گهٽ پيداوارين زمينن تي معافي ڏيڻ سان رعيت وڌيڪ
زمين آباد ڪري ٿي، هونءَ به هرڪو ماڻهو ڪوشش ڪري
وڌيڪ پيداوار واري زمين آباد ڪرڻ لڳي ٿو ۽ گهٽ
پيداور واري زمين کي ڪو به هٿ نه ٿو لائي.
اڪبر بادشاهه جي حڪم سان جڏهن مير ابوالقاسم سبيءَ
واري قلعي سر ڪرڻ لاءِ روانو ٿيو، ته ساڻس ماڻهن
جا ڪيئي ڪٽڪ ساڻ هئا ۽ هن پنهنجي ننڍي پٽ ابابيگ
سان ٽي هزار سوار گڏي کيس قنڌار موڪليو هو
(295-1).
هنن ڳالهين جو مقصد هي آهي ته بختيار بيگ جي
عملداري دوران سيوهڻ جو سڄو علائقو باقائدي انتظام
سان سرسبز ۽ آباد پئي رهيو ۽ لشڪر به ملڪ جي آبادي
مطابق طاقتور هو جو ٻين علائقن جي خوشحال فوج
وانگي شاهي مهمن ۾ ڪارگر ٿيندو رهيو ايتري قدر جو
لشڪر جي دٻدٻي سبب بکر ۽ ٺٽي جي راڄڌانين جا
رهواسي بنهه دٻيل هوندا هئا. اهو سڀڪجهه ان ڪري
پئي ٿيو جو اڪبر بادشاهه جي هر معاملي تي پوري نظر
هوندي هئي. پاڻ جيڪو به ڪم ٿي ڪيائون (خريد فروخت
۽ ڍل اڳاڙڻ تائين) ته شهر جي قاضين ۽ مفتين کي
انصاف ڪرڻ جي آزادي مليل هئي، جيئن ڪنهن سان به ڪو
ظلم نه ٿئي، انهي ۾ ئي رعيت جي ڀلائي ۽ وڳوڙين جي
تباهي جو راز سمايل آهي.
بختيار بيگ جڏهن بيمار ٿي پيو ۽ سندس حالت ڏينهون
ڏينهن نازڪ ٿيندي وئي ته هن جي پٽن عبدالرحمان ۽
بابا بيگ پنهورن جي سردارن کي سڏائي سيوهڻ جي قلعي
۾ بند ڪرايو. پر بهاءُ الدين پنهور نالي هڪڙو
سردار (295-2) ٻاهر هو ۾ جيئن ربيع جي فصل ۾
لابارو پيو ته بختيار بيگ اکيون پوري ڇڏيون.
ڪوريا هندوءَ جي ٺيڪيداري:
اهو لاباري پيل فصل ڪوريا هندوءَ شاهي درٻار مان
ٺيڪي تي کڻي جيسر نالي پنهنجي هڪ هندو گماشتي جي
حوالي ڪيو، جو سيوهڻ جي قانون گوئي جي عملداري ۾
وٽس زبردست موجود هو، انهي ارادي سان ته هو ان جو
انتظام سنڀاليندو رهي. ايتري ۾ سميجن کي موقعو ملي
ويو، جن چاهيو ٿي ته پنهورن ۽ ڪوريجن کي جيڪي
پرامن رعيتي هئا، ڌڪي ڌار ڪري پاڻ اڇي ڪاري جا
مالڪ بڻجي وڃن ۽ بکر کان وٺي سيوهڻ تائين سندن ئي
راڄ هجي. پنهورن ۽ ڪوريجن سان هٿ ڳنڍڻ لاءِ هنن
درياهه جي اورينءَ ڀر بکر جي راڄڌاني ۾ لاکيرن جي
ڳوٺ ۽ ڳاهن جي پرڳڻي ۾ بهڻ جي ڳوٺ کي اچي باهيون
ڏنيون. ائين هڻندا ماريندا ڳاهن جو پرڳڻو ڳاهيندا
ويا ۽ وڃي ڪانهريءَ سامتاڻي کان نڪتا، جتي (296-1)
بهاءُ الدين پنهور ويٺل هو. هوڏانهن درياهه جي
پرينءَ ڀر سميجن انڙن سندرو ٻڌي جوڻيجن واري پرڳڻي
۾ ڪوريجن ۽ پنهورن جون سنڌيون هڻڻ شروع ڪيون،
سيوهڻ جو سڄو علائقو جهيڙن فسادن جي جنجل ۾ اچي
ويو. ڪوريجا ۽ پنهور ٻيو چارو نه ڏسي پاڻ ۾ ملي
ويا ۽ اهو پهه ڪيائون ته پهريان سميجن انڙن جي لاک
لاٿي وڃي،جيڪي فساد جو منڍ آهي، جيڪڏهن فتح ٿي ته
واهه نه ته ملڪ ڇڏي وڃي ٺٽي جا وڻ وسائينداسين.
اها سٽا ڪري چار پنج هزار پيادا ۽ سوار ڪوريجن ۽
پنهورن مان مڙي، درياهه ٽپي، جوڻيجن جي پرڳڻي اندر
ٻٻري جي ڳوٺ ۾ ٿانيڪا ٿيا، جتي جيسر هندو به
پنهنجا ماڻهو ساڻ ڪري اچي هنن سان گڏيو. هوڏانهن
سميجا انڙ به پنج ڇهه هزار پيادا ۽ سوار (296-2)
سنبرائي، گچيري جي ڳوٺ ۾ اچي گڏ ٿيا، جو به ساڳڻي
پرڳڻي ۾ آهي. ڪوريجن ۽ پنهورن پاڻ ۾ صلاح ڪئي ته
پيش قدمي ڪري سميجن تي ڪاهيو وڃي. پوءِ رات وچ۾
ٺهي سنبري ٽي هزار سوار بهاءُ الدين وٽ ٿمائي اڳتي
وڌيا. ٻئي پاسي سميجن به اهائي ڳڻ ڪئي ۽راتو واهه
گهوڙن تي چڙهي پيا. علي الفجر جو ٻئي لشڪر اچي
ٻيلهه ٿيا ۽ خونا خونيءَ جي جنگ لڳي وئي. ٻنهي
ڌرين مان ڪيئي ماڻهو رتوريت ٿي، ڪسندا ويا. آخر
شاهي رعيت (ڪوريجن، پنهورن ۽ جيسر جي ماڻهن) ميدان
ماريو. بروقت بهاءُ الدين پنهور به اچي پهتو، جنهن
پنهنجي جاني دشمن ۽ سميجن انڙن جي سردار پرئي تي
ڪڙدي ڪري سندس سري ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏي. اهو ئي هن
سڄي فساد جو ڪارڻ هو،. سميجن جو منهن وڃي ڀت ساڻ
لڳو (297-1). اهڙي ريت رعيت سوڀاري ٿي، واپس وري ۽
هرڪو پنهنجي هنڌين ماڳين سک ۽ سلامتي سان اچي
آرامي ٿيو.
خواجه نورالدين ڪروڙيءَ جي عملداري:
هن کي خريف واري فصل جي شروعات ۾ سيوهڻ موڪليو
ويو. هن پنهنجي ڀائٽئي تيمور بيگ کي ٽي هزار سوار
ڏئي سميجن انڙن ڏانهن اماڻيو، جيئن ربيع واري فصل
جون بقايائون وٽانئن اڳڙي اچي. کيس تاڪيد ڪري
ڇڏيائين ته خريف جو فصل تيستائين تقسيم نه ڪرائي
جيستائين ربيع جي فصل جي بقايا جو ڪو فيصلو نه ٿيو
آهي.
تيمور بيگ وينجهڙي جي قلعي ۾ وڃي ويٺو. سميجا
سونهري ڍنڍ جي وچاڳ ۾ اچي پر گهٽ ٿيا، جنهن جي
چوڌاري پاڻي هو. هنن ربيع واري فصل جي بقايائن ڏيڻ
۾ اڙي پئي ڪئي، اٺ گهوڙا ۽ ڍڳا ته ڏنائون ٿي پر
جيئن انهن نڀاڳن جي پر آهي، انهن جي بها ٻيڻي ٿي
ٻڌايائون. اها اڙي تيمور بيگ کي نه آئڙي، سو سميجن
سان وچڙي پيو، جڏهن سونهري ڍنڍ تي پهتو ته (297-2)
سميجن جو هڪ واهڻ سندس آڏو آيو. هن جي ماڻهن
واهڻائن کي ٻائيتال ۾ وڌو. ائين ڪندي تيمور بيگ کي
پريان ڌوڙ نظر آئي. پڇا ڪيائين ته اها رئي ڇاجي
آهي؟ ڪن وراڻيو واچوڙو هوندو ته ڪن چيو ٿي سگهي ٿو
ڪو غنيم هجي. انهي سوال جواب هلندي سميجن منهن
ڪڍيو. تيمور بيگ جا پير اکڙڻ لڳا ۽ هن جا ماڻهو
ڀڄڻ لڳا. سندس لشڪر ته شڪست کاڌي پر ڪيئي ماڻهو پڻ
مارجي ويس. سميجا سندن هٿيار پنهوار ۽ وهٽ گهوڙا
کانئن ڦري هڪلي ويا. ان ڏينهن انڙن جي ساري ٿي.
تيمور بيگ ڀڄي اچي وينجهڙي واري قلعي ۾ لڪي ويٺو.
سميجن قلعي کي گهيري ۾ آندو ۽ خريف جي اناج سان گڏ
رعيت جو ارڪو ترڪو به هٿ ڪري (298-1) بي اونا ٿي
ويهي رهيا.
خواجه نورالدين، گهورئي هندو جي پٽ ماڻڪ کي جيڪو
ڳاهن جي پرڳڻي جو حاڪم هو ۽ هتان جي قانون گوئي
سان به تعلق هوس، پنهنجن ماڻهن سان گڏرعيت جا ڪٽڪ
پڻ ڏيئي تيمور بيگ جي مدد لاءِ موڪليو. هي جڏهن
درياهه اُڪير هن ڀر ٿيو ته سميجا قلعي جي پچر ڇڏي،
جيسلمير جي ڀٽن ڏانهن هليا ويا، ماڻڪ، تيمور بيگ
سان ملي، ڀٽن پاسي سميجن جي ڪڍ ويو پر ڪي به ڪين
وريس. تيمور بيگ واپس سيوهڻ آيو، نورالدين به ڪا
غزا نه ڪئي، اهائي ڳالهه رعيت جي اڀرائي ۽ وڳوڙين
جي سگهائي جو ڪارڻ هئي.
شيخ موسى گيلاني جي علمداري:
نورالدين کانپوءِ سيوهڻ شيخ موسى جي جاگير ٿيو،
جنهن پنهنجي پٽ جان محمد کي (298-2) هن پاسي
اماڻيو، جان محمد وٽ ماڻهن جي ڪمي هئي، تنهن ڪري
هي علائقو ويتر زبون ٿي ويو. هن ۾ ايتري همت ڪانه
هئي، جو قلعي کان ڪوهه پنڌ ٻاهر اچي ڪو شڪار ڪري.
وڳوڙي ته رهيا پنهنجي ماڳ!، شهر ۾ قلعي جي ڀرسان
چورن ماڻهو پئي مارايا. ساڳيو حال سرحدن جو هو،
هتي به رعيت جي هيڻائي ۽ وڳوڙين جي ڏاڍائي جو سبب
اهي ئي افعال هئا.
قره بيگ جي عملداري:
ان کانپوءِ قره بيگ هتان جو حاڪم ٿيو. هن به
پنهنجا عامل هيڏانهن ڏياري مُڪا. پهرينءَ سٽ جان
محمد ۽ قره بيگ جي ماڻهن سيوهڻ شهر جي ڀريءَ بازار
۾ وڙهي هڪٻئي جا هڏ ڀڳا. قره بيگ جي ڪارندو آقا
محمد ٿڏي تي جان محمد جي هٿان قتل ٿي ويو. ان جي
مرڻ تي قره بيگ جي ماڻهن جوش مان جان محمد تي
جُلهون ڪيون، جيڪو وڃي قلعي ۾ بند ٿيو. ڪو وقت
ٻيءَ ڌر جو قلعي تي گهيرو رهيو (299-1) آخرڪار جان
محمد هڪ رات درياهه جي پاسي کان قلعي جي ڪنڌي ڀڃي
فرار ٿي ويو.
قره بيگ جي ماڻهن جا به ساڳيائي پرڪار هئا، اهو ئي
سبب هو جو ملڪ هيڪاري وڌيڪ وڳوڙ ۾ پئجي ويو. انهن
ٽنهي عملدارين دوران وڳوڙي گهڻو زور وٺي ويا ۽
رعيت جي ٻيڙي ٻڏي وئي، جا وڳوڙين جي وڪڙ ۾ هئڻ ڪري
پنهنجو سڀڪجه سير تي چاڙهي چڪي هئي. باقي ڪسر
جاگيردارن پوري ڪري ڇڏي. ٻئي طرف هتان جي وڏيرن
جڏهن ج اگيردارن جي لشڪر کي لانجهو ڏٺو ته هنن جي
پاڻ ۾ اچي لڳي ۽ هڪ ٻئي جي ڄنڊن پٽڻ ۾ لڳي ويا،
جنهن ڳالهه ويتر ملڪ جو خانو خراب ڪري ڇڏيو- جيئن
ڏيهي آکاڻين ۾ مشهور آهي ته ڪو شخص ڪنهن ڀڙڀانگ
شهر ۾ پهتو (299-2)، جتي راڪاس گهمي ويو هو. حققت
۾ ڪو به راڪاس ڪنهن به ظالم عملدارن کان وڌيڪ بدتر
نه آهي.
مير ابوالقاسم جي عملداري پهريون ڀيرو.
قره بيگ جي تبديلي کانپوءِ مير ابوالقاسم کي بکر
کان آڻي سيوهڻ ۾ جاگيردار مقرر ڪيو يوو. تڏهن
ڳاهن، جوڻيجن وارا سڄا پرڳڻا ۽ خطي جو اڌ پرڳڻو
سيوهڻ کان الڳ هو. مير ابوالقاسم هتي اچي ملڪ ڀينگ
ڏسي، تپيدارن کي پاڻ وٽ سڏائي چيو: هر پرڳڻي جا
ڳوٺ تفصيلوار لکي ڪاغذ مون وٽ پيش ڪي وڃن ته انهي
۾ ڪيترا ڳوٺ آهن: ڪهڙا آباد ۽ ڪهڙا ويران ٿا رهن؟
پوءِ ڪاغذ هٿ ڪري ڦٽي ويل ڳوٺن جي ماڻهن جي ڳولا
ڪيائين، جتان به ڪو مليس، ان کي آڻي ساڳي هنڌ
ويهاريائين، هر ڪنهن کي دم دلاسي سان گڏ فصل جي
معافي ۽بٽئي جي رعايت جو پروانو لکي ڏيندو ويو
(300-2). رعيت جي باري ۾ ڪنهن به چغل خور جي ڪن
ڀرڻ تي ڪو ڌيان نه ڏنائين. ملڪ جو سرحدون نئين سر
ٿاڻن سان محڪم ٿي ويون ۽ سميجن انڙن تي به عملدار
مقرر ٿي ويا، انهي نموني پهرئين سال ئي ملڪ جا سڪا
وڻ ساوا ٿيڻ لڳا ۽ جتي به ڪو وڳوڙي هو، تنهن کي
ڌڌڪ چاڙهي ڍل ڏيڻ لاءِ مجبور ڪيو ويو.
هڪ دفعي سندس نائب بايزيد (جيڪو سن جي پرڳڻي تي
رکيل هو) جي موجودگي ۾ سميجا سانجهي جي مهل گجر
ڳوٺ مان زور لاکن جو مال ڪاهي ويا. اهو ڳوٺ سن جي
سامهون درياهه جي پرينءءَ ڀر آهي. بايزيد کي جو
غيرت آئي ته اڪيلي سر بنا ڪنهن بازوءَ جي گهوڙي
سميت ننڍي ٻيڙيءَ تي چڙهي هن ڀر پهچي، سميجن تي
ڪڙدي ڪيائين. هنن سدا سدورن (300-2) سندس گهوڙي جو
پيڇو ڪري کيس اڦٽ ماري ڇڏيو. اها خبر امير
ابوالقاسم کي پهتي ۽ هن گهوڙي تي سوار ٿي سميجن جو
گس ورتو. ان کان اڳ سندس ساٿياري درياهه جهاڳي
سپاهه سميت سميجن تائين وڃي رسيا ۽انهن جا ڪم لاهي
ڇڏيائون. پوءِ سندن سسيون وڍي سرها ٿيا. هوڏانهن
سميجن جا پريا مڙس ڌڻي پرتو، طيب ۽ فريد به اچي
پيش پيا، جن کي مئلن جي منڍين سميت ابوالقاسم وٽ
آندو ويو، جو پڻ درياهه پار ڪري، خطي پرڳڻي جي ڳوٺ
مهراڻ ۾ اچي ترسيو هو.
صبح جو سميجن جا باقي رهيل سردار بهڳچيءَ ۾ ڳارو
ڪري ابوقاسم وٽ آيا ۽ چند ڌيئن جي ميڙ سان گڏ ڏنڊ
ڏوهه ڀري ٺاپر ۾ اچي ويا (305-1).
مير ابوالقاسم پوءِ وينجهڙي وارو قلعو مضبوط ڪيو،
جو سميجن وارين وستين جي دُن ۾ آهي. ٻيو قلعو ديهه
جي ڳوٺ ۾ درياهه جي ڪنڌيءَ سان مضبوط ڪيائين، جو
حويلي (سيوهڻ جي حويلي) واري پرڳڻي ۾ داخل ۾ داخل
آهي ۽ ٿاڻن تي به پنهنجا ماڻهو ويهاري ڇڏيائين. اڄ
ڏينهن تائين ڪتيءَ ڪن وڍايا جو سميجا ڪجهه ڪڇن، ۽
هاڻ رعيت سارو ڍل ڏيندا رهن ٿا.
ٻئي دفعي باغبانن جي پرڳڻي جا سميجا ٿيٻا جن جي
ارڏاين جو احوالاڳ به اچي چڪو آهي، چانڊين سان ملي
وڳوڙ پکيڙڻ لڳا. مير ابوقاسم پاڻ وڃي ٿيٻن جي
ڳوٺن، ڪنڌڪوٽ، ڇني ۽ ٻيٽي ۾ داٻو ڪيو. خريف جو ڀلو
فصل پنهنجي قبضي ڪيائين. ٿيٻا ۽ چانڊيا ڪا ڀيڻي نه
ڏسي، منهن ڀيلو ڪري وٽس آيا ۽ معافيون وٺي مطيع ٿي
ويا ۽ وري ڪو ڏڦيڙ ڪو نه ڪيائون (301-2). سندن ڍل
ٺيڪ ملندي ٿي رهي.
اهڙي ريت ڪنهن لڱان نومڙين کي کٽيءَ کنيو سو سيوهڻ
جي حويليءَ وارن ڳوٺاڻن جا مال هڻي ويا. ٺيڙهيءَ
جو ٿاڻيدار قلي جان پنهنجي ماڻهن سان هنن جي ڪڍ
پيو ۽ کين اهڙي مت ڏنائين جو وري نه ڪر کنيائون.
هنن جي سردارن به ابوالقاسم سان قول ڪري کيس
پرچايو. ان کانپوءِ انهن جا قافلا چئن پنجن هزارن
اٺن سان سيوهڻ شهر ۾ اچي وڻج واپار ڪرڻ لڳا
(302-1) جنهن جي عوض هتان جو اناج پنهنجي پاسي
سودائي پئي ويا. محصول طور اٺ ۽ دنبا هر ڀيري پئي
ڀريائون.
جڏهن مرزا جاني بيگ فوت ٿيو ته سندس پٽ مرزا غازي
بيگ ٺٽي ۾ هو، ان جي ڪن مهٽ لاءِ اڪبر بادشاهه
سعيد خان کي بکر ۽سبي جي جاگير ڏئي روانو ڪيو. هو
درٻيلي ۾ اچي ويٺو. مير ابوالقاسم کي حڪم ٿيو ته
پاڻ وڃي مرزا غازي بيگ کي مڃائي ٺٽي مان ڪڍي، شاهي
درٻار ۾ آڻي پيش ڪري. حڪم موجب هن لشڪر سنڀرائي
اهو ارادو ڪيو ته سعيد خان جي پهچڻ کان اڳ ٺٽي
پڄي، مرزا غازي کي زير بار ڪري، آگري وٺي اچي.
انهي سانگي هو نصرپور کان وڃي نڪتو، جو شهر ٺٽي
واري پرڳڻي جي وچ تي آهي ۽ پنهنجي پهچڻ کان اڳ
نوڪرن مان مير عطاءُ الله مشهدي کي جيڪو شعر ۽ خط
جي فضيلت ۾ ڀلي ڀت ڀڙ هو، ايلچي ڪري اڳيان
اماڻيائين (302-2).
مرزا غازيءَ کيس چوائي موڪليو ته مون شاهي حڪم جي
آڻ مڃي آهي، توهان ڀلي واپس هليا وڃو، آءُ به
اوهان جي پٺيان اچي رهيو آهيان. ابوقلاسم موٽ کائي
سيوهڻ آيو. سندس پويان مرزا غازي به پهچي ويو.
ابوالقاسم ان کي ساڻ ڪري سعيد خان وٽ آندو ۽ ٽيئي
ڄڻا اتان گڏجي گادي جي هنڌ آگري ۾ آيا. هي جڏهن
شاهي درٻار مان بارياب ٿيا ته بادشاهه قنڌار جو
صوبو ابوالقاسم جي حوالي ڪيو ۽ کيس بکر، سبي ۽
سيوهڻ جا علائقا به تنخواهه طور ڏنا ويا، ۽ شهه
بيگ خان کي اتان بدلي ڪيو ويو، جڏهن اڪبر بادشاهه
دنيا کان منهن موڙيو ته جهانگير شاهي تخت تي ويٺو.
سردار خان جي عملداري
جهانگير، توخته بيگ خان کي ڪابل مان بدلي ڪري،
(303-1) کيس ”سردار خان“ جو لقب ڏئي، بکر، سبي ۽
سيوهڻ جو جاگيردار مقرر ڪيو، قنڌار جو صوبو پڻ شهه
بيگ جي بدران هن جي هٿ هيٺ رهيو. مير ابوالقاسم کي
جلال آباد جي مهم تي رکيو ويو. سردار خان اڃا
ملتان پهتو مس ته شهه بيگ خان کي شاه عباس
(ايراني) جي لشڪر قنڌار جي قلعي ۾ سوگهو کڻي ڪيو.
جهانگير مرزا غازي ۽ قره بيگ کي ڌار ڌار لشڪر ڏئي
قنڌار موڪليو، جي اچي سردار خان سان مليا ۽ گڏجي
قنڌار ڏانهن راهي ٿيا. رستي ۾ قره بيگ فوت ٿي ويو.
مرزا غازي ۽ سردار خان قنڌار وڃي رسيا. شاه عباس
جو لشڪر چغتائي فوج اڳيان ڪو چارو نه ڏسي، جتان
آيو هو اوڏانهن هليو ويو. مرزا غازي بيگ کي واپسي
جو فرمان مليو ۽ قنڌار جي صوبه داري سردار خان
تائين رهي. تڏهن درويش بيگ نالي سردار خان جو
ملازم سيوهڻ جو حاڪم هو. هو گهورئي جي پٽ ماڻڪ سان
ملي سميجن تي ڪاهي ويو ۽ ڏيڙان جي ڳوٺ ۾ وڃي ويٺو.
هڪ رات سميجن تاڙ ٻڌي هن جي لشڪر کي راتاهو ڏنو،
جنهن ۾ هن جا پنج سئو ماڻهو مارجي ويا. انهي رات
ماڻڪ پير کوڙي پاڻ ملهايو، صبح ٿيڻ تي درويش خان
دل نه جهلي سگهيو ۽سيوهڻ موٽي آيو، جتي فوت ٿيو.
وقائع نويسن اها خبر جهانگير تائين پهچائي.
مير ابوالقاسم جي عملداري، ٻيو ڀيرو
سردار خان جي تبديليءَ تي سيوهڻ جي جاگير (304-1)
مير ابوالقاسم کي ملي هي ان وقت باجور جي ٿاڻي تي
مامور هو. اتان راقم الحروف (يوسف ميرڪ) کي پنهنجن
ماڻهن جي جٿي سان سيوهڻ موڪليائين ۽ پٺيان پاڻ
هلندو آيو، پنهنجي اکين سان ملڪ جي ويراني جا حال
ڏٺائين ۽ وري رعيت کي سرچائي ملڪ آباد ڪيائين.
ايتري ۾ سردار خان قنڌار ۾ فوت ٿي ويو. سندس جاءِ
تي مرزا غازي مقرر ٿيو، مير ابوالقاسم کي پڻ حڪم
مليو ته مرزا غازي سان گڏجي قنڌار وڃي. حڪم موجب
هي سيوهڻ ڇڏي بکر ۾ وڃي مرزا غازي سان مليو. ٻئي
اڃا سنبت ۾ هئا ته ايتري ۾ مير ابوالقاسم کي
جهانگير پاران حڪم ليو، جنهن جو تفصيل هن ريت آهي
ته ”اڳئين عملداري دوران بدبخت سميجن انڙن، لاکن
مٿان ڪاهي کين تاراج ڪيو هو ۽ سندن ملڪيتون ڦٻائي
ويٺا هئا (304-2)، سو هنن جهانگير بادشاههجي درٻار
۾ وڃي دانهن ڏني هئي. جهانگير کين مير ابوالقاسم
ڏانهن دادرسيءِ لاءِ پروانو لکي ڏنو هو ته ”لاکن
جون ملڪيتون سميجن کان هٿ ڪري هنن کي ڏيارجن ۽
سميجن کي پوريءَ طرح سيکت ڏني وڃي جيئن وري نه
اهڙي بڇڙائي ڪن، جيڪڏهناهو ڪم توکان نه پڄي سگهي
ته جلد جواب موڪل جيئن اهو بار ڪنهن ٻئي تي رکيو
وڃي ۽ مظلومن کي ظالمن وٽان ڪو حق پلئي پوي.“
اهڙي ريت مير ابوالقاسم کي هڪ ئي وقت ٻه حڪم مليا
ته مرزا غازيءَ سان گڏجي قنڌار وڃي، ٻيو هي ته
سميجن کي سيکت ڏيئي لاکن جون ملڪيتون واپس ڪرائي
(5. 3_1). ٻئي پاسي سيوهڻ ائين ئي ويران پيو هو ۽
اڍائي پرڳڻا (ٻه ڳاهن ۽ جوڻيجن وارا ۽ اڌ خطي
وارو) اڃا مير ابوالقاسم جي جاگير کان الڳ نه ٿيا
هئا، جن جي آبادي اوج تي هئي.
مير ابوالقاسم جي مرضي ٿي ته پنهنجي پٽ ابوالبقا
کي ڀرجهلا ماڻهو ساڻ ڏئي مرزا غازي بيگ جي همراهي
۾ روانو ڪري ۽ پاڻ سميجن انڙن کي جم ڏيڻ لاءِ
سيوهڻ ۾ رهي پوي، پر مرزا غازي اها ڳالهه قبول نه
ڪئي، چي: اوهان منهنجي پيءُ جي جاءِ تي آهيو، مون
سان سياڻن وارو سنگ ڪري، هڪ دفعو مون کي قنڌار
هلي، پهچائي، ملڪ جي انتظام ۾ منهنجو ساڏ ڌڏيو،
پوءِ ڀلي پنهنجي جاگير ڏانهن واپس هليا اچو. مير
ابوالقاسم لاچار ٿي چار پنج سئو قديمي مغل ساڻ ڪري
مرزا غازي جي رفاقت اختيار ڪئي. وينديءَ ويل
ابوالبقا کي پنهنجي جاءِ تي سيوهڻ ۾ ڇڏيائين ۽هڪ
فرمان لکي کيس ڏنائين ته توکان جيتري قدر پڄي سگهي
(305-2) بدبختن سيجن تي سختي ڪري رهجانءِ جيئن
لاکن کي پنهنجو مال موٽي ملي.
ابوالبقا، مرزا غازي ڏانهن منهن ڪري چيو: جڏهن
سميجن سان ڪا سختي ڪئي وڃي ٿي ته هو نصرپور ڀڄي ٿا
وڃن، جنهن جو تعلق اوهان سان آهي، انهي لاڳاپي جي
ڪري هو قاسم خان ارغون وٽ وڃي پناهي ٿا ٿين، ان
حالت ۾ مون لاءِ ڪهڙو حڪم آهي؟.
مرزا غازي جواب ڏنو ته ڪيئن به ڪري سميجن کي سيکت
ڏيڻي آهي، سو هو جتي به اوهان کي هٿ اچن کين بنا
پڇئي قتل ڪري ڇڏيو. هنن جا ٻار ٻچا ٻڌي، سندن الهه
تلهه باقي نه رهايو. مير ابوالبقا چيو ته پوءِ
ڀلائي ڪري مون کي ٻه لفظ لکي ڏيو، جيئن پوءِ پهرين
مون تي ڪا ميار نه اچي. مرزا غازي پنهنجي مُهر سان
اهڙو اختيار لکي، ابوالبقا کي ڏئي ڇڏيو (306-1) ۽
پاڻ مير ابوالقاسم سان قنڌار ڏانهن راهي ٿي ويو.
مير ابوالبقا بکر کان سيوهڻ روانو ٿيو. واٽ تي
جڏهن جوڻيجن واري پرڳڻي ۾ پهتو ته اهو پرڳڻو مرزا
غازي جي جاگير ۾ هو، اتان جي عاملن ابوالبقا وٽ
اچي کيس دانهن ڏني ته گچيري وارا سميجا يڪيجا
نافرماني ٿا ڪن ۽ ڍل ڏيڻ کان به انڪاري آهن.
ابوالبقا اتان ئي گچيري ڏانهن وريو. بڪيجا کاهيون
کوٽي، چوڌاري لوڙها ڏئي ويٺا هئا. جنگ جون تياريون
ته اڳ ۾ ئي ٿيل هيون، سو ٻنهي ڌرين ۾ اچي ٻڙڌڪ
متو. ابوالبقا جا ڪيئي سپاهي ۽ ٻه گهوڙا زخمي ٿي
پيا. نيٺ لوڙها ٽپي، هو اندر ٿيو (306-2) ۽ ڪيترن
کي قتل ڪيائين. ٻيا سردار ڪک وات ۾ ڪري اچي پيش
پيا، جن کي هو مرزا غازي جي عملدارن جي هٿ ۾ ڏيئي
پاڻ سيوهڻ پهتو ۽ سميجن جي وڌيڪ سُڌ وٺڻ لاءِ
درياهه اورانگهي اڳتي وڌيو. ان کان اڳ سميجا ٽڙي
پکڙي ڀاڄ ۾ پيا ۽ ڪي جيسلمير جي ڀٽن ڏانهن ته ڪي
نصرپور هليا ويا.
مير ابوالبقا سندن پٺ نه ڇڏي ۽ نصرپور جي راڄڌاني
۾ هالا ڪنڊي تائين هڪليندو ويو. اتي خبر پيس ته
طالب نالي سميجن انڙن جو سردار پنهنجن ماڻهن سميت
سانڪڙي جو پاڻي جهاڳي نصرپور جي ڀٽن ڏانهن پيو
وڃي. هو ان جي ڪڍ پيو، انت وڃي اڳي ورتائينس. طالب
سميجي کي (307-2) نصرپور جي وارياسين ڀٽن تائين
پهچڻ جي به مهلت نه ملي.
انهي دِس ۾ صدگر (صيدگر) نالي قلعو هو، جنهن ۾
قاسم خان ارغون جو ڄاٽو شر بيگ پئي رهيو. طالب
پنهنجي ساٿارين سميت اتي وڃي ٿانيڪو ٿيو. ابوالبقا
به اچي قلعي کي ڪوڙو ڏنو ۽ اندران تيرن، توبن ۽
بندوقن ڌُم لائي ڏني. شاهي لشڪر پهريون وار
سهسائي، جنگي هاٿي اڳيان ڪري، قلعي جو در اچي
جهليو. خدا جي فضل ۽ بادشاهي اقبال سان هاٿين هڪ
ئي ڌڪ ۾ قلعي جي در جا تختا ڪڍي ڇڏيا ۽ لشڪر اندر
ڌوڪي ويو. سميجن نڀاڳن جي اچي ڦٽي، هزار ٻارهن سو
ٿٿڏي تي قتل ٿي ويا. طالب قتل ٿي ويو. ائين مير
ابوالبقا جي سوڀ ٿي.
پوءِ هو واپس ٿي (307-2) سميجن انڙن جا ڳوٺ- صاڀو،
ونجهڙو، ڪاٺٽري، ڏيڙان ۽ جانڙو زير ڪندو، سيوهڻ جي
سامهون منديهجي واري گهيڙ وٽان درياهه اُڪري سيوهڻ
۾ آيو.
سميجن پنهنجي ”بد ذاتي بد بنياديءَ“ موجب اتان ڦري
خطي واري پرڳڻي ۾ اچي مانڌاڻ مچايو. ابوالبقا وري
سيوهڻ ڇڏي باغبانن ۾ سميجن ٿيٻن تي ڪاهي وڃڻ جو
بهانو ڪري اڳتي وڌيو، جڏهن پاٽ ۾ پهتو ته اڳياڙي
جي نماز مهل مهري وارو گهٽ ٽپي، سانجهيءَ ڌاري
سميجن تي ڪاهه ڪيائين. ان رات، ٻئي ڏينهن ۽ ٻيءَ
رات جيسلمير جي رڻ پٽ جو پاسو ڏئي ڪاهيندو ويو ۽
سوير صبح جو سٺ ڪوهه پنڌ جا هڻي ڏيڙان جي ڳوٺ تي
ڪاهي، سميجن انڙن جا پنج سئو ماڻهو (308-1) ماري
وڌائين ۽ ڪيترا قيد ٿي ويا. پوءِ انهن جا ڍور ڍڳا
جيڪي شمار کان ٻاهر هئا ابوالبقا جي ماڻهن پنهنجي
قبضي ۾ آندا.
ابوالبقا اتان منزل پٽي گجرن جي ڳوٺ ۾ آيو، جتي
لاکن ستوهه ڀريس ته اسان جي حفاظت لاءِ به هتي ڪو
قلعو هئڻ کپي، جنهن ۾ سرڪاري ٿاڻو قائم ڪيو وڃي،
سندن چوڻ تي قلعو اڏائي، ان تي جهانگير آباد جو
نالو رکي، مير ابوالقاسم جي پراڻي ملازم فتح علي
کي پنهنجي ڪٽڪ سان اتي ٿاڻيدار مقرر ڪيائين ۽ پاڻ
سيوهڻ هليو ويو.
سندس واپسي جي خبر نصرپور ۾ جڏهن قاسم خان ارغون
تائين پهتي ته ٻاهران ڦڪائي ظاهر ڪندي، صدگر جي
قلعي ڊاهڻ جي بهاني پنهنجن پٽن، جندائي ۽ فتحي، کي
سميجن انڙن ۽ سوڍن سان هڪ هزار سوار ۽ ٻه هزار
پيادا ساڻ ڏئي جهانگير آباد جي قلعي ڏانهن چاڙهي
موڪليائين. اهو لشڪر جڏهن (308-2) جهانگير آباد جي
قلعي جي ويجهڙائي ۾ پهتو ته ابراهيم نالي هڪ افغان
شڪار سانگي اتي پئي ڦريو، جنهن فتح عليءَ کي وڃي
خبردار ڪيو.
فتح علي پنهنجا توبچي ۽ تيرانداز قلعي جي ٻانهينءَ
تي بيهاري، پاڻ ڦڙتائيءَ مان پنهنجن ماڻهن سميت
جيڪي وٽس موجود هئا، قلعي کان ٻاهر اچي، قلعي جي
کاهيءَ ۽ لوڙهي جي وچ تي ٿي بيٺو. هن ڌر جو لشڪر
ڊوڙي قلعي کي گهيرو ڪرڻ وارو هو ته مٿانئس تيرن ۽
گولين جا وسڪارا ٿي ويا، پهرئين ئي حملي ۾ خدا جي
فضل سان دشمن جا ڏهه پندرهن ماڻهو جيڪي بروقت قلعي
ڏانهن وڌي آيا هئا، پٽ تي ڇڙيون هڻڻ لڳا، باقي
لشڪر بيهي نه سگهيو ۽ شڪست کائي موٽي ويو.
فتح علي هن آيت جي آسري:
ڪم من فئت قليله غلبت فئته ڪشيرٿ باذن الله
(خدا جي حڪم سان ڪڏهن ٿورائي وارا گهڻائي تي غالب
پئجي وڃن ٿا)
انهن جي پويان پئي (309-1) ويهارو کن ٻيا ماڻهو به
سندن لشڪر مان ماري وڌا، ۽ انهن جون سسيون ڌڙن کان
ڌار ڪري مير ابوالبقا ڏانهن سيوهڻ ڏياري
موڪليائين، تهان پوءِ سميجن انڙن ابوالبقا جي
عملداري ۾ ڪابه هوڙهيائي نه ڪئي. لاکن کي پنهنجو
مال موٽائي ڏنائون ۽ ٻيءَ ريت وانگر ڍل پهچائيندا
رهيا.
مير ابوالقاسم هڪ سال تائين مرزا غازيءَ سان
گڏقنڌار ۾ هو، ان کانپوءِ اجازت وٺي پنهنجي جاگير
ڏانهن روانو ٿيو. اڃا پنڌ ۾ ئي هو ته سندس ڏينهن
اچي پورا ٿيا ۽ وڃي پنهنجي مولا سان مليو.
هنن واقعن بيان ڪرڻ جو مقصد هي آهي ته مير
ابوالقاسم باوجود ان جي جو سيوهڻ جي سڄي راڄڌاني
سندس جاگير ۾ نه هئي. ٻئي دفعا سيوهڻ جي علائقي کي
جيئن چئجي تيئن پنهنجي ضابطي هيٺ رکيو. ان جي
مهابي ئي هتان جو لشڪر ٻين علائقن جي وڳوڙين جي
گوشماليءَ لاءِ سرڪار جو ساٿ ڏيندو رهيو. ملڪ جي
آبادي ۽ فسادين جي بربادي جو انهي کان وڌ ٻيو ڪهڙو
مثال ٿي سگهي ٿو!
مير ابوالقاسم جي عملداري جو دور (ٻئي ڀيرا) ڇهن
سالن تائين هو. رعيت کي هن انصاف جي روءِ سان فصل
۾ معافيون ڏنيون،ڪيترن هنڌن تي پوکي راهيءَ مان
صرف ٽيون يا چوٿون حصو وصول پئي ڪيائين.
پاڻ وقت جي عالمن ۽ فاضلن کي چڱو مان ڏيندو هو،
انهن لاءِ روزگار جي وسيلن جو بندوبست رکيائين.
هتان جي ڪيترن عالمن فاضلن کي اڪبر بادشاهه جي
زماني ۾ پنهنجي پاران وظيفا ڏئي پاڻ سان ميران صدر
جهان
جي خدمت ۾ وٺي ويو ۽ پوءِ هر ڪنهن
کي پنهنجي لياقت موجب شاهي پروانا ۽ راهه خرچ
ڏياري وري سيوهڻ پهچايائين.
شمشير خان جي عملداري، پهريون ڀيرو
اها ڪمڪ 1003هه ڌاري سبيءَ موڪلي وئي هئي
1003هه ۾ سبيءَ جي سوڀ کان پوءِ قنڌار تي
چڙهائي ڪئي وئي، مير معصوم سبيءَ مان اوڏانهين
ويو هو، ممڪن آهي ابابيگ به ساڻس گڏ ويو هجي.
پ- واري نسخي ۾ هتان ورق 224-228 تائين گم
آهن.
هن جي وفات جي تاريخ نٿي ملي، اندازو آهي ته
ستن سالن کانپوءِ (7- 1008هه ۾)هي جهان ڇڏيو
هوندائين.
گچيرو، موري، ضلعي نوابشاهه لڳ موجود آهي.
مير ابوالقاسم نمڪين، گهڻو ڪري 1008هه يا
1009هه ڌاري سيوهڻ آيو ۽ لڳ ڀڳ هڪ سال ڪي
مهينا نورالدين، موسى گيلاني، گهورئي ۽قره بيگ
جي هتي عملداري رهي.
گجر ڳوٺ درياهه جي هن ڀر، سن کان ميل ٻه پري
محرابپور جي لڳ آهي، جتي مائي رونجهي راڻي جي
درگاهه تي ماڻهو ايندا ويندا رهن ٿا.
ڇني ۽ ٻيٽو ضلعدادوءَ ۾ آهن.
ٺيڙهي اڃا سيوهڻ پاسي موجود آهي.
اڪبر نامي مان معلوم ٿو ٿئي ته اهو فرمان 47
سال اڪبري 1011هه ڌاري صادر ٿيو هو. ان باري ۾
ابوالفضل لکي ٿو ته ابوالقاسم نمڪين کي حڪم
مليو ته مرزا غازي کي پنهنجي غلام خسرو خان
سان، جو سندس اعتماد جوڳو آهي، شاهي درٻار ۾
ڏياري موڪلي (816-3).
12 جمادي الثاني 1014هه (25 آڪٽوبر 1605ع)لاڻهن
جي فسادن سبب هي ملڪ زبين ٿي چڪو آهي، ايتري
قدر جو بکر، ٺ
مير ابوالقاسم صفر 1016هه ۾ باجور جو
ٿاڻيدار ٿيو. اٺن مهينن کانپوءِ رمضان 1016هه
۾ ٻيهر سيوهڻ جو صوبه دار ٿي آيو. (ڏسو تذڪره
امير خاني، سيد حسام الدين راشدي)
سردار خان 10 رمضان 1016هه کان اڳ فوت ٿيو.
(ڏسو تذڪره اميرخاني).
مير ابوالقاسم جي عملداري ٻئي ڀيري شوال
1016هه کان رجب 1017هه تائين هلي. رجب 1017هه
۾ مرزا غازي سان قنڌار ويو.
(تذڪره امير خاني)
انهي قلعي جا آثار اڃا تائين نصرپور جي
پسگردائي ۾ موجود آهن.
|