سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: تاريخ مظهر شاهجهاني

باب: --

صفحو: 6

تاليف جو ارادو:

يوسف ميرڪ پوءِ خيال ڪيو ته هيءَ ڏکن ڀري آکاڻي زباني طور ٻڌائڻ بدران طومار جي صورت ۾ لکي شاهي درٻار ۾ پيش ڪرڻ مناسب ڳالهه ٿيندي، جئن چوي ٿو ته

...... راقم الحروف، پريشاني احوال وطن اختياري خود ديده......عازم عتبه بوسي آستان فلڪ نشان گرديدو به خاطر آورد کي احوال اين ملڪ و عمل احمد بيگ خان را دوبڪ طوماري نوشته بنظر اقدس گذراند-ص 160.

يعني: راقم الحروف (يوسف ميرڪ) پنهنجي اختياري وطن کي حال کان بيحال ڏسي، شاهي درٻار ڏانهن ڪهي وڃڻ جي سنبت ڪئي ته جيئن ملڪ جي احوال ۽ احمد بيگ خان جي عملداري جو لکيل طومار بادشاهه وٽ پيش ڪري.

انهي نيت سان هو سيوهڻ مان نڪري بکر پهتو، جتي ان وقت محمد علي بيگ بندري، حڪيم محمد صالح ۽ مان سنگهه وغيره مغل سلطنت جا نائب مقرر ٿيل هئا، انهن کي جڏهن يوسف ميرڪ جي انهي ارادي جي خبر پئجي وئي ته پنهنجي خاص ماڻهو موڪلي مرزا احمد بيگ کي آگاهه ڪيائون. پر ايتري ۾ خير جو يوسف ميرڪ سيوهڻ ڇڏي چڪو هو نه ته هن جي انهي ارادي جي جيڪڏهن بروقت احمد بيگ کي سڌ پئجي وڃي ها ته پوءِ هن ويچاري جي سر جو ڪو خير نه هو.

هاڻ جڏهن پکي سندس پهچ کان پري ٿي پيو ته ان کي وري ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاسائڻ لاءِ احمد بيگ بکر جي عملدارن کي ميڙ منٿ ڪئي ته ڪيئن به ڪري يوسف ميرڪ کي سيوهڻ واپس ڪيو وڃي. ان سان گڏ هو مظلومن تي هٿ ڦير ڪري سندن دل وٺڻ جي ڪوشش ۾ لڳي ويو.

ان کان اڳ جو احمد بيگ جو ملازم سندس پيغام کڻي بکر پهچي، يوسف ميرڪ بکر جا وڻ ڇڏي ملتان ڀيڙو ٿي چڪو هو. تڏهن ملتان جو صوبو شاهجهان جي سهري وزيراعظم آصف خان يمين الدوله جي جاگير ۾ هو ۽ يوسف ميرڪ جو وڏو ڀاءُ مير ابوالبقا امير خان آصف خان پاران اتي نائب مقرر ٿيل هو.

ڪتاب جي تاليف

يوسف ميرڪ جو ارادو هو ته ملتان ۾ پنهنجي ڀاءُ وٽ رهي، دارالخلافه وڃڻ لاءِ سفر جو سامان تيار ڪري ۽ اتي ئي انهي طومار کي ترتيب ڏيئي درٻار ڏانهين اسهي وڃي. ليڪن 1039هه ۾ هي جئن ئي ملتان پهتو ته مير ابوالبقا امير خان کي ٺٽي جي نائبيءَ جا احڪام مليا.

مير ابوالبقا امير خان وڏو تجربيڪار ۽ مغل بادشاهن جي شاهاڻي مزاج جي نزاڪتن کان چڱي طرح واقف هو. هن کي خبر هئي ته سندس ڀاءُ جو هي غيظ غضب ۽حب الوطني وارو جوش خروش، انصاف طلبي ۽ داد خواهي جو جذبو يا درٻار تائين رسائي ڪرڻ واري رٿا مصلحت مطابق نه هئي، ان ڪري کيس ان مٿان ڪنهن حاصلات يا نيتجي نڪرڻ جي ڪابه امڪاني صورت نظر نه پئي آئي، انهي آڌار تي هو في الحال يوسف ميرڪ کي پاڻ سان گڏ واپس ٺٽي وٺي آيو ۽ کيس چيائين ته اتان ئي سفر جو سامان تيار ڪري هندستان روانو ٿي وڃي. يوسف ميرڪ جڏهن ٺٽي پهتو ته آبهوا جي خرابي سبب بيمار ٿي پيو، تنهن ڪري سندس سفر جو تياريءَ ۾ ليٽ ٿي وئي. انهي بيماري جي عالم ۾ ارادو ڪيائين ته شڪايتي طومار بدران، صحتياب ٿيڻ کانپوءِ سنڌ جي صحيح حالتن تي هڪ ڪتاب تاليف ڪرڻ مناسب ٿيندو ۽ اهوئي ڪتاب شاهي حضور ۾ پيش ڪرڻ لائق ٿي سگهندو. ان باري ۾ لکي ٿو ته

انهي لاءِ باس باسي وئي ته بيماري مان اٿڻ کان پوءِ سنڌ جي حالتن تي ڪتاب لکي، اهو بادشاهه جي خدمت ۾ پيش ڪرڻ جو سعيو ڪيو ويندو- ص 162

هي اهو ئي ڪتاب آهي جيڪو يوسف ميرڪ بيماري مان نجات حاصل ڪرڻ کانپوءِ سنڌ جي صحيح حالتن بابت بلڪ ائين چوڻ گهرجي ته سنڌ اندر ”مغل شاهي“ جي اندروني حقيقتن متعلق تاليف ڪيو هو. هن ڪتاب جي وجود ۾ اچڻ جا اهي ئي اسباب ۽ محرڪات هئا، جن جو ذڪر گذريل صفحن ۾اچي چڪو آهي. مؤلف ڪتاب جي مهاڳ ۾ لکي ٿو:

هي ضعيف بندو ۽ خدا جي رحمت جو طلبگار يوسف ميرڪ پٽ ابوالقاسم نمڪين حسيني هروي چوي ٿو ته جڏهن سنڌ جي حالتن کان واقف ٿيس ته هن آيت جي اقتضا موجب:

لاتڪتمو الشهادت و من يڪتمها فانه آثم قلبه والله بما تعلمون عليهم-

يعني: توهان پنهنجي گواهي کي نه لڪايو ۽ جنهن به پنهنجي گواهي کي مخفي رکيو تنهن جي دل گنهگار آهي، توهان جيڪي ڪريو ٿا خدا ان جي ڄاڻ رکي ٿو.

مولف جي دل ۾ اها خواهش پيدا ٿي ته سموري حقيقت زماني جي بادشاهه ابوالمظفر شهاب الدين محمد ”شاهه جهان“،

جنهن جي ڪامرانيءَ جو ايوان

آسمان کان اتاهون آهي،

اهو بادشاهه جنهنجي بزرگي جو سج

جتي پهچي ٿو، اتي روشني اچي ٿي.

تنهن جي خدمت ۾، زماني جا لاڳاپا لاهي، پنهنجي حقيقت حال پيش ڪئي وڃي، جئن سندس رعيت تان ظلم جو وبال دفعي ٿئي ۽ ملڪ ۾ هر هنڌ عدل انصاف جو واءُ ورڻ لڳي.

...... اسلامي بادشاهن کي هونءَ به اهڙين ڳالهين کان ڪو گريز نه آهي، انهي اميد تي مون هي مختصر ڪتاب تيار ڪري، ان کي ٻن حصن ۾ورهايو آهي، جنهن جو نالو ”مظهر شاهجهاني“ رکيو اٿم-

اي بادشاهه!

ستن آسمانن جي سايي هيٺ

تون ئي سڀڪنهن جي اڀل آهين.

تنهنجي ئي در جو آسرو

سڄي جهان لاءِ ڀروسي جهڙوآهي.

چنڊ ساري رات آسمان تي ڦرندي،

تنهنجو ڏيئو ٻاريندو رهي ٿو،

سج سارو ڏينهن سونهري تاج سان

تنهنجي تخت اڳيان حاضر آهي.

جنهن رب توکي بادشاهي ڏني

تنهن سڀ ڪجهه سندءِ حوالي ڪري ڇڏيو.

توکي ان ڪري ملڪ جي بادشاهي ملي

ته جئن عدل، انصاف ڪندو رهين.

نه هوا مڇر جي پر کي زورسان ستائي،

نه هاٿي ڪِوليءَ مٿان پير رکي.

خدا جو شڪر جو تنهنجي انصاف لاءِ

هيءَ روداد پيش ڪئي وڃي ٿي.

تنهنجي انصاف ۾ وڏي اميد اٿم،

جي تو ٿورو به هي داستان پڙهيو،

توکي جيڪا بي انصافيءَ جي ڳالهه نظر ايندي

تنهن تي ڪابه مهر نه ٿيندي.

جيڪڏهن ان ۾ ڪا مڻيا هوندي ته عرضدار سرفراز ٿي رهندو.

منهنجو ڪم موتي مڙهڻ،

تنهنجو ڪم قدر ڪرڻ آهي.

آءُ دل سان آفرين چوندس-

اهو مون تي ڇڏيل آهي.

هن گنج نامي ۾ ڪيترن خزانن

جون ڪنجيون رکي ڇڏيون اٿم،

جيڪو ان مان سوني ڪنجي هٿ ڪندو

اهو ڪيترن خزانن جا طلسم ٽوڙي ڇڏيندو.

ڪتاب جو نالو:

هن ڪتاب جا ٻه نالا نظر اچن ٿا، ٻئي حصي ۾ جتي مؤلف پنهنجي بيماري جو ذڪر ڪري ٿو اتي ڪتاب جو نالو ”مظهر التدبير“ ملي ٿو:

الحمد الله والمنته، هن بيت جي آڌار تي:

اي خدا تون منهنجي نيت کان واقف آهين جيئن نيت نيڪ آهي، تيئن خير جي نوازش ڪجانءِ، مظهر التدبير جو نسخو تڪميل تي پهتو، آءُ اميد رکان ٿو ته امير عادل شاهجهان بادشاهه ان تي عنايت جي نظر ڌريندو- ص 162.

ڪتاب جي پهرئين حصي ۾ حمد ۽ نعت کانپوءِ مهاڳ ۾ ان جو نالو ”مظهر شاهجهاني“ لکيل آهي:

ڪجهه پنهنجي طبيعت جي فيض مان ۽ ڪجهه اڪابرن جي ڪلام مان جمع ڪري هن ڪتاب جو نالو مظهر شاهجهاني رکيو ويو، جيڪو ٻن حصن ۽ هڪ خاتمي تي مشتمل آهي.

ڪتاب جي ان قلمي نسخي ۾ جنهن جي بنياد تي هي متن تيار ڪيو ويو آهي ۽جيڪو خود مولف جي پنهنجي ملڪيت هو، تنهن جي مٿين عبارت ۾ ”مظهر“ کانپوءِ وارو لفظ ڊاهي، ان جي مٿان ساڳيءَ صورتخطيءَ ۾ ”شاهجهاني“ لکيل آهي. ڊاٺل لفظ ”تدبير“ پڙهي سگهجي ٿو. ان موجب اندازو اهو آهي ته شروعات ۾ ڪتاب جو نالو ”مظهر التدبير“ رکيو ويو هوندو ۽ پوءِ شاهي نالي جي نسبت سان پويون لفظ بدلائي ان کي ”مظهر شاهجهاني“ جو نالو ڏنو ويو. ڪتاب جي مهاڳ ۾ نه اهو نالو ڊاٺو ويو پر ان جي ٻئي حصي واي متن ۾ ساڳيو پهريون نالو ”مظهر التدبير“ باقي رهجي ويو.

تاليف جو سال:

مولف ڪتاب لکڻ جو ارادو (جئن اڳ بيان ٿي چڪو) سال 1038هه جي پڇاڙيءَ ۾ ڪري چڪو هو. ليڪن ڪتاب لکڻ جي شروعات ڪڏهن ڪئي وئي، تنهن بابت ڪٿي به ڪو اشارو نٿو ملي. البته متن ۾ ڪن جاين تي واقعات جي ضمن اندر (1044هه) جو حوالو ڏنل آهي. اهڙي ريت ڪتاب جي خاتمي تي به تاليف جي تڪميل جو سال ساڳيو 1044هه دهرايل آهي.

وقد تم الڪتاب بعون الملڪ الوهاب يوم سبت وقت الظهر في تسع عشر من شهر محرم الحرام سنت الف و اربع اربيعن من الهجره النبويه عليه افضل الصلوات والتحيات، موفق بسنت السابعمن اجلوس الشهنشاهي خلد الله ملڪه وبقاءَ و ثبت عدله و انصافد.

هن عبارت مان ظاهر ٿئي ٿو ته 19 محرم 1044هه تي ٽپهريءَ مهل هي ڪتاب لکجي پورو ٿيو، ليڪن متن جي درمياني عبارتن کي هن عبارت سان ملائڻ کانپوءِ اهو خيال ڪرڻ درست نه آهي ته ڪتاب جو تاليف انهي سال جي پهرئين مهيني ۾ ٿي هوندي، ڇا لاءِ ته 814 صفحن کي صرف 19 ڏينهن جي اندر لکي پورو ڪرڻ بلڪل ناممڪن آهي. قياس ڪيو وڃي ٿو ته مؤلف 1039هه کان پوءِ ڪتاب لکڻ شروع ڪيو هوندو ۽مڪمل ٿيڻ تي جڏهن 1044هه ۾ مسودو تيار ٿيو هوندو ته انهي وقت منجهس اهڙن واقعن جو واڌارو ڪيو هوندائين، جن جو تعلق ان سال سان هو. هي اهو ئي سال آهي، جڏهن سندس وڏو ڀاءُ مير ابوالبقا جهونا ڳڙهه ۾ حڪومت جو نائب هو.

ڪتاب جا ماخذ:

ڪتاب جي پهرئين حصي کي ڏسي اهو خيال پيدا ٿئي ٿو ته مؤلف ”سياست نامه“ يا انهي قسم جي ٻين ڪتابن کي آڏو رکي اهو حصو تاليف ڪيو هوندو. فرصت نه هئڻ ڪري انهي حصي کي ٻين ڪتابن سان ڀيٽڻ جو موقعو نه ملي سگهيو، نه ته اهو معلوم ڪرڻ مشڪل نه هو ته ڪتاب جي پهرئين حصي جي تاليف لاءِ مولف جا ڪهڙا ماخذ هئا. ڪتاب جو ٻيو حصو جئن ته مولف جي دور ۽ اکين ڏٺل حالتن توڙي واقعن تي مشتمل آهي، ان ڪري انهي لاءِ ڪنهن ٻئي ڪتاب تان مدد وٺڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. البته مولف بکر ۽ سبيءَ واري باب ۾ مير معصوم بکريءَ جي ڪتاب ”تاريخ سنڌ“ تان ڪجهه استفادو ڪيو آهي، جنهن کي نظر ۾ رکي متن اندر مير معصوم جي ان ڪتاب جي صفحن جا حوالا درج ڪيا ويا آهن.

شاه جهان ۽ ڪتاب:

هن ڪتاب يا ڪنهن ٻئي ذريعي سان اهو معلوم نه ٿي سگهيو آهي ته يوسف ميرڪ پنهنجو هي ڪتاب شاهي حضور ۾ پيش ڪري سگهيو هو يا نه. يعني هن جي پنهنجن لفظن ۾ هي ڪتاب ”بادشاهه جي نظر مان“ نڪتو ۽هن جي اها آس ته

مون کي اميد آهي ته بادشاهه سلامت هي داستان ضرور نظر مان ڪڍندو-

پوري ٿي به يا نه؟ اندازو آهي ته جيئن ته هي ڪتاب مرزا احمد بيگ جي مظالم ۽ جبر استبداد جي داستان بابت هو ۽ اهو احمد يبگ نورجهان جو ڀائٽيو، شاهجهان جي بيگم ارجمند بانو ”ممتاز محل“ جو سڳو سوءٽ هو ۽ هن جي چاچي مرزا ابوالحسن يمين الدوله آصف خان جي نيابت ۾ خود مولف جو وڏو ڀاءُ مير ابوالبقا امير خان به رهي چڪو هو، تنهن ڪر انهن حالتن جي پيش نظر اها مصلحت ڌيان ۾ رکي. خيريت انهي ۾ سمجهي وئي هوندي ته هي ڪتاب ڪنهن به صورت ۾ مغل شهنشاهه جي حضور ۾ پيش نه ڪيو وڃي. ان ڪري هي ڪتاب مولف وٽ ئي رهجي ويو. اهو ئي سبب آهي جو ڪتاب نه ته مشهور ٿي سگهيو، نه وري ان جا نقل ٿيا ۽ نه ئي ان جو ڪٿي ذڪر اچي سگهيو.

ڪتاب جو مسودومولف وٽ محفوظ رهيو. پڇاڙي هن (جيئن ايندڙ صفحن ۾ پڙهندڙن کي خبر پوندي) اهومسودو پنهنجي ڀائٽئي مير ضياءُ الدين يوسف کي ڏيئي ڇڏيو، انهي وچ ۾ ڪتاب جي تاليف کي اٺ سال ٿي چڪا هئا.

هي ڪتاب مولف جي خاندان ۾ ئي رهيو، ان جو فقط هڪڙو نقل ٿيو، جو گهڻو ڪري انهي ئي خاندان جي ڪنهن فرد جي ملڪيت معلوم ٿئي ٿو.

بهرحال، اصل ڪتاب ۽ ان جو هي نقل اتفاق سان زماني جي حادثن کان بچندو، اڄ تائين محفوظ رهندو آيو ۽ڪنهن نه ڪنهن نموني اسان جي دور تائين پهچي ويو.

ڪتاب جون خصوصيتون:

ايران هجي توڙي خراسان، عرب هجي توڙي عجم، سنڌ هجي يا هند، مشرق ۾ جتي به گذريل زماني ڌاري جيڪي تاريخون لکيون ويون آهن، اهي گهڻو ڪري شاهن، شهزادن، وزيرن توڙي اميرن جي ساراهه سان ڀريون پيون آهن. يعني انهن جو مرڪزي نقطو ڪنهن نه ڪنهن شخصيت تي مبني هو ۽ سڀئي واقعا انهي نقطي جي چوڌاري گردش ڪندا ٿي رهيا. جنگ جا داستان، بهادري جا افسانا، ملڪ گيريءَ جا قصا، سخا ۽ عدل انصاف جون حڪايتون، موافق جي تعريف، مخالف جي مذمت وغيره اهي ئي اسان وٽ تاريخ نويسيءَ جا اسلوب پئي رهيا آهن. اسان جي تاريخن ۾ واقعن ۽ شخصيتن کي مصلحتن ۽ عاقبت انديشين جي پيش نظر لحافن ۽ غلافن ۾ ويڙهي اهڙي ريت بيان ڪيو ويو آهي، جو نه ته ڪا حقيقي شخصيت ظاهر ٿئي ٿي، نه ان جا اصل ڪردار سامهون اچن ٿا ۽ نه وري واقعات پنهنجي صحيح شڪل صورت ۾ اجاگر ٿين ٿا.

ملڪ جي حالتن، معاشي ۽ اقتصادي صورتحال توڙي عوام جي طرز زندگي کي ڪڏهن تاريخ نويسيءَ جي دائري اندر ڌيان ۾ آڻڻ لائق نه سمجهيو ويو آهي. اهو ئي سبب آهي جو مشرق جي ڪنهن تاريخ پڙهڻ کانپوءِ مطالعي ڪرڻ وارو ان دور جي صحيح صورتحال کان واقف ٿيڻ بدران شخصن ۽ فردن جي ڪوڙي ڪردار ۽ فرضي واقعن جي چڪر ۾ اڙجي ٿو وڃي.

انهي حالت ۾ تاريخ جا ڪي اهڙا فرد اسان وٽ اهميت حاصل ڪري ويا آهن، جيڪي حقيقت ۾ پنهنجي افعال توڙي اعمال جي لحاظ کان نه ڪنهن احترام جي لائق هئا، نه وري کين تحسين جي نظر سان ڏٺو وڃي ٿو. ان ڪري ڪيئي واقعا محض موءرخن جي مصلحت بينيءَ يا غلط بيانيءَ سبب هروڀرو اسان جي آڏو تاريخ جي شاهراهه تي سنگ ميل جي حيثيت اختيار ڪري ويا. بلڪ اهي اسان جي لاءِ تاريخي معتقدات بڻجي چڪا آهن، جيڪي پنهنجي اصليت جي اعتبار کان هرگز انهي لائق نه هئا. اهو سڀ ڪجهه صرف ان ڪري ٿيندو رهيو ته مشرقي تاريخون شخصي حڪمرانن جي سرڪاري ڪارخانن ۾ جڙنديون رهيون ۽ بادشاهن لاءِ لکيون ويون، جنهن ۾ اميرن جو وڏو دخل هو. پوءِ انهن کي شهزادن پنهنجي نالي معنون ڪرڻ جو رواج وڌو.

جيڪڏهن ڪن ماڻهن انهيءَ روش کان هٽي، ڪڏهن ڪا تاريخ لکي به ته شخصي حڪومت جي ڪرڙيءَ نظر جي تيزيءَ ۽ تلخيءَ ان کي مصلحت ۽ عافيت جي اڀل وٺڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. اهو ئي سبب آهي جو تاريخ جا ڪيئي پهلو گهڻو ڪري مسخ ٿي ويا. انهن ۾ سچ جي ڳولا ڪرڻ لاءِ ڪيئي هفت خوان طي ڪرڻ کانپوءِ به مشڪل سان ڪاميابي نصيب ٿئي ٿي. انهي قسم جي ڪهڙي به تاريخ جي منڍ کان پڇاڙي تائين ورق گرداني ڪئي ويندي ته ظل الله جي بارگاهه کان وٺي يمين السلطنت ۽ امير الامراءِ جي ايوان تائين طواف ڪرڻو ئي پوندو.

ناجائز ملڪ گيريءَ جي هوسڪاريءَ ۾ جنگ ۽ قتل جا جيڪي به ميدان سنواريا ويا، تن جو قهري نظارو اڃا تائين اڳيان ڦرندو رهي ٿو. پيءُ جو لاش، ڀائرن جون سسيون، پٽن جا ڳچ ترارين جو بک ٿيندي پيا پسجن، ليڪن باشندن جي اصلي تصوير ۽ صحيح حالتن تي اهڙا لوهي پردا پيل ڏسجن، جو ڪنهن به طرح سرڪاري ايوانن جي هن پار جي ڪابه جهلڪ نظر نٿي اچي.

سنڌ جون تاريخون به تاريخ نويسيءَ جي انهي عام نگارش واري اصلوب مطابق لکيون ويون. ”چچ نامي“ کان وٺي ”لب تاريخ سنڌ“ تائين سڀني جو اهو ئي حال آهي، انهي لحاظ کان يوسف ميرڪ جي هن ڪتاب ”مظهر شاهجهاني“ جو وجود نه صرف غنيمت ڀانئجي ٿو، پر سندس تاليف کي تاريخ نويسيءَ جي تاريخ ۾ هڪ حادثي يا اتفاق جي حيثيت ۾ به شمار ڪري سگهجي ٿو، ڇو ته هن ۾ سنڌ جي تاريخ جي اهڙن گوشن ۽ لڪل پهلوئن تي روشني وڌي وئي آهي، جيڪي تاريخ جي صحيح تعريف ۾ اچي وڃن ٿا.

مولف جئن ته خاص ڪري هڪ مغل حاڪم جي ظالماڻي طرز عمل کان بيزار ٿي هي ڪتاب لکيو آهي، ان ڪري ڪتاب ۾ هن اهڙا واقعا آڻي ڇڏيا آهن، جيڪي ملڪ جي اندروني، سياسي ۽ انتظامي صورتحال جي نقاب ڪشائي ڪن ٿا، انهن واقعن جي پڙهڻ سان ان دور جي سنڌ جون صحيح حالتون ۽ سنڌ تي مغل شاهيءَ وارو نقشو چٽيءَ ريت اکين اڳيان اچي وڃي ٿو.

مولف مغل حاڪمن ۽ جاگيردارن جا سڀ پار پتا پڌرا ڪري ڇڏيا آهن. سنڌ ۾ انهن جا ڪهڙا ذاتي مشغلا هئا ۽ ڪيتري حد تائين منجهن ملڪ داريءَ جي اهليت هئي، هو عقلمند هئا يا مورڳوئي بيوقوف، ظالم هئا يا نيڪدل، انهن سڀني معاملن کي ذري پرزي بيان ڪيو ويو آهي.

اهي سڀ سنڌ جي تاريخ جا اهڙا لڪل گوشا آهن، جيڪي ڪنهن به ٻئي ذريعي سان اسان جي علم ۾ نٿي اچي سگهيا. سياسي، انتظامي توڙي ملڪي واقعن کان علاوه هن ڪتاب سان اسان کي جغرافيائي ۽ اقتصادي حالتن بابت به تفصيلي احوال ملي ٿو، تنهن سان گڏ پوک جي نمونن، زمينن جي مختلف خصوصيتن، زمينداري ۽ جاگيرداري جي طريقن، فصل، بٽئي، ڍل، محصول، ماپ تور جي اصولن ۽ وزنن وغيره بابت پڻ نهايت ڪارآمد ڳالهيون معلوم ٿين ٿيون، جيڪي هن ۾ قلمبند ٿيل آهن. شهر، ڳوٺ، ڍنڍون، پهاڙ، ننڍا وڏا رستا، درياهه، گس، ۽ اچ وڃ جي وسيلن جا تفصيل به ڪتاب ۾ هر هنڌ موجود آهن.

سنڌ جا قبيلا ۽ انهن جي رهڻي ڪهڻي تي به مولف ڪافي ڪجهه لکيو آهي. هو اهو به ٻڌائي ٿو ته سنڌ جي ڪهڙن علائقن ۾ ڪهڙا قبيلا رهن ٿا، سندن گذر بسر ڪهڙو آهي ۽ هنن جون مشغوليون ڪهڙيون آهن، انهن مان ڪهڙا چڱا ۽ ڪهڙا اڍنگا آهن. غرض ته مولف اهڙي ڪابه ڳالهه نظرانداز نه ڪئي، جيڪا ذڪر لائق هجي. هن سڀني حالتن ۽ واقعن جو جزئيات جي حد تائين جائزو ورتو آهي، ايتري قدر جو روزمره جي معمولي ڳالهين کي به ڪتاب ۾ درج ڪري ڇڏيو اٿائين. ان ڪري هن ڪتاب طفيل اسان وٽ نه فقط تاريخي مواد جي فراهمي ٿي وئي آهي. بلڪ خود مولف بابت به اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هو ڪيڏو ذهين هو، جو ڪابه شئي سندس مشاهدي ۽ ذهني گرفت کان بچي نه سگهي.

پڙهندڙ جڏهن ڪتاب ختم ڪري ٿو ته کيس ائين ٿو محسوس ٿئي، ڄڻ ته هو پاڻ به مولف سان گڏ ان دور جي سنڌ جو سير ڪري رهيو آهي ۽ ڪتاب جا سمورا واقعا توڙي سموريون حالتون هن پنهنجي اکين سان ڏٺيون آهن.

خود مولف جي پنهنجي شخصيت ڪتاب ۾ ان بلند مناري جيئان اڀريل ۽ چٽي ڏسڻ ۾ اچي ٿي، جو راتين جي اونداهين ۾ ڀٽڪيل جهازن کي پنهنجي روشنيءَ سان سئين دڳ لائي ڇڏي ٿو. هن جو سڄو خاندان جيتوڻيڪ مغل حڪومت جو پاليل نپايل هو ۽ سنڌ سان پڻ انهي خاندان جو مستقل ۽ گهرو تعلق رهندو پئي آيو: ان ڪري انهي نسبت ۽ وطني رشتي جي آڌار تي جيڪي حق مولف تي عائد ٿيا پئي، تن کي هن هڪ محب وطن وانگي چڱي طرح ادا ڪيو آهي.

پنهنجي لکڻي ۾ هو بي قرار به آهي ته ڇرڪ به ڀرڻ لڳي ٿو ۽ روحاني اذيت به محسوس ڪري ٿو. هو جڏهن حڪومت جي نااهل ۽ ظالم ڪارندن طرفان پياري وطن ۽ ان جي رهاڪن تي ناحق ظلم ٿيندي ڏسي ٿو ته کيس هن سرزمين جي هر شئي سان دلي لاڳاپو ۽ اُنس پيدا ٿئي ٿو. هو هتان جي هر شئي کي پنهنجي شئي ڪري ٿو سمجهي. ان ڪري ڄڻ پنهنجي ذاتي ملڪيت کي تباهين ۽ٻين جي ناجائز تصرف کان بچائڻ لاءِ سينو تاڻي ميدان تي لهي ٿو پوي.

احمد بيگ جڏهن سيوهڻ مان ملتان بدلي ٿي وڃي ٿو ته هن کي ڏاڍو ڏک ٿو ٿئي اهو خيال لاهي ته هي ڪتاب شاهجهان بادشاهه جي حضور ۾ پيش ڪرڻو آهي، هندستان جي ملڪه جي سڳي سئوٽ ۽ مملڪت جي وزير جي ڀائٽئي بابت صاف لفظن ۾ لکي ٿو ڇڏي ته احمد بيگ کي بجاءِ هن جي ته پنهنجي اعمال جي ڪا سزا ڏني وڃي ها، کيس ملتان جهڙي زرخيز علائقي جي والي بڻايو يو، جيڪو سنڌ کان وڌيڪ ورسيل آهي!

سواي تغير اين ملڪ، اثري برو مترتب نگرديد

بلڪه اثر رحمت بظهور رسيد، ڪه از تغير

سيوهان صاحب صوبه ملتان شد ڪه جاي عمده است.

ان سان گڏ لکي ٿو ته سنڌ جو مظلوم پنهنجي دادرسي لاءِ ڪهڙي ريت شاهي درٻار تائين پهچي سگهي ٿو. جڏهن ته ملتان ان جي رستي ۾ ٿو اچي، جتي احمد بيگ جو حڪم ٿو هلي!، هو بادشاهه کي مخاطب ڪندي لکي ٿو ته

جيڪڏهن احمد بيگ جي عملن جي تحقيق ڪرائي وڃي ها ۽ شرعي حڪم موجب سندس ظلمن جو بدلو مظلومن طرفان ورتو وڃي ها ۽ جيڪي ناحق خون کانئس ٿيندا رهيا تن جو حساب پڻ شاهي عدالت ذريعي وٽانئس ڇڪايو وڃي ها، ته ڪو به جاگيردار هن کانپوءِ ملڪ جي ويرانيءَ تي آماده نه ٿئي ها، پر ٻين ملڪن جا جاگيردار پڻ ظلم کان پاسو ڪري، سهڻي نموني سنئين راهه هلڻ جي ڪن ها- ص -178.

هڪ موقعي تي جوش ۾ اچي لکي ٿو ته

ملڪ جي ٻيڙي ان ڪري سير تي آئي، جو هيءُ نامرادن ظالمن، ۽ بيڪسن جو ملڪ ٿي ويو!

يوسف ميرڪ جيتوڻيڪ بعض واقعا مصلحت جي ٻيڻن غلافن ۾ ويڙهي بيان هيٺ آندا آهن، ته به سندس دل جو ڌڙڪو ۽ هن جي ذهني اذيت صاف ظاهر ٿئي ٿي.

مظلوميت جي داستان کان علاوه هن ڪتاب ۾ سڀ کان اهم شئي سيوهڻ جي تاريخ آهي، ايتري حد تائين جو ايڏي تفصيل سان سيوهڻ جي تاريخ هن ڪتاب کانسواءِ ڪٿي به نٿي ملي.

ڪن تاريخن ۾ ٺٽي ۽ بکر جي حالتن يا انهن علائقن ۾ مغل دور جي حاڪمن جي فهرست ته موجود آهي، پر سيوهڻ جي جاگيردارن جا نالا صرف هن ڪتاب جي ذريعي اسان جي سامهون اچن ٿا، هيءَ اها ئي تاريخ آهي، جيڪا اسان کي ٻڌائي ٿي ته ارغون ۽ ترخاني عهد ۾ سنڌ اندر ڇهه راڄڌانيون هيون، يعني: بکر، سيوهڻ، نصرپور، چاچڪان، ٺٽو ۽ چاڪر هالا ۽ هر هڪ راڄڌانيءَ ۾ ڪيئي پرڳڻا پڻ ڄاڻايا ويا آهن.


(1)  مرزا ابوالحسن آصف خان.

(2)  ٻارهين ربيع الاول جي رات 1039هه. شاهجهان ابوالبقا جي بدلي جو فرمان جاري ڪيو. ”بادشاهه نامه“ ج 1- ص 287.

(1)  ربيع الثاني 1039هه جي پڇاڙي يا جمادي الاول جي وچ ڌاري يوسف ميرڪ ٺٽي پهتو هوندو.

(1)  ص 3 کان 5 تائين، جيئن ته ڪتاب جو پهريون حصو شايع نٿو ڪي وڃي، ان ڪري هيءَ سڄي عبارت هتي نقل ڪرڻ مناسب سمجهي ويئي.

(1)  ڏسو متن ص 5-58 ۽ 163.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org