سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: تاريخ مظهر شاهجهاني

باب: --

صفحو: 13

جڏهن ٻيو ڪو نبيرو نٿي سگهيو ته قلعي جو سردار ابراهيم بلوچ اچي پيش پيو ۽ نذراني طور اٺ، گهوڙا، گهٽا، شطرنجي وغيره جابلو سامان (248-1) آڻي اڳيان رکيائين. قوج علي پوءِ سبي ڏانهن واپس وريو.

جيڪڏهن کيس وڌيڪ ماڻهن جي اُڀل هجي ها ته بروقت انهي قلعي تي ٿاڻي طور پنهنجا ماڻهو مقرر ڪري ڇڏي ها. ٻئي سال وري ايڏانهن وڃڻ جا سانباها پئي ڪيائين ته ايتري ۾ بدلي ٿي هندستان هليو ويو.

هڪ فوجي منتظم لاءِ قلعي تي قبضو ڄمائڻ ڪا وڏي ڳالهه نه هئي، ڇاڪاڻ ته تاريخ سنڌ (معصومي) جي روايت موجب اڪبر بادشاهه جي زماني ۾ مرزا مجاهد خان صرف ٽيهن ماڻهن جي مدد سان سلطان محمود بکري جي غلام مبارڪ خان سان منهن ڏنو هو، جنهن وٽ ڏهن هزارن ماڻهن جي فوج هئي، اها جنگ ماٿيلي واري قلعي لڳ لڳي هئي. مبارڪ خان شڪست کائي قلعي اندر قيد ٿي ويو. مجاهد خان اڳتي وڌي بکر جو قلعو سلطان محمود کان هٿ ڪيو ۽ بکر جي راڄڌاني مغل سلطنت ۾ داخل ٿي وئي (248-2).

ان واقعي مان قرآن جي آيت: ڪم من فئته قليله غلبت فئته ڪثيره باذن الله“ جي تصديق ٿئي ٿي. قوج علي کان پوءِ جڏهن سيد بايزيد بخاري بکر جو فوجدار ٿي آيو ته شيخ پولي نالي پنهنجي هڪ پراڻي ماڻهوءَ کي سبي جو عملدار ڪري موڪليائين، جنهن کي پني قوم جي پٺاڻن پريندي ئي ماري ڇڏيو. پٺيان سندس پٽ پنهنجا ماڻهو گڏ ڪري سبيءَ ويا جن پٺاڻن سان وڃي جنگ جوٽي، ٻنهي ڌرين جي رتوڇاڻ کانپوءِ پٺاڻن پنهنجا ماڻهو مارائي ميدان هارايو ۽ سندن سردار جنگي خان کي جنگي قيدي بڻائي بکر آندو ويو.

مرزا شاهه حسن ارغون جڏهن بکر جي حڪومت (249-1) سلطان محمود جي حوالي ڪئي ته انهي پاسي جا ڪيئي قلعا جيڪي ايامن کان ٻروچن جي قبضي ۾ هئا، سندن هٿان ڇڏرائي، ڪوهستان جي نافرمان ۽ سر ڦرين ماڻهن کي سڌو ڪري، پنهنجو مطيع بڻائي ڇڏيائين.

ان مان ظاهر آهي ته علائقي ۾ نهايت برجستن ماڻهن جي موجودگي جي ضرورت رهي ٿي، جن جي دل وندرائڻ لاءِ زهري (قوم) جي ڀلن گهوڙن، جابلو اٺن، سوکن گهٽن، تازي ڪتن، سنجري شالن ۽ اميراڻي شطرنجيءَ جهڙا ڪيئي مال اسباب اتي موجود آهن.

باب ٽيون

ٺٽي جو بيان

ٺٽو درياهه جي ڪناري هڪ وڏو ۽ ورسيل شهر آهي.هن جي ملتان واري پاسي کان ننڍو ۽ پڪو حاڪم نشين قلعو آهي. ٻيو وڏو ۽ پڪو قلعو جنهن کي ڪلان ڪوٽ ۽ طغرل آباد سڏيو وڃي ٿو، شهر کان ٻن ڪوهن جي فاصلي تي آهي پر اڄڪلهه اتي ڪابه وسنوَ ڪانهي (249-2).

هتي ڪيئي عالم، فاضل، شاعر، اديب، ڪاتب ۽ عابد زاهد موجود آهن ۽ هنرمند ماڻهن جي به ڪمي نه آهي، جيڪي پنهنجي هنر ۾ ڪمال رکن ٿا، هتي جيڪو سامان تيار ٿئي ٿو، سو عراق ۽ فرنگ جي مال کان ڪنهن به حالت ۾ گهٽ ناهي. هتان جا رهاڪو دين جا پابند آهن ۽ نماز، روزي ۽ شريعت جي پيرويءَ ۾ ڪڏهن به پوئتي پير نٿا پائين. هن شهر ۾ ڪيئي وڏيون مسجدون آهن، جن ۾ هڪ ئي وقت ويهه، ٽيهه هزار ماڻهو نماز لاءِ گڏ ٿيندا رهن ٿا، انهن کان علاوه ڪيتريون ننڍيون مسجدون پڻ اوسي پاسي وارن پاڙن ۾ آهن. انهن مسجدن ۾ جمعي ڏينهن ايتري جماعت اچي ڪٺي ٿئي ٿي، جو پوئين صلوات مهل جيڪڏهن ڪو جماعت اچي ڪٺي ٿئي ٿي، جو پوئين صلوات مهل جيڪڏهن ڪو جماعتي وڃي ٿو ته هزارن حيلن کانپوءِ مس کيس نماز پڙهڻ جي جاءِ نصيب ٿئي ٿي.

ٺٽي ۾ چار راڄڌانيون آهن (250-1): 1- ٺٽو 2- چاچڪان 3- نصرپور 4- چاڪر هالا، پهريون ٽيئي راڄڌانيون درياهه جي هن پر ٺٽي جي پاسي اچي وڃن ٿيون ۽ چوٿين راڄڌاني درياهه جي ٻئي پاسي ٽڪر ڏانهن آهي. هر هڪ راڄڌاني ۾ ڪيئي پرڳڻا ۽ هر پرڳڻي ۾ ڪيترا ڳوٺ اچي وڃن ٿا. جيڪڏهن انهن جو تفصيلي بيان ڪيو وڃي ته گهڻي ڊيگهه ٿي پوندي، ان ڪري مختصر طور هنن چئن راڄڌانين جو ڪجهه ذڪر پيش ڪيو ويو آهي.

ٺٽي جي راڄڌاني جا رعيتي ماڻهو ڏاڍا مسڪين آهن ۽ ڪابه ڪڌائي نٿي ڪيائون، ليڪن ڪهيرين ۽ نڪامرين جو هنن کي هر وقت خوف پئي رهيو، تنهن ڪري ترخانن ٻنهي قومن جي سردارن سان صلح ڪري انهن کي اطاعت ۽ امن ۾ آڻي ڇڏيو. جڏهن ٺٽو (250-2) جهانگير بادشاهه جي وڪيلن (عملدارن) جي ماتحتي ۾ آيو. ان سان گڏ ڄام هالي ۽ راڻي عمر کي راضي ڪري پنهنجي راڄ سان آزاد ڇڏيو ويو، جيڪي هميشه ٺٽي جي صوبه دار جي خدمت ۾ رهندا هئا پوءِ ملڪ جي ضابطي ۽ بادشاهه جي حڪم سان ڪهيري قوم پنهنجي سردار ڄام هالي سميت خدا جي مهر ۽ بادشاهي اقبال سان مير ابوالبقا هٿان نيست ٿي وئي. ليڪن نڪامرين آڻ نه مڃي، تنهن هوندي به راڻو عمر جيڪو سندن سردار هو سو سدائين فرمانبردار رهندو آيو.

چاچڪن جي راڄڌاني جي رعيت غريب ۽ سئين سڌي آهي پر مينڌرن جي قوم مڙئي سرڪشي ڪندي ٿي رهي، جيئن ترخانن جي (251-1) دور کان سندس ريت هئي. اها قوم ان زماني ۾ جڏهن مير ابوالبقا هتي جاگيردار ٿي آيو، مظفر خان معموري جي صوبه داري ۾ ٿوريءَ سيکت سان اهڙي سنوت ۾ اچي وئي ۽ اڄ تائين ڪنڌ کڻي نٿي سگهي. هيءَ قوم سڀني راڄن کان هن جاگير ۾ زبون حال سان گذاري ٿي ۽ ڍل ڀريندي ٿي رهي.

هن راڄڌاني کي ڪنهن به پاسي کان وڳوڙين جو اونو نه آهي، پر سوڍا ۽ سميجا دل جن جو لاڳاپو نصرپور جي راڄڌاني سان آهي، تن جي مٿي ۾ ٿوري گهڻي هوا هئي، جن کي پڻ مير ابوالبقا دٻاءَ هيٺ آڻي ڇڏيو. هاڻ هيءَ راڄڌاني ٿورن ماڻهن جي وسيلي ٿانيڪي رهندي اچي ٿي. نصرپور جي راڄڌانيءَ جا ڪي ماڻهو ارڏايون ڪندا رهن ٿا، جن ۾ سوڍا، سميجا کيبر، سميجا ساند، سميجا جوڻيجا (251-2) سميجا ڪيريا ۽ سميجا دل شامل آهن. هنن مان سميجا دل سڀ کان وڌيڪ اڙانگا آهن، جيڪي سرڪاري ڍل کان به نابري واريندا اچن ٿا. سماوتي وارو پرڳڻو جنهن جي پيداوار چاليهن لکن دامن تائين آهي، انهن هٿان ويران رهي ٿو.

جنهن وقت مرزا رستم قنڌاري ٺٽي ڏانهن ٿي آيو ته سيوهڻ جي جاگيردار شمشير خان اوزبڪ کي پنهنجي فوج جو مهندار ڪري ٺٽي ڏانهن روانو ٿيو، جڏهن سماواتي پرڳڻي جي ڳوٺ ”پلي سمي“ وٽ پهتو ته ان دِهه جي رهاڪن جا ڍور ڍڳا سميجا دل ڌاڙو هڻي ڪاهي ويا. شمشير خان سندن پٺيان پيو ۽ کين جهلي، سندن ڪيترا ماڻهو مارائي، راڄ جو مال انهن منحوسن کان موٽائي مالڪن کي ڏياريائين.

هن راڄڌانيءَ جا ٻيا وڳوڙي سميجا انڙ آهن، جيڪي سيوهڻ سان واسطو رکن ٿا ۽ هالن واري پرڳڻي سان دنگئي آهن (252-1) ۽ ان سان به سندن واهپو رهي ٿو، انهي پرڳڻي کي جنهن جي پيداوار ويهه لک دام ٿيندي هنن ئي تباهه ڪيو آهي.

اهوئي پرڳڻو هو، جنهن مظفر خان معموريءَ جي زماني ۾ اناج جا يارهن هزار خرار محصول ۾ ڏنا هئا. ليڪن هاڻ سمجهي سگهجي ٿو ته ان مان ڪهڙي حاصلات پلئه پوي ٿي!. هن پرڳڻي جي تباهي مرزا حسام الدين مرتضى خان ثانيءَ جي عملداريءَ دوران شروع ٿي چڪي هئي. هن پنهنجي سڪيلڌي پٽ صمصام الدوله کي سميجن مٿان مقرر ڪيو، جنهن هتي پهچي هالن جي لڳ ٺٽيءَ جي ڳوٺ ۾ داٻو ڪيو، جو هالن کان هڪ ميل جي مفاصلي تي هو. هي ڳوٺ ايڏو ته وڏو هو جو خود هالن سان ڪلهو ٿي هنيائين. هو اتي اچي کڏون کوٽي مورچا ٻڌي ويهي رهيو ۽ اُتاوليءَ مان (252-2) هالن جي ٿاڻيدار موسى خان افغان سان هڪ جٿو گڏي کيس سميجن تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ ڏياري موڪليائين. هوڏانهن سميجن کي اڳواٽ ئي اها خبر پئجي چڪي هئي ته اجهو ٿو لشڪر حملو ڪري، ڇاڪاڻ ته هو انهي تاڙ ۾ هئا، جڏهن سڄي فوج انهن جي اجل لاءِ مينهن واءُ هڪ ڪندي رواني ٿي، ته هنن پنهنجا گهر گهاٽ ڇڏي ان جو انتظار ڪيو ۽ گس وٺي ويهي رهيا، جيئن ئي فوج سميجن جي وسندين کي ويران ڏسي پوئتي موٽ کاڌي، ته سميجن هڪدم ان جي مٿان ڪڙدي ڪئي ۽ ڪيئي فوجي شهيد ڪري ڇڏيائون.

يوسف سميجو جيڪو کيبر پرڳڻي جو ارباب هو ۽ پنهنجي پرڳڻي جي تمندار کان ڏکوئجي روپوش ٿي چڪو هو، سميجن انڙن سان ملي ڏينهن ڏٺي جو کيبرن جي ڳوٺ تي وڃي چڙهيو جو هالن کان چئن ڪوهن تي آهي. پرڳڻي جو تمندار حاجي محمد (253-1) اهو حال ڏسي، شرم وچان پنهنجي زال کي پنهنجي هٿان قتل ڪري، انهن ڌاڙيلن سان وڃي دوبدو ٿيو. آخر ويڙهه ۾ هٿ پير هڻندي ڪُسجي ويو ۽ ڌاڙيل سڄي ڳوٺ کي تاراج ڪري ويندا رهيا. صمصام الدوله جڏهن اها واردات ڏٺي ته سندس پيرن هيٺان ڌرتي نڪري وئي ۽ هو دل نه جهلي سگهيو.

هو پوءِ هالن ۽ سماواتي پرڳڻن جي اربابن کي قيد ڪري پنهنجي پيءُ وٽ ٺٽي وٺي ويو، جنهن سميجن جي ڏوهه ۾ مٿن ڳاٽي ڀڳا ڏنڊ وڌا ۽ جڏهن ڏٺائين ته هو ڏنڊ ڀري ڏيڻ جهڙا نه آهن ته کانئن شرعي ضابطا لکرائي مٿن مڙهي ڇڏيائين. اهي مير ابوالبقا جي زماني تائين انهن ضابطن ۾ اڙيا رهيا، ليڪن پورا نه ٿي پئجي سگهيا ۽ انهي ڇڪتاڻ ۾ رعيت هنن جي وبال کان بچاءَ ۾ رهندي آئي.

صمصام الدوله جي واپسيءَ کانپوءِ ساڳئي ٺٽي جي ڳوٺ تي سميجن وري راتاهو هنيو (253-2). جنهن ۾ ڪيئي ماڻهو مارجي ويا، جيڪي بچيا تن ڀڄي وڃي هالن ۾ پناهه ورتي، اڃا تائين انهي ڳوٺ ۾ سڃ پئي واڪا ڪري، ماڻهن جا جهڳا ڀينگ ڏسي هيانءُ پڄرڻ لڳي ٿو.

مير ابوالبقا جي ڪوشش سان هي پرڳڻو وري آباد ٿيڻ لڳو، جو هن سميجن انڙن تي ڪاهي، انهن جي ڪن پرين مڙسن کي مارائي، وينجهڙي ڳوٺ ۾ ترسي، اتان قلعي جو گهيرو ڪري هڪ فوجي جٿو پنهنجي وڏي پٽ ضياءَ الدين يوسف سان گڏي بکر جي راڄڌاني واري پرڳڻي درٻيلي ڏانهن روانو ڪيو، جنهن اتي پهچي ڪيترن سميجن کي قتل ڪرايو ۽ قيد ٿيل ماڻهن کي بکر جي حاڪم حڪيم صالح جي حوالي ڪري ڇڏيائين. باقي فوج کي پنهنجي وچين پٽ ابوالقاسم جي سربراهي ۾ هالن تي مقرر ڪيائين، جتي هو وڃي سوڀارو ٿيو (254-1)، ۽ نيٺ سيوهڻ جي جاگيردار ديندار خان سميجن پاران اچي معافي ورتي، انهي وچ ۾ شير خان پٺاڻ سيوي ۽ گنجابي تي ڪاهه ڪري تباهي مچائي ڏني ۽ ٺٽي جي عملدارن ۽ منصبدارن پاڻ ۾ گڏجي ٺٽي وڃڻ جي صلاح ڪئي ۽ ديندار خان لاءِ فيصل ڪيائون ته هو مير ابوالقاسم ۽ فوجي جٿي سان گڏ بکر هليو وڃي. ليڪن ابوالقاسم ٺٽي وڃڻ جي سنبت ڪئي ۽ پنهنجي ننڍي ڀاءُ لطف الله کي ديندار سان گڏ بکر ڏياري موڪليائين جا سندس غلطي هئي. جيڪڏهن ائين نه ڪري ها ته سميجن جي پاڙ ئي پٽجي وڃي ها. پڇاڙي هتي ٽي هزار سوار ۽ ڏيڍ سئو توبچي ۽ تيرانداز ٿاڻي طور رهايا ويا.

هن راڄڌاني ۾ ٻن هنڌن تي (254-2) بندوبست جي ضرورت آهي، انهن مان هڪ سماواتي پرڳڻي ۾ ٻيو هالن واري پرڳڻي ۾، باقي پرڳڻن مان هڪڙي عملدار هٿان ڍل اُڳڙي اچي ٿي.

چاڪر هالي واري راڄڌاني ٽڪري جي ڀر ۾ اهي هتي جابلو ماڻهو ڏاڍا سرڪش آهن، ان ڪري ٻيون ڀرپاسي جون قومون پڻ سرڪشي سان هلن ٿيون، هتي شورا، سميجا، دل ۽ ٻٻر ٻروچ رهن ٿا، جيڪي حد کان وڌيڪ حرڪتي ۽ فسادي آهن، انهن کان سواءِ پليجا، ڪوريجا، لنجار ۽ ناريجا به هتي رهن ٿا. اهي چارئي قومون اصل کان جاگيردارن جي فرمانبرداري ڪنديون اچن ٿيون. هيءَ راڄڌاني ترخانن جي دور ۾ ڏاڍي آباد هئي. پر مٿي ڄاڻايل پهريون ٽي قومون ترخانن جي عملداري لاءِ آزار جو باعث هيون، ايتري قدر جو ٺٽي جي حاڪم خسرو بيگ جي وڏي پٽ رستم کي (255-1) شورن قتل ڪري ڇڏيو. پوءِ شورن جي مٿان فوج چاڙهي وئي ۽ هوڏانهن شورا نومڙين جي قوم سان ملي جبلن ڏانهن هليا ويا. خسرو بيگ ڪوهيار ۽ وڻڪار تائين جبلن جي وچان انهن جو پيڇو ڪيو، پر کيس ڪو به هٿ نه آيو، نيٺ سيوهڻ کان ڀٽڪندي هو واپس ٿيو ۽ ڪو به ٻوٽو ڪو نه ٻاريائين.

مرزا غازي ترخان جڏهن قنڌار جو صوبه دار ٿيو ته سائين ڏني نالي هڪ هندوءَ کي ”هندو خان“ جو خطاب ڏئي خسرو بيگ جي جاءِ تي ٺٽي موڪليائين. ان سان گڏ شهبازي نالي پنهنجي چاڪر کي ”خان“ جو خطاب ڏئي قاسم خان ارغون جي پٽن جي جاءِ تي نصرپور اماڻي ڇڏيائين.

سائين ڏنو جيئن ٺٽي پهتو ته خسرو بيگ اتان نڪري هالن ۾ اچي ويٺو، قنڌار جي جاري ٿيل حڪم جي نتيجي جو انتظار ڪرڻ لڳو.

ايتري ۾ مرزا غازي جي موت جي خبر سائين ڏني جي ڪنن تائين پهتي ۽ هو تڙ تڪڙ ۾ پنهنجا ماڻهو ساڻ ڪري، درياهه اُڪري، جبل جي وٽِ وٺي سيوهڻ ڏانهن فرار ٿيو، جڏهن شورن جي تر ۾ پهتو ته هي خسرو بيگ جي چورڻ تي ميڙاڪو ڪري ساڻس سامهون ٿيا ۽ نيٺ ان کي ٻڍاپور وٺي آيا ۽ پوءِ ساڻس گڏ سندس ڀاءُ نارو کي جيڪو مرزا غازي وٽان ”شجاعت راءِ“ جي خطاب سان نوازيل هو، قيد ڪري ٻنهي جون سسيون لاهي ڇڏيائون.

انهن جي قتل کانپوءِ قنڌار کان آندل سندن عراقي گهوڙا، زريءَ ڀريل ڪپڙا، خرجينون، نغارا ۽ ٻيو سمورو سامان تاراج ٿي ويو.

مرزا غازيءَ جي وفات کانپوءِ جهانگير بادشاهه، مظفر خان معموري کي ٺٽي موڪليو، انهي زماني ۾ شمشير خان اوزبڪ سيوهڻ جو جاگيردار هو (256-1). هن ٽي هزار چونڊ سورهيه ماڻهو خواجه جان سان گڏي مظفر خان جي همراهيءِ لاءِ روانا ڪيا” مظفر خان جڏهن ٺٽي پهتو ته خسرو بيگ اوزبڪن کي ڏسي هيسجي ويو ۽ پهه ڪيائين ته انهي اِيل سان کيڏ ڪرڻ کپي.

مظفر خان کي چيائين ته شورا، دل ۽ ٻٻر وري ڪر کڻڻ لڳا آهن، توهين خواجه جان کي اوڏانهين اماڻي ڇڏيو. اوزبڪ جيڪي اڃا هن ملڪ جي ماڻهن کان واقف نه ٿيا هئا، انهي حڪم ملڻ سان ٻڏتر ۾ پئجي روانا ٿيا، ٻئي پاسي هن ڌر جا ماڻهو جيڪي ٻن هزارن تائين سوار ۽ اٺن هزارن تائين پيادا گڏ ٿي چڪا هئا. لشڪر جا گهٽ تاڙي ويهي رهيا.

اوزبڪ جيئن نيرون ڪوٽ جي قلعي واري لاڳيتي ميدان وٽ اچي پهتا ته کين پنهنجي ريت موجب اڀيون ٽوپيون مٿن تي هيون، انهي حال ۾ هن ڌر جي ماڻهن جڏهن پري کان کين ڏٺو ته پاڻ ۾ صلاح ڪيائون ته اچو ته اسين به کنڀ پايون، ۽ اهو ائين جو اسان جي هڪ سوار سان چار پيادا گڏ هجن، ٻه هڪڙي پاسي کان ۽ ٻه وري ٻئي پاسي کان، ان کان پوءِ مغلن سان مهاڏو اٽڪائڻ گهرجي. انهي سٽاءَ سان هو ميدان ۾ لهي آيا. اوزبڪ جڏهن سندن گهيري ۾ آيا ته هنن جي پيادن، گهوڙن جي پٺ ورتي ۽اک ڇنڀ ۾ گهوڙيسوار پٽ تي پوندا ويا ۽ اجل جي منهن ۾ ويندا رهيا. خواجه محمد سلطان اوزبڪ جيڪو شمشير خان جي بهادرن مان هو، انهي جنگ جو بک ٿي ويو ۽ ٻيا ميدان ڇڏي نيرون ڪوٽ جي قلعي ۾ اچي پناهي ٿيا، ۽ ٻيءَ ڌر وارا قلعي کي گهيرو ڪري ويهي رهيا.

اها خبر جڏهن شمشير خان کي پئي ته سيوهڻ مان وڏو ڪٽڪ سنبرائي  پاڻ  به ان سان گڏ سندرو ٻڌي روانو ٿيو (257-1) وڳوڙين کي جڏهن پتو پيو ته شمشير خان پنهنجي هارايل سپاهه جي مدد لاءِ پيو اچي ته قلعي جي پچر ڇڏي، پنهنجن ٿاڪن ڏانهن هليا ويا، خواجه جان، جنهن ڀڄي جان بچائي هئي، پنهنجي سورهين سميت قلعي مان نڪتو ۽ سيوهڻ ۾ اچي سامت جو ساهه کنيائين.


(1)   يعني خدا جي حڪم سان ڪي ننڍا ٽولا به وڏن ٽولن تي سوڀ پائي ٿا وڃن.

(2)   ڏسو تاريخ سنڌ (معصومي) ص 228- اها جنگ محرم 980هه ۾ لڳي هئي.

(3)   سبي 959هه تائين سلطان محمود بکريءَ جي تحويل ۾ هئي. ڏسو تاريخ سنڌ معصومي ص 186.

(1)   محرم 1000هه ۾ خان خانان سنڌ غصب ڪئي.

(1)   مير ابوالبقا کي اها جاگير 1024هه ۾ ملي هئي

(2)   مير عبدالرزاق، مظفر خان معموري 1024هه (9-جهانگيري) ڌاري ٺٽي جو صوبه دار ٿي آيو

(3)   سال 1017هه. تذڪره اميرخاني.

(4)  دام، رپئي جو چاليهون حصو.

(5)  مرزا رستم صفوي (وفات 1048هه) ولد سلطان حسين مرزا ولد بهرام مرزا ولد شاه اسماعيل 10 محرم 1022هه ڌاري ٺٽي پهتو هو.

(6)  مير حسام الدين مرتضى خان پٽ جمال الدين حسين انجو- 1038هه ڌاري ٺٽي ۾ فوت ٿيو. ان کانپوءِ مير ابوالبقا امير خان (ڪتاب جي مولف جو ڀاءُ) ٺٽي جو حاڪم مقرر ٿيو. بادشاهه نامه ۾ آيل آهي ته جڏهن خبر ملي ته ٺٽي جو صوبه دار مرتضى خان ولد مير جمال الدين حسين خان ان جو لاڏاڻو ڪري چڪو آهي، تڏهن امير خان ولد قاسم خان نمڪين کي (جيڪو يمين الدوله جي نيابت سان ملتان جو حاڪم هو) ان صوبي جي نظامت لاءِ پنج صدي ذات، پنج صدي سوار، ٽي هزاري منصب ۽ ٻن هزارن سوارن جي اعزاز سان سرفراز ڪيو ويو.

بادشاه نامه (278-1). وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسو مائر الامراءَ ص 194-1، ص 139-1، ص 382-3، ص 384-3 ۽ ذخيره الخوانين ص 117، ص 360.

(1)   حڪيم محمد صالح 1038 کان 1043هه تائين بکر جو فوجدار رهيو. لب تاريخ سنڌ ۽ ضميمه تاريخ سنڌ (معصومي) تاليف محمد بن زنده علي بيگ.

(2)   ابوالقاسم 1045هه ۾ وفات ڪئي ۽ صفه صفا (بکر) ۾ دفن ٿيو سندس مزار جو ڪتبو هن ريت آهي:

فغان از گردش گردون بد عهد دريغا زين جهان عمر فرسا

که از باد اجل ناگاه بشڪست بباغستان جان سرودل آرا

گل و گلزار و اقبال و جواني ابوالقاسمفروغ بخت والا

سزد گر در فراق اوبگريد بچاي آب خون چشم احبا

چو دلها داغ شد از فرق او

 نوشتم سال فوتش ”داغ دلها“        (1045هه)

ڏسو تذڪره امير خاني، سيد حسام الدين راشدي.

(1)   ذخيره الخوانين قلمي (502) شير خان 1040هه ۾ سبيءَ تي ڪاهه ڪئي.

(2)   مرزا غازي بيگ ولد مرزا جاني بيگ ترخان، پنهنجي پيءُ جي وفات 1008هه ڌاري، اڪبر بادشاهه پاران ٺٽي جو صوبه دار ٿيو ۽ جهانگير جي دور ۾ کيس قنڌار جي حڪومت سونپي وئي.

(1)   وفات 11- صفر 1021هه.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org