احمد بيگ خان هتي هڪ قلعو اڌڏايو جيڪو سندس چڱو
ڪارنامو ليکيو وڃي ٿو، انهي قلعي جي نئين سر مرمت
ڪرائي اتي سئو سوار ۽ پنجاهه توبچي وهارڻ کپن،
جيڪي ماڻهو ڳوٺ ڇڏي هيڏانهن هوڏانهن هليا ويا آهن،
تن کي ڳولي ڦولهي هٿ ڪري (380-2) دم دلاسي سان وري
هتي وسايو وڃي. هڪ سال تائين کانئن ڪابه ڍل وٺڻ ۾
نه اچي، ان کان پوءِ ساڳين پنجن حصن جي حساب سان
چار حصا هنن کي ڏياريا وڃن ۽ هڪ حصو حاڪم کي ملي،
انهي رعايت مان ڳوٺ جي آبادي کي وڏو فائدو پهچندو
۽ ائين ئي جابلو ماڻهن جي هٿ چراند جو آزار سيوهڻ
جي خلق تان لهي ويندو. هي ڳوٺ سيوهڻ جي قلعي کان
ٽن ڪوهن تي آهي، جبل هن کان ٻه ڪوهه پري ٿيندو.
هتي ٿاڻي پوڻ ڪري هن پاسي جا رهاڪو ساوي ڳوٺ واري
ٿاڻي جي ماڻهن سان رابطو رکي هر خطري کان چوڪس پيا
رهندا.
ڪاهي ماجوبي: هيءَ لڪيءَ واري جبل جي گس تي آهي.
اهو گس ٻنهي پاسن کان خوفائتو رهي ٿو. ڪيئي ماڻهو
هتي پنهنجيون جانيون وڃائي چڪا آهن. درياهه هن جبل
جي هيٺان وهي ٿو (381-1). سياري جو جڏهن پاڻي لهي
ٿو وڃي ته جبل جي وٽ سان ماڻهن جي اچ وڃ ٿيڻ لڳي
ٿي. پاڻي جي چاڙهه وقت هرڪو لڪيءَ جي جبل واري گس
تان اچي وڃي ٿو، جيڪو مٿي بيان ڪيو ويو. انهي گس ۾
جابلو ڌاڙيل ۽ سميجا سنڌيون هڻي، ماڻهن کي ماري،
سندن مال ڪاهي ٿا وڃن، ترخانن جي دور ۾ هتان جي
ماڻهن کي اڀل۾ آڻي، مٿن واجبي اڳاڙي رکي ٿي وئي،
جنهن ڪري اهو گس اچ وڃ لاءِ کليل پئي رهيو.
تنهن زماني ۾ هنن تي پوک جي پيدائش ۾ به ڍل جي
رعايت روا رکي پئي وئي، ان ڪري ترخانن جي دور ۾
هنن کي ”مواجبي“ ڪوٺيو ٿي ويو، جيڪو لفظ هاڻ هن
ملڪ ۾ ”ماجوبي“ مشهور آهي.
بختيار بيگ جي عملداري کان پوءِ سيوهڻ جي
جاگيردارن رعيت تي ظلم شروع ڪري ڏنا، جنهن ڪر
يهتان جا ڳوٺاڻا گهر گهاٽ ڇڏي دربدر ٿي ويا. جڏهن
مير ابوالقاسم سيوهڻ ۾ آيو، هتان جي رعيت کي بکر
مان گهرائي، (381-2) آٿت ڏئي، پنهنجي جاين تي
ويهاريائين. هن معمول جو ٽيون حصو مٿن مقرر ڪيو
هو، لڪيءَ واري گس جي اڌ حصي جي سنڀال جو ڪم به
هنن تي رکيائين. اهو گس سيوهڻ ڏانهن ٿي ويو. ٻئي
پاسي جيڪا واٽ سن جي پرڳڻي ڏانهن پئي وئي. تنهن جي
نظرنداري لڪيءَ ۾ رهندڙ نوت ٻروچن جي ذميداري ۾
ڏني وئي. هي جيڪي ٻنيون آباد ڪندا ٿي آيا، اهي کين
ئي بخش ڪري ڏنيون ويون. اهو دستور شمشير خان جي
عملداري تائين هلندو آيو، ان کانپوءِ ڪنهن به حاڪم
هتان جي رعيت سان ڪا رعايت نه ڪئي، جنهن ڪري
هوريان ڏاڍيان ماڻهن جا حال هيڻا ٿيندا ويا. هنن ۾
جيڪي جاندار ماڻهو هئا، تن کي جابلو ڌاڙيلن شهيد
ڪري ڇڏيو.
ديندار خان جي زماني ۾ هڪ دفعي نومڙين اچي هن ڳوٺ
تي ڪاهيو ۽ جيڪو تر ٻچو کين نظر آيو تنهن کي
ڪٺائون (382-1). زالن جا ڪن وڍيائون ۽ ٻارن کي قيد
ڪري وٺي ويا ۽ جيڪي ماڻهو باقي بچيا تن ڀڄي وڃي
سيوهڻ جا وڻ وسايا ته ڪي ٻين پاسن ڏانهن پکڙي ويا.
اهو ڳوٺ ائينويران ٿي ويو. هي ڳوٺ سيوهڻ واري قلعي
کان ٻن ڪوهن تي آهي ۽ لڪي جي جبل کان هڪڙي ڪوهه تي
ٿيندو. شهر جا ڍور ڍڳا انهي پاسي چارڻ لاءِ نيا ٿي
ويا ۽ ڪاٺير به اتان ئي ڪاٺيون آڻيندا هئا.
هي ڳوٺ جڏهن ويران ٿيو ته سميجن ۽ جابلو شاهينگن
جا هٿ سيوهڻ تي ورڻ لڳا. هو هتان جا ڍور ڍڳا زوري
ڪاهي ٿي وي ۽
جيڪي جهنگ ۾ ڪاٺيون ڪرڻ ويندا هئا تن ۽ ٻين مسافرن
کي قتل ڪيو ٿي ويو. سندن اها لٽ ڦر سدائين هلندي
ٿي آئي، ايتري قدر جو سيوهڻ جي شهر ۾ ڍورن ڍڳن
۽گهوڙن جي حفاظت تمام مشڪل ٿي پئي. ڪيئي سميجن جا
ڪاٽڪو وچ شهر مان ديندار خان جي سپاهين کان زوري
گهوڙا ڦري (382-2) ڪنهن کي اها طاقت نه ٿي جو انهن
ڌاڙيلن جو اڳ وٺي، انهي آزار کان ديندار خان سيوهڻ
شهر جي چوڌاري قلعي کي مضبوط ڪرايو، جيئن مٿي
ڄاڻايو ويو.
هڪ ڏينهن مولف، ديندار خان کي چيو ويو ته ”ڳوٺن جي
اها بربادي خاص ڪري اوهان جي ايامڪاري ۾ نٿي ٺهي!“
اهي لفظ سندس لاءِ اثرائتا ٿيا ۽ اهو ڳوٺ سيد جلال
جي تحويل ۾ ڏنائين، جنهن پنهنجي پٽ سيد ڪمال جي
نالي ڳوٺ تي ڪمال پور جو نالو رکي ان جي چوڌاري
قلعو اڏائي، باقي رهيل رعيت کي دلجاءِ ڏئي، پنهنجي
ماڳ تي رهائڻ جو انتظام ڪيو. ماڻهن
کي پوک جي
آبادي ۾ معافي ڏنائين، جنهن موجب اپت جا چار حصا
ڪري هڪ حصو حاڪم کي ۽ ٽي حصا رعيت کي پئي ڏنا ويا.
انهي آڀل آسري تي رعيت ۾ ڪجهه ساهه پيو. اڃا ڏهه
ويهه جريب ايت ٿيل
جي ربيع ۾ (383-1) مس پوکيا ويا ته ديندار خان جي
بدلي ٿي وئي.
هن ڳوٺ جي سڌارو هر حالت ۾ لازمي آهي. هن ڳوٺ جو
اهو پاسو سيد جلال وٽ ئي رهي جيڪو کيس مليل آهي،
پر ان ۾ ڏهه تير انداز ضرور رهايا وڃن، جيئن رعيت
هتي ڪو جٽاءُ ڪري سگهي ۽ لڪي واري گس جي خبرداري
به ٿيندي رهي، اهي ٻيئي ڳوٺ حويلي سيوهڻ جي پرڳڻي
۾ آهن.
سيوهڻ جو شهر: هن جي سڌارن بابت مٿي ذڪر ٿي آيل
ڳوٺن جي باب ۾ اشارو ڪيو ويو. هتي رعيت جي بهتري
لاءِ اڳئين دستور مطابق معافي جو سلسلو جاري رکڻ
کپي. سيوهڻ جو قلعو جيڪو پراڻو ۽بيڪار ٿي چڪو آهي،
تنهن جي نئين رسر مرمت ڪرائي وڃي ته ڏاڍو چڱو
ٿيندو.
ڪائي ۽ نئيگ هي ٻئي هڪ ئي وسندي جي نالي سان
سرڪاري واري ڍنڍ (چشما)
دفتر ۾ لکيا وڃن ٿا (383-2). هنن جو واسطو بوبڪن
واري پرڳڻي سان آهي. ٻنهي هنڌن تي نوحاڻي ٻروچ رهن
ٿا، جيڪي پوکي راهي ڪندا آهن، ليڪن اهي ٻين وانگي
جاگيردار کي ڍل نٿا ڏين.
هي بختيار بيگ، مير ابوالقاسم ۽ شمشير خان جي
عملداري واري دور کان وٺي پنهنجي رواج موجب هر فصل
تي رڍون ٻڪريون ڏيندا رهن ٿا. سرڪار ڦاران جتي به
ڪا چڙهائي ڪرڻي ٿي پئي ته ان ۾ به همراهي ٿي
ڪيائون، جيئن اڳ ۾ به ٻڌايو ويو. ليڪن هاڻ هي
ڏتڙجي ويا آهن ۽ ڪنهن به ليکي ۾ نٿا اچن. ٻنهي
ڍنڍن جي وچ ۾ هڪ ڪوهه جو فاصلو آهي. هي سيوهڻ کان
ڇوڏهن ڪوهن تي ٿيندا وچ ۾ جبل آهي.
هتي جيڪي جابلو چشما آهن، تن جي ڪنارن سان گڊ ۽
سرهه جو شڪار جام ٿئي ٿو. مولف پڻ پنهنجي ڀائٽي
عتيق الله (مير ابوالبقا جي وڏي پٽ) سان گڏجي جبل
۾ وڃي انهن جانورن جو شڪار ڪيو هو، جنهن کي جنت
مڪاني (جهانگير بادشاهه) شڪار لاءِ روانو ڪيو هو
(384-1) هنن ٻروچن کي انهن ڳوٺن جي نگهباني لاءِ:
جابلو قومن جي فسادن کان بچاءَ جو آسرو ڏيئي سندن
لاءِ ورءُ جو بندوبست ڪرڻ گهرجي، هونءَ به هنن جو
ڪو ايڏو وڏو تعداد ناهي.
هي ٻيئي چشما ته هنن جي حوالي ڪيا وڃن، پر ٺيڙهي
وارو ڳوٺ به کين جاگير ڪري ڏجي، جتي سندن ئي قوم
جا سو کن ماڻهو ٿاڻي طور مقرر ڪيا وڃن، ايترائي
ٻيا ماڻهو مٿين چشمن وٽ پنهنجن ماڳن تي رهائجن.
نئينگ جي مٿان احمد بيگ خان جيڪو قلعو اڏايو هو،
تنهن کي به وڌيڪ مضبوط ڪري ويهارو سوار ۽ڏهاڪو
توبچي ان ۾ رهايا وڃن، جيئن اتان جا ٻروچ شاهي
لشڪر جي حڪم هيٺ (384-2) جابلو قومن جي چرپر تي
نظر رکندا اچن. ذڪر ڪيل ٻارهن ڳوٺ انهي تدبير سان
ئي جابلو قومن جي هٿ چراند کان محفوظ رهي سگهن ٿا،
تنهن کانسواءِ جاگيردار لاءِ به ڪو کٽڪو نه رهدنو.
هاڻ انهن ڳوٺن جو بيان ڪجي ٿو جيڪي ڏهن جي تعداد ۾
درياهه جي اترئين ڀر حويلي سيوهڻ جي پرڳڻي ۾ اچن
ٿا.
1-
کبڙوٽ
2-
سانڪپور
3-
ڀوترو
هنن ٽنهي ڳوٺن ۽ انهن سان لاڳيتي جبل جي وچ تي
منڇر ڍنڍ آهي، جنهن ڪري هتان جي رهاڪن کي جابلو
شاهينگن جو ڪو به خطرو ناهي. هتان جي رعيت کي
معافي ڏئي آبادي وڌائڻ جا اپاءَ ڪرڻ کپن.
حويلي سيوهڻ جي پرڳڻي جا پنج ٻيا ڳوٺ درياهه جي
پرينءَ ڀر سميجن بيهودن جي پاسي آهن، جيڪي انهن
نڀاڳن جي ڪري آباد نٿا ٿين ۽ سدائين ويران رهندا
اچن ٿا (385-1). هنن ڳوٺن جي سڌاري بابت خطي پرڳڻي
واري بيان ۾ تفصيل پيش ڪيو ويندو.
اهي ڳوٺ هن ريت آهن:
1-
لنجارن جو ڳوٺ
2-
سيدن جو ڳوٺ (موضع سيدان ڪاره)
3-
دولت آباد
4-
دهه ڳوٺ
5-
ٻيلي شيخ ممون
اٺونسن وارو پرڳڻو آهي، جيڪو هن وقت نومڙين، سميجن
۽ انڙن جي ارڏائين ڪري ڀڙڀانگ نظر اچي ٿو. هن
پرڳڻي جا ڪيترا ڳوٺ آبادي کان محروم ۽ ويران پيا
آهن. هن پاسي هيءَ تدبير ڪاريگر ٿي سگهندي ته احمد
بيگ خان آمري جي ڳوٺ ۾ جيڪو قلعو ٺهرايو هو، تنهن
جي وري مرمت ڪرائي، ان سان گڏ ساڳئي هنڌ پنجاهه
سوار ۽ پنجويهه توبچي ويهاريا وڃن، جيئن سن جي
آسپاس ۽ الهندي وارا ڳوٺ آباد ٿي پون.
آمري ۽ٺٽي: (385-2) آمري ۽ ٺٽي ولي محمد هن وقت
ويران آهن. ٻنهي ڳوٺن ۾ سيدن جي رهائش هئي. اهي
ٻيئي وسنديون شمشير دخان اوزبڪ جي عملداري ۾ آباد
رهنديون ٿي آيوبن، ان کانپوءِ حالتن ڦير کاڌو ۽
هتان جي سيدن کي نومڙين ۽ سميجن انڙن قتل ڪري ڇڏيو
۽ جيڪي ٿورا گهڻا باقي بچيا، اهي ڪک پن ٿي ويا.
آمري وارو ڳوٺ ديندار خدان سن جي ارباب سيد يوسف
کي جاگير ڪري ڏنو هو ۽ ٺٽي وارو ڳوٺ لڪي وارن سيدن
مان سيد حسن کي مليل هو، جن هنن ڳوٺن ۾ ڪي ٻنيءَ
جا ٽڪرا آباد ڪيا هئا.
هتان جا ماڻهو جيڪي پنهنجا اجها ڇڏي ٽڙي پکڙي ويا
آهن، تن کي ڳولي هٿ ڪري وري ساڳين وٿاڻن تي
ويهاريو وڃي. انهن کي به اها رعايت ملڻ کپي ته پوک
جي اپت مان چار حصا ڪري، هڪ حصو حاڪم کي ۽ ٽي حصا
رعيت کي ڏياريا وڃن (386-1)
لڪي جو ڳوٺ: هي به سيدن جو ڳوٺ هو. هتي مير
ابوالقاسم معافي جي جيڪا رسم جاري ڪئي، اها اڃا
سوڌي قائم آهي، انهي مطابق چوٿون حصو پيداوار جو
سيد ابوبڪر جي اولاد ٿي کنيو ۽ٽيون حصو سڀني رعيتي
ماڻهن توڙي سيدن وٽان جاگيردار کي پئي مليو. باقي
حصا رعيت جي بلي هئا. انهي رعايت جي ڪري، هيءُ
ڳوٺ وڌيڪ آباد پئي ٿيو. ايتري تائين جو هتي زمين
جو ڪو به پوکي لائق حصو غير آباد نه رهيو. هي ڳوٺ
حقيقت ۾ اني لحاظ کان سن جي سڄي پرڳڻي ۾ سرس هو.
هتان جا ماڻهو پنهنجي زور تي جبل جي پاسي ۾ رهندا
ٿا اچن. جيڪڏهن انهن تي ڏکيو وقت پئي آيو ته آمري
۽ ٺٽي وارا سيد به جابلو ماڻهن جي وڳوڙن کان بچي
نه ٿي سگهيا ۽ ڳوٺ به ويرال پئي ٿيو (386-2). ۽
پوءِ ٿوري وقت ۾ وڳوڙ جي هڪ باهه سن ۾ ته ٻي سيوهڻ
۾ ٻري ٿي پئي ۽ وچ ۾ سميجن انڙن ۽ جابلو حمله آورن
جي ڦرمار کان ڪو به ساهوارو محفوظ رهي نٿي سگهيو.
هن ڳوٺ کي به ساڳئي ئي نموني هلائڻ کپي. ڳوٺ کان
ٻاهر جيڪي ٻروچ رهن ٿا، تن کي به فصل ۾ معافي ڏئي
مٿن لڪي واري گس جي سنڀال جو ڪم رکيو وڃي، جيئن اڳ
۾ بيان ٿي چڪو.
هن ڳوٺ ۾ ڪوهه کن پرتي جبل ۾ گندرف جو هڪ چشمو
آهي، هتي رات ڏينهن سيوهڻ توڙي ٻين پاسن، بکر ۽
ٺٽي جا هندو ٻارين ٻچين اچي وهنجندا آهن. اهو
تماشو سدائين لڳو پيو هوندو آهي، زالو توڙي مرد
گوڏيون ٻڌي، بت اگهاڙا ڪري، پاڻي ۾ پاڻ ڌوئيندا
آهن (387-1). مرزا جاني بيگ هن چشمي جي مٿان جبل
جو ٽڪرو ڪاٽي، اتي جاءِ ٺهرائي هئي، جنهن ۾ ٽي
ماڻهو ماپي ٿي سگهيا ۽ اتي ويهي تماشو ڏسي ٿي
سگهيا. هندو هن چشمي کي تيرٿ ڌارا ڪوٺيندا آهن.
سنڌيءَ ۾ هي عام طور وڏي ديگ نالي مشهور آهي، هتان
ٽي ڪوهه پرتي جبل تي هڪ وڏي قبر پڻ ڏسجي ٿي. پڪين
سرن سان ٻڌل اها قبر پنجاهه سٺ گز ٿيندي. ماڻهن يج
روايتن موجب اها قبر حضرت هارون جي آهي. مولف به
انهي ڀلاري قبر جي زيارت ڪئي هئي. نهايت فيض ڀري
جاءِ آهي.
هتي سن واري اوڀارئين پاسي جيسروت نالي ڳوٺ ۾ هڪ
قلعو اڏائي، ان ۾ پنجويهن توبچين سان گڏ پنجاهه
سوار ويهارڻ گهرجن. انهي سان گڏ ڳوٺ ادربيلي لاکي
جي سار لڌي وڃي جيڪو هاڻ تي غير آباد پيو آهي پر
(387-2) شمشير خان جي عملداري ۾ ڏاڍو آباد هو هتي
به رعيت کي پوک جي سلسلي ۾ معافي جي رعايت ملڻ
گهرجي. سن توڙي ٻين ڳوٺن ۾ رهندڙ ماڻهن کي به اهڙي
معافي سان نوازي سندن دل ورتي وڃي. سڀني ماڻهن کي
سپاهگري جي سهولت ملڻ کپي.، جنهن وٽ اهڙي سهولت نه
هجي، ان کي به ڏني وڃي، جيئن رعيت وقت سر ٿاڻن تي
مقرر ٿيل فوجين جو ساٿ ڏيندي رهي.
ٿاڻن تي مقرر ٿيل ماڻهن جي ورءُ ساڳئي پرڳڻي مان
هٿ ڪئي وڃي، متان اهي پنهنجي ورءُ لاءِ ٻئي هنڌ
هليا وڃن ۽ وڳوين کي فساد ڪرڻ جو موقعو ملي وڃي.
رعيت کي جائيتي ڪرڻ لاءِ هن قسم جا جيڪي جتن ڪيا
ويندا، تن ۾ هڪ سال لڳي ويندو. ان کانپوءِ انهي ئي
تدبير سان هي ملڪ خدا ڪندو ته ايترو آباد ٿي
ويندو. جو بيان ڪري نٿو سگهجي (388-1) ان وقت ٿاڻن
تي مقرر ڪيل ماڻهن سان وڌيڪ رعايتون عمل ۾ آڻڻيون
پونديون.
سن جو شهر: هي سيوهڻ کان ارڙهن ڪوهن تي آهي، جبل
هتان ستن ڪوهن تي ٿيندو. سن کان پنج ڪوهه پري ٺٽي
جي طرف ڏانهن هڪ جبل آهي، جنهن تي حضرت خواجه اويس
قرني جي مزار پئي ٻڌجي، جتي سندس والده جي مزار به
آهي. هيءَ جاءِ اويس قرنيءَ جي نظرگاهه به ڪوٺجي
ٿي. صبح جي موقعي تي جبل ۽ ٻين پاسن کان حشام
ماڻهن جا زيارت لاءِ هتي ويندا رهن ٿا.
سيوهڻ جي جاگيردار کي کپي ته دياهه جي اورينءَ ڀر
جيڪي پرڳڻا آهن، تن کي ڌيان ۾ رکي، ڇهه سو چاليهه
سوار، ٽي سو چاليهه توبچي ۽ تير انداز اٺن ئي
پرڳڻن ۾ مقرر ڪري، پنهنجا ٿاڻا وجهي ڇڏي ۽ رعيت تي
هٿ رکي (388-2) ۽ سميجن انڙن جي سيکت توڙي انهن ٽن
پرڳڻن جي سنڀال لاءِ جيڪي انهن نامرادن جي علائقي
۾ آهن، ڪافي تعداد ۾ سوار ۽ توبچي درياهه کان
ٽپائي وينجهڙي واري قلعي ۾ رهائي ڇڏي ۽ وينجهڙي
واير ڍنڍ جي پاسن کان پڻ باغ رکائي قلعي کي وڌيڪ
محڪم ڪري. اهڙي طرح جوڻيجن جي پرڳڻي واري رعيت سان
به رعايت ٿيڻ کپي.
لاکاٽ پرڳڻي جا ٻه پاسا هن ريت آهن:
هڪ پاسي لاکا جيڪي پرامن رعيتي آهن ۽ ٻئي پاسي
سميجا چنڊال رهن ٿا.
لاکن بابت اڳ به بيان ڪيو ويو آهي. بختيار بيگ کان
وٺي احمد يبگ خان جي زماني تائين هنن کان فصل تي
ٽيون حصو ورتو ٿي ويو. ديندار خان جڏهن رعيت کي
زبون حالت ۾ ڏٺو ته رعيت ۽ حڪومت جي ڀلائي جي نيت
سان (389-1) مٿن چوٿون حصو رکيائين.
بهتر ائين آهي ته هنن لاءِ ساڳيو ديندار خان وارو
دستور قائم رکيو وڃي ۽ کانئن هر فصل تي چوٿون حصو
اڳاڙڻ ۾ اچي.ک سميجن لاءِ به اهو ئي دستور هجي،
جيڪو اڳ هو، جيئن بختيا بيگ، مير ابوالقاسم ۽
شمشير خان جي زماني ۾ هنن کان هر فصل تي ٽيون حصو
وٺڻ ۾ ٿي آيو. انهي ئي دستور مطابق انهن چنڊالن
کان زوري توڙي ماري مڃائي به ٽيون حصو وٺڻ گهرجي.
خطي واري پرڳڻي کانسواءِ حويلي سيوهڻ واري پرڳڻي ۾
به سميجن جي پاسي جيڪا رعيت رهي ٿي، تنهن جي
پيداوار جا پنج حصا ڪري، ان مان ٽي حصا رعيت کي ۽
ٻه حصا سرڪار کي ڏيارجن.
جوڻيجن جو ڳوٺ سيوهڻ جي قلعي کان پندرهن ڪوهن جي
پنڌ تي آهي (389-2).
لاکاٽ جو ڳوٺ سيوهڻ کان اٺ ڪوهه ۽ خطي پرڳڻي جو
ڳوٺ ٽلٽي کان ٽي ڪوهه پري آهي، انهي سڄي پرڳڻي کي
خطو سڏيو وڃي ٿو.
سيوهڻ جو جاگيردار جيڪڏهن پورو هڪ ساو وينجهڙي
واري علائقي کي پنهنجي نظرداري ۾ رکي ته سميجا انڙ
هميشه لاءِ نيست ۽نابود ٿي وڃن. اهي ٽيئي پرڳڻا جن
جو مٿي ذڪر ٿي چڪو، اڳي وانگي آباد ٿي سگهن ٿا. هن
طرح ته اهي ماڻهو، جيڪي لاچار حالت ۾ پنهنجا اصلي
ماڳ ڇڏي سميجن ۾ وڃي ويٺا آهن، تن کي وري محبت سان
نڀاڳن سميجن کان ڪڍي ساڳين جاين تي آندو وڃي. اهڙي
طرح خطي، سن واري پرڳڻن، جوڻيجن، لاکن، لاکاٽ جي
پرڳڻي ۽حويلي سيوهڻ جي ڪن ڳوٺن ڏانهن به جيڪي
ماڻهو فرار ٿي چڪا آهن، تن کي به واپس آڻڻ گهرجي،
انهن کي سمجهايو وڃي نه سميجن مان چڱائي مور نه
ٿيڻي آهي. بدبخت هر حالت ۾ اوهان کي انت پريشان ۽
دربدر ڪري ڇڏيندا. (390-2).
پڇاڙي ملڪ ۾ پڙهو گهمايو وڃي ته ڪو به سميجو يا
سندس زال ۽ مال جنهن کي به هٿ اچي، ته انهي کي نه
ڇڏي، ان لاءِ رعيت ۽ سپاهه کي پورو اختيار ڏنو
وڃي، جاگيردار کي انهي ڳالهه تي پختو رهڻ گهرجي.
سميجن تي سدائين چڙهت ۾ رهڻ گهرجي. پوءِ ڏسي سگهبو
ته قدرت سميجن سان ڇاٿي ڪري!، انهي طريقي سان
سميجا ته قتل ٿي ويندا پر سندن ٻار ٻچا به قيد ٿي
پويندا ۽ سندن مال ملڪيت به تارلج ٿي ويندو، جيڪي
باقي بچندا اهي پاڻهي چيءَ ۾ ڳارو ڪري اچي پيش
پوندا ۽ آئيندي لاءِ رعيتي راڄ ٿي رهندا. پنجن
سالن اندر هنن جو به اهوئي حشر ٿيندو، جيڪو کانئن
اڳ چاڪر هاليءَ واري راڄڌاني جي شورن، ٻٻرن ۽ دلن
جو ٿيو هو ۽ ماڻهو سندن فتنن فسادن کان بنهه ڇٽي
پوندا.
سرڪار نامدار کي اهو فڪر نه ڪرڻ گهرجي ته سيوهڻ جي
پيداوار مان ايترن سون توبچين ۽ تيراندازن جي خرچ
جي پورائي ڪين ٿي سگهندي (390-2) جيڪڏهن مٿي بيان
ٿيل خاصيتن وارو ڪو شخص سيوهڻ جو جاگيردار مقرر
ٿيو ته ايترو سپاهه رکي، هر سال هزارن کان به مٿي
آمدني جي رقم شاهي خزاني ۾ پهچائي سگهندو. سواءِ
پهرئين سال جي جيڪو رعيت ۽ لشڪر جي انتظام رکڻ ۾
لڳي ويندو. پنجن سالن کانپوءِ هن ملڪ مان وڳوڙين
جو ته خاتمو ٿي ويندو، پر هڪڙي علائقي مان ڏهن
علائقن جي آمدني به وڌيڪ پيداوار جي وسيلي ٿي
سگهندي. پوءِ ڀلي ان جاگيردار کي ٻئي پاسي بدلي
ڪيو وڃي يا هتي کانئس ڪا ٻي خدمت وٺڻ ۾ اچي.
اڻون ٻيلي ۾ جيڪا سرمي جي کاڻ آهي يا ٽامي جي کاڻ
جو به اتي ڏس پوي ٿو، تنهن کي سلطنت جي تحويل ۾
آڻي، ٽامو هٿ ڪري انهي مان آمدني حاصل ڪري سگهجي
ٿي.
هتي گهورئي هندوءَ جي پٽ ماڻڪ جو مثال پيش ڪجي ٿو،
جنهن (391-1) اڪبر بادشاهه توڙي جهانگير جي زماني
۾ رڳو ڳاهن واري هڪڙي پرڳڻي جي هٿ ۾ رکڻ ڪري سيوهڻ
جي راڄڌانيءَ اندر ڪيڏو ڪم ڪري ڏيکاريو هو، اها
ماجرا هن ريت آهي ته هن پرڳڻي جا ٻه حصا گهورئي
هندو جي جاگير ۾ ۽ هڪ حصو شاهي جاگير ۾ هو. هن اهو
حصو به ٺيڪي تي کڻي سڄو پرڳڻو پنهنجي پٽ ماڻڪ جي
سنڀال ۾ ڏنو. اهو ذڪر اڳ به اچي چڪو آهي ته هن
ڪيئن هتي مناسب تدبيرون عمل ۾ آنديون هيون. هيءُ
ڳاهن ۾ قلعو جوڙائي پاڻ اتي ويهي رهيو. سوين
ڪارائتا سوار مغلن ۽ افغانن مان ۽ سوين توبچي ۽
تيرانداز پاڻ وٽ ملازم رکيائين، جن سپاهگري جي فن
۾ سميجن، چانڊين، نومڙين ۽ ٻين وڳوڙين توڙي جابلو
فسادين کي جوڳي سيکت ڏئي ڇڏي هئي. بلڪ سبيءَ پاسي
رهندڙ مگسي قوم تي چڙهائي ڪري، انهن جو به خانو
خراب ڪري ڇڏيائين. (391-2). سندس مرضي هئي ته اڃا
به جبل جي اندر وڃي حب واري ڳوٺ ۾ قلعو تيار ڪرائي
ان ۾ ڳاهن واري پرڳڻي جي هر ڳوٺ مان هڪڙي گهر تان
هڪ ماڻهو آڻي، اتي رهائي، جيئن اتي پوکي راهي ٿيڻ
لڳي. ان لاءِ پوري طرح تيار ٿي،جبل جي وسندين تي
چڙهائي ڪرڻ جو منصوبو سٽيائين پر اهو معاملو سر ٿي
نه سگهيو. سندس اهي ڳالهيون اڃا سوڌيون سنڌ ۾
مشهور آهن.
هڪ دفعي رعيت مان پنوهرن سانس سرڪشي ڪئي. سو هيئن
ته ڪنهن سواريءَ دوران هن جو چهبڪ هٿن مان ڪري
پيو، تنهن تي عيسي نالي پنوهرن جي سردار پنهنجي
ماڻهوءَ کي هڪل ڪري چيو ته واڻئي جي تارازي جي ڳني
ڪري پئي آهي، سا کيس کڻي ڏيو، هو اهي اکر دل ۾
رکندو آيو. هڪ ڏينهن مهماني جي بهاني پنوهرن جي
سردارن کي پاڻ وٽ گهرائي، قيد ڪري، ڳاهن واري قلعي
۾ رکيائين. هنن کي اتي هٿيڪو ڪير پنهنجا سپاهي وٺي
وڃي سيڪرجي واري ڳوٺ تي ڪڙڪيو (392-1)، جتي عيسي
پنوهر جو ماڳ هو. مير نالي عيسي پنوهر جي پٽ
پنهنجي ماڻهن کي ڏاهه ڏيئي ماڻڪ سان مهاڏو اٽڪايو.
ٻنيه ۾ زوردار چڪري لڳي. آخر مير قتل ٿي ويو ۽
پنوهرن کي شڪست نصيب ٿي. حالانڪه تن ڏينهن ۾ اهي
پنوهر تمام طاقت وارا هئا، وٽن ست اٺ سئو سوار ۽
ٻه ٽي هزار پيادا سدائين موجود رهندا ٿي آيا.
اها وستي اڃا سوڌي لڪيءَ ۽ سيوهڻ جي وچ تي
موجود آهي. اصل ڪتاب ۾ ”معجوبي“ لفظ آيل آهي
(مترجم)
ترڪيءَ جي ٻارهن سالن واري دوري مان يارهون
سال، اهي ٻارهن سال جانورن جي نالي منسوب آهن،
هر ٻارهن سالن جي دوري کانپوءِ ٻئي دوري جي
شروعات ٿئي ٿي، ايت ئيل- معنى ڪتي جو سال.
(مترجم)
نئيگ اڃا سوڌو موجود ۽ مشهور آهي.
|