سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: تاريخ مظهر شاهجهاني

باب: --

صفحو: 4

احمد بيگ ۽ سندس ڀاءُ ته ظلم ستم ۽ پنهنجا ثاني پاڻ هئا پر بايزيد جي سدا سدورن پٽن جو به ڏاڍ ڏمر ۾ پوئتي پير ڪو نه هو، هنن عيد جي مبارڪ ڏينهن تي (انهي خيال سان ته سنڌين جا راڄ عيد نماز ۾ مصروف هوندا)، موقعي جو فائدو وٺي، بکر مان گهوڙا ڪاهي، وڃي سهتن ۽ سميجن تي ڪڙڪو ڪيو، جنهن ۾ هنن ويچارن جا ڪئين ماڻهو مارجي ويا. پڇاڙي مقتولن جي ٻارن ٻچن کي قيد ڪري بکر آندو ويو.

ڪتاب جي مؤلف يوسف ميرڪ جي لفظن ۾ سنڌين تي متمرد ۽ مفسد ( وڳوڙي ۽ فسادي) جا جيڪي لقب لاتا ويا آهن. سي مغل شاهيءَ ۽ ان جي ڪارندن سان هن جي طرفداري واري جذبي جي غمازي ڪن ٿا، جيڪڏهن اهڙائي القاب مخالف ڌر جي بلي ڪيا وڃن ها ته مؤلف جي غير جانبداري جو ڀرم رهجي اچي ها.

ايترين شڪايتن هوندي به اسان هن فاضل موءرخ، عالم ۽ انشاپرداز جا تهدل سان شڪر گذار آهيون، جيڪو مغل شاهيءَ جي پهاڙ سان سر ٽڪرائيندڙ غيرتمند، بهادر ۽ وطن دوست سنڌين جو طويل تر داستان (ڪنهن به ريت) قلمبند ڪري چڪو آهي. خاص ڪري سندس اهو حق جو ڪلمو ته ڪڏهن به فراموش ٿي نٿو سگهي، جنهن جو هن مرزا احمد بيگ جهڙي سفاڪ مغل شاهي حاڪم اڳيان وڏي واڪي اظهار ڪيو آهي ته

تو هٿ وٺي خدا جي خلق کي پنهنجا ظالم ڀاءُ جي ور چاڙهي، راڄن جو خانو خراب ڪري ڇڏيو آهي. مرڻ کانپوءِ خدا توکان ان جو حساب ضرور وٺندو!

هن ڪتاب جي تدوين توڙي ترجمي جي سفارش لاءِ سنڌ جو نئون نسل جناب پير حسام الدين راشديءَ جو واقعي شڪر گذار رهندو، جنهن تاريخ جي نئين باب جي بنا رکي، مهاڳ ۾ ان جي وضاحت ڪئي آهي. هونءَ به تاريخ جي مطالعي جي اها افاديت آهي ته ماضي جي واقعن جي روشني ۾ ملڪ جي سياسي، معاشرتي ۽ اقتصادي حالتن کان روشناس ٿي، ان جي آڌار تي مستقبل جي تعمير لاءِ ڪجهه سوچيو وڃي. اهو ئي تاثر اسان کي پير صاحب جهڙي قومي مزاج شناس مدبر جي علمي محنت ۽ صحبت مان حاصل ٿئي ٿو. بشرطيڪ اسان ۾ ڪنهن فيض جي حصول جو مادو هجي، ٻي حالت ۾ پارس به سڀڪنهن پٿر کي سون بڻائي نٿو سگهي.

پڇاڙي ۾ عرض ته مون پنهنجي وس آهر هن ڪتاب جي ترجمي تي ڌيان ڏيئي، مٿس ڪافي محنت صرف ڪئي آهي، اڃا به ٿي سگهي ٿو ته ان ۾ ڪا ڪسر رهجي وئي هجي، تنهن لاءِ اڳواٽ معافيءَ جو طلبگار آهيان، ان سان گڏ حضرت خواجه محمد زمان جي بيت سان پنهنجي عرض حال جي پڄاڻي ڪريان ٿو:

پرت ڇڏ پرڏيهه جي، ساڻهه ڪر سنڀال

لکن سندي لال، مڇڻ مفت وڃائين!

نياز همايوني

مهاڳ

ڪراچي ۾ هونءَ ته ڊسمبر جون سانجهيون ايتري قدر سرد نه ٿيون ٿين، جو هڪ چڱو ڀلو ماڻهو به ويڙهجي سيڙهجي ڳنڍ ٿي پوي، پر اتفاق ان ڏينهن واري شام نهايت سرد هئي، جڏهن آئون پيراڊائز سئنيما جي سامهون هڪ ميخاني (رٽز بار) جي مٿئين منزل ۾ صوفي تي ويٺو هوس. خشڪ خنڪي دار ۽ انسان جي کل اُڊيڙيندڙ بلوچستان جون تکيون هوائون، ڏاڍي زور سان سوساٽ ڪنديون، بند ٿيل درن ۽ درين کي ڌوڏي رهيون هيون.

بيٺڪ ۾ هڪ پاسي منهنجي ڪتاب ”تذڪره امير خاني“ جو مسودو پيل هو، ان جي ڀرسان هڪ ملائڪ صورت ۾ پوڙهو عالم، جنهن جي مٿي جا مختصر وار ۽ گهاٽيون ڀرون برف جيئان اڇيون ٿي چڪيون هيون، هڪ قلمي ڪتاب پنهنجي هٿن ۾ جهليو ويٺو هو. هي پوڙهو عالم جنهن جي نماڻي ۽ سٻاجهڙي منهن تي خانداني شرافت ۽ علمي فضيلت جا رونش پوريءَ طرح اُڀريل هئا. مرحوم مغفور ڊاڪٽر محمد ناظم هو، جنهن گرديزي جي تصنيف ”زين الاخبار“ کي سڀ کان پهريان شايع ڪيو ۽ محمود غزنوي جي زندگي تي انگريزي ۾ پهريون مستند ۽تحقيقي ڪتاب لکيو هو. هو هاڻ حياتي جا سڀرا ڏينهن آثار قديمه جي محڪمي ۾ صرف ڪرڻ کانپوءِ رٽائر ٿي، ڪراچي جي مذڪوره ميخاني جي مٿين منزل ۾ اچي قيام پذير ٿيو هو.

ڊاڪٽر مرحوم ايڏو ته نيڪ، بامروت ۽ سنڪسر مزاج هو جو انڪار جو لفظ سندس لغت ۾ ئي ڪو نه هو، انهي بنا تي هن کي پاڻ تي ايترو ڀروسو ڪو نه هو ته اهو مخطوطو، جيڪو نه ڏيڻ جي ارادي سان هن پنهنجي هٿن ۾ قابو ڪري جهليو هو، جيڪڏهن آءُ کانئس گهران ته هو ڪهڙي ريت پنهنجي هٿن کي ڍري ٿيڻ کان روڪڻ تي قادر ٿي سگهندو؟ هو پنهنجي نفسي شرافت جي ڪري نه فقط ان وقت وڏي آنڌمانڌ ۾ هو، بلڪ پوري بيوسي سان پنهنجي ذهني ڪشمڪش ۾ مبتلا هو. مان هن جي ششدر ٿيڻ جا آثار سندس کُليل ڪڻڪ رنگي منهن مان معلوم ڪري رهيو هوس، جنهن مان خوبصورتي ۽ معصوميت بکي رهي هئي.

”تذڪره امير خاني“ جو مسودو مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ملاحظي لاءِ مون ڊاڪٽر صاحب جي حوالي ڪيو هو. اتفاق سان عين انهيءَ زماني ۾ پروفيسر آڏو مرحوم جي ذخيري مان هن کي هڪ قلمي ڪتاب مطالعي لاءِ مليو هو، جنهن ۾ ابوالقاسم نمڪين ۽ ابوالبقا امير خان جا نالا بار بار پئي آيا. ڊاڪٽر صاحب اهي نالا ”تذڪره امير خاني“ ۾ به ڏسي چڪو هو. هو اهو قلمي ڪتاب ڏيکارڻ لاءِ مون کي انهي شام جو پنهنجي فليٽ ۾ وٺي ويو هو، جنهن بابت پاڻ هميشه مرڪي فرمائيندو هو ته ڪراچي ۾ اچي کيس ميخاني جي همسايگي جو شرف حاصل ٿيو آهي. ليڪن انهي وعدي تي مون کي پاڻ سان وٺي ويو هو ته آءُ کانئس ڪتاب جي گهر نه ڪندس.

ڪتاب ڏسڻ کانپوءِ اسان ٻنهي جي دلي ڪيفيت ئي بدلجي وئي نه مان پنهنجي وعدي تي قائم رهي سگهيس، نه وري ڊاڪٽر صاحب مرحوم مروت جي آئين ماتحت پنهنجي ارادي جي استحڪام کي برقرار رکڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهيو. هن جي منهن تي لالاڻ وري آئي ۽ سندس ڪنڌ جهڪي ويو. ٻه منٽ غور ڪري ان کانپوءِ ذهني ڇڪتاڻ مان پاند ڇڏائي، چيائين ته ”ادا سڀاڻي شام تائين ڪتاب ضرور واپس ڪجانءِ“. اهوئي اهو حسن اتفاق بلڪ ائين کڻي چئجي ته خوشگوار حادثو هو، جنهن مون کي ”مظهر شاهجهاني“ جهڙي نادر روزگار سنڌ جي تاريخ کان روشناس ڪرايو، جنهن جو پتو گذريل ٽي سو سالن ۾ ڪنهن به عالم کي ڪو نه پئجي سگهيو ۽ خود سرهنري ايلئيٽ جهڙو باوسائل مستشرق به ان جي زيارت کان محرومرهيو، جنهن پنهنجي تصنيف ”تاريخ هند“ جي سلسلي ۾ ڪتابن هٿ ڪرڻ لاءِ هندستان ۽ يورپ جي ڪنڊ ڪڙڇ جاکوڙي هئي.

جنهن زماني ۾ ”مظهر شاهجهاني“ تاليف ٿي، انهي دور ۾ سنڌ جي تاريخ تي سنڌ اندر هي ڪتاب لکيا ويا ، جن جو هيلتائين اسان کي علم ٿي سگهيو آهي:

(1)                        ”تاريخ سنڌ“، مير معصوم بکري (1009هه- 1600ع)

(2)                       ”تاريخ طاهري“، محمد طاهر نسياني ٺٽوي (1030هه 1621ع

(3)                       ”بيگلر نامه“، ادراڪي بيگلاري (1034هه-1625ع

(4)                       ”ترخان نامه“، سيد مير محمد ٺٽوي (1065هه-1654ع)

مير معصوم جي تاريخ ۾ مغلن جي سنڌ هٿ ڪرڻ تائين واقعا درج ڪيا ويا آهن. باقي تاريخون جيتوڻيڪ مغليه تسلط ۽ مير معصوم جي تاريخ کانپوءِ لکيون ويون، ليڪن اصل ۾ اهي ارغونن ۽ ترخانن جي تسلط جون تاريخون ليکجن ٿيون. خاص مغل دور بابت اسان کي هن وقت تائين ڪابه اهڙي تاريخ نه ملي هئي، جنهن مان ان زماني جي سياسي يا اندروني روئداد معلوم ڪري سگهجي. ان ڪري لاچار اسان کي مغليه دور جي انهن عام تاريخن جي آڙ وٺڻي پوندي هئي، جن ۾ سنڌ بابت اٽي ۾ لوڻ برابر احوال آيل آهي.

”مظهر شاهجهاني“ پهريون ڪتاب آهي، جيڪو مغليه دور جي پهرينءَ اڌ صديءَ جي حالتن تي تفصيلي روشني وجهي ٿو. هن ڪتاب جي هٿ اچڻ سان اهو مونجهارو ۽ اها دشواري ۽ گهاري جيڪا سنڌ جي تاريخ جي تسلسل ۾ درپيش هئي، دور ٿي وئي آهي.

هي ڪتاب تاليف واري سال جي لحاظ کان مٿي ذڪر ڪيل تاريخن جي سلسلي ۾ ”بيگلر نامي“ ۽ ”ترخان نامي“ جي وچ ۾ اچي ٿو، ڇا لاءِ ته هن جي تڪميل (1039هه) ۽ 1044هه جي وچ ڌاري ٿي هئي.

مؤلف جو احوال

خانداني پس منظر:

هن ڪتاب بابت بحث هلائڻ ۽ ان جي خوبين توڙي خصوصيتن تي روشني وجهڻ کان اڳ ضروري آهي ته پڙهندڙن کي مؤلف ۽ سندس خاندان جي احوال کان متعارف ڪرايو وڃي.

”مظهر شاهجهاني“ جي مؤلف يوسف ميرڪ جي والد مير ابوالقاسم نمڪين بن ملا مير سبزواريءَ جو اباڻو وطن سبزوار (اسفزار) جي پسگردائي ۾ بجق نالي هڪ ڳوٺ هو. اهو سبز وار، خراسان جي دارالحڪومت هرات جو مشهور ۽ مردم خيز شهر شمار ڪيو وڃي ٿو، جتان جي ڀلاري ڀونءِ مان علم ۽ هنر جي ٻين مشاهيرن کان علاوه ”روضاته الجنات في اوصاف مدينته الهرات“ جو مؤلف معين الدين اسفزاري به هڪ وڏو عالم ٿي گذريو آهي.

ملا مير بابت صرف ايترو معلوم ٿئي ٿو ته ڪنهن زماني ۾ مشهد مقدس جي توليت (متولي جي گادي) سندس تحويل ۾ هئي، جڏهن خراسان ۾ اوزبڪن جو فتنو پيدا ٿيو ته هي ان وقت پنهنجو ڳوٺ ڇڏي قنڌار هليو آيو، جتي سندس انتقال ٿيو. ملا مير جو فرزند مير ابوالقاسم، هن ڪتاب جي مؤلف يوسف ميرڪ جو والد، شروعات ۾ ڪابل جي حاڪم مرزا حڪيم بن همايون وٽ ملازم هو. اڳتي هلي، مرزا حڪيم جي ٻين ملازمن وانگي هن به هندستان ڏانهن رخ رکيو ۽ جنهن زماني ۾ اڪبر بادشاهه لاهور ۾ مقيم هو، تڏهن هي ان جي درٻار ۾ پيش ٿيو ۽ هميشه لاءِ اڪبري اميرن جي حلقي ۾ شامل ٿي ويو.

 مير ابوالقاسم، جنهن کي پوءِ اڪبر بادشاهه ”نمڪين“ جو لقب عطا ڪيو، پنهنجي سرڪاير عهديداري سبب گهڻو ڪري سنڌ ۾ رهيو. هتان جي آب هوا کيس ايتري قدر ڀانءِ پئجي وئي، جو پنهنجي خاندان جي مستقل رهائش لاءِ هتي ئي ديرو دمايائين. بکر ۾ هن ڪيئي جايون جوڙائي پنهنجي خاندان کي اتي آباد ڪيو، جيستائين جيئرو هو، تيستائين سندس خانداني وطن بکر ئي رهيو. ليڪن ان کانپوءِ جڏهن سندس وڏو پٽ مير ابوالبقا امير خان ٺٽي جو نواب مقرر ٿي آيو ته انهي خاندان جو هڪ حصو بکر مان لڏي اچي ٺٽي ۾ سڪونت پذير ٿيو، جنهن جي رهائش لاءِ مير ابوالبقا امير خان، حاڪم نشين قلعي جي سامهون ۽ ٺٽي جي جامع مسجد جي اوڀارين ڀت سان لڳ، هڪ پاڙو آباد ڪيو، جيڪو سندس نالي تي امير خاني محلو مشهور ٿيو، بکر ۾ هن خاندان جا باقي جيڪي ماڻهو هئا، اهي مير ابوالقاسم جي نسبت سان ”قاسم خاني“ سڏجڻ لڳا ۽ جيڪي ٺٽي ۾ ڄايا نپنا، سي مير ابوالبقا امير خان جي نالي تي ”امير خاني“ سادات مشهور ٿيا.

هن خاندان جا ڪي مشاهير سيوهڻ ۾ وڃي ويٺا، جيئن خود مظهر شاهجهانيءَ جي مؤلف جي زندگي جو گهڻو حصو سيوهڻ ۾ گذريو، ان کان علاوه ابوالمڪارم ”شهود“ به پنهنجي حياتي اتي ئي پوري ڪئي هئي.

هن خاندان اٽڪل اڍائين صدين تائين لاڳيتي عروج ۽ اقبال منديءَ جا ڏينهن ماڻيا. اڪبر بادشاهه کان وٺي ڪلهوڙن حاڪمن جي دور (ٻارهين صدي هجري جي پڇاڙي) تائين هن خاندان جا ڪيئي فرد وڏن وڏن سرڪاري عهدن تي فائز رهندا آيا، جن اميراڻي اوج ۽ مان مرتبي سان زندگي بسر ڪئي. انهن ماڻهن اميري سان گڏ ادب، تاريخ، شعر سخن ۽ تصوف جي ميدانن ۾ به پنهنجي شهسواري جا جوهر ڏيکاريا ۽ سنڌ جي ادبيات توڙي تهذيب ۽ تمدن ۾ پڻ نهايت نشانبر ۽ سدا حيات آثار اهڃاڻ ڇڏي ويا، جهڙوڪ: ”منشات نمڪين“، ”مظهر شاهجهاني“، ”رقائم ڪرائم“، ”معلومات الافلق“، ”رشحات الفنون“، ”مثنوي پري خانه سليمان“، ”مثنوي بديع الجمال وسيف الملوڪ“ ۽ ڪيئي فارسي ديوان هن خاندان کان سنڌ کي علمي ورثي ۾ مليا.

تمدني آثار درحق به هن خاندان سنڌ ۾ ڪيئي مسجدون، آرائش گاهون، عمارتون، عيدگاهه ۽ قلعا ٺهرايا، ان کانسواءِ ڪي نوان شهر پڻ وسايائون. سندن انهن ڪارنامن مان ڪن جا نشان اڃا تائين موجود آهن، مثال طور: روهڙي ۾ درياهه جي ڪناري ”صفه صفا“ جهڙي بي نظير عمارت تيار ڪرايائون، جنهن جي مٿاهينءَ منزل تي هن خاندان جو قبرستان واقع آهي.

اها عمارت تعميري فن جي لحاظ کان پنهنجي نوعيت جي خاص شئي آهي. اهڙي طرح ٺٽي جي جامع مسجد جنهن کي ”جامع شاهجهاني“ سڏيو وڃي ٿو، ڪاشيءَ جي ڪاريگري سبب يادگار عمارت شمار ٿئي ٿي، جنهن کي ڏسڻ سان هر ڪنهن جي طبيعت ۾ تازگي اچي ويندي آهي. اها پڻ هن خاندان جي حسن ذوق جي نشاندهي ڪري ٿي.

مير ابوالقاسم نمڪين، مير ابوالبقا امير خان ۽ يوسف ميرڪ کانسواءِ به هن خاندان ۾ ڪيئي اهڙا مشاهير ٿي گذريا آهن، جن ملڪداري سان گڏ پنهنجيون زندگيون علم جي خدمت ۽ اشاعت لاءِ وقف ڪيون هيون، جهڙوڪ: مير عبدالرزاق، ضياءُ الدين يوسف، عبدالڪريم امير خان، اشرف خان، ابوالمڪارم شهود، امين الدين خان، متين الدين خان، مير گدا، رضي الدين فدائي، مير ابو تراب ڪامل، مير محمد عطا، مير حفيظ الدين ۽ مير معين الدين وغيره.

هڪ ئي خاندان مان ايترن مشاهيرن جو پيدا ٿيڻ بجاءِ خود هڪ نادر مثال آهي. هن مقدمي جي پڇاڙي ۾ هڪ نسب نامو شامل آهي، جنهن مان انهن مڙني مشاهيرن جو هڪٻئي سان لاڳاپو ظاهر ٿئي ٿو.

مؤلف: مؤلف جي حالات بابت سندس هن تاليف کانسواءِ ٻيو ڪو به ماخذ موجود ناهي، جنهن مان هن جي سوانح حيات تي ڪا روشني پئجي سگهي، بلڪ هن جي نالي توڙي شغل جي پهريون ڀيرو هن ڪتاب ذريعي ئي ڄاڻ ملي آهي. ”مظهر شاهجهاني ۾ مؤلف جتي ڪٿي ضمني طور پنهنجي متعلق جيڪي ڪجهه لکيو آهي، ان مان سندس ابتدائي زندگي، تعليم ۽ تربيت يا تصنيف تاليف جي باري ۾ ڪو به اشارو نٿو ملي. سال 1016هه کان 1044هه تائين رونما ٿيل واقعن ۾ هن جيڪي ٿورو گهڻو پنهنجي بابت لکيو آهي، ان مان هيٺيان حالات ترتيب هيٺ اچن ٿا.

معلوم ٿئي ٿو ته يوسف ميرڪ جي ابتدائي زندگي اڪثر پنهنجي والد جي خدمت ۾ گذري هئي ۽ مير ابوالقاسم نمڪين پنهنجي ملازمت دوران جتي به ويو هيءُ ان سان گڏ رهيو. 1016هه ۾ جڏهن مير ابولقاسم باجور ۾ قلعيدار هو (ص 144) ته هي به اتي موجود هو، ۽ جڏهن انهي سال سردار خان جي تبادلي کانپوءِ ٻيهر (ص 112) مير نمڪين کي سيوهڻ جي جاگير ملي ته هن يوسف ميرڪ کي سپاهين جي جٿي سان گڏ اڳواٽ روانو ڪيو، جيستائين مير ابوالقاسم پاڻ اتي نه پهتو تيستائين يوسف ميرڪ انهي جاگير جو انتظام سنڀاليندو رهيو.

مير نمڪين، باجور کان اڳ بکر، گجرات، سيوهڻ ۽ جلال آباد وغيره ۾ مامور رهيو، اندازو به اهو آهي ته يوسف ميرڪ پڻ انهن سڀني هنڌن تي پنهنجي پيءُ سان گڏ رهيو هوندو.

رجب 1017هه جي پڇاڙي ۾ مير نمڪين، شاهي فرمان موجب، مرزا غازي ولد مرزا جاني ترخان سان گڏ مدد طور قنڌار ويو ۽ پنهنجي وڏي پٽ مير ابوالبقا امير خان کي سيوهڻ جي انتظام سنڀالڻ لاءِ پويان ڇڏيائين. (ص 115) مير نمڪين اٽڪل هڪ سال کانپوءِ اُتان 1018هه ڌاري واپس ايندي رستي ۾ فوت ٿيو، جهانگير ان جي انتقال جي خبر ٻڌڻ شرط سيوهڻ جو صوبو مير ابوالبقا امير خان ۽ شمشير اوزبڪ جي گڏيل عهده داري ۾ سندن سپرد ڪيو. ليڪن مير ابوالبقا کي اها شراڪت پسند نه پئي ۽ هو پنهنجي اهل عيال کي ساڻ ڪري درٻار ڏانهن راهي ٿيو. (ص 121)

يوسف ميرڪ انهي سڄي عرصي ۾ پنهنجي وڏي ڀاءُ وٽ سيوهڻ ۾ رهيو. ائين ٿو ڀانئجي ته کيس مغل حڪومت پاران ڪو منصب مليو هو، جڏهن مير ابوالبقا سيوهڻ مان موڪلائي شاهي درٻار ۾ حاضر ٿيڻ لاءِ هندستان روانو ٿيو ته هي اهو منصب ترڪ ڪري، جزوي روزگار تي قانع رهي، سيوهڻ ۾ گوشي نشين ٿي ويهي رهيو. (ص 122)

انهن واقعن مان ظاهر ٿئي ٿو ته يوسف ميرڪ 1016 کان 1038هه تائين سيوهڻ ۾ ئي مقيم رهيو پر گوشي نشيني جي باوجودملڪي معاملن سان سندس دلچسپي برابر قائم رهندي آئي. سنڌ جي معاملن توڙي حالتن جي سلسلي ۾ سندس مطالعو ايڏو گهرو ۽ صحيح هو، جو وقت جا ڪي صوبه دار کانئس صلاح وٺڻ ضروري سمجهندا هئا. شمشير خان جي عملداري جو انحصار گهڻو ڪري يوسف ميرڪ جي مشورن تي هو: هو جيستائين ڪنهن معاملي ۾ هن جي راءِ معلوم نه ڪندو هو تيستائين ڪنهن به ڪم ۾ هٿ نه وجهندو هو (ص 131-133-134-139)، جن به معاملن ۾ شمشير خان هن جي راءِ توڙي مشوري تي عمل ڪيو تن ۾ کيس سو فيصدي ڪاميابي حاصل ٿي، انهي مان اها خبر پوي ٿي ته ”مظهر شاهجهاني“ جو مؤلف ڪيتري قدر دانشمند، تجربيڪار ۽ صحيح راءِ جو مالڪ هو ۽ سنڌ جي باري ۾ هن جو تجربو ۽ مشاهدو پڻ ڪيتريءَ حد تائين سند جي حيثيت وارو هو. مؤلف جي حياتي جي پوئين دور بابت هن ڪتاب مان صرف ايترو پتو پوي ٿو ته هو احمد بيگ خان جي ايامڪاريءَ ۾ سيوهڻ مان نڪري، بکر کان ٿيندو، ملتان ۾ پنهنجي وڏي ڀاءُ مير ابوالبقا امير خان وٽ وڃي پهتو، اتان پوءِ انهي سان گڏ (1039هه) ۾ ٺٽي آيو، جتي 19 محرم 1044هه ڌاري پنهنجي تاليف ”مظهر شاهجهاني“ مڪمل ڪيائين.

يوسف ميرڪ جي ڪيتري عمر هئي، ڪڏهن سندس انتقال ٿيو، 1044هه کانپوءِ پنهنجي وفات تائين هو ڪٿي رهيو ۽ سندس مصروفيت ڪهڙي هئي؟ تنهن بابت ڪابه خبرچار ناهي، نه وري سندس مدفن بابت ڪابه ڄاڻ ملي ٿي.

هن خاندان جا ٻه قبرستان موجود آهن: هڪ صفه صفا نالي بکر ۾ ۽ ٻيو مڪليءَ جي ٽڪريءَ تي جيڪو ”گورستان امير خاني“ جي نالي مشهور آهي، انهن ٻنهي قبرستانن ۾ يوسف ميرڪ جي مزار جو ڪو نشان نٿو ملي. ڪيتريون قبرون ڊهي پٽ ٿي چڪيون آهن ته ڪن جا ڪتبا شايع ٿي ويا آهن، ممڪن آهي ته انهن مان ڪا مزار يوسف ميرڪ جي به هجي. يا ائين به ٿي سگهي ٿو ته هو پاڻ گهڻو عرصو سيوهڻ ۾ رهيو ۽ ان کي پنهنجوا ختياري وطن (ص 160) بڻائي چڪو هو، ان ڪري اتي ئي سندس انتقال ٿيو هجي ۽ اتان جي مٽيءَ کيس پنهنجي آغوش ۾ پناهه ڏني هجي، ڇاڪاڻ ته اها ئي ڀلاري ڀونءِ هئي جنهن جي ترقي ۽ خوشحالي توڙي ظالمن جي ظلم ستم کان ان کي بچائڻ ۽ ڇوٽڪاري ڏيارڻ لاءِ هن پاڻ پتوڙيو هو. اهو احوال اڳتي اچي رهيو آهي.

”مظهر شاهجهاني“ ذريعي اها سڌ پوي ٿي ته مؤلف پنهنجي عقيدي جي لحاظ کان ڪٽر سني هو. مرزا يوسف (احمد بيگ خان جي ڀاءُ) جي ظلمن جو ذڪر ڪڍندي، هڪ هنڌ ڏاڍيءَ تلخيءَ سان طنز ڪندي، هڪ فقرو سندس قلم مان نڪري ويو آهي، جو هن جي عقيدي تي روشني وجهڻ لاءِ ڪافي ٿي سگهي ٿو. هو لکي ٿو ته

شيعي مذهب وارن وٽ، سنين کي آزارڻ

وڏي عبادت سمجهي وڃي ٿي.


(1)   راقم (پير حسام الدين راشدي) عالمن ۽ اميرن جي هن نامور خاندان جو مفصل احوال ”تذڪره امير خاني“ ۾ درج ڪيو آهي. انهي تاليف مان ضروري حالات اختصار سان هتي پيش ڪيا وڃن ٿا.

(2)   ”تحفته الڪرام“ (ڇپيل) ۾ بيجڪ (ب ي ج ڪ) ۽ خطي نسخي ۾ پيجڪ (پ ي ج ڪ) آيل آهي. ”مظهر شاهجهاني“ جي ٻنهي نسخن ۾ بجق (ب ج ق) لکيل آهي. (ديباچو) افغانستان جي ”قاموس جغرافيائي“ ۾ هڪ نالو پتچڪ (پ ت چ ڪ) ملي ٿو، جنهن لاءِ لکيو ويو آهي ته هي نئين قلعي جي ڏکڻ ۾ هرات جي دنگ سان بادغيسات جي علائقي اندر هڪ بيابان آهي، جيڪو 63 درجن 20 منٽن 24 سيڪنڊن ۽ 34 درجن 42 منٽن 34 سيڪنڊن اتراهين ويڪرائي ڦاڪ ۾ اچي ٿو.

(1)  سبزوار جو هڪ نالو اسفزار به هو. خراسان جو هي شهر هن وقت افغانستان واري ايراضي ۾ قنڌار کان هرات ڏانهن ويندڙ رستي جي ڪنڌيءَ تي آهي، انهي جو هاڻوڪو افغاني نالو شين دَند ٻڌايو وڃي ٿو.

(2)  هيءَ ”تحفته الڪرام“ جي روايت آهي. اوزبڪن جي فتني مان مير علي شير قانع جي مراد شايد محمد خان شيبانيءَ جي خراسان تي چڙهائي آهي. جا 913هه ڌاري ٿي چڪي هئي.

(3)  ”تحفته الڪرام“ (ڇپيل) ج 3 ص 137- ملا مير گهڻو ڪري 913هه ۾ قنڌار آيو هوندو، جڏهن محمد خان شيباني، حسين بابقرا جي وفات (911هه) کانپوءِ ان جي شهزادن کي شڪست ڏيئي، 913هه ۾ سڄي خراسان تي قبضو ڪري چڪو هو. قنڌار تي تڏهن ارغون خاندان جي حڪمراني هئي، جيڪو پوءِ (927هه) ۾ سنڌ تي اچي مسلط ٿيو.

(4)  مرزا حڪيم (ولادت 961هه) تاريخ 12 شعبان 993هه (16- جولاءِ 1585ع ڌاري ڪابل ۾ فوت ٿيو. کيس پنهنجي ڏاڏي بابر بادشاهه جي قبر جي کاٻي پاسي (باغ بابر ڪابل) ۾ دفن ڪيو ويو. بابر جي پاسي ۾ سندس پٽ مرزا هندال، ان جي ڀر ۾ مرزا حڪيم پوريل آهي، انهي ٽنهي قبرن تي جهانگير بادشاهه 1016هه ۾ پنهنجي تخت نشيني کانپوءِ پهريون ڀيرو ڪابل وڃڻ تي ڪتبا لڳرايا هئا. انهن مان مرزا حڪيم جي مزار جو ڪتبو هيٺ ڏجي ٿو، جيڪو راقم (پير حسام الدين راشدي) آگسٽ 1958ع ڌاري ڪابل جي سفر دوران پاڻ نقل ڪيو هو:

(1)_ الله اڪبر

ابوالمظفر نورالدين (2) محمد جهانگير بادشاهه غازي ابن حضرت جلال (3) الدين محمد اڪبر غازي جي فرمان موجب (4) محمد حڪيم ابن جنت آشياني همايون بادشاهه (5) غازي جي مزار تعمير ٿي، جلوس 2 (6) جهانگيري مطابق 1016هه.

(1)  ”اڪبر نامه“ ۾ ان جو ذڪر 980هه کان شروع ٿئي ٿو، تنهن ڪري اندازو آهي ته مير ابوالقاسم ان کان اڳ اڪبري درٻار ۾ آيو هوندو.

(2)  جڏهن نمڪسر (پنجاب) جو علائقو هن جي جاگير ۾ هو، تڏهن لوڻ مان هڪ ٿالهي تيار ڪرائي، اڪبر بادشاهه جي خدمت ۾ ڏياري موڪلي هئائين، جنهن ۾ سندس نمڪ حلاليءَ جي رمز رکيل هئي. بادشاهه انهي ڳُڻ کان خوش ٿي، کيس ”نمڪين“ جو لقب عطا ڪيو.

(1)  شاهجهان جي طرفان هن کي پهريان ”مير خان“ پوءِ ”امير خان“ جو لقب مليو هو.

(1)  مير نمڪين، صفر 1016هه ۾ باجور جو ٿاڻيدار مقرر ٿيو ۽ اٺن مهينن کانپوءِ رمضان 1016هه ڌاري هن کي سيوهڻ ۾ جاگير ملي.

(1)  مرزا غازي رجب 1017هه ۾ حڪومت جو نائب ٿي قنڌار هليو ويو ۽ پنهنجي انتقال 1021هه تائين اتي رهيو.

(1)  هن گورستان ۾ يوسف ميرڪ جو والد ۽ وڏو ڀاءُ مير ابوالبقا امير خان ۽ انهي خاندان جا ڪيئي افراد دفن ٿيل آهن.

(2)  هي خاندان شروعات کان پڇاڙي تائين مختلف عقيدن جو پابند رهيو آهي، ان مان ڪي شيعا ته ڪي سني هئا. هن بابت ”تذڪره امير خاني“ ۾ پوري وضاحت ڪئي وئي آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org