سيڪشن: ادب

ڪتاب: سنڌي ادب جي تاريخ (جلد- ٻيو)

باب:

صفحو:8 

پير صاحب جو سنڌي ڪلام بيتن، لولين، ڪافين ۽ سهرن تي مشتمل آهي. ڪجهه فارسي ۽ سرائيڪي ڪلام به چيو اٿن. مٿن شاهه عبداللطيف ۽ ٻين اهم سنڌي شاعرن جو نمايان اثر آهي.

بيت ۾ شاهه عبداللطيف جوي اثر هيئن قبول ڪيو ويو آهي:

تان تان ناهه نماز، جان جان ڀانئين پاڻ،

ترڪ ڪري سڀ تاڻ، تهان پوءِ تڪبير چئو.

ڪافيون ۽ مولود اڪثر اهڙا آهن جو ڪن جا موضوع هڪ ٻئي کي قريب آهن. هيءَ ڪافي بظاهر جوڳ جي مضمون واري آهي ۽ اُن سان گڏ نور الاهي جي ذڪر تي ختم ٿئي ٿي:

صفا سمورا سڱ ڇِنِي، گوبو ويا گرنار ۾.

ڪانوٽيا ڪهسار ۾، ڪاڪل ڪارونڀار ۾.

1- هِن هُن جُڳ جو لاهي آسانگو.

   لڄ شرم جو لنگهيا، لانگهو،

   نانءُ رکايائون سر تي نانگو،

   ترڪ ڪئي ڪل ڳالهه تني،

   دور ٿيا هن دار ۾.

2- سُڃَ اختيار ڪري آديسي،

   ڇڏي ديس ٿيا پرديسي،

   سمجهي صحت اُتي ماهيسي،

   ويا ڳهي ڪا ڳالهه ڳنهي،

   اونهي ڏاڍي غار ۾.

3- منهن ماهيسي نور الاهي،

   رشدالله حضور الاهي،

   هيڏي ملي آ بخش جني،

   تن جي پَئي پيزار ۾.

 

مولوي غلام محمد خانزئي (وفات اندازاََ 1892ع) :

ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي، مولوي غلام محمد ولد خان محمد خانزئيءَ جي زنده هجڻ جو سال 1303 هه، 1886ع لکيو آهي. ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ، مولوي خانزئيءَ جو جيڪو دور (1832-1902ع) ڄاڻايو آهي، اُهو ڊاڪٽر دائود پوٽي جي ڄاڻايل سال کان مختلف آهي. بدوي صاحبلکيو آهي ته خبر نه آهي، مولوي صاحبڪٿان جو هو ۽ سنڌ ۾ پاڻ آيو يا سندس آباء و اجداد آيا. هُو پير جهنڊي ۽ چوٽيارين جي مدرسي ۾ آيو. سنڌي رسالو، جو ڊاڪٽر بلوچ 1985ع ۾ ايڊٽ ڪري شايع ڪيو. ٻيو اهم ڪتاب منهاج العاشقين آهي، جيڪو شاهه جي رسالي جي داستانن جي روحاني رازن بابت آهي. هن جو سنڌي ترجمو ڊاڪٽر دائودپوٽي ڪيو. بيتن، ڪافين، مولودن سان گڏ غزل به چيائين.

مولوي خانزئيءَ جو ڪلام آسان، سلوڻو ۽ شاهه جي رسالي جي طرز تي چيل آهي. زبان ۽ بيان ۾ مٿس شاهه جي رسالي جو اثر نمايان آهي. سُر سهڻيءَ ۾ شاهه جي ”ڪاري رات ڪچو گهڙو“ جي پڙاڏي ۾ چوي ٿو:

ڀيلو ڀڳو ڀَر پَرينءَ، نه ڪا ويجهي واه،

رات اونداهي ڌُنڌ گهڻو دڙ لائي درياه،

لهرين لوڏي آهيان، سير سُڪايو ساه،

ساهڙ ڏي ساڃاه، ته تَارون تري تڙ ٿيان.

سُر ڪلياڻي ۾ وصال ۽ فراق تي بحث ڪندي چوي ٿو:

جيڪي منجه فراق، و اصل سو نه وصال ۾،

وڍي ڇڏي وجود کي، تڪون ڪري طاق،

محب ۾ مشتاق، رهن ٻيرا ٻوٽيون.

عشق ۾ راز رکڻ ۽ سُور نه سلڻ بابت هيئن چوي ٿو:

عاشق معشوقن جي، سوري ڄاڻج سيج،

چڙه ته مزا ماڻئين، رکي هنيون هيج،

ڪنهن کي منجهه م ڏيج، هنسڳوري سُورَ جو.

سامونڊين جي باري ۾ چوي ٿو:

بسم الله مجريها چئي، جوڙيائون جهاز،

مون کي ماري هليا، نوَ ڏيکاري ناز،

ايڏو قُرب ڪواز، ڪٿان سکيا ناکئا.

ايئن مختلف سُرن ۾ شاعانه ڪمال جا مثال قائم ڪيا اٿس. سنڌيءَ کانسوءَ  سرائيڪي هندي ۽ فارسيءَ ۾ به ڪلام چيو اٿس ۽ اُن ۾ کيس پوري دسترس حاصل آهي. رندي ڪلام جو مثال هي آهي:

جن جام پيتو وحدت جو، مست وتن سي مدام ميان،

1-      عقل ڪل جا جانب ٿيڙا، جزي کان سي وهلور ويڙا،

        تن عيش نڪو عشرت جو، ٿين نيهنهن نظام ميان،

2-     غلام محمد ملڪ امن جو، آهي ڪفوا ڪوفو جن جو،

        تن بار نڪو بشريت جو، ٿين ڪل ڪلام ميان.

نواب شاهه سڪايل (1843-1899ع) :

 سنڌ جيڪي منفرد ۽ محبوب شخصيتون پيدا ڪيون آهن، اُنهن ۾ سيد نواب شاهه (سڪايل) هڪ آهي. هُو محبت ۽ مجاز جو پتلو هو. بيڪس سائينءَ سان محبت ۽ عقيدت جو رشتو هن لاءِ سڀ ڪجهه هو. نواب شاهه سڪايل جو گهڻو ڪلام هٿ ڪونه آيو آهي، پر جيڪو آهي اُهو نهايت بلند معيار جو آهي ۽ بيدل-بيڪس رنگ جي مڪمل جهلڪ ظاهر ڪري ٿو. پروفيسر بدوي تذڪري (ج-3) ۾ نواب شاهه سڪايل جو احوال ۽ ڪلام پهرين پهرين آندو. اُهو ايتري خوبصورت انداز ۾ لکيو اٿس جو اُن تحرير جي مقابلي ۾ ڪا بهتر تحرير راقم لکي نه سگهندو. اُن ڪري گهڻن ٿورن سان بدوي صاحب جي تحرير دلپذير نقل ڪريان ٿو:

”سيد نواب شاهه، بيڪس سائين جو راز محرم طالب 1843ع ڌاري ان وقت جڏهن انگريزن سنڌ فتح ڪئي. روهڙيءَ ۾ پيدا ٿيو.، سندس والد جو نالو سيد نواب امام علي شاهه هو. سيد نواب شاهه ڀري ڀاڱي ۽ وڏي عزت واري گهر ۾ پيدا ٿيو. مگر هن جي زندگي ياد الاهي، جذب ۽ جوش ۾ گذري. هُو اگرچ جاگير جو مالڪ هو، پر کيس فقر ۽ فاقي جي زندگي وڌيڪ مرغوب ٿي. سندس خاندان جي هر شخص کي نوابي جو خطاب هو.مگر سيد نواب شاهه فقير سڏائڻ کي وڌيڪ فخر سمجهيو. نواب شاهه جي شروعاتي زندگي وڏي دٻدبي ۽ عيش جي حياتي هئي. ظاهري علم جي سعادت کيس ننڍيئي حاصل ٿي  هئي، مگر سندس حياتيءَ ۾ هينئر اُهو ڦيرو اچڻو هو، جنهن ڪري نه اُهو زندگيءَ جو ٺاٺ رهڻو هو نه دٻدٻو. هڪ ڪامل درويش جي نظر سندس طلسمي ڪوٽن کي ڀڃڻ واري هئي. چون ٿا ته هڪ ڏينهن سنڌو درياهه جي ڪناري تي وڻن جي جهڳٽي هيٺان سيد نواب شاهه هڪ غاليچي تي ويٺي ڪن دوستن سان شرنج راند ٿي ڪئي، سندس فڪر پيادن ۽ رخ جي طرف محوهو. ننڍڙو بيڪس اچي ڀرسان لنگهيس. بيڪس ڪو اهڙو انسان نه هو جو ڀرسان لنگهي وڃي ۽ ڏسندڙن تي اثر نه پوي. نواب شاهه، فقير کي ڏسي آڌرڀاءُ لاءَ اُٿي بيٺو. بيڪس کيس ڏسي مُرڪيو. جنهن مُرڪڻ ۾ الاهي جوش ۽ جذبي جون هزارين بجليون لڪل هيون، بادل وسي پيو ۽ بجلي نواب شاهه جي دل جي کيت تي ڪري. فقير صاحب کيس چيو ته: شطرنج کان وڌيڪ حياتيءَ جو ڪو ٻيو مقصد به آهي! نواب شاهه تي هنن لفظن ايڏو اثر ڪيو جو شطرنج ويڙهي وڃي اونڌي ڪنڌ ڪريو! ٻئي ڏينهن بيڪس جي حضور ۾ حاضر هو. ڇا جو نواب شاهه، سيد سڳورو سڪايل بڻجي ويو. مگر هيءَ مرشد ۽ مريد جي صحبت  گهڻو وقت نه هلي. بيڪس کي اُن وقت جڏهن سندس جواني بهار بڻجي دنيا تي ڇائنجي رهي هئي، الاهي سڏ تي سرخرو ٿيڻو پيو. بيڪس جي موت نواب شاهه کي اڌ مئو ڪري ڇڏيو ۽ هميشھ مرشد جي مزار تي مجاور ٿي ويهي رهيو (ص ص 381-382).“

بيڪس سائين جي عقيدت ۾ چوي ٿو:

باغ بيدل جي ڪئي آه بهاري،

حسن بسنت کليو چوڌاري،

طرحين طرحين ڦوه ڦلن،

در محسن جي ڪر تون گدائي،

آءُ لنگهي منجه عشق اگن.

بيڪس 23 سالن جي عمر ۾ برقعو مٽايو، سڪايل زندگيءَ جي ڇاونجاهين سال تائين مزار جي پيرانديءَ کان ويهي زندگيءَ جا ڏينهن ڳڻي پورا ڪيا.

سڪايل جي ٿوري ڪلام ۾ هيءَ ڪافي منهنجي خيال موجب هڪ بيمثال تخليق (Master piese) آهي. بيڪس جو رنگ به ڪافيءَ ۾ نمايان آهي:

بازر ۾ آيو يار پيارو، هل ته هلي بازار ڏسون.

1- گلبندن سو گلرخ جاني،

   ملڪن ۾ جنهن جو مٽ نه ثاني،

   سو جاني جلويدار ڏسون.

2- بنا سينگار سدائين سهڻو،

   ڪونه ڏٺوسي ڪو من مُهڻو،

   تنهن دلبر جا ديدار ڏسون.

3- ابرو سيف ايراني خالي،

   خون عاشقن ۾ هر دم عالي،

   سو جنگ سندو جهونجهار ڏسون.

4- ڪير اچن ٿا سر سنباهيون،

   ۽ ڪير وڃن ٿا ڪنڌ ڪپايون،

   تنهن اُڏيءَ جا اسرار ڏسون.

5- سُرت سڪايل رک تون سمجهي،

   ڪج نه جانپياري پنهنجي،

   ته عشق سندا اسرار ڏسون.

درد، ور ور ورجايو ويو. اُهو ئي درد اُن ئي انداز سان تخليق ٿيو ته نظم (وفات نامو) جيڪو سچل سائينءَ جي وفات تي بيدل سائينءَ لکيو ۽ بيدل سائينيءَ جي جدائيءَ بيڪس سائينءَ لکيو ۽ هاڻي بيقرار بلبل سڪايل به درد جا ٻول هيئن ٻوليا:

بيڪس پنهنجي ڀتارتون سڪايل بي سروار هو(سڄو نظم بيڪس جي بيان ۾ اچي چڪو آهي).

فقير غلام حيدر تيرهيو (1810- 1900ع) :

فقير غلام حيدر ٿيٻو، شاهه شريف ڀاڏائيءَ جو مريد هو. سندس ”رسالو حيدري سنڌي“ آڳاٽو 1890ع ۾ يعني سندس زندگيءَ ۾ ماستر هريسنگهه سکر واري پاران مصطفائي پريس لاهور مان ڇپيو. هاڻي ڊاڪٽر بلوچ پنهنجي تاليف ”شاهه شريف ڀاڏائي جو رسالو“ سنڌالاجيءَ طرفان 1972ع ۾ شايع ڪيو. اُن ۾ شاهه شريف جي ڪلام سان گڏ سندس فرزند عبدالقدوس شاهه ۽ ٻن مريدن فتح فقير ۽ غلام حيدر تيرهئي جو ڪلام به شامل آهي. ڊاڪٽر صاحب فقير غلام حيدر تيرهئي جي باري ۾ لکي ٿو ته: ”کيس وقت جي لحاظ کان‎ عربيءَ تائين تعليم ملي. پر سندس لااُبالي طبعيت جو لاڙو فقيريءَ ڏانهن ٿيو ۽ سير سفر ۾ گذارڻ لڳو. سنڌ کان ٻاهر ڪاٺياواڙ تائين ويو ۽ جهوناڳڙهه لڳ گرنا جبل تي چِلا ڪڍيائين.(115). پنهنجي ٻي تاليف ڪافيون (ج-1) ۾ ڊاڪٽر صاحب لکي ٿو ته: ”جيئن ته ڪڇ جي مڪان تيرهي جو ويٺل هو، تنهن ڪري شاعريءَ ۾ پنهنجو تخلص تيرهيو ڪيائين(116).“ ڊاڪٽر صاحب اهو به لکي ٿو ته هُو شاهه شريف ڏي آيو. اُن جو مريد ٿيو ۽ وٽس رهي پيو. ”هو وڏي حوصلي ۽ همت وارو هو، جڏهن شعر چوڻ شروع ڪيائين ته پنهنجو تخلص تيرهيو ڪيائين. تيرهيو انهيءَ باز کي چئبو آهي، جنهن جي پُڇَ ۾ تيرهن کنڀ هجن. باز اڪثر ٻارهيا هوندا آهن. يعني انهن جي پچ ۾ ٻارهن کنڀ هوندا آهن. تيرهيو باز ڪو ڪو هوندو پر اُهو شڪار ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هوندو. تيرهيو باز ڄڻ بازن ۾ شهباز آهي(117).“

سنڌ ۾ فقير غلام حيدر جو اصل ڳوٺ ڄاڻايل ڪونهي. جي هُو اصل ڪڇ جو هوندو ته اُتان ئي گرنار ويو هجي. بهرحال سندس ڪلام اعليٰ درجي جو آهي. هُر گنبالي ۾ گذاري ويو. سندس قبر اُتي ئي شاهه شريف جي قبر کان اولهه طرف ويجهي ئي آهي.

فقير غلام حيدر تيرهئي جو ڪلام رسالي جي طرز تي آهي. منجهس 28 سُر آهن. بيتن ۽ ڪافين تي مشتمل هي ڪلام سنڌي شاعريءَ جو اساسي ڪلام آهي. سسئيءَ جي بيان ۾ شاهه جي رسالي جو انداز اختيار ڪيو اٿس ۽ پنهنجن جذبن جوا ظهار هيئن ڪري ٿو:

ڏهاڙي ڏونگر ۾، پڇي ٿي پيرا،

ڪريو ياد جتن کي، جالئي جيرا،

هي پيادي پنڌ ۾، ڏاگهن تي ڏيرا،

ٿيا هيڻا هڏ حزين جا، کيڙن ۾ کيرا،

ور وٺي واٽ ويا، ويري ڪنهن ويرا،

جاٽون جاٽ جبل ۾، ڏي ڀَتون ڀَت ڀيرا،

دم نه ڪيائين ديرا، وريا وطن سامهان.

-

چڙحيو چاڙهيڪن تان، هاري جَر حَزين،

جي بورائو بَر جا، سي نيڻ ٿيا نابين،

ڏني سڪ سسئيءَ کي، تيرهيو چئي تلقين،

معذور ۽ مسڪين، حامي تنهن جو هوت ٿيو.

پنهونءَ کي جيڪي وٺي ويا، سي فقط سندس ڀائر هئا يا ڪي ٻيا مٽ مائٽ به هئا. تيرهيو فقير چوي ٿو:

سڳا سئوٽ پنهوءَ جا، سالا هئاسي،

چوريءَ چاڙهي هليا، ٻَڌي ٻاروچي کي،

رويو راه رندن تي، پيادي پير ڪڙي،

مٿي جيءَ جڙي، ٻڌائين سندرو سور جو.

سُر ڪلياڻ ۾ عشق ۽ عرفان بابت چوي ٿو:

عارفن احرام، هو هميشھ حال جو،

مانجهي معرفت سان، اجاريئون احڪام،

اوري ڇڏيائون عام جو، ڪل ڪفر اسلام،

مٿ تن مدام، مشاهدو محبوب جو.

سُ کنڀات ۾ سپريم جي سڪ جو بيان ڪندي فقير غلام حيدر تيرهيو چوي ٿو:

کنڀاتڙي خوشحال، ٿئي نه ڪنهن ٿوڪ تي،

سڪ ۾ سپرين جي، پاڻ ڪيائين پيمال،

حاصل ٿيس حال، ملي محبوبن کي.

مومل راڻي جي سُر ۾ شاهه جي رسالي جي ”سون ورنيون سوڍيون“ وار تُڪَ کي چئن بيتن ۾ ورجائي ٿو. جن ۾ ستن کان وٺي يارهن سٽن وارا بيت آهن. اُنهن ۾ سون ورنين سوڍين جي حسن ۽ سينگار جي سهڻي انداز ۾ اُپٽار ڪري ٿو:

سون ورنيون سوڍيون، راڻيون رانديون ڪن،

مانگون مرواريد سان، جڙيو زلف ٻڌن.

مشڪ گلابي عطر عنبير، اوتيائون اڱڻن،

جڙيائون جوهر جا، لک دُرَ دروازن،

محل مرصع ماڙيون، هيرا منجهه هنڌن،

پرچيو پريون پاڻ ۾، حورن جئن هسن،

سج چنڊ ٿئي شرمندو، پسيو سونهن سندين،

سوڌو صنوبر کان، قامت قد رکن،

گنير وڃن گم ٿيو، جڏهن چال چلن،

تيرهيا ڪاڪ ڪپن ۾، لوڌي لٽيا تن،

مينڌرا مرڪن جي آتڻ اچي اُن جي.

ڌناسريءَ جا بيت سنڌيءَ سان گڏ اردوءَ ۾ به آهن. مرشد جي واکاڻ ڪندي ڌناسريءَ جي وصف پوري سُرتال ۽ سنگيت رنگ ۾ بيان ڪري ٿو:

ڌَن تون نام سبحان هي، ڌن تون محمد مير،

ڌن تون شهه مردان هي، ڌن تون شبر شبير،

ڌن تون باقر عابد هي، ڌن جعفر شاهه سڌير،

ڌن تون موسيٰ ڪاظم هي، ڌن علي رضا بينظير،

ڌن تون تقي نقي هي، ڌن عسڪر مهدي امير،

ڌن تون شاهه شريف هي، ڌن ڪمال قلندر پير،

تيرهيا ڌن ڌيان هي، سمجهي ساڌ فقير.

فقير غلام حيدر جون وايون ۽ ڪافيون موضوع، وزن، هيئت ۽ آهنگ ۾ تمام سُريليون آهن. مڪرر قافين سان نهايت وڻندڙ بنجن ٿيون. هڪ مثال هي آهي:

ڪينڪي مون سان ڪَهيون ڪَهيون،

ڳالهيون هوءِ هلڻ جون.

1-      سرتيون آتڻ هڏ نه سهائي،کوءِ پوڻيون ٻن پهيون پهيون.

2-     ساءُ سمهڻ جو جن کي آيو، سيئي ساٿان رهيون رهيون.

3-     ڏکن ڏيرن ڏوگرن، منهنجو ڏيل هڻي ڪيو ڏهيون ڏهيون.

4-     تيرهيا ور ورڻ جو هاڻي، وري واڌايون ڊهيون ڊهيون.

شاهه نصير الدين نقشبندي (وفات 1900ع):

هي بزرگ، شيخ احمد مجدد الف ثانيءَ جي اولاد مان هو. سندس والد پير عبدالحئي نقشبندي نوشهري فيروز جي هڪ بزرگ ۽ ڄاتل سڃاتل شخصيت رهي آهي، جنهن ڏي سنڌ جي ڪيترن مريدن جي ارادت رهي آهي، بزرگ جي وفات کانپوءِ سندس فرزند شاهه نصير الدين ارشاد جي گاديءَ تي ويٺو. ڏانهن به خلق جي گهڻي رجوعات هئي. شاهه نصير الدين جي زندگيءَ جو احوال ۽ ڪلام جو انتخاب پهرين تذڪره لطفي (جلد-3) ۾ آيو. 2004ع ۾ ڊاڪٽر شوق ڪلام شاهه نصير ايڊٽ ڪري شايع ڪيو آهي.

بدوي صاحب جي تحرير موجب کيس تعليم ۽ تربيت والد جي زير نظر ملي. هو سنڌي، اردو، عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم ملڻ ڪري اِنهن ٻولين جي صحيح ڄاڻ وارو ٿيو .

سير سفر ڪيائين. ڪوئٽه، بمبئي، لاڙڪاڻي ۽ ٻين پاسن ڏي ويو. هو تصوف جي تعليم ڪري ڪومت ڀيد نه رکندو هو ۽ هر مسلڪ وارو ڏانهس ڇڪجي ايندو هو. شاهه نصير جي ڪلام ۾ ڪافيون، غزل، رباعيون، مخمس ۽ مرثيا موجود آهن. هُن جو ڪلام علم عروض موجب به آهي. سندس ڪافين ۾ هيءَ ڪافي تمام مقبول ٿي:

غمزن ساڻ غلام، ڪيو آهه يار اسان کي،

1-      عشق تنهنجي آرام وڃايو، بره تنهنجي بدنام،

                        ڪيو آهه يار، اسان کي.

2-     سَنڌ سَنڌ ۾ ميخ محبت، لنو لنو منجهه لغام،

                        ڪيو آهه يار، اسان کي.

3-     ڪنهن کي دين مليو، ڪنهن کي دنيا، عشق اصل انعام،

                        ڪيو آهه يار، اسان کي.

4-     نينهن نصير تنهنجي هئ هئه، کائڻ پيڻ حرام،

                        ڪيو آهه يار، اسان کي.

ڪافين ۾ وزندار ۽ اثرائتا قافيا به شاهه نصير جي خصوصيت آهي. هڪڙو مثال هي آهي:

وه اکين جي اَٽڪي اَڻِي، جنهن پهرين گهُور نه گهٽ ڪي.

1- چٽ پٽ چشمان چاڪ ڪرن جو دل چٽ ڪي،

   لائي چٽڪي ڪاريهر جان اچن قهر مان ڪٽڪي.

2- دل لُٽي ويو دلبر سائين، ڳالهه ڪري هڪ ڳٽڪي،

   جان جسم تاراج ڪيا، اُن ڏس لبن جي لٽڪي.

3- در دلبر جي وينديس، نيٺ ليلائي لٽڪي،

   ڪڏهن رهنديس ڪين سهيليون، هاڻي هرگز هٽڪي.

4- يار نصير جي ملڻ لئه وينديس، چشم جنهين سان چٽڪي،

   جيڏين جبل ڪندو ڇا تنهن کي، سر تائين ا ڀٽڪي.

هن ۾ آيل شاعر، سنڌيءَ سان گڏ اڪثر ٻين ٻولين جا شاعر به آهن. بيت ۽ ڪافيءَ کانسواءِ ڪن مرثيا، غزل، مولود  ۽ سي حرفيون به چيون آهن. سندن موضوع تصوف، محبت ۽ مجاز به آهي ته سندن ڪلام ۾ پند ۽ نصيحت به آهي(119).

حوالا:

1-  جوڻيجو، عبدالجبار (ڊاڪٽر)، سنڌي ادب جي مخصر تاريخ، سره ڪتاب، 1973ع ص 130.

2- بيگ، مرزا عباس علي، خدا يار خاني ميان سرفراز خان عباسي، سنڌ الاجي، 1980ع، ص 100.

3- ايضاََ، ص 27.

4- مهر، غلام رسول تاريخ سنڌ: عهد ڪهوڙا (اردو)، جلد دوم، سنڌي ادبي بورڊ، 1958ع، ص 691.

5- ايضاََ، ص ص 725-726.

6- ڏسو حوالو نمبر ٻيو، ص –ز (پيش لفظ)

7- بدوي، لطف الله، تذڪره لطفي (جلد اول)، آر ايڇ، احمد بردارس، حيدرآباد، 1955ع، ص 271.

8- ميمڻ، خانبهادر محمد صديق، سنڌ جي ادبي تاريخ(ڀاڱو پهريون)، سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي، حيدرآباد 1937ع، ص ص 376 ۽ 379،

9- بلوچ، نبي بخش خا ن (ڊاڪٽر)، مداحون ۽ مناجاتون، سنڌي ادبي بورڊ، 1959ع، ص ص 1-5.

10- بدوي، لطف الله، ڪنڊڙيءَ وارن جو ڪلام، سنڌي ادبي بورڊ 1964ع، ص 12.

11- شوق، نواز علي(ڊاڪٽر)، ڪنڊڙيءَ جو ڪلتار صوفي روحل فقير، سکر هسٽاريڪل سوسائٽي، 2001ع،ص 7.

12- بدوي، تذڪره لطفي،(جلد اول)، ص 286.

13- ڪنڊڙيءَ وارن جو ڪلام، ص ص 3-4.

14- تذڪرو ص ص 287-288 ۽ ڪنڊڙيءَ وارن جو ڪلام ص 7.

15- تذڪرو، ص 286 ۽ ڪنڊڙيءَ وارن جو ڪلام ص 6.

16- ايضاََ، ص 288.

17- ڪنڊڙيءَ وارن جو ڪلام، ص ص 8-9.

18- تذڪرو ص 289، ڪنڊڙيءَ وارن جوڪلام ۾ آگم وارتا کي به روحل جي تصنيف ڄاڻائي ٿو. ص 2.

19- شوق، نواز علي (ڊاڪٽر)، ڪنڊڙيءَ جو ڪلتار صوفي روحل فقير ۾ ڊاڪٽر جيٽلي جو مقالو، ”روحل فقير جو هندي ڪلام“، ص ص 33 کان 38.

20- پروفيسر بدوي، تذڪري ۾ روحل جي هڪڙي شادي لکي آهي(ص 289) پر ڪنڊڙيءَ وارن جوڪلام ۾ ٻه لکيون اٿس. اُهو ئي صحيح آهي(ص 12).

21- ڪنڊڙيءَ وارن جو ڪلام، ص 25.

22- ايضاََ، ص 26.

23- ايضاََ، ص ص 27-28.

24- ڪنڊڙيءَ جو ڪلتار صوفي روحل فقير، ص ص 179-180 ۽ 181.

25- نياز همايوني، آءُ ڪانگا ڪر ڳالهه، سنڌي ادبي بورڊ، 1992ع، ص 30.

26- شعر ۽ روايت ورتل، ايضا، ص 9.

27- ايضاََ، ص 151.

28- ايضاََ، ص 7.

29- ميمڻ، محمد صديق(خانبهادر)، سنڌ جي ادبي تاريخ (جلد اول)، سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي، حيدرآباد، 1937ع، ص ص 368-369.

30- ايضاََ، 370.

31- بدوي، لطف الله، تذڪره لطفي (جلد ٻيو)، آر. ايڇ. احمد برادرس، حيدرآباد، 55-1956ع، ص 413.

32- ايضاََ، 412، حقيقت ۾ پوئين دور جي شاعرن، سيد فاضل شاهه، مل محمود پلي، عرض محمد چانڊئي ۽ ٻين هي قصو منظوم ڪيو.(ڏسو ڊاڪٽر بلوچ جو مرتب ڪيل ڪتاب: مشهور سنڌي قصا -7 ٻاهران قصا ۽ عشقيه داستان، سنڌي ادبي بورڊ، 1964ع، ص383).

33- ايضاََ، ص 412.

34- خانبهادر، سنڌ جي ادبي تاريخ، (جلد اول) ص ص 374-375.

35- جلد اول، ص ص 385 کان 389.

36- ميمڻ، عبدالمجيد سنڌي، سنڌي ادب ڪي مختصر تاريخ (اردو)، سنڌ الاجي، 1983ع، ص 357.

(ب) ميمڻ، سنڌي ادب جي تايخ، ڪاٺياواڙ اسٽور، 1993ع، ص ص 159 -160. ج: ڊاڪٽر بلوچ به ڪتاب ناظرا ۾ شاعر خير شاهه جي نالي پڙ کي منسوب ٿيل لکيو آهي. ڏسو: مناظرا سنڌي ادبي بورڊ، 112.

37- خانبهادر، ج اول، ص 383.

38- ايضاََ، ص ص 383-384.

39- بلوچ، نبي بخش خان (ڊاڪٽر)، شاهه شريف ڀاڏائيءَ جو رسالو، سنڌ الاجي، 1972ع، ص ص 203-210.

40- تذڪره لطفي، جل اول، ص 283.

41- موسوي، عبدالحسين شاهه، ديوان بيدل (ٻيو ڇاپو)، سنڌي ادبي بورڊ، 1991ع، ص 20.

42- اصغر سائينءَ جو ڪلام، باهتمام جميعت علماءَ سڪنديه پيرجوڳوٺ، 1400 هه، ڊاڪٽر بلوچ جو مقدمو، ص ص 12-13.

43- تذڪرو(2)، ص 282.

44- تذڪرو (3)، ص ص 355-356 ۽ 361-362.

45- پلي، راڄ محمد، مهراڻ، خاص ڏهساله نمبر، 55-1965ع، سنڌي ادبي بورڊ، مقالو: ”صوفي صادق فقير“. ص ص 245 کان 255.

46- بلوچ، نبي بخش خان (ڊاڪٽر)،راڳنامو، شاهه عبداللطيف ثقافتي مرڪز، 1981ع، ص 5، (مقدمو)

47- ايضاََ، ص 6.

48- ايضاََ، ص 7.

49- بلوچ، نبي بخش خان،(ڊاڪٽر) شاهه شريف ڀاڏائيءَ جو رسالو، سنڌ الاجي، 1972ع، ص 1، (مقدمو).

50- ايضاََ، ص 2.

51- ايضاََ، ص 3.

52- ڪلام ۽ احوال ڊاڪٽر بلوچ جي سهيڙيل ”شاهه شريف ڀاڏائيءَ جي رسالي“ تان ٿورن سان ورتل آهي.

53- بدوي، لطف الله، تذڪره لطفي،(جلد ٻيو)، آر. ايڇ. احمد برادرس، حيدرآباد، 55-1956ع، ص 355.

54- ايضاََ، ص 355.

55- ڏسو تذڪرو (جلد-3)،  ص 270.

56- سوانح ۽ ڪلام، پنهنجي ترتيب ڏنل ڪلام عثمان فقير سانگي (غير مطبوعه) ۽ تذڪره (جلد -3) تان ورتل آهي.

57- اشرف شاهه جو والد پير غوث محمد، هن ليکڪ جي ڪٽنب جو مرشد هو. اِهو ذڪر رئيس حيدر خان جوڻيجي پنهنجي ڪتاب دانشمنديءَ ۾ هيئن ڪيو آهي. آءُ پير عبدالقادر جيلاني دستگير جو مريد آهيا. سندن اولاد ڳوٺ کڏي ۾ رهي ٿو، جيڪو تعلقي ٽنڊي الهيار ۾ آهي. هن وقت پير اشرف شاهه آهي. (ص 16). ڏاڏا حيدر خان 1868ع ۾ ڄائو هو. هي ڪتاب 1918ع ۾ لکيائين. اِن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هي اشارو شاعر اشرف شاهه جي هم نام پوٽي ڏانهن آهي. اسان جي اباڻي ڳوٺ جو باني پير فتح شاهه به اندازو آهي ته انهيءَ خاندان جو ڪو به فرد هو.

58- تذڪرو(ج-2)، ص 361 ۽ خانبهادر جي ادبي تاريخ (جلد-2)، ص 398.

59- تذڪره (جلد-2) ۾ هن ڪافيءَ کي نظم سڏيو ويو آهي، اِهو صحيح نه آهي.

60- ميمڻ، محمد صديق (خانبهادر)، سنڌي ادب جي تاريخ (ج-2)، سنڌ يونيورسٽي، 1951ع، ص 365.

61- موسوي، عبدالحسين شاهه، ديوان بيدل (ٻيو ڇاپو)، سنڌي ادبي بورڊ، 1991ع ۾ ص ص 3 ۽ 5 (ديباچو).

62- ايضاََ، ص ص 5 ۽ 6.

63- موسوي، عبدالحسين شاهه، ديوان بيدل (ٻيو ڇاپو) سنڌي ادبي بورڊ، 1991ع، ص ص 3 ۽ 5 (ديباچو).

64- ايضاََ، ص 111.

65- ايضاََ، ص ص 115- 116.

66- ايضاََ، ص ص 119-120.

67- ايضاََ، ص 123.

68- ايضاََ، ص 81.

69- اختر درگاهي. بيدل جو اردو ڪلام، سچائي اشاعت گهر دڙو 1997ع، ص 117.

70- تذڪره لطفي، حوالو ڏنو ص 234.

71- ايضاََ، ص 235.

72- موسوي، ص 129.

73- ايضاََ، ص 128.

74- ايضاََ، ص ص  154-155.

75- ايضاََ، ص 155.

76- ايضاََ، ص 138.

77- ايضا، ص 91.

78- ايضاََ، ص 103.

79- ايضاََ، ص 35.

(بيدل  سائينءَ جي وڌيڪ اڀياس لاءِ بولچندر راجپال، گدومل هرجڻي ۽ اسلم رسول پوريءَ جا ڪتاب پڙهڻ کپن).

80- تذڪره لطفي (جلد-3)، ص 249.

81- ايضاََ، ص ص 249-250.

82- ميمڻ، تاريخ سنڌي ادب، (جلد-2) ص 372.

83- موسوي، عبدالحسين شاهه، ديوان بيڪس، سنڌي ادبي بورڊ، 1965ع، ص 14.

84- ميمڻ، مٿي حوالو ڏنل، ص ص 373-374.

85- تذڪرو (جلد-3)، ص 250.

86- موسوي، ديوان بيڪس، ص 11.

87- ايضاََ، ص 11.

88- ايضاََ ص، 14.

89- ايضاََ، ص 5.

90- هجري ۽ عيسوي سالن جي ڀيٽ ۾ اڪثر غلطيون ٿين ٿيون. ائين بيڪس جي وفات جو سال 1879ع نڪري ٿو.

91- ڏسو راقم جو مقالو:”روهڙي داهبر“،ڪينجهر-1، سنڌي شعبو سنڌ يونيورسٽي، 1987ع.

92- بلوچ،نبي بخش خان (ڊاڪٽر)، ڪليات حمل، سنڌي ادبي بورڊ، 1953ع، ص 2-3 (مقدمو).

93- ايضاََ، ص 5 (مقدمو).

94- تذڪرو (جلد-2) ص 298.

95- ڪليات ص ص 13 کان 16 (مقدمو).

96- ايضاََ، ص 30، (مقدمو).

97- ايضاََ، ص 30 (مقدمو).

98- ايضاََ، ص 45 (مقدمو).

99- ڏسو ڪليات، ص 10 (مقدمو).

100- سنديلو، عبدالڪريم (ڊاڪٽر)، ڪليات حُسين ديدڙ، سنڌي ادبي بورڊ، 1971ع، (ڏسو ص ص 1 کان 8).

101- ايضاََ، ص 6.

102- سنديلو عبدالڪريم(ڊاڪٽر)، ڪليات شاهه محمد ديدڙ، سنڌي ادبي بورڊ، 1977ع.

103- چنه، محبوب علي، ڪليات امين، سنڌي ادبي بورڊ، 1966ع، ص ص 17-18 (سوانح).

104- ايضاََ، ص 19.

105- ايضاََ، 25.

106- ايضاََ، ص ص 41-42.

107- ڏسو تذڪره لطفي (جلد-3)، ص ص 285 کان 292.

108- سانگي، صوفي مولا بخش، ڪليات ڇتو فقير سانگي، محمدي پرنٽنگ پريس، لاڙڪاڻو، 1973ع، ص ص 8 کان 12.

109- ايضاََ، ص 20.

110- ايضاََ، 1894ع لکي آهي، ص 21.

111- تاريخ سنڌي ادب (جلد-2)، ص 410.

112- پير رشيد الدين جي ڪلام جا مثال، خانبهادر ميمڻ جي ڪتاب تايخ سنڌي ادب (جلد-2) تان ورتل آهن.

113- تاريخ سنڌي ادب(جلد -2)، ص ص 403 ۽ 404.

114- پير رشد الله جي سوانح عمري، خانبهادر جي تاريخ سنڌي ادب (جلد-2)، ۽ ڪلام رشد الله، از ڊاڪٽر سيد صالح محمد شاهه بخاري، ص ص 9-10 ۽ 11 تان ورتل آهي.

115- بلوچ، نبي بخش خان (ڊاڪٽر)، شاهه شريف ڀاڏائيءَ جو رسالو، سنڌالاجي، 1972ع، ص 15 (مقدمو).

116- بلوچ، نبي بخش خان (ڊاڪٽر)، ڪافيون (جلد-1)، سنڌي ادبي بورڊ، 1985ع، ص 173.

117- شاهه شريف ڀاڏائيءَ جو رسالو، ص ص 15-16.

118- تذڪره (جلد-3)، ص ص 318، 319 ۽ 320.

119- شوق، نواز علي(ڊاڪٽر)، ڪلام شاهه نصير، شاهه نصير الدين، ادبي ۽ ثقافتي ڪميٽي نوشهروفيروز، 2004.

باب ٻيو

تمهيد

هن باب ۾ شامل شاعر به موضوع ۽ هيئيت جي مدنظر گذريل بابت (پهرئين) سان منسلڪ آهن. گهڻي ڀاڱي سندن ڪلام بيت ۽ ڪافيءَ تي مشتمل آهي. ڪن شاعرن عروضي ڪلام به چيو آهي، پر سندن اوليت بيت ۽ ڪافي ڪلام جي آڌار تي آهي. اڪثر جوڪلام سنڌيءَ کانسواءِ ٻين ٻولين ۾ به آهي. هونئن هن بابت ۾ شامل شاعرن کانسواءِ ڪي ٻيا شاعر به آهن، جيئن وريل فقير، احمد علي، جيوت سنگهه ۽ ڀوڄراج وغيره (تذڪرو-3)، پر اُنهن کي شامل نه ڪيو ويو آهي. اهڙيءَ طرح مقامي نوعيت کي مدنظر رکڻ وارن تذڪري نگارن جا گهٽ اهميت وارا شاعر به شامل ڪيا نه آهن. يعني معيار ئي مدنظر رهيو آهي.

حسن بخش شاهه ڊٺڙي وارو (1847-1901ع):

سيد حسن بخش شاهه جي سوانح ۽ ڪلام جو بنيادي ماحذ، سندن ئي خاندان جي شاعر شاهنواز شاهه عارف الموليٰ جو ترتيب ڏنل ڪتاب ڪلام حسين بخش (1957ع) آهي، عارف الموليٰ جي لکڻ موجب، حسن بخش شاهه جا وڏا برهانپور کان لڏي سنڌ ۾ آيا ۽ سيد عبدالقادر جيلاني دستگير جي اولاد مان آهن(1). حسن بخش پنهنجي ناني پير سبحان علي شاهه جي گهر ڊُٺڙي تعلقي شهدادپور ۾ 1262هه، 1847ع ۾ ڄائو. کيس تعليم به ناني جي زير نظر ملي. اندزو اِهو لڳائي سگهي ٿو ته حسن بخش جو والد پير گلزار علي ڪنهن ٻئي هنڌ ڳوٺ ڀاون شاهه تعلقي حيدرآباد ۾ ڌار رهندو هو. حسن بخش شاهه کي عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم ملي. ڪتابن جو کيس ذوق شوق گهڻو هو. پنهنجي ذاتي لئبرري به قائم ڪيائين.(2).

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25

 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org