سنڌو يا انڊس: اڄڪلهه اسان هن کي سنڌو ندي يا انڊس
سڏيون ٿا، جنهن جون پنج ڀرتي ڪندڙ نديون آهن پر
سترهين صدي ۾ هن کي ست درياهو سڏبو هو. ان مان
ظاهر ٿئي ٿو ته اهو نالو مکيه درياهه تي پنجاب جي
پنجن ندين جي ميلاپ کانپوءِ پيو. مکيه درياهه کي
انهي زماني ۾ به مختلف نالن سان سڏيو ويندو هو. ان
سلسلي ۾ ست درياهو نالو وڌيڪ موزون لڳي ٿو. ڇاڪاڻ
ته ڪابل ندي به سنڌو ندي جي ڀرتي ڪندڙ ندين مان
هئي پر کيس اها اهميت نه ڏني وئي آهي، انهن ستن
درياهن کان مراد ڪابل، جهلم، چناب، راوي، بياس،
ستلج ۽ خود سنڌو ندي آهن، جيڪي هيٺئين سنڌوءَ کي
ڀرتي ڪندڙ آهن.
سترهين صدي ۾ سنڌو ندي جو پيٽ سڌو سيوهڻ جي قلعي
ڏانهن اتر ڏکڻ جي سڌائي ۾ هو. قلعي جي ڀرسان ڀڳي
ٺوڙهي جبل پاسي ڏکڻ اوڀر ڏانهن هڪ سوڙهو موڙ هو.
راورٽي ۽ لئمبرڪ جي چوڻ پٽاندر درياهه جو پيٽ
سيوهڻ کان او ڀر طرف پنج ست ميل پرتي هو، غلط آهي.
(51) سيت پور ناهران: درياهه جي ساڄي ڪپ تي شايد
ديري غازي خان ضلعي ۾ هڪ شهر هو، جتي درياهه تي
پتڻ به هو، سترهين صديءَ ۾ سکر به آباد هو پر بکر
۽ روهڙي جيتري مشهوري نه ملي هيس. سکر جي ڀرسان سنڌو ندي جون ٻه شاخون هيون، سکر
واري پاسي ڏانهن جنهن ۾ سياري جو پاڻي لهي ويندو
هو پاڻي جي سطح فقط هڪ ٻه فوٽ وڃي رهندي هئي.
گذريل ٽي سئو پنجاهه ورهين جي عرصي ۾ درياهه جو
پيٽ کاڌ جي ڪري چڱو ويڪرو ٿي ويو آهي.
(52) سيڪڙجي: نيرون پرڳڻي ۾ عيسي پهنور جو ڳوٺ هو
جتي ٽي سئو گهوڙي سوار ۽ ٽي هزار پيادا سپاهي
رهندا هئا.
(54) شاهه ڳڙهه: نصرپور پرڳڻي ۾ قلعي وارو شهر هو،
جنهن جو ذڪر بيگلارنامي ۾ ملي ٿو. هتي ابوالقاسم
جو هيڊ ڪوارٽر هو، جنهن تي 1591ع ڌاري خان خانان
جي فوجن چڙهائي دوران گهيرو ڪيو هو. سنڌ ۾ ان کي اَبل جو ڪوٽ سڏيندا آهن. هيءَ
نصرپور کان ست ميل پرتي اوڀر پاسي آهي، ان جي
ڀرسان لوهاري نالي هڪ ننڍو قلعو ٻڌجي ٿو.
(55) ساڌ ٻيلو: سترهين صدي ۾ بکر کان هڪ ميل پري
اولهه ڏکڻ ڏانهن پندرهن درجن تي هڪ ننڍو ٻيٽ هو،
اوڀر ۾ زندهه پير، ڏکڻ ۾ روهڙي، اولهه ۾ سکر ۽ ڏکڻ
اوڀر ڏکڻ ۾ بکر جي ڏکڻ ۾ ٽيهن درجن تي اروڙ جو شهر
هو.
ساڌ ٻيلو ٻيٽ جي صورت ۾ اڄ به موجود آهي، ٻيٽ جو
ڪجهه حصو جنهن جو گهيرو هڪ ميل هو، ٻوڏ جي ڏينهن ۾
درياهه اندر اچي ٿي ويو، ان ڪري ڪيتريون ٻيڙيون
ٻيٽ سان لڳي تباهه ٿي وينديون هيون. مير معصوم
درياهه جو اهو حصو پٿرن سان ڀرائي مٿانس سائو قبو
جوڙايو ۽ سيتا سر نالو رکيائينس.
ليکڪ ساڌ ٻيلي جي مندر جو ذڪر ڪو نه ڪيو آهي جو
هندو جو ڌرمي اسٿان آهي، پر اتي وڃڻ جو ذڪر ڪيو
اٿس. ممڪن آهي ته ساڌ ٻيلو هندن جي عقيدي پٽاندر
پاڻيءَ جو ڪو ديوتا هجي. هن وقت ساڌ ٻيلي جو گهيرو
ميل کان به گهٽ ٿيندو. ٿي سگهي ٿو ته مير معصوم
سائي گنبذ وارو مندر هندن لاءِ جوڙايو هجي.
ساڌ ٻيلي جي سامهون ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي پاڻي جي
جهاز جي شڪل تي هڪ مسجد هئي، جنهن مان هڪ ڏاڪڻ
درياهه تائين ٿي وئي، جتي نمازي وضو ساريندا هئا،
سکر ۽ روهڙي جا ماڻهو عيد جي موقعي تي انهي هنڌ
ايندا هئا. ممڪن آهي اها مسجد منزل گاهه جي ايراضي
هجي، جا پوءِ 1939ع ۾ هندو-مسلم فساد جو ڪارڻ بڻي.
سن جو شهر: پندرهين صديءَ کان آباد آهي. هن جا
ڪي حصا وقت
بوقت ٻوڏن جي ڪري درياهه هيٺ اچي ٿي ويا، ته به
شهر جو مکيه هنڌ ساڳيو آهي. ٺٽي ولي محمد اڄ به
موجود آهي، پر درياهه جي ٻئي ڪپ تي ۽ هاڻي قاضي
احمد کانپوءِ ان جي ريلوي اسٽيشن به آهي. 1044هه
(1634ع) ۾ احمد بيگ سن جي چوڌاري هڪ قلعو ٺهرايو
هو.
(57) سواهه (سوراهه) واهه: نيرون ڪوٽ پرڳڻي ۾ جبلن
جو پاڻي ڍنڍ ڏانهن موڙڻ لاءِ ڄام نظام الدين
پنهنجي هندو وزير چاڳلا کي دريا خان سان اهو واهه
کوٽائڻ لاءِ موڪليو هو، اهو پاڻي آبادي لاءِ ڪتب
اچڻ لڳو. منڇر جو اتريون پاسو ڳاهن جي قبيلي جا
ماڻهو آباد ڪندا هئا، ڏاکڻو پاسو وري بوبڪ وارن
آباد ٿي ڪيو، اهو واهه سيوهڻ کان اٺٽيهه ميل ۽
جبلن کان ٻٽيهه ميل پري بوبڪ پرڳڻي ۾ هو.
(58) سيوهڻ: سترهين صدي ۾ سيوهڻ کي قلعو هو، جو
تمام پراڻو چيو وڃي ٿو. اهو قلعو بچاءَ لاءِ موزون
نه هو، ان ڪري ديندار خان سيوهڻ ۾ ٻيو قلعو
جوڙايو.
(59) سانڪپور: هيءَ ڳوٺ سيوهڻ پرڳڻي ۾ سيوهڻ کان
اتر ۾ هو.
(60) سن: سيوهڻ کان اٺٽيهه ميل (حقيقت ۾ هاڻي
چوٽيهه ميل) ۽ جبلن کان چوڏهن ميل (ذري گهٽ صحيح)
پرتي هو.
(61) سيد جو ڳوٺ: سنڌو درياهه جي کاٻي ڪپ تي سيوهڻ
پرڳڻي ۾ هو.
(62) شاهه اويس قرني جي قبر: سن پرڳڻي ۾ سن کان
پندرهن ميل پري هئي، (اها ٽي ميل پري مانجهند جي
ويجهو آهي).
(63) ٺٽي: سيوهڻ کان ويهه ميل ۽ جبلن کان
چوئيتاليهه ميل پري بوبڪ پرڳڻي ۾ هڪ ڳوٺ هو ۽ هاڻي
ديهه آهي. ساڳي نالي واري آبادي آمري جي ڀرسان به
آهي، جا آمري کان ٽي ميل اتر اولهه ۾ ڏسائي ٿي.
پراڻين قبرن ۽ دڙن مان پتو پوي ٿو ته اتي ڪنهن وقت
۾ ڪو وڏو شهر هو ۽ اهو سن پرڳڻي ۾ هو.
(64) ٺٽي ولي محمد: ساڳي پرڳڻي ۾ دڙن جي صورت ۾
هئي، هاڻ جيڪا آبادي آهي، اها ٺٽي سڏجي ٿي ۽ آمري
جي ڀرسان آهي.
(65) ٺيڙهي (تيرهي): سيوهڻ کان ڇهه ميل ۽ لال باغ
کان اڌ ميل جي فاصلي تي نارنگ طرف ۽بوبڪ جي ڀرسان
هڪ ڳوٺ هو. انهي مان معلوم ٿئي ٿو ته اهو ڳوٺ به
هاڻوڪي اڙل واهه تي بوبڪ پاسي هوندو، هتي احمد بيگ
هڪ قلعو جوڙايو هو.
عمرڪوٽ: ڏسو ”امرڪوٽ“.
(66) اٿل: سيوهڻ کان ٻٽيهه ميل ۽ جبلن کان سورهن
ميل پري بوبڪ پرڳڻي ۾ هو، اهو لس ٻيلي ضلعي وارو
اٿل نه سمجهڻ گهرجي.
(67) وينجهار: سَنَ جي سامهون درياهه جي ٻئي ڪپ تي
هوندو هو، جيئن هينئر آهي، اهو ڳوٺ سن پرڳڻي ۾ هو.
(68) يڪ ٿنڀي: مشهور غار، جو هاڻ به موجود آهي،
اهو سترهين صدي ۾ به موجود هو ۽ حضرت علي جو
نظرگاهه سڏيو ٿي ويو پر اها روايت تاريخي بنياد
موجب ناهي. جبل جي چوٽي تي مير ابوالقاسم چئن ٿنڀن
وارو هڪ ٿلهو جوڙايو هو، جنهن تي صفه وفا نالو
رکيو هئائين. اهو ٿلهو اڄ به موجود آهي ۽ چئو ٿنڀي
سڏجي ٿو. هي سيوهڻ جي ڏکڻ ۾ اٽڪل ٻه ميل ريلوي
لائين جي اولهه ۾ آهي.
انهن شهرن کانسواءِ سترهين صدي جي ٻن چئن تاريخن
مان پتو پوي ٿو ته ان وقت هيٺيان شهر ۽ ڳوٺ به
موجود هئا، جهڙوڪ:
جهم پير، ريل، ڪلان ڪوٽ يا تغلق آباد، بٺورو
(ميرپور)، پريالو، گمبڊ، (گمبٽ)، ڪينجهر ڍنڍ،
لڊڪاڻو (لاڙڪاڻو)، سنڌڙي، لاهري بندر، جوڻ، فتح
باغ، پيرآر يا پير پٺو، رحمن يا راهومه (رحمڪي
بازار يا رامڪي) شاهه ڳڙهه (ابل جو ڪوٽ) مڪلي جو
قبرستان، منهوڙي جو شهر، ونگو، اگهاماڻي (اگهم
ڪوٽ)، انڙپور، ٻڍاپور، ٿرڙي، ٻٻرلوءِ، کجو، جهرڪ،
ڏيپارچا ۽ هنڱورا (اڏيري لال لڳ) وغيره. اهي سڀئي
شهر هن وقت به موجود آهن، انهن کانسواءِ ٻيا ڪيترا
شهر ۽ ڳوٺ جن جو هن وقت وجود نه آهي يا رڳو چند
گهرن جي صورت ۾ موجود هجن.
نوٽ:
”حديقته اولاوليا“ تاليف 1016هه تي لکيل جناب پير
حسام الدين راشدي جي مقدمي ۽ اصل متن جو مطالعو
ڪندي. مظهر شاهجهاني ۾ آيل ڪن ڳوٺن ۽ پرڳڻن جي
نالن کانسواءِ ڪي ٻيا نالا به مليا آهن، جيڪي وڌيڪ
معلومات لاءِ هتي درج ڪجن ٿا.
مترجم
1
_ جانهري (جانڙو): خطي پرڳڻي جي هڪ وستي جا لاکاٽ
پرڳڻي جي ڳوٺ سکپور (سانڪپور) جي پاسي مبارڪ واهه
تي آباد هئي.
1-
کيبر: هالا ڪنڊي جي هڪ ديهه هئي.
2-
ڀيڏيو: چاڪر هالي جي هڪ ديهه هئي.
3-
جکيجي: دڪي پرڳڻي ۾ امام واهه جي ديهه هئي.
4-
علي پور: چاچڪان جي هڪ ديهه جنهن ۾ مسجد چاڪر هئي،
هتي اولياءَ اچي رهندا هئا.
5-
ٺري: روپاهه پرڳڻي جي هڪ ديهه هئي.
6-
کيبراڻي: چاڪر هالي جي هڪ ديهه هئي.
7-
بلڙي: بهرام پور جي ديهه هئي.
8-
فتح پور: دڪي پرڳڻي جي هڪ ديهه هئي.
9-
هنڱورا: چاڪر هالي ۾ هڪ ڳوٺ هو.
10-
ڪاتيار: چاڪر هالي جي هڪ ديهه هئي، جا پهريان
سماواتي پرڳڻي ۾ ليکي ٿي وئي.
11-
راهو: دڪي پرڳڻي ۾ هڪ ڳوٺ هو.
12-
تلهار: چاچڪان جو هڪ شهر هو.
13-
نارو: سيتا پرڳڻي جو هڪ ڳوٺ هو.
14-
وهيرو: ٽڪر پرڳڻي جو هڪ ڳوٺ هو.
15-
ريل: سيوهڻ جي پسگردائي ۾ هڪ وسندي هئي.
16-
سڪرياڙي: ٽڪر پرڳڻي ۾ هئي.
17-
رفيعان: خطي پرڳڻي جو هيءُ ڳوٺ اوائل ۾ رسولپور
سڏبو هو.
18-
ڪنڊيارو: بکر کان سٺ ميلن جي پنڌ تي درٻيلي پرڳڻي
۾ هو.
19-
ٻوٿو: بدين پرڳڻي ۾ بدين شهر کان ميل کن پرتي هڪ
ڳوٺ هو.
20-
ونگو چاچڪان سرڪار جو هڪ ڳوٺ هو.
21-
تورڪي سانگري درياهه جي ڪپ تي هڪ وستي هئي.
22-
ساڪر (شايد ساڪرو) لاڙ پرڳڻي جو هڪ ڳوٺ هو.
23-
برهمڻ آباد ٽڪر پرڳڻي جو هڪ شهر هو.
24-
مورياڻي ٽڪر پرڳڻي جي هڪ وستي هئي.
ساڳي ڪتاب ۾ هيٺين ڳوٺن، شهرن ۽ ٻين ماڳن جا نالا
به ملن ٿا:
پير پٺو، ساموٽي، روهڙي، بکر، بکر جو قلعو،
باغبان، هالا ڪنڊي، ڀاڻوٽ، نيرون ڪوٽ، انڙوپر، لڪي
جبل، هزارو ڳوٺ، اگهم، ساڱرو (درياهه) پراڻ
(درياهه) اٻاوڙو، ولهار، ريڻ (درياهه)
آمري، ڍوري هنڱورو، نصرپور، مڪلي، چاچڪ، گنجو ٽڪر،
ڀنڀور ۽ ڪي بگڙيل نالا جهڙوڪ: ڪند ڪلائي، ڪندي
اُباره، ڪلهان (ڪله) اُباره، ديڪ، رائدن، ديده،
حلج ۽ نُهه (شايد ناهيو) ڳوٺ. جندائي ديرو، مير
جندائي ولد شاهه قاسم خان زمان جو ڳوٺ نصرپور کان
پنجن- ڇهن ميلن جي فاصلي تي هو.
(مثنوي چنيسر نامه تاليف 1010هه)
درستي
صفحو
غلط صحيح
107 راڄڌانيون
سرڪاريون
128 گجهوڙو گهوڙو
206 سانڪڙو ساڱرو
207 صيدگر سعدڳڙهه
207 ڪاٺڙي
ڪاٺڙو
373 ٺٽو پرڳڻو ٺٽو صوبو
290 ڪاهي ماجوبي کاهي
ماجوبي
295 سانڪپور سکپور
295 ڀوترو ڀِٽڙو
هيٺين صفحن ۾ جتي به راڄڌاني لکيل آهي، ان جي
بدران سرڪار پڙهيو وڃي.
52، 53، 55، 59، 61، 81، 82، 113، 114، 117، 122،
126، 131، 132، 134، 137، 138، 139، 141، 142،
146، 149، 150، 151، 163، 177، 179، 181، 182،
191، 194، 206، 273، 279، 301، 302، 310، 311.
عرض حال
منهنجي مربي جناب پير حسام الدين راشديءَ جي سفارش
تي سنڌي ادبي بورڊ هي ڪتاب ترجمي لاءِ منهنجي
حوالي ڪيو. انهي کان اڳ هي ڪتاب منهنجي مطالعي هيٺ
اچي چڪو هو، ۽ خود منهنجي دلي خواهش به هئي ته هن
ڪتاب جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيڻ کپي. ليڪن جڏهن ترجمي
جو بار منهنجي ڪلهن تي اچي پيو ته مان پنهنجي علمي
ڪم مايگيءَ جي ڪري ڏاڍو منجهي پيس. بهرحال پير
صاحب جي حڪم کي پاڻ لاءِ آزمائش تصور ڪندي،
فارسيءَ جي عام چوڻيءَ موجب، اسان ته پنهنجي ٻيڙي
پاڻيءَ ۾ لاٿي،
هاڻ جيڪي ٿيو سو ڏٺو ويندو.
اصل ڳالهه ته هن ڪتاب جو مؤلف هڪ وڏو عالم هيو ۽
فارسي هن جي مادري زبان هئي. ٻئي پاسي آءُ اڃا
طالب علم ۽ فارسي زبان جي عبور کان عاري هوس، تنهن
ڪري هيڪر ته هن تاليف جي ترجمي کان هٻڪي ويس پر
ٻيهر جڏهن انهي اڻائي ڪم ۾ الاتوهار ڪيم ته سنڌي ۽
فارسيءَ جي زور آزمائيءَ ۾ مون کي هٿي ملندي وئي،
ويتر جو تاريخ جي دلچسپ رازن ۽ رمزن کان آشنا ٿيس
ته قلم سان گڏ ذهن کي به تقويت رسندي رهي: اهڙي
ريت ٻيڙي سير مان اُڪاري ويس.
جيتري قدر ڪتاب جي اصل متن جو تعلق آهي اها حڪايت
يا شڪايت ضرور ڪندس ته ڪتاب جي مؤلف هڪ سڄاڻ ۽
سڌير جي حيثيت ۽ ان حالت ۾ هو، جو سنڌ کي پنهنجو
وطن بڻائي، سنڌين سان لاڳاپي ۾ اچي چڪو هو، تنهن
هوندي به هن ڪي اهڙيون ڳالهيون ڪيون آهن، جو انهن
کي درگذر ڪري نٿو سگهجي.
مثال طور: مئولف سنڌ ۾ گهڻو عرصو گهارڻ ۽ سنڌين
سان لهه وچڙ ۾ اچڻ کانپوءِ به سنڌي ٻولي سان اهائي
ڪار ڪئي آهي، جيڪا هر نئون ماڻهو هتي اچي پراڻي
ٿيڻ کان پوءِ دهرائيندو رهي ٿو. سنڌ جي ڳوٺن ۽
دِهن جا نالا هن اهڙي انداز ۾ ڄاڻايا آهن، جو انهن
جي اصليت ناس ٿي وئي آهي.
اهو حال ڏسي اسان کي اڄوڪي دور جي اها واردات
واڳون ٿي وري پئي، جنهن موجب سنئين سڌي ياسَو لي
سنڌي واري اکر الهڏني ساند کي الاڊينو سانڊ (مينهن
جو سانهه) ته رڻ پٽاڻي کي وري رَن پٺاڻي جو جامو
پهرايو ويو آهي.
ٻيو هي ته مؤلف تاريخ نگار جي حيثيت ۾ جنهن لاءِ
غير جانبداري واري خصوصيت لازمي ليکي وڃي ٿي. مغل
شاهيءَ جي ڪارندن هٿان سنڌين تي نازل ٿيندڙ مصيبتن
جو احوال اهڙي خاص انداز سان پيش ڪيو آهي، جو هر
عبارت پڙهڻ کانپوءِ ائين پيو محسوس ٿئي، ڄڻ سنڌي
مظلوم نه پر وڏا ظالم هئا. حالانڪ سندس ئي لکڻي
موجب ملڪ ۾ جيڪي بدانتظاميون ظهور ۾ آيون، تن جا
مجرم سرڪاري گماشتا ئي هئا ۽ مغل شاهي پڻ انهي جرم
کان آجي ڪانه هئي. جيئن هڪ هنڌ اهو اعتراف ڪندي،
مؤلف لکي ٿو:
سيد بايزيد بخاري جي عملداري دوران جوکين کان ڪا
خطا ٿي، جنهن جو ذميدار شاهه محمد نالي سيد بايزيد
جو پٽيلو هو. هن جي طبيعت نهايت تيز هئي، ايتري
قدر جو ٿوري گهڻي ڳالهه تي آپي کان ٻاهر نڪري ٿي
ويو.
هڪ دفعي هن حاجيءَ نالي هڪ جوکئي سان تکو پوندي
کيس پادر اڇلائي هنيو. جوکيا غيرت ۾ اچي گهر گهاٽ
ڇڏي جبل ڏانهن روانا ٿيا. شاهه محمد (پشيمان ٿي)
سندن ڪڍ لڳو ۽ کين صلح لاءِ آزيون نيزاريون ڪيائين
پر جوکين هن جي هڪ به نه ٻڌي. انت جهيڙو اچي جاڳيو
جنهن ۾ شاهه محمد سان گڏ سندس پنجاهي ماڻهو نامراد
جوکين هٿان شهيد ٿي ويا.
هن اقتباس ۾ مظلوم جوکين کي نامراد، ليڪن ظالم
شاهه محمد ۽ سندس ساٿارين کي شهيد جي لقب سان
نوازيو ويو آهي، يعني ڪنهن چواڻي: خوني به خان
محمد خان ته چڱو مڙس به اهو ئي ٿيو!
ان کانسواءِ به سڄو ڪتاب مهذب فارسيءَ جي طرز
تخاطب ۾ سنڌين مٿان دشنام طرازي جي ڌوڙين سان چڪار
نظر اچي ٿو. هن باري ۾ مغل شاهي کي مجرم ٺهرائڻ جو
سبب اهو آهي ته انهي خانوادي سنڌين کي زوري غلام
بڻائڻ کان پوءِ مٿن مرزا احمد بيگ ۽ بايزيد بخاري
وغيره، جهڙا هٿ ٺوڪيا حاڪم مڙهي ڇڏيا، جن جو
خانداني ڌنڌوئي ستمگري هيو.
بيگلارنامه ص 227-237. طاهري ص 19-40-95.
ترخان نامه ص 77. معصومي ص 237.
بيگلار نامو، ترخان نامو، طاهري ۽ معصومي.
ونگو- چچنامي هن کي وڄروٽ لکيو آهي، جو صحيح
ناهي، اهو وڄر وٽ اڄ به نئين ڪوٽ کان مٺي
ڏانهن ويندڙ گس تي ڪلوئي جي ڀرسان موجود آهي.
سانڱرو-فارسي ۾ ساڪره آهي، ان کي ساڪرو نه
سمجهڻ کپي، جيئن چچنامي لکيو آهي.
اهڙي ريت جهم پراڻي ساڱري جي ڪپ تي ٽنڊي
الهيار تعلقي ۾ ڪرهل جي ڀرسان هڪ ڳوٺ جي صورت
۾ موجود آهي، اهو جهم، جهمپير ٿي نٿو سگهي ۽
وڌا واهه يا داداهه (بدين پاسي) اصل ۾ ڏاڏاهه
آهي.
|