پيشڪش
”مظهر شاهجهانيءَ“ جي نالي سان، سنڌ تي مغلن جي
والار واري دور بابت هيءَ تاريخ، اصل فارسي ٻوليءَ
۾، يوسف ميرڪ لکي آهي، جيڪو پنهنجي والد جي حڪومتي
جوابدارين ڪري گهڻو عرصو سنڌ ۾ رهيو هو. هي ان جي
ٻئي حصي جو سنڌي ترجمو آهي، جنهن ۾ دهلي جي مغل
سلطنت پاران سنڌ ۾ حڪومت ڪندڙ نوابن جي ظلمن جو
ڪچو چٺو آهي.
مغل دور ۾ ئي ڪي تاريخون ته برابر لکيو ويون، پر
انهن ۾ خود مغل دور جا حالات آيل نه آهن، يا وري
اُهي اُن وقت جا ”شاهناما“ آهن، جن ۾ حاڪمن جي
واکاڻ ۽ وياکاڻ ئي ڀريل آهي.
”مظهر شاهجهاني“ اُهو پهريون ۽ واحد سرچشمو آهي،
جيڪو نه رڳو سنڌ جي تاريخ جو اِهو اهم خال ڀري ٿو،
بلڪ اِها ئي واحد تاريخ آهي، جيڪا پنهنجي وقت جي
هڪ دردمند دل جي سچيءَ ۽ کريءَ پيڙا جي پيدائش
آهي: جنهن ۾ ڪابه مصلحت يا خوشامد، لالچ يا ڊپ
ڊاءُ، ڪو به لڪ لڪاءُ، ڪابه اٽڪلبازي نظر نٿي اچي:
هيءَ تاريخ ائين لکي وئي آهي، جيئن تاريخ لکڻ کپي.
سو، هي سنڌ جي تاريخ جو هڪ بيحد قيمتي ۽ مثالي
دستاويز آهي.
”مظهر شاهجهاني“ لکڻ وارو، يوسف ميرڪ، سنڌ ۾ مغل
نوابن جي آپيشاهي، ظلم ۽ تشدد کي اکين سان ڏسندي،
ڪهڙي ريت اندر ۾ پچندو ۽ پڄرندو رهيو، سو خود سندس
هن ڪتاب جي رٿا ڀندي واري احوال مان پڌرو آهي، ۽
اها ئي پچ ۽ پڄر هن سچي تاريخي چٺي جو بنياد ۽باعث
بڻي.
اُن وقت هو سيوهڻ ۾ هو، ۽ ان وقت مغل بادشاهه
شاهجهان تخت تي ويٺل هو، جنهن جي مقرر ڪيل نواب،
احمد بيگ، مرزا، جا زور ۽ ظلم ڏسي سندس دل ڏري
پيئي. هن خيال ڪيو ته سنڌ تي نواب جي ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ
جي خبر چار بادشاهه کي ڪرڻ کپي. پنهنجو اهو ڪردار
ادا ڪرڻ لاءِ سنڌ جو سفير بڻجي، هو دهليءَ ڏانهن
روانو ٿيو. اڃا بکر پهتو ته نواب کي سمڪ پئجي ويئي
۽ هن بکر جي عملدارن کي چوايو ته يوسف ميرڪ کي
پڪڙي، سيوهڻ موٽايو وڃي. پر ميرڪ اُتان نڪري،
ملتان پهچي ويو، جتي سندس وڏو ڀاءُ، مير ابوالبقا
امير خان، مغلن جو نائب مقرر هو.
ڀاءُ وٽ پهچي، هن اهو خيال ڪيو ته ملتان ۾ رهي،
سنڌ سان ٿيندڙ ظلمن جو داستان تفصيل سان قلمبند
ڪري، دهليءَ وڃي بادشاهه سلامت کي پيش ڪري. پر
سندس ڀاءُ کي ان وقت بدلي ڪري، ٺٽي ۾ نواب مقرر
ڪيو ويو، ۽ يوسف ميرڪ به ان طرح ٺٽي هليو آيو.
سندس ڀاءُ، ابوالبقا امير خان، مغل حاڪمن جي مزاج
کان واقف هو، ۽ هن ڄاتو ٿي ته ميرڪ يوسف جي انصاف
طلبيءَ، حب الوطنيءَ ۽ عوام دوستيءَ جو جذبو ۽
جوش، مصلحت جي خلاف ٿيندو.
وري ٺٽي پهچي، آبهوا جي تبديليءَ ڪري، ميرڪ يوسف
بيمار ٿي پيو، انهيءَ دوران هو رڳو اهو ئي پور
پچائيندو ۽ دعائون گهرندو رهيو ته ڪنهن ريت چڱو
ڀلو ٿيان ته سنڌ جي صورتحال بابت تفصيل تيار
ڪريان. ان لاءِ کيس ايڏي اڻتڻ هئي جو هن پنهنجيءَ
صحتيابيءَ لاءِ باسون باسيون- ڄڻ ته سندس زندگي جو
مقصد ئي اهو رهجي ويو هو ته مرڻ کان اڳ شهنشاهه کي
سنڌ ۾ سندس نوابي ظلم کان هڪ ڀيرو وڏي واڪ آگاهه
ڪري، انصاف جي طلب ڪري.
جڏهن هو بيماريءَ مان چڙهيو ته هن ويهي سنڌ ۾
مغلشاهي بيداد جي تصوير چٽي، ۽ شاهجهان بادشاهه
لاءِ ۽ سندس نالي جي مناسبت سان، ”تاريخ مظهر
شاهجهاني“ تمام دردمنديءَ ۽ دلسوزيءَ سان قلمبند
ڪئي.
هن ڄاتو ٿي ته نواب مرزا احمد بيگ، وقت جي بادشاهه
شاهجهان جي بيگم ارجمند بانو (”ممتاز محل“) جو سڳو
سوٽ ۽ جهانگير جي بيگم نورجهان جو ڀائٽيو هو. پر
هن عظيم تاريخ نويس پنهنجي وقت جو عظيم ڪردار ادا
ڪرڻ ۾ جان جو جوکو به کنيو ۽ سنڌ جو ڪيس قلمبند
ڪرڻ کان نه رهيو.
هن پنهنجو فرض ته ادا ڪيو، پر، بهرحال، ڪنهن به
ريت، سندس اهو اندر جو اُڌمو بادشاهه سلامت تائين
پهچي نه سگهيو، جنهن لاءِ ان وقت جون نامعلوم
حالتون ۽ قرابتدارن جون مصلحتون حائل ٿيون
هونديون. اهو ڪتاب، ان طرح، وٽس ئي رهجي ويو، پر
حسن اتفاق سان محفوظ رهندو آيو ٽن سئو سالن
کانپوءِ عالمن کي ان جو پتو پيو.
سنڌ جي عظيم محقق، پير حسام الدين راشديءَ کي به
”تاريخ مظهر شاهجهاني“ جو نسخو معجزاتي نموني
مليو، جيڪو وقت جي کاڻ ۾ هيري جيان لڪل هو.
هي ڪتاب هڪ سچي انسان جي تاريخي جهاد آهي، جيڪو
ايندڙ تاريخ نويسن لاءِ مثال آهي. ڪاش، اڄ جو ڪو
مورخ هن وقت جو سچو چٺو لکي، مَٽ ۾ وجهي ڇڏي!.
راشدي صاحب هن ڪتاب جو تفصيلي مهاڳ لکيو آهي، جيڪو
بيحد قيمتي آهي. افسوس جو کين جيڪي مفصل حاشيا ۽
وضاحتون اڃا لکڻيون هيون، سي هاڻي ڪڏهن به نه
لکبيون.
نامياري محقق، محمد حسين پنوهر، هن ڪتاب ۾ تڏهوڪن
انتظامي يونٽن توڙي جاگرافيائي ڏسڻيءَ واريءَ
معلومات سان گڏ، نقشا به جوڙي ڏنا آهن.
انهن مڙني ڳالهين ڪتاب جي مجموعي اهميت کي گهڻو
وڌائي ڇڏيو آهي.
پهريون ڇاپو 1979ع ۾ شايع ٿيو هو، جيڪو هاڻي اڻلڀ
هو. ڪتاب جي اهميت کي ڏسندي ان جو هي ٻيو ڇاپو پيش
ڪري رهيا آهيون. اُميد ته ان جو جوڳو قدر ڪيو
ويندو.
15- سيپٽمبر، 1994ع شمشير
الحيدري
سيڪريٽري،
سنڌي ادبي
بورڊ،
ڄام شورو،
سنڌ.
فهرست
* پيش لفظ محمد حسين پنهور
* نوٽ ۽ درستي مترجم
* سنڌ جو نقشو
1608-1700 A.D.
* عرض حال مترجم
* مهاڳ سيد حسام
الدين راشدي
مؤلف جو احوال سيد حسام الدين
راشدي
مظهر شاهجهاني ترتيب ۽ مضامين
ڪتاب جي پهرئين حصي ۾
سنڌ جي تاريخ جو مواد
متن جي تياري ۽ درست
حوالي جا ڪتاب
واڌارا فوج علي ۽ مخدوم
جعفر
بوبڪائي بابت
اهم تاريخي واقعن جا
گوشوارا (1135- 1044)
(چار عڪس ڪتاب جي اصل متن تان ورتل)
شجرا: نورجهان جي ڏاڏنگ ۽ ناننگ
جا شجرا ۽ انهن جو تفصيل
حصو ٻيو
* سنڌ جو احوال-بکر کان ٺٽي تائين
* باب پهريون: بکر جو بيان
* باب ٻيو: سبيءَ جو بيان
* باب ٽيون: ٺٽي جو بيان
(1) ٺٽي جي صوبه داري، شمشير خان اوزبڪ جي زماني
۾.
(2) ٺٽي جي صوبه داري، مظفر خان معموري جي دور ۾.
(3) ٺٽي جي صوبه داري، بايزيد بخاري جي وقت ۾.
* باب چوٿون: سيوهڻ جو بيان
فصل (1) سيوهڻ جي پرڳڻن جو مختصر احوال
فصل (2) هن ملڪ جي وڳوڙين ۽ فسادين بابت
فصل (3) هن راڄڌاني جي زبونيءَ ۽ وڳوڙين جي زور
وٺڻ جو احوال
بختيار بيگ ترڪمان جي عملداري
ڪوريا هندوءَ جي ٺيڪيداري
خواجه نورالدين ڪروڙيءَ جي عملداري
شيخ موسى گيلاني جي عملداري
قره بيگ جي عملداري
مير ابوالقاسم جي عملداري (پهريون ڀيرو)
سردار خان جي عملداري
مير ابوالقاسم جي عملداري (ٻيو ڀيرو)
شمشير خان جي عملداري (پهريون ڀيرو)
مير ابوالبقا جي عملداري
شمشير خان جي عملداري (ٻيو ڀيرو)
شير خواجه جي عملداري
شمس الدين جي عملداري
نوروز بيگ جي عملداري
سيف الملوڪ ڪاشغري جي عملداري
احمد بيگ خان جي عملداري
ديندار خان جي عملداري
فصل (4) سيوهڻ جي سڌاري بابت
فصل (5) سيوهڻ جي وڳوڙين جي سيکت، ۽
ان لاءِ گهربل فوج بابت
ب: چانڊين ۽ ٻروچن کي زير ڪرڻ بابت
ج: نومڙين کي مت ڏيڻ بابت
* پڄاڻي
* تعليقات
* ڏسڻي
پيش لفظ
مظهر شاهجهاني سنڌ جي سترهين صديءَ واري شروعاتي
دور جو ڄڻڪ هڪ گزيٽيئر آهي، جنهن ۾ انتظامي
سرڪاريون پرڳڻا، شهر، ڳوٺ، رستا، قبيلا، فصلن جا
قسم محصولن جا انگ اکر، عوام ۽ حڪومت جا هڪٻئي سان
لاڳاپا وغيره بيان ڪيل آهن. پر اها معلومات ترتيب
وار ڏنل نه آهي، خاص ڪري جاگرافي جا ماڳ ۽ نالا ته
گهڻن هنڌن ۽ بابن ۾ منجهائيندڙ آهن. اها ڪَمي
محسوس ڪندي ”سنڌي ادبي بورڊ“ مون تي انهيءَ دور جي
جاگرافيائي ڏسڻي مرتب ڪرڻ جو ڪم رکيو پر مون خيال
ڪيو ته هن باري ۾ رڳو جاگرافيائي ڏسڻي ڪارائتي نه
ٿيندي، ان ڪري اهو ڪم ٻن حصن ۾ ورهائڻو پيو.
الف- انتظامي يونٽ.
ب- شهرن ۽ ڳوٺن جي نالن جي جاگرافيائي ڏسڻي.
پهرين حصي ۾ ڪن مشهور شهرن، ڳوٺن ۽ قبيلن جا نالا
ڏنا ويا آهن. اهو ڄاڻائڻ ضروري آهي ته جاگيرداري
نظام جي اوائلي دور ۾ قبيلا سماج جو هڪ اهم حصو
هئا، انهيءَ اهميت جي ڪري جيڪي قبيلا مختلف پرڳڻن
۾ رهندا هئا اهي ٽن انتظامي يونٽن، يا سرڪارين
”ٺٽي“، ”سيوهڻ“ ۽ ”بکر“ هيٺ ڏيکاريا ويا آهن، تنهن
زماني ۾ سبيءَ کي سرڪار جي نه پر هڪ پرڳڻي جي
حيثيت حاصل هئي ۽ اهو پرڳڻو بکر جي تابع هو. پر
وري به الڳ حيثيت هئس. نالن جي جاگرافيائي ڏسڻي
واري حصي ۾ اهم شهر، ڳوٺ انهن جا اصلي ماڳ، هاڻوڪا
نالا ۽ هنڌ بيان ڪيا ويا آهن، ان بابت ٻه نقشا
ٺهرائي ڏنل آهن، جن ۾ انتظامي يونٽن جا شهر، ڳوٺ ۽
قبيلا يعني سرڪاريون پرڳڻا ڏيکاريل آهن، اهي
انتظامي يونٽ سدائين ساڳيا نه رهيا هئا. 1009هه
(1600ع) کان اڳ ڳاها، جوڻيجا ۽ خطي جو اڌ بکر جي
سرڪار جو حصو هئا، انهن جي سيوهڻ جي سرڪار سان ڪو
تعلق نه هو. پرڳڻن جي انهي حدبندي جو بنياد سنڌ ۾
دراصل سمن جي صاحبي دوران پيو هو.
مون جاگرافيائي نالن جي چڪاس جو ڪم اٽڪل ٻارهن
ورهيه اڳ شروع ڪيو هو، انهي جاکوڙ ۾ مون کي ڪافي
حد تائين مقامي ڄاڻ حاصل ٿي آهي. هن ڏس ۾ آئون
انهن سڀني دوستن ۽ بزرگن خاص ڪري محترم جي ايم سيد
۽ پنهنجي ماروٽ قمر الدين پهنور جو ٿورائتو آهيان،
جن جي مڪاني ڄاڻ مون لاءِ مددگار ثابت ٿي.
3- آڪٽوبر 1978ع -
ايم ايڇ پنهور
حيدرآباد سنڌ
الف- سترهين صديءَ ۾ سنڌ جا انتظامي يونٽ بکر
سرڪار- اَٺ پرڳڻا
ٽي ساڄي ڪپ تي، پنج کاٻي ڪپ تي
ساڄو ڪپ |
کاٻو ڪپ |
1- جتوئي پرڳڻو
هن پرڳڻي ۾ جتوئي، بُڙدي، ڪورائي، دُردشت ۽
لورلائي قبيلا آباد هئا، جيڪي سڀئي بلوچي
نسل جا هئا. شاه بيگ سندن ٻائيتاليهه ڳوٺ
تباهه ڪري ڇڏيا هئا.
ٻيو قبيلو مهرن جو هو، مهرن جي موجودگي
ڏيکاري ٿي ته انهيءَ علائقي ۾ اوڀارئون جيڪب
آباد ضلعو، سکر تعلقو، گهوٽڪي ۽ ميرپور
ماٿيلي جا اولاهان حصا اچي ٿي ويا، تڏهن
درياهه هاڻوڪي وهڪري کان الهندي پاسي وهندو
هو ڪشمور توڙي سکر تعلقن جا حصا ساڄي ڪپ تي
اچي ٿي ويا.
لاکيار جو ڳوٺ ساڄي ڪپ تي هوندو هو. |
1- ماٿيلو پرڳڻو
ماٿيلو مکيه شهر هو، جنهن ۾ هڪ پراڻو قلعو
هو، هن پرڳڻي ۾ مَهرن ۽ ڌاريجن جا قبيلا
رهندا هئا. اهي قبيلا هڪ صديءَ کان انهي
علائقي ۾ رهندا ٿي آيا، اهي شاهه بيگ ۽ شاه
حسن ارغون سان وڙهيا هئا، پوءِ وري ترخانن
سان به وڙهيا. سترهين صدي جا ٻيا مشهور شهر
اُٻاوڙو، گنجابو ۽ لانگاهن جي رپڙي هئا،
جيڪي سڀئي مير ابوالقاسم جي جاگير ۾ اچي ٿي
ويا.
2- اَروڙ پرڳڻو
3- فتح پور پرڳڻو
هن ۾ گهوٽڪي ۽ ماٿيلي جو وارياسو حصو اچي ٿي
ويو.
|
2- چانڊڪا پرڳڻو
بکر سرڪار جو اهو سڀ کان وڏو پرڳڻو هو،
منجهس وسندڙ قبيلا: سميجا، بُڪيجا (ٻُگهيا)
سانگي ۽ ابڙا هئا. ٻيو اهم قبيلو منديجي
(مديجي) جي شيخن جو هو، انهيءَ علائقي ۾
ڪافي ٻيلا هئا.
انهن قبيلن کانسواءِ جابلو قبيلا جهڙوڪ:
منگسي، لاشاري، دُردشت، ديناري، رند، ڊومبڪي
۽ بڙدي به رهندا هئا، جيڪي سڀئي بلوچ
سڏائيندا هئا. هنن جو ڳوٺ مير ابڙي واري
واهه جي ڪپ تي هو، جيڪو سندن ئي کڻايل هو.
منهه ۽ پوپٽي ٻئي ابڙن جا مشهور ڳوٺ هئا،
جيڪي نندي ابڙي ٻڌايا هئا. |
4- ڪاڪڙي پرڳڻو
ڪنب، ديجار، بحيره (بُڇيري) اهي شهر اتر
نواب شاهه ۽ ڏکڻ خيرپور ضلعن ۾ هوندا هئا،
اتي منگيڻجن جا قبيلا رهندا هئا.
|
3- ٽڪر پرڳڻو
پٽيجي هن پرڳڻي جو مکيه شهر هو پرڳڻي ۾
وسندڙ قبيلا سميجا، بڪيجا، (ٻگهيا) ۽ لاکيار
هئا. ٽڪر پرڳڻي جا اهي رهواسي بلڪل جاهل
هوندا هئا. |
5- درٻيلو پرڳڻو
هن پرڳڻي ۾ درٻيلو ۽ ڪڪڙي مشهور شهر هئا، هي
پرڳڻو درياهه جي ٻئي ڪپ تي چانڊڪا پرڳڻي جي
سامهون هوندو هو. اهي ٽيئي علائقا چانڊڪا،
درٻيلو ۽ ڪڪڙي، مير معصوم جي جاگير ۾ اچي ٿي
ويا. هتي سهتا، راڄپر ۽ بهڻ قبيلا رهندا
هئا. |
|