سيڪشن؛ادب

ڪتاب: سنڌي ادب جي تاريخ (جلد-ٻيو)

باب:

صفحو:1

سنڌي ادب جي تاريخ (جلد- ٻيو)

 

ناشر پاران

          ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جي تيار ڪيل ٽن جلدن تي ٻڌل سنڌي ادب جي تاريخ جو پهريون جلد ڪجهه مهينا اڳ شايع ڪيو ويو هو. هي ٻيو جلد اوهان جي هٿن ۾ آهي ۽ اميد آهي ته ٽيون جلد به ٿورن ڏينهن ۾ شايع ڪرائي پڌرو ڪيو ويندو.

        پهرئين جلد ۾ قديم سنڌي شاعريءَ کان وٺي شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي دور تائين سنڌ جي ادبي تاريخ جو تفصيلي احوال ڏنل آهي، جڏهن ته هن ٻئي جلد ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ کان 2004ع تائين جي شعر جي تاريخي اوسر جو مڪمل احوال ڏنل آهي. ٽئين جلد ۾ سنڌي نثر جي مختلف صنفن جي ارتقا جي تاريخ مثالن سان بيان ڪئي وئي آهي.

        سنڌي ٻوليءَ ۾ تيزيءَ سان اسرندڙ ادب ۾ ٿيندڙ نت نون تجربن پٽاندڙ، اهو نهايت ضروري آهي ته ادبي تاريخن جا نوان ايڊيشن ايندا رهن. تاريخ هميشه  گذريل وقت ۾ ٿيل مامرن، واقعن، ترقين ۽ تبديلين جي ذڪر تي ٻڌل هوندي آهي ۽ اسان سنڌي عام طرح ماضيءَ تاريخ ۾ گهڻي دلچسپي رکندا آهيون. هي ادبي تاريخن تي ڪم ڪرائڻ (سنڌيءَ کان علاوه انگريزيءَ ۾ به سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ تي ڪم ٿي رهيو آهي) مان اسان جو مقصد اڳ سرجيل ادب ۽ علم جي مطالعي جي روشنيءَ ۾ هلندڙ دور ۾ پيدا ٿيندڙ ادب جو اڀياس مستقبل لاءِ راهون متعين ڪرڻ به آهي، ته جيئن تاريخ جي مطالعي مان مستقبل ۾ ادبي ۽ سماجي ترقيءَ ڏانهن وڌي سگهجي.

        سنڌي ادب جي تاريخ جي حوالي سان ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي ۽ ٻين عالمن ۽ اديبن جا اڳ به ڪيترائي ڪتاب لکيل آهن، جن جي اهميت اڄ به اوتري ئي آهي پر هيءُ ادبي تاريخ ٻين کان وڌيڪ ڄاڻ ڏيندڙ ۽ اهم آهي، جو هن ۾ هلندڙ دور تائين معلومات ڏني وئي آهي. ان کان علاوه ڊاڪٽر جوڻيجي صاحب نه صرف ماضي ۽ حال جي ادبي احوال جو ذڪرتفصيلي طور ڪيو آهي، پر مختلف دورن سان لاڳاپيل ادبي تحريڪن، نظرين ۽ ملڪي توڙي عالمي سياسي ۽ سماجي لاڙن کي پڻ پنهنجي تحقيق ۾ جاءِ ڏني آهي.

        ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو صاحب جس لهڻي جو لاڳيتو پنهنجي قابليت ۽ علمي استعداد سان سنڌي ٻولي ۽ ادب کي شاهوڪار ڪندي، سنڌي ادب سان لاڳاپيل ماڻهن، استادن ۽ شاگردن لاءِ ڪارائتا ڪتاب ڏئي رهيو آهي. سنڌي لئنگويج اٿارٽيءَ پاران اسان سندس نهايت ٿورائتا آهيون، جنهن اسان جي خواهش تي سنڌي ادب جي تاريخ کي موجوده دور تائين سهيڙيو.

ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهيو

چيئرمن

2005-01-11

مهاڳ

        پهرئين جلد ۾ سچل سرمست ۽ سندس اثر هيٺ آيل شاعرن/ ٻالڪن ۽ مريدن جي ذڪر خير تائين آياسين. هن ٻئي جلد ۾ 18 صديءَ جي باقي شاعرن، 19 صديءَ جي شاعرن جي جديد شاعريءَ جو جائزو ايندو.

        هڪ ڀيرو آءٌ وري عرض ڪري ڇڏيان ته ڪنهن به مڪمل ادبي تاريخ مان اهو مقصد بلڪل نه آهي ته جنهن به ٻه شعر ۽ ٻه مضمون لکيا آهن، اُهي معياري هجن نه هجن، اُن کي ادبي تاريخ جو حصو بنائجي! ادبي تاريخ جو مطلب فقط هي آهي ته معياري ۽ مڃيل شاعرن ۽ اديبن جو تذڪرو ڪجي ۽ سندن ادبي شهپارن جو تنقيدي توڙي تحقيقي جائزو وٺجي، اها ڪوشش مون پهرئين توڙي هن ٻئي جلد ۾ ڪئي آهي.

        هي جلد به مختلف دورن ۾ ورهايل آهي. جن ۾ نظم جا مختلف باب آهن. ائين هن جلد ٻئي ۾ 2000ع تائين فقط شعر جي تاريخ مڪمل آهي.

باب پهريون

18 ۽ 19 صدي عيسويءَ جا شاعر اڪثر صوفي شاعر آهن. انهن ۾ ڪي حال جا صاحب ته ڪي وري قال وارا هئا. ٻيا اهڙا به آهن جن جو مقصد شعر جي سجر جي آبياري ڪرڻ هو. اُن ۾  نهايت ڪامياب رهيا. مختلف صنفن ۾ ڪلام چيائون. ڪن جو ڪلام قديم طرز جو آهي ته ڪن علم عروض مان ۽ فارسيءَ مان  استفادو ڪيو.

هن دور جا شاعر اصناف سخن جي لحاظ کان بيت، وائي، ڪافي، مدح ۽ مناجات ۽ ٻين صنفن تي ڪلام چوڻ وارا آهن. اُنهن مان چونڊ اهم ۽ معياري شاعرن جي سوانح ۽ ڪلام جو جائزو ورتو ويو آهي.

هن دور جي ابتدا ميان محمد سرفراز عباسي جي حالت ۽ ڪلام سان ٿئي ٿي. ڪوشش ڪري سال وار جائزو ورتل آهي. ڪنهن به شاعر جي وفات واري سال جي لحاظ کان اُن کي پهرين ۽ کانئس پوءِ وفات ڪندڙ جو بيان پوءِ ڪيو ويو آهي. هڪڙي ئي خاندان جي شاعرن جو احوال عنوان تحت ۽ هڪ هنڌ رکيو ويو آهي، جيئن روحل فقير ۽ سندس خاندان جي ڪن شاعرن جي سنن سلان ۾ شڪ آهي ته به قريب قريب رکيا ويا آهن.

ميان سرفراز عباسي (ڪلهوڙو)

سنڌ جي فرمان رواميان غلام شاهه خان جو وڏو فرزند، جو کانئس پوءِ 1772ع ۾ سنڌ جو حاڪم ٿيو، سو فارسي ۽ سنڌيءَ جو پختو شاعر به هو. منجهس  سياسي حڪمت عملين کي سمجهڻ جي اهليت نه هئي. سندس غلط فيصلن جي ڪري وڳوڙ ٿيو. ظلم ڪيائين ۽ خود به ان ظلم جي رد عمل طور ظلم جو شڪار ٿيو.

ميان سرفراز پنهنجي صلاحڪار ۽ وزير راڄي ليکيءَ جي چرچ  ۽ سازش سان هڪ وفادار امير مير بهرام ٽالپور کي وچ درٻار خون ڪرايو. سنڌ جو هي بدنصيب ۽ ناعاقبت انديش حڪمران پنهنجي تخت و تاج کي محفوظ ۽ مستحڪم بنائڻ جي خبظ ۾پنهنجن وفادارن جي رت ۾ هٿ رگي ويـٺو. قضا جي  قهري ڪان سندس تخت کي اونڌو ۽ بخت کي اوندهو ڪري ڇڏيو. کيس به قيد ڪيو ويو، جت سندس نور ڏيئن کي وسايو ويو (1). تاريخ جو تسلسل ته هڪ دردناڪَ ۽ سفاڪانه عمل آهي. سرفراز خان  جي شاعريءَ جو مطالعو ڪجي ٿو ته هُو شاعر ئي نظر اچي ٿو. هُن جي ذات ۾ ڪو حڪمران نظر نٿو اچي. سندس فارسي ۽ سنڌي ڪلام موجود آهي، پر سندس صمعصر ۽ مداح، مير علي شير قانع ٺٽوي به کيس مقالات الشعرا ۾ نظر انداز ڪري ٿو. جڏهن ميان سرفراز 1190هه / 1776ع ۾ شهيد ڪيو ويو ته ميان تي قصيدو لکيائين. شايد ابتدائي ڏينهن ۾ قانع (1140، 1203هه) تائين ميان سرفراز جي سخن جي هاڪ نه پهتي هجي. سنڌي مناجات  شهادت واري سال چيائين. شايد فارسي ديوان به زندگيءَ جي آخري سالن ۾ مڪمل ڪيو هجيس. مخدوم محمد ابراهيم ٺٽوي 1243، 1317 هه) سرفراز جي وفات کان اٽڪل چاليهه سال پوءِ ڄائو. هن به پنهنجي تاليف تڪمل مقالات الشعراءِ ۾ ميان سرفراز جو ضمنا به ذڪر نه ڪيو. البت مير صوبدار خان ولد مير فتح علي خان ”فتح نامه سنڌ“ ۾ ميان سرفراز لاءِ تعريفي شعر چيا. مير حسن علي خان ”سنڌ جو شاهنامو“ ۾ ميان سرفراز لاءِ هيئن لکيو:

مون پنهنجي وڏن کان اِن پر ٻڌو نهايت سومرد خرد مند هو.

مير عظيم الدين ٺٽوي، ميان سرفراز جو درٻاري شاعر هو، اُن ميان جي تعريف ۾ قصيدا  چيا. مير علي شير هڪ منظوم ڪتاب سرفراز نامه به لکيو.(2)

تاريخن ۾ اهو ته رڪارڊ ٿيل آهي ته پنهنجي والد ميان غلام شاهه خان جي وفات کانپوءِ ٻئي ٽئي ڏينهن ميان سرفراز 1772ع ۾ تخت نشين ٿيو. 1775ع ۾ شورش جي نتيجي ۾ قيد ٿيو ۽ سال کانپوءِ اُتي ئي سندس اکيون ڪڍيون ويون. ٻين عزيزن سان گڏ شهيد ٿيو. ميان سرفراز جي ولادت جو سن سال ڪنهن به تاريخ نه لکيو. فقط هڪ حوالي سان سال متعين ڪري سگهجي ٿو.

نادر شاهه افشار 1153 هه، 1740ع ۾ ميان مراد ياب خان ۽ غلام  شاهه خان کي يرغمال (اول) بنائي، ايران وٺي ويو هو. اُتي ميان غلام شاه خان هڪ ايراني خاتون سان شادي ڪئي. اٺن سالن کان پوءِ سنڌ موٽيو. ميان سرفراز کيس اُن خاتون مان ڄائو (3). اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سرفراز پهرين هڪ ٻن سالن دوران ڄائو هوندو. ائين سندس ولاد جو  سال 42-1743ع هوندو.

بهرحال  ميان سرفراز جي شاعر ۽ علم دوست هجڻ بابت پراڻن حوالن سان گڏ ويهين صديءَ جي اسڪالرن جي ڪتابن ۾ به مواد ملي ٿو. اُنهن ۾ خانبهادر ميمڻ جي سنڌي ادب جي تاريخ جلد پهريون، تذڪره لطفي جلد پهريون، غلام رسول مهر جي تاريخ سنڌ ڪلهوڙا عهد (اردو) جلد ٻيو ۽ مرزا عباس علي بيگ جو ڪتاب خدايار خاني ميان سرفراز  خان عباسي، اهم آهن. غلام رسول مهر لکي ٿو ته : ”ميان سرفراز وڏو عالم، سخن سنج ۽ باذوق شخص هو(4).“ مهر، ديوان سرفراز بابت لکي ٿو ته اُهو  ٽالپرن جي ڪتب خاني ۾ آهي. ميان ڪٿي شهادت ته ڪٿي سرفراز تخلص ڪم آندو آهي(5). مختلف تذڪرن ۾ جيڪي شعر حوالي ۽ مثال ۾ ڪم اچن پيا. اُهي اُن فارسي ديوان مان ئي نقل ڪيل آهن. اُنهن ۾ ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻيءِ جا ٻه ڪتاب پرش پوئٽس آف سنڌ (پي. ايڇ ڊي ٿيسز) ۽ فارسيءَ ۾ فارسيءَ جو سٺو شاعر هو. اِن باري ۾ مرزا عباس علي بيگ رقمطراز آهي؛ ”سنڌ جي حڪمران فارسي گو شاعرن مان ميان سرفراز خان به پنهنجي دور جو هڪ بهترين شاعر ٿي گذريو آهي. پاڪستان جي تهذيبي تاريخ جڏهن به مرتب ٿيندي ته ميان سرفراز خان کي سندس جائز مقام ضرور ملندو. (6).“

هيءَ به حقيقت آهي ته ميان سرفراز جي ننڍپڻ، تربيت ۽ تعليم بابت ڪو ڀروسي جوڳو احوال ڪونه ٿو ملي. اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته کيس دستوري تعليم ملي هوندي. سندس فارسي ديوان اُن جو ثبوت آهي. سرفراز مشهور شاعر محسن ٺٽويءَ جي قابل فرزند ۽ شاعر غلام علي مداح جو شاگرد هو. سيد ثابت علي شاهه (مرثيه گو) به مولوي غلام علي مداح جو شاگرد هو. دور جي مدنظر سچل سرمست (1739-1829ع) ۾ مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي (1739-1778ع)، ميان سرفراز ۽ ثابت علي شاهه جا همعصر آهن. ميان سرفراز جي ٻين همصعرن ۾ مير علي شير قانع، مخدوم محمد معين. ٻالچند آزاد، شيوڪرام عطار، محمد محفوظ سرخپوش ۽ محمد پناه رجا اچي وڃن ٿا.

ميان سرفراز جي فارسي ڪلام تي گهڻو اثر حافظ شيرازيءَ جو آهي. اُن جي اثر هيٺ گهڻو رهيو. چوي ٿو:

توئي مُرغ چمن دلشاد ليکن.

زمرغان قفس هم ياد مي کُن.

حافظ شيارزي جي ديوان جو نمونو (Model) ميان سرفراز جي اڳيان رهيو. اُن جا چٽا چٽا مثال ديوان سرفراز ۾ آهن. مثال:

بيا اي ساقيءَ گل چهره در ميخانه دلها.

که باشد باده گلفام او حلال مشکلها.

سنڌيءَ ۾ ميان سرفراز جي قيد ۾ لکيل مناجات هڪ وڏو ادبي ڪارنامو آهي. هيءَ مناجات موضوع جي لحاظ کان نهايت  پُر درد ۽ وقت آميز ۽ هيئت جي لحاظ کان مرصع آهي. هن جو تذڪرو پهرين پهرين خانبهادر ميمڻ ڪيو، جڏهن ته پروفيسر بدويءَ  لکيو ته: ”ميان سرفراز سانمدح منسوب ڪئي ويئي آهي. جنهن لاءِ چيو  وڃي ٿو ته هن پنهنجي معزوليءَ جي دور ۾ قيد ۾ چئي.(7)“

هيءَ مدح (مناجات) نه رڳو صنعت ترصيع جو بهترين نمونو آهي، پر سنڌيءَ ۾ هن نوعيت جي صنعتن ۾ لکيل شعرن ۾ به اعليٰ ۽ ممتاز آهي. سوز و گداز جي ڪري به اهم آهي. سرفراز کان اڳ جمن چارڻ جي مناجات نشانبر آهي، پر  سرفراز جي مناجات صنعت ترصيح ۽ موسيقيت جي ڪري بلند پايي جي آهي. هيءَ مناجات بحر هزج مثمن مڪفوف محذوف تي چيل آهي. هن جا رڪن آهن: مفاعيل مفاعيل مفاعيل فعولن، خانبهار ميمڻ هن مناجات جا فقط پنج بند ڏنا آهن(8). ڊاڪٽر بلوچ لوڪ ادب سلسلي جي ڪتاب نمبر پهرئين ۾ هن مناجات جا ٽيهه بند، مجموع مدحيات بمبئي جي حوالي سان شامل ڪيا آهن.(9) موضوع ۽ انداز بيان جي مدنظر به هيءَ مناجات شعر جي دنيا جو هڪ  بيش بها نمونو آهي. عاجزيءَ سان پنهنجي نجات لاءِ ٻاڏائڻ جو هي انداز منفرد آهي. ابتدا هيئن ٿئي ٿي:

بسم الله، لڳ الله، محمد شاهه، ڪر پناهه، پرين تون،

منجهه درگاهه، ڪيم آه، مٿي راه، رسين مون

ڀلا ڄام هن غلام سندو سوال سڻج  تون.

قيد ۾ پرائي وس انسان ڪيترو مجبور ٿئي ٿو. اُن سلسلي ۾ پُر درد بيان هي آهي:

آهيان ڏڏ، غمن گڏ، سچا سڏ سڻج تون.

پسي پاڻ، ڪريم ساڻ، ڏِکيا ڏاڻ ڏيئي تُون.

ڀلا ڄام؛ هن غلام، سندو سوال سڻج تون.

نورمحمد صلي الله عليه وسلم بابت چوي ٿو:

نَه سا خَلق، نه ڪي مَلڪ، نه ها فلڪ زمينون،

تنهنجو نور ٿيو ظهور، آڳاٽو سڀني کوءن.

هيڏانهن پاڻ هٿان ٿيل ظلمن زيادتين جو احساس ٿيس. اُن جو اعتراف نهايت رقت سان ڪري ٿو:

يڪسبون، ڪم زبون، ڪيم خون خطائون،

ميٽي ڏوه، پنان توه، ڪرين بخش عطائون.

هيٺيان بند به شاعر جي عاجزيءَ کي ظاهر ڪن ٿا.

پُل صراط، مٿي واٽ، رمي پير رکياسون،

رس راه مٿي واه، ڏيئي ٻانهن لنگهايون،

ڀلا ڄام هن غلام سندو سوال سڻج تون،

چارئي طرف، تنهنجي شرف، ڪيون روشن راهون،

منهنجا نور، ٿيو معمو، مَڪو مُلڪ مدينو،

ڀلا ڄام هن غلام سندو سوال سڻج تون،

بسم الله، سين مداح،  تنهنجي شاه، چئي سون،

هيءَ ساراه، لڳ الله، ڪر قبول هٿان مون،

ڀلا ڄام، هن غلام، سندو سوال سڻج تون،

سرفراز، کي اُداس، آهي آس، اوهان ڏون،

راه راس، بند خلاص، خوبي خاص ڏئيون مون،

ڀلا ڄام، هن غلام، سندو سوال سڻج تون.

ميان سرفراز جي فارسي ڪلام، ڪجهه هندي، اردو شعرن ۽ سنڌي مناجات جي مطالعي مان هيءَ ڳالهه ڀلي ڀت ظاهر ٿئي ٿي ته سندس طبع نهايت موزون هئي ۽ سندس ڪلام بلند معيار جو آهي.

رُوحل فقير ۽ سندس خاندان:

روحل فقير 1734-1804ع)، ۽ سندس خاندان جو شاعري ۽ تصور جي سلسلي ۾ اهم مقام آهي. هنن شاعرن جو ڪلام سنڌي، هندي، سرائيڪي ۽ فارسيءَ ۾ آهي، روحل فقير جو سالو مراد فقير به وڏو شاعر هو، پروفيسر لطف الله بدويءَ لکيو آهي ته: ”روحل فقير ٻه شاديون ڪيون. سندس پوئين گهر واري مراد فقير جي نياڻين هئي(10). ”هت نياڻيءَ مان مراد فقير جي ڀيڻ مطلب هوندو ته ٿي سگهي ٿو. ڪنهن به ٻئي سوانح نگارائين نه لکيو آهي ۽ ڀيڻ لکيو اٿن.

روحل جي وڏن بابت ڊاڪٽر نواز علي شوق لکي ٿو ته: ”روحل فقير جا وڏا اصل ۾ ساهيوال (پنجاب) جي هڪ ڳوٺ لونگذيه جا رهاڪو هئا. روحل فقير جو والد شاهو فقير ڪلهوڙن جي دور ۾ ڪنهن سبب اُتان لڏي اچي عمرڪوٽ ويجهو هڪ پٽ تي آستانو اڏي ويهي رهيو(11).“ هن خاندان جي وڏي شاهُو فقير ڪلهوڙن جي ملازمت به ڪئي. روحل بابت پروفيسر بدويءَ لکيو ”هُو دين محمد ڪلهوڙي جي زماني ۾ حڪومت وٽ پيارو ٿيو(12).“ اهو صحيح نه آهي. حقيقت ۾ اُن وقت کانپوءِ واري حاڪم ميان غلام شاهه خان ۽ اُن جي فرزند ميان سرفراز وٽ ملازمت ڪيائين. خود ان ڳالهه کي پنهنجي بئي ڪتاب ۾ بدوي صاحب درست ڪيو آهي(13). ائين مرشد جي نالي واري ڀُل کي به بدوي صاحب درست ڪيو آهي. ”تذڪي“ ۾ شاهه عنايت ۽ ”ڪنڊڙيءَ وارن جو ڪلام“ شاهه عزت الله لکيو اٿس. (14) شاهه عزت الله صحيح آهي. ڇو جو روحل جي ڄمڻ کان 17-18 سال اڳ شاهه عنايت شهيد ٿي چڪو هو. ساڳي طرح ميان غلام شاهه جو جوڙيءَ (ڪفن) وارو ڪپڙو وٺڻ، ياروحل جي ڪنهن دوست جو ڪفن واري ڪپڙي لاءِ پاڻ لاءِ وصيت ڪرڻ وارو واقعو به متضاد طور بيان ڪيل آهي(15). دنيا جي هن لوڀ لالچ روحل فقير جي طبيعت ظاهري دنيا کان اُچاٽ ڪري وڌي. جتي پٽ پيءُ جي ڪفن واري خواهش به پوري نه ڪري، اُن ڪوڙي دنيا کان هُو بيزار ٿي پيو. نوڪري ڇڏي ڏنائين، ڪجهه ايڪانت ڪجهه سير سفر ۾ سڪون ڳولهڻلڳو. حق جي تلاش منجهس روشني پيدا ڪئي. ظاهري علم جيڪو هئس، اُن به روحل جون راهون روشن ڪري ڇڏيون. سنڌي، هندي ۽ سرائيڪيءَ ۾ جيڪي جوهر ڏيکاريائين، سي سندس سڃاڻپ ٿي ويا. صوفيانه رنگ ۾ روحل جو مقام نهايت بلند آهي. توحيد جي تنوار ۽ بي تعصبيءَ ۾ هو هڪ يگانو شاعر آهي. بي تعصبيءَ جو هن کان وڌيڪ ڪهڙو مثال ٿيندو جو شاعر چوي ٿو:

ڪفر ۽ اسلام ۾، ٿا ڀرين اُبتا پير،

هڪ هندو ٻيا مسلمان، وچ وڌائون وير،

انڌن اونڌهه نه لهي، تن کي سچ چوندو ڪير،

روحل راهه پرين جو، جان گهڙي ڏٺوسين گهيڙ،

ته رب مڙني ۾ هيڪڙو، تنهن ۾ ڦند نه ڪو ڦير،

سا ڪاڏي ڪندي پير، جا سُتي ڪعبتھ الله ۾.

رهڻيءَ کي اوليت ڏي ٿو ۽ زباني ڳالهه کي رد ڪري ٿو:

ڪهڻي تان هرڪو ڪهي، پر رهڻ اوکي بات.

پڌري ٿيندي ذات، رهڻيءَ سان روحل چوي.

طرفان هدايت تي وٽانئس هليو وڃڻ ۽ رڪاوٽ تي تڪيو جوڙن واري روايت موجب روحل فقير جو پهراڻ ڪنڊيءَ جي وڻ ۾ اٽڪيو ۽ اُتي ئي تڪيو ڪري ويٺو. هي تڪيو ڪنڊڙي (تعلقو روهڙي) دنيا ۾ مشهور ٿيو(16). هڪڙي هيءَ روايت آهي ته روحل فقيرکي فيض هندو ڀڳت ڏونگر سين مهراج کان مليو. ڏونگر سين شاعر به هو. اُن جي اثر هيٺ روحل جي هندي شاعري اُسري هجي. ٻيو ته رجسٿان طرف روحل فقير سير سفر ۾ رهيو(17). جوڌرپور جي راجا وٽ به رهيو. کيس هنديءَ ۾ پوري پوري قابليت حاصل ٿي. اُها ڳالهه هنديءَ ۾ سندس تحريرن مانپڌري آهي، پنهنجي دور ۾ جيڪي ڪلور ڏٺائين تن هن ۾ تياڳ جا رنگ اُڀاريا. هيڏانهن ڀڳتيءَ جا ڀاءُ به اندر ۾ پيدا ٿيا. روحل جو هندي ڪلام خاص طور ڀڳتيءَ وارو آهي ۽ زبان توڙي بيان مان ائين اصل نٿو لڳي ته ڪنهن مسلمان ڪويءَ جو ڪلام آهي. ڪبير جو به مٿس گهڻو اثر آهي. پروفيسر بدويءَ جي لکڻ موجب روحل جا ٽي مستقل ڪتاب آهن. اُهي آهن: من پرٻوڌ، پريم گان ۽ انپو (18). هن سلسلي ۾ ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي جي تحقيق قابل قدر آهي. هُن هِن باري ۾ شايع ٿيل روحل جي هندي ڪلام جي حوالي سان روحل جا ست گرنٿ ڄاڻايا آهن، جيڪي هي آهن: منپرٻوڌ، اَدڀت، گرنٿ، نج مول گرنٿ، شبدپد، پنڌرهن تٿيان ڪوء ويچار، سي حرفي، آگم وارتا. هيءَ ڊاڪٽر جيٽلي. دهليءَ مان شايع ٿيل ۽ ڊاڪٽر رميش چندر مشر جي تاليف ”سنڌي ڪوي سنت روحل ڪي هندي ٻاڻي“ جي حوالي سان فهرست ڏني آهي ۽ هر هڪ جو تت به ڏنو اٿس(19).

هندي ٻاڻيءَ ۾ ڀڳتي رس نمايان آهي. هتي هندي ڪوتا اسان جي موضوع کان ٻاهر آهي، پر سنڌي ڪلام سان گڏ شاعر جي پرک خاطر سنڌيءَ کان سواءِ ٻين ٻولين جا ڪلام جا چند مثال وٺڻ ضروري آهي. هڪڙو سبب هي آهي ته روحل جو هندي ڪلام موضوع ۽ هيئت جي مدنظر اعليٰ معيار جو آهي. خالي نالو ڪيل نه آهي. هر صنف ۾ خوب پاڻ ملهايو اٿس. دوها، سي حرفي ۽ ڪافي (ٺمري) مطلب ته هر صنف ۾ روحل جو ڪلام بلند پايي جو آهي. ضمير جو آواز اهو آهي جو انسان اوچ نيچ جو فرق نه رکي. روحل صوفي چوي ٿو:

نا ڪُڇ اونج نه نيچ هَئي، سڀ ڪرنا جو ايڪ،

روحل سوجهي تب ٻڙي، جب کلي وچار وويڪ.

انسان جڏهن پاڻ سڃاڻي ٿو ته سڀ ڏک ۽ اجايا وهم گمان ميٽجي ٿا وڃن. اُن لاءِ روحل چوي ٿو:

جنم جنم ڪا دک مٽا، اور جنم جنم ڪو پاپ.

سڀ تنپاون هو رهيا. جب درسيو آتم آپ.

اجائي غرور ۽ چتراعي کان روڪيندي ڪوي چوي ٿو ته ڪاوڙ ڇڏ، نيڪي ڪر ستگر ي رهبري حاصل ڪرين، سي حرفيءَ ۾ اهڙو اظهار ڪري ٿو.

غ- غصا تج، نرمل رهيي، ننديا نيڪي سر پر سهيي،

ڇاڏ سياڻپ بهو چترائي، ستگر شبد ملي رگهو رائي.

روحل جي ڪافين جي هيئت ۾ لکيل ڪلام، هوري ۽ ٻين سنگيت جي صنفن ۾ هڪ اٿاه مها ساگر آهي. راڳڻين جا عنوان به ڏنا ويا آهن. هڪ هوريءَ جو مثال هي آهي. گائڪيءَ ۾ هن کي وائي، ڪافي، توڙي ٺمريءَ جي انداز ۾ ڳائي سگهجي ٿو.

ٿل:

هوري ڦاڳ ۾ کيلون مين

اپني پيا سنگ پياري.

آئو ري سکي آج سهج سنگاري،

ايڪ ايڪ نياري نياري.

انترو:

عنبير گلان ڪي ڀوٽ اُرت هئي،

پريم ڀري پچڪاري،

جَل ڪيسر ڪا اُٺت ڦوهارا،

هوئي رهي گجڪاري.

سڀوڳ:

روحل سڀ گهٽ بسنت بهاريو،

چَو ڪُونٺ چوڌاري.

زبان بيان جي لحاظ کان روحل جي هنديءَ ۾ سنڌيءَ جو اثر به نمايان آهي. هنديءَ وانگر روحل فقير سرائيڪيءَ ۾ به هڪ يگانو شاعر آهي. ڪن روايتن موجب سرائيڪي ته سندس مادري ۽ گهرَ جي زبان به آهي. سرائيڪي دوهن(بيتن) ۽ ڪافين ۾ حقيقت ۽ مجاز جا رنگ رچيل آهن. تصور جو رنگ لفظ لفظ ۾ پيو بکي بيتن ۾ دنيا جي ٻاهرئين ڏيک کي ڏسي ٺڳجي نه وڃجي، بلڪه حقيقت معلوم ڪجي.

ايهه سنساري ٺڳا ڳڍ بازي، اکين نال ڏٺوسي،

ڏيک تماشا محب ملڻ دا، اهو فڪر پيوسي،

چشم آب حياتي دا دل اندر ڳول لڌوسي،

دستون ساقي ٿيا عنايت، پُرڪو جام پيتوسي،

روحل وچ رندان دي مجلس، نوشه ڳول لڌوسي.

سرائيڪي ڪَافي ۾ فرمائي ٿو:

نينهن لڳا من پياري دا،

پياري دا ڪلنگي واري دا.

ٻنهان لوڪان نون موت مريندا،

عاشق قتل اشاري دا.

چنڊ کڙيا سارا عالم ڏيکي.

مين ويکان رخ پياري دا.

هردم جهان وچ کل رهيا هي،

هڪوئي گل هزاري دا،

روحل رين هجر دي ڳيئي،

ڍونڍ لڌا گهر ساري دا.

پاڻ سڃاڻڻ لاءِ هن کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو اظهار ٿيندو جو چئجي ته:

لوڪ آکي هي روحل ٻوليندا،

ڪوئي آکي هي ذات زنگيجا،

نهين روحل نهين ذات زنگيجا،

اي ڪر سر الاهي هي،

ڪفر اسلام ڏونهان تون نيارا،

جيون جل دي اندر ڏيکن تارا- الخ.

ڪنهن به ٻوليءَ ۾، روحل هڪ ئي ٻولي ٻولي ٿو. سرائيڪي وانگر سنڌيءَ ۾ به حقيقت سان هڪ ٿيڻ جي ڳالهه ڪري ٿو. پاڻ سڃاڻڻ جي تلقين ڪري ٿو. ايئن سچي عشق جي حد کي رسڻ لاءِ ڇا ڪرڻ کپي؟ جي سالڪ وڃي حق سان حق ٿئي ته منجهس ڪهڙيون نشانيون ظاهر ٿين ٿيون؟ اُنهن نشانين کي روحل نور جون نشانيون سڏي ٿو:

نَوَ نشانيون نور جون، عاشقن آهين،

هڪڙي ويهن تي،  ٻيو کائڻ نه کائين،

ٽيون سر سڀڪنهن اڳيان، ٿا نميون نوائين،

چوٿين ٻُڌي ڪنن سان، وري نه ورجائين،

پنجون پهه پرينءَ سان، ٿا پڪو پچائين،

ڇهون ڪڇن ڪينڪي، ناتو نباهين،

ستون سڪ سڄڻ جي، ٿا لنوء لنوء لڳائين،

اٺون ڳالهه عجيب جي، ٿا واري ورجائين،

نائون ننڊ نيڻ کي، ٿا جودوءن جاڳائين،

تڏهن سيبائين، روحل دوساڻي درٻار ۾.

سنڌيءَ ۾ بيتن ۽ ڪافين ۾ روحل فقير پنهنجن خيالن جو چٽو ۽ برملا اظهار ڪيو. انداز بيان ۽ زبان۾ ڪو به ابهام نه هو. چِٽن لفظن ۾ خيالن جوا ظهار ڪيائين. پاڻ سڃاڻڻ لاءِ چوي ٿو:

جي تون صحيح سڃاڻين پاڻ، اَٿي قيمت سندو قطرو،

ڪوري ڪڍ قلوب مان، مندائيءَ جو ماڻ،

پَري نهارڻ پَر کي، سندو ڄٽن ڄاڻ،

نِت سائين توئي ساڻ، آهي رات ڏينهن روحل چوي.

-

جي لڳو آهين تان لڳ، پريان سندي پيچري،

من مون محبوبن جو، صحيح سڃانج پڳ،

ڇڏي جُوٺو جَڳ، وڃي روحل رچج رنگ ۾.

حقيقت پسڻ لاءِ ڇا ڪرڻو آهي، اُن جو سڌو رستو ڏسي ٿو:

پنهنجون اکيون پاڻ ۾، جوڙي رکيون جن،

سي سوء ڀيرا سانت ۾، پل پل پرين پسن،

تن تحصيلون تمام ڪيون، محب جن جي من،

روحل مٿون تن، لٿا حرف حساب جا،

بيتن وانگر ڪافين ۾ به روحل وٽ ساڳيو انداز آهي. محبوب سان هڪ ٿيڻ ئي بنيادي ڳالهه آهي. اُهو محبوب نيٺ دل ۾ ديرو ڪري ويٺو. شاعر اِهو هيئن ڪري ٿو ته سڄڻن سنجهه صبوح روح ۾ ويٺو اهي.

سڄن مون پرکيو، رهيو اندر روح،

رهيو اندر روح، سنئيان سنجهه صبوح،

اڇو ڪنديس اُن لاٰ‎ءِ، تاري مٿان توهه،

منهنجو من مٺي پيو، ڇڏي کارا کوهه،

وڻ ٽڻ وائي هيڪڙي، پريان جي پاٻوهه،

روحل رتو رنگ ۾، ويٺو ڪري ورنهه،

ڪافي جيئن ته جهونگاري ۽ تال کي اڳ مقرر ڪري جوڙجي ٿي. اُن ۾ بندش ۽ قافين جي ٺاه ٺوهه ۽ چست بندش توڙي ادائگيءَ جو خيال رکيو وڃي ٿو. اُن ڪري گائڪيءَ واري هي صنف هڪ مشڪل صنف آهي. رڳو شعر نه آهي، بلڪه موسيقي به آهي. جيئن روحل هيٺين ڪافيءَ ۾ اِهي لوازما پيش نظر رکيا آهن ۽ ٻٽو قافيو به:

سانول تنهنجي سِڪَ، ڏاڍي شهر ڀنڀور ۾،

-     ڳجهيون ڳالهيون شهر ڀنڀور جون،

لوڪون ڪر لِڪَ لِڪَ،

-     راتيان ڏينهان روح ۾،

چولي ڪيو چِڪَ چِڪَ،

-     سر ڏيئي سُرڪي جي پيئن،

وٽيءَ ۾ پِڪَ پِڪَ،

-     روحل روح الله سان،

-     وڃي ٿيو هِڪُ هِڪُ.

نالي واري بند ۾ ”هِڪَ هَڪَ“ بجاءِ معنوي صحت خاطر ”هِڪُ هِڪُ“ آيو آهي. متن ۾ به ائين اَعرابَون آهن. علم قوافي ۾ حرف روي جي اُصَول هيٺ بدليل اعراب عيب آهي، پر ڪافيءَ تي علم عَروض جا اصول سختيءَ سان لاڳو نٿا ٿين. ڇو جو ڪافيون علم عروض سان گڏ سنگيت ۽ ڇنڊ موجب به موزون ڪجن ٿيون. هتي ته حق حقيقي ۽ حقيقت جي پچار آهي ۽ ڪنڊڙيءَ جو ڪلتار دل جي ڳالهه هيئن بيان ڪري ٿو:

ڪنڊڙيءَ ۾ ڪلتار ڏٺوسي، رانجهو رمزن وارو يار.

وفي انفسڪم افلا تبصرون،

مخفي هي اسرار.

-  رمز رندن جي ڪوڪ پرکي،

   بره جو باري بار،

-  وحدت واري واٽ وٺج تون.

   وٿي نه آڻج وار.

-  روحل رمز انهيءَ ۾.

       ٻي سڀ ڪوڙي ڪار.

روحل فقير پنهنجن ڀائرن سلطان ۽ ميوي ۾ وڄٽ هو. کيس چار فرزند ٿيا، دريا خان، خدا بخش، غلام علي ۽ شاهو. انهن ۾ دريا خان وڏو شاعر هو. روحل جو سالو مراد فقير به وڏو شاعر ٿيو. هن خاندان ۾ روحل جا پوٽا ۽ پڙ پوٽا به چڱا شاعر ساماڻا. روحل 1804ع ۾ وفات ڪئي، پر ادبي دنيا ۾ پنهنجو نالو ڇڏي ويو.(20).

مراد فقير (1744-1796ع) :

 هي درويش روحل فقير جو عزيز ۽ سالو هو. پنجاب مان سنڌ ۾ اچڻ وقت روحل سان گڏ آيو. مراد فقير به هڪ صاحب طرز صوفي شاعر هو. سندس والد جو نالو محمد حيات هو، جيڪو روحل جي سوٽن مان هڪ هو. سنڌي، هندي، فارسي ۽ سرائيڪيءَ جو شاعر هو. سندس ننڍپڻ، تعليم ۽ زندگيءَ جي باري ۾ اعتبار جوڳو احوال ڪو نه ٿو ملي. مراد فقير جي ڪلام مان معلوم ٿئي ٿو ته هو تعليم يافته انسان هو. بدوي صاحب لکي ٿو ته هو روحل سان گڏ رهيو ۽ اُن کان ئي فيض حاصل ڪيائين(22). روحل وانگر ڪلهوڙن، ميرن جي تڪرار ۾ مراد به ميرن جو طرفدار هو. مدد خان پٺاڻ جي يلغار کان متاثر ٿي. مراد فقير چيو: مارو مدد ڪون دور ڪرو، ڇوٽ وڃي يهودي يزيد ميان.

مراد فقير، ميرن کان مليل زمينون ڪوٽليءَ ۾ آباد ڪيون. بدوي صاحب، مراد فقير جي آخري سالن بابت هڪ واقعي جو ذڪر ڪيو آهي. اُن موجب: ڪوٽليءَ لڳ هڪ سيد شاڪر شاهه هندو هو. هُن فقير ڏانهن ماڻهن جي رجوعات ڏسي، ساڙ وچان انهن خلاف ڪارروايون شروع ڪيون. صبر شڪر سان برداشت ڪندا رهيا. زمينن تي به قبضي لاءِ حيلا هلايائين. مراد فقير بدلي جو سوچيو، پر روحل سڀني فقيرن ۽ مراد کي اهڙي عمل کان روڪيو ۽ هدايت ڪيائين ته ”فاني شين لاءِ وڙهڻ ڇاجو“ مرد اُهو آهي جنهن پنهنجي نفس سان وڙهي اُن تي زير ڪيو.“ مراد تعميل ڪئي، پر ان ڳالهه جو مٿس گهرو اثر ٿيو ۽ بيمار ٿي پيو.  1796ع ۾ وفات ڪيائين ۽ ڪوٽليءَ ۾ آرامي آهي(23).

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25

 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org