سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: تاريخ مظهر شاهجهاني

باب: --

صفحو: 26

سال 2 جهانگيري (10 رمضان 1016) کيس پنج هزاري ذاتي منصب ۽ سوارن سان سرفراز ڪري، ٺٽي جي سڄي جاگير سان گڏ جا اڳ ۾ ئي کيس مليل هئي، ڪجهه حصو ملتان مان به سندس تحويل ۾ ڏنو ويو، پوءِ هن کي قنڌار جي حڪومت ۽ حفاظت لاءِ متعين ڪيو ويو، جو هندستان سان دنگئي آهي. پڇاڙي جڙائو ترار ۽ خلعت سان نوازي کيس رخصت ڏني وئي. (تزڪ نولڪشور ص 64).

مرزا موڪلائي ٻئي حڪم پهچڻ تائين بکر ۾ اچي ٽڪيو. جهانگير تزڪ ۾ لکيو آهي: 14 رجب 1017هه مرزا غازي کي قنڌار وڃڻ جو حڪم موڪليو ويو. اتفاق سان بکر مان مرزا جي اسهڻ کان اڳ خبر پهتي ته اتان جو حاڪم سردار خان فوت ٿي ويو آهي، هي سردار خان، مرزا محمد حڪيم جهڙي داناءَ امير جي ملازمن مان هو ۽ کيس تخته بيگ خانسڏيو ٿي ويو. (تزڪ نولڪشور ص 73).

(11)

(متعلق ص 204)

صحيح شير بيگ آهي، جنهن وقت مرزا غازي قنڌار کان ٺٽي جي نائب خسرو بيگ جي معزوليءَ جو حڪم موڪليو ۽ قاسم خان ارغون جي اولاد کي به نصرپور جي حاڪميت تان لاٿائين، ته انهن خسرو بيگ سان ملي بغاوت شروع ڪئي. نصرپور ۾ راءِ سنگهه (ماڻڪ راءِ جي پٽ) قاسم خان جي اولاد سان جنگ ڪئي ۽ کين شڪست ڏنائين، انهيءَ جنگ (11 رمضان 1020هه) ۾ شير بيگ شهيد ٿيو. سندس قبر خان زمان جي قبرستان ۾ (نصرپور لڳ) هن ڪتبي سان موجود آهي:

”مير شير بيگ (مرحوم بن) مير علي شير ارغون، سومر ڏينهن منجهند جو، ماه رمضان 1020هه ڌاري جنگ ۾ شهيد ٿيو.“

(ڏسو مقدمه مثنوي چنيسر نامه، سيد حسام الدين راشدي، ص 56

(12)

مير ابوالقاسم نمڪين (پير غلام)

(متعلق ص 209- ح 1)

مظهر شاهجهاني جي مولف يوسف ميرڪ پنهنجي پيءُ مير ابوالقاسم نمڪين کي ”پير غلام “ لکيو آهي. مير ابوالبقا، لقب امير خان، مير نمڪين جو وڏو پٽ ۽ يوسف ميرڪ جو ڀاءُ هو، جنهن جو پڻ ذڪر اچي چڪو آهي. امير خاني سيد هن جي ئي اولاد مان آهن. سندس پٽ مير ابوالمڪارم ”شهود“ فاضل شخص، يگانو شاعر ۽ صاحب ديوان هئڻ کان علاوه مثنوي ”پري خانه سليمان“ جو مصنف به هو. هن جو پٽ امين الدين حسين خان (امير خان جو پوٽو) عالمگير عهد جي پڇاڙيءَ ۾ ٺٽي جو حاڪم هو. رشحات فنون ۽ معلومات آلافاق هن جي تاليف هئا.

مير نمڪين پنهنجي قبرستان کي صفه صفا جو نالو ڏيئي، روهڙي لڳ درياهه جي ڪنڌيءَ تي تعمير ڪرايو هو. پاڻ اتي ئي دفن ٿيل آهي ۽ هي ڪتبا سندس مزار تي موجود آهن:

(1) مير ابوالقاسم آن يگانه عصر

که بجز تخم دين و داد نه کشت.

ملک و اقبال در تصرف داشت

چون اجل در رسيد، جمله بهشت

ديده دل کشاده برگيرد،

عبرت اي عاقلان پاک سرشت

(2) گر بود بستر از حرير چه سود

چون نهد مرگ زير بالش خشت

خلف خير اوز ”داغ ابي“ 1018هه

چونکه تاريخ سال فوت نوشت

گفت ملهم مرا به گوش ضمير

سال فوتش که ”باد حباش بهشت“

(1)                        خان زمان مير ابوالقاسم آنکه او

لوح وجود از رقم غير ساده کرد

....دودمان....گلبن حيا،

سال وفات او طلب از ”داغ داده“ کرد- 1019هه

                   (ڏسو تذڪره امير خاني)

(13)

ميران صدر جهان

(متعلق ص 210- ح 1)

لکنو جي پاسي جو هو، اڪبر بادشاهه جي زماني ۾ شيخ عبدالنبيءَ جي واسطيداري سان مقبوضه علائقن جو مفتي ٿيو.....

سال 40 تائين ستن سون جي منصب تي پهچي، صدارت جو عهدو ماڻيائين. پوءِ ترقي ڪندي امير جي مرتبي تي پهتو ۽ کيس ٻه هزاري منصب ڏنو ويو. جهانگير جي دور ۾ به کيس ٻه هزاري منصب مليو. هڪ سئو ويهه سال جيئرو رهيو، 1020 هه ۾ رحلت ڪيائين. (ماثر الامراءَ جلد ٽيون ص 349)

(14)

شمشير خان اوزبڪ

(متعلق ص 210- ح 2)

ماثر الامراءَ ۾ لکيل آهي – ”شمشير خان ارسلان بي اوزبڪ جهانگيري عهد جي اميرن مان هو. ان کان اڳ کمرد جي حاڪميت مليل هيس. اصل ۾ ولي محمد خان (توران جي والي) جي وچولن نوڪرن مان هو، جڏهن کمرد کي سرڪار شاهي (مغل بادشاهت) جي حوالي ڪيائين ته ٽئين سال جلوس ۾ اچي جهانگير جي درٻار ۾ ملازم ٿيو. کيس مناسب منصب ۽ خلعت سان نوازيو ويو. پڇاڙيءَ سيوهڻ جو حاڪم مقرر ٿيو. ڪجهه وقت ٺٽو به سندس تحويل ۾ رهيو.

سال پنجين جلوس جهانگيري ۾ هن کي شاهي اميرن ۾ شامل ڪيو ويو. نائين سال جلوس جهانگيري ۾ جڏهن ٺٽي جي صوبه داري تي مظفر خان معموري کي مقرر ڪيو ويو ته هي معزول ٿي شاهي درٻار ۾ آيو ۽ راڻي واري مهم ۾ شهزادي سلطان خرم سان همراهه ٿيو، واپسيءَ تي سندس وفات ٿي.

چون ٿا ته زندگي سادگي سان بسر ڪيائين، هميشه عبادت ۽ قرآن جي تلاوت ۾ منهن هوس، سندس همت ۽ نيڪيءَ ۾ ڪا گهٽتائي نه هئي، کيس ٽي هزاري منصب مليل هو (ص 633-2).

ذخيرته الخوانين ۾ سندس احوال هيٺينءَ ريت تفصيل سان موجود آهي:

هي توران جي وڏن ماڻهن مان هو، جهانگيري درٻار مان ٽي هزاري منصب حاصل ڪري شمشير خان جي لقب سان ٺٽي جو صوبه دار ٿيو. اتي امير خسرو خان چرڪس (مرزا جاني بيگ ۽ مرزا غازي بيگ) جي خاندان مان شادي ڪيائين ۽ وري سيوهڻ جي جاگير ۾ آيو ۽ ڪي ڏينهن اتي گذاريائين. سندس سادگي جون ڳالهيون لاڳيتيون شاهجهان وٽ پهچنديون رهيون، جنهن کانئس جاگيرداري جو منصب واپس ورتو،. ڪي سال لاهور ۾ رهي فوت ٿيو.

سندس ڳالهين مان هڪ هيءَ آهي ته ڪنهن ڏينهن محل ۾ ويو. ڏٺائين ته هن جي گهر واري جنهن سان تازو نڪاح ڪيو هئانئين. هار سينگار ڪري ٺهي ٺڪي ويٺي هئي، پڇا ڪيائين ته هيءَ ڪير آهي؟ ڪنهن عورت گار ڏئي چيس ته هيءَ تنهنجي گهر واري آهي. اهڙي ريت هن جون ڪي ٻيون به بي وقوفي واريون ڳالهيون هيون، ان ڪري جو هي ديندار ۽ عارف ڪامل هو. رات ڏينهن روزي نماز ۽ قرآن جي تلاوت ۾ محو ٿي رهيو. خيرات گهڻي ٿي ڪيائين ۽ پنهنجي قبيلي تي خاص مهربان هو. (قلمي 355)

(15)

مرزا رستم

(متعلق ص 211- ح 2)

مرزا رستم (متوفي 1015هه) هڪ سال ٺٽي ۾ رهيو ۽ معزول ٿي ويو. ذخيرته الخوانين ۾ هن بابت هينءَ لکيل آهي:

مرزا رستم ولد سلطان حسين مرزا ولد بهرام مرزا ولد شاهه اسماعيل صفوي.....سال 1031هه ڌاري جهانگير جڏهن اجمير پهتو ۽ مرزا غازي جي وفات جي خبر ٻڌائين جو ٺٽي ۾ حاڪم هو، ته ان جي جاءِ تي مرزا رستم کي ٺٽي ۾ مقرر ڪيائين. کيس هدايت ڪئي وئي ته ٺٽي جي حاڪميت هڪ صديءَ کان وڌيڪ ترخانن جي هٿ هيٺ رهي چڪي آهي. خسرو خان چرڪس انهن جي پيڙهين جو وڪيل رهندو اچي ٿو. متان ڪا غداري ڪري. سو ٺٽي پهچي ان کي درٻار ڏانهن موڪلي پاڻ ٺٽي ۾ رهي پوي ۽ عبدالرزاق معموري جي شراڪت سان ٺٽي جي جمعبندي ڪري. هي جيتوڻيڪ ٺٽي پهچي جمعبندي کي لڳي ويو ۽ خسرو خان کي مرزا غازي توڙي مرزا جانيءَ جي عزيزن ۽ ملازمن سان ٺٽي روانو ڪيائين. پر ماڻهن سان شانائتي نموني نه هليو، جنهن ڪري ڪيئي ماڻهو وطن ڇڏي ويا.

قاضي محمود جيڪو اتان جو اعلم العلماء هو، مرزا جي تعدين سبب پنهنجا ٻار ٻچا وٺي بکر ۾ آيو ۽ راقم (ذخيرته الخوانين جي مصنف) جي والد جي گهر ۾ اچي رهيو. اها خبر جهانگير کي ملي، جنهن مرزا کي پنهنجي درٻار ۾ گهرايو. ڪيترا ڏينهن هو درٻار کان ٻاهر پئي ڀٽڪيو، نيٺ درٻار ۾ سڏ ٿيس ۽ قدمبوسيءَ کان مشرف ٿيو ( ص 58) ماثر الامراء ج 3، ص 437.

جهانگير تزڪ ۾ لکي ٿو: سال نائون جلوس، نائين صفر جي رات 1023 هه کان شروع ٿيو. مرزا غازي جنهن کي ٺٽي، قنڌار ۽ آسپاس جي حڪومت مليل هئي. پنهنجي خدا ڏانهن ويو. خيال ڪيم ته مرزا رستم کي ٺٽي موڪليان جيئن اتي وڃي پنهنجا ذاتي جوهر ڏيکاري ۽ انهي علائقي جي حفاظت ڪري بروقت کيس پنج هزار ذاتي منصب ۽ سوارن سان سرفراز ڪري ٻه لک رپيا روڪ خرچ جي مدد طور ڏئي، روانو ڪيم. اميد هئي ته هو اتي وڃي پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيندو، ليڪن توقع جي خلاف هن ڪو ٻوٽو نه ٻاريو ماڻهن سان ايڏا ظلم ۽ تعديون ڪيائين. جو چئوطرف دانهن پئجي وئي. ٻيون به ڪيئي خراب خبرون هن بابت ٻڌڻ ۾ آيون. ان ڪري کيس واپس گهرايم. تاريخ 26 اردي بهشت منهنجو هڪ خاص ماڻهو کيس مون وٽ وٺي آيو، جيئن ته خلق کي هن ڏاڍو آزاريو هو، تنهن ڪري کيس عدالت ڏانهن رجوع ڪرڻو پيو، جنهن لاءِ هن کي راجا اني راءِ سنگهه جي حوالي ڪيم، جيئن کانئس حقيقت حال بابت باز پرس، ڪري کيس جوڳي سزا ڏئي، جنهن مان ٻين کي عبرت جو سبق ملي. (نولڪشور 129- 130)

(16)

تاج خان

(متعلق ص 211- ح 4)

تاش بيگ خان عرف تاج خان ڪابلي مرزا حڪيم جي ماڻهن مان هو، پوءِ اڪبر بادشاهه جي درٻار ۾ پهچي وڏي رتبي تي پهتو، جهانگير جي زماني ۾ ”تاج خان“ جي خطاب سان مشرف ٿيو. پهراين بکر جو جاگيردار ٿيو پوءِ کيس ٺٽي ۾ مقرر ڪيو ويو، جتي وفات ڪيائين (ذخيرته الخوانين قلمي ص 397).

لب تاريخ سنڌ مان پتو پوي ٿو ته 1020هه ڌاري بکر ۾ حاڪم ٿي آيو ۽ مرزا رستم جي معزولي کانپوءِ 1023هه ۾ بکر کان ٺٽي ويو ۽ انهي سال رحلت ڪيائين، تنهن کانپوءِ شمشير خان سيوهڻ مان ٺٽي ويو. ماثر الامراء جو مصنف تاش بيگ جي باري ۾ لکي ٿو:

جلوس جهانگيري کانپوءِ ٽي هزاري منصب جي اضافي سان سربلند ٿيو. ٻئي سال جڏهن بادشاهه ڪابل کان هندستان ڏانهن واپس وريو. (1016هه) تي انهي صوبي جي حڪومت شاهه بيگ (خان دوران) کي ڏني وئي، جيڪو قنڌار مان معزول ٿي هيڏانهن اچي رهيو هو. تاش بيگ کي حڪم مليو ته خان دوران جي ڪابل کان اچڻ تائين هشيار رهي. پڇاڙيءَ منصب حاصل ڪري، هي ٺٽي جي صوبه داري تي مامور ٿيو. نائين سال (مطابق 1023هه) اتي وفات ڪيائين (483-1). هي ڪابل مان روانو ٿي پهريائين بکر آيو ۽ مرزا رستم جي معزولي کانپوءِ ٺٽي پهتو.

(17)

مير ابوالبقا

(متعلق ص 211- ح 5)

مير ابوالبقا (لقب امير خان) سال 1019هه جي پڇاڙي يا 1020هه جي اڳياڙي ۾ اُٻاوڙي ۽ گنجابي جو جاگيردار مقرر ٿيو. هي آگري مان اچي پنهنجي جاگير تي پهتو. جڏهن (1023هه) ڌاري تاش بيگ ٺٽي ۾ لاڏاڻو ڪيو ته انهي سال شمشير خان ٺٽي ۾ حاڪم مقرر ٿيو ۽ مير ابوالبقا اُٻاوڙي – گنجابي مان تبديل ٿي سيوهڻ ۾ آيو. (ڏسو تذڪره امير خاني)

(18)

عتيق الله

(متعلق ص 213)

مير عتيق الله مير ابوالبقا جي وڏي پٽ جو احوال ڪنهن ٻئي هنڌان نه ملي سگهيو. هن جي قبر سندس والد (مير ابوالبقا امير خان) جي مرزا لڳ روهڙي جي صفه صفا ۾ هيٺئين ڪتبي سان موجود آهي:

1- عتيق الله مرزا ڪز فراقش

محبان راجگرها چاڱ آمد

چودر خيل شهيدان شد خرامان

فلک را ديدهء نمناک آمد

ز روي درد گفتا سال تاريخ

عتيق الله شهيد پاڪ آمد. 1037هه

2- يکتاي روزگار عتيق الله آن جواد

کاندر جهان جودنبودش کسي عديل

نگذاشت آسمان....ازانکه بود

مشتاق....او فردوس سلسبيل

سال شهادتش چو نوشتم بصفحه بر

از غم بريخت آب زچشمم چو رود نيل

- لا اله الاالله محمد رسول الله-

بتاريخ روز پنج شنب چهارم

شهر رجب المرجب 1037هه

بدرجهء شهيد شد.

هن ڪتاب مظهر شاهجهانيءَ مان به معلوم نه ٿي سگهيو ته هي ڪهڙي معرڪي ۾ شهيد ٿي ويو هوندو. انهي سال سندس پيءُ (مير ابوالبقا) ملتان ۾ يمين الدوله جو نائب هو. گمان آهي ته مير عتيق الله سنڌ ۾ سميجن سان وڙهندي مارجي ويو هوندو.

(19)

مظفر خان معموري

(متعلق ص 215- ح 1)

مظفر خان معموري، مرزا غازي جي وفات (1021هه) ٺٽي صوبي جي جمعبندي لاءِ (تزڪ ص 111) مرزا رستم کان اڳ ٺٽي پهتو ۽ مرزا رستم جي اچڻ کانپوءِ (10 محرم 1022هه) ترخانن جي واسطيدار ن سان گڏ جهانگير جي خدمت ۾ اجمير ويو (تزڪ 118)، ۽ کيس مظفر خان جو خطاب مليو. (ترخان نامه)

مرزا رستم جي معزوليءَ ۽ تاش بيگ جي وفات (1023هه) کانپوءِ ٺٽي جي حڪومت شمشير خان جي حوالي ٿي. يارهين سال جلوس (15 ربيع الاول 1025هه) مظفر خان معموري ٺٽي جو حاڪم ٿيو. (ماثر جلد 2- ص 633 ۽ تزڪ ص 157)

ماثر الامراء جي مصنف معموريءَ جي باري ۾ هن ريت لکيو آهي:

مير عبدالرزاق معموري مظفر خان، محمورآبادي جي چندُ سيدن مان هو، اهو ڳوٺ نجف اشرف جي پسگردائي ۾ آهي. هن جا وڏا هندستان ۾ آيا هئا. هي پنهنجي قابليت ۽ تدبر جي لحاظ کان يگانو شخص هو.

اڪبر بادشاه جي زماني ۾ حالتن جي گردش سبب بنگال جي لشڪر جو مير منشي مقرر ٿيو.... مرزا غازي جي وفات کانپوءِ ٺٽي جو صوبو مغل سلطنت ۾ آيو ته مرزا رستم صفويءَ کي اتي جو حاڪم ڪري رکيو ويو. مظفر خان منشي گيري ۾ قابل هئڻ ڪري ٺٽي ۾ مامور ٿيو. پنهنجي ڪم ۾ هوشيار هئڻ سبب جمعبندي پوري ڪري ۽ مرزا کي پوري حساب ادا ڪرڻ کانپوءِ وري واپس هليو آهي. جهانگيري عهد جي پڇاڙيءَ ۾ کيس مالوا صوبي جو حاڪم مقرر ڪيو ويو. (378-3)

(هن حاشيه جي بقايا لاءِ ڏسو نمبر 20)

مير معموري سال 1022هه ڌاير ٺٽي ۾ هڪ جامع مسجد تيار ڪرائي، جيڪا خضري مسجد جي نالي اڃا تائين مشهور ۽ هن ڪتبي سان موجود آهي:

1- خاک آستان حضرت نبوي صلي الله عليه وسلم عبدالرزاق.

2- الحسيني المعموير الملقب به مظفر خان، بتاريخ 1022هه تمام شد.

(ڏسو مقالو مير مائل، راقم الحروف، سماهي مهراڻ 1955ع)

(20)

(متعلق ص 215- ح 2)

ماثر الامراء جو مصنف لکي ٿو: نائين سال (9 صفر 1023هه کان 7 صفر 1024هه تائين) جڏهن ٺٽي جي حڪومت مظفر خان معموري جي حوالي ٿي ته هو معزول ٿيڻ کانپوءِ شاهي درٻار ۾ آيو ۽ شهزادي خرم سلطان سان گڏ راڻي جي مهم تي ويو. (ج 2- ص 633)

ليڪن اها روايت هن ڪتاب جي متن موجب صحيح نه آهي:

شمشير خان، مظفر خان معموري جي مقرري کانپوءِ، ٺٽي کان سيوهڻ آيو ۽ ڪي ڏينهن اتي رهيو، جيستائين شير خواجه سيوهڻ جو حاڪم مقرر ٿي آيو.

”تزڪ جهانگيري“ جي لکت مطابق (157) شمشير خان جي بدلي سال يارهين جلوس 15 ربيع الاول (1025هه) ۾ ٿي نه سال نائين ۾ جيئن ماثر الامراء جي مصنف لکيو آهي.

(21)

بهادر خان اوزبڪ

(متعلق ص 226- ح 1)

سندس نالو ابوالنبي ۽ تعلق توران جي بزرگن سان هو. عبدالمؤمنين خان جي دور ۾ ترقي ڪري مشهد جو حاڪم مقرر ٿيو. ان جي قتل کانپوءِ جيتوڻيڪ باقي خان کيس گهڻي ئي دلداريون ڏنيون پر ڪعبي وڃڻ جو بهانو ڪري هندستان هليو آيو. سال 41 جلوس جي اڪبر بادشاهه جو ملازم ٿيو. کيس منصب سان گڏ جڙائو خنجر به عنايت ڪيو ويو. جلوس جهانگيري کانپوءِ کيس چاليهه هزار رپيا راهه خرچ ڏئي، ستونجاهه منصبدارن سان گڏ شيخ فريد مرتضى خان جي مدد لاءِ موڪليو ويو. جو خسرو جي پويان ويل هو. پنجين سال تاج خان (ملتان جي صوبه دار) جي بدلي کانپوءِ هي اوڏانهن ويو. اٺين سال اصل عهدي سان گڏ ٽي هزاري منصب، ٽن هزارن سوارن ۽ بهادر خاني خطاب سان سرفراز ٿيو. مرزا غازي جي وفات کانپوءِ کيس قنڌار جو حاڪم مقرر ڪيو ويو، تنهن کانپوءِ مختلف اضافن سان پنج هزاري منصب ۽ ٽي هزار پنج سئو سوارن جي عهدي تي پهتو. پندرهين سال (15 ربيع الثاني 1029هه) اکين جي روشني گهٽ هئڻ جو عذر پيش ڪري قنڌار جي تعلقه داريءَ تان استعيفا ڏنائين.

چون ٿا ته جڏهن ايران جي بادشاهه جي فوج جي ڪاهي اچڻ جو هاواڻو ٿيو ته هن پنهنجي بي پرواهيءَ سبب ٻه لک رپيا مهم سازيءَ ۾ خرچ ڪري اها تعلقه داري ڇڏي هئي. پڇاڙي ۾ کيس اڪبر آباد ۾ جاگير ڏني وئي.

(ماثر الامراء جلد 1- ص 401)

(22)

سيد بايزيد بخاري

(متعلق ص 228 – ح 1)

سيد بايزيد بخاير، قطب الاقطاب حضرت دمدبه (؟) مدفن پٽنه (؟) جي اولاد مان هو. مرتضى خان هن جي تربيت مٿس عنايت ۾ ڪين گهٽايو. ڪي ڏينهن اڪبر بادشاهه جي دور ۾ داغ جو داروغو هو. ان کانپوءِ ڪيئي حيلا هلايائين ته کيس مرتضى خان وارو عهدو ملي پر ڪجهه نه وريس. آخر مصطفى خاني خطاب ۽ ٽي هزاري منصب کي رَسي. ٺٽي جو صوبه دار مقرر ٿيو ۽ اتي ئي مري جهان ڇڏيائين. سندس لاش اُچ ۾ مخدوم سيد جلال بخاري جي روضي اندر دفن ڪيو ويو. هن جا پٽ ڏاڍا قابل هئا – سيد عبدالواحد ۽ محمد باقر وغيره منصب ماڻي، ڪابل جي مهم تي مامور ٿيا، ميان ٻڌو دنيا کي ترڪ ڏيئي وڃي گوشي نشين ٿيو. اهي پٽ پنهنجي پيءُ جا فرمانبردار هئا، جيڪو منصب کين مليل هو تنهن موجب سڀ ڪجهه حاصل ڪندا ٿي رهيا. هر هڪ لاءِ روزينو مقرر ٿيل هو، جنهن کان وڌيڪ ڪجهه به طلب نٿي ڪيائون. وقتي ميران جيو ساڻن بي غرضيءَ واري هلت ڪندو هو پر هي ڪڏهن به کانئس بيزار نه ٿيا.

ميران جيو وڏي شان شوڪت ۽ نالي وارو هو، پنهنجي ۽ پٽن جي منصب توڙي خطاب تي ڏاڍو پئسو خرچ ٿي ڪيائين. بکر جي حڪومت جي زماني ۾ هڪ ڏينهن ميران صدر جهان، شيخ عبدالرحمان مير عدل، قاضي ابو سعيد ۽ قاضي محمد حسين گڏجي ميران جيو وٽ وڃي پهتا. هن هن خوش طبعي مان کين چيو ته – الضدان لا يجتمعان (هڪ ٻئي جا ضد پاڻ ۾ گڏجي نٿا سگهن) پر اڄ اوهان چارئي ضد هتي اچي مڙيا آهيو جا ڳالهه نحو جي اصول مطابق ناهي. چڱو ائين آهي ته اوهان چئني کي قتل ڪيو وڃي، جيئن بکر جي راڄڌاني رڳڙي فساد کان آجي ٿي پوي. اهو ٻڌي ٻين ته کڻي ماٺ ڪئي پر ميران صدر جهان جيڪو خدائي جلال جو مظهر هو، تنهن جواب ڏنو: ائين ته برابر آهي پر پنجون سرادر شمار ۾ نٿو اچي.... جيڪڏهن ان کي به قتل ڪيو ويندو ته بکر جي راڄڌانيءَ جو ڀلو ٿي پوندو. ميران جيو پڇيو اهو پنجون ڪهڙو آهي؟. هن چيو، اوهان ئي آهيو، ان تي ميران جيو ڏک مان اٿيو. ٿوري وقت کانپوءِ .... ڪنهن سان اهڙو چرچو نه ڪيائين، نه وري ڪنهن کي ڌيءَ تي گار ڏنائين. هي صحيح نسب وارو سيد، ڀلارو شخص بردبار ۽ ڪم آزار هو. منجهس ڪابه عيب جهڙي ڳالهه ڪانه هئي، سواءِ ان جي ته رعيت مٿان ڪابه سختي نٿي ڪيائين (ذخيره الخوانين قلمي ص 349). جهانگير پنهنجي تزڪ ۾ لکي ٿو: يارهين سال جلوس جي (جيڪو 1 ربيع الاول 1025هه کان شروع ٿئي ٿو) بکر جي حاڪم بايزيد کي (28 ربيع الاول 1025هه) ۾ هڪ هاٿيءَ جي واڳ حوالي ڪيم (158) ان سان ظاهر ٿئي ٿو ته هو انهيءَ ئي سال بکر جو حاڪم مقرر ٿيو هو.

لب تاريخ سنڌ جي مولف به اهو ئي سال لکيو آهي:

سال پندرهين جلوس جهانگيري هو بکر کان بدلي ٿي ٺٽي ويو (جهانگير تزڪ ۾ سال پندرهين جي واقعن بابت جيڪو (جمعي ڏينهن 15 ربيع الثاني 1029هه ۾ شروع ٿئي ٿو) لکيو آهي: ڇنڇر 25 ربيع الثاني (1029هه) ڌاري بايزيد بخاري کي بکر جي فوج داري جي عهدي تان ٺٽي جي حاڪميت تي مامور ڪيو ويو. کيس اصل منصب سان گڏ اضافي طور ٻه هزار ذاتي ۽ پندرهن سو سوارن جو عهدو ۽ جهنڊو عنايت ڪيم (309).

انهي بيان مان معلوم ٿئي ٿو ته بايزيد 1025هه ۾ بکر جو حاڪم مقرر ٿي، چئن سالن تائين اتي رهيو ۽ 1029هه ڌاري اتان تبديل ٿي ٺٽي ۾ آيو، اتي ئي وفات ڪيائين، جتان سندس لاش کڻائي وڃي اچ ۾ دفن ڪرايو ويو.

سندس وفات جي تاريخ بابت جهانگير تزڪ ۾ ويهين سال جي واقعن تي لکندي چوي ٿو: (سال 20 جهانگيري تاريخ 10 جمادي الثاني ڇنڇر ڏينهن 1034هه کان شروع ٿيو) ٺٽي جي حاڪم مصطفى خان (سيد بايزيد) 11 محرم 1035هه ۾ وفات ڪئي، تنهن کانپوءِ اهو صوبو شهريار جي حوالي ڪيو ويو. (407)

انهي مان خبر پوي ٿي ته ذوالحج جي پڇاڙي 1034هه يا محرم جي مهيني 1035هه ڌاري هن وفات ڪئي هوندي.

(23)

باقي جان خواجه

(متعلق ص 231- ح 2)

ماثر الامراء (ج 2 – ص 650) ۾ هن بابت لکيل آهي:

بادشاه خواجه نالي آتائي سيدن مان ۽ ماءُ جي پاران نقشبندي هو. سندس بهادري جي ڪارنامن سبب اڪبر بادشاهه کيس شير خواجه جو نالو ڏنو. اڪبر جي وفات کانپوءِ جهانگير هن کي خلعت عطا ڪئي. ڀت درياهه واري وڳوڙ ۾ جڏهن مهابت خان (جهانگير سان) زبردست گستاخي ڪئي هئي ته هي جهانگير سان شامل هو. جهانگير جي وفات کانپوءِ هي آصف جاهي سان گڏجي شهزادي شهر يار خلاف لڙيو.

شاهجهان جي پهرئين سال جلوس ۾ قدمبوسيءَ کان مشرف ٿيو. کيس چار هزاري ذات هڪ هزار سوارن جو منصب ۽ خواجه باقي خان جو خطاب مليو، پوءِ ٺٽي جي صوبه داريءَ تي فائز ٿي، اوڏانهن روانو ٿيو. واٽ ويندي (1037هه) ۾ وفات ڪيائين، سندس پٽ خواجه هاشم پنج سو ذات ۽ هڪ سو سوارن جي منصب تي فائز ٿيو.

ماثر الامراء ۾ سندس سيوهڻ واري صوبه داريءَ جو ذڪر ڪو نه ڪيل آهي. ”بادشاهه نامه“ (ص 181-1) مان خبر پوي ٿي ته شاهجهان 1- رجب 1037هه ڌاري خواجه باقي کي ٺٽي جي حڪومت جو پروانو ڏنو.

(24)

شرير الملڪ

(متعلق ص 235-ح 1)

هن جو اصل نالو نواب شريف الملڪ هو. شهزادو شاهجهان جنهن زماني ۾ ٺٽي آيو ته شريف الملڪ قلعي جا دروازا بند ڪري مقابلي لاءِ تيار ٿيو ۽ ڪي نازيبا حرڪتون ڪيائين، جنهن ڪري شاهجهاني موءرخن هن کي شريف الملڪ بدران شرير الملڪ جو نالو ڏنو. اهو واقعو تحفته الڪرام ۾ هن ريت آيل آهي:

نواب شريف الملڪ عرف شريف خان (هڪ اک کان ڪاڻو) ٺٽي جو حاڪم ٿيو، سندس دور ۾ سال 21 جلوس جهانگيري مطابق 1035هه شهزادو شاهجهان پيءُ کان ڪاوڙجي عراق عجم جي بهاني پنهنجي خاص ماڻهن سان گڏجي ٺٽي پهتو. سندس ارادو هو ته ڪي ڏينهن اتي رهجي. تنهن تان شريف الملڪ ساڻس مهاڏو ڏنو ۽ ٻنهي پاسن کان لڙائي هلي. شهزادي شهر جي ڪيترن پاسن کان حملا ڪيا پر شڪست کاڌائين. مڪليءَ لڳ پير بدر جي ڀرسان ٻنهي ڌرين پاڻ ۾ ڏاڍيون چڪريون ڏنيون، جتي اڃا سوڌا مئن جا هڏا موجود آهن.

چون ٿا ته هڪ ڏينهن شاهجهان جي ڳورهاري بيگم ڏاڙهن جي طلب ڪئي، شهزادي پنهنجي هٿ اکرن سان چٽي لکي شريف الملڪ کي ڏياير موڪلي. هن جواب ۾ لکيو ته اهي ڏاڙهون آءُ پاڻ بيگم ڏانهن اماڻيان پيو. ائين چئي فرنگي توب انداز کي حڪم ڪيائين ته بيگم ڏانهن توب جا گولا اڇلاءِ، پوءِ واڪو ڪري چيائين ته هتي اهي ئي ڏاڙهون آهن. توب جي صدمي کان بيگم جو ٻار ڪهائي ٿي پيو. اها توب خود شريف الملڪ دوربين مان ڏسي باهه ڏئي ڇوڙي هئي. سندس خيال هو ته خود شهزادو زد ۾ اچي ويندو پر هوڏانهن شهزادو اڳ ئي اک ڇنڀ ۾ پاسيرو ٿي ويو هو، جنهن ڪري توب جو وارو خطا ٿي ويو. شريف الملڪ وار خالي ڏسي خار مان آڱر پنهنجي اک ۾ وهائي ڪڍي، جنهن سان نشانو ٻڌو هئائين، طيش ۾ سندس تارو ٻاهر نڪري چڪو هو، ان ڏينهن کان کيس ڪاڻو ڪوٺيو ويو. ڪنهن چواڻي پنهنجا ئي پرڪار کيس پڄي آيا. پڇاڙي شهزادي جي جلوس کان اڳ انهي انتقام ۾ وٺجي ويو ۽ سندس ڪي منصبدار به معتوب ٿيا.

                   (ج 3- ص 94)


(1)   کمرد (کهمرد) جو قلعو ڪابل جي حدن ۾ واقع آهي. (مترجم)

ماثر الامراءَ اردو ج 2 ص 89، مطبوعه مرڪزي اردو بورڊ، لاهور.

(1)    اڪبر بادشاهه جي زماني ۾ سڃاڻپ لاءِ جانورن جي مختلف عضون تي داغ ڏنا ويندا هئا، جنهن لاءِ ڪي قاعدا قانون وضع ڪيل هئا. (مترجم)

 (ڏسو آئين اڪبري جلد پهريون ص 374 کان 378 آئين 7 ۽ 8)- مطبوعه جامع عثمانيه دکن.)

(1)   ڀت، جهلم درياهه جو پراڻو نالو آهي. (مترجم)

(ماثر الامراء ج 2- ص 650 جي حوالي سان)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org