سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: تاريخ مظهر شاهجهاني

باب: --

صفحو: 17

جهانگير کي جڏهن مير ابوالقاسم جي هالاڻي جي خبر پهتي ته شمشير خان اوزبڪ کي پنهنجي غلام زادن سان گڏسيوهڻ ۾ مامور ڪيائين. مير ابوالبقا (310-1) شمشير خان جي شراڪت قبول نه ڪئي ۽ پنهنجا ٻار ٻچا وٺي دارالخلافه آگري ۾ جهانگير وٽ وڃي پهتو. بادشاهه سيوهڻ جو سمورو علائقو شمشير خان اوزبڪ جي جاگير ۾ ڏئي چڪو هو. پر اوٻاوڙو، گنجابو ۽ لانگاهن جي رپڙي ابوالبقا جي حوالي ڪيائين ۽ شاهي فرمان موجب اتي جا مڙئي قبيلا هن جا مطيع ٿي ويا.

”راقم الحروف (يوسف ميرڪ) ان ڏينهن کان پنهنجو منصب ترڪ ڪري روزگار جي جزوي مدد تي قانع رهي سيوهڻ ۾ گوشي نشين ٿيو.“

شمشير خان اوزبڪ به هن ملڪ کي چڱو آباد ڪيو ۽ گهڻو لشڪر گڏ ڪيائين. هن وٽ ست سئو اهڙا اوزبڪ جوان موجود هئا، جن مان سو کن سگهارن جوانن کي سدائين جڙائون پٽڪا مٿي تي ٻڌل هوندا هئا، سندن چيلهه سوني خنجر ۽ ترار سان سنواريل هوندي هئي ۽ روپهري زينون ران هيٺان ٿي رکيائون. هر هڪ وٽ (310-2) ست اٺ عارقي ۽ ترڪي گهوڙا هوندا هئا، باقي ٻين وٽ گهڻو ڪري ٻه گهوڙا (عراقي ۽ ترڪي) هئا. سندن ترارين جا مُٺيا چانديءَ مان ٺهيل هئا.

هن هر هنڌ مضٻوط ٿاڻا قائم ڪري سرحدون سوگهيون ڪيون، سندس سپاهه کي ڏسي سميجن انڙن توڙي ٻين وڳوڙين ڪابه سرڪشي نه ٿي ڪئي ۽ جيئن تيئن وقت پئي گذاريائون.

مرزا غازي جي مرڻ کانپوءِ مرزا رستم قنڌاريءَ سان گڏجي، ٽي هزار چار سئو اوزبڪ سوار ساڻ ڪري شمشير خان ٺٽي ڏانهن روانو ٿيو. واٽ تي سماواتي علائقي وارن سميجن دلن سان ڏاڍا ڪلور ڪيائين، جيئن اڳ ۾ ڄاڻايو ويو آهي. ائين ملڪ هڻندو، وڃي ٺٽي پهتو ۽ هڪ سال تائين اتي شاهي خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو. ساڳئي وقت سيوهڻ جو انتظام به سندس سنڀال هيٺ رهيو. هڪ سال کانپوءِ وري سيوهڻ واپس آيو.

مير ابوالبقا جي عملداري

ٺٽي جو صوبه دار تاج خان (311-1) وفات ڪري ويو ته شمشير خان کي اتان جي صوبه داري ڏني وئي. ابوالبقا کي مرزا دوست محمد جي شراڪت سان سيوهڻ جي جاگير تي مقرر ڪيو ويو. پر مرزا دوست محمد کي وري ملتان جو خزانو مقرر ڪيو ويو. پر مرزا دوست محمد کي وري ملتان جو خزانو قنڌار پهچائڻ جو حڪم مليو. هو اوڏانهن هليو ويو ۽ ابوالبقا پنهنجي استعبداد موجب سيوهڻ جا (هيٺيان) ٻه ٽي پرڳڻا ضابطي ۾ رکيا ۽ هن علائقي جي ڪن فسادين تي چڱيون ڪاهون ڪيائين”

1-  باغبانن واري پرڳڻي ۾ چانڊين ۽ سميجن ٿيٻن کئونس شروع ڪري ڏني، انهي پرڳڻي جا ٻه حصا مرزا دوست محمد جي جاگير هئا. هن جي عملدارن اچي ابوالبقا جو در ورتو، جنهن سيوهڻ مان سنبري، رات ڏينهن منزلون هڻي، ٻئي ڏينهن مانجهاندي جي ماڳ ۾ اڪبر آباد پهچي، گهوڙن کي داڻو پاڻي ڏيئي، ساهي پٽائي، سانجهيءَ جو (311-2) ور ياڳتي وڌڻ جي ڪئي. ائين رات ڏينهن رَئي اڏائيندي آخر وڃي داڙو بند واري ٽڪر جي هيٺانهينءَ ۾ چانڊين تي چڙهائي ڪيائين، جنهن ۾ انهن ”چنڊالن “ جا ڪيئي ماڻهو مارجي ويا ۽ ڪيترا ٻڌجي پيا.

موٽ تي وري باغبانن جي پرڳڻي ۾ سميجن انڙن جا تختا ڪڍايائين، سندن سردار گهوريو ٿيٻو قيد ٿي ويو، جنهن کي پاڻ سان گڏ سيوهڻ وٺي آيو. نتيجو اهو نڪتو جو وري چانڊين توڙي سميجن ٿيٻن ڪنهن جو نانءُ نه ورتو ۽ ماٺڙي ڪري ڍل پڃائيندا رهيا.

2- هڪ دفعي نومڙين ڏاڍائي ڪري سيوهڻ جي پرڳڻن وارن ڳوٺن ۾ رڻ ٻاري ڏنو. ابوالبقا، لنڊي جبل ۾ وڃي، ساڻن اٽڪيو، انهن بدبختن جا ڪيئي ماڻهو مارجي ويا ۽ رعيت کي مال واپس مليو (312-1) ۽ هنن پيش پئي، قول قرار ڏئي، جان ڇڏائي، انهن جا قافلا وڻج واپار سانگي سيوهڻ ۾ ايندا رهيا ۽ هر فصل تي اٺ ۽ دنبا پئي پهچايائون.

3- مير ابوالبقا پنهنجي هڪ خدمتگار منظور کي جهانگير آباد جي قلعي (لاکن واري تپي) ۾ پنجاهه سوارن سان مقرر ڪيو ۽ جمال خدمتگار کي سميجن انڙن واري ٽپي تي رکيائين. اتفاق سان منظور خدمتگار ڪن سميجن تي ڪاهه ڪئي جا خبر اڳواٽ سميجن مٿس وار ٿي ڪيا، انهي ڇڪتاڻ ۾ ڏهه پندرهن سپاهي مارجي ويا. سندن گهوڙا، هٿيار ۽ نغارا سميجن پنهنجي هٿ ڪيا. منظور ميدان هارائي جهانگيرآباد جي قلعي ڀيڙو اچي ٿيو.

جڏهن ابوالبقا کي پتو پيو ته پاڻ بخار ۾ پيو هو ۽ سواري نٿي ڪري سگهيو، تنهن ڪري پنهنجي وڏي پٽ عتيق الله کي پنهنجن ماڻهن (مٽن مائٽن ۽ سپاهين) سان گڏي کين سميجن جي مهم سپرد ڪيائين. هو جڏهن جهانگيرآباد جي قلعي ۾ پهتو، تڏهن سميجا ڪن ماڻهن کي وچ ۾ آڻي مقتول سپاهين جا گهوڙا سامان سميت ڪاهي آيا ۽ نغارا به ڏنائون ۽ ڏنڊ لاءِ به آتا ٿيا. عتيق الله کي جيئن ته جواني جي هوا مٿي ۾ هئي، ان ڪري صلح بدران جنگ لاءِ بئنش ڪيائين. هوڏمنجهان اڃا صابوءَ واري ڍنڍ تي پهتو ته پريان جوار جي پوک جي پويان پرو پيس (313-1)، جتي سميجا ٻار ٻچا ۽ ڍور ڍڳا جيسلمير جي پٽن ڏانهن روانا ڪري پاڻ گهٽ وٺيو ويٺا هئا، عتيق الله سندن پير کنيو، ويهارو کن جانٺا جوان پنهنجي سوٽ ڪامل سان اڳتي ڏياري موڪليائين ۽ پاڻ به هڪيو تڪيو انهن جي پويان روانو ٿيو. ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ اڃا ڪوهه ٻن جي وئي هئي ته سميجن عتيق الله جي فوج جي سامهون اچي ويڙهه شروع ڪري ڏني. الاتوهار ۾ ٽيهه چاليهه جوان جيڪي لشڪر جي اڳ ۾ ويا پئي، سميجن انهن جي گهوڙن کي ورائي، سڀني جو خاتمو ڪري ڇڏيو. خود سميجن جا به ڪيئي همراهه قتل  ٿي ويا. مرزا عيسى تران جو سالو لاکو پٽ پريو (سمجهن جو سرڪار) به هن جنگ جو بک ٿي ويو. پوءِ سميجا، نغارن واري اٺ جي ڪڍ پيا (313-2) ۽ لشڪر جي هار ٿي وئي. عتيق الله اٺ تان نغارا لاهي، خچر تي رکي ڏهن پندرهن سوارن سميت شڪست کاڌل لشڪر جي پٺيان جهانگيرآباد جي قلعي ۾ اچي پهتو.

ابوالبقا اها خبر ٻڌي ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ جيئن تپيو پيو هو، تيئن ئي بسترو ڇڏيائين ۽ درياهه ٽپي خطي واري پرڳڻي ج ڳوٺ مهراڻ ۾ آيو، انهيءَ ڳوٺ ۾ جهانگيرآباد واري قلعي درميان يارهن ڪوهن جو فاصلو هو. سميجن سڀ ڪجهه پئي جاچيو ۽ آخرڪي ماڻهو وٺي اچي ساڻس گڏيو. سميجن ڏوهه بخشائي ڍل ڏيڻي ڪئي. ابوالبقا اتي ئي مهراڻ ڳوٺ ۾ ترسي پيو ۽ خريف ۽ ربيع جا معاملا (314-1) نبيريائين.

اتان ٿي وري سميجن انڙن جي ٻئي پاسي ڏانهن رخ رکايئين، انهي وچ ۾ ڌاريجا ۽ مناهيجا ساڻس وعدا وعيد ڪري وڃي پنهنجي گهرن ۾ قراري ٿيا. سندن سردار ڌڻي پرتو ۽ طيب ابوالبقا سان گڏجي نڪتا،  ۽ واٽ تي راهوجن، فيروزيجن ۽ منگواڻن به اچي پرچاءُ ڪيو.

ابوالبقا تتي اونهاري ۽ سيوهڻ جي ڪوسين هوائن ۾ ڪچڙي منجهند جو مهراڻ جي ڳوٺ مان هلي، ٻيپهري جو وينجهڙي ۾ آيو، جو سميجن انڙن جي ٿاڪن جو دُن هو. هن جا سپاهي جهنگ جهر ۾ جاکوڙون ڪري ٻه هزار ڍڳا ۽ راهوجن جا ڪي ماڻهو گهلي آيا. هيءُ اها رات وينجهڙي جي ڍنڍ تي ديرو دمائي ويٺو. پنهنجي سپاهه کي چيائين ته آءُ اڳتي وڃن ٿو چاهيان، مون کي سميجن جا سر کپن، انهن جي مال سان  منهنجو ڪو مطلب ناهي. ائين چئي کن حڪم ڏنائين ته اهي ڍڳا ترارين سان ڪهي ڇڏيو، جيئن اوهان کي انهن جي ڪا چنتا نه رهي. سپاهين حڪم جي پوئواري ڪئي. ٻئي ڏينهن ڏوپهري تائين اتي رهي، اڳين جي نماز کانپوءِ سوار ٿي، سميجن ڏانهن ووڙ ڪيائين. رات ڏينهن سواري ڪري فجر جو ڪٽوهڙ واري ڍنڍ تي پڳو، نماز پڙهي، هٿيار ٻڌي گهوڙن تي هنو رکيائين. اڃا منجهند ڪانه ٿي هئي ته هالا ڪنڊي واري پرڳڻي جي ڳوٺن وٽ پهچي، منگواڻن جي مٿان وڃي پيو. ڪيترن ڀاڳ ڦٽن کي ڦٿڪائي، ڪن کي چوکنڀو ڪري ٻڌائين ۽ ولر مال جا پنهنجي پنهنجي هٿ ڪيائين. پڇاڙيءَ مئلن جون منڍيون لاهي ٺٽي جي مير مظفر خان وٽ مڪائين. وري ساڳئي رستي موٽي اچي سميجن انڙن جي ماڳ تي (315-2) جهانگيرآباد جي قلعي ۾ پير کوڙيائين. چئني پاسن کان سميجن انڙن اچي هٿيار ڦٽا ڪيا ۽ پنهنجن وڏيرن سان گڏجي پنهنجن تپن ڏانهن واپس ويا. هاڻ وٽانئن ڍل جي اوڳاڙي ٿيندي رهي.

ٻئي دفعي، سيوهڻ جي خاسائي شورن واري ڳوٺ تي ڪاهي ويو. اتان ڦري، سن وٽان ٿي، وينجهڙي واري قلعي جي مرمت ڪرائي اتي خيما کوڙيائين. روزانو آڙين،  تترن ۽ ڦاڙهن جا شڪار ڪندو رهيو. سميجن جتان ڪٿان ڍلون پئي ڏنيون. وينجهڙي وارو پاسو شڪار لاءِ ڏاڍو ڪارائتو آهي، سو ابوالبقا خريف تائين اتي رهيو. پوءِ سميجن انڙن مان هڪ هڪ کي هٿيڪو ڪري، مير ڪامل کي سپاهه سان قلعي ۾ رهائي، جوڻيجن جي پرڳڻي ڏانهن وک وڌائيائين.

ايتري ۾ خبر پهتي ته ٺٽي جي صوبه داري مظفر خان کي ڏيئي (315-2)، شمشير خان اوزبڪ کي سيوهڻ موڪلي ابوالبقا کي مظفر خان جي تابع ڪري، ٺٽي ۾ جاگير ڏني وئي آهي. ابوالبقا اهو ٻڌي جوڻيجن جي ڳوٺ کان پوئتي وري خطي پرڳڻي واري ڳوٺ رفيعن ۾ آيو، جو سميجن جو سرداري ماڳ آهي. هتي پهچي سميجن کي بقايائون وصول ڪرڻ لڳو، وينجهڙي ۾ جيڪو لشڪر هو، تنهن کي هيڏانهن گهرائي، سميجن کي دٻائي، انهن کان اٺ گهوڙا بقايا ۾ وصول ڪندو ويو. ائين ڪندي شمشير خان جا ماڻهو اتي پهچي ويا. ابوالبقا ڏٺو ته هاڻ ڳالهه هٿن مان وڃڻ واري آهي، سو جتي رهيل هو، وسندي مينهن ۾ اتان چڙهي سميجن جا ٻه ٽي هزار ڍڳا ڦري، ڪاهي وڃي سيوهڻ نڪتو. شمشير خان ٺٽي مان اچي ساڻس ملاقات ڪئي ۽ واپس ٺٽي روانو ٿي ويو (316-1) سميجن جو اڃا نڀاڳ ۾ منهن هو، تنهن ڪري سڌا نه پئي هليا. ابوالبقا بدين وڃي، سندن ڪيترن ئي سرڪردن کي ڦاهيءَ تي چاڙهيو.

شمشير خان جي عملداري، ٻيو ڀيرو

هن دفعي شمشير خان سيوهڻ ۾ آيو ته سميجن انڙن وري سرڪشي شروع ڪئي، ڪيترن سوداگرن کي خشڪي ۽ تريءَ وارن رستن سان تاراج ڪيائون. هڪ ڀيري ڪي سوداگر هزار کن اٺن جي وڳ سان ٺٽي کان بکر پئي ويا، جڏهن هالا ڪنڊيءَ ۾ آيا ته کين درياهه اڪري سيوهڻ ڏانهن وڃڻ ۾ دشواري نظر آئي، ڇاڪاڻ ته درياهه جي پرئين پاسي سميجن جو راڄ هو ۽ اورئين پاسي کين جبل جيڏو پنڌ جهاڳڻو ٿي پيو. لاچار ڪن سميجن کي ساڻ ڪري انهن رهزنن وارو گس ڏئي هليا. اڃا سميجن جي ديهه ۾ پير پاتائون ته هو سوداگرن سان ڪيل سڀ اقرار پٺيءَ پويان اڇلائي مٿنڪاهي آيا ۽ ڌاڙو هڻي سندن اٺو ڪڍي ويا.

ٻئي ڀيري ٺٽي جا سوداگر اوني ۽ ريشمي ڪپڙن جون ٻيڙيون ڀري درياهه مان ٿي آيا ته ساڳيا سميجا ويچارن سوداگرن جي ڪيترن ماڻهن کي ماري، سڄو سامان ڦري هليا ويا. شمشير خان همت ڪري ڪجهه سامان موٽايو، باقي مڏيءَ جي عيوض سميجن کان ڏنڊ ۾ اٺ وٺي سوداگرن کي ڏياريائين ۽ جيڪو نقصان ٿيو تنهن جي رقم پنهنجي پاران ڀري ڏنائين. پوءِ انهن ڌاڙيلن جي بنياد پٽڻ لاءِ لشڪر چاڙهي درياهه جي هن ڀر ويو ۽ سپاهگري جي چال سان سميجن جي ستياناس ڪري ڇڏيائين.

اها چال هيئن ڪيائين: هي (شمشير خان) جڏهن درياهه ٽپي هن پار ويو ته سميجن جا سردار، هڪ ڌڻي پرتو ڌاريجن طرفان ٻيو طيب مناهيجن پاران، اچي پيش پيا. پر راهوجن ۽ فيروزيجن مان ڪو به نه آيو. شمشير خان چيو ته هرڪو سميجو پنهنجن ڪکن ۾ پيو گذاري، منهنجو ڪنهن سان ڪو واسطو ناهي، جيڪي ماڻهو ڀڄن ٿا آءُ انهن جي ڪڍ ٿو پوان. انهي دلجاءِ ڏيارڻ تي سميجا انڙ خاص ڪير ڌاريجا ۽ مناهيجا ڏيڙان جي ڳوٺ ۾ پنهنجي اهل عيال سان وڃي جائيتا ٿيا ۽ صلح جي سانگي پنهنجا هٿيار ڦٽا ڪري رعيت ٿي گهارڻ لڳا، جنهن وقت شمشير خان جو گذر انهي ڳوٺ وٽان ٿيو ته آءُ (يوسف ميرڪ) به دوستي جي ناتي وٽس حاضر هوس مون کيس صلاح ڏني ته اهڙو موقعو وري هٿ نه ايندو! پنهنجن ماڻهن کي ميڇ ڏي ته هن ڳوٺ جو تختو اونڌو ڪن، ان لاءِ ته سميجن جي هڪڙي سريءَ کي هٿ ڪرڻ جي گمان ۾ گهوڙا ڊوڙائڻ، پوءِ به اها ور چڙهي الائي نه (317-1) تنهن کان چڱڱو ائين آهي ته اهڙيون هزارين سريون هتي ملنديون، ڇو نه انهن تي چنبا کوڙيا وڃن!

جيتوڻيڪ سيوهڻ جي ڪن زميندارن کي منهنجي اها صلاح ڪانه وڻي، ته به شمشير خان ان مان ڏاڍو خوش ٿيو. سميجن سان ته اڳ ۾ ئي راضي نامو ٿي چڪو هو، انهي حيلي بهاني پنهنجي لشڪر ۽ رعيت کي تاڪيد ڪيائين ته جيڪي فلاڻو چوي تنهن تي عمل ڪريو. انهي هشيءَ تي خدا جي مهر ۽ بادشاهي اقبال طفيل، سميجن ۾ ڪٽڪو پئجي ويو. ڌڻيءَ جي قدرت سان سندن هٿ وڍجي ويا ۽ وري نه ڌڌڙ ۾ پير وڌائون. اٽڪل هڪ هزار سميجا قتل ۽ ست سئو کن قيدي ٿي ويا، جن ۾ ڪي سردار به هئا. پڇاڙي سندن مال اسباب جنهن جو حساب خدا وٽ آهي، سپاهين ۽ رعيتي ماڻهن ۾ ورهايا ويا، جيڪي شمشير خان سان گڏ هئا.

318-1) هن ويڙهه ۾ ڌڻي پرتو ۽ طيب مارجي ويا. هيءَ پاڻ جنگ جي ئي ميدان ۾ منزل ڪري ويهي رهيو. صبح ٿيڻ تي اتان نڪري وينجهڙي واري قلعي ۾ آيو، ان جي مرمت کانپوءِ ٻي منزل اتي ڪيائين. ڏهياڙي هڪ فوجي جٿو ڇڙوڇڙ ٿيل سميجن تي ڪاهڻ لاءِ روانو ٿي ڪندو رهيو ۽ سپاهي پنجاهه سٺ سميجن جون سسيون ڌڙ کان ڌار ڪري ٿي آيا، جنهن ڳالهه هيڪاري وڌيڪ سميجن کي زبون ڪري ڇڏيو.

سميجن ۾ جيڪي هوسڙا ملاح هئا، تن به هنن جي زور تي درياهي مسافرن تي ڌاڙا ٿي هنيا، انهن مان به سو کن ماڻهو سپاهي هٿ ڪري آيا. شمشير خان حڪم ڏنو ته سڀني کي لاکاٽ ڳوٺ جي گهيڙ وٽ درياهه جي ڪنڌيءَ مٿان سوريءَ تي لڙڪايو وڃي. ان کانپوءِ هي پاڻ هڪ هفتو وينجهڙي جي قلعي ۾ رهيو، جيڪڏهن وڌيڪ ٻه مهينا اتي رهيل هجي ها ته سميجا ڳوليا نه لڀن ها ۽ انهن جون ملڪيتون پنهنجي مرضيءَ موجب رعيتي ماڻهن ۾ ونڊي ورهائي ها. (318-2) مون کيس گهڻو ئي سمجهايو ته ٻه مهينا اڃا هتي رهيو پيو هج! پر ڪو نه مڃيائين. انهن زميندارن جي چوڻ تي جيڪي سميجن سان سازباز ۾ هئا، هو وينجهڙي واري قلعي مان قيدينيک ساٻڻ ڪري نڪتو ۽ لاکاٽ جي ڳوٺ ۾ درياهه جي ڪپ تي اچي لٿو، جتي ننڍڙو قلعو اڏائي ويهي رهيو. جبل واري پاسي جي سميجن شمشير خان کي هڪ هزار اٺ ڏيڻا ڪيا پر هن ڪو نه ورتا. سميجن پنهنجي ساٿياري زميندارن کي وچ ۾ آڻي ش۾شير خان سان ڳالهيون ڪيون. آخر زميندارن هن کي پڪ ڏياري ته سميجا هر طرح مطيع ٿي چڪا آهن. تنهن ڪري اوهان کي سيوهڻ وڃڻ گهرجي. هو خدا ترس ۽ سادو ماڻهو هو، ان ڪري سندس روح ۾ رحم پئجي ويو. جمعي ڏينهن سڀني سميجن کي جيڪي وٽس قيد هئا، ڏوهه بخشي سندن مائٽن جي حوالي ڪيائين. پوءِ اتان درياهه (319-1) اڪري سيوهڻ ۾ آيو.

هڪ دفعي چانڊين، باغبانن ۽ ڳاهن واري پرڳڻي ۾ اڪبر آباد تائين لٽ ڦر شروع ڪئي ۽ زوري ماڻهو کنيو ٿي ويا، انهن پرڳڻن جي رعيت شمشير خان وٽ دانهن کڻي ويئي. شمشير خان انهي ئي مهل چانڊين تي چڙهائي ڪرڻ لاءِ اٿي هليو ، راقم الحروف (يوسف ميرڪ) به دوستي جي ڪري ساڻس گڏ هو، مون کيس راءِ ڏني ته چانڊين تي جاسوسي ذريعي يڪو چڙهائي ڪري سگهجي ٿي. شميشير خان ائين يڪي هائي لاءِ راضي نه ٿيو ۽ واٽ تي منزلو ڪندي ڪندي وڃي چانڊين کي رسيو. هو اڳ ۾ ئي سندس اچڻ جو ٻڌي جبل ڏانهن نڪري ويا هئا. شمشير خان جبل جي وٽ سان پوکيل چانڊين جي جوارين تي قبضو ڪيو ۽ لشڪر جي چوڌاري کاهيون ۽ لوڙها ڌڏياري تاڙ ۾ ويهي رهيو.

رات جو چانڊين اچي لشڪر تي تير وسايا (319-2) پر خدا کڻي خير ڪيو. صبح جو سوير شمشير خان جبل تائين ڪاهي ويو، چانڊيا جبل جي چوٽيءَ تي بيهي دهل وڄائڻ لڳا. هي ساڻن پڄي نه سگهيو. آخر سپاهين کي حڪم ڏنائي ته جوار جو فصل (جيڪو اڃا ڪچو هو) ترارين سان ڪپڻ شروع ڪري ڏين، جيئن چانڊيا پنهنجي اکين سان زيان ٿيندي ڏسي ساڙ کان پڄرڻ لڳڻ. سپاهين ائين ڪيو ۽ جيتري تائين پڄي سگهيا، جوار کي وڍي پٽ ڪريا ويا رات ٿي ته شمشير خان واپس اچي ساڳئي هنڌ تي ويٺو.

چانڊين هيسجي پنهنجيپاڙيسرين پنهورن کي وچ ۾ آندو. شمشير خان ڍل جي آڇ تي ساڻن راضي نامو ڪيو. ان کان پوءِ سيوهڻ جي علائقني ۾ ڪجهه ٺاپر ٿي.

ٻئي ڀيري بوبڪ جي پرڳڻي ۾ جبل پاسي رهندڙ باريجن ٻروچن وصولي ۾ گهٽتائي ڪئي، ان کان اڳ اهي هر فصل تي اٺ ۽ دنبا جاگيردار کي ڏيندا ٿي رهيا. شمشير خان مون (مولف) کان پڇيو ته هنن جي ڪهڙي ڳڻ ڪجي؟ (320-1) مون ورندي ڏني: جيڪڏهن چانڊين وانگي هنن تي به منزلون ڪري چڙهائي ڪندي ته ڪجهه به نه ورنديءِ هنن جا گهٽ ڏکيا آهن، سندن ڳوٺ هتان پنجن پهرن جي پنڌ تي ٿيندا جي اتي يڪو چڙهي هلين ته ڪجهه نه ڪجهه ٿي سگهي ٿو. منهنجي اها صلاح قبول ڪيائين. انت سانجهي جي نماز کانپوءِ نڪري هليو. سڄي رات پنڌ ڪيائين، پوئين اسر جو جبل جي هيٺاهين ۾ پهچي باريجن تي باهه ٻاري ڏنائي. هنن جا ڪيئي ماڻهو سندن سردار قاسم باريجي ۽ پٽس سميت مارجي ويا. هنن جي زالن ۽ ٻارن کي قيد ڪري قتل ٿيل ماڻهن جون منڍيون کڻي سيوهڻ آيو. باريجن مان جيڪي باقي (320-2) بچيا هئا. ميڙ کڻي اچي ساڻس مليا. باندين کي ڇڏيو ويو ۽ اڳ وانگي وٽانئن ڍل وصول ٿيندي رهي.

هڪڙي ڀيري سيوهڻ کان چوڏهن ڪوهن تي جبل جي ڀرسان ويٺل نوحاڻي ٻروچن ڦيٽاڙو ڪيو. معلوم هئڻ گهرجي ته جبل مان ٻه چشما ڦٽن ٿا، هڪ کي ڪائي ڪوٺجي ٿو ۽ ٻيو نئيگ ٿوسڏجي. نوحاڻين جون ٻه ڌريون آهن، هڪڙا ڪائيءَ واري چشمي تي ٻيا نئينگ واري چشمي تي ٿا رهن. سڀني جو ڌنڌو پوکي راهي آهي: بوبڪن جي پرڳڻي سان واسطو ٿا رکن. بختيار بيگ ۽ مير ابوالقاسم جي عملداري دوران هر فصل تي رڍون ٻڪريون ڏيندا هئا ۽ شاهي لشڪر جي مدد پڻ ڪندا ٿي رهيا. شمشير خان جي عملداري ۾ به ساڳئي نموني ڍل ڀريندا ٿي آيا ۽ لشڪر جو به ساٿ پئي ڏنائون. سميجن تي لشڪر ڪشيءَ مهل به درياهه ٽپي هن ڀر وڃي، پنهنجون خدمتون سرانجام پئي ڏنائون (321-1) جابلو ماڻهو، جيتوڻيڪ جهنگ ۽ بيابان اندر ڏتڙيل حال ٿا گذارين، تڏهن به شمشير خان سيوهڻ جي ڪن وڏيرن جي چوڻ تي (جيڪي هنن جا دشمن هئا) لڳي، سميجن انڙن تي ڪاهڻ جو منهن ڪري سيوهڻ کان اڌ مُنو ڪوهه پرتي منديجي واري گهٽ وٽ اچي ويٺو. اتان ٻپهري جي نماز مهل نوحاڻي ٻروچن تي حملي ڪرڻ جو سوچيائين. اڃا صبح ٿيڻ تي هو ته انهن ۾ وڃي ٽاڪوڙا وڌائين، ڪيئي ماڻهو مارجي ويا. نئيگ جو سرار ناتالو به پنهنجن ڀائرن، پٽن ۽ ڏهن ٻارهن ماڻهن سميت قتل ٿيويو. ٻئي پاسي وارا ٻروچ بچي ويا پر هنن جون پاڙون پٽجي ويون، اڃا تائين ڪڇي نه ٿا سگهن. هنن جو ٻه هزار کن آدم هو ۽ هن جنگ ۾ سندن پنجاهه سٺ مارجي ويا ۽ ٻين ڀڄي جند ڇڏائي (321-2).

شمشير خان جي انهي ارڏائي جو نتيجو اهو نڪتو جو نوحاڻي ٻروچن جن کي بختار بيگ ۽مير ابوالقاسم، جبل ۾ ويٺل نومڙين جي سڌ سماءَ لهڻ لاءِ دلداريون ڏيئي پاڻ ڏانهن ڪيو هو ۽ جڏهن به نومڙين سيوهڻ جي ڳوٺن تي پئي ڪاهه ڪئي ته هنن پهريءَ سٽ ۾ اچي رعيت کي خبردار ٿي ڪيو ۽رعيت سُچيت ٿي پنهنجا ڍور ڍڳا منڇر ڍنڍ ڏانهن ڪڍي ٿي وئي ۽ هوڏانهن سيوهڻ جي جاگيردار به انهي کڙڪ پوڻ تي لشڪر ڏياري پئي موڪليو جو ڳوٺن جي وچ تي اچي مورچا ٻڌي ٿي ويٺو ۽ جيستائين نومڙيا ڪک پن ٿي هيڏانهن هوڏانهن هليا ٿي ويا، تيستائين لشڪر واپس نه پئي وريو ۽ انهي ڪري نومڙين سيوهڻ جي ڳوٺن کي هٿ نه پئي لاتو:

ليڪن هن واقعي کانپوءِ نوحاڻين جا پونير ٽڙي پکڙي وڃي نومڙين جي ماڳن ۾ مڙيا ۽ هن علائقي جي پويان هو پاڻ ئي ڏائڻ ٿي لڳا. هنن نومڙين کي گس وٺائي، کانئن اهو ڪي ڪرايو، جو سندن وڙهو. (322-1) انهن لاهي پاهي سيوهڻ جي حويلي ۽ سن کي تباهه ڪري ڇڏيو. شمشير خان آخر ٻيو ڪو چارو نه ڏسي، مجبور ٿي، مريد نالي نومڙين جي سردار کي ريهي ريبي پنهنجي پاسي ڪري، کيس ٽهڻيءَ واري ديهه بوبڪن واري پرڳڻي کان الڳ ڪري جاگير ۾ ڏني، جنهن جي آمدني ٻه ٽي هزار هئي. اها پهرين بدعت هن ملڪ ۾ پيدا ٿي، جو هڪ حاڪم هتان جي وڳوڙين کان هيسجي، کين جاگير بخش ڪئي ۽ مريد جهڙي سرڪش ماڻهوءَ سان ٺاهه ڪيائين. پڇاڙي شمشير خان پنهنجي خرچ سان نار ڳوٺ جي چوڌاري قلعو اڏايو ۽ پنهنجو لشڪر اتي ويهاريائين.

پر پوءِ به نومڙيا پنهنجن بڇڙاين کان نه مڙيا. صلح کان پوءِ جڏهن ٻوڏآئي ته ڳاهن ۽ بوبڪن جا رعيتي پراڻي دسوتر مطابق پنهنجا ڍور ڍڳا (322-2) مٿي جبل ڏانهن ڪاهي ويا. نومڙين مريد جي صلاح کانسواءِ انهن جو ڌاڙو هنيو ۽ بوبڪن جي پرڳڻي وارن ماڻهن مان ڪيترن کي قتل ڪري ڇڏيائون. هنن کان پنجيتاليهه هزار ڍور ڍڳا ڦري ويا ۽ ٻيو به ڪيترو سامان کانئن کسيائون. تڏهن مريد سيوهڻ ۾ شمشير خان وٽ حاضر هو. هن خبر ٻڌڻ سان سڀني ماڻهن شمشير خان تي زور آندو ته مريد کي قد ڪرڻ کپي، جيئن رعيت جي ملڪيت سئيءَ سڳي سميت واپس ڪرائي ڏيڻ ۾ سڻائي ٿئي. اها ڳالهه شمشير خان ڪانه قبولي. هٿئون مريد کي گهرائي کيس چيائين ته متان بوبڪن جا ماڻهو توتي دانهين ٿي مون وٽ اچن سو تون في الحال هتان نڪري هليو وڃ. ان کانپوءِ ڀلي مون وٽ اچجانءِ!، مريد رات وچ ۾ وڃي پنهنجي ڳوٺ پهتو. ٿورن ڏينهن کان پوءِ جڏهن جهيڙو ٽريوته شمشير خان وٽ موٽي آيو (323-1).


(3)   ڏسو تعليقات.

(1)   11 صفر 1021هه، قنڌار ۾ فوت ٿيو.

(2)   مرزا رستم 10 محرم 1022هه ۾ ٺٽي پهتو. (ڏسو ماثر الامراءَ ج 3 ص 434. ذخيره الخوانين ص 57 ۽ تحفته الڪرام ۽ مقالات الشعرا 488)

(3)   ڏسو تعليقات.

(4)   ڏسو تعليقات.

(5)   ڏسو تعليقات.

(1)   ڏسو تعليقات.

(1)    شمشير خان جي اچڻ کانپوءِ ابوالبقا کي چاچڪن جي پرڳڻي مان بدين، چاڪر هالي جي راڄڌاني مان نيرون ڪوٽ ۽ شال جي جاگير ملي هئي:

(2)   يوسف ميرڪ جهڙي عالم فاضل کي قاضي قاضن واري انهي ڪارنامي تي بيشڪ مبارڪون ڏيڻ کپن. (مترجم)

(1)   سبحان الله، سندس سادگي ۽ خدا ترسي جي حالت اها هئي جو خود مولف چواڻي سميجن سان ويسا گهاتي ڪري انهن جا هڪ هزار ماڻهو قتل ۽ ست سئو کن قيد ڪيائين. (مترجم)

(1)   ڪائي جي مٿان ساڳئي نالي تي ڳوٺ اڃا موجود آهي هتي نوحاڻي ٻروچن جو پڳدار رهي ٿو، انهي ڳوٺ جي لڳ هڪ جبل آهي، جنهن ۾ عاد ثمود جي قوم جي طرز تعمير تي قديم دور کان ست گهرون (گهر) ٺهيل آهن. چيو وڃي ٿو ته آڳاٽي سمي اتي دراوڙن جا ماڳ هئا (مترجم)

ــــ نئينگ سيوهڻ کان ويهه ميل 7 دادو کان به ايترو پنڌ پري موجود آهي.

(1)    ٽهڻي، ڳوٺ شاهه حسن ۽ ڇني (ضلع دادو) جي لڳ موجود آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org