سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: تاريخ مظهر شاهجهاني

باب: --

صفحو: 12

پر هوڏانهن سيوهڻ جا سميجا انڙ جن جو ڌنڌوئي رهزني آهي، پنهنجي تَرَ سميت، ماٿيلي ۽ ملتان جي سرحد ۾ آيل اوٻاوڙي توڙي جيسلمير تائين ڌاڙا هڻندا رهن ٿا. سندن ارڏائي انهي حد تائين آهي جو ڪنهن پرڳڻي جي طاقتور راڄ سان سئون سڌو هٿ اٽڪائڻ بدران انهن جون چوريون ڪندا ٿا رهن، جيڪڏهن ڪنهن پرڳڻي جي راڄ جي حالت زبون آهي ته (237-1) انهن جا کنڌا کڻي ٿا ڇڏين، جيڪو به هنن جي ور چڙهي ٿو تنهن جو سر ئي گم ڪري ٿا ڇڏين. ان ڪري رعيت جو اُتي رهڻ مشڪل آهي، اڪثر ائين ٿئي ٿو ته سميجا هيڪر جنهن ڳوٺ کي ڦري ناس ٿا ڪن اتي ٻيهر ڪو به آباد ٿيڻ جو ست ساري نٿو سگهي.

اُهي ٽي پرڳڻا جيڪي سکر ۾ اچي ٿا وڃن، تن مان هڪڙو جتوئي پرڳڻو آهي، هتي جا سردار اڳينءَ عملداري وقت بلوچ هئا، جن ۾ جتوئي، بُڙدي، ڪورائي، درادشت، لولئي، شر ۽ ٻيا شامل هئا، اهي به اصل ۾ ڏاڍا فسادي هئا پر مرزا شاه بيگ ارغون کين مات ڪرائي ڇڏيو هو. شاه بيگ ارغون بکر جي قلعي جي اڏاوت لاءِ 237-2) جڏهن رعيت جي چڱن مڙسن کي ڪوٺائي هيڪاندو ڪيو ته انهن فسادي بلوچن جي باري ۾ (جيڪي ڪڏهن به فتني کان باز نٿي آيا) سڀني جي صلاح کانپوءِ اهو فيصلو ٿيو ته انهيءَ قوم جي باهه کي ترار جي پاڻي سان اجهائي ڇڏڻ کپي. آخر ڳالهه اچي اتي بيٺي نه هنن جي هر وسندي ۾ ڪافي ماڻهو ٽيڙي پکيڙي ڇڏجن جيڪي سدائين لهه وچڙهه ۾ ايندا رهن، ان کانپوءِ عين موقعي تي اشاري ملڻ شرط انهن جو ٻوٽو گار ڪرائي ڇڏجي. اهڙي ريت هر هنڌ ماڻهن جي مقرري بعد وقت جو انتظار ڪيو ويو ۽ موقعي ملڻ تي هڪ ئي ڌڪ سان ڪيترن جون سسيون ڌڙن کان ڌار ٿي ويون ۽ ائين اک ڇنڀ ۾ بلوچن جي ٻائيتاليهه ڳوٺن جا ماڻهو موت جي ٻوهي ۾ اچي ختم ٿي ويا. انهي پرڳڻي جي سرداري جي پڳ پوءِ مهرن کي ٻڌرائي وئي (238-2). انهي واردات کانپوءِ اتان جي ٻين ماڻهن ته مڙئي لڙ گوڙ ڇڏي ڏنا ۽ پابندي سان سرڪاري ڍل پهچائيندا رهن ٿا پر بڙدي بلوچن جو اڃا ڪروڌ ۾ منهن آهي، اهي دريءَ نالي هڪ قلعي ۾ رهن ٿا ۽ جاگيردار جي هلڪي ڪن مهٽ سان هيڪر سڌا ٿي ٿا وڃن.

ٻيو پرڳڻو چانڊڪا جو آهي، جيڪو گهڻي ڀاڱين وڏو پرڳڻو ليکيو وڃي ٿو. هتي سميجا، بڪيجا، سانگي ۽ ابڙا رهن ٿا جيڪي سڀ طاقتمند قبيلا آهن. هنن مان ابڙا ۽ سانگي پڻ پاڻ کي سميجا سڏرائين ٿا. چوٿين قوم مهديجي شيخن جي آهي. هن پرڳڻي جا رهاڪو ٿوري گهڻي نافرماني ڪندا رهن ٿا.

جيڪڏهن بکر طاقتور آهي ته هتان جي ماڻهن کي فصل لهڻ تي زير ڪري، دستور کان وڌيڪ وٽانئن ڪابه گهر نٿي ڪئي وڃي ۽ ساڻن سٺي سلوڪ روا رکڻ جي ڪري انهن ۾ ڪابه گڙٻڙ نٿي ٿئي. پر جي لشڪر ۾ ايترو زور ڪونهي ته انهن ماڻهن جو من وڌي ٿو وڃي (238-2)، ۽ هي بي رُخي واري روش اختيار ڪرڻ ٿا لڳن، ڇاڪاڻ ته ڪيترين ڳالهين جي ڪري هنن جي پُٺ مضبوط آهي. هڪ ته هي گهڻائي ۾ آهن، ٻيو ته سندن ايراضي ۾ ڪرڙ ڪنڊا جام ٿا ٿين، جنهن ڪري ساڻن منهن ڏيڻ وقت جهنگ ۾ اچ وڃ ڏکي ٿي لڳي. ٽيون ته هي ماڻهو عام طرح جهنگلي ۽ جابلو قسم جا آهن، جن ۾ بلوچ، منگسي، لاشاري، داردشت، ديناري، رند، ڊومبڪي، ڪٽوهڙ ۽ بڙدي اچي وڃن ٿا، انهن جو لاڳاپو سبيءَ واري علائقي سان رهي ٿو. هنن ۾ چانڊيا نڀاڳا به آهن، جيڪي اچن ٿا ته پنهنجا ڍور ڍڳا ۽ ٻار ٻچا جبل ڏانهن اماڻي پاڻ جهنگ ۾ گهٽ تاڙي ٿا ويهن ۽ جيئن لشڪر اتان لانگهائو ٿئي ٿو ته هي اچانڪ ان تي ڏاڪا ٻڌي چڙهي ٿا وڃن.

ٽيون ٽڪر وارو پرڳڻو آهي (229-1) جنهن ۾ سميجن بڪيجن ۽ لاکيرن جا راڄ رهن ٿا. هي به ٻين سميجن وانگيان رکي بگڙي پون ٿا، ڪڏهن ته هي ڏاڍا ارڏا هئا پر هاڻ منجهن اها اڙنگوڙي نه رهي آهي ۽ واجبي طرح ڍل ڀريندا رهن ٿا. هتي به بٽئي مطابق عملداري هلي ٿي ۽ ماڻهو اوسي پاسي جي شاهينگن کان امن ۾ پيا گذارين، ليڪن چانڊين جي کونس هلندي رهي ٿي. اهي ڏاڍا نامراد آهن، ايتري قدر جو ماڻهن جا ٻار کڻي وڃي وڪڻن ٿا ۽ سندن مال ملڪيت هڙپ ڪري ٿا ڇڏين.

هن ملڪ جي اٺن ئي پرڳڻن ۾ ڪٿي به زمين جي کوٽ ناهي، هتي ڪيترا خالي پٽ به پيا آهن، جيڪڏهن رعيتي ماڻهو سکيا ستابا هجن ۽ کين ڀروسو ڏياريو وڃي ته اهي پنهنجي وس آهر درياهه مان واهڙ ڪڍي انهن پٽن تائين پاڻي پهچائي زمين کي آباد ڪري ٿا سگهن (229-2) جهڙي ريت هن کان اڳ ڪتاب جي پهرئين حصي ۾ مير ابڙي واري باب اندر بيان ٿي چڪو آهي. يا ته ائين ٿئي ته هاري ناري، جاگيردارن جي مدد سان غيرآباد زمين کي آباد ڪندا رهن جيئن مير معصوم واري باب ۾ ذڪر ڪيو ويو. انهي ريت پوک جي پيداوار ۾ واڌ ٿي سگهي ٿي.

اصل ۾ هئڻ ائين کپي ته بٽئي جي باري ۾ ڪو به جاگيردار ڪنهن به آبادگار وٽان مقرر ڪيل دستور کان وڌيڪ ڪابه تقاضا نه ڪري، جيئن هن کان اڳ ٻڌايو ويو. ساڳي طرح حدبندي وقت به اها ڪوشش هئڻ کپي ته زمين جي ماپ ڪندڙن کان ڪابه گهٽ وڌائي عمل ۾ نه اچي ۽ ڪاراوا ايمانداري سان آباد توڙي غيرآباد زمين جي چڱي طرح جاچ ڪندا رهن. انهي سان گڏ هر هڪ پرڳڻي جي پڳدار تي پڻ لازم آهي ته هو جمعبندي کانپوءِ ناليوار سڀ ڪنهن جو حساب چڪتو ڪري ڇڏي، جيئن ارباب، رئيس ۽ قانون گو غريب رعايا جي ميڙي چونڊيءَ ۾ پنهنجون اکيون نه وجهن (240-1).

اڳين حاڪمن طرفان اربابن ۽ رئيسن لاءِ جيڪي انعام اڪرام مقرر ٿيل هجن اهي به پرڳڻي جي پڳدار کي پنهنجي هڙان ڏيڻ کپن. رعيت کي واجبي ڍل کان سواءِ ڪنهن به ادائگي لاءِ مجبور نه ڪيو وڃي. جتي به ڪا خالي زمين پيل هجي اتي واهن ذريعي پاڻي پهچائڻ جو انتظام ٿيڻ کپي. ان لاءِ دستور ۾ اهڙي ڪتر آڻڻ گهرجي، جيئن غيرآباد زمين آباد ٿي سگهي ۽ رعيت ۾ به پوکي راهيءَ جي پهچ ۽ سگهه پيدا ٿئي. پڇاڙي ۾ پرڳڻي جي پڳدار کي پنهنجي ئي حصي مان وڌيڪ ڍل ادا ڪرڻ کپي ۽ فسادين سان به کيس ئي منهن ڏيڻ گهرجي، جيئن رعيت انهن جي ڪنهن وڳڙي ۾ نه اچي سگهي.

ٻيو هي ته سيد بايزيد جي ايامڪاري ۾ رعيت جي آزار لاءِ ملڪ اندر جيڪا بدعت شروع ٿي چڪي هئي ته گذريل سال جي چَٽي به انهن تي مڙهي پئي وئي سا پڻ بند ٿيڻ گهرجي.

(240-2). رعيت تي احسان ڪرڻ کان وڌيڪ ڪابه بهتر ڳالهه ٿي نٿي سگهي، جهڙي ريت مير معصوم جي عملداري بابت اشارو ڪيو ويو.

جيتري قدر ٿي سگهي، ٺيڪي تي زمين ڏيڻ واري رواج کي ختم ڪرڻ کپي، ڇالاءِ ته اها ڳالهه ملڪ جي تباهيءَ ۽ برباديءَ جو ڪارڻ بڻجي ٿي. غريب رعيت انهي آسري تي پاڻ کي اربابن ۽ رئيسن وٽ وڪڻڻ لاءِ مجبور ٿئي ٿي ته انهي ٺيڪي جي مالڪي نيٺ انهن کي ملندي، جيڪي وري ٺيڪي حاصلات جي لالچ ۾ ان لاءِ ٻُڪ پئسن جا ڀريندا رهن ٿا. پڇاڙيءَ پنهنجي ۽ پنهنجن واسطيدارن جي پوک کي پاسيرو رکي، ٺيڪي واري سڄي ڍل ويچاريءَ رعيت جي هڏن مان ڪڍن ٿا.

جيڪڏهن هڪ سال ائين ٿيو ته ٻئي سال انهن جو ڪهڙو حشر ٿيندو؟ ظاهر ته ٺيڪي ۾ گهٽ وڌائي ٿيڻ ڪري انهن وٽ اهو ڪي نٿو بچي، جو واجبات جي پورائي ڪري سگهن. اهڙي حالت ۾ اهي ٻي ڪا واهه نه ڏسي قيد ڪاٽڻ جي ڊپ کان بر منهن ڪري ڀڄي ٿا وڃن، رعيت ويچاري پنهنجن اربابن ۽ رئيسن کانسواءِ پنهنجن جهڳن ۾ رهڻ محال ٿي سمجهي، لاچار ان کي به انهن جي پويان ٿو ڀٽڪڻو پوي، انهيءَ صورتحال سبب ملڪ ويران ٿي وڃي ٿو.

جڏهن وري ڪو نئون عملدار اچي ٿو ته اهو چڱو مڙس پنهنجي اُڳاڙيءَ کان علاوه اڳئين ٺيڪي کان وڌيڪ وصولي جي طلب ٿو ڪري. عاملن جي انهي لاڳيتي پٽ کوهه جي ڪري ملڪ ۾ سُڃ واڪا ڪرڻ ٿي لڳي. ان ڪري مناسب ائين ٿيندو ته دستور جي انصاف ۾ ڪا ڦير گهير نه ڪئي وڃي، ٻنهي ڌرين جي ڀلائي به ان ۾ ئي آهي.

خدا ٿو ڄاڻي ته اها ٺيڪي واري رسم ڪنهن به حالت ۾ مناسب ناهي. خاص ڪري سنڌ ۾ ته اها ٺهي ئي ڪانه ٿي. حڪومت سان تعلق رکندڙ اهو ٺيڪي ۽ وڌيڪ وصولي وارو عمل دخل وڳوڙ پيدا ڪرڻ جو باعث بڻجي ٿو پوي. رعيت جي واسطيداري ملڪ جي بادشاهه سان رهي ٿي، جڏهن رعيت ان جي هٿ وس آهي، تڏهن ئي ان کي بادشاهه سڏيو وڃي ٿو ۽ سڀئي ماڻهو ان جا رعيتي سڏجن ٿا. (241-2)

ارباب ٻن طبقن ۾ ورهايل آهن: هڪڙن جو تعلق رعيت سان ته ٻين جو لاڳاپو حڪومت سان رهي ٿو. رعيت کان ڍل جي وصولي اربابن مان مقرر ڪيل بادشاهه جي نائب کي ڪرڻ کپي، ان کي اربابيءَ وارو اجورو بادشاهي (سرڪاري) زمين مان ملڻ گهرجي ۽ رعيت کي ان جو ڪو به ڏن ڏيڻو نه پوي. کانئس جيتري قدر پڄي سگهي رعيت کي پنهنجي احسان سان راضي رکي. اربابن کي اهو ئي سونهين ٿو ته هو پاڻ کي به راڄ وانگر رعيت ڪري سمجهن ۽ ڪنهن به ٻيائي کي پنهنجي دل ۾ جاءِ نه ڏين.

جيڪڏهن ٺيڪي ۾ وڌيڪ وصولي جي خيال کان رعيت جي قسمت اربابن جي اختيار ۾ ڏني ٿي وڃي ته اهي خود حڪومت وانگي رعيت جي مٿان شينهن ٿي چڙهي ٿا وڃن. ساڳئي وقت رعيت به انهن ڏانهن رجوعات ٿي رکي، جنهن جا ٻه سبب آهن، هڪ ته ارباب حڪومت جا عيوضي ٿين ٿا (242-1) ۽ رعيت سان هم وطنيءَ واري حُج به رکن ٿا. ٻيو ته بادشاهه جا نائب پڻ رعيت کي پنهنجي هٿ سان سندن حوالي ڪري ٿا ڇڏين.

جڏهن به رعيت، ٺيڪي يا ڍل جي وڌيڪ وصولي جي ادائگي لاءِ کوٽ ۾ پئجي ٿي وڃي ۽ اربابن وٽ به ايتري موڙي ڪانه ٿي بچي، جو انهي کوٽ جي پورائي ڪري سگهن، تڏهن پنهنجون راهون رَدِ ڏسي، هو اُبتا پير کڻڻ ٿا لڳن ۽ گهر کان بي گهر ٿي وڃن ٿا. اهو حال ڏسندي رعيت به انهن جي پويان رواني ٿئي ٿي. ماڻهن کي ٻن پاسن کان ڊپ رهي ٿو، هڪ اهو ته جيڪڏهن هو پنهنجيءَ جاءِ تي ٿانيڪا ٿا رهن ته حاڪم، ٺيڪي واري کوٽ جي پورائي ۽ وڌيڪ وصولي لاءِ سندن رت ۾ وات وجهن ٿا، تنهن ڪري اڻ هوند واري حالت ۾ کين گهر ٻار وڪڻي به انهن سان سنمک ٿيڻو ٿو پوي. ٻيو اربابن جو ڏمر، جيڪڏهن رعيت به انهن سان گڏ پنهنجو ٿڏو نٿي پٽي ۽ ماٺ ڪري ويهي ٿي رهي، ته ارباب سندن بُڻ وڃائي ٿا ڇڏين.(242-2).

بکر جي راڄڌاني ۾ ٻن هنڌن تي قبضي رکڻ جي ضرورت آهي، جيڪا دائمي صورت ۾ هئڻ گهرجي، پهريون چانڊڪا پرڳڻي جي وچ ۾ مضبوط قلعو اڏائي اتي برجستن ماڻهن جو ڪٽڪ ٿاڻي طور مقرر ڪيو وڃي، جيئن هرڪو اٿندي ويهندي مغلن جي مُنهن پوندو رهي، انهن کي چڱي ڀلي جي پروڙ پئجي سگهي ۽ ڪو به پنهنجي آڏوڏائي ڏيکارڻ جي نه ڪري.

ٻيو ٽڪر واري پرڳڻي ۾، باقي ٻيا پرڳڻا هڙي جاگيردار ۽ عاملن وسيلي پوري ڍل پهچائيندا رهن ٿا، تنهن هوندي به هڪ شاهي امين جو اتي هجڻ لازمي آهي، جيئن جاگيردار دستور جي خلاف ڪو به قدم کڻي نه سگهي.

باب ٻيو

سبيءَ جو بيان

(243-1) سبيءَ جو قلعو ٽڪريءَ جي ڀڪ سان آهي. هن جي اڏاوت ۾ ڪتب آيل پٿر سڀ گولاءِ تي آهن. هتي زمين کي جيترو به کوٽجي ٿو ته هيٺان پٿر نڪرن ٿا. قلعي جي قطب واري پاسي هڪڙي قبي نظر اچي ٿي، جنهن کي سنڌي ۾ ڪيهراءِ جي ماڙي ڪوٺيو وڃي ٿو، ماڻهو جڏهن ان جي ويجهو وڃن ٿا ته انهن کي اتي ڪجهه به ڏسڻ ۾ نٿو اچي.

سلطان محمود بکري هڪ دفعي ٻه ٽي هزار ماڻهو گڏ ڪري کين هٿ هٿ ۾ ڏياري، انهن ٽڪرين ڏانهن ويو، پر اتي کيس ڪاري وارا ڪک نظر آيا، قبيءَ جو ڪو به نشان نه هو. چون ٿا ته اتي آڳاٽن ماڻهن جو طلسم رکيل آهي، جنهن ۾ خزانو محفوظ رهي ٿو. ڪنهن ڏينهن ڪو درويش اتي وڃي پهتو، ان کي ڪا شئي هٿ آئي هئي، تنهن کانپوءِ ڪيئي ماڻهو انهي آسري تي اوڏانهين ويا پر سکڻين هٿين موٽي آيا (243-2).

سبيءَ جي هيٺان جيڪا نهر وهي ٿي، ان جو لنگهه گندرف جي چشمي مان آهي، جيڪو به ان مان پاڻي پيئي ٿو سو بيمار ٿي ٿو پوي. ڪيئي ماڻهو انهي وگهي مري چڪا آهن، ليڪن جيڪي ماڻهو اتي رهن ٿا، تن کي اهو پاڻي ڀانءِ پئجي ويو آهي. سلطان محمود بکر جي حاڪميت کي پوءِ سبيءَ واري قلعي جي سنڀال لاءِ هر سال نوان ماڻهو موڪليندو ٿي رهيو، جن مان ڪن ٿورن کانسواءِ باقي سڀ مري کپي ٿي ويا. آخرڪار اڪبر بادشاهه جي زماني ۾ ٻوڏ آئي، جنهن انهي چشمي جي پاڙ پٽي، يا ان کي بنهه ڍڪي ڇڏيائين. سو اڄڪلهه اها بيماري انهيءَ پاسي گهٽ آهي.

اهو پاڻي پنجاهه ميلن کان پوءِ سروا جي سر زمين ۾ وڃي پوي ٿو، جتي پوکي راهيءَ جي ڪم ٿو اچي. وڌيڪ پاڻي 244-1) منڇر ڍنڍ ڏانهن وهي ٿو وڃي، جيڪا سيوهڻ جي ڀر ۾ آهي.

انهي پاڻي جي ڪپر سان الاهي سنها ۽ ڊگها نانگ ٿين ٿا، جن جو ڏنگيل ورلي بچي ٿو. ان ڪري اتي جا ماڻهو زالين مردين موڪريون ۽ وڏيون شلوارون پائيندا آهن. جيئن نانگ جي ڏنگ کان بچائي ۾ رهن. سبيءَ جي آسپاس ”ڇٽ“ ۽ ”ڪور“واري زمين ۾ ووڻن جا ٻوٽا ٻير جي وڻ جيڏا ٿين ٿا، ماڻهو انهن تي چڙهي ڦٽيون چونڊيندا آهن. هر هڪ وڻ تي گرانٺ جيترا سو کن سپ هوندا آهن. ڪپهه جي چونڊي کان اڳ ماڻهو وڻن کي ڇاپڙ ڪون هڻي سپن کي ٽڙائي پکڙائي پوءِ پنهنجي ڪت ۾ لڳي وڃن ٿا. جيڪڏهن ڪنهن کي سپ سُنگهي وٺي ته ڏنگ واري جاءِ تي پاڪيءَ سان ڇيهه ڏئي ڪنهن ماڻهو کان رت چوسرايو ويندو آهي (244-2). ٻيءَ حالت ۾ ڏنگيل ماڻهو اڦٽ مري وڃي ٿو.

گنجابي لڳ جيڪو پڻ سبيءَ جي پرڳڻي ۾ آهي، هڪ هنڌان پاڻيءَ جو گرم چشمو ڦٽي نڪري ٿو، جيڪو گهڻي ايراضي والاري ٿو ڇڏي. ان پاڻي ۾ مڇيون جام ٿين ٿيون، انهيءَ گنجابي جي ٽڪرين ۾ هڪ ماٿريءَ تي لوهي پڃرو ٽنگيل آهي، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته ان ۾ ڪا شئي رکيل آهي. پر ڪنهن جو به هٿ انهي پڃري تائين پهچي نٿو سگهي. جيڪڏهن ٽڪريءَ جي مٿئين پاسي ماڻهو کي واڍ تي هيٺ لاهي اُماڻجي ٿو ته اهو پڃرو ويتر پراهون ٿي ٿو وڃي. وري جي هيٺان ڪو ماڻهو وڃڻ جي ٿو ڪري ته به سندس پڄڻ جي ڀيڻي ناهي، ڇاڪاڻ ته ٽڪري جي چوٽي لسي ۽ هيڪاندي آهي، تنهن ڪري زمين ان کان پري پوي ٿي.

گنجابي جون ٻوکون موزاهه جي پاڻي تي آباد ٿين ٿيون، جيڪو جبل مان وهي اچي ٿو. ۽ ٻي ناڙيءَ جي پوک آهي، جا پوٺي تي ٿئي ٿي. هي ٻروچن جو علائقو آهي، جنهن ۾ لاشاري، منگسي، رند ۽ ديناري رهن ٿا (245-1).

گنجابو سبيءَ کان ٻن راتين جي پنڌ تي آهي. سبي، بکر ۽ سيتپور جي وچاڳ ۾ هڪ ايراضي اچي ٿي، جنهن کي ”بارڪان“ سڏيو وڃي ٿو. هتان جا گهوڙا عراقي گهوڙن جو مٽ آهن، جڏهن گهوڙي پيٽان ڦر ڄمي ٿو ته ان جي ٿانهه تي پٿريون وڇايون ٿيون وڃن، جتي اهو ٻهاڻ سڄو سال دڙها هڻندو ٿو رهي. اهڙي ريت ان جا سنب ايڏا ته پڪا ٿي ٿا وڃن جو نعل هڻائڻ جي ضرورت نٿي پوي ۽ هو بنا ڪنهن ڏکيائي جي جبل جهاڳيندو رهي ٿو.

سبي ۽ گنجابي واري وچاهين ايراضي هن طرح آهي ته پاڻي جي ڪناري مان گنجابي، سبي، اراڙي ۽ پاٽ وٽان گولائيءَ ۾ چڪر ڪاٽي وري درياهه جي ڪپ تي اچڻو ٿو پوي، انهيءَ وچ ۾ رڳو رڻ پٽ آهي. هتي ڪيئي ڪوٽ ۽ ڳوٺ اڏيل هئا، جيڪي نابود ٿي چڪا آهن. هتان ئي قنڌار ڏانهن گس وڃي ٿو (245-2) اهو رڻ درياهه کان سبيءَ تائين ڊيگهه ۾ سئو ڪوهه ۽ ويڪر ۾ ستر ڪوهه ٿيندو.

ماڻهو هن رستي سان رات جو قطب ستاري جي سُجهندي ۾ سفر ڪندا آهن، نه ته اهڙو سونهون ساڻ کڻڻو پوي ٿو، جيڪو گهٽ گهيڙ کان واقف هجي. جهڙوڪ جهاز جو معلم وغيره. ٻيءَ صورت ۾ اها مسافري ڏاڍي جوکائتي آهي ۽ ميداني ماڻهن وانگي سر تان آسرو پلڻو پوي ٿو. اهڙو هڪ واقعو سلطان محمود جي زماني ۾ پيش آيو هو، جنهن بابت چيو وڃي ٿو ته سلطان محمود هڪ ميداني جٿي کي گنجابي ڏانهن روانو ڪيو، جيڪو اتي پهچڻ کان پوءِ عملداري جا احڪام پورا ڪري نه سگهيو، تنهن ڪري سلطان انهي کي واپس بکر گهرائڻ جو حڪم ڏنو، ٻئي جٿي کي ان جي جاءِ تي اماڻيائين. اهي ويهارو کن ماڻهو پنهنجي آڪاهين سميت گنجابي مان نڪري بکر ڏانهن پنڌ پيا. واٽ تي سندن سونهون رستو ڀلجي ويو ۽ انهن کي ٻڌايائين ته 246-1) منهنجو دماغ جاءِ تي ناهي، ٿورو ترسو ته پوءِ ٿا هلون، پر هنن توائي ۾ اچي ترار جي هڪ ئي ڌڪ سان کيس پورو ڪري ڇڏيو.

آخر اهي سڀ ميداني ماڻهو انهي بنا بوند واري برپٽ ۾ ڀٽڪي، اڃ جي اَوهه ۾ پنهنجا پساهه پورا ڪري ويا ۽ ڪو هڪڙو به انهن مان باقي نه رهيو. اڃا تائين انهن جا هٿيار پنهوار توڙي ٻيا ٽپڙ هيڪڙ ٻيڪڙ واٽهڙن کي هٿ ايندا رهن ٿا. هتي اڪثر لُڪون لڳنديون رهن ٿيون ۽ ساندهه چار مهينا اها حالت رهي ٿي، اهي جهولي جا ڏينهن اونهاري ۾ شروع ٿين ٿا.

سبيءَ جو قلعو اڪبر بادشاهه جي زماني ۾ مير ابوالقاسم نمڪين، پني قوم جي پٺاڻن کان فتح ڪيو هو جڏهن بکر جي راڄڌاني عبدالرحيم خان خانان کان ڦيرائي سندس جاگير ۾ ڏني وئي هئي، انهن ئي ڏينهن ۾ ابوالقاسم (246-2) بکر کي ڀرجهلو سمجهي اڪبر بادشاهه کي درخواست ڪئي هئي ته جيڪڏهن حڪم ڪيو وڃي ته ڪيچ مڪران فتح ڪري مغل سلطنت ۾ داخل ڪيو وڃي. بادشاهه انڪار ڪندي چيو هو ته ڪيچ مڪران جيئن ته شاهه عباس ايراني جي سرحد سان دنگئي آهي ۽ اسان ٻئي پاڻ ۾ دوستي جي ناتي سان ڳنڍيل آهيون، ان ڪري ايڏاهين هروڀرو اُچاٽ نه ڪرڻ کپي.

مير ابوالقاسم سبيءَ جي پٺاڻن تي اناج ۽ روڪڙ جي صورت ۾ جيڪا ڍل وڌي هئي سا اڃا تائين وصول ٿيندي رهي ٿي، فصل لهڻ تي بکر مان مقرر ٿيل ماڻهو اتان جي رعيت وٽ پهچي وصولي ڪري ايندا آهن.

جيڪڏهن ماڻهو ڪم وارا هجن ته انتظام ته ٺيڪ رهي ٿو پر جي ماڻهن جو حال ڪونهي ته انتظام به ڪين جهڙو ٿي پوي ٿو. قوج علي ڪُرد جي وقت ۾ جڏهن سبي سندس جاگير ۾ هئي ته هن اتان جي ماڻهن کي (247-1) چڱو سوگهو ڪيو هو، پر جيئن ئي ڪم وارن ماڻهن جي وٽس ڪمي ٿي پيئي ته پني قوم جي پٺاڻن هڪ ئي حملي سان کيس قلعي بند ڪري ڇڏيو. تنهن زماني ۾ تاج خان بکر جو جاگيردار هو. هوڏانهن منهنجي ڀاءُ مير ابوالبقا کي اٻاوڙي ۽ گنجابي واري جاگير مليل هئي.

اها خبر جڏهن جهانگير بادشاهه تائين پهتي ته مير ابوالبقا کي تاج خان کان مدد وٺي قوج عليءَ جي ساٿ ڏيڻ جو شاهي فرمان ڏنو ويو ۽ هن اوٻاوڙي مان بکر پهچي تاج خان کان گهوڙيسوارن جي ڪمڪ هٿ ڪئي، تنهن سان گڏ پنهنجي اٽالي سميت (جنهن ۾ پنهنجا ۽ سندس پيءُ جا ماڻهو شامل هئا. سبيءَ وڃي رسيو. پٺاڻ هيسجي ڳچيءَ ۾ ڳارو ڪري وٽس آيا ۽ قوج علي بند مان ٻاهر نڪتو. (247-2)

ٻئي ڀيري جڏهن گنجابي واري جاگير به قوج علي کي ملي ته پٺاڻن سان ڏاڍيون جٺيون ڪيائين، ڪيئي پٺاڻ هن جي هٿان قتل ٿي ويا ته به جنگ هلندي رهي، هيڏانهن ڪي ٿورڙا مغل هن جي همراهيءَ ۾ هئا ۽ هوڏانهن ٻه ٽي هزار پٺاڻ مڙي ٿي آيا، تڏهن به ويڙهه ۾ پڄي نٿي سگهيا: آخر هي پٺاڻن کي مات ڪري، انهن ۽ ٻين ماڻهن جي مدد سان سبي ڇڏي، جبل وٽان چڙهائي ڪري ڪوهيار جي قلعي تي اچي پهتو، انهي ۾ کيس پورا ٽي ڏينهن لڳي ويا. پوءِ قلعي جي اوٽ مان اتان جي ٻروچن تي مار ڪندو رهيو. ٻنهي پاسن کان ڇتي جنگ ڇڙي وئي، جنهن ۾ ڪيئي ماڻهو مارجي ويا.


(1)   چار (ب)

(2)\   ڏسو تاريخ معصومي ص 124-125.

(1)   نسخي پ ۾ هن کانپوءِ هيٺين عبارت شروع ٿئي ٿي: چوٿون پرڳڻو فتح پور آهي، جيڪو گهڻي وقت کان ويران رهي ٿو، ان ڪري ان جي احوال پيش ڪرڻ جي ضرورت نه محسوس ڪئي وئي (ورق 185).

(2)   ”محمد علي بيگ بندري (متوفي 1066هه) جيڪو نواب آصف جاه پاران (1038) ۾ بکر جو فوجدار هو، تنهن زماني ۾ مير نالي چانڊڪا پرڳڻي جي ابڙي زميندار درياهه مان وڏو واهه ڪڍرائي غيرآباد زمين ۾ آندو هو، جنهن ڪري انهن پٽن ۾ جتي چرندن، پرندن توڙي آدم ذات جو ڪو اير پير ئي نه هو، اتي نيون وستيون آباد ٿي ويون، انهن مان ”جوکي هرڻي“ ۽ ”منهه“ نالي وارا ڳوٺ مير ابڙي جا ٻڌرايل هئا، ساڳي ريت نندي ابڙي، ”پوپٽي“ نالي ڳوٺ ٻڌرايو هو.

”ابڙن جي مرشد شاهه علي جيڪو مهديجو سڏائي ٿو تنهن ”ڪوٽلي“ نالي ڳوٺ آباد ڪيو. اهڙي ريت چانڊڪا پرڳڻي جي ابڙن، سانگين ۽ سميجن واهه کوٽائي انهن جي ڪلنڀر سان نوان ڳوٺ ٻڌرايا. نتيجو اهو ٿيو جو جتان ڪٿان جا ڏتڙيل ماڻهو انهي پاسي رجوع ٿيندا ويا. سارين ۽ جوارين جي خريف واري پوک ۾ واڌارو اچي ويو، جنهن جي آبادي لکن جريبن تائين وڃي پهتي، سواءِ ربيع واري پوک جي جنهن ۾ ڪڻڪ، جوَ، چڻا ۽ سرنهن وغيره شامل آهن.

انهن پرڳڻن مان ڏهاڪي پٺيان ٽيهارو چاليهارو جي وصولي ٿيڻ لڳي، درٻيلي وارو پرڳڻو جيڪو بکر جي راڄڌاني ۾ آهي سو به پوکي راهي ۾ تمام گهڻو آباد ٿي ويو“ مظهر شاهجهاني قسم اول باب چوٿون فصل پيو.

(1)   تاريخ سنڌ ”معصومي“ جي ڇپيل نسخي ۾ مارو ڪهير ۽ خطي نسخي ۾ مارو ڪهيري لکيل آهي (ص 128) هي اصل ۾ ڪهير واري ماڙي ٿي سگهي ٿي.

(1)   تاريخ سنڌ ۾ سرواهه ڄاڻايل آهي (2 129).

(2)   ساڳي عبارت تاريخ سنڌ ”معصومي“ (ص 129) تي آيل آهي

(3)  ڊاڪٽر دائودپوٽي تاريخ سنڌ جي حاشيه ص 29 تي لکيو آهي ته ڪور واري زمين اصل ۾ ڪهير آهي. مير معصوم لکي ٿو ته ڇٽ جي ڳوٺ ۾ هڪ قوم آهي، جنهن کي ڪهيري سيدن جي قوم سڏيو وڃي ٿو. چون ٿا ته انهن جي وڏن مان هڪ شخص ڪهير جي وڻ تي چڙهي، ان کي چهو (سنهون لڪڻ) هڻي، گجهوڙي وانگي هڪليو هو ۽ اهڙي طرح اها ڳالهه مشهور ٿي وئي ص 130.

(4)   مولف هي سڄو تفصيل هوبهو تاريخ سنڌ تان ورتو آهي، ڏسو ص 128—130.

(5)   موزاهه- موراهه پ.

(1)  تاريخ سنڌ ”معصومي“ ۾ هن طرح لکيل آهي ته سبي ۽ گنجابي واري ايراضي جي صورتحال هن ريت آهي: هڪ ٽڪري سيتپور ۽ درياهه جي ڪنڌيءَ سان هلندي، ڪئن، سبي ۽ گنجابو ٽپي پاٽ تائين وڃي پهچي ٿي، اتان وڪڙ کائي وري اچي درياهه سان ٿي لڳي، انهي جي وچ ۾ بيابان آهي، جتان قنڌار ڏانهن رستو وڃي ٿو، انهي بيابان جي ڊيگهه درياهه کان سبيءَ تائين سئو ڪوهه ۽ ويڪر ستر ڪوهن تائين آهي. هتي اونهاري جي مند ۾ پورن چئن مهينن تائين گرم هوائن (جهولي) جو زور هوندوآهي (ص 930)

(1)   مير ابوالقاسم نمڪين، 1003هه ڌاري بکر جي جاگير ۾ پهتو، انهي ئي سال اتان سبي جي سوڀ لاءِ روانو ٿيو. اڪبر نامي ۾ لکيل آهي ته سبي، قنڌار لڳ، هڪ مضبوط قلعي جي صورت ۾ آهي، اهو قلعو اوائل ۾ بکر جي راڄڌاني اندر داخل هو. پوءِ پني قوم جي پٺاڻن ان تي ڌاڪ ڄمائي، جنهن تان سيد بهاءُ الدين بخاري اچ جي نواب، بختيار بيگ سيوهڻ جي تمندار، بکر جي جاگيردار مير ابوالقاسم، مير معصوم بکري ۽ ملتان صوبي جي فوج کي حڪم ويو ته سبيءَ پهچي پٺاڻن کي ڌت ڪن ۽ جيڪڏهن اهي نه مڙن ته کين مت ڏيئي ڇڏين. اڪبرنامه ص 666-3.

(2)   اوٻاوڙي ۽ گنجابي واري جاگير 1019هه يا 1020 هه ۾ مير ابوالقاسم کي ملي هئي، انهي زماني ۾ مير ابوالبقا قوج عليءَ جي مدد لاءِ پهتو هو.

(3)   هن جو نالو تاش بيگ ۽ لقب تاج خان هو. هي 1020هه ۾ بکر جو حاڪم مقرر ٿيو. 1022هه ڌاري مرزا رستم صفوي جي جاءِ تي ٺٽي جي حاڪميت مليس، اتي ئي 1023هه ۾ فوت ٿيو. ڏسو مائر الامراء ص 483-1، ذخيره الخرانين قلمي ص 397، تحفته الڪرام ۽ لب تاريخ سنڌ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org