کيس جوانيءَ ۾ مجاز جي مهيز آئي، جنهن محبوب ڏي
روح جو رايو هئس سا خود وڇوڙي جا زخم سهي نه سگهي
۽ جلد گذاري ويئي. عارف الموليٰ هن باري ۾ لکي ٿو
ته: حسن بخش شاهه کي مجازي محبت مان حقيقي عشق جو
عقاب چنبن ۾ چائي ويو. جو چيائين ته: عشق عقاب
شتاب مون کي، باز وانگي اچي جهٽيو آ (3).
اِهي مرحلا طئي ڪري پيار پيو ۽ زندگيءَ جي ڪارزا ۾
ڪي مشغوليون کيس ٽيڪ ڏيڻ لڳيون. انهن ۾ اول کيس
ملاکڙن جو شوق جاڳيو ۽ اُن سان گڏ شعر و شاعري ۽
راڳ ويراڳ ۾ پاڻ کي مصروف رکيائين. ائين زندگيءَ ۾
دلچسپيون پيدا ڪيائين. پير حسن بخش شاهه جو ڪلام
ٿورڙو ئي آهي. اُن ۾ سنڌي بيت ۽ ڪافيون، نعت،
منتقبت ۽ مرثيا آهن. سرائيڪيءَ ۾ ڪجهه ڪافيون
آهن.س ڀني ڪافين تي راڳڻي ۽ تال مقرر ڪيل آهي.
سنڌي بيت سُر سسئي، مارئي، ڌناسري ۽ محبت ۽ مجاز
جي عنوان هيٺ ترتيب ڏنل آهي. ڪلام ٿورو ئي آهي، پر
موضوع ۽ هيئت، زبان ۽ ٻيان ۾ نهايت اعليٰ معيار جو
آهي. هندي ۽ اردو ڪلام به هن ڪتاب ۾ شامل آهي.
ڪلام حسن بخش جي پهرين ڪافي، سنڌ جي مقبول ترين
ڪافي آهي. سٺن سٺن ڳائڻن هن ڪافيءَ ذريعي پنهنجو
آئيندو به سنواري ورتو. هيءَ ڪافي حسن بخش شاهه جي
زندگيءَ جو جي ڪُل ڪلام هجي ها ته به هن ڪافيءَ جي
ڪري هُو وڏو شاعر آهي. عشق جو پنڌاوءکو آهي. ڪي
تارُو هي درياءَ تري پار پون- چوي ٿو:
گهڙي منجهه عشق جي دريا، هلڻ هُن پار مشڪل آ،
لنگهي تنهن حد لاحد کان، ٿيڻ مختيار مشڪل آ.
1- ڪري دنيا ترڪ يارو، ڪڍي سي لُنگ لونگوٽيا،
ڇڏي سر ساد جو سانگو، اچڻ اظهار مشڪل آ.
2- لاڳاپا لوڪ جا لاهي، ڇِني سڀ يار يارانا،
نَگئون نڪري ٿيڻ نانگو، نسنگ نروار مشڪل آ.
3- ڏسي سي
ڇوه ڇولين جا، پوَڻ ڪاهي انهي ڪن ۾،
بحر
منجهه موج مستيءَ جي، سَٽڻ سر پار مشڪل آ.
4- ناهي ڪو ٻانڊ نا سيڻه، نڪا ڍونڍي ملاحن جي،
توڪل جي بنا تُرهي، ترڻ سو تار مشڪل آ.
5- حسن
بخش هوش جون ڳالهايون، ڦٽا ڪر ڦند فڪرن جا،
بنا سودي صفا سِرَ جي، ڏسڻ ديدار مشڪل آ.
(روپ ڪليان، تال تين تال)
”هن عشق جي اَڙاه“ چئي هِت عشق جي ڳالهه دريا جي
اُبتڙ باه سان ڀيٽ ڪندي ڪري ٿو. هيءَ به هڪ مقبول
ڪافي آهي. ڪافيءَ جا چند بند شاعر جي دل جي گرمائش
۽ بره جي باب کي کولين ٿا:
هن عشق جي آڙاه، ڪئين هزار ٻهڳڻَ ٻاريا،
هر دوجهان نينهن جي نشي، جوڳي جُنگ جياريا.
1- بره باب جي ڪتاب، ٻيا ڪتاب ڪُل وساريا،
ڪئين
جوان منجهه طوفان، ڪن جا ڏيل ڪَرٽ ڏاريا.
2- مجني مير اَمير تي، بَر ۾ گُلَ بهاريا،
جنهن
کي ليليٰ هڪڙي لاڏ سان، سئو سُور سيکاريا.
3- حسن بخش عاشقن لئه، هئه هئه لڙڪ هاريا،
قربان تن جي نام تان، جن قول قالوا جا
پاريا.
(روپ سهڻي ۽
ڀيروي، تال دادره)
عشق، حقيقت، مجاز، حسن بخش شاهه جو بنيادي ۽ مرغوب
موضوع آهي. چوي ٿو:
عاشق اَجلل سامهان، اچن اُڏاڻا،
هڪڙيون لوپون لوڪ جون، ٻيا محبن جا ماڻا،
جهجها ڦٽ جا، ڳڻتيون ڳاراڻا،
وحدت جي وهنوار ۾، هو وتن وڪاڻا،
پُورن آهن پاليا، سُورين ساماڻا،
کُورن ۾ کاڻا، هئه هئه حسن بخش چئي.
حسن بخش شاهه جا بيت به سندس جوش ۽ جذبي کي ظاهر
ڪن ٿا. هي ٿورا بيت شاعر جي مڪمل شخصيت جا ترجمان
آهن:
هوتن ري حسن بخش چئي، ٿو اندر مون آٽي،
بندي بره بلوچ جي، قلب وڌو ڪاٽي،
آريءَ جي عشق ۾، وڌس وره وهاٽي،
دانهون ڪيم درد سان، ڦڦڙ ٿو ڦاٽي،
ڏکيءَ کي ڏونگر ۾، وڌو اُڃَ اُڃاٽي،
هُوءَ جا وڌس اُس اُساٽي، تنهن کي رسج هوت حسن بخش
چئي.
مارئيءَ جي بيان ۾ ملير موٽڻ جي خواهش جو بيان
هئين ڪري ٿو:
موٽي شال ملير ڏي، هيءَ بندياڻي بيواه،
چِير چُوڙيلين سان، وڃي چُوپيان منجهان چاه،
ٿڌي واري ٿَرَ جي، سيباڻي کي ساه،
وٺا مِينهن ملير تي، گَسين ڦُٽا گاه،
عمر لڳ الله، موٽائج ملير ڏي.
حسن بخش شاهه جي سرائيڪي ڪافي ”اڱڻ اسا ڏي آ مٺا
دلبر، مين جا تيڏي گولڙيان“ به هڪ مقبول ڪافي آهي.
حسن بخش جو هي ٿورو ڪلام ڏسي اهو اندازو لڳائي
سگهجي ٿو ته سندس ڪلام گهڻو هوندو جو اسان جي
سامهون نه آيو آهي.
خواجه غلام فريد (1845-1901ع):
سرائيڪي زبان جو هي سرواڻ شاعر، اصل سنڌ وطن هجڻ
ڪري ڪن سنڌي ڪافين جو خالق به آهي. ديوان فريد
پهرين خواجه غلام فريد جي زندگيءَ ۾ شايع ٿيو.
پوءِ ٻيا مختلف ايڊيشن ۽ خواجه فريد جي سوانح،
ڪلام، لغات ۽ فريديات بابت ٻيا ڪتاب نڪتا. يوسف جي
خريدارن ۾ منهنجو به نالو شامل ٿي ويو جو هڪ ڪتاب
”ميرا عشق بهي تُو“ (2002) لکيم، جيڪو بزم ثقافت
ملتان شايع ڪيو. ”ديوان فريد“ جي اشاعت ۾ مولوي
عزيز الرحمان جو بنيادي ڪردار آهي. تازو جاويد
چانڊئي ديوان فريد ايڊٽ ڪري شايع ڪيو آهي. ائين هي
موضوع سرائيڪي شاعريءَ ۾ اهميت وارو آهي. خواجه
صاحب جون ڪجهه سنڌي ڪافيون به ديوان ۾ آهن، جن ٻين
ڪتابن ۾ خواجه غلام فريد جي ڪلام بابت معلومات ملي
ٿي، اُنهن ۾ محمد اسلم ميتلا، مولانا عبدالرشيد
طالوت، دلشاد ڪلانچوي، ڪيفي ڄام پوري، اسلم رسول
پوري، مهر عبدالحق، مجاهد جتوئي ۽ ٻين محققن جا
ڪتاب اهم آهن.
اهو عالم آشڪار آهي ته ملتان قديم دور کان وٺي
تايخ جي حوالن ۾ آهي. ملڪ سدوءَ جو نالو هن سلسلي
۾ اهميت وارو آهي، جو سدوزئين ملتان جي تاريخ جي
ماضي قريب جي دور ۾ اهمڪردار ادا ڪيو. ملڪ سَدوء
هڪ بهادر سياستدان هو(4). ملتان اُن وقت سنڌ سان
شامل هو. ڇهين صدي عيسويءَ تائين سنڌ جون حدون
وسيع هيون. سڪندر اعظم جڏهن ملتان تي حملو ڪيو ته
هتي ملي يا ملوئي قوم هُن سان مقابلو ڪيو(5).
تاريخ ۾ روشن رهندڙ هي علائقو، بهاولپور ۽ سنڌ،
خواجه فريد جي شاعريءَ جي سرزمين آهي.
واديءَ سنڌ جيڪي باڪمال ۽ اعليٰ انسان پيدا ڪيا
آهن. خواجه غلام فريد انهن ۾ هڪ اهم ۽ منفرد شخصيت
آهي. هُو هڪ اعليٰ صوفي شاعر ۽ رهبر ٿي اُڀريو.
خواجه فريد هڪ شاعر محبت به ڄاتو وڃي ٿو. سندس وڏا
حضرت عمر فاروق رضه جي اولاد مان هئا. اُهي پهرين
سنڌ ۾ آيا. پوءِ سنڌ جي شهر ٺٽي مان لڏي ملتان جي
قريب منگلوٽ ويا (6).
ٿوري وقت کانپوءِ اُتان لڏي دريا جي اوڀر ڪناري
ضلعي مظفر ڳڙه ۾ سڪونت پذير ٿيا. وري هڪ مريد مٺن
خان جي اسرار تي اولهه ڪناري تي مٺن ڪو (يا هاڻي
ڪوٽ مٺن) ۾ آباد ٿيا. بعد ۾ سکن جي شورشن کان تنگ
ٿي، بهاولپور جي امير نواب صادق محمد خان جي
گذارش تي رياست ۾ چاچڙان (ضلعو خانپور) ۾ آباد
ٿيا، پر مٺن ڪوٽ سان تعلق قائم رکيائون(7).
مولانا عبدالرشيد طالوت کي ٿو ته:”سنڌ جي قيام جي
دوران سنڌيت جي جذبي هيٺ سنڌي نالااختيار ڪيائون.
جيئن شيخ پنهون، شيخ ڪوڙو ۽ تارو وغيره. هن سلسلي
۾ خواجه فريد جي وڏن مان ڪن جو ذڪر به ڪيو اٿس. ان
کانسواءِ هن خواجه فريد جي ذات ڪوريجا جي باري ۾
ڪونري (ڪوزي) واري روايت به بيان ڪئي. بهرحال
ڪونري جي نسبت مناسب نٿي لڳي. البت شيخ ڪوڙي جو
اولاد هجڻ مڃڻ جي ڳالهه آهي، وڏن ۾ اُن جو نالو به
آهي(8).
جيڪو پهريون بزرگ منگلو وٽ آهي، سو خواجه محمد
شريف هو. اُن کانپوءِ خواجه احمد عليءَ جو نالو
اچي ٿو، جيڪو خواجه فريد جو ڏاڏو هو. اُن کي ٻه
فرزند ٿيا: خواجه خدا بخش (خواجه فريد جو والد) ۽
خواجه تاج محمود، خواجه خدا بخش کي به ٻه فرزند
ٿيا: خواجه غلام فخرالدين ۽ ننڍو اسان جو شاعر
خواجه غلام فريد وڏو. اڳتي هلي فخر جهان جي نالي
سانمشهور ٿيو ۽ خواجه فريد پنهنجي تاريخي نالي
”خورشيد عالم“ سبب سچ ته خورشيد عالم بنجي
چمڪيون(9).
خواجه غلام فريد جي ولادت 26 ذوالقعد 1261هه
بمطابق 1845ع تي ٿي. ٽن سالن جي عمر ۾ سندس رسم
بسم الله ڪئي ويئي. سندس چاچي خواجه تاج محمد
ننڍڙي فريد جي ڏسڻي آڱر هٿ ۾ وٺي چيو: ”آک غلام
فريد الف“. اهو ڪلمو وري وري دوهرايو ويو ته جواب
به ساڳيو مليو: ”آک غلام فريد الف“. هي جملو موزون
هو. فريد جئن چيو ته سندس چاچي تي وجد واري ڪيفيت
طاري ٿي ويئي (10). طبع جي موزونيت جي هي چِٽو
مثال هو. ڄڻ شاعريءَ جي شروعات ٿي ڪي هئي. هي
دُربي بها ننڍپڻ ۾ ئي دُر يتيم ٿيو. چئن سالن جي
عمر جو هو ته والد انتقال ڪري ويو. اٺن سالن جو
ٿيو ته امڙ جي شفقت کان به محروم ٿي ويو ۽ پوءِ
سندس تربيت ۽ تعليم مُربي ڀاءُ ۽ مرشد حضرت خواجه
فخر جهان جي هٿ هيٺ شروع ٿي. اٺن سالن جي عمر م ئي
قرآن شريف حفظ ڪري عربي فارسيءَ جي تعليم جي ابتدا
ڪيائين(11). خواجه فريد جي تعليم ۽ تربيت ۾ سندس
مامي ملڪ غلام محمد به اهم ڪردار ادا ڪيو. نواب
محمد صادق خان امير بهاولپور جي چوڻ تي خواجه فريد
جي تربيت شاهي محل ۾ ٿي(12). تيرهن سالن جي عمر ۾
پنهنجي رهبر ۽ مُربي ڀاءُ فخر جهان جي هٿ تي بيعت
ڪيائين. سورهن سالن جي عمر ۾ ظاهري علمن جي تحصيل
ڪري فارغ ٿيو. جڏهن سندس عمر اٺاويهه سال هئي ته
خواجه فخر جهان گذاري ويو(13). خواجه فخر جهان سان
والهانه عقيدت جو اظهار خواجه فريد ڪافين ۾ ڪيو
آهي:
چشمان فخر الدين مٺل ديان،
تن من ڪيتا چڪنا چُور،
گهول گهتان مين فخر جهان تون،
جنت حور قصور.
هاڻي خواجه فريد جون ذميواريون به وڌيون. روحاني
به ۽ دينوي به، عبادت لاءِ روهيءَ ۾ غفا (گهپا)
تيار ڪرايائين. ارڙهن سال اُتي رهيو. هي سندس
زندگيءَ جو اهم دور هو. مٺن ڪوٽ ۽ چاچڙان شريف سان
لاڳاپو رکندو آيو. اندازاََ هڪ سئو ماڻهو وٺي حج
ڪيائين. سڄي ملڪ ۾ به سفر ڪيائين.(14).
خواجه فريد جون ٽي شاديون ٿيون. پهرئين گهر مان
فرزند خواجه محمد بخش نازڪ ۽ ٻه (ڪن وايتن ۾ هڪ)
نياڻيون ٿيون. روهيءَ مان جنهن بي بيءَ سان شادي
ٿي، اُن جي والد جو نالو جمع لاڙ هو. اُن کي ڪن
ڪتابن ۾ رومانس، معاشقو سڏيو ويو ته ڪن اُن لفظ کي
پسند ڪو نه ڪيو. مون پنهنجي ڪتاب ”ميرا عشق ڀي
تُو“ ۾ هن معاملي تي هيءَ راءِ ڏني آهي ته ڪو عيب
ڪونهي جو انساني فطري جذبات کي ڦيرائي هروڀرو پوش
ڍڪائجي (15).
خواجه صاحب 6 ربيع الثاني 1319هه بمطابق 24 جولاءِ
1901ع تي گذاري ويو. وفات کان ٿورو اڳ هي شعر
اُچاريندو رهيو:
گذريا ويلا هسڻ کِلڻ دا،
آيا فريد وقت چَلڻ دا.
جيئن شاهه عبداللطيف جو رسالو سنڌي زبان لاءِ هڪ
محفوظ قلعو ۽ دستاويز آهي، تئن سرائيڪي زبان لاءِ
خواجه فريد جون ڪافيون هڪ اهڙيون قومي ستاويز هن،
جن هن زبان کي تحظ ڏنو آهي، هتي اسان جو واسطو فقط
سندس سنڌي ڪافين سان آهي. خواجه فريد پنهنجي
سرائيڪي ڪلام ۾ به ڪي تُڪون، لفظ ۽ فقرا ٻين زبانن
جا ڪم آندا آهن، جن ۾ سنڌي زبان سر فهرست آهي.
پنهنجي ملفوظات مقابيس مجالس ۾ خواجه فريد مومل کي
خواب ۾ ڏسڻ جو اشارو ڏنو آهي. ڪاڪ جو ذڪر ڪندي هڪ
سرائيڪي ڪافيءَ جو ٿل سنڌيءَ ۾ رکيو اٿس:
ميڏا مٺڙا ماڻهو ڪاڪ جا، شالا رانا ايندم رات.
ائين سسئي پنهون جا حوالا به ڪلام ۾ آيل آهن: نه
ڪر ڪيچ وڃڻ دي رهه ٻروچل يار، يا سنڌ جو ذڪر به
ڪري ٿو:
هي عرب شريف سڌائي،
بو سنڌ پنجاب دي آئي.
ديوان فريد ۾ ٻن مڪمل سنڌي ڪافين کي متن ۾ شامل
ڪيل آهي. اُهي آهن ڪافي نمبر 62 ۽ 63. اُن سان گڏ
منهنجو خيال آهي ته ڪافي نمبر 152 به سنڌي زبان ۾
آهي، اُن کي محقق سنڌي تسليم ڪن ها. ديوان فريد
کان سواءِ سنڌ جي ڪتابن ۾ به خواجه فريد جي نالي
آئي آهي:
هر دل جو دلدار يار منهنجو،
سهڻيان جو سردار يار منهنجو،
ڪٿ ملا ڪٿ امر ناهي،
ڪٿ منصور تي دار يار منهنجو،
آپ ڇپائي راز حقيقي.
آپ ڪري اظهار يار منهنجو،
ڪٿ بلبل ڪٿ گل جي صورت،
برگ ڪٿان ڪٿ خار يار منهنجو،
ڪٿ سُرخي ڪٿ ناز نزاڪت،
ڪٿ ڪجلا ڪٿ ڌار يار منهنجو،
ڪٿ ڍولڪ تي ڪٿ تا ترانه،
ڪٿ صوفي ڪٿ سرشار يار منهنجو،
ڪٿ عابد تي ڪٿ نفل دوگانه،
ڪٿ ڪيفي ميخوا يار منهنجو،
ڪٿ عاشق ڪٿ درد ڪشالي،
ڪٿ دلبر غم خوار يار منهنجو،
يار فريد نهين وچپردي،
خود پرده هي يار يار منهنجو.
فقط چند لفظ سرائيڪيءَ جو تاثر ڏين ٿا نه ته سڄو
جوڙجڪ سنڌيءَ جو آهي. سنڌي ماخذن ۾ ڪي ڪافيون لڀ
ٿيون. ڊاڪٽر بلوچ جي لوڪ ادب رٿا جي چاليهن جلدن ۾
ڪافين جا ٽي جلد آهن. انهن مان جلد ٻئي ۾ خواجه
فريد جون ٽي سنڌي ڪافيون به آهن. اُنهن جو ماخذ
سنڌي ادبي بورڊ ۾ پيل ڪافين جو بياض آهي. سنڌي
ڪافيون اِهي ئي آهن، جن جو مٿي ذڪر ٿي چڪو، يعني
ديوان فريد جون ڪافيون نمبر 62-63-152. ٻيو سنڌ جو
ماخذ پروفيسر بدويءَ جو تذڪره لطفي (جلد-3) آهي،
جنهن ۾ اَٺَ ڪافيون شامل آهن. اُنهن ۾ ديوان فريد
جون مٿي ذڪر ڪيل ٽي ڪافيون ۽ ٻيون پنج ڪافيون آهن.
جن جا ٿلهه هي آهن:
يار کي ڪر مسجود،
ڇڏي ڏي ٻيو معبود.
-
ٿي تابع خلفت سڀ ته به ڇا ٿي پيو.
متان من ماندو ٿيو آنهن،
پنهل نا ئي ڌار.
-
هر صورت وچ ديدار ڏٺم.
-
هر جاءِ حسن ازل آهي، صوفي سمجهه سڃاڻ.
هنن ٿلهن واريون ڪافيون ديوان فريد ۾ بالترتيب
نمبر 32، 4، 54، 84 ۽ 139 واريون آهن. ائين ٿو لڳي
ته اِنهن نمبرن واريون ڪافيون ڪنهن سنڌيءَ ۾ ترجمو
ڪيون آهن. خواجه فريد تي سنڌ جو اثر گهڻو آهي.
هيٺيون مصرعون اهڙو اثر ظاهر ڪن ٿيون:
سچل: آءٌ ڇو ڏکن ڪاڻ ڄائي آهيان، سورن ڪاڻ سمائي
آهيان.
فريد: ڏکڙين ڪارڻ ڄائي هم، سولين سانگ سمائي هم.
سچل: فارغ آهيان فرض کان سنت کي به سلام.
فريد: گذري فرض فريضي، سنت ڪوڀي سلام.
خوش خيرمحمد: رند روز شب آهن سدا، وحدت جي واديءَ ۾ غرق.
فريد: آهن قلندر روز ب، پنهنجي خوديءَ ۾
خود غرق. (ڪافي 64).
اهڙا مثال ڪي ٻي به آهن. آخر ۾ خواجه صاحب جون ٻه
ڪافيون پيش ڪجن ٿيون، جيڪي ديوان ۾ 62 ۽ 63 نمبرن
سان هن:
عشق اسان جي جا انصاف (17).
ظلم نڀائيندس تان ڀي تنهنجا ٿورا ڳائيندس.
سجدو جانب تنهنجي، تنهنجي گرد طواف،
قدم قدم ستي سيس نوائيندس.
تنهنجي سيرت صورت سهڻي ڪيئن ڪيان اوصاف،
جندڙي تو تون گهول گهمائيندس.
تن من سهڻا ملڪ هي تنهنجا، سچ آهي ناهي لاف،
قسم اوهان جي سر جي کائيندس.
باندي گولي ير دي آهيان، ناهي فريد خلاف،
اُنهين کي ڀائيندس، خواهه نه ڀائيندس.
-
لڄ لوئي ڪين اُتاريندس،
تنهنجا بخمل باه ۾ ساڙيندس.
1- تنهنجا زور زلل آئون مڪر و دغا،
تنهنجي ظلم جيان ڳالهيون عمر ادا،
وڃي ويڙهيچن سان ڳاريندس.
2- ٿر پنهوارن جا ديس وطن،
ٿر آهي سهنجا ملڪ وطن،
خوش سنگتين سان گذاريندس.
3- هُو جي هردم ڏيهه اباڻي م،
آهي سِڪَ ساڻيهه جي راتين ڏينهن ۾،
ويٺي دانهن ڪندس هنجون هاريندس.
4- هٽ ماڙيون آئون محلات جا گهر،
آهي مرڪ فريد جا مارو ٿر،
ڌڻ سانگيئڙن جا چريندس.
هوڏانهن خواجه فريد سرائيڪيءَ جو عظيم شاعر آهي.
سندس ڪافيون مڪمل داد حاصل ڪري چڪيون آهن. اُنهن
۾: ڪيا حال سڻاوان دل دا، ميڏا عشق وي تو، روهي وچ
رهنديان نازڪ نازو جٽيا، عشق لڳا گهر وسريا، شاهه
رانجها البيلا ۽ پِيلوُ پڪيان، نه رڳو مقبول آهن،
پر وڏن فنڪارن ڳايون آهن، جن ۾ سنڌ جا فنڪار به
شامل آهن.
مصري شاهه (1828-1904ع):
مصري شاهه ولد بلند شاهه نصرپور ۾ ڄائو. هن جو
نسبي سلسلو ستين پيڙهيءَ ۾ سيد هاشم شاهه رضوي سان
ملي ٿو. اُن جو امام علي نقيءَ سان نسب ويهين
پيڙهيءَ ۾ ملي ٿو(18).“ مصري شاهه جي سوانح حيات
مقبول احمد ڀٽيءَ جي سهيڙيل ڪليات مصري شاهه ۽
عاشق حسين شاهه جي سهيڙيل ڪتاب مختصر ڪلام مصري
شاهه امام ۾ آيل آهي. خانبهادر (جلد-2) ۽ بدوي
(جلد-3) به مصري شاهه بابت لکيو آهي. مصري شاهه جي
تعليم بابت مقبول ڀٽي لکي ٿو ته: ”سندس تعليم ۽
تربيت وڏي ڀاءُ فتح شاهه جي زير نظر ٿي. ننڍي
هوندي کان ئي مصري شاهه هڪ ذهين ۽ حساس شاگرد هو،
پر سمورن الله وارن وانگر ظاهري اکر ۽ ڪتابي علم
کيس پاڻ ڏانهن ڇڪي نه سگهيا. ڪجهه عرصو پاڙي واڙي
قاضي گل محمد جي مڪتب ۾ سنڌي، فارسي ۽ عربيءَ جو
ابتدائي درس پرايائين. پنهنجي سر ڪاب فطرت پڙهڻ
لاءِ اُن محدود مڪتب کان دست ڪش ٿي ويو(19).“
مصري شاهه کي ديوان حافظ، مثنوي رومي، سعديءَ جي
ڪلام ۽ عربي لغت قاموس تي مڪمل عبور حاصل هو. هڪ
طرف علم سان ذوق شوق ته ٻئي طرف علم جي آڌار تي
پنهنجن جذبن جو اظهار ڪلام ۾ ڪيائين. مصري شاهه کي
جن ڏٺو هو تن جي ٻڌائڻ موجب پاڻ: ”قد جو پورو پنو،
نه ڊگهو نه بندرو، ڇاتي ويڪري، منهن گول، چهرو
ڪتابي، ڪڻڪ رنگو ڳوراڻ ڏي مائل، اکيون وڏيون جي
سدائين مخمور ۽ سرخيءَ مائل نظر اينديون هيون.
ڀرون جاڙا سونهاري مُٺ کن ۽ وار ٻٽونڻا ڪنن تائين
رکيل (20).“ |