڇائيءَ جي صورت ۾ نروار ٿئي ٿو.

اهو محمد علي بيگ هر هفتي ڪچهري لڳائي منصف سان گڏ مفتين ۽ قاضين کي پنهنجي سامهون ويهاري، فريادين جا فيصلا شريعت موجب ڪندو هو، جيئن ڪو به ڏاڍو ڪنهن به هيڻي سان ڪا زيادتي نه ڪري.

سيوهڻ جي علائقي ۾ بکر سميت سميجن انڙن جي شورش پيئي هلندي هئي ۽ انهن چانڊين سان ملي ڌاڙن، ڦرين سان سڄو ملڪ ويران ڪري ڇڏيو هو. هن پنهنجو لشڪر چاڙهي انهن سان اهڙي ڪار ڪري ڇڏي، جو سندس حاڪميت ۾ وري نه بکر جي ڪا پچار ڪيائون ۽ نه ٻئي ڪٿان جي ۽ ماٺ ڪري گهرن ۾ويهي رهيا. بختيار بيگ ترڪمان جهڙو زور آور حاڪم، جنهن جهڙو ٻيو ڪو به سيوهڻ بکر جو حاڪم نه ٿيو. بودلي نالي سميجن انڙن جي سردار کي زوريءَ بکر جي قلعي ۾ وٺي آيو ۽ کيس قيد ڪري ڇڏيائين جيڪو اتي ئي دوزخ جي داروغن وٽ وڃي پهتو.

اهڙي ريت چانڊين جي سردار موندر جي زال ۽ چانڊين هٿان باندي ٿيل ماڻهن کي، سندن راڄ سميت جبل مان هڪالي، بکر جي قلعي ۾ گهلي آيو.آخر جڏهن چانڊين جا سردار ميڙيون وٺي ويا ۽ بکر ۾ ڌاڙن هڻڻ کان بانءِ ڪيائون تڏهن سڀني کي ڇڏيو ويو.

سندس ايامڪاريءَ ۾ مير ابڙي نالي چانڊڪا پرڳڻي جي زميندار درياهه مان وڏو واهه ڪڍرائي رڻ پٽ ۾ آندو، جتي ڪنهن بني بشر جو پير نه پيو هو ۽ اتي ڪيئي ڳوٺ آباد ڪيائين. انهن مان جوکئي هرڻي ۽ مهمير ابڙي جا ئي ٻڌايل وڏا ڳوٺ هئا، تنهن کانسواءِ نندي ابڙي وري پوپٽيءَ جو ڳوٺ آباد ڪيو ۽ ابڙن جو مرشد شاهه علي، جيڪو پاڻ کي مهديجو سڏائي ٿو، تنهن ڪوٽلي نالي ڳوٺ ٻڌايو.

انهن کي ڏسندي سانگين ۽ ابڙن جي ڪيترن ماڻهن، جن جو چانڊڪا پرڳڻي سان تعلق هو، واهيون کوٽي نيون دهون قائم ڪيون. ملڪ جا جيڪي به ڏتڙيل ماڻهو هئا، تن انهي پاسي رجوعات رکي جنهن ڪري سارين ۽ جوارين جون خريف واريون پوکون ڀلئون ڀل ٿينديون ويون. هاڻ لک جريب کان به وڌيڪ آبادي ٿئي ٿي ۽ ربيع جي پوک جو، ڪڻڪ، چڻا ۽ توريون تنهن کانسواءِ انهي پرڳڻي جي جمعبندي ٽيهارو چاليهارو (لک تنڪا) ٿئي ٿي. ساڳئي ريت بکر جي راڄڌاني واري پرڳڻي درٻيلي ۾ به زمينون ڏاڍيون آباد ٿين پيون.

ٻيو، ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته مرزا جاني بيگ ترخان جڏهن ٺٽي ۾ هو ته وٽس پندرهن هزار ارغون، ترخان ۽ ٻيا ماڻهو ملازم هئا. رعيت مان به و يهه هزار سوار پاڻ وٽ رکيا هئائين. مجموعي طرح ڪل پنجٽيهه هزار سوار گڏ ڪري چڪو هو. اهي سڀئي ماڻهو دلئون جانئون پورو سال اڪبر بادشاهه جي فوج سان جنگ ڪندا رهيا. پڇاڙي ۾ وڏن حيلن کانپوءِ مرزا جاني بيگ پيش اچي پيو ۽ بادشاهه جو مطيع ٿي، ٻنهي جهانن ۾ سرخرو ٿيو.

فوج توڙي رعيت جيڪڏهن ٻيئي پنهنجي بادشاهه طرفان سک سانت ۾ آهن ته ڇو نه مٿس جان مال گهوري ڇڏينديون؟

هن ملڪ ۾ رڳو ٺٽي اندر ڪيترا بادشاهي ملازم آهن، جن کي ملڪ جي نگهباني لاءِ ڪم آڻي ٿوسگهجي. جيڪڏهن سڀئي ڦاٽ ۽ گهٽ سوگها ڪيا وڃن ۽ رعيت جي به دلي ورتي وڃي، ته وري اڳوڻو اوج ٿي سگهي ٿو، انهي سان اهو فائدو به ٿيندو ته ٺٽي جي فوج هٿان ڪڇ جي راجا کي زير ڪري يا کانئس آڻ مڃرائي، مٿس بادشاهه لاءِ ”ساليانو“ مقرر ڪرايو وڃي. جيڪڏهن فوج کي اشارو ملي ته ڪيچ مڪران به هٿ ڪري بادشاهه جي اطاعت ۾ آڻي سگهي ٿي.

هن طويل ۽ دلچسپ انتباس سان جيڪي حقيقتون اسان جي اڳيان اچن ٿيون، اهي ڪنهن ٻيءَ تاريخ مان ڪٿي ٿيون حاصل ٿي سگهن!، جهڙوڪ:

(1)                        محمد علي بيگ بندري جي اچڻ کان اڳ چانڊڪا پرڳڻي (هاڻوڪي لاڙڪاڻي ضلعي) جون انتظامي حالتون مغل شاهي ڪارندن خراب ۽ زبون ڪري ڇڏيون هيون.

(2)                       مغل ڪارندا، ارباب، رئيس ۽ قانون گو نهايت ئي بدڪردار ۽ ظالم هئا، جن کي يوسف ميرڪ انهن خصلتن جي ڪري بگهڙن سان مشابهت ڏني آهي.

(3)                       اهي راهڪن سان وڏا ڪيس ڪندا ۽ رشوت طور مقرر ٿيل ڏن کان وڌيڪ کانئن ڍل اڳاڙيندا هئا.

(4)                       مغل جاگيردار يا حاڪم پنهنجي نااهليت سبب پرڳڻا، ڳوٺ ۽ پوکيل ٻنيون ٺيڪي تي ڏيئي ڇڏيندا هئا، جنهن جو نتيجو اهو نڪرندو هو ته رعيت جا لڳ لاڳاپا حاڪم يا جاگيردار کان ٽٽي ٿي ويا ۽ ٺيڪيدارن فقط پنهنجيءَ مرضيءَ موجب انهن کان ڳريون ڍلون ۽ اوڳاڙيون ڪڍندا ٿي رهيا پر حيلي بهاني انهن کي تنگ به ٿي ڪيائون، تنهن ڪري رعيت ويچاري پوک جي پچر ئي ڇڏي ٿي ڏني ۽ ملڪ ڀينگ ٿيندو ٿي پئي ويو. هن باري ۾ يوسف ميرڪ جو هي تجربو هو ته

ٺيڪيداري وارو عمل ملڪ لاءِ بربادي جو ڪارڻ آهي.....

 ٺيڪيدارن کي جيئن وڻي ٿو تيئن زيادتيون ڪندا رهن ٿا.....

جيڪڏهن لالچ جو ڪو دخل نه هجي ته ڪو به ماڻهو شايد ٺيڪيداري جي هام نه هڻي.

پڇاڙي لکي ٿوته اها ٺيڪيداري ائين آهي، جيئن ڪنهن سڪل کري کي باهه ڏيڻ سان پهريان ته ان مان چمڪندڙ ڄڀيون نڪرن ٿيون پر انهي جو نتيجو نيٺ ڌوڙ ڇائيءَ جي صورت ۾ نروار ٿئي ٿو.

(5)                       هر هڪ دهه ۽تپي جي زمين جو تعداد چئن پنجن هزارن جريبن کان مٿي هو.

(6)                       چانڊڪا (هاڻوڪو لاڙڪاڻوضلعو) جيڪو بکر جي راڄڌاني جو هڪ پرڳڻو هو، تنهن مان ٻارنهن لک تنڪا ڍل وصول ٿيندي هئي.

(7)                       هر جريب تان ڏهه تنڪا سرڪاري ڍل وصول ڪئي ٿي وئي.

(8)                       پوک جي جمعبندي ۽ پوک جي وصولي توڙي ٻئي انتظام لاءِ عامل، ارباب، رئيس، قانون گو ۽ شقدار (نائب جاگيردار)مامور هئا.

(9)                       ڍل في جريب جي حساب سان ورتي پئي وئي، جنهن ۾ وقت بوقت ڪمي پيشي ٿيندي پئي رهي، يعني اهو نرخ تبديل ٿيندو پئي رهيو.

(10)                    عدل انصاف جي کاتي ۾ قاضي، مفتي ۽ مصنف جون ٽي آساميون هونديون هيون. حاڪم کي پڻ اهڙو اختيار هو ته هو عدالت جي عملدارن کي پاڻ وٽ گهرائي اجلاس ڪرائي ٿي سگهيو.

(11)                    محمد علي بيگ بندري پنهنجي ايامڪاري ۾ بروقت ئي بگڙيل انتظام کي درست ڪري، مقرر ٿيل قانون تحت ماڻهن کي حڪم جي تعميل جو پابند بڻائي ڇڏيو. رعيت جي دلورتائين ۽ ڍل وغيره جي ايتري حد مقرر ڪيائين جو ماڻهو آرام ۽ اطمينان سان پوک ۽ ملڪ جي آبادي ڏانهن مائل ٿيندا ويا.

ڪنهن ماڻهوءَ کي به ان زماني ۾ اها طاقت نه هئي ته دستور جي خلاف آبادگارن کان ڪا پائي به وڌيڪ وصولي ڪري سگهجي. هڪ دفعي ڪنهن ڪڙميءَ کيس اچي دانهن ڏني ته ڪن عملدار مقرر ٿيل ڍل کان ٻه تنڪا وڌيڪ وصول پيوڪري، تنهن تي محمد علي بيگ نه رڳو نائب جاگيردار کي تنبيهه ڪئي پر آئيندي لاءِ به کيس چتاءُ ڏيئي ڇڏيائين ته جيڪڏهن هو هڪ پائي به وڌيڪ وصول ڪندو ته کيس انهي هنڌ تي ڦاهيءَ چاڙهيو ويندو.

محمد علي بيگ اهڙو انتظام ڪري ڇڏيو هو، جو کيس هر هڪ دهه ۽ تپي مان ڍل وصول ٿيڻ وقت يا وصولي کانپوءِ اتان جي صحيح حالتن جو پتو پئجي ٿي ويو، ان ڪري وصولي ۾ ڪنهن به گهٽ وڌائي ٿيڻ جو امڪان نٿي رهيو.

هن کي جيڪڏهن ڪنهن ملازم بابت ڪا شڪايت ملندي هتي ته ان تي وڏا ڏنڊ وجهي ڇڏيندو هو. ٺيڪي تي زمين ڏيڻ جو رواج به بند ڪري ڇڏيو هئائين. جيئن رعيت ٺيڪيدارن جي ظلمن کان محفوظ رهي.

(12)   مير ابڙي نالي هڪ زميندار چانڊڪا پرڳڻي ۾ وڏو ۽ ويڪرو واهه کوٽايو، جيڪو درياهه مان پاڻي ڇڪي انهن علائقن ۽ برن پٽن ۾ پهچائيندو هو جتي ڪڏهن به ڪا آبادي ڪانه ٿي هئي نه وري اتي پوکي راهيءَ جو ڪو سوال پيدا پئي ٿيو.

انهن ويران علائقن کي آباد ڪرڻ کانپوءِ اتي نوان ڳوٺ ٻڌرايا ويا، جن مان مير خان ابڙي جوکي هرڻي ۽ منهن نالي ڳوٺ ٻڌرايا، ندي ابڙي پوپٽيءَ جو ڳوٺ آباد ڪيو ۽ شاهه علي ابڙي ڪوٽلي جو ڳوٺ ٻڌرايو.

اهڙي طرح چانڊڪا جي علائقي کي اتان جي هر قوم ۽ هر قبيلي آباد ڪيو، ڪيترا شهر اڏجي ويا ۽ ڪيئي واهه کوٽايا ويا. ابڙن، سانگين ۽ سميجن جي قبيلن جي چانڊڪا پرڳڻي ۾ گهڻائي هئي ۽ اهي مال ملڪيت وارا به هئا.

(13)  انهن ڪوششن جي ڪري خريف جو فصل، سارين توڙي جوارين جو ڀلو ٿيڻ لڳو ۽ هڪ لک کان به وڌيڪ ايراضي ٻنهي جنسن مان پوکجڻ لڳي. اهڙي ريت سرڪاري ڍل ۾ به چاليهه فيصدي واڌارو ٿيو.

(14)  ترخاني دور ۾ فوج جو جيڪو تعداد هو سو اڄ تائين معلوم ٿي نه پئي سگهيو. هي ڪتاب ئي آهي، جنهن مان پتو پوي ٿو ته مرزا جاني وٽ ارغون ۽ ترخان قبيلي جا پندرهن هزار سوار موجود هئا ۽ مقامي ماڻهن سان پڻ ويهه هزار فوج وٽس هئي. اها پنجٽيهن هارن جي فوج پوري هڪ سال تائين اڪبر جي فوجن جو زوردار مقابلو ڪندي رهي.

(15)   انهي مقابلي دوران ٺٽي ۾ مولف جي ڏينهن ڌاري مغل فوج جي ڏاڍي خراب حالت هئي. ان جي ڪابه نگهباني نه پئي ٿي. ٿاڻا توڙي چوڪيون مضبوط نه هيون. فوج ان حد تائين پنهنجيون وايون بتال ڪري چڪي هئي، جو ان کي دم دلاسي جي ترت ضرورت محسوس ڪئي ٿي وئي.

اهڙي طرح مولف پهرئين حصي جي ٽئين باب جي ٽئين فصل ۾، جيڪو صوبه دارن جي تربيت بابت آهي، بادشاهه کي مشورو ڏيندي لکي ٿو:

”اهو نهايت ضروري آهي ته صوبه داريءَ جي بدل سدل ڪرڻ ۾ اچي. شروعات ۾ جيئن خريف جو فصل اڃا ڪچو هجي ته ٻئي صوبه دار کي اتي آندو وڃي، جيڪو پنهنجا ماڻهو سرحدن تي مقرر ڪري ۽ ملڪي حالتن کي ضابطي ۾ آڻي. ان کان پوءِ اڳئين صوبه دار کي ٻئي هنڌ اماڻيو وڃي. ائين نه ٿئي جو نئون صوبه دار فصل جي لهڻ کانپوءِ اچي واڳ وٺي ۽ اڳيون صوبه دار انهي کان اڳ چوڪس ٿي وڃي ۽ بيدليءَ وچان فصل جي سنڀال نه ڪري، جيئن پنهنجي ايامڪاريءَ ۾ سندس ريت هئي. انهي مان رعيت جو به نقصان ٿئي ٿو. ٻئي صوبه دار جي اچڻ سان به ڪيئي گهٽ وڌايون ٿيڻ لڳن ٿيون. خود غرض ماڻهو وقتجو فائدو وٺي، نئين صوبه دار جي ڪارندن سان بدعملي جو مظاهرو ڪرڻ لڳن ٿا، جنهن ڪري رعيت توڙي انهي صوبي جي ٻي خلق پريشان ٿئي ٿي.

ٻيو هيءُ ته ان صوبه دار کي (جنهن جو صوبو آباد ۽ پيداوار وارو هجي) ٻئي صوبي ڏانهن بدلي ڪرڻ جي حالت ۾ يقين آهي ته بادشاهه کي ان صوبي جي سرحدي سپاءُ ۽ صوبي جي پيداوار بابت امين جي ذريعي سڀ خبر هوندي، انهيءَ صورت ۾ صوبي جي پيداوار کي سرحدي سپاءَ جي اندازي سميت ڌيان ۾ رکڻ ضروري آهي.

جيڪڏهن صوبي جي پيداوار مان سپاه جي پورائي ٿي سگهي ٿي ته پوءِ صوبه دار جي پهرين جاگير بدلائي کيس ٻئي صوبي ۾ جاگير ڏني وڃي، جيئن سهڻي نموني پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيئي سگهي. پر جيڪڏهن انهي صوبي جي پيداوار سپاه جي پورائي مطابق نه آهي ته ان کي اڳئين جاگير تي رهڻ ڏنو وڃي. کيس بدلي ڪرڻ حڪومت لاءِ مناسب ناهي. بلڪه ان کي اڳين جاگير تي ڇڏيو وڃي، جيئن لشڪر ۽ عام ماڻهو سندس تصرف هيٺ رهن. ٻئي پاسي جيڪڏهن ان کي ڪنهن ٻئي صوبي ۾ موڪلڻ جي ضرورت هجي ته منشي ۽ ديوان ساڻس گڏ چورا ڪاريءَ واري ملڪيت به هٿ ڪري سرڪاري خزاني ۾ آڻي ڇڏي. جڏهن اهو صوبو اُڳاڙجي وڃي ۽ آباد ٿي رهي ته پوءِ ان صوبه دار کي اڳين جاگير بدران نئين صوبي ۾ ٻي جاگير ڏني وڃي، جنهن مان هو پنهنجي پگهار جو پورائو ڪري، جيڪڏهن ائين نه ڪيو ويندو ته هن لاءِ ڪيئي ڏکيائيون پيدا ٿي پون ٿيون. اڳيون سپاه کانئس الڳ ٿي وڃي ٿو ۽ نوان ماڻهو سندس هٿ وس رهي نٿا سگهن. سپاه کي پگهار ضرور ڏيڻ کپي. ان حالت ۾ جڏهن صوبي جي پيداوار مان ان جي داڻي پاڻي جي پورت ٿي نٿي سگهي ته اهو صوبو کيس ڏوڪڙ ڪٿان ڏيندو؟ البته هو پهرين وانگي جيئن تيئن ڪري منهن پيو ڏيندو. هن باري ۾ جيڪڏهن ڪا ڳڻ ٿي، ته ٺيڪ نه ته ڪو چاڙهو نه ٿيندو“.

مٿينءَ عبارت مان نه فقط هيءَ خبر پوي ٿي ته ان دور ۾ صوبه دارن جون بدليون ڏاڍي اڍنگي نموني ٿينديون هيون، جنهن ۾ ڪو به اصول يا قانون روا نٿي رکيو ويو. ان لاءِ مولف پنهنجي ڀاءُ (ابوالبقا) جي تبادلي جو داستان مثال طور پيش ڪيو آهي، جيڪو پڙهندڙن جي معلومات ۾ نئون اضافو ڪري ٿو. هن لکيو آهي ته

مون ٺٽي صوبي جي تبديليءَ وقت پنهنجي ڀاءُ ابوالبقا جي حالت ڏٺي، جنهن کي جهوناڳڙهه طرف بدلي ٿي وڃڻ جو حڪم مليو هو، ٺٽي جي ايامڪاري ۾ هن وٽ پندرهن سو اهڙا ڪارائتا ماڻهو موجود هئا، جڪي بادشاهي حڪم جي چڱيءَ طرح پيروي ڪري پئي سگهيا. جڏهن کين جهوناڳڙهه اُسهڻ جي سُڌ پيئي ته انهن مان هڪ هزار ماڻهو ٺٽي مان ئي ابوالبقا کان الڳ ٿي ويا، ڇاڪاڻ ته هنن کي سورٺ صوبي جي مهانگائي ۽ ڀينگ جي ڀُڻڪ پئجي چڪي هئي.

پنج سو ماڻهو جيڪي ڏهن ويهن ورهين کان وٽس رهندا ٿي آيا، تن کي ٻن مهينن جي پيشگي پگهار چڱن واڌارن سان ڏيئي، پنهنجي وڏي پٽ ضياءُ الدين يوسف سان گڏي اوڏاهن اُماڻيائين ۽ پاڻ انهن جي پٺيان بدين آيو. جڏهن ضياءُ الدين يوسف جهونا ڳڙهه کان اولهه پاسي روانو ٿيو ته چار سئو پنجاهه ماڻهو جيڪي ابن ڏاڏن کان سندن خانداني خادم هئا، پويان پير ڪري وٺي ڀڳا ۽ ٺٽي اچي ساه پٽيائون. باقي لشڪر کانسواءِ پنجاهي ماڻهو دل ٻڌي ساڻس ساٿ ڏيڻ لڳا، انهي واقعي جي ڪري سپاه ۾ بيدلي پيدا ٿي ۽ ابوالبقا گهڻيءَ آئيءَ ۾ اچي ويو. ليڪن هن دل نه لائي ۽ پاڻ ست، اٺ سئو ٻيا ڪارگر ماڻهو مٽن مائٽن ۽ قديم ماڻهن سان ميڙي سيڙي سورٺ صوبي ڏانهن روانو ٿيو. آخر مولف ڪڇ جي هڪ ڳوٺ رحمان مان ان کان موڪلائي سنڌ ۾ واپس آيو.

جيڪڏهن مير ابوالبقا جون پراڻيون جاگيرون جيڪي ٺٽي جي ايامڪاريءَ ۾ وٽس هيون سي بدستور برقرار هجن ها ۽ پوءِ اها خدمت کيس سونپي وڃي ها ته هو سهڻي نموني حڪم جي تعميل ڪري سگهي ها. ڇو ته ائين ڪرڻ سان اڳيون سپاه هن کان ڪڏهن به اڳ نه ٿئي ها. نه وري کيس ڪا ڏکيائي درپيش اچي ها. اهو ان ڪري جو هن جو اڳيون سپاه سندس قديم جاگيرن ۾ سک سانت سان گذاريندو ٿي رهيو ۽ پگهار جي ٿوري اضافي سان پنهنجا ٻار ٻچا گهرن ۾ ڇڏي هر هنڌ خدمتون سرانجام ڏيندو پئي رهيو.

هاڻ به اميد آهي ته خدا جي فضل ۽ بادشاهه جي اقبال سان سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو.

مٿئين عبادت ۾ مير ابولالبقا امير خان جي باري ۾ مولف جيڪي ڪجهه بيان ڪيو آهي سو نهايت اهم سمجهيو وڃي ٿو. اهي خبرون هن ئي ڪتاب مان پئجي سگهيون آهن. معلوم ٿئي ٿو ته

(1)         امير خان ٺٽي مان بدلي ٿي جهونا ڳڙهه ويو. ٺٽي ۾ هن وٽ پندرهن سئو کن سپاهي ملازم هئا، جڏهن سندس بدلي ٿي ۽ سپاهين جهونا ڳڙهه جي مهانگائي ۽ ڀينگ جا واقعا ٻڌا ته هڪ هزار ماڻهن ٺٽي ۾ ئي پنهنجي ملازمت تان هٿ کڻي ڇڏيو. باقي پنج سئو ماڻهو جيڪي ڏهن ويهن ورهين کان سندس لاڳيتا ملازم هئا، تن مان به ساڍا چار سئوماڻهو عين موقعي تي ضيا الدين يوسف جو ساٿ ڇڏي رَمندا رهيا. پڇاڙيءَ پنجاهي قديمي ۽ خانداني ماڻهو وٽس وڃي رهيا، جيڪي کانئس الڳ ٿيڻ وارا نه هئا.

(1)         مير ابوالبقا ٻيهر پنهنجي خانداني ماڻهن مان ست اٺ سو سپاهي ڀرتي ڪيا، جن کي هو پاڻ سان وٺي ويو. يوسف ميرڪ رڻ ڪڇ جي ڳوٺ رحمان مان پنهنجي ڀاءُ کان موڪلائي سنڌ ۾ واپس آيو.

(2)        مغل اميرن جي سپاهه يا ملازمن کي پگهار ملڻ جي سلسلي ۾ حاڪمن تي ڪو به ويساهه نه هو. هنن کي هر مهيني پگهار ملڻ جي ڪابه پڪ نه هئي. هو ڏسندا هئا ته جنهن امير سان سندن واسطو آهي، جيڪڏهن انهي جون ڪافي جاگيرون آهن ۽ انهن مان ايتري آمدني ٿيندي جنهن مان کين پگهارون ملي سگهنديون، ته هو انهي امير وٽ رهندا هئا، نه ته ڀڄي جان ڇڏائيندا ٿي ويا. اهو ئي سبب هو جو امير خان کان جڏهن ٺٽي واريون جاگيرون واپس ورتيون ويون ۽ ٻئي پاسي سپاه کي جهوناڳڙهه جي مهانگائي ۽ ڀينگ بابت ڀڻڪ پيئي ته هو ڀڄڻ تي مجبور ٿي ٿيو. اهائي بي اعتمادي هئي، جنهن جي ڪري سپاهين کي بعضي ٻن ٽن مهينن جي پيشگي پگهار ڏيڻي ٿي پئي.

(3)        تنهن زماني ۾ جهونا ڳڙهه وڃڻ جو رستو هن ريت هو: بدين کان رحمان ڳوٺ، ڪڇ جو رڻ، پوءِ ڪڇ ٽپي جهونا ڳڙهه پهچڻو پوندو هو. هي اهو ئي خشڪيءَ جو رستو آهي، جو اڄ به بدين کان ڪڇ تائين وڃي ٿو.

 

متن جي تياري ۽ درستي

خطي نسخا:

جيئن اڳ ۾ ٻڌايو ويو ته ”مظهر شاهجهاني“ جا هيلتائين ٻه نسخا هٿ اچي چڪا آهن: هڪ اهو نسخو جيڪو مولف جي ذاتي ملڪيت هو، جنهن کي ڪي سال اڳ پنجاب يونيورسٽيءَ مرحوم سراج الدين ”آذر“ جي پوين وٽان خريد ڪيو هو. هي اهو ئي نسخو آهي جو ڊاڪٽر محمد ناظم مرحوم جي ذريعي مون کي مليو ۽ مون انهي وقت ان جي فوٽو ڪاپي ڪڍرائي هئي، انهي ئي نسخي کي هتي بنيادي متن جي حيثيت ڏني وئي آهي


(1)   شريف الملڪ، جيڪو شهزادي شهريار پاران ٺٽي جو نائب هو.

(1)   ورق 42 کان 47.

(2)   قانون گو، تپيدار يا پٽواري.

(1)   اهو واهه اڃا تائين ”ميرواهه“ نالي موجود آهي.

(1)   ورق 89-2 کان ورق 91-1 تائين.

(1)  جهونا ڳڙهه جي سڄي علائقي کي ”سورٺ“ سڏيو وڃي ٿو.

(2)   اُن زماني ۾ جهونا ڳڙهه ڏانهن بدين وٽان وڃڻو پوندو هو.

(3)  شايد اوٺه هوندو.

(1)  ورق 19-1 کان 92-2 تائين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org