فصل ٻيو
هن ملڪ جي وڳوڙين ۽ فسادين بابت
هنن ماڻهن جي فسادن سبب هي ملڪ زبون ٿي چڪو آهي،
ايتري قدر جو بکر، ٺٽو ۽ جيسلمير به سندن وڳوڙ کان
آجو ناهي.
هي ٽي گروه آهن، هڪ سميجن جو گروه جنهن ۾ ٻارهن
قومن اچي وڃن ٿيون.
1.
بڪيجا
2.
ٿيٻا
3.
جوڻيجا
4.
ڦريا
5.
دل
6.
کيبر
7.
اوٺا
8.
لاکير
9.
راڄپر
10.
ڀان
هي ڏهه قومون ٿيٻن کان سواءِ، باغبانن جي پرڳڻي ۾
رهن ٿيون. دل سماواتي ( ساهتي) ۽ شال پرڳڻي جا
رهاڪو آهن. فرمانبردار رعيت جيئان جاگيردار جي ڍل
کان انڪاري ناهن. جيئن اڳ بيان ٿي چڪو آهي.
1-
منگواڻا جيڪي حرامي قوم آهن.
2-
انڙ، جن جون پنج ذاتيون ٿين ٿيون.
(الف) – راهو
(ب) – ڏاهري
(ج)- ساند
اهي ٽيئي جاگيردار جي حڪم هيٺ رهندڙ آهن.
(د) – سانريه (ساريا)
هنن ۾ چار ذاتيون آهن:
1.
ڌاريجا
2.
راهوجا
3.
مناهيجا
4.
فيروزيجا
5.
ڪيريا
هنن مان ڪيريا ۽ منگواڻا، سارين جي قوم سان ڳنڍيل
آهن. انڙن جي (281-1) قوم مان اهي ئي ساريا جهيڙي
جي جَڙ ليکيا وڃن ٿا، جيڪي ڪڏهن ڌمڪائڻ سان ڌَتِ ۾
نٿا اچن. انڙن مان ٻيون قومون به سارين سان گڏجي
فتنا پيدا ٿيون ڪن. انهيءَ ڪري سميجن جي هر فساد ۾
انڙن جو ئي نالو ورتو وڃي ٿو.
ساريا پنهنجي ليکي لاکاٽ جي پرڳڻي ۾ پنجن هزارن
تائين ٿيندا جن ۾ هڪ هزار سوار ۽ چار هزار پيادا
آهن. جنگ جي وقت هنن هجا پيادا سوارن کان وڌيڪ
جگردار ثابت ٿين ٿا، بلڪ اهي سوار جيڪي جنگ ۾ ڪٽار
جا ڪوڏيا هوندا آهن، پيادا ٿي جنگ ۾ ڌوڪي ٿا پون.
اهي لاکاٽ واري پرڳڻي ۾ ئي رهن ٿا. هو ستن قومن جي
وچ ۾ آهن، جيڪي شاهي رعيت وانگر هلن ٿيون ۽ هنن
مُنهن ڪارن جون اهي دشمن آهن. اهي هي آهن: (281-2)
نصرپور جي راڄڌانيءَ ۾ هالا ڪنڊي (هالن) واري
پرڳڻي جي هالا قوم، اتر ۾ ڪوريجا ۽ پنهور _جيڪي
جوڻيجن واري پرڳڻي جا آهن)، بکر جي راڄڌانيءَ ۾
درٻيلي واري پرڳڻي جا سهتا، اولهه ۾ لاکا ۽
هاليپوٽا جيڪي لاکاٽ ۽ خطي پرڳڻي ۾ رهن ٿا، ۽ اوڀر
۾ جيسلمير جي ڀٽن ۾ رهندڙ راجپوت، جي جيسلمير جي
راجا جا رعيتي آهن.
سارين جي قوم پنهنجن ڳوٺن ۾ پوک ڪندي رهي ٿي پر
ٻيءَ رعيت وانگي اناج يا روڪڙ جي صورت ۾ ڍل مريئي
گهٽ ٿي ڏئي. جيڪڏهن جاگيردار وقتي مٿن ڪو زور بار
وجهي ٿو ته ٺيڪيدارن جيئان روڪڙ يا اناج ڏيئي جند
ڇڏائي ٿا وڃن، اها موڙي به نالي ماتر ٿئي ٿي جا
گهڻو ڪري بيڪار وهٽن، اٺن، گهوڙن، ڍڳن ۽ گڏهن جي
جنس ۾، اناج ۽ روڪڙ جي عيوض ڏيندا آهن. شير خواجه
جي عملداريءَ ۾ ته ايترو به نه ڏيندا هئا، اٽلندو
رعيت کي قتل ۽ تاراج ( 282-1) ڪري دربدريءَ ۾ پئي
وڌائون. انهيءَ هڻ مار ۾ خطي پرڳڻي سان گڏ لاکن
جون ڪي دِهون به ڦٻائي ويهي رهيا. لاکاٽ واري
پرڳڻي ۾ هونءَ ته هنن جي ماتحت هي پنج ڳوٺ آهن،
جتي پوکي راهي ڪرائين ٿا، پر ڪيترا ٻيا واهڻ به
سندن ڌاڪ ۾ رهن ٿا:
1.
ڏيڙان جتي ڌاريجا رهندا آهن، هي سيوهڻ جي قلعي کان
اٺن ڪوهن تي آهي.
2.
ڪاٺڙي جيڪا سيوهڻ کان يارهن ساڍا يارهن ڪوهه پرتي
ٿيندي، ۽
3.
وينجهڙوپ، هي سيوهڻ کان ٻارهن ڪوهن تي اهي: هنن
ٻنهي ڳوٺن ۾ مناهيجا رهن ٿا.
4.
صاڀو، ۽
5.
پرياڙي: هي ٻيئي راهوجن ۽ فيروزيجن جا ڳوٺ آهن،
ٻنهي ڳوٺن جو هڪٻئي سان ڳانڍاپو آهي، اهي سيوهڻ جي
قلعي کان چوڏهن ڪوهن تي آهن.
هي عجيب قسم جا ماڳ آهن (282-2) سيوهڻ ته ٺهيو پر
بکر، ٺٽي توڙي ملتان ۾ به هنن جهڙا شڪارگاهه يا
پوکيءَ راهيءَ لائق پَٽ مشڪل سان ملندا. هتي ڪيئي
ڍنڍون آهن، جن جي چوڌاري پيل پٽن ۾ خريف جون ڀليون
جواريون ٿين ٿيون. زمين ۾ پڻ ريج گهڻو آهي، جنهن
لاءِ ربيع ۾ هر هلائڻ جي حاجت نٿي رهي. هتي ٻنيءَ
۾ ٻج ڇٽي مٿان گاهه وجهي ٿا ڇڏين، جيئن پکي ۽ ٻيا
جانور زيان نه ڪري وڃن، خدا جي قدرت، ائين ئيي پوک
پچي تيار ٿئي ٿي ۽ هنن نڀاڳن جو قوت ٿي بڻجي. ان
مان جيڪڏهن ڏهون حصو به ڍل اڳڙي اچي ته سرڪار لاءِ
لک ٿيو.
هتي ٻيو فسادي گروه چانڊين جو اهي. اهي نڀاڳا
باغبانن جي پرڳڻي ۾ جبل پاسي رهن ٿا. پوکي راهي پڻ
ڪندا آهن (183-1). هنن وٽ چوپايو مال ججهو آهي.
بختيار بيگ توڙي مير ابوالقاسم جي عملداريءَ ۾ هنن
کان ڪنهن به ڪا ڍل نه اُڳاڙي، چانڊين جا ٻه پاڙا
آهن:
هڪڙا ڳورا چانڊيا.
ٻيا ڪارا چانڊيا.
چون ٿا ته چانڊئي نالي جابلو ٻروچ کي ٻه پٽ هئا،
هڪ جو نالو ڳوءرو ٻئي جو ڪارو هو، ڳوري جو ڪهول
ڳورا چانڊيا ۽ ڪاري جي آڪهه وارا ڪارا چانڊيا
ڪوٺجڻ لڳا: هي سڀ هڪ هزار ڄڻن تائين سوار ۽ پيادا
آهن- ٽي سوء سوار ۽ ست سو پيادا. هي بي پير ورلي
هٿ اچن ٿا، هنن بدبختن جو ڌنڌو ئي چوري، برده
فروشي ۽ سَنڌ هڻڻ آهي.باغبانن جي سڄي علائقي جي
ستيا ناس ڪري چڪا آهن. ڳاهن وارو پرڳڻو پاٽ توڙي
اڪبر آباد جو پرڳڻو به هن ڀيلي ناڙ ڪري ڇڏيو آهي.
ٽيون فسادي گروه (283-2) نامراد نومڙين جو آهي.
هنن جي اصليت بابت روايت آهي ته سميجن جا نو ماڻهو
پنهنجي قوم کان الڳ ٿي جبل ۾ وڃي رهيا، ۽ هي بدبخت
انهن نڀاڳن جي بُڻ منجهان آهن جن کي نومڙيا ڪوٺيو
وڃي ٿو. هنن وٽ ڇهه هزار کن پنهنجا بازو ٿيندا،
جيڪي ڏاڍا سگهارا ٿين ٿا، جن ۾ پندرهن سو سوار ۽
ساڍا چار هزار پيادا آهن. پاسن کان ڪانڀو، هارون،
چولي ۽ لشڪري نالي ٽڪريون اٿن. هنن جي رهائش
ڪوهستاني علائقي ۾ سيوهڻ جي حويلي ۽ سن پرڳڻن جي
ڀرسان آهي. هنن جا ڪي ماڻهو، جن کي چاڪر هالي جي
جاگيردارن پاران زمينون انعام ۾(284-2) مليل هيون،
هاڻ به اتي ئي رهن ٿا.
هيءَ قوم ڪٿي به هڪ هنڌ رهي پوکي راهي ڪا نه ٿي
ڪري. جنهن جاءِ تي هي ديرو ڪن ٿا ان کي ٿاڻو چيو
وڃي ٿو. وٽن اُٺ، گهوڙا، ڍڳا، دنبا توڙي ٻي جابلو
مڏي گهڻيري آهي ۽ سدائين سکيا ستابا ٿي پيا
گذارين. رنگدار اٺ هنن وٽان ئي ملن ٿا. هنن جو اصل
پيشو ڌاڙا هڻڻ آهي، جن جو پُکو وڃي سيوهڻ جي پرڳڻن
۾ درياهه جي اورينءَ ڀر وارن قلعن تي پوي ٿو. چاڪر
هالي واري راڄڌاني به سندن اک ۾ رهي ٿي. هيلتائين
سيوهڻ جي ڪنهن به جاگيردار يا ٺٽي جي صوبه دار هنن
جو نالو نه ورتو آهي. انهن سان اهو ئي پڄي سگهي
ٿو، جيڪو سندن تاڙ ۾ رهي ۽ عين موقعي تي هنن جا ڪي
(284-2) همراهه ترارين مان ڪڍندو رهي.
فصل ٽيون
هن راڄڌاني جي زبوني ۽ وڳوڙين جي زور وٺڻ جو احوال
هي موضوع اڳين جاگيردارن جي عملداري سان تعلق رکي
ٿو. ترخانن جي دور ۾ رعيت جون اهي قومون جن جو مٿي
ذڪر ٿي چڪو آهي، انهن جي سٺي سلوڪ ۽ رواداري جي
ڪري حڪمرانن جون فرمانبردار رهنديون ۽ ڍل ڏينديون
ٿي آيون، تن ڏينهن ۾ هر هنڌ ٿاڻا محڪم ڪيل هئا،
جنهن ڪري ڪنهن به قوم ٻيءَ قوم سان هٿ چراند ڪانه
ٿي ڪئي. هرڪو باغين جي آزار کان امن ۾ هو. رعيت به
ٿاڻيدارن جي اڀل جي ڪري پاڻ ۾ ايڏو ڀوتو پئي
ڀانيو، جو وقت سر هڪ ٻئي جي مدد سان وڳوڙين کي
منهن ڏيندي ٿي رهي. ان جو فائدو اهو ٿيو جو رعيت
جي وچ ۾ ڪو به رڳڙو اڀري نٿي سگهيو، هر ڪنهن
(285-1) دلجاءِ سان پوکي راهي پئي ڪئي. ماڻهن کي
پوک کانسواءِ ڪابه ٻي ڳڻتي ڪانه هئي، جنهن کي جتي
به ٿي وڻيو غير آباد زمين کي آباد ٿي ڪيائين، جنهن
مان سرڪاري ڍل به پئي ڀريائين ته پنهنجو پيٽ به ٿي
پاليائين.
سميجا انڙ به رعيت واري ريت سان هلندا ٿي رهيا، پر
جڏهن ارغونن ۽ ترخانن جي ڪن هلندي پڄنديءَ وارن
هنن سان سڱابندي ڪري، مٽي مائٽي ڳنڍي، ته هي سرڪش
ٿي ويا. مرزا صالح خان ترخان
جي هنن سان ڏاڍي پوندي هئي. مرزا محمد باقي خود هڪ
دفعي ٻيڙين ۾ چڙهي هنن وٽ ويو هو. بهرحال، هڪ رات
سميجن سندس لشڪر تي چڙهائي ڪئي ۽ مرزا جي ٻيڙيءَ
تي انهن مان ڪي چڙهي ويا، پر ايتري ۾ مرزا هڪ
ڊونڊي تي چڙهي پاسيرو ٿي ويو، پويان مرزا جي زال
رائحه بيگم (ناهيد بيگم جي ڌيءَ) کي باغي قتل ڪري
رمندا رهيا.
هن واقعي بيان ڪرڻ جو مقصد هي آهي ته اهي سميجا
انڙ، ترخانن جي دور ۾ به پنهنجين بڇڙائين کان باز
نه ٿي آيا (285-2).
ٻئي پاسي چانڊيا ۽ نومڙيا حڪومت جا سلامتي هئا، هي
اٺ گهوڙا ۽ گهٽا توڙي ٻي مڏي ڍل ۾ ڏيندا ٿي رهيا.
هنن جو رعيت تي ڪو به آزار نه هو ۽ جتي به لشڪر
چڙهائي ٿي ڪئي
اتي ساڻس ٻانهن ٻيلي پئي ٿيا، جڏهن سنڌ، الاهي
عنايت ۽ بادشاهي اقبال جي برڪت سان خان خانان هٿ
ڪئي ته هن ترخانن کان وڌيڪ سنڌي رعايا سان سهڻو
سلوڪ ڪيو، جنهن ڪري سنڌ وارا مرزا جاني جي هوندي
هن ڏانهن مائل رهيا ۽ هنن ۾ ڪو به تفرقو پيدا نه
ٿيو.
جڏهن مرزا جاني بيگ بادشاهي درٻار مان مشرف ٿي چڪو
ته اڪبر بادشاهه سلطنت جي تدبير مطابق (186-2)
سيوهڻ ۾ لاهري بندر واريون راڄڌانيون قبضي ۾ آڻي،
مرزا جاني بيگ کان الڳ ڪري، شاهي تحويل ۾ آنديون ۽
بڀاقي چار راڄڌانيون مرزا جاني بيگ کي جاگير طور
بخش ڪيائين.
خدا ٿو ڄاڻي ته سيوهڻ جي راڄڌاني ان زماني ۾ جنهن
جي به هٿ وسي رهي ته سهتن جي قوم ڪابه سرڪشي نه
ڪري سگهي. تن ڏينهن ۾ مقصود بيگ
خان خانان جي پاران سيوهڻ جو حڪم هو.
بختيار بيگ ترڪمان جي عملداري
مقصود بيگ کانپوءِ بختيار بيگ ترڪمان سيوهڻ جو
حاڪم ٿي آيو.
هي سرجوش سپاهي هو، ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته هن هتان جي
ترخانن مان چونڊ ماڻهو هٿ ڪري انهن کي پاڻ وٽ
رکيو، جن سرڪش ماڻهن کي سيکت ڏيئي سڌو پئي ڪيو.
پهرين ڳالهه ته هن جي سپاه پروري هن ريت هئي ته
وٽس هڪ هزار (286-2) سورهيه ۽ سگها نوڪر چاڪر هئا،
جي سواري ۾ بيمثال ليکيا ٿي ويا. هي حاڪم هميشه
پنهنجي لشڪر کي خوشحال رکندو ٿي آيو، جيئن شيخ
سعدي بوستان ۾ لکيو آهي:
دلاورڪه باري تهور نمود- ببايد بمقدارش اندر فزود-
اهو بهادر جيڪو هڪ دفعي ڪا سورهيا ٿو
ڏيکاري ته ان جو رتبو وڌائڻ کپي.
که يار دکر سرنهد برهلاک- ندارد پرخاش يا جوج باک-
جيئن ٻئي دفعي هو بي ڊوپ ٿي موت جي
منهن ۾ وڃي ۽ڪنهن به اڙٻنگ کان
هيسجي نه سگهي.
سپاهي درآسودگي خوش بدار- که در حالت سختي
آيدبکار-
سپاهي کي سدائين سکيو رک ته جيئن اوکيءَ ويل توکي
ڪم اچي.
کنون دست مردان جنگي بيوس- نه آنگه که دشمن
فروکوفت کوس- ان
ان کان اڳ جو دشمن ڀير تي ڏونڪو
هڻي، تون پنهنجي سورهين جا هٿ چمي ڇڏ.
سپاهي که کارش نباشد به برگ- کجا دل نهد روز هيجا
به مرگ-
سُڃو سکڻو سپاهي جنگ جي ميدان ۾
ڪڏهن به دل ٻڌي ڪو نه وڙهندو.
نواحي ملک از کف- بد سگال- به لشکر نگهدارو لشکر
بمال-
ملڪ جا پاسا اوسا باغين کان محفوظ رکڻ
جو ڪم لشڪر تي رک ۽ لشڪر کي
زر سان نوازي پنهنجي پاسي رک.
ملڪ رابود بر عدودست چير- چو لشڱر دل آسوده باشندو
سير-
اهو ئي بادشاهه دشمن تي سوڀيارو ٿي سگهي
ٿو جنهن جو لشڪر سکيو ستابو هوندو.
بهاي سرخويشتن مي خورند- نه انصاف باشد که سختي
برند-
جيڪي سر جي بازي لائي ڄاڻن تن تي
ڪابه سختي ڪرڻ انصاف جي خلاف آهي.
چودارند گنج از سپاهي دريغ- دريخ آيدش دست بردن به
تيغ-
سپاهي لاءِ جيڪڏهن خزاني جو در بند
رهيو ته هن جو هٿ ترار ڏانهن وڌي نه سگهندو.
چه مردي کند در صف کار زار- که دستش تهي باشد از
روزگار-
اهو ماڻهو جنگ ۾ ڪهڙي مڙسي ڏيکاريندو
جنهن جا هٿ ڪمائيءَ کان خالي هوندا!
ٻيو هاڻ سندس سپاهگريءَ جو ذڪر ڪجي ٿو. هن پنهنجي
لشڪر لاءِ حڪم ڪري ڇڏيو هو ته هر سپاهيءَ وٽ ٽن
ڏينهن جو ڀتو سدائين موجود هئڻ کپي. جيڪڏهن ڪنهن
به انهي امر جي خلاف ورزي ٿي ڪئي ته اهو ان جي
پگهار مان پورو ڪيو ٿي ويو. هن ڪيترن جابلو ماڻهن
۽ سميجن انڙن کي ريجهائي جاسوسيءَ لاءِ پاڻ وٽ
ملازم ڪري رکيو هو، جيڪي سندس راضپي موجب کيس
وڳوڙين جون خبرون چارون پهچائيندا ٿي رهيا. هن جو
لشڪر ستن حصن ۾ ورهايل هو، جنهن مان واري سان هر
فوجي هڪ رات هڪ ڏينهن وٽس حاضر ٿي رهيو. اها هن جي
”حضوري فوج“ هئي. هي نفير ۽ شرناءِ پاڻ وٽ رکندو
هو ۽ حڪم ڏئي ڇڏيو هئائين ته جڏهن به هو گهوڙي تي
لانگ ورائي (287-2) ته سپاهي به ساڻس ئي گڏ گهوڙن
تي سوار ٿين ۽ جيئن بگل وڄي ته لشڪر جا سڀئي سپاهي
منشين مڙن جي اشاري کانسواءِ ئي ٽن ڏينهن جو ڀتو
پاڻ سان کڻي وهٽن تي لانگ ورائين. هن باري ۾ هدايت
ٿيل هئي ته ڪو به ٻيو ماڻهو لشڪر سان گڏ سوار ٿيڻ
جي جرئت نه ڪري. هيءَ سپاهگري جي اهڙي نرالي تدبير
هئي، جو ڪنهن ٻئي کي ان جي ڪابه ڪل نٿي پئي. هن
وقت هي حال آهي، جو جيڪڏهن ڪو حاڪم سواريءَ جو
ارادو ٿو ڪري، ته کيس ٻه مهينا سنبت ۾ لڳي ٿا وڃن.
ٽيون، هن جي ڪن شهسوارن جو بيان: جيتوڻيڪ هن جا
گهڻي ۾ گهڻا شهسوار پنهنجي مڙسيءَ سان وڳوڙين کي
مات ڪري چڪا هئا، تڏهن به انهن مان ٿورڙن بابت
ڪجهه لکجي ٿو.
بختيار بيگ پهريون جڏهن سيوهڻ پهتو ته شهسوار نالي
پنهنجي نائب جاگيردار کي لاکاٽ جي پرڳڻي ۾ سميجن
انڙن جي تپي ڏانهن موڪليائين (288-1) هو اتي وڃي
ڍل اڳاڙڻ لڳو، هڪ ڏينهن سميجن وجهه وٺي کيس قتل
ڪري ڇڏيو. جيئن ئي بختيار بيگ تائين خبر پهتي ته
علي شاملو سان لشڪر ساڻ ڏيئي کيس سميجن ڏانهن
روانو ڪيائين. ٻئي ڏينهن انهي لشڪر سميجن انڙن تي
ڪاهي منجهائن ڪيترن چنڊالن کي ڌاڱا واڱا ڪري ڇڏيو.
پوءِ چئني پاسن کان سميجن جا سردار، هر هڪ پريو،
بودلو، محمود، فريد، جيئندو ۽ جوڌو گاهه جا سلا
وات ۾ وجهي قوج علي وٽ ميڙ کڻي آيا، جنهن قتل ٿيل
وڳوڙين جون منڍيون کارن ۾ ڀرائي، انهن سردارن سان
گڏ بختيار بيگ ڏانهن سيوهڻ ڏياري مُڪيون. بختيار
بيگ سردارن کي قيد ۾ وجهي ڇڏيو. آخرڪار قاسم خان
ارغون جيڪو هن کان اڳ مرزا جاني بيگ جي زماني ۾
(288-2) نصرپور جو حاڪم هو، تنهن چووين هزارن جي
ضمانت ڏئي سميجن جي جان ڇڏائي. بختيار بيگ پنهنجا
ماڻهو نصرپور موڪلي قاسم خان ارغون کان ضمانت وارن
ڏوڪڙن جي تقاضا ڪئي. سميجا سڃائيءَ جي ڪري پنهنجا
گهر ڇڏي بي گهر ٿي ويا ۽ نصرپور ۾ وڃي دڳو
دمايائون. هنن ڪجهه ڏنڊ ڏوڪڙن جي صورت ۾ ڀريو باقي
رقم اٺن، گهوڙن، ڍڳن ۽ گڏهن جي جنس ۾ ڏيڻي ڪيائون.
بختيار بيگ جي ماڻهن جڏهن اها خبر بختيار بيگ کي
ڏني ته هن وٺڻ کان نابري واري ۽ درياهه اڪري
وينجهي واري قلعي ۾ وڃي مورچا ٻڌي ويٺو. اتان قاسم
ارغون (289-1) کي خط لکيائين ته ڪيئن به ڪري سميجن
کان روڪڙ جي صورت ۾ ڏنڊ وٺي ڏياري موڪل: نه ته
تنهنجي سر جو خير نه هوندو. ان سان گڏ اهو به کيس
چوائي موڪليائين ته سميجا منهنجي رعيت آهن. توکي
اهو نٿو سونهين ته انهن کي پاڻ وٽ ويهاري ڇڏين!
قاسم خان کي جڏهن خط پهتو ته حيلا بهانا ڪري
لنوائڻ لڳو. بختيار بيگ لشڪر سميت نصرپر روانو
ٿيو، جيئن هي راڄڌاني جي دنگئي ڳوٺ ”نگر“ تائين
پهتو ته قاسم خان کي اچي ڊپ ورايو ۽ هڪدم باقي
رهيل ڏنڊ جي رقم پنهنجي خزاني مان ڀري، معافي
ورتائين. ان کان پوءِ پنهنجا ماڻهو مقرر ڪري انهن
کي حڪم ڏئي ڇڏيائين ته جتي به ڪو سميجو ڏسن ته ان
کي نصرپور مان ڪڍي سيوهڻ ڏانهن ڌڪي ڇڏين، اهڙي ريت
سميجن جي ضمانت کان پنهنجا پلوَ آجا ڪرايائين.
(289-2).
پڇاڙيءَ سميجا در در ڀٽڪي، خوار خراب ٿي، وري
پنهنجن ماڳن تي موٽي آيا ۽ رعيتي ريت سان هلي گذر
ڪندا رهبا. هنن کان ٻيهر ڪابه حماقت يا بغاوت ظاهر
نه ٿي. بختيار بيگ واپس سيوهڻ هليو آيو، سندس نائب
جاگيردار سميجن انڙن وٽ وڃي کانئن اُڳاڙيون ڪري ٿي
آيا، جيئن ٻيءَ رعيت مان وصوليون ٿي ڪيائون تيئن
هنن جو به حساب چڪتو ڪندا رهيا. سميجن جيڪي ٻنيون
ٿي پوکيون تن جي ڍل به عملدارن کي برابر ملندي ٿي
رهي.
ٻيو رحمان قلي نالي هڪ چرڪس غلام هن جو پٽيلو هو،
جنهن جي بهادري بي مثل هئي، ان کي پنجاهه سوار
ڏيئي سن ۾ رهايو هئائين. ڪنهن ڏينهن نومڙين اچي
ماڻهن جي مال تي ڌاڙو هنيو. ٻيپهريءَ جي نماز مهل
جيئن هن کي اها خبر پيئي ته هڪدم گهوڙا زين ڪري
ٻئي ڏينهن منجهند جو انهن ڪارمنهن جو پيڇو ڪندي
(290-1) وڃي کين جهليائين. انهن جو تعداد ٽن هزارن
پيادن ۽ سوارن تائين هو. اهي ڪاهيل مال ڇڏي جبل تي
چڙهڻ لڳا. رحمان قلي مال مالڪن جي حوالي ڪيو، جيڪي
سن کان ساڻس گڏ هئا. پوءِ پاڻ جبل ڏانهن وڌيو ۽
ڌاڙيلن جا ڪيئي بازو قتل ڪيائين. پڇاڙي انهن جون
منڍيون لاهي هن بختيار بيگ ڏانهن اماڻيون. اهو
ڏينهن اهو شينهن، وري نه انهن نومڙين بختيار بيگ
جي عملداري ۾ ڪو ڌاڙو نه هنيو ۽ ڪنهن وڳوڙ جو
امڪان باقي رهيو.
انهن کان علاوه ماڇين جي قوم به هئي، جنهن جو ٺام
ٺڪاڻو اڪبرآباد ڳوٺ ۾ هو. هي رعيتي طرح ٺاهه ۾ نه
ٿي آئي: بختيار بيگ پنهنجي سر مٿس ڪاهي کيس سنوت ۾
آندو، جيئن اڳ بيان ٿي چڪو آهي.
هڪ دفعي نوحاڻي ٻروچ (جن جو احوال اڳتي ايندو)
نافرمان ٿيا، جن کي پڻ بختيار بيگ پاڻ سوار ٿي
سيکت ڏني (290-2) انهن ٻروچن جا سترهن جنگي سردار
ڪسجي ويا. انهيءَ ويڙهه ۾ توتان
نالي هڪ ٻروچ ڏاڍي چڪري ڏني جنهن ڪر ي بختيار بيگ
جا به ڪيترا ماڻهو شايد ٿي ويا. نيٺ رحمان قلي وڃي
انهي ٻروچ کي رسيو ۽ ٻروچ هڪل ڪري رحمان قلي جي
گهوڙي جي پويان پيو. رحمان قليءَ وڃي پٽ تي ڪريو ۽
ٻيئي ڄڻا پاڻ ۾ ڳنڍجي پيا. رحمان قلي زرهه بند هو،
تنهن ڪري ٻروچ جو وار مٿس ڪارگر ٿي نه پئي سگهيو.
هوڏانهن رحمان قليءَ جا ڌڪ ٻروچ کي چچريندا ٿي
ويا. آخر ٻروچ جا پساهه وڃي پورا ٿا.
انهي ويڙهاند کانپوءِ بختيار بيگ نوحاڻين کي
پرچائي پنهنجو ڪيو ۽ کين ڪيئي انعام اڪرام ڏنائين.
سيوهڻ جي حويلي واري پرڳڻي پاسي جبلن ۾ جيڪي لَڪَ
هئا، اهي نوحاڻين کي مليا، جيئن هو نومڙين کي نگاه
۾ رکندا اچن.
ٻئي ڀيري، چاڪر هالي جي راڄڌاني ۾، جا ان وقت مرزا
جاني بيگ ترخان جي جاگير ۾ هئي (291-1)، انڙپور
پرڳڻن جي ڳوٺن خاسائي شوري ۽ ٻڍاپور
جي مهم سر ڪرڻ لاءِ بختيار بيگ ساڳئي رحمان قليءَ
کي پنجاهه سوار ڏئي حڪم ڪيو ته انهن ڳوٺن جون زرعي
زمينون سن جي پرڳڻي ۾ داخل ڪيون وڃن.
رحمان قلي، سن پرڳڻي جي ڳوٺ کماڻ
لڳ خاسائي شوري ۾ پهتو ۽ ربيع جي پوک جو انُ قبضي
۾ ڪيائين ۽ اهو ان ٻيڙين ۾ وجهرائي، سيوهڻ اماڻي،
پاڻ وري ٻڍاپور جي ٻنين جي ٻار هٿ ڪرڻ لاءِ
اوڏانهين روانو ٿيو. انهيءَ وچ ۾ خسرو بيگ جيڪو
مرزا جاني بيگ پاران ٺٽي جو حاڪم هو، تنهن ڇا ڪيو
جو چاڪر هالي ۽ نصرپور جي راڄڌاني جا لشڪر ڪانڍي،
رحمان قلي سان جنگ جوٽڻ لاءِ تيار ٿيو. اهو ايڏو
سارو لشڪر ٺهي ٺڪي اچي شورن ۾ ويٺو. هوڏانهن رحمان
قليءَ بختيار بيگ کي چوائي موڪليو ته ٺٽي جو اڙٻنگ
لشڪر ڪٽڪ ساڻ ڪري اچي ڪڙڪيو آهي، جيڪڏهن توهان
مهرباني ڪري پنهنجو جنگي هاٿي جبري سپاهه سان گڏ
مون ڏانهن ڏياري موڪليو ته هنن سان اوس هڪا هڪ ڪري
رهندس.
بختيار بيگ آڪڙجي کيس لکيو ته تو نامراد به جيڪا
کيپ کٽي سا ڏيهه ڏسندو! مون کان ڪهڙي منهن سان
هاٿي ۽ سپاهه جي گهر ڪري رهيو آهين؟ اهو ٻڌندي
رحمان قلي مايوس ٿيڻ بدران دل ٻڌي پنهنجي سپاهه
سان جشن ملهايو ۽ پيلا ڪپڙا پائي چيائين ته سڀاڻي
پنهنجي صفائي آهي، جڏهن صبح ٿيو ته جنگ جو سانباهو
ڪري خاسائي شوري ڏانهن روانو ٿيو. ٻئي پاسي ٺٽي جو
لشڪر پوريءَ طرح هٿياربند ٿي سامهون آيو. رحمان
قلي پريندي ئي پنجاهي جوان اڳ ۾ ڪري دشمنن جي لشڪر
تي وڃي پيو ۽ ان جي صفن وچان لنگهي هن پاسي ٿي
بيٺو. سن جا جيڪي همراهه ساڻس گڏ هئا، تن ڀئو مان
وٺي ڀاڄ کاڌي. ايتري ۾ ٺٽي جي لشڪر (292-1) رحمان
قلي ۽ سندس ساٿيارين کي گهيري ۾ آندو ۽ ويرم ئي
ڪانه ٿي ته رحمان قلي پنجويهن سپاهين سميت اجل جو
شڪار ٿي ويو ۽ ٻيا پنجويهه ڄڻا جنگ جو ميدان ڇڏي
وڃي بختيار بيگ وٽ پهتا.
بختيار بيگ سڄي ماجرا ٻڌڻ کانپوءِ ڏاڍو پشيمان
ٿيو. آخر پاڻ وڃي چاڪر هالي جي راڄڌاني تي چڙهائي
ڪيائين.
انهي دوران بکر جي راڄڌاني خان اعظم مرزا ڪوڪه کي
جاگير ٿي ملي ۽ هن پنهنجي پٽ مرزا انور کي بکر
ڏانهن اماڻيو. ايتري ۾ چانڊيا ٻروچ بکر ۾ ديهون
ويران ڪرڻ لڳا. مرزا انور پنهنجي ملازم حيدر بيگ
کي ڪٽڪ ساڻ ڏئي چانڊين تي ڪاهڻ لاءِ موڪليو.
چانڊيا ڏينهن ڏٺي جو ساڻس جنگ ڪري کيس شڪست ڏئي
ويا ۽ سندس مال اسباب نغارن سميت لٽي ڦري ويندا
رهيا.
مرزا انور اها خبر ٻڌڻ شرط پاڻ سواريءَ جي سنبت
ڪرڻ لڳو ۽ بختيار بيگ کي نياپو موڪليائين ته اهو
به پنهنجي پاسي کان اهڙي مدد ڪري (292-2)
بختيار بيگ، مرزا انور کي چتاءُ ڏنو ته آءُ تيار
آهيان، جيئن توهان سوار ٿي نڪرو ته پڪ ڄاڻجو مان
اڳواٽ اتي هوندس. پوءِ چانڊين جي چوڪسيءَ لاءِ
پنهنجا ماڻهو مقرر ڪيائين، جن جي ڏس پنڌ تي شام جو
شڪار جي بهاني سيوهڻ ڇڏي منڇر ڏانهن راهي ٿيو ۽ هڪ
ٻه آڙيون ڦاسائي، چڱو شگون وٺي، اتان سيوهڻ هليو.
شهر کان اورتي هڪڙي مزار وٽ ترسي گهوڙي تان لٿو ۽
ڀروارن ماڻهن پنهورن، ڪوريجن ۽ سميجن ڏانهن خط لکي
تيز رفتار گهوڙي سوارن هٿان ڏياري موڪليائين ته
صبح جو سوير سڀ اچي ”ڪنور ڪوٽ“ (ڳاهن جي پرڳڻي ۾)
حاضر ٿين. پاڻ اتان سانجهيءَ مهل سوار ٿي (293-1)
سڄي رات پنڌ هڻي، سج اڀرئي ڪنور ڪوٽ پهتو. منجهند
تائين سمورو لشڪر ۽ سڀئي راڄ اچي ڪٺا ٿيا، پنهورن
جي سردارن عيسى، موسى ۽ جلال کي گهرائي چيائين ته
چانڊين کي هن مهل تائين منهنجي ڪا خبر نه پئي آهي،
مان مٿن چڙهائي ڪرڻ وارو آهيان. سڀاڻي انهن کي
منهنجي سڌ پئجي وئي ته چانڊين بدران اوهان جون
سريون سلامت نه هونديون. پوءِ چئني سردارن کي ساڻ
ڪري سج لٿي جو اتان اسهيو ۽ رات ڏينهن ڌوڙيو لائي
صبح تي چانڊين مٿان وڃي ڪڙڪيو ڪيائين. هو به ميدان
۾ لهي آيا ۽ دليري سان جنگ ۾ پهچي ويا. هنن ڀانيو
ته اڳئين لشڪر وانگي هي ڪٽڪ به بکر کان چڙهي آيا
آهن (293-2) ايتري ۾ خبر پين ته هي بختيار بيگ
ترڪمان آهي، جو سيوهڻ کان پيو اچي. اتي هنن جا ڍڪر
لڳي ويا ته به لشڪر سان چڱيون چوٽون کاڌائون. انت
چانڊين هارايو، جن مردودن جا ڪيئي ماڻهو مارجي ويا
۽ ڪيترن کي لشڪر قيد ڪري ورتو. بختيار بيگ انهن
مان ڪن جون منڍيون لاهي، ٿورن قيدين سان گڏي،
پنهنجي ماڻهن هٿان مرزا انور ڏانهن اماڻيون.
مرزا انور اڃا لشڪر ڪشيءَ جي تيارين ۾ هو ته
چانڊين جون منڍيون ۽ انهن جا قيدي وٽس پهچي ويا.
مطلب ته هن چڙهائي ۾ چانڊين سان اهي جٺيون ٿيون جو
پنهنجي جاگيردار کي وچ ۾ آڻي بانءِ ڪيائون،
جيستائين سندس عملداري هئي تيستائين ٻيءَ رعيت
وانگي چانڊين کان زمين جي ڍل وصول ڪندو رهيو.
بختيار بيگ ست سال سيوهڻ ۾ رهيو. رعيت تان ٻيون
چٽيون لاهي اڌو اڌ بٽئي وارو حساب رکيائين
(294-1). ڪٿي ٽيون حصو، چوٿون حصو ۽ پنجون حصو به
معاف ٿي ڪيائين، سندس عملداري جي انهي سلوڪ جي ڪري
ربيع جي فصل جي اپت اسي هزار خرارن تائين وڃي
پهتي، خريف وغيره تنهن کانسواءِ هئي.
هن علائقي جي آبادگارن کي رعيت ڪري ٿي ڄاتائين،
سندس پاران ڪنهن تي به زيادتي ڪانه ٿي. هر ڪنهن کي
ان جي حيثيت مطابق مان ڏيندو رهيو، تنهن ڪري ڪو به
ڪنهن کان مٿي ڪو نه هو، اربابن ۽ مقدمن کي پنهنجي
هڙان بخششون پئي ادا ڪيائين، جيئن رعيت کي ڪو اهنج
نه رسي.
عملداري جو اهو طريقو آبادي جو باعث بڻجي ٿو. ڇا
لاءِ ته هڪ پاسي غريب رعيت کي حق پلئي ٿو پوي ته
ٻئي طرف اربابن، مقدمن ۽ قانون گوين (پٽيوارين) جي
به حق رسي ٿئي ٿي ۽ ڪنهن تي به ظلم نٿو ڪيو وڃي.
ٻيءَ حالت ۾ سرڪاري عامل (294-2) وصوليون وڌائي
رعيت کي آزار ۾ ٿا وجهي ڇڏين، جو سراسر ظلم آهي،
ضرورت آهي ته چڱا عامل مقرر ڪيا ويا وڃن، جيڪي
سڪاري ڪارندن، اربابن، مقدمن ۽ پٽوارين جي حرڪتن
تي ڪڙي نگاهه رکندا رهن ۽ هر ڳالهه حق حساب سان
فيصل ٿيندي رهي. اهڙا ڪي نڪتا اڳئين باب ۾ مير
معصوم بکريءَ بابت پيش ڪيا ويا آهن.
شال ڪوٽڙيءَ لڳ آهي. ان کي اڄڪلهه سال سڏيو
وڃي ٿو هتي جا گدرا مشهور آهن. (مترجم)
مرزا عيسى ترخان اول جو پٽ، موت 23 رمضان
970هه. ڏسو تاريخ مير معصوم ص 225 ۽ تعليقات
مڪلي نامه سماهي مهراڻ ۾ شايع ٿيل
تفصيل لاءِ ڏسو تاريخ سنڌمير معصوم ص 212 ۽
بيگلار نامه قلمي جي به هٿ وس رهي ته سهتن جي
قوم ڪابه سرڪشي نه ڪري سگهي، تن ڏينهن ۾ مقصود
بيگ (1) خان خانان جي پاران سيوهڻ جو حاڪم هو.
خان خانان جو ملازم جيڪو سنڌهٿ ڪرڻ وقت ساڻس
گڏ هو، ان کانپوءِ هو سيوهڻ جو پهريون صوبه
دار ٿيو، جتي ڪي مهينا يا هڪ سال رهيو. کانئس
پوءِ بختيار بيگ آيو.
طبقات اڪبري جي مصنف هن کي سيوهڻ جو صوبه
دار ڄاڻايو آهي (ص 455-2) ان مان ظاهر آهي ته
بختيار بيگ جي عملداري 1001هه کان شروع ٿي ۽
1003هه تائين هلي، انهي پڄاڻي واري سال هي مير
ابوالقاسم نمڪين سان گڏ سبي هٿ ڪرڻ لاءِ
اسهيو. ڏسو اڪبر نامه (666-3)
امير شاهه قاسم شاه زمان (متوص 14 رمضان
1019هه)، تفصيل لاءِ ڏسو بيگلارنامه قلمي ۽
مشنوي چنيسر نامه.
مرزا محمد باقي 992هه ڌاري پنهنجي پٽ مرزا
شاه رخ (نصرپور جي صوبه دار) جي وفات کانپوءِ
نصرپور جو علائقو شاه قاسم خان زمان کي جاگير
طور ڏنو. ان کانپوءِ ڪيترن ورهين تائين اهو
پرڳڻو انهي خاندان جي تحويل ۾ رهيو.
توتان هڪ بهادر نوحاڻي ٻروچ هو، جنهن پنهنجي
مائٽ موندر ۽ چڪي نالي خاصخيلي سان گڏجي
مخالفن جو مقابلو ڪيو، انهي جنگ جي باري ۾
سگهڙن جا ڪيئي بيت مشهور آهن، جهڙوڪ:
ڌڙ ڌٻيو سر لڏيو، پوءِ به چڪي هنيون چار
توتان جي ترار، موندر مست ملهائيو--!
نئينگ کان ڏيڍ ميل پرتي ڏکڻ پاسي هڪ تاريخي
قبرستان اڃا تائين موجود آهي، جنهن ۾ انهن
جهونجهارن جون قبرون نشانبر آهن.
مترجم هن روايت لاءِ مولوي خان محمد صاحب
نوحاڻي نئنگ واري جو ٿورائتو آهي.
اهو ڳوٺ، گوپانگ (کاڻوٽ) جي ريلوي اسٽيشن لڳ
موجود آهي.
ٻڍاپور به اڃا تائين ريلوي اسٽيشن سميت
موجود آهي.
اهو ڳوٺ اڃا موجود آهي (مانجهند لڳ لاکا
اسٽيشن کي به کماڻ سڏيو وڃي ٿو).
خان اعظم مرزا عزيز ڪوڪ (متوفي 1033هه) ولد
خان اعظم شمس الدين محمد خان آتڪ (متوفي
970هه) سال 41 اڪبري مطابق 4-1005هه ملتان جو
صوبه دار ٿيو. (ماثر الامراء 685-1) شايد انهي
زماني ۾ بکر به سندس جاگير ۾ ڏنل هو.
بختيار بيگ 1001 ڌاري سيوهڻ ۾ آيو ۽ ستن
سالن (1007هه) تائين اتي رهيو.
|