ٻيو نسخو اهو آهي، جيڪو مون کي قطعي طرح پهرين
نسخي جو نقل ٿو معلوم ٿئي ۽ پنجاب يونيورسٽي جي
خطي ذخيري ۾ موجود آهي، ان نسخي کي مون متن جي ڀيٽ
لاءِ ڪتب آندو آهي، ليڪن ٻنهي جي عبارت ۾ ڪو خاص
اختلاف نظر نه آيو. هيٺين سٽن ۾ ٻنهي نسخن جي
ڪيفيت پيش ڪئي وڃي ٿي.
نسخو پهريون
تقطيع 2/1-5X
2/1-8 هر صفحو 13 سٽون، خط هندي نسخ نهايت صاف ۽
پڌرو. سڄو ڪتاب هڪ ئي ڪاتب جو لکيل آهي. ڪاغذ
ديسي، اوٺي رنگ جو ٿلهو ۽ مضبوط، جنهن جي تازگي
اڃا تائين قائم آهي. صفحا جدوان سان ۽ عنوان ڳاڙهي
مس سان لکيل آهن. پهرئين صفحي جي پيشاني تي معمولي
ڪم ٿيل آهي. ورق 407، (صفحا 814).
قسم اول (پهريون حصو) ورق 4-2 کان شروع ٿي 228-2
تي ختم ٿئي ٿو ۽ قسم ثاني (حصو ٻيو) انهي ورق جي
پڇاڙيءَ وارين، ٻن سٽن کان شروع ٿي 704-2 تي ختم
ٿئي ٿو. ديباچو 1-2 کان 4-1 ورقن تي لکيل آهي، ان
کان سواءِ شروعات ۾ ٻه ورق ٻيا آهن، جن تي مضمونن
جي فهرست ورقن جي حوالي سميت ڏنل آهي.
ڪتاب جي پهرئين ورق جي ٻاهرئين صفحي تي مختلف
عبارتون درج آهن، جن مان هڪ عبارت پنهنجي مفهوم جي
لحاذ کان خود مولف جي پنهنجي هٿ سان لکيل معلوم
ٿئي ٿي. اهو ئي سبب آهي، جو اسان انهيءَ نسخي کي
مولف جو نسخو تصور ڪري رهيا آهيون، اها عبارت هن
ريت آهي:
(1)
هو الفياض
(2)
قد
وقفت على يد اڪبر ابناءِ الاخ الڪبير ابي البقا.
(3)
الملقب به امير خان سلمه الله تعالى.
(4)
بل افضلهم بالتحقيق ضياءَ الدين.
(5)
يوسف في شهور.
(6)
ثماني و اربعين.
(7)
والف من
(8)
الهجرت النبوبه.
(9)
عليه افضه......
(10)
الصه .....
مؤلف هيءَ عبارت لکي، ڪتاب، تاليف کان گهٽ وڌ پنج
سال پوءِ 1048هه ۾، پنهنجي وڏي ڀاءُ ابوالبقا امير
خان جي وڏي پٽ ضياءُ الدين يوسف کي ڏنو آهي.
انهي صفحي جي مٿان هڪ ڪنڊ ۾ هيءَ عبارت ملي ٿي:
(1)....تاريخ 16 شعبان 39
(2) ...جمع کن
(3) ....محبت
ساڳيءَ عبارت جي وچ ۾ لکيل آهي:
(1)
بتاريخ 10 صفرالمظفر 1284 هجري نبوي
(2)
داخل ڪتب خانه نموده شد
انهن ٻن سٽن جي هيٺان خط طغرا ۾ دستخط ٿيل آهن،
جيڪي ”اشرف محمد عفي عنه“ پڙهڻ ۾ اچي ٿا.
انهي صفحي جي پاسي ۾ هڪ مُهر آهي، جيڪا دستور موجب
ميٽي ويئي آهي ۽ پوري ريت پڙهڻ ۾ نٿي اچي. ان جي
هيٺان هيءَ عبارت آهي:
(1)
تاريخ غره ربيع الثاني 8
(2)
ديده
شد
ڪتاب جي اختتام واري جا عبارت آهي، تنهن جي هيٺان
هڪ ئي ماڻهوءَ جون ٻه مهرون لڳل آهن، جن جي عبارت
هيءَ آهي:
موسس الدوله، اساس الملڪ
مرزا فاضل بيگ خان جنگ بهادر
ٻنهي مهرن تي سال 1288هه اڪريل آهي.
نسخو ٻيو
هي نسخو ”دستور العمل“ جي غلط نالي سان پنجاب
يونيورسٽيءَ جي ڪتب خاني ۾ 71-111
PH
نمبر تي موجود آهي. تقطيع 5X9
ورق ڪل 300. ان جي يارهين ورق تي مختلف ماپن جون
ٽي مهرون لڳل آهن، جن تي محمد رب نواز خان اُڪريل
آهي. هڪ مهر تي 1234 هه، ٻيءَ تي 1200هه، (؟) ۽
ٽينءَ تي 1255 هه لکيل آهي.
اهي ٽيئي مهرون ڪتاب جي پوئين صفحي تي پڻ موجود
آهن. خط معمولي نستعليق، ڪاغذ اوٺي رنگ جو ٿلهو،
ديسي ڪتب آيل آهي.
هن نسخي جا ڪي ورق گم ٿيل آهن، جن جي اسان مٿن ۾
نشاندهي ڪئي آهي. عبارت جي اختلافن درستي ڪندي متن
جي حاشين ۾ ان نسخي کي (پ) جي نشان سان پڌرو ڪيو
ويو آهي.
ڪتاب جي شروعات:
جيئن ته هن ڪتاب جو رڳو ٻيو حصو ڇپايو وڃي ٿو، ان
ڪري موقعي جي مناسبت سان ڪتاب جي ابتدائي عبارت
يعني پهرئين حصي جي شروعات واريون ڪي سٽون هتي درج
ڪجن ٿيون.
حمد است مرخالقي را ڪه انسان را براي معرفت خود
آنريده چنانچه در ڪلام مجيد خود فرموده ڪه؛ و ما
خلقت الجن و الانس الاليعبدون ــــ يعني آفريدم من
جن و انس را مگر براي آنکه بشناسند مرا. و نيز در
حديث قدسي آورده ڪه؛ ڪنت ڪنزا مخفيا فاجئت ان
اعراف فخلقت الخلق لاعرف ـــ يعني من خداوندم گنجي
پنهان بودم و غير من عالم بحال و عارف به جلال و
کمال نبود. و دوست ميداشتم که مرا بشناسند، پس
مخلوق را آفريدم تا شناخته شوم و بادشاهان را
برخلائق خود نگهبان و راعي ساخته که هر آئنه در
شعاع دولت ايشان، هيچ قوي بر ضعيف ستم نکند .....
الخ.
ترجمو:
شڪرانا انهي خالق جا جنهن انسان
ڪهي پنهنجي سڃاڻپ لا پيدا ڪيو جيئن پاڻ ڪلام مجيد
۾ فرمائي ٿو: مون جنن توڙي انسان کي پنهنجي سڃاڻپ
(عبادت) لاءِ خلقيو آهي. حديث قدسيءَ ۾ پڻ آيل آهي
ته مان (خدا) خزاني وانگي مخفي هوس، مون کانسواءِ
ڪائنات ۾ ڪا بحالي نه هئي، عارف لاءِ به ڪو جلال
يا ڪمال نه هو، مون پنهنجي سڃاڻپ لاءِ مخلوق کي
پيدا ڪيو ۽ بادشاهن کي ان جو نگهبان ڌنار بڻايم
جيئن ڪڏهن به ڪو ڏاڍو ڪنهن هيڻي تي ظلم نه ڪري.
متن جي اشاعت جو احوال:
هي ڪتاب جيئن ته سنڌ جي تاريخ جي سلسلي ۾ غير
معمولي اهميت رکي ٿو، ان ڪري هن کي ترتيب ڏيڻ وقت
مون چاهيو ٿي ته مولف جيڪي اشارا ڏنا ويا واقعا
بيان ڪيا آهن، يا پوکي راهي، ڍل، دستور العمل،
جنسن ۽ ناپ تور بابت جيڪي ڳالهيون لکيون آهن يا هن
جن قبيلن ۽ ماڻهن جو ذڪر ڪيو آهي، يا ڪي
جاگرافيائي نالا ۽ هنڌ لکيا آهن، يا هو پنهنجي
عبارت ۾ جيڪي مقامي يا غير مقامي لفظ يا محاورا ۽
اصطلاح استعمال ڪري چڪو آهي، تن سڀني تي مفصل
حاشيا ۽ وضاحتي نوٽ لکان، پر پوين ٻن ٽن سالن
دوران صحت جي خرابي ۾ مبتلا رهڻ جي ڪري افسوس اٿم
جو آءُ ائين ڪرڻ کان معذور رهيس، بلڪ ڇپيل متن به
ٻن ورهين تائين مهاڳ وغيره نه لکڻ سبب رُڪيل رهيو.
بهرحال ان مجبوري جي باوجود به مون حسب خاطر خواهه
نه سهي ته به ڪنهن حد تائين جتي ڪٿي ضروري حاشيا
لکي ڇڏيا آهن. سنڌي نالن توڙي ماڳن جون سنڌي ۾
املائون پڻ ڏنيون اٿم. بعث تاريخي آثارن، ڳوٺن ۽
ماڻهن بابت به حاشيا لکيا ويا آهن. ليڪن مڪمل طرح
هيءَ عملي مهم سرانجام ڏيڻ ڏاڍي ڏکي ۽ محنت طلب
هئي. ضرورت هئي ته جن قبيلن جو ذڪر آيو آهي تن جي
مختصر تاريخ ۽ نسب ناما به شامل ڪجن ها، پر ڇاٿو
ڪري سگهجي. ان حالت ۾ جڏهن انسان واقعن ۽ حالتن جي
ناسازگاري سبب مجبور ٿي ويندو هجي؟ اهڙي سمي سواءِ
ان جي ٻيو ڪو چارو نٿو رهي ته هر درد سر جو قصو
مختصر ڪجي. انهي عالم ۾ مون کي به گهڻيءَ حد تائين
ڪوتاهه قلميءَ کان ڪم وٺڻو پيو. بهرحال اهي سڀ
شيون ۽ ضرورتون پنهنجي جاءِ تي ايتريون اهم آهن،
جو وري جڏهن هن ڪتاب جي ٻي ايڊيشن تيار ڪرڻ ۾ آئي
ته انهن سڀني ڳالهين جو خيال رکڻ لازمي ٿيندو،
جيئن ٻئي ايڊيشن وڌيڪ جامع ۽ مڪمل بڻجي وڃي، بلڪه
ان وقت ضرورت ان ڳالهه جي به ٿيندي ته پهرئين حصي
کي پڻ ان سان شامل ڪيو وڃي، جو بجاءِ خود حڪمراني
نظام جي ڪتابيات جي هڪ اهم ڪڙي آهي.
فهرستون ۽ شجرا:
ڪتاب جي پڇاڙي ۾ مختلف فهرستون ڏنيون ويون آهن،
مثلا ماڻهو، جاگرافيائي ماڳ ۽ قومون قبيلا ۽ ڪتابن
جا نالا، ان کانسواءِ مخصوص مقامي مغاون ۽ لفظن جي
جدول به ڏني وئي آهي، جيڪي مولف هر هنڌ ڪتب آندا
آهن.
انهن فهرستن سان گڏ ٻه ٻيون فهرستون به شامل آهن:
هڪ سنڌي قومن ۽ قبيلن جي ۽ ٻي انهن جاگرافيائي
ماڳن ۽ شهرن جي، جن جو خاص ڪري سنڌ سان لاڳاپو
آهي. مهاڳ جي پڇاڙي ۾ مولف جي خاندان جو شجرو به
ڏنو ويو آهي. جيئن پڙهندڙن کي هن خانوادي جي
رشتيدارن جي به خبرچار پئجي سگهي.
انهي شجري کان علاوه ٻه ٻيا نسب ناما به ڏنا ويا
آهن، جيڪي نورجهان بيگم جي خاندان بابت آهن. هڪ ۾
هن جي مادري سلسلي (نانگ) ۽ ٻئي ۾ سندس پدري سلسلي
(ڏاڏنگ) کي اجاگر ڪيو ويو آهي. پڙهندڙ ٻنهي شجرن
مان ڄاڻي سگهن ٿا ته هي هڪ قافلو هو، جو بي سرو
ساماني جي عالم ۾ ايران کان ڪهي اچي هتي پهتو. هن
پنهنجي رشتيدارين جي ڪڙين ۾ ڪهڙن ڪهڙن شاهن ۽
شهزادن، اميرن ۽ امير زادن کي جڪڙي، اڳوڻي هند سنڌ
جي سرزمين جي سياست توڙي حڪومت کي پنهنجي اقتدار
هيٺ آندو هو، انهن ٻنهي شجرن جي ترتيب لاءِ راقم
الحروف کي ڪيئي ڪتاب نظر مان ڪڍڻا پيا، جن مان ڪن
جا نشان نسب نامن ۾ ڏنا ويا آهن، جيئن هن خاندان
جي فردن تي جيڪڏهن ڪو صاحب ڪم ڪرڻ گهري ته ان لاءِ
آساني رهي.
هن ۾ هڪ جدول ٻي به آهي جا مهاڳ جي پڇاڙي ۾ اچي
ٿي، جنهن مان سنڌ جي انهن خاص واقعن جون تاريخون
ملن ٿيون، جيڪي انهي دور ۾ ٿي چڪا هئا، جنهن سان
”مظهر شاهجهاني“ جو تعلق آهي.
شڪرگذاري:
پڇاڙيءَ ۾ سڀ کان اول آءٌ پنهنجي مرحوم شفيق محمد
ناظم جي حق ۾ دست بدعا آهيان ته رب پاڪ ان مرحوم
مغفور کي پنهنجي اڪيچار رحمتن ۽ بخششن مهابي فردوس
مڪاني ۽ جنت آشياني بڻائي. حقيقت ۾ اهڙا ئي نيڪ،
پاڪيزي اخلاق ۽ ڪردار جا انسان بهشتين مان آهن، هي
ڪتاب انهي ئي مرحوم جي مهرباني سان مون تائين ڇا
پهتو، ڄڻ عدم مان عالم وجود ۾ آيو. ان کانپوءِ مون
تائين ڇا پهتو جن عدم مان عالم وجود ۾ آيو. ان کان
پوءِ مون تي لازم آهي ته آءٌ پنهنجي بزرگ ڀاءُ پير
علي محمد راشديءَ جو ٿورائتو ٿيان، ان لاءِ ته
جڏهن هي ڪتاب فقط هڪ ڏينهن لاءِ مليو ته هن انهي
هڪڙي ئي ڏينهن ۾ سوين رپيا خرچ ڪري سڄي ڪتاب جون
تصويرون ڪڍرائي مون کي عنايت ڪيون هيون. آءٌ
پنهنجي عزيز دوست ڊاڪٽر محمد عبدالله چغتائي جو پڻ
شڪرگذار آهيان، جو جڏهن خطي نسخا اڃا مون وٽ نه
پهتا هئا ته هن پنهنجو قيمتي وقت سيڙائي اتي ئي
لاهور ۾ منهنجي مسودي جي ڪن عبارتن جي اصل نسخن
سان ڀيٽ ڪري درستي فرمائي هئي، انهي کانپوءِ
پنهنجي همڪار ۽ رفيق جناب حبيب الله صاحب، رُشدي
جو احسان مند آهيان، جنهن نه فقط ڇپائي ۽ پروفن
ڏسڻ ۾ پوري ذميواري پاڻ تي کنئي پر سڄي انڊيڪس به
ٺاهي جوڙي ڪتاب ۾ شامل ڪيائين. خدا پاڪ انهن سڀني
عزيزن کي اجر خير عطا ڪري.
حرف آخر:
هي ڪتاب سنڌ جي تاريخ جي سلسلي ۾ وڏي اهميت رکي ٿو
۽ خصوصي مواد جي اعتبار کان به سڀني سنڌي تاريخن ۾
ممتاز ۽ افضل آهي، ان ڪري مان پنهنجي هم وطن حضرات
۽ سنڌ جي تاريخ ان دلچسپي ۽ همدردي رکندڙ سڀني
ٻاهرين تاريخ جي عالمن مان اها اميد رکان ٿو ته هو
هن ڪتاب جي ورقن ۾ سنڌ جي ماضيءَ جي صحيح تصوير
ذهن نشين ڪرڻ جي ڪوشش فرمائيندا.
ڪراچي - حسام الدين
راشدي
12- فيبروري 1961ع
25- شعبان المعظم 1380هه
آچر ڏينهن 10 وڳين صبح.
حوالي جا ڪتاب
(1) تاريخ سنڌ – مير
معصوم بکري دائودپوٽي واري ايڊيشن
(2) تذڪره امير خاني- حسام الدين راشدي سنڌي
ادبي بورڊ
(3) ذخيره الخوانين – شيخ فريد بکري
خطي ذخيرو
حسام الدين راشدي
(4) لب تاريخ سنڌ- خان خداداد خان امرتسر واري
ايڊيشن
(5) اڪبر نامه (جلد 3) – ابوالفضل
بينگال ايشياٽڪ سوسائٽي
(6) ماثر الامراء (جلد 3) – شاهنواز خان ”
” ”
(7) بادشاهه نامه – عبدالحميد لاهوري
” ” ”
(8) بيگلر نامه – ادراڪي بيگلاري خطي ذخيرو،
حسام الدين
راشدي
(9) ضميمه تاريخ سنڌ- محمد بن زنده علي بيگ ” ”
(10) مقالات الشعراء- مير علي شير قانع ڇپيل
ايڊيشن،
حسام الدين راشدي
(11) تحفته الڪرام – مير علي شير قانع قلمي ۽
ڇپيل (فارسي)
(12) طبقات اڪبري (جلد3) – خواجه نظام الدين
بينگال ايشياٽڪ سوسائٽي
(13) تعليقات مڪلي نامه – حسام الدين راشدي سماهي
مهراڻ
(14) مقدمه مثنوي چنيسر نامه ” سنڌي ادبي
بورڊ
(15) تزڪ جهانگيري مطبوهه
نولڪ شور
(16) تاريخ فيروز شاهي – شياءَ برني
بينگالايشياٽڪ سوسائٽي
(17) تاريخ طاهري – طاهري نسياني خطي ذيرو،
حسام
الدين راشدي
(18) آئين اڪبري (جلد1)- بلاخمن- بينگال ايشياٽڪ
سوسائٽي
(19) مرزا غازي ترخان – حسان الدين
راشدي مطبوعه مجله
تاريخ،
سياسات
(20) مير مائل (مقاله) – حسان الدين راشدي
سماهي مهراڻ
(21)
The Antiquities of Sind. H. Cousens 1929
(22) مجله علوم اسلاميه – پرچو پهريون علي ڳڙهه
(23) قرنيه – عنايت خان آشنا خطي ذخيره،
ضيائي.
واڌارو
هن ڪتاب ۾ جتي فوج عليءَ جو نالو اچي، اتي فوج علي
پڙهڻ گهرجي. هي ٻه ڀائر هئا، جن بابت ”ذخيره
الخوانين“ جي مصنف لکيو آهي ته فوج علي ۽ برج علي
ٻه ڀائر هئا. سندن لِڇ ترڪمانن مان هئي ۽ ٻيئي
منصور جي سپاهه مان هئا. برج علي ايتري ترقي نه
ڪئي، پر فوج علي منصب ماڻيو ۽ جاگير هٿ ڪيائين ۽
ڪو وقت گجرات ۾ متعين هو، جنت مڪاني (جهانگير
بادشاهه) جي زماني ۾ سبي ۽ گنجابي وارن پرڳڻن (بکر
جي راڄڌاني) ۾ کيس جاگير مليل هئي، ڪاڇي ۾ بلوچن ۽
افغانن مٿان حاڪم ٿي رهيو. اُتي ايڏا ماڻهو ماري
ڏهڪاءُ پيدا ڪيائين جو ڪو ٻار روئندو هو ته ان کي
فوج عليءَ جي اچڻ جو ڊپ ڏياري روئڻ کان بس ڪرائي
ويندي هئي.
”هي ٻه لوهيون ڪڻاهيون پاڻيءَ سان ڀرائي باهه جي
مچ تي رکائيندو هو، چور ۽ ڏوهيءَ جا هٿ پير ٻڌي ان
کي تتل ڪڻاهيءَ ۾ ڦٽو ٿي ڪرايائين، جنهن ۾ هو
چيچلائي مري ويندو هو. اهڙي ريت هزارين ماڻهو هريا
ڪري ڇڏيائين. انهي سفاڪيءَ ۽ بيرحميءَ ۾ پنهنجو
مَٽ پاڻ هو.
”بدقسمتي سان کيس پٽ جو اولاد ڪو نه هو. هڪڙي ڌيءَ
هيس، جنهن تي خضر خان (مرداڻو نالو) رکيو هئائين.
ان جي سختي سان نگهداري پيو ڪندو هو. سڄي ڄمار کيس
شادي نه ڪرايائين. ان تي ئي قسم کڻندو هو ۽ ساڻس
ڏاڍو پيار هئس.
الاخ الڪبير مٿان ڪنهن هي لفظ لکيا آهن-
برادر ڪلات (و) بدر مير ضياءُ الدين (2) (ڏسو
ص 710 جو حاشيو)
”افضل“ ۽ ”الصلواة“ جو پويون اڌ جلدبنديءَ ۾
ڪٽجي ويو آهي. يقين سان چئجي ٿو ته مؤلف جا
دستخط ۾ انهيءَ ۾ ڪٽجي ويا آهن.
”افضل“ ۽ ”الصلوات“ جو پويون اڌ جلدبنديءَ ۾
ڪٽجي ويو آهي. يقين سان چئجي ٿوته مولف جا
دستخط به انهيءَ ۾ ڪٽجي ويا آهن.
”تذڪره امير خاني“ (مولف راقم الحروف) ۾
سوانح ڏسڻ کپي.
صاف پڙهڻ ۾ نٿو اچي، رمضان به ٿي سگهي ٿو.
ممڪن آهي عرض ديده شد هجي، پهريون لفظ ميٽجي
ويو هجي.
ڊاڪٽر سيد محمد عبدالله پنهنجي فاضلانه ڪتاب
”اديبات فارسي مين هندون کا حصه“ ص 50 تي اهو
ئي نالو لکيو آهي.
اها حديث حضور اڪرم جي تعليم توڙي اسلامي
روح جي سراسر خلاف آهي. بادشاهن جو وجود اسلام
۾ ڪٿان آيو؟
وفات 24 1955ع (1- شوال 1374هه)، ڏينهن
اڱارو عيدالفطر، وقت هڪ وڳي منجهند- مدفن
قبرستان سوداگران پنجاب-ڪراچي.
|