سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: تاريخ مظهر شاهجهاني

باب: --

صفحو: 25

سلطان فيروز تخلق، سلطان محمد تغلق جو لاش کڻائي سيوهڻ آندو ۽ هن خانقاه جي ڀر ۾ دفن ڪرايائين، جنهن جا ٻه ڪتبا اتي لڳل آهن. سلطان محمد تغلق 21 محرم 752هه ڌاري ٺٿي لڳ وفات ڪئي هئي. سلطان فيروز تغلق لاش دفنائڻ کانپوءِ خانقاه جي متولين ۽ سيوهڻ جي ٻينبزرگن کي ڏاڍيون خيراتون ڏنيون هيون. (برني ص 524-525-535).

هڪڙو ڪتبو جيڪو خانقاه ۾ لڳل آهي، تنهن مان پتو پوي ٿو ته هي قبو ۽ مبقرو انهي سلطان فيروز جي فرمائش تي تيار ٿيو هو، جنهن تي لکيل آهي ته ”پاران ملڪ رڪن الدين  عرف اختيار الدين جي تاريخ 7-رجب 757هه ٺهي راس ٿيو جنهن ۾ ست ونگ ۽ ڇهه قبا آهن.“ ڪتبي جي پوري عبارت هن ريت نظم ٿيل آهي:

بعهد دولت فيروز شهه سلطان دين پرور

که خاڪ درگهش ساڙند، شاهان جهان افسر

عمارت شد مقام شيخ عثمان مرندي ڪو،

ولي الله باز اسفيد، مير ِ بحر بود و بر

اگرچه اولياءَ اندر زمان شيخ بس بودند

ولاکن در کرامت بود او از همگنان برٽر،

چه زيبا بار گاهي شد، بهفت طاق و شش گنبذ (ڪذا)

که رنگ نه فلک گشته زرشک بام او اخضر

بروز هفتم از ماه رجب، مبني شد ابن روضه

بسال هفصد و پنجاه و هفت از هجرت مهتر

بنايش کرد والي اختيار الدين، ملک اوشد

امير عادل و بادل، تهمتن، ثاني اسکندر

که تابود است سيوستان، نبود است ابن چنين والي

تقي و مشفق و مڪرم، سخي و پاک دين ديگر

اميد آنست مي يا بد جزاي اين چنين خيري

هزاران قصر در جنت بفضل ايزد اڪبر

(مٿين پڙهڻ مولانا محمد شفيع لاهوريءَ جي آهي.)

تذڪره مشائخ سيوستان ۾ هڪ بيت وڌيڪ لکيل آهي، جيڪو پهرئين بيت کان پوءِ اچي ٿو:

ازان گاهي که بر تخت شهنشاهي نشست آن شهه

سراسر گشت کيتي از شعاع دولتش انور

انهيءَ تذڪري ۾ چوٿون بيت هينءَ آيل آهي:

چه زيبا بار گاهي شد، بهشتي طاق بر گنبذ

که رنگ نه فلک گشته ززنگ بام او اخضر

ستون بيت پڻ هن طرح لکيل آهي:

که تابود است سيوستان، نبود است اين چنين والي

سخي و مشفق و مڪرم، تقي و پاڪ دين پرور

”تذڪره مشائخ سيوستان“ مان ظاهر آهي ته ان کان پوءِ ٻئي ڀيري سنڌ جي حاڪم مرزا جاني بيگ ترخان پنهنجي زماني ۾ نئين سر قبي ۽ خانقاه جي اڏاوت جي شروعات ڪرائي پر اها اڃا پوريءَ ريت تيار ٿي نه هئي، ته خان خانان ان تي سوڀيارو ٿيو ۽ کيس سنڌ مان ڪڍي اڪبر بادشاهه جي درٻار جا در ڏيکاريائين. ڪيترن ورهين کانپوءِ وري سندس پٽ مرزا غازي بيگ انهيءَ عمارت کي تڪميل تي رسايو. قبي جي اڳيان خانقاه وارو حصو به انهيءَ ئي ٺهرايو.

شاهجهان جي دور ۾ سيد ديندار خن ( سيوهڻ جي صوبيدار ) خانقاه جي باقي تعمير سان گڏ هڪ جريب ويڪرو آڳر به ڪاشيءِ جي سرن سان سنواريو ۽ مسجد پڻ جوڙايائين، جن جي ڀترين تي هيٺيان ڪتبا موجود آهن:

چون دو  عهد سلطان فيروز مرحوم روضه

قديم حضرت مخدوم بنا شدبود، و اين

دو سنگ تاريخ نوشته نصب ڪرده بودند،

آخر چون گنبذ گلان در عهد ميرزا جاني

ترخان بنا يافته اين سنگها برهم اقتاده

بودند. الحال که اين فير سيد بهووه عرف

ديندار خان باشد در عهد دولت حضرت

صاحباقران ثاني صحن روضه را ترتيب داده

و دو مسجد راست مي ساخت، انب دو سنگ

هم در ديوار خانقاه بنهاده تا يادگار

سلاطين گذشته باشد.

”جڏهن سلطان فيروز مرحوم جي زماني ۾ مخدوم شهباز جو پراڻو روضو تعمير ٿيو هو ته ان تي ٻه پئراهان ڪتبا لڳايا ويا هئا. پوءِ جيئن وڏو قبو مرزا جاني بيگ ترخان جي دور ۾ تيار ٿيو ته اهي پٿر ٽڙي پکڙي چڪا هئا. هاڻ هن فقير سيد بهوه خان عرف ديندار خان شاهجهان بادشاهه جي زماني ۾ روضي جي اڱڻ ٺهرائڻ سان گڏ ٻه مسجدون به تيار ڪرايون. انهيءَ دوران اهي ڇڙوڇڙ ٿيل پٿر به روضي جي ڀتين ۾ لڳرايا ويا ته جيئن اڳين بادشاهن جا يادگار قائم رهن.“

 جنهن ڪتبي سان فرش جي تعمير جي تاريخ نڪري ٿي سو هي آهي:

به دوران شهاب الدين جهان شاهه-جهان از عدل او خرسندوآباد شده تعمير فرش عرش مسند-بجاي خشت انجم چيده استاد

چو خواهي سال وي باچشم دانش-بمقطع بين که آمد سال بنياد

يکي باشد ز ”فرش مسند شاهه“ 1040هه

دگر باشد ز “فرش جنت آباد“ 1041هه

مسجد جو ڪتبو جا 1043هه ۾ تيار ٿي هئي:

به دور شهنشاه شاه جهان-جهان از نوازش چو باغ بهشت

چو مسجد بنا ڪرد ديندار خان – بدرگاهه شهباز عالي سرشت

خرد گفت سالش که ”بيت العتيق“ 1043هه

دگر ”مسجد شيخ بهووه“ نوشت 1541هه

سنڌ جي واليءَ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي زماني ۾ خانقاه اندران هڪ ڏيڍي ٺهرائي وئي ۽ هڪ انگاس (علم) پڻ پيش ڪيو ويو، جنهن جو ذڪر هيٺئين ڪتبي ۾  آيل آهي.

چه خوش جناب مبارڪ که نور حقاني

ز روضه است عيان ظاهري و پنهاني

قلندر و سخي و کام بخش اهل يقين

ولي و سيد عثمان پير نوراني

بخاص و عام که مشهور لعل شهباز است

بپادشاهه گدا باز داد سلطاني

باين جناب هر آنکس که ارادتي دارد

بکام مي رسد از دولت فراواني

غلام شاهه ميان صاحب سعادتمند

نشان حضرت عباس کان احساني

سخي و غازي و فياض معدن الطان

چو سرفراز شد از لطف وجود رباني

ز خاص نيت خود کرد تازه خوش تعمير

که فرش و صحن در روضه شد گلستاني

قبول حضرت مخدوم شد نشاني کو

ز رحمت نبوي و علي عمراني

هر آنکه ديد و بيند ز شوق نور ظهور

شود دوچشم ودلش روشن و درخشاني

هزار يک صد و هفتاد و سه ز هجري بود

ز کارادري باقر نشان شد ارزاني.

قبوليت که ز تعمير جستم از هاتف

ندا بگوش من آمد ز لطف سبحاني

زيمن مصرع تاريخ خوش بگو صابر

”قبول باد نشان در جناب شاهاني“

                       1173هه

ٽالپرن جي دور ۾ سنڌ جي واليءَ مير ڪرم علي خان پراڻين عمارتن جي مرمت ڪرائي ۽ هڪ چانديءَ جو دروازو جيڪو اڃا تائين موجود آهي، روضي ۾ لڳرايائين. مير غلام علي ”مائل“ ان تي قطع تاريخ لکيو:

چون به آن روضه جنان رفعت

که به بابش بود فلڪ دربان

روضه شاهباز روضه قدس،

لعل شهباز شيخنا عثمان

داد اکنون ڪرم علي خان مير

از ڪرم هاي ايزد منان

بهر ترويج کار اجر و خير

که بود احسن از شهان زمان

خوش به ترميم روضه زين نو باب

زيب و تڪميل زينت شاهان

باب اين روضته الصفا ڪردند

از زرو سيم مهر و مه رخشان

لوهش الله که بخت و اقبال است

از درش بخش مقبلان جهان

بسکه باب کشود کام دل است

باب اين بارگاهه فيض نشان

دلم از شوق آستان بوسيش

صبحدم دردعاي بانيءَ آن

خواند تاريخش ابن چنيق ”يڪمال“

      91 

قبل الله خير وز احسان

91+   1140=        1231هه

باز سالش به ”باب“ گفت دگر

”ضاعف الله اجره“ برخوان

0+1126=             1231هه

جذا بارگاه باب سلام

با سر گام باز کرد بيان

هم دگر کرد گل دلم اين سال

”آمد اين باب روضه باب جنان“

20X    1211=               1231هه

خوش براين باب ”مائل“ حق است

سائل خير و خوبيش همه آن

ٻي تاريخ:

جذا اين باب باب روضئه جنت نظير

کامد از خير امير ذوالکرام اکرام جفت

هاتفم سال درستي اش زلوح سيم و زر

ازطلا و نقره مهرومه است اين باب گفت

(2)

مخدوم ڇٽو امراڻي

(متعلق 157- ح 2)

تحفة الڪرام ۾ هن بزرگ بابت لکيل آهي:

ڀانڀرن (برهمڻ آباد) شهر جي برباديءَ جي باري ۾ مشهور آهي ته راجا دلوراءِ اروڙ جي تباهيءَ کانپوءِ هن شهر ۾ اچي رهيو. هن کي ڇٽي امراڻي (آمر جي پٽ) نالي هڪ ڀاءُ هو، جنهن کي خدا ننڍي هوندي اسلام جي توفيق عطا ڪئي هئي. هي برهمڻ آباد ڇڏي ٻاهر هليو ويو، اتي قرآن مجيد جي حفظ سان گڏ اسلامي عقيدن کان به واقف ٿيو ۽ جڏهن واپس ساڳئي شهر ۾ آيو ته مائٽن کيس شادي لاءِ زور ڀريو پر هن انڪار ڪيو. ڪنهن ماڻهوءَ مسخري ڪندي چيس ته تون به ڄڻ ڪو ترڪ آهين، جو ڪعبي ۾ وڃي عرب جي فلاڻيءَ زال سان نڪاح ڪندين. اتفاق سان انهن ئي ڏينهن ۾ کيس حج جو خيال ٿيو. عرب ۾ پهچي ٿوري وقت کانپوءِ ڪنهن زال کي هڪ دڪان تي قرآن پڙهندي ڏٺائين ۽ اتي بيهي رهيو. مائيءَ کانئس پڇيو: ڇا لاءِ بيٺو آهين؟ هن چيس: قرآن ٻڌڻ ٿو چاهيان، جيڪڏهن تون قرب ڪرين ته مون کي قرآن سيکار، مان تنهنجو ٿورائتو ٿيندس. مائي وراڻيو: فلاڻي زال منهنجي استاد آهي، جيڪڏهن تون ويس بدلائي ڇوڪرين جي حال ۾ اتي وڃين ته تنهنجو مقصد پورو ٿيندو. اهڙي ريت هي زنانو ويس ڪري اتي ويهي ۽ قرآن سکڻ لڳو. اها زال نجوم جي علم ۾ ماهر هئي. هڪ ڏينهن ڪنهن زال اچي ان مائي کان پنهنجي ڌيءَ جي ستاري بابت پڇا ڪئي ته انهي جي ڪٿي شادي ٿيندي؟، جڏهن ان کي جواب ڏئي فارغ ٿي ته ڇٽي امراڻي کيس چيو: تون جنهن صورت ۾ ٻينجي باري ۾ سڀڪجهه ڄاڻين ٿي ته توکي ضرور پاڻ بابت به ڪا خبر چار هوندي؟ مائي چيس: چڱو جو ياد ڏيارئي! ائين چئي پنهنجو ستارو ڏسي ٻڌايائين ته آءٌ هڪ سنڌيءَ سان شادي ڪنديس. هن پڇيس ته اها شادي ڪڏهن ٿيندي؟ ته مائيءَ چيو، جلد ٿيڻ واري آهي. ڇٽي چيس، اهو ماڻهو ڪٿي آهي؟ مائي استخارو ڪڍندي چيو اهو شخص تون ئي آهين، اها ڳالهه ٻڌي هو ڏاڍو خوش ٿيو. مائي چيس ته هاڻ هتان هليو وڃ، ٻيهر هتي نه اچجانءِ. ان سان گڏ اها هدايت به ڪيائينس ته زالاڻو ويس بدلائي وڃي منهنجي مائٽن کان منهنجي سنڱ جي گهر ڪر، آءُ تنهنجي ئي ڀاڳ ۾ لکيل آهيان.

ستت ئي هنن جي شادي ٿي وئي ۽ ڇٽو پنهنجي زال فاطمه کي وٺي وطن ڏانهن وريو. جڏهن برهمڻ آباد پهتو ته پنهنجي ڀاءُ دلوراءِ جي بڇڙائين جي خبر پيس جو پرايون زالون زوري کڻائي انهن جي عصمت لٽيندو ٿي رهيو، ڇٽي گهڻوئي کيس سمجهايو پر هو باز نه آيو، ويتر سندس حالت اها وڃي ٿي جو فاطمه جي سونهن جي تعريف ٻڌي وجهه وٺي ان جي ڏسڻ لاءِ ڇٽي جي غير موجودگي ۾ سندس گهر هليو آيو. ڇٽي کي ڪشف ذريعي اها ٻاٻور پئجي وئي. هو اوڏيءَ مهل گهر پهتو ۽ زال کي ساڻ ڪري شهر کان ٻاهر نڪري ويو. ويندي ويل اها وائي ڪيائين ته اجهو ٿو شهر ناس ٿئي. تورن ماڻهن ان ڳالهه تي اعتبار ڪيو، پهرينءَ رات هڪ ٻڍڙي زال چرخو ڪتيندي رهي، جنهن جي رينگٽ ۾ وقت گذري ويو ۽ ٻيءَ رات اڃا هوءَ ٻاهر نڪتي ته سارو شهر تباهه ٿي ويو، جنهن جو رڳو هڪڙو منارو يادگار طور باقي رهيو (جلد ٽيون ص 45)

تاريخ طاهري (تاليف 1030هه) ۾ انهي روايت کانپوءِ هي اضافو ڪيل آهي: ڇٽو امراڻي پنهنجي زال سان گڏبرهمڻ آباد مان نڪري سيوهڻ هليو آيو ۽ عبادت ۽ رياضت ۾ مشغول ٿيو ۽ اتي ئي سندس حياتي پوري ٿي. هي جيئن پنهنجي جيئري پهتل شخص هو تيئن مرڻ کانپوءِ به اهو ئي درجو هوس، جيڪو به سندس قبر تي اچي ٿو تنهن جي مراد پوري ٿئي ٿي. اها قبر اڃا تائين سيوهڻ ۾ آهي جتي جمعي ڏينهن ماڻهن جا ميڙ اچي گڏ ٿين ٿا (تاريخ طاهري، قلمي)

ڇٽي امراڻي جو مقبرو سيوهڻ جي شهر ۽ ريلوي اسٽيشن جي وچ تي آهي، جنهن تي ديندار خان (سيوهڻ جي صوبه دار) ڪتبو لڳرايو هو، جو اولاهينءَ ڀت ۾ نصب ٿيل آهي:

بدور شهنشاه شاه جهان

خديو خرد مند، صاحب قرآن

چو خلد برين روضه شاه چهته

بنا کرد نواب ديندار خان

ز سال بنايش طلب داشتند

”بهشتي به روي زمين“ گفت عثمان (؟)

پوئين مصر عي مان تايرخ جو سال 1042هه نڪري ٿو، جنهن مان ظاهر آهي ته انهيءَ ئي سال اهو مبقرو ديندار خان تعمير ڪاريو هو، جو اڃا تائين موجود آهي. سيد حاجي حسين علي شاه سيوهاڻي تذڪره مشائخ سيوستان ۾ لکيو آهي ته اهو ڇٽو امراڻي، عمران نالي ڪنهن عرب جو پٽ هو. سندس تعلق تعيم قوم سان ڄاڻايو وڃي ٿو ۽ هو ڪجهه وقت برهمڻ آباد جو حاڪم به ٿي رهيو هو. دلوراءِ به انهي جو ئي پٽ هو، جيڪو پنهنجي پيءُ جي مرڻ کانپوءِ ان جي گادي تي ويٺو. وڌيڪ خدا ٿو ڄاڻي. بيبي فاطمه جي تربت ڇٽي جي مزار لڳ ننڍيءَ بٺيءَ ۾ اڄ به موجود آهي.

(3)

مرزا انور

(متعلق ص 191 ح 2)

مرزا انور، زين خان ڪوڪه جو ڄائو هو (ماثر الامرا ص 693-2). ذخيره الخوانين ۾ لکيل آهي ته هو سهڻو، سيبتو ۽ چڱين خصلتن وارو جوان هو. زين خانڪوڪه جي ڌيءَ هن جي گهر ۾ هئي. بکر جي حڪومت دوران پنجاب ۾ مينهن پاڻيءَ جي قلت جي ڪري ڏڪار جو خطرو پيدا ٿيو. هن ڇا ڪيو جو اتان جي هارين جئان گوڏ ٻڌي ٻنيءَ تي وڃي هر هلائڻ لڳو. سندس زال (زين خان ڪوڪه جي نياڻي) ٻاهراڙي جي زالن وانگي جوار جو ڍوڍو ۽ لسيءَ جو لوٽو مٿي تي رکي کيس پهچائڻ ويئي. اوڏيءَ مهل خدا جي فضل سان مينهن جا وسڪارا ٿي ويا ۽ پنجاب جا درياهه پاڻيءَ سان اٿلڻ لڳا. سنڌ ۾ پنهنجين نيڪين جي ڪري چڱو نالو ڪڍيائين.

(ذخيره، قلمي، ص 372)

(4)

سعيد خان

(متعلق ص 201- ح 4)

سعيد خان چغتو، يعقوب بيگ ولد ابراهيم بيگ جو پٽ هو. ماثر الامرا (403-2) ۾ هن بابت هيٺين عبارت آيل آهي:

مرزا غازي بيگ جڏهن (1011هه) ڌاري پنهنجي پيءُ مرزا جاني بيگ جي مرڻ کانپوءِ ٺٽي ۾ خود سريءَ جي روش اختيار ڪئي ته اڪبر بادشاهه، ملتان ۽ بکر جي جاگير سعيد خان کي ڏيئي، کيس مرزا غازي بيگ جي مٿان مقرر ڪيو. سعيد خان جڏهن بکر ۾ آيو ته مرزا پنهنجي خود سريءَ وارو خيال بدلائي ڇڏيو، پوءِ هو خسرو خان سان گڏجي سعيد خان وٽ آيو ۽ ان جي پٽ سعدالله کي وٺي سعيد خان جي همراهيءَ ۾ بادشاهي درٻار ۾ ويو (404-2).

ذخيره الخوانين جو مصنف جيڪو مير نمڪين جو شاگرد ۽ همعصر هو، تنهن لکيو آهي ته 1011هه ۾ ملتان ۽ بکر جي جاگير ملڻ کانپوءِ هن کي مرزا غازي بيگ ترخان تي، ٺٽي هٿ ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو. مرزا غازي پنهنجي وڪيل خسرو خان سان گڏجي بکر جي راڄڌاني جي ڳوٺ سيٺارجن ۾ اچي سعيد خان سان مليو ۽ ان جي پٽ سعدالله خان کي ساڻ ڪري بادشاهي درٻار ۾ پهتو. (113 قلمي)

(5)

(متعلق ص 202 – ح 2)

اڪبر نامي ۾ لکيل آهي ته 14 مهر الاهي (1013هه) ۾ سعيد خان پنهنجي پٽ سميت ۽ مير ابوالقاسم نمڪين شاهي ملازمت ۾ آيا. مرزا غازي بيگ ولد مرزا جاني بيگ ترخان ٺٽي مان اچي بادشاهي درٻار ۾ پهتو ۽ پنهنجا نذرانا پيش ڪيائين. مرزا غازي، ابوالبقا اوزبڪ ۽ خواجه جمڌر کي 18 سال شاهي اڪرقم سان نوازيو ويو. (ج 3- ص 839)

(6)

توخته بيگ خان

(متعلق ص 202)

ماثر الامراءَ (481-1) ۾ لکيل آهي ته هيءُ مرزا حڪيم جي ماڻهن مان هو. هڪ جنگ ۾ (جيڪا هن اڪبري فوجن سان ڪئي هئي) دليري جي ڪري ناميارو ٿيو. مرزا جي وفات کانپوءِ ان جي پٽن کي ساڻ ڪري ٽئين سال جلوس اڪبري ڌاري شاهي درٻار ۾ ويو ۽ کيس ڪيئي انعام اڪرام مليا. پوءِ هن کي ڪابل صوبي لاءِ مقرر ڪري ڪنور مانسنگهه ۽ زين خان ڪوڪه سان گڏي، يوسف زئي قبيلي کي سڌو ڪرڻ لاءِ موڪليو ويو. 39 سال ڌاري هي شهزادي سلطان سليم جو مقرب مقرر ٿيو ۽ کيس لاهور جي پسگردائي ۾ جاگير ڏني وئي. پڇاڙي ۾ پشاور ۾ ٿاڻيدار ٿيو ۽ڪيئي دفعا سرڪشن کي سيکت ڏنائين. چڱين خدمتن جي ڪري هن کي 49 سال ڌاري ”خاني“ جو خطاب مليو. جهانگير بادشاهه جي جلوس کانپوءِ هرات جي حاڪمحسين شاملو سان قنڌار واري قلعي کي گهيري ۾ آڻڻ ڪري کيس ٻه هزاري منصب ۽ سردار خان جو خطاب ڏئي، مرزا غازي بيگ جي همراهيءَ ۾ قنڌار جي حاڪم شاه بيگ خان جي مدد لاءِ اوڏانهن اماڻيو ويو پر هنن جي پهچڻ کان اڳ قزلباش جي فوج قلعي جو گهيرو ڇڏي چڪي هئي، سو هي واپس وطن هليا آيا. شاه بيگ جي بدليءَ کانپوءِ هن کي قنڌار جو حاڪم مقرر ڪيو ويو ۽ ٿورن ڏينهن گذرڻ تي (1016هه) ۾ اتي ئي وفات ڪيائين.

 

 (7)

قنڌار تي چڙهائي

(متعلق ص 194)

ماثر المراءَ (ج 2 – ص 643) جي لکت مطابق، سال 39 ڌاري جڏهن مرزا مظفر حسين قنڌاري صفويءَ بادشاهي بندگيءَ جي خواهش ڪئي، تڏهن شاه بيگ خان (شاه بيگ ارغون خان دوران ولد ابراهيم بيگ چريڪ) قنڌار جو حاڪم مقرر ٿيو….. سال 42 ۾ هن کي ٽي هزار پنج سئو جو منصب مليو. پهرئين سال جلوس جهانگيري، حسين خان شاملو، اڪبر بادشاهه جي وفات جو ٻڌي، (هرات جي حاڪم جي حيثيت ۾) خراسان جي لشڪر سان اچي قنڌار جي ڪنڌ تي چڙهيو. شاه بيگ همت سان دل ٻڌي روزانو پنهنجي ماڻهن کي سنبرائي جنگ جي ميدان ۾ موڪليندو رهيو ۽ رات جو قلعي ۾ عيش عشرت جي محفل مچائڻ لڳو. قزلباش جو ايلچي هڪ ڏينهن قلعي ۾ آيو ته ان جي اڻاٺ ڏٺائين. هيڏانهن شاه بيگ سڄي ملڪ جي ڳوٺن ۽ بازارين مان اناج هٿ ڪري گڏ ڪندو رکندو ويو، جيئن مخالف ڌر وڌيڪ جٽاءُ نه ڪري سگهي. اها چڙهائي ايراني بادشاهه عباس صفويءَ جي اجازت کان سواءِ شروع ڪيل هئي، تنهن ڪري حسين خان پوءِ شاهي عتاب سبب خالي هٿين واپس هليو ويو.

جهانگير پنهنجي تزڪ ۾ لکي ٿو، ”آءُ اربع ڏينهن تائين محرم تي (1018هه- بيورج جي قول موجب 8 محرم نو روز جي پهرئين جشن ڀيري) مبارڪيءَ لاءِ لاهور جي قلعي ۾ آيس. سڀني درٻارين عرض ڪيو ته اڄڪلهه ان حالت ۾ جڏهن گجرات دکن ۽ بنگال جي صوبن ۾ گوڙ گهمسان لڳا پيا آهن، بهتر آهي ته آگري ڏانهن ڪوچ ڪجي، جتان ويجهي هئڻ ڪري هر معاملي سان منهن ڏيڻ آسان ٿيندو. اها صلاح مون کي نه وڻي ڇو ته قنڌار جي فسادي اميرن ۽ مرزائن جي ڪجهه لشڪرين سدائين گڙ ٻڙ پئي ڪئي ۽ مخالفن کي قنڌار هٿ ڪرڻ لاءِ ڀڙڪائيندا ٿي رهيا. خطرو هو ته متان قنڌار تي ڪا چڙهائي ٿئي. ٻيو وري هي شڪ جاڳيو ته متان عرش آشياني (اڪبر بادشاهه) جي لاڏاڻي جي صورت کانپوءِ خسروانهي مخالفت جو فائدو وٺي قنڌار تي ڪاهه ڪرائي سو جيڪي پهه پچايم پئي تن جو نتيجو نيٺ ظاهر ٿيو.

”هرات ۽ سيستان توڙي ٻين پاسن جي جاگيردارن پاڻ ۾ ملي، حسين خان هرات جي حاڪم سان گڏجي، قنڌار تي ڪات ڪهاڙا اُڀا ڪيا، پر آفرين آهي شاه بيگ خان جي همت ۽ مردانگي تي جنهن مڙسا مڙسيءَ قلعي کي قابو ڪيو ۽ پاڻ ٽئين نمبر مٿئين محل تي اهڙو محڪم ٿي ويٺو جو ٻاهرين کي سندس مجلسن جي سڄي ڪارروائي ڏسڻ ۾ پئي آهي. هي قلعي تي گهيري وارن ڏينهن ۾ اگهاڙي مٿي سان عيش عشرت جون محفلون مچائيندو رهيو. ڪو ڏينهن اهڙو نه هو جو پنهنجون فوجون غنيم جي لشڪر سان لڙڻ لاءِ قلعي کان ٻاهر بنه پئي موڪليائين ۽ پنهنجا حوصلا بلند رکندو پئي آيو. جيستائين قلعي ۾ هو اهائي مڙسي ڏيکاريائين، مخالفن جو لشڪر ٽن پاسن کان قلعي تي گهيرو ڪري ويٺو رهيو.

اها خبر جڏهن لاهور پهتي، ته محسوس ٿيو ته اسان جو هن پاسي رهڻ وقتائتو ۽ ڪمائتو ٿيندو. بروقت مرزا غازي ۽ سندس ماڻهن سان گڏ درٻار جي ٻين منصب دارن ۽ ملازمن قرا بيگ کي قراخاني جو خطاب ۽ تخته (توخته بيگ) کي سردار خاني جو خطاب ڏئي مامور ڪيم. مرزا غازي بيگ کي پنج هزاري ذاتي منصب ۽ سوارن سان گڏ نغارو پڻ عنايت ڪيم.“ (تذڪ نولڪشور ص 33)

مرزا غازي تاريخ 12 شوال 1015هه قنڌار پهتو. اهو اطلاع تاريخ 22 ذوالقعد 1015هه تي جهانگير کي لاهور ۾ مليو، جنهن لاءِ پاڻ تزڪ ۾ لکي ٿو ته ”هن مبارڪ ڏينهن تي قنڌار مان عريضو آيو ته لشڪر مرزا غازي جي سرڪردگي ۾ شاه بيگ جي مدد لاءِ رسيو. ساڳئي سال تاريخ 12 شوال هن جو قنڌار ۾ پير پيو. هوڏانهن قزلباش شاهي لشڪر جي آمد جو ٻڌي پريشان ۽ پشيمان ٿي پوئتي هٽيا ۽ هلمند کان پنجاهه سٺ ڪوهه پري وڃي دنگ ڪيائون، هاڻ پوئتي واڳ نٿا ورائين.“

(تزڪ ص 42)

(8)

(متعلق ص 204- ح 5)

مرزا غازي قنڌار کان بکر آيو، اتان ئي لاهور ڪوچ ڪيائين. جهانگير تن ڏينهن ۾ ڪابل جي سفر تان واپس ٿي لاهور ۾ اچي قيام ڪيو هو. تزڪ ۾ آهي ته سومر 12 شعبان (1016هه) مرزا غازي، جيڪو لشڪر جو اڳواڻ ٿي قنڌار ويل هو، درٻار ۾ وري آيو، جنهن تي ڪيئي عنايتون ڪيون ويون.

(تزڪ – نولڪشور ص 63)

 (9)

(متعلق ص 202)

شاهه بيگ قنڌار کانپوءِ ڪابل جو حاڪم ٿيو. ماثر الامراءَ جو مصنف ٿو لکي: شاهه بيگ خان حڪم موجب 1016هه ۾ قنڌار کان ڪابل اچي شاهي ملازمت تي مامور ٿيو. کيس پنج هزاري منصب سان گڏ خان دوران جو خطاب ڏئي ڪابل جي صوبه داري ۽ افغانستان جي نهگداري سونپي، حسن ابدال وٽان رخصت ڪيو ويو. هو اتي ڪيئي سال انتظام سنڀاليندو رهيو.

(10)

(متعلق ص 204)

جنهن وقت مرزا غازي بيگ (12 شعبان 1016هه) لاهور ۾ جهانگير جي حضور پهچي، لاهور ۾ ئي رهي پيو. ان کان هڪ مهينو وپءِ اتان 10 رمضان 1016هه ڌاري هن کي قنڌار جو حاڪم مقرر ڪيو ويو.

جهانگير اهو واقعو تزڪ ۾ هينءَ درج ڪيو آهي:

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org