ادب جي وصف بيان ڪندي محققن اُن جو زندگيءَ سان
تعلق خاص طور بيان ڪيو آهي. ٻين لفظن ۾ ايئن چئبو
ته ادب زندگيءَ جو آئينو آحي. ادب براءِ ادب وارو
نظريو جديد ادب جي ڪسوٽيءَ تي رد آهي. جديد ادب
زندگيءَ ۽ سوچ جي مسلسل عمل کي اهميت ڏي ٿو. ادب
جو سماجي ۽ سائنسي علمن سان گهرو تعلق آهي. انهن
علمن جو سنئون سڌو واسطو زندگي ۽ سماج سان آهي.
ائين سرمايه داري ۽ سماج وادي نظام وٽ ادب بابت
پنهنجا پنهنجا رايا ۽ وصفون آهن. سماج وادي ادب ۾
پنهنجا ڪردار آهن ۽ پنهنجا موضوع. ادب کي جديد
دنيا ۾ ڏسبو ته اُن ۾ ڪيترا لاڙا وقت بوقت ظاهر
ٿيا آهن. انهن ۾ علامت نگاري، وجوديت، رومانويت،
حقيقت نگاري ۽ سريلزم
(Surrealism)
اچي وڃن ٿا.
علامت نگاري
(Sumbolism)
ڪو بنيادي ادبي لاڙو نه آهي. هن جو ميدان پهرين
مصوري آهي. اوڻيهين صديءَ عيسويءَ جي آخر ڌاري
هيءَ تحريڪ فرانس ۾ هلي. هيءَ هڪ رمز، اسلوب ۽
انداز موجب رهي. شاعرن به مصورن وانگر سڌو بيان
ڇڏي ڪن رمزن، اشارن ۽ ڪردارن ۾ لڪ رکي، جنهن کي
علامت سڏيو ويو. قديم سنڌي شاعرن تصوف جي لبادي ۾
پنهنجو بيان ڍڪي رکيو. اُن کي روحاني راز سڏيو
ويو. پر جديد دور ۾ علامت جو دائره ڪار ڪجهه ٻيو
رهيو. سنڌ ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي ڪتاب ”شاهه
لطيف جي شاعريءَ“ ۾ هڪ باب اهڃاڻي شاعريءَ تي لکيو
ويو. پروفيسر اڪرم انصاريءَ جي انگريزي ڪتاب
(Sumbolsim is Latifs Poetry) ۾ علامت نگاريءَ جي ڳالهه ڪئي ويئي، پر ڪاميابيءَ سان
چٽي طرح علامتن جو اطلاق بيتن تي نه ڪيو ويو. هن
سلسلي ۾ وڌ ۾ وڌ وضاحت ڊاڪٽر غلام نبي سڌائي
پنهنجي پي ايڇ. ڊي مقالي ”شاهه عبداللطيف جي ڪلام
۾ علامت نگاريءَ“ ۾ ڪئي. اڃان به هي رويو سنڌ ۾
مقبول رويي وانگر نظر نه آيو. اڃان به ڪنول جي گل
کي علامت بدران تشبيهه ڄاتو وڃي ٿو.
ايئن وجوديت به هڪ نئون لاڙو آهي. اُن ڪري جديد
شاعرن جي تخليقن کي جڏهن مقرر ۽ مُروج ماپن ۽
موضوعن کان ٻاهر ڏٺو ويو ته اڪٿر کي وجوديت ۽
نراجيت ڄاتو ويو. اڪثر لکڻين کي انارڪي، ڇُڙواڳي ۽
ذهني توڙي اخلاقي خلفشار جو نالو ڏنو ويو. هن
سلسلي ۾ يورپ ۾ سارتر، مارسي، ميڊي ۽ ٻين
تخلقيڪارن جي پرک ٿي آهي. هن نظريي جو سقراط وٽ به
اثر ملي ٿو. پر پوءِ واري دور ۾ فيلسوف ڪرڪيگارڊ
(1813-1855ع) هن فلسفي کي کولي بيان ڪيو. اُن موجب
هي لاڙو ڪائنات ۾ هڪ بي ترتيبي، بي معنيت ۽ هڪ
گرگلو نظام پسي ٿو ۽ اهڙو رويو رکي ٿو. جيئن سارتر
جي ناول ڪراهيت جو هيرو راڪن ٽائن آهي. ويهين صدي
عيسويءَ جي ڇهين ڏهاڪي ۾ هن لاڙي جو ڪنهن نه ڪنهن
ريت اوک ڊوک ٿي آهي. ماڻڪ وٽ ڪهاڻين ۽ ناول ۾ اهڙا
رنگ ملن ٿا.
حقيقت پسنديءَ جا لاڙا به سنڌي ادب ۾ ملن ٿا. هن
۾ڪا يوروپيت نمايان ناهي. حقيقت پسنديءَ جا مثال
قديم شاعرن کان وٺي ويهين صديءَ جي ليکڪن وٽ موجود
آهن. نجم عباسي ڪنهن علامت، ڪنهن اشاري ۽ پوش
بدران حقيقت ڪردارن ۽ حقيقي بيان کي پسند ڪيو. شيخ
اياز جو ڊرامو”ڀڳت سنگهه کي ڦاسي“ اهڙو حقيقي
ڪردار پيش ڪري ٿو. حقيقت پسنديءَ
(Realism)
جي اُبتڙ هڪ رجحان سريلزم
(Surrealism)
آهي. جنهن جي وصف ۽ اُپٽار چٽي طور اڃان ٿيڻي آهي.
اهو واضح ڪيو ويو آهي ته هي لاڙ ڪنهن غير حقيقت
پسندانه رويي کي ظاهر ڪري ٿو.
رومانويت، عالمي ادب ۾ هڪ لڙو آهي. هن ۾ اصول
پرستي، عقيلت ۽ قائم قدرن جي خلاف هڪ لاڙو آهي.
مشرق ۾ رومانويت عشقيه موضوعن جي برابر آهي، يورپ
۾ جيئن ڪالرج جي نظم ڪرسٽابيل 7 ٻين ۾ آهي يعني
اُن ۾ مافوق الفطرت طاقتن ۽ روين جي اُپٽار آهي.
هڪڙو نظريو مابعد جديديت به آهي، جنهن تي يورپ ۾
گهڻو ڪجهه لکيو ويو آهي. اردوءَ ۾ رئوف نيازي
پنهنجي انهيءَ نالي واري ڪتاب ۾ يورپ جي اسڪالرن ۽
ليکڪن جي حوالي سان هن جي وصف بيان ڪئي آهي. نالي
مان ظاهر آهي ته هيءَ اُها سوچ آهي جا جديديت واري
لاڙي جي رد عمل ۾ آئي. هن نظرئي کي بصري فن
(Visual Art)
جي حوالي سان ڪلائَيوِ بيل ڏٺو. ادب ۾ مابعد
جديديت اُنهن حوالن سان ڄاتي وڃي ٿي، جنهن سان
جديديت ڄاتي وئي ۽ اُن جو سبب پهرين ۽ ٻي جنگ
عظيم جون تباهيون هيون. اهڙا آثار ٽي. ايس. ايليٽ
جي ويسٽ لئنڊ، توي ازرا پائونڊ، جيمس جوائس ۽
ورجينيا وُلف جي تحريرن ۾ آهن (1). مطالعو ڪبو ته
مشرق ۽ پنهنجي ننڍي کنڊ بلڪ سنڌي ادب ۾ هن جا آثار
ملندا.
اُن کانپوءِ يا اُن سان گڏ هڪ سوال جو جيڪو ڪي
طالب علم يا ٻيا پڇن ٿا. اُهو هي آهي ته ڇا ترقي
پسند ۽ جديديت هڪآهن؟ جي هڪ نه آهن ته ڪجهه ڪن
پهلوئن ۾ ڳانڍاپو اٿن. اُهو هي ته فرسوده ڳالهين
کي ترڪ ڪجي! هيڏانهن ترقي پسندي اسان وٽ ادب جو
اُهو لاڙو آهي، جنهن جي دعويٰ موجب ادب ۾ انسان
ذات جي اتحاد، سماج ۾ ترقيءَ جي ڪوشش ۽ ادب براءِ
زندگي پيدا ڪرڻ. انهيءَ وصف ۽ عملي قدم تي سماج
وادي سوشلسٽ ملڪن جو اثر رهيو. سويت يونين ۽ اوڀر
يورپ جي ملڪن جو پنهنجو ڍانچو ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويو،
پر اڄ به هن لاڙي جي حمايت وارن حوصلو وڃايو
ڪونهي. ردِ عمل ۾ گذريل ستر سالن کان مخالفانه
رويا ڏٺا اٿن. سنڌ ۾ هن ترقي پسنديءَ واري رويي جي
خلاف 1950ع کان وٺي قربان علي بگٽي، ميمڻ
عبدالمجيد سنڌي، عبدالڪريم لغاري، سردر علي شاهه ۽
ٻين رسالن ۽ اخبارن ۾ مخالفانه ليک لکيا ۽ روسي
اثر ۽ ڪفر جا الزام هنيائون.
بهرحال ترقي پسنديءَ جو سنڌ ۾ ظاهر ٿيڻ، اردو ۽
هنديءَ جي ليکڪن جي انجمن ترقي پسند مصنفين جي اثر
هيٺ آهي. هن سلسلي ۾ سجاد ظهير، ڪرشڻ چندر ۽ ٻيا
ليکڪ سامهون آيا. تڏهن به سنڌ جو انداز ڪجهه ٻيو
آهي. هتي ڳالهه سهل پسندي ۽ هيئت توڙي موضوع ۾
پراڻين ڳالهين ۽ روايتي فارسي اثر کي ڇڏڻ کان شروع
ٿيو. مثال آهي ڪشنچند بيوس، هوندراج دکايل ۽
کيئلداس فاني. اُن کانپوءِ شيخ اياز، تنوير عباسي،
هري دلگير، نارائڻ شيام، بردي سنڌي ۽ نياز
همايونيءَ جو انفرادي بيان ايندو ته مطالعو آسان
ٿي پوندو.
ڪشنچند تيرٿ داس کتري (1885-1947ع):
ڪشنچند جيڪو بيوس جي تخلص سان سنڌي شاعريءَ ۾ اهم
جاءِ جو مالڪ ٿيو، سو لاهوري محلي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو
هو. بيوس جا وڏا اصل ملتان جا هئا. ڊاڪٽر محمود
شاهه بخاريءَ جي لکڻ موجب سندس وڏا اٽڪل 18 صدي
عيسويءَ جي وچ ڌاري اُتان لڏي اچي لاڙڪاڻي ۾ رهيا
(2). بيوس کي ٻه ڀينرون ۽ ٻه ڀائر هئا. ڀائر
سرڪاري ملازمت ۾ هئا. کيس ٻه پٽ ۽ چار نياڻيون
ٿيون. پٽ تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ ورهاڱي ڪري بمبئي
۽ دهلي هليا ويا ۽ سندس گهر واري به دهليءَ هلي
ويئي.
ڪشنچند پرائمري اسڪول ۾ داخل ٿيو. سنڌي فائنل پاس
ڪري ماستر ۽ پوءِ هيڊماستر ٿيو. پنهنجي منهن هندي
فارسي ۽ انگريزي پڙهيو. هن اعليٰ قابليت وارا شاعر
۽ اديب به پيدا ڪيا، جن ۾ هُوندراج دکايل، هري
دلگير ۽ رام پنجواڻي ناليرا ٿيا. هُو خود هڪ آدرشي
اُستاد، نرم دل، محبت ڪرشن ورو ۽ درويش صفت انسان
هو. بيوس گهڻو وقت وليد اسڪول لاڙڪاڻي ۾ اُستاد
رهيو. 1940ع ۾ پينشن تي لٿو (3). بيوس حضور شرم
انسان هو. مشاعرن ۾ به اڪثر ڪلام لکي موڪليندو هو.
رٽائر ٿيڻ کانپوءِ پنهنجي والدين جي نقشي قدم تي
هلي حڪمت شروع ڪيائين.ا ُتي به سندس بي لوث خدمت
شعار رهي. اکين جي علاج لاءِ ڳئون جو کير تجويز
ڪندو هو! يڪانت ۽ سڪون لاءِ لاڙڪاڻي جي گيان باغ ۾
وڃي فطرت جي حسن کي پسندو هو. جيڪو پوءِ سندس
شاعريءَ ۾ جهلڪڻ لڳو. سندس ڪلام جو پهريون مجموعو
1937ع ۾ شايع ٿيو ته عروضين ۽ روايتي شعر وارن کيس
تنقيد جو نشانو بنايو، ڇو جو هي ڪلام روايتي وزن ۽
هيئت کان ٻي طرف هو. سروهن ورهين جي عمر کان لکيل
شعر هڪ مخصوص صورت وٺي چڪو هو. بيوس آسان زبان ڪم
آندي هئي ۽ روايتي شمع پرواني، گل و بلبل توڙي
ساقي ۽ ساغر جا موضوع ڇڏي، فطرت جي رنگينين ۽ عام
انسان جي زندگيءَ بابت لکي رهيو هو. بيوس ٻارن
لاءِ نظم به لکيا. ڊراما به لکيا، پر سندس شاعري
سنڌ سان واڳيل رهي، جنهن ۾ ايوان توران جو ماحول
نه هو. مجموعي شيرين شعر کان وٺي زندگيءَ جي آخري
لمحن تائين بيوس هن قسم جو شعر چيو، جنهن جي کانئس
پوءِ جي شاعرن مان دکايل ۽ فاني پوائواري ڪئي آهي.
ايئن هي نئين وکر وارو ڪاروان نئين دڳ تي روانو
ٿيو. ڊاڪٽر هوتچند گربخشاڻيءَ نئين شاعريءَ جي
باري ۾ شيرين شعر جي مهاڳ ۾ بيوس کي داد ڏنو ۽
بيوس جي مضمون ۽ عبادت کي اصلي قرار ڏنائين.
بيوس، گيت، ڪافيون، نظم، نيت، ترجيع بند، مخمس،
مسدس ۽ مثلث بند چيا. ڪن نظمن ۾ غزل جو رنگ به ملي
ٿو. بيوس ڪن مهاپرشن تي ۽ ڌرمي هستين تي به ڪلام
چيو. اقبال جي تراني کي به گهڻي ڀاڱي ترجمو ڪيو
اٿس. اُهو آهي آتاهي ياد مجهه ڪو گذراهُوازمانا.
بيوس چوي ٿو:
تازو تري اچي ٿو دل تي اُهو زمانو،
جنهن ۾ اڏيو اجهو مون آزاد آشيانو،
لامن تي لوڏ منهنجي شاخن تي شادمانو،
غنچن تي ۽ گلن تي منهنجو هو خاص کانو،
موجود ۽ ميسر هو سير آسماني،
چهري مان ٿي خوشيءَ جي نروار ٿي نشاني.
(پکيءَ جي پُڪار)
شايد انهيءَ نظم مان بيوس کي ”غريبن جي جهوپڙي“
لکڻ لاءِ اُتساهه مليو. هنئي نظم سان بيوس وڌيڪ
مقبول ۽ مشهور ٿيو:
جا آهي جائداد نه ورثي وبال کان،
ٿيندي نه زيربار جا گرويءَ جي خيال کان،
اونو نه جنهن کي آهه ڪر جوکي جنجال کان،
هلڪي رهي جا هنياءُ تي سولي سنڀال کان،
جنهن ۾ غرور زر نه سراسر گهڙي سگهي،
الا! جُهري م شال غريبن جي جهوپڙي.
-
جنهن ۾ مزو مچي مٺي ڍوڍي جوار تي،
سارو گذر وجهي نه طبيبن تنوار تي،
پورهيو وجهي ٿو واڌ وڏيري ڄمار تي،
غالب پوي نه حرص خوشيءَ جي خمار تي،
بيوس جتي جلائي نه چنتا جي چُوچڙي،
الا! جُهري م شال غريبن جي جهوپڙي.
پورهيت ۽ مزور جي پگهر جو وهڻ حساس دل کي جهٻو ڏي
ٿو. بيوس جي ڪلام ۾ محنت ڪشن تي به نظم آهي. هُو
نظم مزورڻ ۾ چوي ٿو:
مَرُ پگهر ليڙن لٽن ۾ پران پت توکي وڻيو،
نيچ پورهيت ۽ نماڻو مور مستڪ جو مڻيو،
اڻڀو سڻڀو سادو سودو ڀانءِ پيو جيڪي بڻيو،
رات ڏينهن پنهنجي ڳهڻ کي تونه ڳڻتيءَ سان ڳڻيو،
تنهنجي هن شُد ڀاونا مان ٿو پتي راحت وٺي،
تنهنجي خوش چهري منجهان تازي تکي طاقت وٺي.
ايئن ٿو لڳي ته بيوس جي نظم ”ندي“ جو اثر اڳتي هلي
هري دلگير ورتو ۽ ”موج ڪئي مهراڻ“ انهيءَ انداز ۾
لکيائين. بيوس چوي ٿو:
آڪاس ۾ ڪڪر ٿي ڪنهن دم هو ڦِرڻ منهنجو،
سرديءَ کان برف ٿي ٿيو چوٽين تي ڪِرڻ منهنجو،
گرميءَ جي جوش کان ٿيو وادين ۾ سَرڻ منهنجو،
گهاٽن جي گهير ۾ ٿيو غلبي کان گِهڙڻ منهنجو،
ٽڪري ٽڪر ٽڪر سان سرخوب مون گسايو،
آخر اچي پٽن تي مون پاڻ کي پُڄايو.
-
ڪڙڪاٽ ڪي ڪُنن جا ڇولين جا ڇوه مون ۾،
آهن مڇين ڪڇن جا ڪيڏا انبوه مون ۾،
درياءَ جا درندا واڳون ۽ ڳوه مون ۾،
ٻڏندا وتن ڪچي جا ڪوهن جا ڪوه مون ۾،
واري به آهي بيوس ڪنهن جاءِ سون واري،
تاريان ٿي سير تي مان ٻيڙي اڃان سچاري.
ايئن گنگا جي لهرن ۽ هماليه جبل تي به لکيو اٿس.
هماليه ۾ به اقبال جو اثر نمايان آهي. نظم ”وڏي
دل“ بي تعصبي ۽ وسيع نظرييءَ جي تعليم ڏي ٿو.
ڪر دنيا ۾ دل وڏيري تون به رهه مان ڀي رهان،
آڻ منورتيءَ ۾ ڦيري تون به رهه مان ڀي رهان.
پنهنجي شاهي محل مان گهٽجھي ڪندين هڪ ڪوٺڙي،
بي اجهي مون جهڙي لئه پوندي ٺهي سئو جهوپڙي،
ڪر تمنا گهٽ تکيري تون به رهه مان ڀي رهان.
ماسٽر چندر، کيئل داس فاني ۽ ٻين شاعرن بيوس کي
ڪلام ۾ خراج تحسين پيش ڪيو آهي. فاني چوي ٿو:
هاءِ سنڌي شعر جي ديويءَ جو کسجي ويو سُهاڳ،
وار ڇوڙي ويوڳ تنهنجي ۾ ٿي اوتي آبشار.
-
سنڌ زنده آهه جيسين تنهنجو زنده نام آهه،
تنهنجي ڪوتائن کان رهندو تنهنجو نالو پائدار.
-
نيٺ ملنداسون جڏهن ٿيندو فنا گهر مان گذر،
آهه فانيءَ کي سدائين اُن گهڙيءَ جو انتظار.
اڪثر اسڪولن ۾ جيڪا حمد، ساراه پڙهي ويندي هئي سا
به بيوس جي لکيل هئي:
سڀ ڪن تنهن جي ساراهه، قدرت وارا!
نرمل جوتي نور نظارا، قدرت وارا!
گلن اندر سرهاڻ ڌرين ٿو، موتين سان مهراڻ ڀرين ٿو،
هيرا لعل هزار، قدرت وارا!
چهنب چَتُن ۽ چيهن کولي، بلبل ڪوئل ٻولي ٻولي،
مور نچن ناميارا، قدرت وارا!،
بيوس وٽ نڪوت مقتل نه ڪو دشت و صحرا ۽ نه باغ ۽
وايتي بهار ۽ بلبل! هن وٽ پنهنجي وطن جو فطري
ماحول آهي. هن کڙ کبيتي جي کنڀن ۾ کنوڻ ڏٺي آهي:
ڇا کڙکٻيتي کي آهي کنوڻ کنڀن ۾،
بجلي بتي ڦري ٿي گويا گلن ڦلن ۾.
تڏ ۽ مک جوجهيڙو بيتن ۾ آهي. اهڙيءَ طرح منڊي پائڻ
تان آڱرين جي وچ ۾ جنگ مان اخلاقي سبق وٺي ٿو:
چيو اَمينَ چڱي ڏسي چيچ چترائي،
خدمت خاص تون ڪرين نئڙت نيچائي،
مرڪ تنهن ڀانئيان منڊي هيءَ مائي،
پرتئون پهرائي، سوني منڊي چيچ کي.
انهيءَ ڪري چئبوته بيوس قافلي جو سالار آهي، جنهن
جي پٺيان جديد سنڌي شعر جو رنگ چٽو ٿيو (4).
بيوس جي ٻين ڪتابن ۾ سامونڊي سپون، بهارستان،
انڊلٺ ۽ پرت پوڄارڻ اچي وڃن ٿا. نثر ۽ ڊراما اُن
کان علاوه آهن.
هُوندراج دلايک (1908):
هُوندراج ولد ليلارام لاڙڪاڻي ۾ ڄائو (5). اُتي ئي
ابتدائي تعليم ورتائين. هن سونارڪو ڌنڌو ڪيو ۽
ننڍي عمر ۾ شعر چوڻ شروع ڪيائين. 1924ع کان هن شعر
۽ موسيقيءَ جي سنگم سان پنهنجي ادبي زندگيءَ جي
ابتدا ڪئي. بيوس جو شاگرد هو. اُن ئي کيس دکايل
تخلص ڏنو. دکايل شاعريءَ سان گڏ سماجي ڪم به ڪيو.
هن جو ڪلام سنگيت جي ڌنن ۾ موزون ٿيل آهي. دکايل
جو پهريون مجموعو سنگيت ڦول 1946ع ۾ شايع ٿيو.
سماجي ڪم لاءِ تنظيمون قائم ڪيائين.
ملڪ جي ورهاڱي کانپوءِ لڏي آديپور (ڪڇ) ۾ وڇي
رهيو. ”رتي ماتا“ نالي هفتيوار اخبار جاري ڪيائين.
دکايل جا ٻيا مجموعا: جهونگار ۽ چونڊن جا آلاپ
وغيره آهن. دکايل جي ڀارت ۾ ڇپيل ڪتابن ۽ خود سندس
زندگيءَ جي آخري سالن جي معلومات ميسر نه آهي.
دکايل جو شعر بيوس جي اثر هيٺ رهيو. مختلف صنفن ۾
ڪلام چيائين. جن ۾ گيت ۽ نظم شامل آهن. گيت ۾
موسيقيت بنيادي اهميت جي حامل آهي:
کڙيا نيلا پيلا گل سرنهن مٽرچرن ٻڪر،
ڏيئي ڏاڙهيءَ بل کڙيا نيلا پيلا گل،
رونق ربيع ڪئي چڱي چمڪن ٿا چوڱان،
ساوڪ هريا ڀريا ڪيا مشڪن ٿا ميدان،
مهر جُهلي آس ڀڳي ٿيا جام فصل.
کڙيا نيلا پيلا گل.
پورهيت سکيو سهنجو بڻيو محنت سندو زور،
ويهي کيڻ پيڻ برو ڪاهل ڳڻن چور،
تنهنجو منهنجو رهيو ڪاٿي وچين ويئي ڀل-
کڙيا نيلا پيلا گل.
-
تِيلن جهليا اَن، او يار،
تِيلن جهليا اَن،
موٽئين نه اڃان من، او يار،
لابن سندي ويل پرين!
جاڳيو جڳ سويل.
ماٽيا مَنجهه ماٽ، پرين!
ويٺس جهليون اوٽ،
موٽئين نه اڃان من، او يار.
دکايل جي نظمن ۾ به اَهائي سنگيت لهر آهي جا گيتن
۾ آهي. هڪ نظم ”لاهوتي لهر“ ۾ چوي ٿو:
الائي سچ پچ آهي، ڇا؟
لُڙ آهي ڪ لقا!
ڪي ٿا چون ته آهي فنا،
پر ڪي ٿا چون بقا.
الائي سچ پچ آهي ڇا؟
دکايل پنهنجي زبان ۽ بيان ۾ مقرر روايتن انداز کي
ترڪ ڪيو ۽ آسان اسلوب ۾عوامي سطح گيت موزون ڪيا.
سڳن آهوجا (1921-1966):
سڳن شڪارپور ۾ ڄائو. هن ابتدائي ۽ ثانوي تعليم
اُتي ئي ورتي. بي. اي لاءِ ڊي جي سنڌ ڪاليج
ڪراچيءَ ۾ 1937ع ۾ داخلا ورتائين ۽ 1941ع ۾ بي. اي
پاس ڪيائين. شاگرديءَ واري زماني کان ادب ۾ دلچسپي
وٺڻ لڳو. 1947ع ۾ سندس ڪٽنب ڀارت لڏي ويو. اُتي
ٽرانسپورٽ جي ڌنڌي ۾ لڳو، پر ڪامياب نه ٿيو. 1964ع
۾ بيمار ٿيو ۽ اُن ۾ ئي ٻه سال پوءِ وفات ڪيائين.
سڳن نئين شاعريءَ سانلاڳاپيل هو. هُن نثر به لکيو.
سندس ڇپيل ڪتاب هي آهي: بي آگ جلن ٿا پروانا
(ڪهاڻيون)، پياري چيز (ناول) ۽ ارمان (شعر). سڳن
فڪري لحاظ کان مارڪسوادي هو. شعر ۾ سونهن جو شاعر
هو. سماج جي اونچ نيچ کان باخبر هو. عشقيه شاعريءَ
۾ به سماج جي ڳالهه ياد رکيائين. غزل ۾ چوي ٿو:
پيار کان جيڪي پيار گهرن ٿا،
پيار نه سودي بازي ڪن ٿا.
شمع جي چَپَ کي جي نه چُمن ٿا،
سي ئي جلن ٿا جلندا رهن ٿا.
پنهنجي ڏسڻ کي ڪيئن سمجهايان،
سهڻا ماڻهو سهڻا لڳ ٿا.
ڇو نه تون لڳندين پيارو پيارو،
تنهنجا ڪنهن سان روش ملن ٿا.
سڳن پنهنجي ڪل 45 سالن جي عمر ۾ زندگيءَ کي ڪيئن
ڏٺو؟ ڪيئن اُن مان بيزار ٿيو؟ ڇا اڌ رنگ سندس
زندگيءَ مان اڌ رنگ وڃائي ڇڏيو. هُو چوي ٿو:
زندگي تنهنجي ادائن کان ٿيو بر آهيان،
غم جا پهلو ته بدل نيٺ به شاعر آهيان.
ڇا وٽيندئين ڏسي فوٽو ۽ پڙهي خط منهنجا،
مان جو آهيان سو رڳو شعر مان ظاهر آهيان.
منهنجي ڪارنهن تي ڪندا سجدا گلابي جذبا،
چپ تي پاڪيزه جوانيءَ جي مٺو تِر آهيان.
منهنجي تخيل تصور جو ڪرشمو ته ڏسو،
مان رڳو پاڻ ٺڳڻ ۾ ٿيو ماهرن آهيان.
بيقرار هرڪو آهي:
ڪانه ڪا سڀني کي لڳل آهي،
ساري دنيا جو سک ڦٽل آهي.
ماءُ ۽ پٽ جي پيار کي سا نيٽ ۾ بيان ڪري ٿو، هڪ
ننڍڙي جذباتي ڪهاڻيءَ جي روپ ۾:
مار کائي ماءُ جي پٽ ڪنڊ ۾ ويٺي رنو،
حرف ماڻس کي پٽي ڪجهه مان لڳس پٽ کي کڻڻ،
پيار جي ٻُچڪار تي هُن منهنجي هٿ ۾ چڪ وڌو،
۽ ڇڏائي پاڻ ساڳيءَ جاءِ تي ويٺو روئڻ،
هيءَ هلت ۽ شان ۾ منهنجي ڏٺي هن کان نه ٿي،
جوش عضي ۾ اچي هُوءَ اُلري آئي پٽ مٿان،
منهنجي روڪڻ تي رڪي جهڳڙڻ وري مون سان لڳي،
ماءُ پيءُ جو جهڳڙو هي چپ ۾ ٻڌو پٽ خوف مان،
دير سان اُن رات هرڪو ستوئي ٻئي کان جدا،
کُڙڪي تي اڌ رات جو جاڳي مون هي منظر ڏٺو،
ڀر ۾ سمهندي ماءُ کي ڀاڪي ٿي پاتي پُٽَ اڃان،
جو ڦري سڏڪو ڀري هن پٽ کي ڇاتيءَ ڏي ڇڪيو،
مون کي ڀاسيو ماءُ پٽ کي پنهنجو هڪ جمهور آهه،
کين تنهن ۾ ڪنهن ٽئين جود خل نامنظور آهه.
سڳن آهو جا اٿاهه ۽ وسيع پيار جو بيان هيئن ڪري
ٿو:
توکي چاهي سڄي دنيا کي مون کي چاهڻو پيو،
پاڻ ۾ هڪڙي تو عالم کي سمايو.
حيدربخش جتوئي(1901-1970ع):
ڪامريڊ ۽ هاري پارٽيءَ جو سرواڻ حيدر بخش الهداد
جتوئي ڳوڄ بکيديري تعلقي ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾
پيدا ٿيو. هن 1918ع ۾ سنڌي فائنل جو امتحان پاس
ڪيو ۽ پهريون نمبر آيو. 1923ع ۾ لاڙڪاڻي مان مئٽرڪ
۽ 1927ع ۾ ڊي. جي ڪاليج ڪراچيءَ مان بي. اي (آنرس)
ڪيائين. امتحان امتيازي حيثيت سان پاس ڪيائين.
روينيو کاتي ۾ هيڊ منشي ٿيو. مختيارڪار ۽ ڊپٽي
ڪليڪٽر جي عهدي تي به رهيو. هن کي زميندارن جي ظلم
۽ انگريزي سرڪار جي روش لاءِ ڌڪار پيدا ٿي. 1945ع
۾ ڊپٽي ڪليڪٽريءَ تان استعيفيٰ ڏيئي، هاري تحريڪ ۾
شريڪ ٿيو. 1947ع ۾ هاري ڪميٽيءَ جو صدر ٿيو، جنهن
عهدي تي وفات تائين رهيو. هاري حقدار جي نعري سان
هارين کي ظلم خلاف اُٿي جدوجهد جو سڏ ڏنائين، ون
يونٽ ٽوڙ تحريڪ ۾ به ڀرپور حصو ورتائين. ڪامريڊ
حيدر بخش جتوئي هڪ ترقي پسند انسان ۽ شاعر به هو.
حيدر بخش جتوئي سنڌي ۽ انگريزي نثر ۾ به ڪتاب
لکيا. جن ۾ هاري ڪهاڻيون ۽ ڪمدار جا ڪارناما توڙي
انگريزيءَ ۾ سنڌ سان ٿيل بي انصافين تي لکيائين.
سندس شاهڪار نظمن ۾ آزاديءَ قوم، شڪوه سنڌ، درياه
شاهه ۽ جيئي سنڌ اهم آهن.
آزادي قوم، ورهاڱي کان اڳ جو لکيل آهي. ڪتاب تي
سال ڇپيل ڪونهي. هن ڪتاب جو انتساب ”ڏانهن
هندوستانيءَ هڪ هڪ“، ڪيل آهي. هي هڪ مخمس آهي. هن
۾ 171 بند آهن. پڻ ۾ ٻڌيءَ ۽ آزادي حاصل ڪرڻ جو
سبق ڏنل آهي. زبان نسبتا فارسي آميز آهي. آخري بند
۾ نظم جي تڪميل هيئن ٿئي ٿي:
هندي فرزند! اُٿي روزِ نظر پيدا ڪر!
جو وجهي ٿرٿلو دنيا ۾ اثر پيدا ڪر!
نئون چرخ ۽ نئون خورشيد و قم پيدا ڪر!
نئون گلزار ۽ هٻڪار ۽ ڪَر پيدا ڪر!
جنهن سان هر رنگ ۾ همراز آ آزادي قوم.
حيدر بخش جتوئيءَ جي نظم درياه شاهه کي سماهي
مهراڻ (3-1955ع) لافاني شعر جي سِري هيٺ ڇاپيو. هن
شاهڪار جو پهريون ۽ آخري بند:
آيا سنڌ جا ساه فضل الله، آيا هند جا حُسن زيور ۽
جاه،
آيا فخر دنيا خدا جي نگاه، تونگر ۽ مسڪين جي پشت و
پناه،
توئي ابر رحمت توئي رنگ شفقت،
سندم جَان تو ۾ ۽ ايمان تو ۾،
چوي توکي دم دم محبت ۽ چاه،ڀلي آئين جي آئين درياه
شاه.
-
ڀلا ٻيڙي تنهنجي ڇُهي آسمان، چڙهن مٿس حيدر مثل آس
مان،
هي سچ نوح جي ڪشتي جي آسمان، جنهن جي سڙهن آ چٽيو
آسمان.
ڀلا اوج تنهنجي ڀلا مون تنهنجي،
عجب تنهنجون ڇوليون ڏين دل کي لوليون،
هي لوليون ٿيون ٻوليون ڪري نين ساه، ڀلي آئين جي
آئين درياه شاه،
حيدر بخش جو قومي نظم جيئي سنڌ به هيئت، موضوع ۽
تسلسل جي مدنظر هڪ شاهڪار آهي:
توتي سنڌ هزار سلام!
خوش رهه باغ بهار مدام!
خوش رهه خندان با آرام!
جيئي سنڌ جيئي سنڌ!
ڀاءُ آ پنهنجو هر انسان!
پنهنجو آهي هي ايمان!
پنهنجو آهي هي اسلام!
جيئي سنڌ جيئي سنڌ!
ڪينو فتنو ٿئي برباد!
قرب محبت زنده باد!
پنهنجو آهي هي پيغام!
جيئي سنڌ جيئي سنڌ!
جيئي سنڌ ۽ جيئي سنڌ!
جامِ محبت پيئي سنڌ!
خاص ۽ عام پيئن هي جام!
جيئي سنڌ جيئي سنڌ!
سنڌ جي سونهن، ثقافت ۽ زبان جو ذڪر ڪندي سنڌ جي
دشمن کي للڪار ڪري ٿو:
سنڌ جا دشمن ڇڏ هي جور!
دُور! هي جور جو بڇڙو دور!
سنڌ کي مار نه بي الزام!
جيئي سنڌ جيئي سنڌ!
آخر ۾ چوي ٿو:
سڻ هي حيدر جو آواز!
آواز آهي ڇا انداز!
آواز آهي يا الهام!
جيئي سنڌ جيئي سنڌ!
عبدالڪريم گدائي (1901-1978ع):
دردمند دل جو مالڪ عبدالڪريم ولد بجار خان لاشاري
ڳوٺ ڪريم آباد (تعلقو ٺل ضلعو جيڪب آباد) ۾ ڄائو.
گدائيءَ جو تخلص لطف الله بدوي جي سنگت ۾ اختيار
ڪيائين. مئٽرڪ پاس ڪري ٽپال کاتي جي نوڪريءَ ۾
گهڙيو، پر پوءِ اُها نوڪري ڇڏي بهادر خان کوسي جي
فرزندن جو خانگي اتاليق ٿيو. 1932ع ۾ نوڪري ڇڏڻ
کانپوءِ سياسي ۽ سماجي تنظيمن ۾ سرگرم ڪارڪن رهيو.
شاعري ۽ صحافت هن جي زندگيءَ جو معمول ۽ مقصد
رهيو. نظم ۾ به گدائي پنهنجي اهليت ۽ قابليت جا
جوهر ڏيکاريا.
گدائي عوام جي ڏکن، ساڻيهه جي سورن، پکڙن ۽
پنهوارن بابت بيباڪيءَ سان لکيو. ماروئڙن جا سور
هُن کي اِهو چوڻ تي مجبور ڪري رهيا هئا جو چيائين
ته: ”آزاديءَ انگور ڪڍيا ڪهڙا ڏيهه ۾“. گدائيءَ جي
شعري مجموعن جا عنوان آهن: ساڻيهه جا سور، پکڙا ۽
پنهوار. زندگي ڪٺن آهي بهادر اُن کي ڪهڙي اک سان
ڏسن ٿا. گدائي به هڪ اهڙو جهونجهار هو، جنهن
زندگيءَ جي ڪٺن سفر لاءِ چيو ته:
سفر زندگيءَ جو ڪٺن هو گدائي،
بهرطور گذريو گذاري ڇڏيوسين.
مسڪينيءَ، بک ۽ بيروزگاريءَ جي خاتمي لاءِ جيڪي
غريبن کي سبز باغ ڏيکاريا ويا هئا. اُنهن جو تعبير
اجهو هي نڪتو:
آزاديءَ آندا، سنيها سُورن جا،
بکن بيمارين ڪيا، ماروئڙا ماندا،
پل نه هڪ واندا، ڳڀي جي ڳڻتيءَ کان.
آزاديءَ بعد هڪ نه پر ٻن ڪالاباغن جي هيبت ناڪ
صورت ڏسڻي پيئي. شاعر خراب نتيجا ڏسي چوي ٿو:
آزاديءَ انگور، ڪڍيا ڪهڙا ڏيهه ۾،
ساعت هڪ نه سنبران، ماروئڙا مسرور،
ڏينهان کانئن ڏوجهرا، راتين جو رنجور،
آيل اباڻن سندا، پل پل پون پور،
سنگهارن جا سور، سرتيون سليان ڪنهن سان؟
هونئن ته سڀني ترقي پسندن کي ڪافر ڄاتو ويو ۽ انهن
جي مسلمانيءَ تي رحم نه ڪيو ويو. گدائي به انهن
الزامن کان نه بچيو. حمد ۽ نعت ۾ به هُو ڪنهن کان
پوئتي نه هو. اسلام جي اصل روح بابت نبي ڪريم صلي
الله عليھ وسلم جي حديث کي پنهنجي لفظن ۾ هيئين
آڻي ٿو:
نه گوري کي ڪاري مٿا فوقيت آ،
فخر آهي رنگ ۽ نسل تي اجايو،
محمد جو پهريون سبق ئي اهو هو،
”تفاوت نسل جا دنيا تان مٽايو.“
غريبي ۽ شاهوڪاري، طاقت ۽ ڪمزوري توڙي دنيا ۾
موجود ظلم ۽ منافقيءَ کي موجود ڏسي هڪ سوال پڇي
ٿو:
سياڻن کي هڪ سوال پڇان ٿو،
سَلي ته ڪو گڻوان،
سورن ۾ ڇو آهه ويچارو
اڄ وارو انسان،
نرڌن جي پورهئي تي ڇو،
موج ڪري ڌنوان.
گدائي غزل جو به بهترين شاعر آهي. هُو غزل جي هر
ادا کان واقف آهي. حسن ۽ عشق جو تذڪرو خوبيءَ سان
ڪري ٿو. لفظن ۽ اسلوب ۾ هو غزل جي سونهن ۾ اضافو
ڪري ٿو:
حياتِ زار ڏسو حسن سوگوار ڏسو،
عجيب رنگ ۾ آئي نئين بهار ڏسو.
گلن ۾ رنگ نڪي مکڙين ۾ روپ رهيو،
چمن اداس ۽ اهلِ چمن کي زار ڏسو.
عجيب نظم گلستان عجيب موسم گل،
روش روش تي وڇايل لهوءَ جي ڌارَ ڏسو.
گدائي نيٺ ته ايندي بهار ڀي ڪڏهن،
سڄو چمن ٿو ڪري جنهن جو انتظار ڏسو.
گدائيءَ هر صنف سخن ۾ پاڻ موکيو آهي ۽ سنڌ جي عظمت
کي ڳايو اٿس. پنهنجي شهر جي حوالي سان به هن جي
اندر جو درد نمايان آهي:
جِت قدر نه آ فرزانن جو،
هر روز جتي هر پل پل ۾،
ٿو خون ٿئي ارمانن جو.
ڪيڏو نه فضا ۾ ٻُوسٽ آ،
هي شهر آ ڪهڙو شهر جتي،
جِت پريت جي ريت نرالي آ،
آ ڪال محبت جو ڪيڏو،
هي شهر وفا کان خالي آ.
هت چرٻٽ چرٻٽ راجا آ،
۽ پرجا ڀولي ڀالي آ،
هي شهر آ ڪهڙو شهر جتي.
گدائي صاحب جو فرزند فتاح عابد به جيڪب آباد جو
برک صحافي ۽ ليکڪ هو. جوانيءَ ۾ گذاري ويو.
شيخ عبدالرزاق راز (1919-1983ع):
شيخ عبدالرزاق ولد عبدالرئوف سکر ۾ ڄائو ۽
ابتدائي ۽ ثانوي تعليم سکر ۾ ورتي. مئٽرڪ پنجاب
يونيورسٽيءَ مان ڪيائين ۽ وڌيڪ تعليم لاءِ 1941ع ۾
ڊي. جي سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ ۾ داخلا ورتائين. جتي
سنڌي ادبي سرڪل قائم ٿي ته شيخ راز ان جو سيڪريٽير
ٿيو. سندس ادبي سرگرميونا ُتان شروع ٿيون. اُن وقت
کان جديد ۽ ترقي پسند اديبن سان رهيو، پر پوءِ
اٽڪل ويهارو سالن کانپوءِ ادبي ۽ ذاتي ناتا اُهي
نه رهيا. 1945ع ۾ بي. اي پاس ڪيائين. الوحيد اخبار
۾ به رهيو. نيٺ سکر وريو ۽ ميونسپل جو چيف آفيسر
ٿيو. اُها نوڪري ڇڏي ميونسپل هاءِ اسڪول سکر جو
هيڊ ماستر ٿيو ۽ نيٺ اسلاميه ڪاليج سکر ۾ ليڪچرر
ٿيو. |