سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: تاريخ مظهر شاهجهاني

باب: --

صفحو: 11

پڇاڙيءَ پنهنجي ساٿين جناب رشدي، مسلم ضيائي ۽ مولانا قدوسيءَ جو تهدل شڪريو ادا ٿو ڪريان جن منهنجي هن ڪم ۾ مدد ڪئي.)

-- جڏهن ماڻهن جو وطن کسجي ٿو، تڏهن دين جون ۽ دنيا جون خرابيون منجهن پيدا ٿين ٿيون- ڇالاءِ ته سڄي جهان جو مدار معاشي حالتن تي آهي.

-- رعايا تي ظلم جو هٿ ڊگهو ڪرڻ، خرابيءَ جو ڪارڻ بڻجي ٿو.

-- هن ملڪ جون حالتون وڃي انهي حد تي پهتيون، جو ان جي ماڻهن جو ڪو پڇڻ وارو ڪو نه رهيو ۽ اهي مظلوم ۽ بي واها بڻجي ويا.

-- يوسف ميرڪ

تاريخ مظهر شاهجهاني

حصو ٻيو

(سنڌ جو احوال - بکر کان ٺٽي تائين)

معلوم هئڻ گهرجي (228-2) ته مرزا شاهه حسن ارغون جي حڪومت (928- 962هه) دوران، سنڌ ڇهن راڄڌانين ۾ ورهايل هئي، جيڪي:

1- بکر، 2- سيوهڻ، 3- نصرپور، 4- چاچڪان، 5- ٺٽو، 6- چاڪر هالا ۽ جوڻ شمار ڪيل آهن.

اڪبر بادشاهه جي فوجن جو سڀ کان اول (982هه ڌاري) بکر تي قبضو ٿيو، سيوهڻ ۽ لاهري بندر کي، ٺٽي هٿ ڪرڻ ۽ مرزا جاني بيگ جي گرفتار ٿيڻ کانپوءِ، مغل بادشاهت ۾ داخل ڪيو ويو. اڳتي هلي (999هه ۾) باقي چارئي راڄڌانيون اڪبر بادشاهه طرفان مرزا جاني بيگ کي جاگير طور بخش ٿي مليون.

ڪتاب جي مولف (يوسف ميرڪ) ڏهين صدي هجريءَ جي سنڌ کي ٽن ڀاڱن مان ليکيندي چوٿون سبيءَ وارو علائقو پڻ ان سان شامل ڪيو آهي، جنهن تي بادشاهي فوجن بکر ۽ ٺٽي مٿان ڪاهه ڪرڻ کان گهڻو عرصو پوءِ (1003هه ڌاري) ڌاڪ ڄمائي هئي. اهڙي ريت هن ڪتاب (مظهر شاهجهانيءَ) جا به چار باب ترتيب ڏنل آهن.

باب پهريون

بکر جو بيان (229-1)

بکر، قلعي جي صورت ۾، ستن درياهن جي وچ تي هڪ ٽڪريءَ مٿان واقع آهي. هن جي ڏاکڻئين پاسي جتي پاڻي جو چاڙهه رهي ٿو، نڪ سامهون درياهه سان لڳ ٽڪر جي مٿاهينءَ تي روهڙي جو شهر ڏسجي ٿو. ٻئي طرف درياهه جي وراڪي ۾ ننڍي ٽڪريءَ تي ننڍي ڪوٽ اندر هڪ آستان اڏيل آهي. انهي هنڌ مير ابوالقاسم نمڪين ”صفه صفا“ نالي ويڪرو ٿلهو ٺهرائي ان جي چئن ئي ڪنڊن تي ٿنڀا اڏايا هئا. هتي چانڊوڪي راتين ۾ سندس ڪچهريون لڳنديون هيون، جن ۾ وقت جا عالم ۽ فاضل اچي شريڪ ٿيندا هئا، انهن جي خاطر تواضع خوشبودار سوادي گدرن سان ڪئي ويندي هئي، جيڪي چئن ڪوهن جي پنڌ تان ”نيه بدره“ نالي هڪ واهڻ مان گهرايا ويندا هئا، تنهن زماني ۾ انهن گدرن جي ڏاڍي هاڪ هوندي هئي. ايتري قدر جو مير ابوالقاسم چونڊ گدرن جا ٻورا ڀرائي تحفي طور اڪبر بادشاهه جي خدمت ۾ موڪليندو هو، (229-2) جيڪي کيس حد کان وڌيڪ وڻندا هئا. هن وقت مير ابوالقاسم (وفات 1018 هه) ۽ سندس خاندان جون مزارون انهي هنڌ ”صفه صفا“ تي موجود آهن.

قلعي جي اترئين طرف سيت پور ناهران ڏانهن ويندڙ درياهي رستي جي مهاڳ ۾ البته پاڻي جو ايڏو زور ناهي. خاص ڪري سياري جي مند ۾ درياهه صفا لهي پِنيءَ ٻوڙ تي بيهي ٿو. انهي پاسي درياهه جي ڪپ تي سکر جو شهر آباد آهي. اوڀر طرف قلعي جي آمهون سامهون ننڍڙي ٽڪري تي خواجه خضر جو آستان نظر اچي ٿو، جو پڻ درياهه جي وچ ۾ آهي.

ساڳئي قلعي جي اولاهين پاسي سڏ پنڌ تي پاڻي جي مٿاڇري سان ٺهڪندڙ سئين پٽيءَ واري ٽڪريءَ مٿان کجين جي جهرمٽ ۾ هڪ گنبذ جوڙيل آهي، جنهن کي ساڌ ٻيلو سڏيو وڃي ٿو. اها ٽڪري (230-1) پهراين هڪ ميل جي گهيري تائين پاڻي هيٺان هوندي هئي، سياري جي موسم ۾ جڏهن درياهه جهڪو ٿي ويندو هو ته وري ظاهر ٿي پوندي هئي. پر آبڪلاڻي جي مند ۾ ان جو ڪو نشان نظر نه ايندو هو، جنهن ڪري مٿان کان ايندڙ ڪيئي ٻيڙيون ان سان ٽڪرجي پرزا پرزا ٿي درياهه ۾ ٻڏي ٿي ويون. اهو حال ڏسي مير معصوم بکري (1019هه) ۾ هڪ وڏي ٻيڙي پٿرن سان ڀرائي اتي وجهرائي ڇڏي، انهي ڀراءَ پوڻ کانپوءِ اتي هڪ سائو گنبذ تيار ڪرائي مٿس سيتاسر نالو رکيائين.

هيءَ ڏاڍي هوادار ۽ نظاري واري جاءِ آهي، ڪيئي ماڻهو سير سواد سانگي هتي اچي لطف اندوز ٿيندا رهن ٿا. ساڳئي وقت ٻيڙيائتا پڻ پري کان عمارت جا نشان ڏسي پاڻ سنڀالي اتان ٻيڙيون هاڪاري ٿا وڃن، انهي گنبذ جي سامهون درياهه جي ڪنڌيءَ سان هڪ ٽڪريءَ تي جهاز نموني مسجد جوڙيل آهي (230-2) جا ڏاڍي سهڻي ڏسجي ٿي. ان جي پٿرانئن ڏاڪن جو رخ درياهه ڏانهن آهي، جتي نمازي ويهي وضو ڪندا آهن. عيد جي موقعي تي سکر توڙي بکر جي خلق هتي دل وندرائڻ لاءِ ايندي آهي.

بکر ۾ ڪل اٺ پرڳڻا آهن، جن مان پنج روهڙي پاسي ۽ ٽي سکر جي پاسي اچي وڃن ٿا. روهڙي جي پنجن پرڳڻن مان هڪڙو ماٿيلي نالي آهي. ماٿيلو هڪ پڪي ۽ پراڻي قلعي جو نالو آهي. هن پرڳڻي ۾ ڌاريجا ۽ مهر رهن ٿا.

ان جو ٻيو پرڳڻو اروڙ آهي، جنهن جو قلعو قديم زماني کان مشهور ۽ پڪين سرن سان اڏيل هو. اوائل ۾ سنڌوندي اتان وهندي هئي ۽ سنڌ جي اڳين حڪمرانن جي گادي جو هنڌ به اتي ئي رهندو ٿي آيو.

مرزا شاه بيگ ارغون جڏهن بکر جو پراڻو قلعو ڊهرائي ان جي جاءِ تي نئون قلعو (231-1) پئي ٻڌرايو ته اروڙ جي قلعي کان علاوه بکر جي آسپاس ۾ رهندڙ ترڪن ۽ سمن جون جايون ڊهرائي اتان جون سرون هن قلعي جي اڏاوت ۾ ڪتب آڻڻ جو حڪم ڏنو هئائين. اهو قلعو اڃا سوڌو 1044هه) تائين موجود آهي.

هي پرڳڻو ڌاريجن سان واسطو رکي ٿو ۽ هتي پنهور پڻ رهن ٿا، جن وٽ اٺن جا ڪيئي وڳ آهن، اهي اٺ جيسلمير ملتان ۽ قنڌار تائين ڀاڙي تي ڏنا وڃن ٿا.

ٽيون پرڳڻو لڌو گاگن آهي، هتي به ڌاريجا رهندا آهن. شروعات ۾ هنن مرزا شاهه بيگ ارغون سان مهاڏو اٽڪايو هو پر پوءِ ان جون عقوبتون ڏسي ماٺ ٿي ويا هئا، انهي واقعي بابت سنڌ جي تاريخ ۾ ڄاڻايل آهي ته (231- 2) مرزا شاه بيگ ارغون جڏهن سلطان محمود کي بکر جو حاڪم مقرر ڪيو ته اتان جي مهم مقامي سيدن کي سونپيائين. ان سان گڏ ڌاريجن جي ڪن پڳدارن کي به حڪم ڪيو ويو ته هو پڻ قلعي ۾ اچي رهن پر ڌاريجن انهي حڪم جي پوئواري کان نابري واري ڇڏي ۽ پنهنجي منهن ماڻهو ميڙي جنگ جوٽڻ جا سانباها ڪرڻ لڳا. سندن ڪوشش اها هئي ته ڪيئن به ڪري سلطان محمود جي مغز مان هوا ڪڍي وڃي، جيئن هو سنڌ جا وڻ ڇڏي ويندو رهي.

انهيءَ ضد تي چڙهي، هن ڍَل ڏيڻ ته بند ڪري ڇڏي، پر ٻين معاملن ۾ به هن سان پورو منهن نٿي ڏنائون. سلطان محمود جا جيڪي به گماشتا وٽن ٿي ويا ته انهن کي ڌوڙ مٿي ۾ وجهي واپس پئي اماڻيائون. پڇاڙيءَ پنهنجا ڪٽڪ سنبرائي سلطان محمود سان چڪري ڏيڻ لاءِ لاهريءَ جي ميدان ۾ لهي آيا. انهيءَ وچ ۾ سلطان محمود جيڪو اڃا ٻارهن ورهين جي ڄمار ۾ هو. تيسي ۾ ڏند ڪرٽي ڌاريجن سان وچڙڻ لاءِ وٽ کائيندو رهيو، پر سيد سڳورا کيس اوڀاريون لهواريون ڏيئي روڪيندا پئي آيا (132-1). هوڏانهن ڌاريجن ٻه ڀيرا اها سٽ ڪئي ته درياهه اڪري، قلعي ۾ داخل ٿي، سلطان محمود کي ڳٿڙ کان جهلي اچن، پر ايتري ۾ بکر جي سيدن کي کڙڪ پئجي وئي، جن قلعي جا سڀئي گهٽ سوگها ڪري ڌاريجن کي منجهائي ڇڏيو ۽ هو سيدن کي سامهون ڏسي مڙي ويا. ائين ڪندي مرزا شاه بيگ ارغون، شال (ڪوئيٽا) ۽ سبيءَ کان ٿيندو، سيوهڻ جي راڄڌانيءَ ۾ داخل باغبان پرڳڻي ڏانهن وريو، جتي ماڇين جي قوم سندس آڻ نه مڃڻ ۽ ساڻس سيني ساهڻ جو اڳواٽ عمل دهرائي چڪي هئي. مرزا شاه بيگ باغبان پهچندي شرط ماڇين کي ٻارين ٻچين قتل ڪرائي، هنن جون ملڪيتون لُٽي ڦري، سندن ڪوٽ ڊهرائي پٽ ڪري بکر ڏانهن روانو ٿيو ۽ چانڊڪا ۾ اچي ديرو دمايائين، جو بکر کان ٽيهن ميلن جي پنڌ تي اولاهين پاسي آهي (232-2).

سلطان محمود جيڪو انهي ئي اوسيئڙي ۾ پاڻ پتوڙي رهيو هو، تنهن پنهنجي هڪ ساٿياري جوجڪ بابا کي پيءُ ڏانهن ڏياري موڪليو ته کيس وڃي سڄيءَ واردات کان واقف ڪري. پڻس مير فاضل اهو احوال جيئن جو تيئن مرزا شاهه بيگ جي ڌيان تي آندو ۽ کانئس موڪل وٺي ڏهه ويهه سوار ساڻ ڪري، چانڊڪا وٽان پاڻي جهاڳي، پنهنجي سردارن ۽ مقدم جي دل ٻڌرائي، منزلون هڻندو، جڏهن بکر جي پسگردائي ۾ پهتو ته لالي مهر نالي هڪ وڏيرو پنهنجي برادريءَ سميت سندس قدمن ۾ اچي ڪريو، جنهن کي ڏسندي ڌاريجن مان به ڪي پريا مڙس جتان ڪٿان ڪهي مير فاضل جي پيش پوندا ويا. آخر مير فاضل ڌاريجن جا پورا ستيتاليهه سرڪردا ماڻهو ميڙي سيڙي بکر ڀيڙو اچي ٿيو ۽ ان تي سلطان محمود هنبوڇيون هڻي پيءُ جا پير چمڻ لڳو.

مرزا شاه بيگ کي جڏهن خبر ملي ته مير فاضل سلامتي سان بکر پهچي چڪو آهي، تڏهن جتي هو اتان رات وچ ۾ بکر ڏانهن ڀڳو ۽ واٽ تي سکر ۾ اچي ساهي پٽيائين. سلطان محمود هڪدم بکر مان وٽس پهچي سندس قدمبوسي جو شرف حاصل ڪيو (233-1)، جنهن کي انعامن اڪرامن سان نوازيو ويو. انهي موقعي تي هن ڌاريجن خلاف مرزا شاه بيگ جا خوب ڪن ڀريا، جنهن سڄي روئداد ٻڌڻ کانپوءِ مجلس ۾ موجود سنڌ جي مشهور ديني بزرگ قاضي قاضن ڏانهن ڪنڌ ورائي ڏٺو، انهي خيال سان ته هن باري ۾ سندس ڪهڙي صلاح هئي!

قاضي قاضن جهڙي چڱي مڙس هٿ ٻڌي عرض ڪيو ته قبلا سائين! سنڌ جي زمين سيلابي (ٻوڏائتي) آهي، هتي جيئن ته ڪانڊيرا گهڻا ٿا پيدا ٿيندا رهن تنهن ڪري ضروري آهي ته جهنگ مارڻ وارو پاهوڙو هٿ ۾ هئڻ گهرجي! شاه بيگ تتو ته اڳيئي ويٺو هو، سو قاضي قاضن جي چُرچ ملندي، ڌاريجن جي قتل عام جو حڪم ڏئي ڇڏيائين.

سلطان محمود حڪم جي تعميل ۾ هڪدم ڊوڙي شهر پهتو ۽ اوڏيءَ مهل بنا ڪنهن ويرم جي ڌاريجن جون سسيون ڌڙن کان ڌار ڪرائي انهن کي هڪ مٿاهين ٺل تان هيٺ اڇلارائي ڇڏيائين، جيڪو اڃا تائين خوني برج نالي مشهور آهي (233-2). تنهن ڏينهن کانپوءِ ڌاريجن وري ڪابه شورش ڪانه ڪئي.

روهڙي جو چوٿون پرڳڻو ”ڪاڪڙي“ آهي جتي منڱڻيجا رهن ٿا، انهن به پهريان جڏهن بکر جي راڄڌاني اڪبر بادشاهه ماتحتيءَ ۾ آئي ته وقت جي حاڪم سيد محمد امروهي ”مير عدل“ سان نافرماني واري روش اختيار ڪئي پر ستت ئي ڏنڊي جي زور تي کين سانت ڪرايو ويو.

مير عدل بکر پهچڻ کانپوءِ رعيت سان ڏاڍيون سختيون ڪرڻ لڳو. ايتري قدر جو هن پنهنجي ارهه زورائي سان داڻي بنديءَ جي دستور جو بهانو بڻائي هڪ جريب پٺيان پنج ”مڻ“ محصول مڙهي ڇڏيو ۽ پوکي راهيءَ تي اهڙا ڪمدار مقرر ڪيائين جن هارين نارين جي ننڊ حرام ڪري ڪمدار مقرر ڪيائين، جن هارين نارين جي ننڊ حرام ڪري ڇڏي. انهي ڪري مڱڻيجا مڇرجي پيا ۽ انهن قهري حڪمن کان منهن موڙي اڳو پوءِ جهيڙي جا جتن ڪرڻ لڳا (234-1).

مير عدل جي ڪارندن جڏهن ڏٺو ته ڳالهه زور وٺي وئي آهي، تڏهن ڪنبذ ۽ ديجر نالي ٻن ڳوٺن جي وچاڳ تي هڪڙي قلعي ۾ وڃي مورچا ٻڌي ويهي رهيا. ٻئي پاسي منڱڻيجن به وجهه وٺي لاهي پاهي مٿن تيرن جو وسڪارو لائي ڏنو، انهي مارا ماري ۾ مير عدل جا ڏاڍا ماڻهو مئا، جن کي مڱڻيجا ٽنگن مان گهلي قلعي واري ڪني کوهه ۾ ڦٽو ڪندا ويا. پڇاڙي هڙئي ڪافر مومن کوهه ۾ ٿانيڪا ڪري ان کي لٽي ڇڏيائون.

مير عدل کي جڏهن پتو پيو ته سندس سورهين اها کيپ کٽي آهي ته هڪدم پنهنجي پٽ سيد ابوالفضل کي لشڪر سان گڏي وير وٺڻ لاءِ ڊوڙايائين. هوڏانهن مڱڻيجن کي جيئن ڪن ڀڻڪ پئي ته اوسي پاسي ٽڙي پکڙي هليا ويا. سيد فضل لاچار ٿي سندن پيڇو ڇڏي بکر جي قلعي ۾ واپس آيو (234-2). ٿورن ڏينهن کانپوءِ مڱڻيجا به دڙڪي داٻ سان ٺاپر ۾ اچي ويا ۽ اڃا تائين خاموش آهن.

پنجون پرڳڻو درٻيلو آهي، جتي سهتن کان علاوه سميجن مان هڪڙا راڄپر ٻيا بهڻ رهن ٿا. سندن ڌنڌو پوکي راهي آهي. شروعات ۾ اهي به ڏاڍا سرڪش هئا ۽ بکر جي حاڪم سان ٺهي نٿي هليا، جڏهن سيد بايزيد بخاري بکر جو فوجدار ٿي آيو ته ان جا پٽ عيد جي ڏينهن، موقعي جو فائدو وٺي، بکر مان گهوڙا ڪاهي وڃي مٿن ڪڙڪيا. بروقت ٻنهي قومن سهتن ۽ سميجن جا ڪيئي ماڻهو قتل ٿي ويا. پوءِ سندن ٻارن ٻچن کي قيد ڪري بکر آندو ويو. انهن جا پونير اڄ تائين رعيت واري روش سان هلي سرڪار ڏن ڀريندا رهن ٿا.

اڪبر بادشاهه جي زماني ۾ مٿيان ٻيئي پرڳڻا مير معصوم بکري جي جاگير هئا، جنهن انهن کي آباد ڪري وڏي اوج تي رسايو هو (235-1).

مير معصوم جي ديانداري پنهنجو مڙ پاڻ هئي هن پنهنجي ڀل ماڻهپيءَ سان رعيت کي جهڙيءَ ريت خوش رکيو تنهن جو پورو بيان هتي نه اچي سگهندو، البته سندس هڪ ڪارنامو مثال طور درج ڪجي ٿو جو هي آهي ته هن پنهنجي ڪمدارن کي حڪم ڪري ڇڏيو هو ته بٽئيءَ جي وقت زمين جي پوري ماپ وٺڻ کپي ۽ فصل جي نفعي نقصان جو پڻ چڱي طرح خيال رکيو وڃي. جيڪڏهن هڪ هنڌ آبادي لاءِ مخصوص ڪيل زمين جي هڪ هزار جريبن مان نو سئو نوا نوي جريب غيرآباد ۽ صرف هڪڙو جريب آباد پئي ٿيو ته اهو هڪ جريب شمار ڪيو ٿي ويو، باقي نو سئو نوانوي جريب شمار ڪيو ٿي ويو، باقي نو سو نوانوي جريب 235-2) حساب ۾ نٿي آندا ويا. ان کانسواءِ زمين ۾ جتي به پاڻي پهچائڻ لاءِ واهه يا ڪسيءَ جي گهرج پوندي هئي ته مير معصوم پنهنجي خرچ تي ان جو انتظام ڪندو هو.

رعيت کي رڳو پوک جي پرگهور سونپيل هئي. مير صاحب جي انهيءَ سهڻي قدم جي ڪري نتيجو اهو نڪتو، جو انهن پرڳڻن ۾ هڙئي غيرآباد زمينون آباد ٿي ويون ۽ جهنگ جي ڪا ايراضي نه رهي، ايتري قدر جو مير معصوم جيڪو پاڻ شڪار جو ڏاڍو شوقين هو، تنهن کي پنهنجي شوق جي پورائي لاءِ ٻين پرڳڻن ڏانهن وڃڻو ٿي پيو.

درٻيلي جي معتبر ماڻهن وٽان مولف کي معلوم ٿيو ته جنهن وقت اهي پرڳڻا مير معصوم جي جاگير ۾ آيا ته پهرئين سال هڪڙي دهه ۾ رڳو پنج سو جريب زمين آباد ٿي (236-1) جڏهن رعيت جي دل ٻڌرائي وئي ۽ معير معصوم جي سهڻي سلوڪ توڙي انصاف تي به کين پورو ڀروسو پيدا ٿيو ته ٿوري عرصي اندر اتي پوک جي آبادي جملي پنجاهه هزار جريبن تائين وڃي پهتي، انهي مان مير صاحب ۽ ٻين عملدارن جي پرڳڻن جي آبادي جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. اهي پنج ئي پرڳڻا باقائدي واجبي ڍل ڀريندا رهن ٿا ۽ هتان جي ماڻهن ۾ ڪابه سرڪشي نٿي ڏٺي وڃي.

انهن پرڳڻن جو انتظام پوري طرح پٽي جي حساب سان رکيو ويو آهي، جنهن کي اڇو پٽو ۽ سائو پٽو چيو وڃي ٿو جيئن اڳ دستور هو. آبادي وڌائڻ جي خيال کان رعيت لاءِ خاص ڪري اها رعايت رکي وئي آهي ته مقرر ڪيل دستور (236-2) کان وڌيڪ کين ڪنهن به ادائگي لاءِ مجبور نه ڪيو وڃي.، بٽئي وقت آباد توڙي غيرآباد زمين جو هر طرح خيال رکڻ گهرجي ۽ انهي کان علاوه اربابن، رئيسن، قانون گوين ۽ عملدارن کان چوڪس رهڻ جو به چتاءُ ڏنل آهي، جيڪڏهن رعيت جي ڀلائي ۽ ديوان جي ڪفايت لاءِ ڪنهن به پٽي مان ڪابه شئي گهٽائي وڃي ته ان جي پورائي لاءِ وڌيڪ پوک جو اپاءُ ڪرڻ ۾ اچي، جيئن ٻنهي ڌرين جو ڀلو ٿيندو رهي ۽ ماڻهو ڪنهن به وڳوڙ ۾ منهن نه وجهن.


(1)   ممڪن آهي ته سنڌيءَ ۾ اهو لفظ نئين بڊو يا بڊي واري واهي هجي.                                                                                    (مترجم)

(1)     مرزا شاهه بيگ ولد امير ذوالنون ارغون ولد حسن بصري، سنڌ جو ڌاريو حڪمران متوفي 22- شعبان 928هه. تاريخ وفات ”شهر شعبان“- تاريخ سنڌ فارسي معصومي ص 127.

(2)   ڏسو تاريخ معصومي 124

(1)   تاريخ سنڌ، معصومي، مير معصوم بکري، سال تاليف 1009هه

(1)   بکر جي سيدن ڌاريجن خلاف پنهنجي ولي نعمت شاه بيگ ارغون جي حمايت ۾ جيڪي ڪارناما ڪري ڏيکاريا، تن جو انعام آخر انهن کي اهو مليو، جو شاهه بيگ بدگماني ۾ اچي، کين اهل عيال سميت قلعي مان نيڪالي ڏياري ڇڏي. تاريخ سنڌ، معصومي، ص 122 (مترجم)

(2)   تاريخ 14 محرم 927هه مرزا شاه حسن پنهنجي پيءُ مرزا شاه بيگ ارغون کان ڪوئيٽا مان موڪلائي سنڌ ڏانهن نڪتو ۽ ويهن ڏينهن کانپوءِ سيوهڻ جي ويجهڙائي ۾ اچي رسيو. پويان پڻس شاه بيگ کيس لاڳيتي فوجي امداد پهچائيندو رهيو ۽ پاڻ دڳ تي داٻو ڪندو پئي آيو. تاريخ معصومي ص 118. نيٺ ربيع الاخر جي مهيني ۾ باغبان جي اندر قدم رکيائين. تاريخ سنڌ، معصومي، ص 120

(3)    ڏسو تاريخ معصومي ص 120.

(1)   مير فاضل متوفي 928هه. تاريخ معصومي ص 125

(2)   سلطان محمود ولد مير فاضل ولادت 898 هه وفات 982هه. تاريخ وفات ”در بهشت آسود“ (مير معصوم) تاريخ معصومي ص 237

(3)   تفصيل لاءِ ڏسو تاريخ معصومي 118 کان 123 سنڌي ادبي بورڊ

(4)  مير محمد عدل، 11 رمضان 983هه ڌاري بکر ۾ آيو (تاريخ معصومي ص 245). هن باري ۾ وڌيڪ احوال ذخيره الخوانين قلمي ص 131- اڪبرنامه (ص 249-3) بدايوني، (ص 75-2)، طبقات اڪبري (ص 438-2)، تاريخ امروهه اردو ۽ تاريخ معصومي فارسي (ص 245- 246) نظر مان ڪڍڻ گهرجن. مير عدل 984هه ڌاري بکر ۾ مئو هو (تاريخ معصومي ص 246).

(1)   اصل لفظ ڪن ڪوت، داڪٽر دائودپوٽي مرحوم تعليقات تاريخ معصومي نسخه ”ر“ (ص 318) تي ان جي معنى ”داڻي بندي“ لکي آهي.

(2)   ڏسو تاريخ معصومي (ص 245)

(3)  تاريخ معصومي لکيو آهي ته مير عدل جا ماڻهو گنبذ ۽ بچراه جي وچ تي هڪ ننڍي قلعي ۾ پناهي ٿيا هئا (ص 245)، ٻئي قلمي نسخي ۾ گنبذ ۽ بحيره لکيل آهي، انهي ڪتاب جي سنڌي ترجمي ۾ مترجم گنبٽ ۽ ڀچراه لکي ٿو، جو پڻ صحيح ناهي- ترجمو (ص 291)

(4)   ”ڪافر“ کان مراد اهي غيرتمند سنڌي جيڪي مير عدل جهڙي ظالم خلاف وڙهندي مارجي ويا، مظلوم سنڌين جي باري ۾ فاضل مولف جي اها ابتدائي ”گوهر افشاني“ اڳتي هلي دشنام طرازي ۾ بدلجي وڃي ٿي. (مترجم)

(1)   تاريخ معصومي (ص 245- 246)

(2)   لب تاريخ سنڌ ۾ بايزيد بخاري جي فوج دار ٿي اچڻ جو سال (1025هه) ڄاڻايل آهي. هي جلوس جهانگيري جي پنجين سال (1028هه) ۾ بکر مان ٺٽي ويو ۽ اتي وفات ڪيائين (ذخيره الخوانين قلمي ص 348)

(1)   اڪبر بادشاهه جڏهن 998هه ڌاري مرزا عبدالرحيم خان خانان کي لاهور مان سنڌ هٿ ڪرڻ لاءِ اماڻيو ته مير معصوم کي به ساڻس گڏ روانو ڪيائين. انهي سال درٻيلي وارو پرڳڻو مير معصوم کي جاگير ٿي مليو. مير معصوم تاريخ معصومي ۾ انهي واقعي بابت لکي ٿو ته ”خان خانان کي ٺٽي جي چڙهائڻ ڪرڻ ۽ بلوچن کي وس ۾ آڻڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو، جو 22 شوال 998هه ۾ خريف جي وچ ڌاري بکر پهچي پنهنجي مهم ۽ جنبي ويو، انهن ئي ڏينهن ۾ هي فقير (تاريخ معصومي جو مولف) گجرات مان هلي بادشاهه جي خدمت ۾ اچي رسيو. اتفاق سان والده طرفان ڪي تحفا آيل هئا، جيڪي حضور ۾ پيش ڪيا ويا. بادشاهه سلامت مهر جي نظر سان نوازيندي فرمايو: توهان کي پنهنجي والده کان وڇڙئي ڪيترو عرصو ٿي چڪو آهي؟ مون عرض ڪيو ته ويهه ورهيه گذري چڪا آهن. اهو ٻڌي عنايت فرمائي حڪم ڪيائون ته پهريائين پنهنجي والده جي خدمت ۾ رهي پوءِ اسان وٽ اچي حاضر ٿيو، انهي سان گڏ بخشين (مشين) کي حڪم ڪيو ويو ته منهنجي جاگير واري تنخواهه ادا ڪئي وڃي.

”انهي وچ ۾ محمد صادق خان منهنجي سفارش ڪندي چيو ته جنهن صورت ۾ مير معصوم خود بکر وڃي رهيو آهي، تنهن ڪري ڇو نه محالستان مان کيس تنخواهه ڏياري وڃي؟ بادشاهه فرمايو، بکر اڳيئي خان خانان جي جاگير بڻجي چڪو آهي. خان خانان خود حاضر هو، جنهن عيوض ڪيو ته جيڪڏهن مير معصوم کي بکر جي راڄڌاني ۾ جاگير ڏني ويندي ته آءُ حڪم جي پوئواري ڪندس، ان جي عيوض مون کي ڪنهن ٻئي هنڌ جاگير عطا ڪئي وڃي. آخر بادشاهه جي حڪم مطابق مون کي بکر جي راڄڌاني مان درٻيلي، ڪاڪڙي ۽ چانڊڪا وارا پرڳڻا جاگير طور مليا“ (ص 21). مير معصوم 14 صفر 999هه ڌاري بکر پهتو هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org