خالديءَ وٽ پنهنجي دور جي اُستاد شاعرن جي تقليد
گهڻي آهي، پر سندس شعر وزن ۾ نهايت پختو ۽ زبان جي
بهتر ۽ مناسب استعمال سبب محڪم ۽ اثر وارو آهي:
اميرن کان لقب القاب اميرانه به وسري ويا،
محبت ۾ ڪرڻ ٺٺ ٺاٺ شاهانه به وسري ويا.
جنون و وحشت و ديوانگي پنهنجي ڏسي مون کان،
يڪا يڪ قيس و وامق جهڙا ديوانه به وسري ويا.
چپيٽون خالدي اهڙيون فقيرن عشق جون کاڌيون،
جن تن کان آستانه ئي فقيرانه به وسري ويا.
خالديءَ جي ڪن غزلن ۾ نظم جي ترڪيب ۽ ترتيب به ملي
ٿي:
بلدجن پييون تقديرون ڪڏهن ڪهڙيون ڪڏهن ڪهڙيون،
ٿين ٿيون نقش تحريرون ڪڏهن ڪهڙيون ڪڏهن ڪهڙيون.
دمادم خالدي وحدت سنديون مستيون اناالحق جون،
هنيم مستيءَ ۾ تڪبيرون ڪڏهن ڪهڙيون ڪڏهن ڪهڙيون.
علي محمد خالديءَ سنڌي نثر ۾ به مڪليءَ جي پراسرار
داستان بابت لکيو، پر هن جو اصل ميدان شاعري هو،
جنهن جو کيس داد مليو. ڪلام بلند آواز سان پڙهندو
هو ۽ داد حاصل ڪندو هو.
عبدالفتاح ”عبد“ عاقلي (1907-1973ع):
”عبد“ ڳوٺ عاقل تعلقي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. هن جو
والد ميان محمد عاقل سومرو به عالم فاضل ۽ سنڌي ۽
فارسيءَ جو شاعر هو. عبد والد کان ئي اصلاح
وٺندوهو. مدرسه هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان مئٽرڪ
ڪيائين. بزم مشاعره لاڙڪاڻي ۾ به شريڪ ٿيندو هو.
اخبارن ۽ رسالن جو ايڊيٽر به رهيو. لاڙڪاڻي ۾
زندگيءَ جي معاشي پهلوءَ جي پورت لاءِ اناج جو
واپار ڪيائين. عبد عاقليءَ جو ڪلام نظم ۽ غزل جي
صورت ۾ موجود آهي. شاعريءَ سان گڏ هڪ سٺو ادبي
ڪارڪن به رهيو. غزل ۾ فراق ۽ وصال جي ڳالهه ڪندي
چوي ٿو:
فراق و وصال کان بالاتر نظر ڪر،
ره الفت بڻي شهباز سر ڪر.
فدَا هرهڪ ستم تان لک وفائون،
جفائن تي جفائون عمر ڀر ڪر،
سڄو افسانه دل آ ٻه ڳوڙها،
اڃان ڀي ٿو چوي مختصر ڪر.
نشيمن ۽ چمن برباد جن جا،
نه پڃري مان ڪڍي سي دربدر ڪر.
نه جيئري سنگدل کي رحم آيو،
مئي پوءِ ڪنهن چيس هاڻي پٿر ڪر.
نرالي آهه تنهنجي عبد اُلفت،
وسايو قيس بر تون شهر بر ڪر.
وفا ۽ جفا جي فرق جي ڳالهه ڪندي عبد عاقلي رقيب جو
ذڪر هيئن ڪري ٿو:
ستم ڪرم سان وفا سان جفا نٿي سونهي.
۽
ڏسي ڪرم نه ٿئي خاڪ قبر جي گستاخ،
شهيدِ ناز جي تربت تي بار بار نه آءٌ.
نظمن ۾ عبد موضوعن کي نڀايو آهي. نظم رازِ خودي ۾
هُو علامه اقبال جي زبان ۽ بيان ۾ مڪمل پيروي ڪري
ٿو:
جيئڻ لاءِ مسلسل تگ و تاز ڪر،
نه انجام تنهن جو نه آغاز ڪر
قضا ۽ قدر پنهنجا همراز ڪر،
جي شهباز آن يار شهباز ڪر.
خلافت جي منصب کي ممتاز ڪر،
خودي ۾ خدائي جو انداز ڪر.
ستارن جي دنيا کان رهه سربلند،
اڏي عرش وارا هم آواز ڪر.
ڪليمي ڇڏي سامريت نه سک،
وري طور دل جو شرر باز ڪر.
وري ڏي زماني کي عشق حُسين،
ذبيح الله جي سوز سان ساز ڪر.
عمل جي تمنا هتي ڇا هُتي،
دم مرگ ڀي تنهن کي دمساز ڪر.
خدا لڳ اِها زندگي مستعار،
ڏئين ٿو ته ڀل موت تي ناز ڪر.
لفظ لفظ ۾ علامه اقبال پيو ڳالهائي. سنڌ جو اڪثر
قومي نظم لکندڙ اقبال جو گهڻو اثر ورتو آهي.
شيخ عبدالله عبدالواسع ”عبد“ (1910-1973ع):
هي قادر الڪلام شاعر نوآباد ڪراچيءَ ۾ ڄائو. سندس
والد شيخ عبدالواسع جي قائم ڪيل اسڪول ۾ ابتدائي
تعليم ورتائين. بي. اي، بي ٽي ڪري تعليم کاتي ۾
آيو. مختلف عهدن تي رهيو. ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد
جو وائيس پرنسپل ۽ پلاننگ آفيسر رهيو. والد جي
تعليم ۽ تربيت منجهس ادبي ذوق پيدا ڪيو. شيخ
عبدالله عبد جي شاعريءَ ۾ زمان شاهه ساقيءَ همت
افزائي ڪئي. محمود خادم، ڊاڪٽر عبدالمجيد صديقي ۽
ٻين ڪُهنه مشق شاعرن عبد صاحب جي رهنمائي ۽ همت
افزائي ڪئي. علم عروض جا ڪتاب سندس زير مطالع رهيا
۽ ڪلام ۾ پختگي ايندي ويس. مشاعرن، علمي محفلن ۽
اديبن جي ساٿ منجهس وڌيڪ خود اعتمادي پيدا ڪئي.
هُو نه رڳو هڪ شاعر طور اُڀريو بلڪه هڪ عالم،
اديب، نقاد ۽ تعليمي ماهر طور به نالو ڪڍيائين.
غزل توڙي نظم ۾ عبد صاحب هڪ قادر الڪلام شاعر جي
حيثيت سان پاڻ مڃرايو. نظم وطني ترانو نه رڳو قومي
جذبي جو ترجمان آهي، پر هڪ مترنم نظم آهي:
اُٿ اي وطن جا نوجوان،
وطن جو نام ڪر بلند.
اسين وطن جا پاسبان،
اسين وطن جا رازدان،
اسين وطن جي عز و شان،
اُٿ اي وطن جا نوجوان.
هي سبز فرش مخملين،
هي ماٿريون حسين حسين،
وطن جي پنهنجي سر زمين،
ٿي رشڪ خُلد باليقين،
اُٿ اي وطن جا نوجوان.
وطن جو نام ڪر بلند.
اسان جو پاڪ آستاب،
قرارِ دل سڪونِ جان،
انهيءَ جي پاڪ نانءُ تان،
فدا اسان جو مال و جان،
اُٿ اي وطن جا نوجوان،
وطن جو نام ڪر بلند.
غزل ۾ سراپا نويسي هڪ اهم عنصر آهي. هوڏانهن عاشق
جي آه و فغان ۽ هيڏانهن حُسن جي جلون جو بيان لازم
و ملزوم آهن. عبدالله عبد حسن جي بيان ۾ چوي ٿو:
بي پرده اڄ جو روءِ بتِ سيمتن ٿيو،
وحشت ۾ چاڪ چاڪ منهنجو پيرهن ٿيو.
هڪ رنگ تي نه رهيومنهنجي گُلَ جو رنگ،
غنچو ٿيو گلاب ٿيو ياسمن ٿيو.
هن شوخ دلربا جي ڏسي ظلم زور کي،
غرق آب انفعال ۾ چَرخ ڪُهن ٿيو.
پنهنجي بت پرستيءَ جي اها حالت آهي جو برهمڻ به
اچي مريد ٿيو. شيخ کي مخاطب ٿي چوي ٿو:
اي شيخ اهڙو آهيان بت پرست جو،
ادنيٰ مريد در جو سندم برهمن ٿيو.
دل کي سمجهائي ٿو:
هجر ۾ آه ُ فغان اي دل ناشاد نه ڪر،
لطف اُلفت جو آهه ته فرياد نه ڪر.
مرحبا ذوق خرابي تنهنجي بربادن جو،
ياد خدا عشق جي ويراني کي آباد نه ڪر.
ڏس متان اي دل نادان هو ناراض ٿئي،
هن جي اڳيان تون ڪَو ذڪر قدِ شمشاد نه ڪر.
بياض عبد، عبد صاحب جي لائق فرزند ۽ شاعر شيخ
عبدالحليم جوش وٽ آهي.
عبدالحليم جوش:
عبدالله عبدالواسع عبد جو فرزند شيخ عبدالحليم جوش
پهرين مارچ 1932ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم
سنڌي اسلاميه اسڪول نوآباد ڪراچيءَ ۾ حاصل ڪيائين.
اُن کانپوءِ هاءِ اسڪول ميرپورخاص ۾ داخل ٿيو ۽
1948ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪيائين. 1953ع ۾ بي. اي پاس
ڪيائين. شاعري سندس گهر ۾ هئي. وري اهم ادبي
شخصيتن جو ساٿ نصيب ٿيو، تنهن جوش صاحب جي شخصيت ۽
فن کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. اُن کانسواءِ ڪريم بخش
خالد ۽ شفيع احمد علويءَ جهڙا اسڪالر ۽ علي محمد
مجروح جهڙا شاعر دوست هجن ته پوءِ جوش صاحب جي فڪر
۽ فن ۾ چار چنڊ ڇو نه لڳن. انفارميشن کاتي ۾ مختلف
عهدن تي رهيو ۽ شاعريءَ سان گڏ هڪ تنقيد نگار جي
منصب تي به رهيو. نئين زندگيءَ ۾ سندس سنڌي ادب جي
جائزي جي عنوان سان مقالا به ڇپجندا رهيا ته نظم ۽
غزل به، جوش صاحب هڪ رلڻو ملڻو ۽ پيارو دوست آهي.
هن وقت ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو.
جوش جو نظم ”نوجوانن جو عزم“ هڪ بهترين تخليق آهي:
اسان کي پنهنجي ملڪ جي نئين نظام جو قسم،
حيات نوء جي صبح جوق سم ۽ شام جو قسم،
جهانِ تيزرو ۽ دورِ تيزگارم جو قسم،
اسين وڌون ته پوءِ ڏسون وڌي ٿو ڪيئن نه قافلو.
اچو اچو اي دوستو! وڌو وڌو اي ساٿيو!
-
وقار قوم جو اسان جي ولولن جي دام ۾،
وطن جي آبرو اسان جي ڪوششن جي جام ۾،
ملي اسان کي منزل مراد گام گام ۾،
عمل جي راه ۾ اوهين اڃان به تيز تر هلو.
اچو اچو اي ساٿيو وڌو وڌو اي دوستو.
شاعريءَ جي مختلف اصناف تي جوش صاحب کي مڪمل دسترس
۽ قابليت حاصل آهي. شاهه اصناف سخن غزل اُن جو
ظاهر ثبوت آهي. مختلف بحرن ۾ سندس طبع آزمائي
موجود آهي:
جان جي بازي ڪير لڳائي،
هرڪو پيو ٿو پاڻ بچائي.
ميخوارن ڏي پيو واجهائي،
واعظ کي ڪو چُڪو چکائي،
منزل تي پهچي وينداسين،
منزل ڏي ڪو وک ته وڌائي.
هن دنيا کي خواب ٿو سمجهين،
ويو صوفي توکي ڀنڀلائي.
جوش زماني سان گڏ هلجي،
وقت نه ايندو واڳ ورائي.
-
صبح نه آهي شام نه آهي،
دل کي ڇو آرام نه آهي.
هن ڀريل مئخاني ۾ ڇو،
ساقي مون لئه جام نه آهي.
ايڏو پاڻ بچائين ڇو ٿو،
دنيا آهي دام نه آهي.
ديوانو وحشي آوارو،
مون تي هڪ الزام نه آهي.
جوش نٿو ڏسجي عرصي کان،
گم آهي گمنام نه آهي.
جوش جو اسلوب ۽ زبان جي سلاست ۽ بيان ۾ غير مبهم
هجڻ، خاص انفراديت آهي:
درد کي لادوا ڪري ته ڏسان،
عشق جي انتها ڪري ته ڏسان.
ڇو هلان رهنما جي مرضي تي،
پاڻ کي رهنما ڪري ته ڏسان.
تنهنجي بخشش جي مون ٻڌي تعريف،
مان به ڪائي خطا ڪري ته ڏسان.
زندگي ۽ سڪون جي ڳولا ۾،
تجربو ٿيندو، ها ڪري ته ڏسان،
ميڪدي ۾ يا دير ۾ هوندو،
جوش جي ڪا پڇا ڪري ته ڏسان.
سنڌ جي اسڪالرن ۽ غزل گو شاعرن ۾جوش هڪ اهم شخصيت
آهي(38).
اَنجم هالائي (1902-1975ع):
آخوند حاجي عبدالرحمان انجم جو تعلق هالن جي شعر و
سخن جي سرزمين سان آهي. پنهنجي والد جي حڪم موجب
پهرين قرآن شريف جي تعليم لاءِ مڪتب ۾ ويٺو. مسلم
اسڪول هالا ۾ سنڌي، اردو ۽ فارسيءَ جي تعليم آخوند
عبدالحئي ۽ حاجي سليم الدين وٽ ورتائين. اُن
کانپوءِ ٽريننگ ڪاليج شهدادپور ۾ داخلا ورتائين.
اُتان هڪ سال جي تعليم کان پوءِ اُتي ئي 1920ع ۾
معلم ٿيو. مختلف فارسي ۽ اردو ديوان مطالعي هيٺ
رهيس ۽ پنهنجي ادبي سطح وڌايائين. انجم هالائي
رسالي فردوس رهنما جو ايڊيٽر به رهيو. نواب شاهه
لڏي وڃڻ کانپوءِ اُتي جي رسالي رهنما جو ايڊيٽر
رهيو. نثر ۾ به پياري نازنين، شمع اسلام ۽ هڪ
اصلاحي ناول ڪاروان زندگي لکيائين. اُن جي تعريف
ديوان انجم ۾ هڪ شعر ۾ ڪئي اٿس:
پڙهي ڏس ڪاروان زندگي، اي نوجوان سنڌي،
ڪمال آهي مصنف جو سٺي ناول بنائڻ ۾.
انجم هالائي غزل ۾ حسن و عشق، حقيقت و مجاز ۽
فلسفي، تصوف ۽ زندگيءَ جي مختلف پهلوئن تي کلي طرح
طبع آزمائي ڪئي آهي:
ڏئي نقد دل هاڻ عشق بُتان وٺ،
ڀلي درد جو تون اهو ارمغان وٺ.
مون درسِ محبت ۾ورتو سبق جو،
اُنهيءَ جو طلو ممتحن امتحان وٺ.
پني تي جو ويهي لکيو آهي انجم،
پڙهڻ لاءِ سو درد جو داستان وٺ.
حقيقت کان واقف ٿيڻ لاءِ شاعر ڌڻيءَ درالتجا ٿو
ڪري:
يا خدا مون کي حقيقي عشق سان ڪر سرفراز،
عرض ڪر مقبول منهنجو منهنجي دل مان ڪڍ مجاز.
نصيحت ڪندي صُلح ڪُل جي تلقين ڪري ٿو:
صُلح ڪُل جو رک طريقو دل نه ڪنهن جي کي ڏُکاءَ.
غير ڪڍ دل مان ٿي سال سڀ سان ڪر تون ساز بازِ
(39).
نياپا، پيغام ۽ خط ته عشقيه شاعريءَ جو هڪ اهم
سُتون آهن. ڪانگ ۽ ڪبوتر ته ڪنهن وقت پيغام رسائڻ
جو ڪم ڪندا هئا. هاڻي ٽپالي يا ڪو خانگي ماڻهو
پيام آڻي ٿو. انجم صاحب خط لاءِ هيئن بيقرار آهي:
دوست دلبر جو نه آيو ڪو نياپو خواه خط،
ماهِ انور جو نه آيو ڪو نياپو خواه خط.
-
گرچه خط جي لئه ڪيا مون عرض آزيون عجز سان،
ته به ستمگر جو نه آيو ڪو نياپو خواه خط.
هن غزل جي هڪ فني خوبي هيءَ آهي ته شاعر ڊگهو رديف
رکيو آهي ۽ قافيو مصرع جي شروع ۾ آيو آهي. ٻين
لفظن جو ڀراءُ مصرع ثاني ۾ ڪو نه آهي. غزلن جا چند
هيٺيان شعر به انجم هالائيءَ جي پُر گوئيءَ جا
سهڻا مثال آهن:
کنيم ڏڪندي محبت جو ڪتاب آهسته آهسته،
پڙهي سگهيس فقط ڪو نصف باب آهسته آهسته.
-
جواني جو سمو گذريو اچي پيري مٿان پهتي،
وڃي ٿو وسرندو دل تان شباب آهسته آهسته.
-
زمين مون سان فلڪ مون سان ڀلا ناساز ڇو آهي؟
خدا ڄاڻي جهان سارو غلط انداز ڇو آهي؟
-
دردِ دل ٿي درد سان رهه درد ۾،
درد بنجي طالبِ درمان نه ٿي.
-
کُوه ۾ يوسف کي ڏس هو ڀائرن ڪيرائيو،
ساڙ ۽ ڪينو ٿيو يعقوب جي ڀي آل ۾.
انجم هلائي جي غزلن ۾ ڪي غزل سنڌ جي نيم تاريخي
داستانن جي واٽ ۾ به چيل آهي. تنهن سان گڏ فئشن ۽
بي راه رويءَ خلاف به شعر غزلن ۾ آهن.
غلام محمد گرامي (1920-1976ع):
مولانا غلام گرامي نه رڳو هڪ باڪمال شاعر هو، بلڪه
نثر ۾ به هن مقالو، ڪتاب ”مشرقي شاعريءَ جا فني
قدر ۽ رجحانات“ لکيو شمس الدين بلبل جا مختلف
ايڊٽ ڪيائين. بحيثيت ايڊيٽر مهراڻ، مقالا،
ايڊيٽوريل ۽ وفات ڪيل شخصيتن تي مضمون لکيائين.
اُن کان سواءِ ڪي ٻيا ڪتاب به ڇپيل اٿس. فن تحرير
۽ شاعريءَ ۾ گرامي صاحب جو هڪ خاص اسلوب هو، جنهن
۾ هُن جي زبان داني نماين آهي. ڪنهن به جملي ۾
معنيٰ موجب تز لفظ ڪم آڻڻ ۾ گرامي صاحب يڪتا هو.
عربي فارسيءَ جي تعليم به حاصل ڪيائين. ڪنهن به
اسڪول ۽ ڪاليج ۾ نه پڙهيو. علامه قاضيءَ جون
تقريرون ٻڌڻ لاءِ حيدرآباد ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ هر
جمعي تي پابنديءَ سان ايندوهو. پڇڻ تي ٻڌايائين ته
انگريزي پڙهيل ته نه آهيان پر علامه صاحب قرآن،
حديث، رومي، حافظ ۽ لطيف جا جيڪي حوالا ڏي ٿو،
اُنهن مان سندس مطلب ۽ مفهوم چٽو سمجهان ٿو. گهڻو
ڪري پل پل آگر سان هيٺ ڍر ڪندڙ چشمي کي مٿي ڪرڻ
گرامي صاحب جي خاص ادا هئي.
غلام محمد ولد جاڙو خان بلوچ، ميهڙ ۾ پيدا ٿيو.
گرامي اُستادِ ازل جو پڙهايل هو. لکي ٿو: ”طفلانه
دور مڪتبي دور، مجلسي دور، گوشه نشيني، عبادت ۽
رياضت، سير و سفر، صحبت ۽ تربيت، مطالع ۽ ذڪر فڪر،
جواني ۽ ناتجربه ڪاري، پختگي ۽ پيري، جسم اسم ۽
رسم جي عالم ۾ ڄمڻ، وڌڻ ۽ وڏو ٿيڻ، نه اُن کان اڳ
جي خبر ۽ نه ڪو موت کانپوءِ جي خبر! عمر ڪجهه
تقليد ۾ ويئي، ڪجهه تحقيق ۾ گذري! ۽ پوءِ به:
معلوم شدڪه هيچ معلوم نه شد (41).“
1943 ۾ جامع عربيه ۾ آيو. حيدرآباد ۾ رهيو. 1951ع
کان 1954ع تائين ٽريننگ ڪاليج فارمين ۾ اُستاد
ٿيو، جيڪي پڙهيا تن کي سنڌي، اردو، فارسي ۽ عربي ۾
ڪجهه بنائي ڇڏيائين. مختلف رسالن جو ايڊيٽر ٿي
رهيو. آخري پڙاءُ سنڌي ادبي بورڊ ۾ رسالي مهراڻ جي
ايڊيٽريءَ خاطر ڪيائين ۽ 1976ع ۾ اُتان ئي داعيءَ
اجل کي لبيڪ چيائين. پاڻ کي بيماريءَ سبب سياري ۾
به پگهر پيو اُگهندو هو، پر ڳالهائيندوهو ته وڏن
وڏن جا پگهر پيا وهندا هئا. ميان غلام شاهه جي قبي
وٽ حيدرآباد ۾ آرامي آهي.
غزل ۽ نظم جا ٻه ٽي مثال وٺڻ سان گرامي صاحب جو
ذڪر مڪمل نه ٿيندو. غزل ۾ سندس زبان عالمانه ۽
مشڪل پسنديءَ ڏانهن لاڙو آهي:
هُجومِ ياس ۾ دل کي قرار ڇا ٿيندو،
مآل ڪشمڪشِ انتظار ڇا ٿيندو.
لڳو نه سنگِ ستم جيسين عقل کي مانوس،
ڀلا مذاقِ جنون سازگار ڇا ٿيندو.
ستم شعار نه عاشق تي رک هي ظ:م روا،
مآل غيرتِ پروردگار ڇا ٿيندو.
رقيب رهزنِ هوش و خرد جي من مستي،
جنون جي سامهون سو ڪامگار ڇا ٿيندو.
گرامي، شهر ۾ ڇا پيا چون هي اهل ڪرم؟
مقيم شهر، غريب الديار ڇا ٿيندو.
حفيظَ جالنڌريءَ جي نظم: ”اڀي تو مين جوان هون“
کان متاثر ٿي نظر ”اي ساقيا“ لکيائين.ا ُن جا چند
بند جلوو ئي پنهنجو ٿا ڏيکارين. ڇا لفظ، ڇا جذبا،
ڇا تُڪون ۽ ڇا تسلسل. اصل پنهنجي زندگي ۾ عروج تي
پهچي ويو:
هي گُل رخن جا غلغلا،
هي مھ وشن جا قهقها،
هي دلبرن جا ولولا،
هي بلبلن جا چهچها،
هي رقص ۽ سرود مي،
هي حسن هي ادا ۽ لئي،
هي چنگ ۽ رباب ني،
هي ماه وش بتن جي هي،
هي آسمان سرمه گين،
هي پُرڪش ته ڏس زمين،
قدم قدم تي آ حسين،
روش روش تي مهجبين،
رهن ٿا دل اندر مَڪين،
رکين ٿو تون جي علم دين،
ڇڏي سگهان اِنهن کي ڪيئن،
قياس ڪر ٺهي ٿو هيئن،
اچان ته مون ۾ جان آهه،
اچان ته دل جوان آهه!
اي ساقيا اي ساقيا!
پيار ساغر صفدا،
خِرد رُبا ۽ ڪيف زا،
فضا به سازگار آهه،هوا به دل بهار آهه،
صبا به مُشڪبار آهه،نوابه نغمه بار آهه،
ڪنار در بهار آ،
بهادر در ڪنار آ،
نگاه بيقرار آ،
ڪو ساز ڇيڙ مُطربا!
الم رُبا ۽ دلربا،
طرب فزا ۽ جانفزا،
جگر جلي ٿئي شعله زا،
۽ دل ٽُٽي ٿئي خوش نوا،
۽ هر دهن تي هيءَ صدا
هجي ته منهنجا ساقيا!
پيار ساغر صفا،
طرب فزا ۽ جا نغرا،
الم ربا ۽ دلربا،
اي ساقيا اي ساقيا!
اڃان ته مون ۾ جان آه،
اڃان ته دل جوان آه.
جي هي نغمو ملڪه پکراج جي تان جي گهيري ۾ اچي ها
ته ڪو گهٽ اثر نه ڪري ها. اِن نظم (نغمي) مٿان هڪ
سال جي اندر ٻيو جان فزا نغمو گرامي صاحب لکيو
”عورت“ ته طبعزاديت جو جهنڊو به کوڙيائين. لکڻ جي
ڪا ضرورت نه هئي. هُو خود اُستاد فن ۽ لفظن جي
موزون چونڊ ۽ استعمل جو سامري جادوگر هو. منهنجي
ذاتي خيال ۾ هن نظم جو عنوان پدمڻي وڌيڪ موزون
آهي. شاعر چوي ٿو:
اي پدمڻي، هيري ڪڻي،
سيمي زري،
نيلم پري نيلوفري،
اي دستِ قدرت جا فسون،
هرجا سندءِ جادوگري!
نازڪ ادا نازڪ بدن،
نوري نظر نازڪ دهن،
شيرين سخن رنگين لحن،
رنگيني بزمِ ڪُهن،
نوري نگمون نرگسي،
جنهن کي ڏسن تنهن کي ڪُهن،
اي پدمڻي هيري ڪڻي،
عشوو سندءِ جادوگري.
ڳوڙها نسدءِ دُر عدن،
آهون سندءِ خارا شِڪن،
غصو ته ڄڻ بادل گجن،
تنهنجو سُڪون توبه شِڪن،
تخليق جو تون مختصر،
تو ۾ ٿا عالم رقص ڪن:
اي پدمڻي هيري ڪڻي،
عشوو سندءِ جادوگري (42).
پير شاهنواز عارف الموليٰ (1922-1978ع):
پير شاهنواز جي والد جو نالو ڏنل شاهه هو. پاڻ ڳوٺ
سبحان علي شاهه لڳ ڊٺڙو تعلقي شهدادپور ۾ پيدا
ٿيو. درگاهه سان گڏ مدرسو قائم هو. جنهن ۾ق رآن،
تفسير ۽ فقھ توڙي ٻين علوم جي تعليم ڏيڻ لاءِ عالم
موجود هئا. عارف الموليٰ بنجڻ واري ٻار جي تعليم
هن مدرسي ۾ ٿي. عربي فارسيءَ جي تعليم به حاصل
ڪيائين. پنهنجو ڪتب خانو به موجود هو. اُن به سون
تي سهاڳي جو ڪم ڪيو. پهرين شادي ساداتن مان ۽ ٻي
پيار جي شادي ٻاهران ڪيائون. ٻنهي گهرن مان اولاد
ٿيو. هڪ فرزند فتح علي شاهه عاشق الموليٰ جواني ۾
گذري ويو. اُهو ويراڳ به عارف الموليٰ کي لڳو. راڳ
جو ويراڳ ٻئي طرف. اُستاد منظور علي خان سان راڳ ۽
قرب جو رستو رهيو. هيڏانهن ٻين شاعرن ۽ سخن شناسن
جو به حلقو هو. وڏي ڳالهه ته محترم مخدوم صاحب
محمد زمان طالب الموليٰ سائين جن جي مهر نظر، عارف
الموليٰ جي ذات ۽ ڪلام ۾ نوان رنگ لائي ڇڏيا. اسان
جي هن بهتري شاعر جي وفات ڪار حادثي ۾ ٿي.
عارف الموليٰ جي ڪلام ۾ بيتن ۽ ڪافين کانسواءِ
نظم، غزل، مثنويون ۽ گيت شامل آهن. سندس ڪلام جو
مجموعو ڪِشتي منجهه ڪُڻا (1994ع) ڇپيل آهي. ڪلام
نهايت پختو آهي. پنهنجي دور جي نمائندگي ڪري ٿو.
عروضي ڪلام ۾ عارف الموليٰ حمد ۾ نهايت خوبصورت
انداز، اسلوب ۽ زبان اختيار ڪري ٿو:
هر چيز ۾ ڏسان ٿو تنهنجو ظهور موليٰ،
ڪعبي ۽ دير ۾ آ تنهنجو حضور موليٰ،
اول به تون ۽ آخر ظاهر به تون ۽ باطن،
ليل و نهار تنهنجا شام و سحور موليٰ،
زاهد ۽ رند ۾ آ جلو جمال تنهنجو،
عارف جي دل ۾ آهي، تنهنجو ئي نُور موليٰ.
غزل ۾ ته هونئن ئي حسن جون فوجون چڙهن ٿيون ۽ دل
جون رياستون تسخير ٿين ٿيون:
افواج حُسن جا سڀ افسر جدا جدا،
شمشير زن پهلوان لشڪر جدا جدا.
خمدار خوب ابرو نرگس جي نوڪ پنبڻيون،
نيزه و سنان جدا خنجر جدا جدا.
خال سياه مُشڪ جي هڪڙي ڪڻيءَ ڪئين،
موهَيا هما باز ڪبوتر جدا جدا.
لب لعل مُرڪ موهڻ ٽهه ٽهه مٺي سڻي،
ديوانا ڪئين ڦرن ٿا در در جدا جدا.
عارف هزار عابد زاهد ۽ رند پڻ،
حُسنِ حبيب جا ٿيا نوڪر جدا جدا.
حُسن ڪاريءَ جا ڪئين بهانا آهن، زلف ڇا، ڇا چستم و
ابرو مٿان وري قدقامت:
زلف ڪارا رشڪ ڪاريءَ رات جا،
نيڻ ٻئي روشن ڏيا ظلمات جا.
گم ڪيا رخ حوصلا مهتاب جا،
تنهنجي مُرڪڻ ۾ مزا پرڀات جا،
قد قامت آ قيامت بپا ڪئي،
هر طرف آثار صد آفات جا.
تنهنجا ڪَرَ موڙن حياتِ جان فزا،
ٻول ٻهڳڻ وعدا وصلات جا.
حسن کي ثبات ڪونهي ته زندگيءَ کي ڪهڙو ثبات آهي.
شاعر فنا جي انڊلٺ جا رنگ به پسي پيو. اڳيون موڙ
جدائي آهي:
اسين پنهنجا وارا وڄائي وڃون ٿا،
محبت جا ميلا مچائي وڃون ٿا.
اڱڻ عاشقن جا اُجاري ڇڏياسين،
اباڻن ڪکن کي وَسائي وڃون ٿا.
هتي هرڪو مهمان آهي گهڙيءَ جو،
وطن واڳ واپس ورائي وڃون ٿا.
سنڌڙيءَ کي هردم دعائون، سلامت رديف ۾ ڇهه غزل.
چند شعر هي آهن:
سنڌڙيءَ جا سردار سلامت،
مانجهي مڻيادار سلامت.
-
سنڌڙيءَ جا گهر گهاٽ سلامت،
ڀاڳ وندن جا ڀاڳ سلامت.
-
سنڌڙيءَ ج ته سهاڳ سلامت، ڀاڳ وندن جا ڀاڳ سلامت.
ڌار ڪجل جي ڌاڳ سلامت، هَسيون پان مُساڳ سلامت.
گهڙا کڻي سڀ گهيڙ تي هليون،چوڙيلين جا چاڳ سلامت.
ڇيريون يڪتارا کڙتالون، ڀٽ ڌڻيءَ جا راڳ سلامت.
زلفن جا زندان سلامت، پنبڻين جا پيڪان سلامت (43).
سردار علي شاهه ذاڪر (1928-1981ع):
سيد سردار علي شاهه ولد سيد جعفر شاهه بخاري تعلقي
گهوٽڪيءَ جو هو. مئٽرڪ نواب شاهه مان ۽ بي. اي
آنرس ڪراچيءَ مان ڪيائين. هُن صحافت کي پنهنجو
پيشو بنايو. روزانين اخبارن الوحيد، ڪاروان ۾ رهيو
۽ آخري سالن ۾ روزانه مهراڻ حيدرآباد جو چيف
ايڊيٽر رهيو. نظرياتي بنيادن تي سنڌ جي ترقي پسند
اديبن سان قلمي جهاد ڪندو رهيو. سندس غزل ۽ ٻيو
ڪلام به آهي. نعتيه لڪام سگهارو اٿس. سندس ننڍڙو
ڪتاب نعتيه ڪلام ڇپيل آهي. هن ڪتاب جو مهاڳ حافظ
خير محمد اوحدي لکيو آهي. عجب جهڙي ڳالهه آهي جو
اوحديءَ هنڌ هنڌ نعتن کي نعتيه غزل سڏيو آهي. هي
ٻه صنفون آهن ۽ پنهنجي پنهنجي نالن سان جدا جدا
آهن. شايد اوحدي ڪن مولودين کان هي اصطلاح ٻڌو
هجي! يا ذاڪر صاحب جي غزل (نعت) تي عنوان لڳل ڏٺو
اٿس. ائين حمديه غزل ۽ نعتيه رباعي جا اصطلاح به
ڪم آندا مرصع ۽ هڪ بيمثال تخليق آهي. سردار علي
شاهه صاحب جي اِهائي تخليق ڳڻڻ جهڙي آهي:
مرحبا صد مرحبا،
بيڪسن جا ڀرجهلا.
تون حبيب ڪبيريا،
شافع روز جزا،
پنهنجي اُمت جا اَجها.
اُمتين جا آسرا، بيڪسن جا ڀرجهلا.
ڪين مان خلقيا خدا،
صورتن جا سلسلا،
تون اُنهن جي ابتدا،ڍ
لاڏلا لولاڪ جا، بيڪسن جا ڀرجهلا.
مخزنِ جود و سخا،
تون امام الانبيا،
تنهنجي پويان پيشوا،
حشر ۾ هوندا ڪٺا،
قافلن جا قافلا، بيڪسن جا ڀرجهلا.
مدح تنهنجي مصطفيٰ،
دافع رنج و بلا،
ڪر زبون ذاڪر سندا،
ڪل مرض مشڪلڪشا، بيڪسن جا ڀرجهلا.
ڊاڪٽرشيخ محمد ابراهيم خليل (1900-1982ع):
شيخ محمد ابراهيم خليل جو ڏاڏو انگريز جنرل
سرچارلس نيپئر سان گڏجي آيو. خليل جي والد جو نالو
محمد يوسف هو. خليل ڪراچيءَ ۾ ڄائو. سندس ابتدائي
تعليم ٽنڊي محمد خان ۽ حيدرآباد ۾ ٿي. اين. جي. وي
هاءِ اسڪول ڪراچيءَ مان 1917ع ۾ مئٽرڪ ڪيائين.
1925ع ۾ ايم. بي. بي. ايس ڪيائين. گهڻو عرصو
حيدرآباد جي مينٽل اسپتال جو سپرنٽينڊنٽ رهيو.
خيرپور جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر هيلٿ جي عهدي تان رٽائر
ٿيو. حيدرآباد ۾ صدر ۾ سندس ڪلينڪ رهي.
ڊاڪٽر خليل، اصل حيدرآباد دکن جو هو، تنهن ڪري
اردوءَ جو به قادرالڪلام شاعر هو. فارسيءَ جي به
تعليم مليس. هُو سنڌي غزل ۽ ٻين صنفن جو بهترين
شاعر هو. علم عروض جي باري ۾ پنهنجو ڪتاب رهنماءِ
شاعري ٽن جلدن ۾ لکيائين. تنقيد جي باري ۾ ڪتاب
ادب ۽ تنقيد لکيائين. اُن ۾ تنقيد جي وصف ۽ اُصولن
بابت لکڻ کانپوءِ آخري باب ۾ ڪليات عزيز ۽
گربخشاڻيءَ واري شاهه جي رسالي تي سخت ۽ ڏکوئيندڙ
لفظن ۾ تنقيد ڪيائين. ڪن ماڻهن جوخيال هو ته شاهه
جي رسالي واري تنقيد اصل ۾ عبدالله چنه لکي هئي،
پر هُو پنهنجن هندو بالاآفيسرن کان ڊنو ٿي. ڊاڪٽر
گربخشاڻي ته ٻنهي جو ڪاليج ۾ اُستاد هو. کيس ڪم
ظرف سڏڻ نه گهربو هو. مون پنهنجي ڪتاب ڪنزاللطيف
(1961ع) ۾ گربخشاڻيءَ واري شاهه جي رسالي تي داد
ڏنو هو. تنهن ڪري منهنجي ڪتاب جي ڇپجڻ کان چوڏنهن
سال پوءِ ادب ۽ تنقيد جي ٻئي وڌايل ڇاپي ۾ مون کي
به سخت سست چيائين. هندن جو غلام چيائين ۽
يونيورسٽيءَ تي به ڇوهه ڇنڊيائين ته مون کي ليڪچر
ڪري ڇو رکيو ويو. ڪتاب ڪنزاللطيف ڇپجڻ اوري سال
مون ايم. اي جي پهرئين سال ۾ داخلا ورتي هئي! خير
هي هڪ جملو معترضو هو!
ڊاڪٽر خليل جا نثر ۾ ڪي ٻيا ڪتاب به ڇپيل آهن.
اُنهن ۾ چرين جي اسپتال جي تجربن جي روشنيءَ ۾
ڪتاب عبرت ڪده ٽن جلدن ۾لکيائين. رباعيءَ جي فني
حيثت بابت مرزا اجمل بيگ سان ڊاڪٽر خليل جو تنقيدي
معرڪو ٿيو. اِهي مقالا سماهي مهراڻ ۾ ڇپيا.
ڪوشڪ نه آهي ته ڊاڪٽر خليل هڪ استاد شاعر هو.
جميعت الشعراءَ جو صدر رهيو. بزم خليل جو رح روان
رهيو. پاڻ حڪيم فتح محمد جو شاگرد هو. سندس ڪافي
دوست ۽ شاگرد بزم خليل ۾ ساڻس رهيا. جن ۾ رشيد
لاشاري، منظوري نقوي، سرور علي سرور ۽ مظفر حسين
جوش اچي وڃن ٿا. شعر کانسواءِ ڊاڪٽرخليل جا چونڊ
مقالا، مقالات خليل نالي ڪتابي صورت ۾ ڇپيا آهن.
ڊاڪٽر خليل مادري زبان ٻي هوندي به سنڌي زبان جو
هڪ استاد شاعر ۽ خادم هو. اُن کان ڪنهن کي انڪار
ناهي. هر صنف ۾ پاڻ مڃايائين. غزل ۾ به پنهنجي
انداز ۽ اسلوب ۾ باڪمال شاعر هو. زبان ۽ بيان البت
مشڪل پر فصاحت ۽ بلاغت جا سڀ رنگ نمايان:
جگر ۾ منهنجي چاڪ رهي ٿو رفو جي عيوض،
رهي ٿو تير نظر دل ۾ آرزو جي عيوض.
-
رهي ٿي تنهنجي نوازش رقيب تي هردم،
مگر خليل تي آهي جفا عدو جي عيوض.
بتِ ڪافر مان چڱائيءَ جي ڪهڙي اُميد رکي ٿيس گهي.
سندس پرستش ٿي ڪجي ته چوي ٿو:
بُتَ جي قدمن تي رکيم سر ته چيو هن مون کي،
تنهنجو ايمان نه رهيو هاڻ مسلمان محفوظ.
نظم ۾ به ڊاڪٽر خليل جو اسلوب بيان موثر آهي. هُو
قومي نوعيت جي ڪلام ۾ پاڻ مڃائي چڪو آهي. نظم بهار
جاودان ۾ چوي ٿو:
اي جوان پهرين مذاقِ گلستان پيدا ڪريون،
پوءِ چمن ۾ شاخ گل تي آشيان پيدا ڪريون.
پنهنجي پستيءَ مان بلنديءَ جو نشان پيدا ڪريون،
خاڪ جي هر ذري مان هڪ آسمان پيدا ڪريون.
ڇو ڪريون تارن جي چمڪڻ تائين ويهي انتظار،
ڇو نه پنهنجي خاڪ مان ڪهڪشان پيدا ڪريون.
ڊاڪٽر خليل جهڙو باڪمال شاعر هو. جهڙي هن ننڍن جي
تربيت ڪئي، اوتري پوئواري پٺيان ڪونه ٿي، ڇو جو
سندس اهل شاگرد ۽ دوست به گذاري ويا ۽ پٺيان ڪجهه
به نه بچيو.
حافظ محمد احسن چنه (1900-1982ع):
حافظ محمد احسن چنه ولد جمع خان ڳوٺ ملڪاڻي ضلعي
دادوءَ ۾ ڄائو. هُن جي ابتدائي تربيت مشهور بزرگ
غلام محمد ملڪاڻيءَ جي هٿ هيٺ ٿي. اُتي
عربي،فارسي، قرآن ۽ ديني علوم کان بهره ور ٿيو.
ڳوٺ ۾ مدرسو کولي تعليم ڏيڻ لڳو. پهريائين مجرم
تخلص ڪندو هو پوءِ حاجي محمود خادم جي صلاح سان
احسن تخلص سان لکڻ لڳو. نثر توڙي نظم ۾ حافظ صاحب
جي تحرير وڻندڙ آهي. سندس اٽڪل 34 ڪتاب ڇپيل آهن.
ٻيا قلمي حالت ۾موجود آهن. گهڻي ڀاڱي ديني ڪتاب
لکيا اٿس. شاهه جي ڪلام جي باري ۾ سندس ڪتاب شاهه
جو پيغام ڇپيل آهي. غزل، نظم ۽ رباعيات تي
ڪاميابيءَ سان طبع آزمائي ڪئي اٿس. دادو ۾ انجمن
آفتاب ادب جو پايو وڌائين. وطن جي حب ۾ سندس باغ
ارم وطن آهي. چوي ٿو:
وطن پنهنجي سان هر انسان جي الفت محبت آهه،
وطن تان جان ڀي قربان صدقي ساري دولت آهه،
وطن جي حُبَ ٿي ايمان جي بيشڪ علامت آهه،
وطن جي پڻ ڪرڻ هر فرد تي لازم ٿي خدمت آهه،
وطن پنهنجو ٿيو هر ڪنهن کي دلبر ۽ پيارو آهه،
وطن پنهنجي ۾ هر فرد عزت شاهه وارو آهه،
يقين ڪامل اسان کي آهه هر دم حق جي رحمت ۾،
بسر اوقات ٿيندا حق جي طاعت ۾ عبادت ۾،
اسان جي زندگي ساري گذر ٿيندي محبت ۾،
وطن پنهنجو سدا باغ اِرم ٿيندو حقيقت ۾،
نه نالو رهندو ڪو غم جو خوشي ۽ شادگي هوندي،
اسان جي رشڪ جي قابل هي احسن زندگي هوندي.
حافظ احسن غزل به چيا آهن. اُنهن ۾ غزل جا موضوع
لحاظ ۾ رکيل آهن نه ته حافظ صاحب جا اصل موضوع
ديني ۽ اخلاقي ڪلام ۾ ملن ٿا. عزلن مان چند شعر هي
آهن:
چيم مون سان ملڻ جي ڪا عنايت دلربا ٿيندي،
چيائين ها ڪڏهن مقبول تنهنجي التجا ٿيندي.
پکيڙي زلف ٺاهي دام اڄ دلدار تون ويٺين،
نه بچندي پر يقين آهي وڃي دل مبتلا ٿيندي.
وجهن واسينگ وانگر ور ٿا سي زلف سيھ تنهنجا،
انهن زلفن سان همسر ڪينڪي ڪاري بلا ٿيندي.
ڀلي ڪر قتل قاتل پر نه ڪر تون خون هي ضايع،
هٿن تنهنجي رڱڻ جي لاءِ هيءَ بهتر حنا ٿيندي.
چيم دلبر دمِ آخر پسائج رخ تون اَحسن کي،
چيائين خاطري ڪر تنهنجي پوري مدعا ٿيندي.-
هر وقت درِ يار تي عشاق جو ميڙو،
برپا ٿيو هنگامه محشر ته نه آهي.
هٿ جو ٿو اشاري سان ڪري دليون مُسخر،
ڇا يار کي جادو يا ڪو منتر ته نه آهي.
هر حڪم ۽ فرمان مڃي دل ٿي سڄڻ جو،
حاڪم يا دلين جو ڪو افسر ته نه آهي.
محبوب جي اُلفت ۾ چيو شعر تو اَحسن.
دل تنهنجي ۾ ڪو عشق جو جوهر ته نه آهي.
حافظ محمد احسن جو دم غنيمت هو. پنهنجي تر ۾ علم
ادب جي ترويج ۽ نئين ٽهيءَ جي اُڀرندڙ شاعرن ۽
اديبن جي دل جان سان رهنمائي ڪيائين. حافظ صاحب جي
ڪلام ۾ جيڪو بنيادي عنصر آهي سو آهي سنجيدگي ۽
متانت. انهيءَ لحاظ کان حافظ محمد احسن هڪ ڪامياب
شاعر، عالم ۽ اديب آهي.
ذوالفقار راشدي (1938-1986ع):
ذوالفقار ولد امام شاهه راشدي، پير جي ڳوٺ تعلقي
رتيديري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو. تحصيل علم کانپوءِ
لکڻ شروع ڪيائين. اندازاََ 1949ع کانپوءِ ننڍي
ٽهيءَ ۾ ئي سندس لکڻ جي ابتدا ٿي. چند سالن ۾ ئي
اڳتي وڌيو ۽ نثر توڙي نظم ۾ هڪ ليکڪ طور متعارف ٿي
ويو. ذوالفقار راشديءَ جون تحريرون ڇپجڻ لڳيون. هن
خود صحافتي زندگيءَ ۾ پاڻ موکيو. سندس ذهن سماج جي
فرسوده قدرن کي رد ڪيو، پر هُو مڪمل طور هڪ ترقي
پسند اديب نه هو. سندس ذهن ۾ جا لوچ پوچ هئي، سا
سندس تحريرن مان ئي ظاهر آهي. هن جا ناتا شخصيتن
سان بيشڪ هئا، پر انهن جي سوچ کي اختيار ڪرڻ ۾
اڳتي نه وڌيو. گهڻو اڀياس ڪيائين. اُهو سندس ڪتاب
ڪسوٽي (تنقيد) مان ظاهر آهي. اُن ۾ بحث تمحيث جي
گنجائش آهي. پر هتي رڳو سندس عروضي ڪلام جو ڪجهه
جائزو وٺڻو آهي.
ذوالفقار راشديءَ غزل، گيت، نظم، آزاد نظم، قطعا ۽
دوها چيا آهن. هُن جو ڪلام زبان جي لحاظ کان
روايتي ڪلاسيڪي شاعريءَ کان مختلف آهي. هن ۾ هڪ
مقلد جي اُبتڙ خود اعتمادي آهي. نظريي سان ڪير ڀلي
متفق نه ٿئي، پر ذوالفقار راشديءَ جو ....سلوب
تقليد ڪرڻ وارن کان مختلف ۽ بهتر آهي. غزل ۾ مقرر
موضوعن جي دائري اندر پنهنجي سيلس انداز ۽ زبان کي
ٿو:
مثالي آهي محبوبن ۾ هيءَ محبوب نو عمري،
عنايت آسماني آ جوان بختي و خوش فڪري.
-
سدائين سوچ ويڳاڻي هميشھ دل رهي ماندي،
سِڪي ٿو ساهه ڪنهن سهڻيءَ سان لائي دوستي گهري.
-
ڪڪوريل نيڻ مان ڪارو ڪجل ميڙي آيا بادل،
زندگي زلفن فضائن ۾ به تاريڪي وڇائي آ.
پوءِ به انسان ڏکن ڏاکڙن جي سٽ سهي نٿو سگهي.
سائين ذوالفقار جهڙو همت وارو ۽ رعبدار شخصيت جو
مالڪ شاعر ٿيو ته هيئن ته چوي:
ڪجهه اوهان جي ياد ۾ روئي ڏسان،
شبنمي ڳوڙهن سان دل ڌوئي ڏسان.
مون حياتي پئي گذاري مُرڪندي،
عيب ناهي ڪا گهڙي روئي ڏسان.
ڪي ته منهنجي بيڪسيءَ جو داد ڪر،
تو وٽان ڀي ڪا ته دلجوئي ڏسان.
ٻيو کپي پردي نشينو ڪين ڪي،
لاڏلن جي لوڏ ۽ لوئي ڏسان.
ڳاءِ پر حُورن پَرين جي نانءُ مان،
گيت ۾ ٿي داستان گوئي ڏسان.
وزن جي لحاظ کان ذوالفقار راشديءَ جا ڪي غزل عروض
موجبهوندي به ڇند تي به آهن. ڄڻ ته دوهو:
ماڪ ڀني رابيل جيان آ، ڪنهن جو مکڙو ڀُورو،
دل جو ڀونر تڪيندي تنهن ڏي، وقت ڪري ٿو پُورو.
نظم ۾ به شاعر انفراديت قائم رکي آهي. سندس نظم
”هڪ بودلو بهار“ اهڙو بهترين مثال آهي. انهن چئن
ڏهن سٽن بندن ۾ هُو پاڻ ويٺو آهي. اشارا ۽ رومانيت
جي هيءَ به هڪ ادا آهي:
هڪ نوجوان آهي اوهان جي ئي شهر ۾،
جنهن سا سدا گلاب جوانين جو پيار آ.
هِن جي رهاڻ ريجهه جو راڻين ۾ چهچٽو،
هن جي خماري نيڻ ورهايو خمار آ،
هڪ مست آهي جنهن کان آ مستين جو مرتبو،
هڪ جيئرو ميڪدو ۽ مجسم بهار آ،
هيڏي سدا بهار شبابن جا شائقو.
هڪ دادلو آ، جنهن جو اوهان ۾ شمار آ:
ڳولي ڏسو ته ڪير اُهو آهي ڪاپڙي،
جنهن جي اوهان کي زور سجائي آ راتڙي.
اُن بودلي بهار ۾ رانجهوءَ واري رمز به آهي. هُو
چندن ڳتيون چڳون به کولي ٿو، جنهن کي سنجو گتا کي
سويمبر ۾ تلاش هئي. سيتا راڌا ۽ روپ منيءَ به اُن
جي طلب ڪئي، جنهن تان زيب النساء ۽ مهرالنساءَ
(اِهي ڪٿي اختر شيرانيءَ واري سلمي جون جيڏيون ته
نه آهن). اُهو اِندر جهڙو آهي. هِن جي دل پَرين جو
آستان آهي. ڏسو اِهو ڪير آهي:
جاني، ڏسو چِتائي اِهو آهي ذوالفقار،
جو آهي پنهنجي وقت جو هڪ بودلو بهار!
قطعو به بيت، دوهي ۽ رباعيءَ وانگر هڪ ڳالهه/نُڪتو
ظاهري ڪري ٿو:
جرڪڻيون او چلڪڻيون او مُرڪڻيون!
مون اوهان لئه دل جو در کولي ڇڏيو،
يا ته جرڪا يوم جيءَ جي درسني،
يا ته ڪاريءَ رات ۾ رولي ڇڏيو.
-
زرد چهرو سرد آهون نيڻ بوندن سان ڀنلَ،
ٿو رهي ڳوڙهن سان تر رخسار توکي ڇا کَپي؟
دل جو ڪوماڻل ڪليءَ ۾ وسوسن جو واس آ،
ڇو ڪيو ٿِي پنهنجو من بيمار توکي ڇا کپي. (44)
احمد خان آصف مصراڻي (1922-1989ع):
احمد خان ولد محمد اسماعيل مصراڻي ڳوٺ مٺو ٻٻر
تعلقي خيرپور ناٿن شاهه ضلعي دادوءَ ۾ ڄائو. 1936ع
۾ سنڌي فائنل پاس ڪري ٽي سال قرآن شريف، عربي،ف
ارسي ۽ اردو پڙهيو. 1940ع ۾ پرائمري ماستر ٿيو.
اديب، اديب عالم، اديب فاضل وغيره جا امتحان به
پاس ڪيائين. 1981ع ۾ پينشن تي لٿو. ادبي زندگيءَ
جو آغاز 1937ع کان ڪيائين. حافظ احسن، محمود خادم
۽ جمعي خان غريب کان اصلاح وٺندو هو. مختلف ادبي
ڪانفرنسن ۾ مشاعرن ۾ شريڪ ٿيندو رهندو هو. شعر جي
مختلف صنفن ۾ طبع آزمائي ڪيائين. سندس بيت،
ڪافيون، غزل، نظم، حمد، رباعيون ۽ قطعا وغيره
موجود آهن. نثر ۾ به ڪيترا ڪتاب لکيائين جن مان
گلزار چنبيلي، همايون نامه ۽ ٻيا ڇپيل اٿس.
هن نيڪ انسان جي گهر تي 9 جولاءِ 1989ع تي ڌاڙيلن
رات جو حملو ڪيو. حملي جي مزاحمت ڪئي ويئي. آصف
صاحب به ٻن ڀاتين سان گڏ سخت زخمي ٿيو. علاج لاءِ
ڄام شوري نيو ويو. پنجن ڏينهن تائين حيات ۽ موت جي
ڪشمڪش رهي. آخر 15 جولاءِ تي جان، جان آفرين جي
حوالي ڪيائين (45). هڪ اديب ۽ شاعر جو پنهنجي ملڪ
جا ماڻهو اهو حشر ٿا ڪن. همايون نامه جي ترجمي ڪرڻ
جي سبب اُن جي مصنفه گلبدن بيگم جو نالو پنهنجي
نياڻيءَ تي رکيائين.
احمد خان آصف هڪ بلند پايه اديب ۽ قادر الڪلام
شاعر هو. هُو رڳو تُڪون جوڙڻوارو نه هو. هر سٽ جو
وزن، خيال، اشاري ۽ زبان جيمڪمل تورتڪ جو ڄاڻو هو.
غزل جا سڀ لوازما ۽ زبان و بيان جو پورو خيال
رکندو هو. بهار جي ماحول کي هئين چِٽي ٿو:
روشن ٿي شمعِ گل ٿيو اُجالو بهار ۾،
ٿي ويو چمن جو رنگ نرالو بهار ۾،
سردين ۽ گرمين ۾ توازن اچي ويو،
ڇا ڇا نه لطف ڏئي ٿو جهڙالو بهار ۾.
فصلن تي بوند پئي ته منجهن برڪتون پيون،
ڪڙمين جو ڪم ٿيو ڪَم ۽ ڪشالو بهار ۾.
محفل تي ڇانئجي ٿو وڃي ڪيف ۽ سُرُور،
آصف جڏهن ٿا ڳايون جمالو بهار ۾.
نه رڳو ايترو پر غزل کي مخصوص ماحول جي پوش ۾ به
بيان ڪري ٿو:
ڪلجُڳ آهي ٽيڙهو ٽاڻو،
ڪانهي مومل ڪانهي راڻو.
دور ترقي آهي ليڪن،
نفس ٽڙيو باطن ڪوماڻو.
آصف تنهنجا نُڪتا آهن،
اونداهيءَ ۾ ڄڻ ٽانڊاڻو.
آصف صاحب مختلف صنفن ۾ پاڻ ملهايو آهي. موضوع جي
لحاظ کان حمد ۽ نعت ۾پڻ سندس ڪلام بلند معيار جو
آهي.
اُستاد بخاري (1930-1992ع):
نالو احمد شاهه ولد حاجن شاهه، فنڪارن ۽ شعر جي
قدردانن وٽ اُستاد بخاري! پاڻ ڳوٺ غلام چانڊئي
ضلعي دادوءَ ۾ ڄائو. والدين سندس تعليم ۽ تربيت تي
ڌيان ڏنو. 1944ع ۾ سنڌي فائنل کانپوءِ سنڌي اُستاد
ٿيو. مئٽرڪ ڪرڻ کانپوءِ بي. اي ۽ سال 1964ع ۾
سنڌيءَ ۾ ايم. اي ڪيائين. پي ايڇ. ڊيءَ لاءِ
تحقيقي مقالو، ٿيسز لکڻ آسان آهي ۽ دادو ضلعي ۾
فيلڊ ورڪ ڪري مواد هٿ ڪرڻ مشڪل آهي (1970ع ۾ ليکڪ
سان ذات روح رهاڻ). بهرحال 1967ع کان اُستاد بخاري
لاڙڪاڻي ڪاليج ۾ ليڪچرر ٿيو. ٻين ڪاليجن ۾ به
اُستاد رهيو. اُستاد بخاري 1990ع ۾ رٽائر ٿيو ۽ ٻن
سالن ۾ وڃي جنت نشين ٿيو. پي ايڇ. ڊي جو ڪم اڌ ۾
ڇڏي ڏنائين.
هُو 1950ع ڌاري شاعريءَ جي لال ڪنوار سان لانئون
لهي سنڌي ادب ۾ پير پائي چڪو هو. حقيقت ۾ شعر ۽
سنگيت جي دنيا ۾ باهه لڳائي ڇڏيائين. پاڻ سريل هو.
پنهنجن شاگردن ۽ ٻين فنڪارن جي وات ۾ اچي ويو. جن
سندس بيت، قطعا ۽ چوسٽا جهونگاري واين، ڪافين ۽
غزلن ۾ روح ڦوڪي ڇڏيو. گهڻو سوچيائين، گهڻو
لکيائين ۽ گهڻو ڳارايائين. مطلب ته ڳائجي ويو.
سندس باري ۾ علي دوست عاجز جي هيءَ راءِ وزندار
آهي: ”اُستاد بخاري ڳائڻ ۽ جاڳائڻ وارو شاعر آهي.
جنهن سونهن کي بچائڻ لاءِ سر جي بازي لڳائي.
سونهن، سنسار ۽ سنڌ کي تمام گهڻو سهڻو ۽ سهڻن
لفظن ۾ پيش ڪري اُن جي بقا ۽ بچاءُ لاءِ اُتساهيو
۽ همٿايو آهي(46).“
اُستاد جي ڪلام جو پهريون مجموعو گيت اسان جا جيت
اسان جي (1971ع) آهي. اُن کانپوءِ او تون جوتون،
لهري لهري ۾ لالاڻ، پيرن هٿن پوئتي، ڪُوڪڻ ڪلياڻ
۽ ٻيا مجموعا شايع ٿيا. سرائيڪي ڪلام به ڇپيو.
گهڻو ڳايو ويو. ڪن مقررن محفل ۾ موجود ماڻهن کي
خوش ڪرڻ لاءِ نمبر ڏنا. اياز کي استاد جي پٺيان
بهريائون بهاريائون. اهي سڀ وقتي ڳالهيون آهن.
شاعر هرڪو پنهنجي خاني آهي. ڪنهن به طرح ڪنهن لاءِ
به، هڪڙي کان ٻي کان برتر يا ڪمتر چوڻ احساس برتري
يا ڪمتريءَجو نتيجو آهي. اُستاد بخاري هڪ منفرد
شاعر آهي. اُن ڪري اڄ ٻارهن سالن گذرڻ جي باوجود
سندس مداحن مان ڪو به کيس اختيار ڪري نه سگهيو.
اُستاد جهڙي اهليت هجي ته اُن جو رنگ پنهنجي ڪلام
۾ آڻجي.
اُستاد سڀني عروضي ۽ غير عروضي صنفن ۾ ڪلام چيو
آهي. سندس مداحن فقط ڳائجڻ واري ڪلام کي پڙهي بلڪ
ٻُڌي تضاد پيدا ڪيا آهن. شعر به عطر وانگر آهي.
اُن جي خوشبو پري پري تائين رسي ٿي:
عطر آن است ڪه خود به بُويد،
نه آنڪه عطار بگُويد.
اُستاد جي شعر جو آواز پري پري تائين ٻڌجي ٿو.
اُستاد جي زبان جي بي ساختگي ۽ ڳالهه چوڻ جو ڏانءُ
به نرالو آهي. هُو مُڙي نٿو، پر پهرئين مجموعي گيت
اسان جا جيت اسان جي، جي مهاڳ ۾ خود هيئنءَ
لکيائين: ”مصلحتاََ ڪلام ۾ ڪي ڦيريون گهيريون ڪيون
ويون آهن (47).“ اِهو هڪ سجاڳ شاعر کي لکڻ مناسب
نه هو.
شروع ۾ طرحي شاعريءَ واري دور ۾ به رهيو. بزمِ
طالب الموليٰ جي هڪ طرح تي لکيائين:
سَرءُ جا نياپا کڻي بادِ صبا آئي ته ڇا،
”موت جو سامان بڻجي جي دوا آئي ته ڇا“
ڪوڙ جي سيني ۾ هڻندو ٿووتين سچ جا ڇُرا،
وقت جا باغي جي توکي ڪا سز آئي ته ڇا.
شيخ صاحب شهر ساري ۾ اڃان رمضان آهه،
تنهنجي گهر ۾ عيش سان عيدالاضحيٰ آئي ته ڇا.
ڪنڌ ڦيرائي ڪڏهن تنهنجي جفا ناهي ڏٺو،
گهبلي تنهنجي پٺيان منهنجي وفا آئي ته ڇا.
اُن کانپوءِ اُستاد پنهنجي رنگ ۽ انفراديت قائم
رکڻ ۾ ڪامياب ٿيو. اسلوب بيان ۾ نواڻ رکيائين:
حياتي زهرِ قاتل جو پيالو آ،
مگر ماڻهو به بي پيرو موالو آ.
ڪلهوڪي ڳالهه کي هر هر نه دهرايو،
اڄوڪي سوچ جو نُڪتو نرالو آ.
الاهي ٻيو ته مون کي ڪجهه نه ڪڇڻو آهه،
اِهو چوڻو اٿم انسان اَٻالو آ.
انهيءَ کي ڪير ٿو آڏو اچي اُستاد،
اکيون دريا جگر جنهن جو جوالو آ.
غزل ۾ سنڌ جا حالات ۽ ماحول جو نقشو اُستاد بخاري
خوب چِٽيو آهي. اُن جا مثال سندس ڪلام ۾ هنڌ هنڌ
موجود آهن. هي غزل به هڪڙو مثال مهيا ڪري ٿو:
ڪاڇي کان ڪارونجهر تائين وک وک تي مئاخانا،
تيز ڪهاڙين وانگر چِلڪن هٿ هٿ ۾ پئمانا.
ڇولي ڇولي بيت رسالو موج ڀريو مهراڻ،
ڪڻڪ ڪڪوري قرب ڪهاڻي ونئڻ وڏا افسانا.
گرمي سردي موکيءَ واري مئخاني جي موسم،
اوکي سوئي ڏوڪي پيئڻ مهراڻي مستانا.
پاڻ پَچون يا پاپ پچائي مرڻا ناهيون مُور،
ميڻ بتيءَ جا ناهيون آهيون ڌرتيءَ جا پروانا.
برباديءَ جو آئيندو آ آبادي اُستاد،
اونده کي به اُجالو ڏيئي شال ڪريون شڪرانا.
حسن ۽ عشق جو باب به غزل ۾ کليل آهي:
حَسينن کي هر روز تحفا ڏيون ٿا،
جي نغما نه آهن ته سڏڪا ڏيون ٿا.
-
اوهان جيڪي دلدار دوکا ڏيو ٿا،
سي دل کي بنائي دلاسا ڏيون ٿا.
-
ٻه ڳوڙها ٿڌي ساه ۾ يار ويڙهي،
اُٿڻ وقت اُستاد ڀيٽا ڏيون ٿا.
اُستاد جي گيتن ۽ ڪافين کي غزل ڪري ۽ عزلن کي گيت
ڄاڻي بيدرد فنڪارن ۽ اُنهن جي ڪمپوزن (جي آهن ڪي
ته) ڪلور ڪيا آهن. اُنهن غزلن جا ڪئين مثال آهن.
هڪ هي به آهي:
ڳلي ڳلي هُلي وئي تنهنجي منهنجي دوستي،
خوشبو ٿي کُلي وئي تنهنجي منهنجي دوستي.
برپٽ باغ بهاريا سُرها گل ڦلاريا،
محبت مينهن وسي وئي تنهنجي منهنجي دوستي.
ارادا اُستاد جا عيدون ماڻي شاد ٿيا،
ڌيري ڌيري وئي وئي تنهنجي منهنجي دوستي.
اُستاد جي ڪلام جي وسعت رنگا رنگي ته اِن ڳالهه
جي تقاضا ڪري ٿي ته اُن تي مڪمل ڪتاب، ٿيسز لکجي،
ڪو ته دل وارو ايندو، جيڪو بجائي زباني جمع خرچ
بدران اُستاد جي شخصيت ۽ ڪلام تي مڪمل معياري
تحقيقي مقالو لکندو. آخر ۾ سندس چوءسٽن جي ڪتاب
پير نه هٽن پوئتي مان چند مثال پيش ڪريان ٿو:
جو قوم جياري اُهو جيئندو رهندو،
جو عام اُجاري اُهو جيئندو رهندو.
مون کي تاريخ ۽ تقدير ڏني پڪ آهي،
جو سنڌ سنواري اُهو جيئندو رهندو.
-
اسان سان ڪچهريون ڪريو دوستو!
هليا وينداسين اوچتو اوچتو!
اسان جي نصيحت وصيت اِها،
وٺي حُسن جو نانءُ پوءِ پُور جو!
-
ساري سنڌي قوم جو ڪر ڪو بلو،
هِن ۽ هُن جند جو اُلڪو نه ڪر.
فڪر ڪر ٻولي معاشي عدل جو،
سنڌ رهندي سنڌ جو الڪو نه ڪر.
-
دوست ٿيو درهم پوي،
ڀاءُ ٿيو برهم پوي،
هرڪو منهن موڙيو ڇڏي،
شل نه ڪنهن ۾ ڪم پوي.
-
بتي گهر جي ٻري ناهي،
ته اونداهو جهان آهي،
ڪَلي دل جي کڙي ناهي،
ته گلشن ۾ خزان آهي.
-
سنسار تان سُورن جو جنجال ڪڏهن لهندو؟
طوفان ڪڏهن رُڪبا ڀونچال ڪڏهن لهندو؟
تلوار کان بندوقون بندوق کان ائٽم بم،
انسان تان بارودي بنبال ڪڏهن لهندو؟
-
ڊوڙو ته شيخ، شيام بخاريءَ کان هي پڇون!
ڇا ماڪ هير جهڙي اڃان شاعري ڪجي؟
آ سنڌ سونهن لوڇ ۾ نغما چئون، نچون؟
سڪرات ۾ حبيب هجي مسخري ڪجي؟
يقينا هي چند لفظ ۽ اُستاد بخاريءَ جي ڪلام مان
چند مثال سندس حيات ۽ ڪلام جي معلومات مهيا ڪرڻ
لاءِ ناڪافي آهن، پر خرار مان نموني جي مُٺ ته
آهن.
هرومل ايسرداس سدارنگاڻي (ايڇ. آءِ. سدارنگاڻي
1913-1992ع):
ڊاڪٽر هرومل ايسرداس سدارنگاڻي فارسي شاعري ۽ زبان
جو هڪ وڏو اسڪالر هو. هُو شهدادپور (ضلعي سانگهڙ)
۾ ڄائو. شروعاتي تعليم شهدادپور ۾ حاصل ڪيائين.
نئشنل ڪاليج حيدرآباد ۽ ڊي جي ڪاليج ڪراچيءَ ۾
اعليٰ تعليم حاصل ڪيائين. سنڌ جي فارسي شاعريءَ تي
پي. ايڇ. ڊيءَ جي ڊگري 1946ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ
مان ورتائين. سنڌي ادبي بورڊ ۽ مهراڻ رسالي جي
ادارت سان ابتدائي دور ۾ وابسته رهيو. ملڪ جي
ورهاڱي کانپوءِ ڀارت لڏي ويو ۽ دهليءَ يونيورسٽيءَ
۾ بحيثيت فارسيءَ جي پروفيسر جي وابسته رهيو.
1956ع ۾ تهران يونيورسٽي (ايران) ۾ رهي پنهنجي
تحقيقي مقالي کي وڌائي ”فارسي گويان هندو سنڌ“ جي
عنوان سان ڊي”لٽ جي ڊگري ورتائين. ڀارت جي علمي
ادبي ۽ ثقافتي ادارن ۾ ڪم ڪيائين.
ڊاڪٽر هرومل سدا رنگاڻي جي ڊاڪٽريٽ جي ٿيسز ٻه
ڀيرا سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪئي آهي. سدارنگاڻي صاحب
نه رڳو فارسي زبان ۽ ادب تي هڪ يگانو عالم هو، پر
ٻين ٻولين تي به سٺي گرفت هئس. اُن جو هڪڙو ثبوت
سندس ڪتاب ”ڪنول پاڙون پاتار ۾“ آهي، جنهن ۾ هن
شاهه جي رسالي تي عربي فارسي، هندي ۽ پنجابيءَ جي
اثر جو جائزو ورتو آهي. هُن هِن ڪتاب ۾ قانع جي
مقالات الشعراءَ ۾ شاهه عبداللطيف کي شامل ڪرڻ تي
اِهو رايو ڏنو آهي ته ضرور شاهه صاحب فارسي زبان
۽ شاعريءَ کان وقف هوندو. سدارنگاڻيءَ سنڌي شعرن
کان سواءِ ترجما به ڪيا آهن. نثر ۾ رباعيون گهڻيون
چيون اٿس. اُن جو سبب رباعيات عمر خيام جو مطالعو
آهي. شعر ۾ سدارنگاڻي خادم تخلص ڪندو هو.
سندس شعر جا مجموعا هي آهن: رنگين رباعيون، روح
ڏنو ريلو، خوشبو جو سفر، چيخ ۽ پره جي باک. اڃان
ڪجهه شعر ڇپجي نه سگهيا. انهن مجموعن ۾ سدارنگاڻي
جا نظم، گيت، غزل ۽ رباعيون آهن. هر صنف ۾ هو هڪ
پختو شاعر نظر اچي ٿو. نظم جو کيس ڏانءُ هو.
رومانيت ته هر صنف ۾ جهلڪي ٿي: |