اهڙو امين جيڪڏهن خود جاگيردار کي ڏسي ته هو دستور
کان وڌيڪ رعيت وٽان ڪا اڳاڙي ڪري ٿو ته کانئس جواب
طلب ڪري ۽ جي جاگيردار ڪو زور يا ظلم ڪري ته امين
اها ماجرا شاهي حضور تائين پهچائي ( 361-1) ۽
بادشاهه رعيت جو لحاظ ڪندي خزانچيءَ جي فيصلي کان
وڌيڪ ڏهوڻو ڏنڊ جاگيردار جي مٿان وجهي کيس اهڙي
سيکت ڏئي ڇڏي جو بيا ان مان عبرت حاصل ڪن، ان لاءِ
ته رعيت خود بادشاهه جي پهرين دولت ۽ خزاني برابر
آهي، جيئن اڳ بيان ڪيو ويو . هن باري ۾ جيڪڏهن
رعيت ۾ تفرقو پيدا ڪندڙ ڪي چغل جهلي، انهن جي ڪن
مهٽ ڪئي وڃي ته هيڪاري چڱو ٿئي. امين پنهنجي ڪم
کان سواءِ جيڪو مٿس رکيل آهي، ٻئي ڪنهن بنه ڪم
ڏانهن ڌيان نه ڏئي هو صرف پنهنجي ذميداري پوري
ڪندو اچي، ڇاڪان ته هڪ ماڻهوءَ کان ٻه ڪم ٿي نٿا
سگهن. جهڙيءَ طرح پهرئين حصي ۾ ڄاڻايو ويو آهي.
ملڪ جي هر پرڳڻي ۽ هر هڪ ڳوٺ جي آباديءَ جا انگ
اکر سال به سال شاهي دفتر ۾ پهچڻ کپن، جيئن شاهي
عملدارن کي (361-2) سڄيءَ حقيقت جي خبرچار پوندي
رهي.
ڪنهجن به قانونگو کي امين جي جاءِ تي مقرر نه ڪيو
وڃي، ان ڪري جو اهي پنهنجي گهٽ رتبي هئڻ ڪري
جاگيردار کي سندس ظلم ستم کان باز آڻي نٿا سگهن.
بلڪ هر انڌير ۾ ان سان شامل ٿي ٿا وڃن. امين به
اهڙو هجي جو پنهنجي عزت ۽ ديانت جو احساس رکي،
جيئن جاگيردار ان جي ڳالهه کي چڱيءَ طرح ڌيان ۾
آڻي.
لشڪر جي ڀلائيءَ بابت جنهن جي موجودگي هن ملڪ ۾
نهايت ضروري آهي، اڳتي هلي تفصيل پيش ڪيو ويندو،
پر ٿورن لفظن ۾ ٻڌائجي ٿو ته هتان جي جاگيردار
وٽان ايترا ماڻهو هٿ ڪري سرحدن تي ويهارڻ کپن،
جيئن رعيت وڳوڙين جي فساد کان امن ۾ رهي ۽ پنهنجي
پورهئي سان ڪم رکندي اچي. (362-1) ۽ رعيت کان جائز
ڍل ورتي وڃي. جيڪڏهن لشڪر جو حق جاگيردار پاڻ
تائين محدود رکڻ جي ڪوشش ڪري ته کيس اهو سمجهايو
وڃي ته هيءُ لشڪر شاهي ڪمن ڪارين ۾ ڪتب ايندو
رهندو، ۽ جاگيردار بادشاهه کان مٿي نه اهي.
جيڪڏهن هڪڙو جاگيردار ڪنهن هنڌان بدلي ٿئي ته
جيستائين ٻئي جاگيردار جو لشڪر ملڪ جي سرحدن تي
مقرر نه ٿئي تيستائين پهرئين جاگيردار جو لشڪر
اتان نه ڪڍيوپ وڃي.
اخبار نويسيءَ لاءِ به الڳ واقع نويس مقرر ڪيل هجي
جيئن اڳين صوبن جو دستور هو. هاڻوڪي رواج موجب،
اهو ڪم بخشي (مير منشي) کان به ورتو وڃي.
هن ملڪ جا بزرگ جيڪي دعاگن جو لشڪر آهن اڪثر
پريشان ۽ بي وقار پيا گذارين، اهي ٽن قسمن جا
ليکيا وڃن ٿا:
1-
اهل علم ۽ حافظ.
2-
منصبدار جيڪي قاضي، مفتي، صدر ۽ محتسب آهن
(362-2).
3-
سادات، مشائخ ۽ اصلي مغل، جيڪي دني کي ترڪ ڪري،
گوشي نشينيءَ ۾ رهي، شاهي خزاني مان ملندڙ ٿورڙيءَ
مدد تي گذارو ڪندا رهن ٿا. سندن گذر جو ٻيو ڪو بنه
وسيلو نه آهي ۽ انهيءَ تي قناعت ڪن ٿا.
اهي ٽنهي قسمن جا ڀلارا شخص اڪبر، جهانگير ۽ انهن
جي پوئين وٽ پيش ٿي معاشي مدد حاصل ڪندا ٿا اچن.
هي وڏيءَ محنت سان ٿوري ٻنيءَ مان پنهنجو پيٽ
پالين ٿا. هر سال ۾ هر فصل جي موقعي تي ڪڙمين کي
ايلاز ڪري، ٿوري گهڻي همراهيءَ سان، واهين وسيلي
پاڻيءَ جو بلو ڪري، زمين جو ٽڪرو پوکائين ٿا.
ايڏيءَ مٿا ڪٽ کان پوءِ به کين ٻنيءَ سان جيڪا
پيدائش ٿئي ٿي سا بلڪل نه هئڻ برابر آهي (363-1).
4-
وڏيرن جو طبقو آهي، جيڪي اربابيءَ ۽ مقدميءَ سابن
پڻ تعلق رکن ٿا. هي ماڻهو اڪبر توري جهانگير جي
حضور ۾ پيش نه ٿيا هئا، پر نوجهان بيگم جي دور ۾
پئسا ڏيئي پروانا خريد ڪيا هئائون. اهي جيئن ته
اصل ۾ زميندار آهن، تنهنڪري چڱن هنڌن تان ڀليون
زمينون هٿ ڪري انهن تي پوک ڪرائيندا ٿا اچن، رعيت
سندن محتاج رهي ٿي ۽ کيڙ کاٽيءَ ۾ انهن جي مدد کان
سواءِ ئي سندن ٻنيون آباد ڪري ٿي. انهيءَ ڪري
وڏيرن جون گهڻيون زمينون آباد ٿيون ٿين، جنهن لاءِ
هنن کي ڪا محنت نٿي ڪرڻي پوي. جيڪڏهن ملڪ جو ڪو
جاگيردار شدت سان ڪنهن معاملي جي جاچ ڪرڻ ٿو گهري،
خاص ڪري جنهن جاچ جو تعلق مٿي ڄاڻايل ڀلارين
شخصيتن جي ٻني ۽ ان جي پيداوار سا آهي، ته وڏيرا
جاگيردار جا کيسا ڀري سندس دل خوش ڪري سڀني بزرگن
جي روزيءَ ۾ اکيون ٿا وجهن. هنن ويچارن کي
انهنزيادتين کان بچڻ لاءِ ڪا به راهه نٿي سجهي
(363-2). تنهنڪري پنهنجي سڄي موڙِءَ کان سواءِ
وڌيڪ ڪتاب ۽ گهر جو سامان وڪڻي ڀري ٿا ڏين، تڏهن
به سندن جند ڪا نه ٿي ڇٽي. جاگيردار کين گهٽين ۽
بازارين ۾ ذليل ڪندا ٿا وتن.، جنهن ڪري هنن جا
هيڪاري بڇڙا حال ٿا ٿين ۽ سندن زمينون گهڻي ڀاڱي
ڏنڊ ۾ ٿهيون اچي وڃن. ٻئي پاسي وڏيرن کي ڪو به ڊپ
ڊاءُ ڪونهي.
وڏو قاضي جاگيردار سن ڪڇي نٿو سگهي، ڇو ته ان کي
ائين ڪرڻ سان پنهنجي روزيءَ ۾ ڪتر وجهني ٿي پوي.
انهن جڪو ڪو چاڙهو ڪرڻو آهي ته وڏي قاضيءَ جا هٿ
مضبوط ڪرڻ کپن جيڪو پوريءَ طرح جانچ ڪري هننکي
پنهنجا هق واپس ڏياري ( 364-1) جيئن سندن زمين جي
پيداوار سندن حوالي ٿئي. ٻيءَ صورت ۾ هنن لاءِ
اهڙو بندوبست ٿيڻ کپي جيئن جاگيردار مٿن ڪو بنه
ظلم ڪري نه سگهي ۽ هو بي فڪريءَ سان پنهنجو گذران
ڪري دعاگوئي ۽ ٻيون خدمتون سرانجام ڏيندا رهن،
جيڪي کين سونڇپيل آهن.
وڏي قاضيءَ ۽ بين قاضين لاءِ به اهرو انتظام ٿيل
هجي، جيئن هو قضا جي عهدي تي قائم رهي، عدالت ۾
ويهي، شرعي قانونن موجب ماڻهن جا فيصلا ڪندا رهن،
هنن ڀلارن کان ٻيو ڪو به ڪم نه ورتو وڃي نه وري هي
پان حڪومت جي ڪنهنه ڳالهه ۾ ڪو دخل ڏين. شاهي
درٻار طرفان جيڪي کين ملي ٿو ان تي اڪتفاڪن ۽ ڪنهن
به لالچ ۾ اچي جاگيردار جا محتاج نه بنجن (364-2).
فصل پنجون
سيوهڻ جي وڳوڙين جي سيکت،
۽ ان لاءِ گهربل فوج بابت
هن کان اڳ هتان جي پرڳڻن بابت مختصر احوال پيش ٿي
چڪو اهي، ۽ هر پرڳڻي جي ٽن گروهن جو بيان به اچي
ويو، جيڪي سدائين وڳوڙ ڪندا رهن ٿا.هاڻ انهن کي
سيکت ڏيئي، سڌارڻ جو تفصيل ڏجي ٿو، جنهن جي مهابي
هر پرڳڻو وري آباد ٿي سگهندو. هن فصل ۾ ٽيڪ رڪن
آهن:
الف: سميجن انڙن جي سيکت بابت جيڪي سڄن چئن پرڳڻن
کان علاوه ملڪ جي ٻين حصن ۾ به وڳوڙ ۽ فساد پيدا
ڪندا رهن ٿا-
1-
جوڻيجن وارو پرڳڻو.
2-
(365-1) خطي وارو پرڳڻو
3-
لاکاٽ وارو پرڳڻو
4-
سن وارو پرڳڻو
۽ ڪي ڳوٺ حويلي سيوهڻ واري پرڳڻي جا جيڪي درياهه
هُن ڀَرِڙ، انهن بدبختن جي تر ۾ آهن.
اهڙيءءَ طرح چار پرڳڻا بکر جا جن تي به مٿين
وڳوڙين جي ڌاڪ آهي:
1-
ماٿيلي وارو پرڳڻو
2-
اروڙ وارو پرڳڻو
3-
لڌي گاگن وارو پرڳڻو
4-
درٻيلي وارو پرڳڻو
ٺٽي پرڳڻي جي نصرپور واري راڄڌاني به سميجن هٿان
وييران ٿيل آهي. جسلمير جو راجا به انهن جي اچاٽن
کان عذاب ۾ آهي، کيس خشڪي توڙي درياهيرستن کان هنن
جي فتني فساد جو خطرو رهي ٿو. خذڪيءَ واري رستي جي
حفاظت لاءِ پنجن ڇهن سون سوارن جي ضرورت رهي ٿي.
ٻيءَ حالت ۾ سوداگر سلامتي نه هئڻ ڪري اتان اچڻ
کان ڳيٻائين ٿا. درياهي رستي جي به اها حالت آهي
جو سوداگر سيوهڻ واري گهٽ تائين پهچي (356-2) ڪي
ڏهاڙا اتي ترسي ٿا پون، جتي سڄو محصول سيوهڻ جي
جاگيردار ۽ چوڪيدارن کيڀري ٿا ڏين. اتان چوڪي ساڻ
ڪري سن جي تڙ تائين اچن ٿا. جتي وري محصول ڀري، ٻي
چوڪي ساڻ ڪري هالا ڪنڊيءَ تائين ٿا پنچن. ايڏي
احتياط هوندي به اڪثر ٻيڙيون تاراج ٿين ٿيون۽
سوداگرن جو قتل ٿي وڃي ٿو.
اهڙيءَ حالت ۾ سرڪاري فوجن تي لازم آهي ته هو انهن
بدبختن سان چڱيءَ طرح منهن ڏين. هن تدبير سان جيئن
ترخانن جي زماني کان وٺي شمشير خان جي عملداريءَ
تائين اهو دستور هلندو پئي آيو ته ڪيئي رعيتي
ماڻهو سميجن انڙن جي ڳوٺن م يا انهن جي آسپاس
ويهاريل هئا، جيڪي وقت اچڻ تي سرڪار جو ساٿ ڏيندا
ٿي رهيا. انهن مان سميجن جا دنگئي لاکا خاص ڪري
ساراهڻ جوڳا آهن. (366-1) جيڪي سميجن کي سيکت ڏيڻ
۾ اڳرا رهندا آهن. جڏهن به سميجن ڪا هوڙيائي ٿي
ڏيکاري ته راڄ ڀاڳ سان گڏ مقامي وڏيرن به انهن تي
پئي ڪاهون ڪيون، جن مان چڱا نتيجا ٿي نڪتان اهن
ڪاهن ۾ ڪيترا سميجا قتل تي ڪيئي قيد ٿي پئي ويا ۽
سندن ملڪيتون تاراج پئي ٿيون.
انهن هنڌن تي ڪيئي ٿاڻا پڻ قائمن ڪيل هئا، جن ۾
فوج کي ٿانيڪو ڪيو ٿي ويو. تنهن زماني ۾ لاکاٽ
توڙي خطي وار اپرڳڻا آباد رهندا ٿي آيا، جيڪي
سميجن بدبختن جي پسگردائيءَ ۾ هئا. انهن ڪاررواين
جي ڪري سميجا انڙ پوريءَ ريت اُڀري نه ٿي سگهيا.
هي پنهنجي جند ڇڏائڻ لاءِ لاکاٽ پرڳڻي جو پاسو
وٺندا ٿي رهيا. سندن مرضي هئي ته انهيءَ پاسي وارا
کانئن ڪا به ڍل نه وٺن. ان پاسي جو جاگيردار هنن
کان ٿوري ڍل وٺندو ٿي آيو ۽ جڏهن به (366-2) هنن
ڪا اڙانگوڙي ٿي ڪئي ته اهو جاگيردار مٿن ڪاهي ٿي
آيو ۽ کانئن پنهنجو انتقام ٿي ورتائين.
شمشير خان کان پوءِ ڪنهن به جاگيردار هنن رهزنن
سان هٿ نه اٽڪايو، پر هڪ دفعي محمد علي بيگ
بندريءَ بکر مان اچي، شير خواجه جي ماڻهن سان
گڏجي، مٿن ڪاهي کين چڱي متِ ڏيئي ڇڏي هئي، پوءِ
سندن ماڻهو قيد ڪري سبيءَ جي پٺاڻن وٽ وڪيا
هئائين. هنن لي لٺِ سردار بودلي کي به ٻڌي بکر
گهلي آيو هو. انهيءَ تعديءَ کان پوءِ ٻن ٽن سالن
تائين هنن جا ڍڍر ڍرا ٿي ويا. وري ڪا ڦڏائي نه
ڪيائون، جيئن اڳ بيان ڪيو ويو آهي.
محمد علي بيگ کان پوءِ سميجن وري زور وٺڻ شروع
ڪيو. ٻئي پاسي رعيت به وڏيرن جي ظلم ستم کان زبون
ٿيڻ لڳي. ڇاڪاڻ ته جنهبن به (367-1) جاگيردار، شير
خواجه کان پوءِ هن ملڪ جي واڳ ورتي ته لاکاٽ واري
پرڳڻي جي آمدنيءَ مان سميجن جي ڳوٺن ۾ قائم ڪيل
ٿاڻن جي خرچ جو پورائو ڪرڻ لڳو، پر کانئس اهو نه
ٿي سگهيو ته سميجن تي ڪا چڙهائي ڪري، ۽ نه وري
ٿاڻن جي ڪا سار سنڀال لڌائين. انهيءَ عرصي ۾
سميجن، خطي ۽ لاکاٽ پرڳڻي جي ستياناس ڪري ڇڏي ۽
پڇاڙيءَ انهن تي ڌاڪو ڄمائي ويٺا.
هنن پهرينءَ سَٽ ۾ چانڊين ٻروچن کي قتل ڪري ڇڏيو.
باقي جيڪي مسڪين وڃي بچيا، تن ٻي واهه نه ڏسي سندن
آڻ مڃي. اڳتي وڌي حويلي سيوهڻ ۽ جوڻيجن جي پرڳڻن
جا ڪيترا ڳوٺ ناس ڪري ڇڏيائون. جڏهن رعيت پوريءَ
طرح هنن جي آئيءَ ۾ اچي وئي ته ڀر پاسي جي وڏيرن
مٽي مائٽيءَ يا دوستي ياريءَ جي حيلي بهاني
دورانديشيءَ کان ڪم وٺي ساڻن ناتا وڃي جوڙيا، جيڪي
اڃا سوڌا هلندا پيا اچن.
جيڪڏهن چانڊين ۽ سميجن جي اڳو پوءِ پاڙ پٽڻي آهي
ته (367-2) هڪ سمجهدار ۽ اثر رسوخ واري ماڻهوءَ کي
پنهنجي پاسي ڪري، کيس ڳاهن ۽ جوڻيجن واري آباد
علائقي سان گڏ خطي ۽ لاکاٽ پرڳڻي جون غير آباد
ايراضيون به جاگير ۾ ڏيئي، مٿس اهو ڪم رکيو وڃي ته
هو انهن ٻنهي قومن سان پوريءَ طرح پڄي اچي ۽ هو
کانئس ڪا به منهن موڙ ڪن ته انهن کي ٻن طريقن سان
ٺيڪ ڪري سگهي.
1-
شاهي فوجن کي حڪم ڏنو وڃي ته چئن ئي پاسن کان هنن
بدبختن تي گهيرو ڪري وڃن. سرڪاري وصولي ڪندڙ بي
ڊپا ماڻهو بکر واري جاگيردار جا سپاهي ساڻ ڪري
درٻيلي پرڳڻي جي ڳوٺ ”گڙنگ“ ۾ اچي پڙاءُ وجهن.
هوڏانهن ٺٽي مان سپاهه گهرائي هالا ڪنڊي جي پرڳڻي
واري ڳوٺ ”ابڙيجن“ ۾ ٿمائي (368-1) جيسلمير جي
راجا کي تاڪيد ڪيو وڃي ته هڪدم پنهبنجا ماڻهو وٺي
اچي هنن فسادين جي انهن ٿاڪن ۾ بيهاري ڇڏي، جيڪي
جيسلمير جي ڀٽن ۾ کين ڀاڄڙ دوران ڪم اچن ٿا.
اهڙيءَ طرح سيوهڻ جي جاگيردار تي اهو ڪم رکجي ته
هو پنهنجي سپاهه کي خطي پرڳڻي جي ڳوٺ ڪاڪي ۾
جائيتو ڪري، جيئن چئن ئي پاسن کان هنن رهزنن کي ان
جو داڻو به نصيب نه ٿئي ۽ سندن راهون اهڙيءَ ريت
رد ٿي وڃن جو پنهنجا ڍور ڍڳا توڙي ٻار ڪڍي نه
سگهن.
2-
جن به وڏيرن هنن هنگامن ۾ انهن جو پاسو وٺي ساڻن
رشتا ناتا قائم ڪيا آهن، تن کي کانئن الڳ ڪيو وڃي.
ان لاءِ هر هنڌ پڙهو ڏياري ماڻهن کي چتاءُ ڏجي ته
جنهن به ڳوٺ
يا گهر ۾ سميجا انڙ پناهي وهوندا يا سندن مال،
عيال ۽ ٻيو سامان ڪنهن وٽ به موجود هوندو ته خبر
پوڻ شرط ان ڳوٺاڻي يا گهر جي مالڪ کي به انهن
رهزنن وانگي ڦاهيءَ چاڙهي سندس مال اسباب ضبط ڪيو
ويندو (368-2). هن باري ۾ ڪنهن به ماڻهوءَ جو لحاظ
نه رکڻو پوندو.
انهي ڏهڪاءَ وسيلي سنڌ جا وڏيرا سرڪاري دٻاءَ ۾
اچي ذڪر ڪيل رهزنن سان اهي رشتا ٽوڙي ڇڏيندا، جيڪي
هن کان اڳ ساڻن ڳنڍي چڪا هئا ۽ پوءِ اڳ وانگي کين
اک ۾ رکي سندن بڇڙاين جو کتو جواب ڏيڻ لڳندا.
جيڪڏهن هڪ هزار بهادر سوار ڀلن گهوڙن ۽ پنج سئو
پاڻيءَ ڀريل اٺن سان سميجن تي چاڙهي موڪليا وڃن ته
هي نامراد منجهي مردن ۽ کين پتو پئجي وڃي ته
بدمعاشي جي سزا ڪهڙي ٿيندي آهي. پنج ڇهه هزار پاڻ،
سندن زالون ۽ ٻار ڪيل ويهن هزارن تائين ٿيندا، آخر
ڪيڏانهن ڀڄي سگهندا؟ ليڪن شرط هي آهي ته سندن
واهون بند ڪيون وڃن، ان کانسواءِ کين لڪڻ لاءِ به
ڪا جاءِ ڪانهي، جو گهڻو ڪري پوک ۽ پاڻي وارن هنڌن
تي رهن ٿا، جنهن ڪري هر هنڌ آساني سان هٿ اچي ٿا
سگهن. شاهي لشڪر جڏهن به مٿن ڪڙڪيو ته 369-1) هي
ٻارين ٻچين موت جي منهن ۾ اچي ويندا. ڪيترن کي قيد
به ڪري سگهجي ٿو. سندن مال مڏي تاراج ٿيڻ کانپوءِ
جيڪي ڇڙوڇڙ ٿين، تن کي چئن ئي پاسن کان فوجي گهيري
۾ آڻي، ٻڌي قابو ڪيو وڃي. اڃا به هيڪڙ ٻيڪڙ ڪو
هٿان نڪري ويو ته آخر ڪڏهن نه ڪڏهن ڦاسندو. گهڻو
ڪري رهيا کهيا ماڻهو هٿيار ڦٽا ڪري رعيتي راڄ ٿيڻ
قبول ڪندا آهن. ايڏي وڏي سوڀ حاصل ٿيڻ ۽ وڳوڙين جي
پاڙ پٽڻ کان پوءِ اهو سڄو علائقو انهن رعيتي ماڻهن
جي حوالي ڪيو وڃي، جنهن تي اهي ڌاڙيل هاڻي ڌاڪ
ڄمايو ويٺا آهن.
هنن بدبختن جا جيڪي علائقا سهتن واري پاسي ڏانهن
آهن، اهي درٻيلي واري پرڳڻي ۾ شامل ڪري سهتن کي
ڏنا وڃن. مٿن واجبي ڍل وجهڻ کپي، جيئن ٻيا هنڌ به
(369-2) چڱي طرح آباد ڪري اهي اتي رهن. سهتن کي
ستوهه ڪيو وڃي ته گڙنگ وارو قلعو (جنهن کي سميجن
ڦٽائي ڇڏيو هو) نئين سر آباد ڪري، اتي وڃي ويهن.
بکر جي علائقي ۾ ريف جو فصل ڏاڍو ڀلو ٿئي ٿو، جڏهن
خريف جو وقت ويجهو ايندو آهي ته سهتا انهي گڙنگ
واري قلعي ۾ وڃي ويهندا آهن، ان جي اوسي پاسي هرڪو
پوکيءَ راهي جو ڌنڌو ڪندو رهي ٿو. هتي سو سوار ۽
پنجاهه توبچي بکر مان گهرائي ويهارڻ کپن، جيئن
سميجن جو هيءُ علائقو سهتا آباد ڪندا رهن.
ڪونريجن ۽ پنوهرن جي پاسي به سميجن جون جيڪي
زمينون آهن، اهي جوڻيجن جي پرڳڻي ۾ داخل ڪري، مٿين
ٻنهي قومن کي ورهائي ڏجن پر انهن تي به واجبي ڍل
وجهڻي پوندي، انهي احسان عيوض ماڻهو دل لائي ٻنيون
آباد ڪندا. گچيري ۾ به هڪڙو قلعو قائم ڪري (370-1)
ان ۾ سو سوار ۽ پنجاهه توبچي رکيا وڃن، جتي سيوهڻ
جي جاگيردار پاران ٿاڻو هئڻ گهرجي.
خطي واري پرڳڻي ۾ به هنن چورٽن جو جيڪو علائقو
آهي، سو انهي پرڳڻي جي رعيتي ماڻهن هالي پوٽن جي
حوالي ڪيو وڃي ۽ ڪاڪي واري قلعي ۾ پنجاهه سوارن
سان گڏ پنجويهه توبچي مقرر ڪرڻ کپن، جيڪي پڻ سيوهڻ
جي جاگيردار پاران هجن، جيئن اهو پرڳڻو اڳ وانگي
آباد ۽ سرسبز ٿي پوي.
لاکن جي پاسي به جيڪي سميجن جون دهون آهن، سي لاکن
کي ڏياريون وڃن. هنن کي پنهنجي اڳوڻي ملڪيت سان گڏ
جڏهن سميجن انڙن جون ٻنيون به ملنديون ته هي وڌيڪ
ٿورائتا ٿيندا. اهي ماڻهو سميجن انڙن جا اصل کان
ويري آهن، هي طاقت ۾ آيا ته سميجن جي ڄڙهه نڪري
ويندي. انهي انهي پاسي وينجهڙي واري قلعي جي مرمت
ڪرائي (370-2) ان ۾ سيوهڻ جي جاگيردار جا توبچي ۽
سوار رکيا وڃن، ته جيئن لاکا بي اونا ٿي پوکي
راهيءَ ۾ رڌل رهن.
نصرپور جي راڄڌاني واري پرڳڻي هالا ڪنڊي ۾ به
سميجن جون زمينون پيل آهن، جيڪي پڻ هالا قوم جي
حوالي ڪجن، اهي ٻنيون هالاڪنڊي جي پرڳڻي ۾ شامل
ڪرڻيون پونديون.
هالا ڪنڊيءَ وارو ٿاڻو هميشه ٺٽي جي صوبه دار جي
واسطيداري سان سميجن جي فساد ٽارڻ لاءِ قائم ٿيندو
آيو آهي، اهو ٿاڻو وري ٻه سئو سوارن ۽ هڪ سئو
توبچين سان ساڳئي پرڳڻي جي ابڙيجن واري قلعي ۾
قائم ڪرڻ گهرجي. (اهو قلعو مولف جي ڀاءُ مير
ابوالبقا جو ٺهرايل هو).
انهن ٿاڻن جي ماڻهن جو تعداد ساڍن ڇهن سون سوارن ۽
سوا ٽي سو توبچين تائين ٿيندو، جن مان هڪ سو سوار
۽ پنجاهه توبچي بکر جي حاڪم کان ٻه سو سوار ۽ هڪ
سو توبچي ٺٽي جي حاڪم وٽان (371-1)، باقي سوار ۽
توبچي سيوهڻ جي جاگير کان طلب ڪيا وڃن.
لاکا؛ٽ جي پرڳڻي کي جيڪڏهن انهي انتظام موجب
سڌاريو ويو ته هڪڙي مان پنج پرڳڻا ٿي پويندا. هتان
جي ٿاڻن ۽ لاڳيتا چار سال ماڻهو مقرر ٿيل هجن.
پڇاڙي ۾ هڪ ٿاڻُ وينجهڙي ۾ قائم رکڻ کپي، جنهن
لاءِ گهربل سوار ۽ توبچي سيوهڻ جي جاگيردار کان
ورتا وڃن، اهو ٿاڻو دائمي طور هجي.
2- سيوهڻ جي جاگيردار کي کپي ته هو ٺٽي، بکر ۽
جيسلمير جي فوجن کانسواءِ پنهنجي سر هنن رهزنن سان
منهن ڏيڻ جي ڳڻ ڪري. اهو هيئن ته هتي ڪنهن اهڙي
ماڻهوءَ کي آندو وڃي، جيڪو سرجوش، سپاهه دوست،
رعيت پرور، ظلم کان پري رهندڙ ۽ سڄاڻ هجي. اهو ئي
ماڻهو جاگير لائق ٿي سگهي ٿو، جيڪو هتي اچي ٻه
شيون پنهنجي قبضي ڪري يعني رعيت جون دليون ۽ لشڪر
-! (371-2)
انهن جي طاقت سان ئي وڳوڙين سان وپري پئجي اچڻ ۽
ملڪ کي آباد ڪرڻ جون تدبيرون ڪارگر ٿي سگهنديون.
رعيت جي دل وٺڻ لاءِ هر پرڳني جو الڳ سڌارو ڪرڻو
پوندو، جيڪي اٺ پرڳڻا قلعي جي هن پاسي ۽ درياههجي
اورين ڀر تي آهن، هي سڌارو انهن سان لاڳاپو رکي
ٿو.
انهن مان هڪ باغبانن وارو پرڳڻو آهي، ان جو سڌارو
هيئن تٿي سگهي ٿو ته سيوهڻ جي راڄڌاني ۾ ڦلجيءَ ۾
تعمير ڪرايل سلطان محمد برنڪاني ارغون واري قلعي
کي نئين سر محڪم ڪري ان ۾ ڪارائتن سوارن ۽ توبچين
جو ٿاڻو قائم ڪرڻ ۾ اچي، ڇا لاءِ ته سميجن جون
چارئي طاقتور قومون هن ئي پرڳڻي ۾ رهن ٿيون، جيڪي
هي آهن:
1-
ٻگهين جي قوم.
2-
جوڻيجن جي قوم.
3-
پرين جي قوم.
اهي ٽيئي قومون (372-1) ڍل ڀرينديون رهن ٿيون ۽
منجهن ڪابه اڙانگوڙي ڪانهي.
4-
ٿيٻن جي قوم.
هي ڏاڍي ڦڏئي ۽ چورٽ قسم جي قوم آهي ۽ سدائين و
ڳوڙ پيدا ڪندي رهي ٿي.
جيڪڏهن جاگيردار وٽ سگهارو لشڪر آهي ته فصل جو
موقعو تاڙي ٿيٻن تي چڙهي وڃي ٿو ته هو وصولي طور
ڪجهه نه ڪجهه ڏين ٿا، نه ته تريون ئي ٽي ٿا هڻن
ڇڏين.
هتي بدبخت ۽ بي گُرا چانڊيا بهرهن ٿا، جن جو اڳ ۾
به احوال اچي چڪو آهي. هن پاسي ٿاڻن قائم ڪرڻ شرط
چانڊين ۽ ٿيٻن تي اهڙي ڪرڙي نظر رکڻ کپي جيئن ٻنهي
جو ساهه مٺ ۾ اچي وڃي ۽ ڪابه هوڙهيائي ڪري نه
سگهن. رعيت کي به دلداري ڏيئي اڳئين دستور موجب
هلايو وڃي ۽ وٽانئس جيڪا وصولي ٿيندي رهي ٿي اهائي
بحال رکڻ گهرجي. انهي دستور جي هيءَ نوعيت هئي ته
هتي ايرئي جو رواج هو ليڪن ٻين هنڌن تي اها ريت
ڪانه هئي (372-2). اتي اهو ٻن ويسن جي حساب سان
رکيل هو ۽ هن پرڳڻي ۾ ٽن ويسن جي حساب سان هو.
اناج جي اگهه مطابق به رپئي تي پاولي في جريب
گهٽائي ٿيندي هئي. پاڻي جون واهيون جيڪي اڳئين
زماني کان وهدنديون اچن ٿيون، تن کي به نئين سر
ٺاهي وري وهايو وڃي، جيئن ڇڙوڇڙ ٿيل رعيت آبادي جي
آسري وري اچي اهن پرڳڻي ۾ پنهنجا اجها اڏي ويهي،
ائين هوريان ڏاڍيان سڄي پرڳڻي ۾ وري وسندي ٿي
ويندي.
ڪاڇي واريون زمينون جيڪي مها ڍنڍ ۽ ماروي واهه جي
اوسي پاسي ۾ آهن، جن ۾ گنجابي ۽ سبيءَ کان پاڻي
وهي اچي ٿو تن کي پڻ آباد ڪرڻ کپي، جيئن هڪڙو
پرڳڻو چئن پرڳڻن جيڏي اپت وارو ٿي پوي. باغبانن جو
ڳوٺ سيوهڻ جي قلعي کان ٻاويهن ميلن تي آهي، جنهن
جي سڌاري بابت اڳ ئي ڪي ڳالهيون پيش ڪيون ويون
آهن.
ٻيو پرڳڻو نيرون جي قلعي وارو آهي، هن جي سڌاري
لاءِ بهتر ائين ٿيندو ته انهي قلعي ۾ ويهه سوار ۽
ڏهه توبچي ويهاريا وڃن، رعيت سان به اهي رعايتون
روا رکيون وڃن (373-1) جيڪي بختيار بيگ جي عملداري
کان وٺي شمشير خان جي ايامڪاري تائين معافي جي
صورت ۾ کين مليل هيون. اها رعايت هن نموني جي هئي
ته ارباب بهاءَ الدين پنوهر جي پوک مان کيس ٽيون
حصو معاف هو، جنهن موجب پوک جي ٽن حصن مان ٻه حصا
ان کي ڏنا ٿي ويا. ٻيو طريقو آهي نون حصن مان پنج
حصا رعيت جا ۽ چار حصا حاڪم جا ليکيا وڃن، بلڪ ان
۾ به وڌيڪ ڪمي آڻڻ کپي، جيئن رعيت جٽاءُ ڪري سگهي،
ڇا لاءِ ته اهوعلائقو ڏاڍو ڏکيو آهي، جتي جابلو
ماڻهن جو گهڻو زور رهي ٿو، ان ڪري ئي هتي ويراني
وڌيڪ آهي. هي ڳوٺ سيوهڻ جي قلعي کان پنجويهن ڪوهن
جي فاصلي تي ٿيندو.
ٽيون ڳالهن وارو پرڳڻو آهي ۽ چوٿون پرڳڻو بوبڪن جو
آهي: ٻنهي پرڳڻن جو سڌارو هيئن ٿي سگهي ٿو ته هنن
پرڳڻن جا ڪي ڳوٺ اهڙا آهن جن جون زمينون درياهه جي
ريج تي آباد ٿين ٿيون. اهي ڳوٺ اڄ به آباد رهن ٿا.
هنن ڳوٺن جي آبادي لاءِ به معافي جو سلسلو جاري
رکڻو پوندو، جنهن ۾ ڪابه گهٽ وڌائي نه ٿيڻ کپي
اميد آهي ته ائين ڪرڻ سان آب ادي ۾ ڏهوڻ واڌارو
ٿيندو.
ٻيا ڪي ڳوٺ ڪاڇي جا آهن، جن جون زمينون جبل جي
هيٺاهينءَ تي مينهوڳي جي مند ۾ آباد ٿين ٿيون. هتي
خريف جوار، تر ۽ ربيع ۾ سرنهن جي ڀلي پوک ٿيندي
آهي. اهي ڳوٺ شمشير خان جي عملداري کان پوءِ بلڪل
ويران رهندا اچن ٿا، ڇا لاءِ ته اهي مڙيئي جابلو
لڪن جي سخت هنڌن تي آهن، هتي سدائين جابلو قومن،
چڇانڊين ۽ نومڙين جو خطرو رهي ٿو، جن جو احوال مٿي
ڏنو ويو آهي، انهن هنڌن تي جيستائين پورو فوجي
انتظام نه هوندو، تيستائين ماڻهو پوکي راهي نه ڪري
سگهندا (374-1)
شمشير خان اوزبڪ جي ايامڪاري ۾ هتان جي رعيت جي دل
ٻڌل هئي، ڇو ته هتي پنوهرن ۽ ٻين قومن مان هزار
سوار ۽ چار پنج هزار پيادا ڳاهن واري پرڳڻي مان
گهرائي سگهبا هئا. ساڳي طرح بوبڪن واري پرڳڻي مان
به ٻه ٽي سئو سوار ۽ ٻه ٽي هزار پيادا مقرر ٿيل
هئا، تنهن کانسواءِ رعيت کي به جاگيردار پاران
معافي ۽ ٻي رعايت مليل هئي، اهو جاگيردار پاڻ به
پوري اٽالي سان سيوهڻ ۾ رهندو ٿي آيو. هن پرڳڻي جا
سڀئي رعيتي ماڻهو آبڪلاڻي جي موسم ۾ پنهنجا ڳوٺ
ڇڏي ٻارن ٻچن سميت وڃي جبل جي پاسي اجها اڏي ويهي
رهندا هئا، جتي پوک سان گڏ کين مال جي چاري جي به
سهولت هوندي هئي. حاڪم جي پاران جبل جي پاسي جاسوس
مقرر ٿيل هئا، ان لاءِ ته جيڪڏهن انهي طرف کان
ڪنهن وڏي لشڪر جي ڪاهه جي ٻاٻور پئجي وڃي ته
(374-2) ماڻهو پنهنجا ٻار ٻچا ۽ ڍور ڍڳا اصلي ڳوٺن
ڏانهن اماڻي، مهاڏي لاءِ تيار ٿي وڃن. پر جي لشڪر
ٿورو هجي ته جبل جي لڪن ۾ قائم ڪيل چوڪين کي چتاءُ
ڏنو ٿو ويو، جيئن اهو لشڪر ڪنهن به وقت وجهه وٺي
ماڻهن تي چڙهائي نه ڪري سگهي. ڪاڇي وارا ڳوٺ انهي
انتظام جي ڪري ئي آباد پئي ٿيا ۽ جاگيردار کي
ماڻهو وصوليون ڏيندا ٿي رهيا، اها جرائتمند رعيت
سميجن بدبختن جي جنگ دوران به چڱو ڪم ڏيندي پئي
رهي، جنهن جو ذڪر هن کان اڳ ڪيل آهي. شمشير خان جي
عملداري کانپوءِ ڪن جاگيردارن پاران هتان جي رعيت
تي زوري ڍل مڙهي وئي، جنهن ڪري ٻنهي فصلن تي ڀن
ڀري 0يڻ کانپوءِ بهماڻهن جو مٿو گار هو. سولاچار
ٿي زمينون وڪڻي ڇڏيائون ۽ سندن حال زبون ٿيندا ويا
(375-1). انهي زبوني ۽ بيوسي جي عالم ۾ جابلو
ماڻهن جي راتاهن جو وارو وريو، ڪيترا رعيتي شهيد
ٿي ويا ۽ سندن ڍور ڍڳا ڌاڙ ۾ ويندا رهيا، اڃا
تائين بي پهچ رعيت ۾ اها سگهه ڪانهي جو پنهنجا
ماڻهو ميڙي وڃي اتي ٿانيڪا ٿين ۽ پوکي راهي سان
لڳن.
اهي ڳوٺ تڏهن آباد ٿي سگهندا، جڏهن کين پوک ۾
معافي ۽ بٽئي ۾ رعايت ڏني ويندي، جيئن بختيار بيگ،
مير ابوالقاسم ۽ شمشير خان جي ايامڪاري ۾ اهڙو
رواج هو. اها ريت هن طرح دهرائي سگهجي ٿي ته مرحُم
مخدوم جعفر بوبڪائي جي اولاد جي پوک چئن حصن
۾ورهائي ان مان ٽي حصا مخدوم جي اولاد کي ڏنا وڃن
۽ هڪ حصو حاڪم کڻي. اهڙي طرح ارباب بها الدين واري
پوک مان ٽيون حصو ڪڍي باقي رعيت جي بلي ڪجي
(375-2). ۽ نون حصن واري ورهاست مان پڻ پنج حصا
رعيت کي، چار حصا حاڪم کي ملڻ کپن: اڃا به ان ۾
ڪتر وڌي وڃي، ڇاڪاڻ ته اڳ رعيت ۾ ساهه هو ۽ هاڻ
منجهس ڪو به ست ڪونهي.
سنڌ جي والي ڄام نندي (نظام الدين) جي زماني ۾
چاڳلي نالي هندو وزي رکي ڄام نظام جي پٽيلي دريا
خان سان گڏي سيوهڻ موڪليو ويو هو، جنهن هتي اچي
باراني پاڻي تي وهندڙ ساوه (ساوي) واري واهه کي
وهايو هو، جنهن جو پاڻي منڇر ۾ اچي گڏ پئي ٿيو.
انهي ڍنڍ جي اترئين پاسي ڳاهن واري رعيت پوک ڪبندي
ٿي آئي، ان جي ڏاکڻين پاسي بوبڪن جي ماڻهن گچ ۽
ماڻهن جي ٻوري جي ملاوت سان پڪو بند ٻڌي، ڪاڇي جي
زمينن ۾ پاڻي ئي پڄايو، جنهن ڪر اتي جام آبادي
ٿيندي پئي رهي (376-1).
مولف (يوسف ميرڪ) کي نصيرالدين محمد ولد مرحوم
مخدوم جعفر بوبڪائي واتان معلوم ٿيو ته اهو بند ٻه
ٽي ڏينهن مضَبوط رهيو پر ڪنهن درويش جي پاراتي سبب
منجهس کاهه پئجي وئي.
انهي ڪاڇي واري پوک تي ڏهون حصو ڍل وڌل هئي، جنهن
مان نو حصا رعيت کي ۽ ڏهون حصو سرڪار کي ٿي مليو،
تڏهن بهڄام نندي کي هڪ لک خرار وصول پئي ٿيا.
اهو بند (جيڪو ڪنهن درويش پنهنجي ڪرامت سان ڀڃي
ڇڏيو هو) ٻيهر ٻه ٽي هزار خرچ ڪري مضبوط ٻڌايو وڃي
۽ مٿس قلعواڏائي ان ۾ ٻن سون سوارن سان گڏ هڪ سو
توبچي ويهارڻ کپن، جيڪي بند جي نظرداري ڪري رعيت
جي استقامت جو خيال رکندا اچن.
ٻئي پاسي قاسم باريجي ۽ نوحاڻي ٻروچن جا ڳوٺ جيڪي
بوبڪن واري پرڳڻي اندر جبل ۾ آهن. ۽ (376-2) شمشير
خان کانپوءِ نڌڻڪا رهندا ٿا اچن، تن جي بهڪا
پرگهور لهڻ کپي.
هتي هڪ چشمو آهي، جنهن جو پاڻي جبل مان اچي ڪوٽلي
ڳوٺ اورانگهي ڪلراٺين زمينن ۾ پئجي ضايع ٿو ٿئي
وڃي. اهو چشمو گچ ۽ ٻانهن جي ٻوري سان ٻڌي ان جو
پاڻي ڪاڇي وارين ٻنين ۾ ڪتب آندو وڃي. پوءِ الاهي
قدرت جا ڪرشما ڏسجن ته ڪيئن ٿي انهي ڳوٺ مان
پيداوار حاصل ٿئي! يقين سان چئي سگهجي ٿو ته هرڳوٺ
هڪ پرڳڻي سان ڪلهو هڻڻ لڳندو.
ڪاڇي جا ڳوٺ جيڪي هن پرڳڻي مان ليکيا وڃن ٿا، ڪل
ٽي آهن: انهن مان هڪ اوٿل وارو ڳوٺ آهي، جيڪو
بوبڪن جي پرڳڻي ۾ اچي ٿو. هي ڳوٺ ڇهن طرفن ۾
ورهايل آهي:
1-
ڊُمڪ
2-
آنڪي
3-
ساڌر
4-
تابڪ
5-
ڪوراڻو
6-
اڳناڙي.
ٻيو: اراڙي جو ڳوٺ ۽
ٽيون: کروتي وارو ڳوٺ آهي، انهن ٻنهي ڳوٺن جو تعلق
(377-1) ڳاهن واري پرڳڻي سان آهي.
اوٿل ۽ اراڙي وارا ڳوٺ سيوهڻ کان سورهن ڪوهه پري
آهن، اوٿل وڏي جبل کان اٺن ڪوهن تي ۽ اراڙي يارهن
ڪوهن تي آهي، کروتي سيوهڻ کان ويهه ڪوهه پرتي ۽جبل
کانڇهن ڪوهن جي وٿي تي ٿيندي. ڳاهن جيو ڳوٺ سيوهڻ
کان تيرهن ڪوهه پري آهي ۽ بوبڪن جو ڳوٺ سيوهڻ کان
پنج ڪوهه ٿيندو.
پنجون پاٽ وارو پرڳڻو آهي، هتي ڪو بهفوجي انتظام
ڪونهي. رعيت جي ڀلائي لاءِ معافي جو دسوتر لازمي
ٿيندو. جيئن اڳ هو، انهي مان آبادي ۾ اضافو ٿيندو.
پاٽ جو شهر سيوهڻ کان ٽيهه ڪوهه پري آهي.
ڇهون نيرون وارو پرڳڻو آهي، جيڪو سيوهڻ کان هڪ
ڪوهه جي فاصلي تي ٿيندو. هن جي چوڌاري ڳاهن، بوبڪن
۽حويلي سيوهڻ جا ڳوٺ اچي وڃن ٿا (377-2). هتي
رهندڙ مهاڻن کي ٺيڪا ڏنا ويندا آهن، جن تان محصول
اڳاڙيو وڃي ٿو. هن هنڌ فوجي انتظام جي گهرج ناهي،
ڇو ته هتي ڪا خاص آبادي نٿي ٿئي، نهوري هيت ڪا
اهڙي ايراضي آهي جا پوکي راهي جي ڪم اچي.
ستون پرڳڻو سيوهڻ جي حويلي وارو آهي. هن ۾ پندر4هن
ڳوٺ آهن، جن مان ڏهه درياهه جي هن ڀر قلعي جي پاسي
آهن، انهن مان وري اٺ ڳوٺ جبل پاسي جابلو قومن ۾
اچي وڃن ٿا ۽ پنج ڳوٺ بڪبڪ واري پرڳڻي ۾ آهن، جيڪي
ڪل ٻارهن ڳوٺ ٿين ٿا، اهي ڳوٺ هن ريت آباد آهن:
سائو: هي سيوهڻ جي قلعي کان اڻويهه ڪوهه ۽ جبل کان
سورهن ڪوهه پري آهي.
عزيزاڻي: هي سيوهڻ کان پندرهن ڪوهه ۽ جبل کان اٺ
ڪوهه پرتي آهي (378-1).
پاهڻي ڪوٽ: هي سيوهڻ جي قلعي کان تيرهن ڪوهه ۽ جبل
کان اٺ ڪوهه ٿيندو.
ٽهڻي: هي سيوهڻ کان ڏهن ڪوهن تي ۽جبل کان ٻن ڪوهن
تي آهي.
اهي چارئي ڳوٺ بوبڪنج ي پرڳڻي مان آهن.
جهانگارا: هي سيوهڻ جي قلعي کان اٺ ڪوهه ۽ جبل کان
پنج ڪوهه پري آهي.
باجارا: هي سيوهڻ کان ساڍن پنجن ڪوهن تي ۽ جبل کان
به ايتري پنڌ تي ٿيندو.
کجي: هي سيوهڻ جي قلعي توڙي جبل کان پنج ڪوهه پرتي
آهي.
نار: هي سيوهڻ کان اٺ ڪوهه ۽ جبل کان چار ڪوهه
ٿيندو.
هي ساڳيو ڳوٺ آهي جتي گدرن ۽ هنداڻن جون ڀليون
واڙيون ٿين ٿيون، انهي لحاظ کان هن جي گهڻي هاڪ
رهي ٿي، هتي هڪ چشمو به آهي، جنهن ۾ جبل کان پاڻي
اچي پوي ٿو.
(378-2) هن چشمي جا نارا ڳوٺ کان ٻه ڪوهه پري جبل
۾ آهن، جنهن جو مشاهدو خود مولف به ڪيو آهي.
اهي نارا مين مان ڦوهاري جيئان ڦٽي نڪرن ٿا، جن جو
پاڻي اتان وهي اچي ڳوٺ ۾ پوي ٿو.
اتان جي رعيت انهي پاڻي تي پوک ڪري ٿي. هتي ميون ۽
نير جي اپت گهڻي آهي، خاص ڪري اهو نير ڏاڍو عمدو
ٿئي ٿو. پر پاڻي هتي تمام گهٽ آهي، جنهن مان سال ۾
پنجاهي کن جريب مين آباد ٿئي ٿي. جيڪڏهن پاڻي جام
هجي ته زمين جي ڪمي ڪانيه، جنهن تي ويهن هزارن
جريبن کان به وڌيڪ آبادي ٿي سگهي ٿي. هتي بزرگ آري
شينهائي جي مزار آهي، جا انهي ڳوٺ کان ڪوهه اڌ جي
پنڌ تي اچي ٿي. هي ڏاڍي ڀلاري جاءِ آهي. هن بزرگ
کي شينهائي ان ڪري ڪوٺيو وڃي ٿو، جو (379-1) هڪ
ڏينهن پنهنجي حياتي ۾ پنهنجي دوستن سان گڏ سير تي
نڪتو، اوچتو هڪ شينهن سندس آڏو آيو، جيڪي ماڻهو
ساڻس گڏ هئا، اهي شينهن کي ڏسي پاسيرا ٿي ويا.
پوءِ پاڻ شينهن کي ڪن کان وٺي مٿس سوار ٿي سير
ڪيائين.
هتان جا گدرا جڏهن مير ابوالبقا هٿان (جڏهن هو
مرزا دوست بيگ سان گڏ سيوهڻ جو جاگيردار هو)
جهانگير بادشاهه ڏانهن موڪليا ويا ته پاڻ ڏاڍو خوش
ٿيو. اهي گدرا ولائتي گدرن سان ڀيٽي ڏٺائين ته
انهن کان وڌيڪ سوادي ثابت ٿيا، انهي پسند جي ڪري
اهو ڳوٺ نواب آصف جاهه کي بخشش طور ڏٺائين
جو ڪيترن ورهين تائين سندس وڪيلن جي تحويل۾ هو.
هي چارئي ڳوٺ حويلي سيوهڻ جي پرڳڻي مان آهن، جنهن
۾ ڪل اٺ ڳوٺ شامل آهن، ممڪن ناهي ته هتان جي رعيت
هڪ سال تائين جابلو ماڻهن جي ڦرلٽ کان آجي رهي.
ڪيترا دفعا ائين ٿيو آهي جو نومڙيا ۽ چانڊيا جيڪي
جبلن ۾ رهن ٿا، هنن ڳوٺن تي ڪاهي ماڻهن جا مال ڪڍي
پئي ويا آهن، اهو ته ٺهيو پر هنن ويچارن جا ٻار
ٻچا به غنيمن جي ور چڙهندا رهن ٿا. جيڪو ماڻهو هنن
نڀاڳن کي واٽ ويندي ملي ٿو، تنهن کي قتل ڪري ٿا
ڇڏين. انهي ڪري هي ڳوٺ اڪثر ويران رهن ٿا. هتان جي
رعيت کي پوک ۾ معافي ڏيئي، نون حصن مان پنج حصا
سندن حوالي ڪيا وڃن ۽ چار حصا حاڪم کڻي. هڪ حصو
هنن جي فوجي خدمتن جي بلي معاف ڪيو وڃي، جيئن پوري
طرح جابلو ماڻهن (380-1) سان هٿ اٽڪائي سگهن.
ٺيڙهي جو ڳوٺ: هي صفا ڀينگ لڳو پيو آهي، ڇاڪاڻ ته
هتان جي رعيت اڪثر جابلو قومن هٿان تلف ٿيندي رهي
ٿي، باقي ماڻهو طاقت نه هئڻ ڪري ٽڙي پکڙي هليا ٿا
وڃن.
ديندار خان پنهنجي عملداري جي پڇاڙي ۾ هيءُ ڳوٺ
مخدومن (لعل شهباز جي سيدن) کي انعام طور ڏئي ڇڏيو
هو، جيڪي هتان جي زمينن جي پيدائش مان پنج حصا ڪري
هڪ حصو پاڻ کڻندا ۽ چار حصا رعيت کي ڏيندا ٿي آيا،
انهي آڌار تي هن ڳوٺ ۾ ڪي جريب آباد پئي ٿيا.
اهي روايتون هند سنڌ جي هر پير سان لاڳو آهن
(مترجم)
جهانگير بادشاهه (1014-1037هه).
مرزا ابوالحسن ولد اعتماد الدوله غياث يبگ
لقب آصف خان عرف آصف جاهه نورجهان بيگم جو وڏو
ڀاءُ ۽ ارجمند بانو (شاهجهان جي بيگم ممتاز
محل) جو پيءُ، وفات 17 شعبان 1051هه، لاهور ۾
دفن ٿيل (ڏسو ماثر الامرا ج 1- ص 151)
|