سفر تان موٽڻ کانپوءِ ڪارو پهراڻ پائيندو هو، جنهن
جون ٻانهون کليل هونديون هيون. مٿو اگهاڙو ڪندو هو
۽ نماز به مٿي اگهاڙي سان پڙهندو هو. مصري شاهه جي
مزاج بابت مقبول ڀٽي لکي ٿو ته: ” شاهه صاحب جو
جهڙو نالو مصري، تهڙو ئي مزاج مصريءَ جهڙو مٺو ۽
ٿڌو هوندو هو. سڄي عمر ڪنهن سان ٻاڙو نه
ٻوليائين(21).“ سندس رهڻي ڪهڻي، خوراڪ به سادي.
ڪچهرين ۽ راڳ جو ڪوڏيو هو. سندس ڪچهرين ۾ مائي
ليلان ۽ ٻيا گائڪ موجود رهندا هئا. پاڻ معمول
مطابق صبح جو شاهه محمود جي درگاهه تي چوڪي ڏيندو
هو. زندگيءَ ۾ گهڻو سير سفر ڪيائين. سندس زندگيءَ
جي هڪ ساٿي قاضي عبدالحئي چواڻي ته: ”سائين مصري
شاهه ڪنهن الهامي اشاري ملڻ سان اچانڪ سفر تي
روانو ٿي ويو، جنهن جي سندس گهر جي ڪنهن به ڀاتيءَ
کي سڻس نه پئي. اٽڪل 15-16 سالن تائين ٿرپارڪر،
اجمير، جوناڳڙه، جوڌپور، جيپور، ڪڇ، گرنار ۽
هنگلاج جا پٽ جهاڳي، سنياسين، آديسين ۽ جوڳين سان
گڏ آلو جبل تي ڪافي عرصي تائين چله ڪشي ڪري چاليهن
سالن جي عمر ۾ موٽي جڏهن پنهنجي اوتاري تي آيو،
تنهن وقت سندس شڪل صورت ۾ ايتري ته تبديلي اچي
چڪي هئي جو سندس سڳو ڀاءُ سيد فتح محمد شاهه به
کيس سڃاڻي نه سگهيو(22).“
حُسن کي هيڏو ڳائڻ وارو شاعر حسن جي حقيقت کان
واقف نه هجي. ڪا صورت هُن کي ڪشش نه ڪري، اهو ممڪن
ڪونهي. مقتبول ڀٽيءَ شايد ڪنهن سبب اُها ڳالهه نه
ڪئي آهي، جا خانبهادر ڪئي آهي:”سيد مصري شاهه
قداور ۽ نهايت حسين جوان هو. شاعريءَ جي ڏات ڪچيءَ
کان عطا ٿيل هيس. وري مجازي حسن ۾ حقيقي حسن جو
پارکو هو. تنهن ڪري مجازيءَ جي ميخ به جوانيءَ جي
اوائل ۾ ئي جيءَ سان جڙجي ويس. هُو پنهنجي چاچي
ڏنل شاهه جي گهران مڱيو به هو، پر شادي نه ڪيائين.
ساداتن جي ڪوٽ سان لاڳو قاضين جي محلي مان هڪڙي
قاضيءَ جي ڇوڪريءَ سان شادي ڪرڻ لاءِ گهڻو ئي شائق
هو، پر قاضين اُن سڱ ڏيڻ کان انڪار ڪيو(23).“
منهنجي خيال ۾ اهو ئي سبب هو جو 25 سالن جي عمر ۾
ڪڇ، ڪاٺياواڙ، اجمير، گرنار ۽ هنگلاج ڏانهن نڪري
ويو. بهرحال هي بيقرار روح شاعريءَ ۾، ۽ خاص طور
ڪافيءَ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. عشق ۽ حسن جي حديث کي
بيان ڪيائين(24).
مصري شاهه جو ٿورو سرائيڪي، فارسي، اردو ۽ هندي
ڪلام به آهي، پر سندس شاعريءَ جو معراج سنڌي
ڪافيون آهن. ڪافيون سنگيت ۽ تال سان گڏ علم عروض
به آهن. هُو دلبر کي ڏسڻ سان پڻ ته ڇا پر ٻئي جڳ
وساري ويهي ٿو. مهتاب مک محبوب جو ڏسي چوي ٿو:
وسري ويا ٻئي جُڳ جڏهن دل جان سان دلبر ڏٺم،
مهتاب مک محبوب جو محراب منهن منور ڏٺم.
1- دل سڃاتو سڄڻ جو اچي سير سڀڪنهن جاءِ تي،
من جا ٿيا مطلب مڙيئي پورا، پرين پرور ڏٺم.
2- شيخ قاضي پاڪدامن اي مشائخ مولوي،
ڪر نصيحت کي ڦٽو هر جاءِ حق حاضي ڏٺم.
3- دين ۽ ايمان تقويَ زلف جي پيا پيچ ۾،
دام ۾ داڻي مثل تڪرار ڪارو تر ڏٺم.
4- عمر ساريءَ جي عبادت تِرَ هڪي تارج ڪئي،
ويو هڻي هندو کڻي، ڪعبي ابدر ڪافر ڏٺم.
5- عاقل ۽ عالم اوليا صنعان جهڙا سئو هزار،
قيد ڪامل جي ڪڙي ۾ ملڪ سڀ مضطر ڏٺم.
6- حسنخود هٿ ۾ جنهين جي دام ڏاڍو دلفريب،
راه ۾ رهزن وڏو ئي رهنما رهبم ڏٺم.
7- چوطرف
چارئي ڏسيون، چوڏهن طبق چارئي مڪان،
ڪونه ٻيو ٻُڌندڙ دليون تنهن مَٽ نڪو مسخر ڏٺم.
8- ڏس همت
حضرت حسين جي پَٽ اکيون اي آسمان،
دل ڪُٺل دشت بلا ۾ ساقيءَ ڪوثر ڏٺم.
9- پڙ مٿي پوري ڪئي، منصور مصريءَ سڀ مراد،
سربسر صورت الاهي، سونهن سندو سرور ڏٺم.
مصري شاهه جون ڪافيون جهڙيون زبان ۽ بيان ۾ منفرد
آهن، اهڙيون ئي پُر اثر ۽ موسيقيءَ سان هم آهنگ
آهن.مثال طور:
ڪج زلف ڪمند ڪڙيارا سي تان پائين دام دوپارا،
ڏين لامرا لحظي لحظي بند ڪن بلخ بخارا.
ڪافين ۾ تعزل جو هجڻ ۽ عزل جي هيئت ۾ هجڻ سان عزل
جو رنگ به شامل نظر اچي ٿو. جيئن:
نئي نماڻن جون دليون ناحق نگارا بي سبب،
وٽ وهيو ويجهو وريو ڪريين ڪنارا بي سبب.
زلف و رخسار جو ذڪر بلڪل ايراني رنگ ۾ ڪري ٿو:
زلف سلسدار گيسو عنبرين رخسار تي،
ڪر کڻيو کانئن ڪليجا نانگ ڪارا بي سبب.
ائين ايراني پهلوانن جا حوالا آڻي ٿو:
ڪن ڪمان ابرو اڌو اڌ رخش رستم زال کي،
سام برزوءِ گهيو کان ٿا وٺن وارا بي سبب.
ڪافين ۾ قافين جي ادائگي ۽ بامعنيٰ هجڻ به هڪ ڪمال
آهي.مصري شاهه لاءِ مشڪل ڪونهي. هيءَ ڪافي اهڙو
بهترين مثال آهي:
کنيائون کلي نيڻ گهرا گلابي،
ڀريل ٻاجهه نرگس عجب نيم خوابي.
1- ذري سونهن يوسف کي بازار نيو،
بنا ملهه مُقَيدَ خريدار ڪيو،
مصر ۾ نه منظور ٿيو ماهتابي.
2- پيو پرتوو طور تي نور جو،
نه ماهر ٿيو موسيٰ تنهن مذڪور جو،
کڻن بار بيشڪ ڀلي بوترابي.
3- اکين جي اَڻين نو طبق کي تپايو،
جلدي ويا جبل عشق آڙاه مچايو،
وڳي نينهن نوبت ڀڳي حد حسابي.
4- ڪيو معراج مردن مڱر مچ مچائي،
هو راز رندي منجهان منجهه نه مائي،
اٿئي مهل مصري سگهو ڪرشتابي.
مصري شاهه جي ڳائجندڙ ڪافين ۾ هڪڙي سارنگ واري
ڪافي گهڻو مقبول ٿي آهي. اُن جو ٿل ۽ هڪ بندهن
ريت آهي:
اڄ ته عجيبن آڻي لايا نيهن نوان،
مينهن مندائتا مصري واه ولهرين وٺا،
سرها سيني لايا مليا محب مٺا،
ڏيهه ڏِنگو ڇا ڪندو سڄڻ هون سنوان.
بيتن ۾ به مصري شاهه پنهنجو مخصوص رنگ قائم رکيو
آهي. سسئيءَ کي هيئن ڳايو اٿس:
جلد جمازي جهانجهرا، ڪا هوئين نه ڪڻڪن.
جي اوڳر ماري اُٿيا، ته راتين روه رسن،
ڪرها ڪيچ ڌڻين جا، هوري ڪين هلن،
آءُ پيادي ڪيئن پڄاڻ، آيل تن اُٺن،
من مصري چئي موٽن، پئي ٻاجهه ٻروچ کي.
هوت ته هلڻ هارا هئا، پر جڏهن اسان جو شاعر هلڻ
هارو ٿيو ته پنهنجي ڪافيءَ جو ٿل جهونگارڻ
لڳو:”پنڌ پري منزل ڏور ڏاگها ڏينهن نه اُڀري.“
هيءَ اُسهڻ واري رات جي ڳالهه آهي. چي نيٺ هيءَ
دارافاني ڇڏڻي آهي. چي : ويندو مثل واءُ جي هي
طلسم تُرت تمام- ۽ هن بيت سڀ ڪجهه چئي ڇڏيائين:
نڪا مُنڌَ مَرڻ جي، نڪا جئڻ جاءِ،
اَلدنيا ساعَتھ، سا تو آئي ساءِ،
ڀَورا اِئين ڀانءِ، ته ڪوڙي ڇانوَ ڪڪر جي،
موهن فقير/ڀڳت (1845-1905ع):
هي فقير/ڀڳت، نوشهري واري درويش شاعر نصير الدين
نقشبنديءَ جو مريد هو. اصل لاڙڪاڻي جي ويجهو ”عاقل
جو ڳوٺ“ جو هو. تذڪره لطفي (ج-3) ۾ سندس ذڪر آيو
آهي. هن جي ننڍپڻ عاقل جي ڳوٺ ۾ گذريو. بدوي صاحب
لکي ٿو: ”موهن جي والد کي ڳوٺ ۾ ننڍڙو دوڪان هو.
جتي هو سادي رهت ۾ پئي نپنو. هو صوفين جي محفلن جو
ڪوڏيو هو. اتفاق سان شاهه نصير الدين لاڙڪاڻي آيو.
ٻُڌو اڳيئي هوائين، وڃي درويش جي قدمن ۾ پهتو ۽
هميشھ لاءِ قرب ۾ قابو ٿي ويو. موهن جي بيقرار دل
کي سُڪون ملي ويو. ڪنهن ازلي اُڃ جي ختم ٿيڻ سان
سدنس دنيا بدلجي ويئي. هُوبي تعصبيءَ جي باري ۾
چوي ٿو:
هندو مومن هڪو اٿئي مونکي سائين سو سمجهايو هو،
فيض ته منهنجو نوشهري ۾ امر لکي اٽڪايو هو،
منهنجي سنگت جو نئي صوفين سان ڪو قادر قلم وهايو
هو،
آڻن عاشق سر اَڏيءَ تي جن ڪوٺي ڪنڌ ڪپايو هو.
هُو صوفين جي گفتن، ڪافين ڪلام جي محفل رچائي ويٺو
۽ لاڙڪاڻي ۾ صوفي اوتارو قائم ڪيائين. مرشد جي
مهما هيئن بيان ڪري ٿو:
جو دل اُجاري ديد سان، سو بينا ۽ بصير،
شهنشاهه نصير، آهي موهن تنهنجي من ۾.
موهن هڪ صاف دل صوفي هو. سندس لاڙو اسلام ڏانهن
نسباََ وڌيڪ هو. وفات ڪيائين ته کيس دفن ڪيو ويو.
حضور جن چئن يارن ۽ قرآن جي باري ۾ سندس ڪلام
اهڙي ساک ڀري ٿو. بدوي صاحب موهن جي راڳ سان ۽
شاهه نصير جي ڪلام سان پيار جو ذڪر ڪري ٿو. موهن
جو ڪلام محبت جي مام کي ڪئين طريقن سان ظاهر ڪري
ٿو. سندس ڪافيون ۽ بيت نهايت آسان زبان ۾ آهن. رمز
بابت چوي ٿو ته اُه ريل کان به تکي آهي:
ريل به آهي ريل، پر رمز تکي آهي ريل کان،
هُوءَ پهچي پوياڙيءَ جو، هي رسي سرس سويل،
ميلن مٿي ميل، موهن محبوبن جا.
”جي ماسو مڙيئي مال ته پوڄارا پُر ٿئين ”شاهه لطيف
جي هِن سٽ جي شرح هيئن ڪري ٿو:
جو پاسي پريت کان، سو پرت کان پاسي،
حُسن جي هُٻڪار تي، ڪو عاشق اوڪاسي،
ڪوٺي ڪُٺا ڪيترا، هڪ محبت جي ماسي،
سي مڻ موهن ۾ ته به، باس نٿو باسي،
جو واس وڌو واسي، سو پير پُٺڀرو نه ٿئي.
-
جي هجي کوه دل پرين جي ٿيان،آءُ گهڙو،
سڏبس ڪين ڇڙو، کڻندا هر هر هوت هٿن سان.
بيتن وانگر ڪافين ۾ به اُهائي تند تنواري ٿو:
اُلٽيو برهه جو بار، پڌر اچي پيئي آهيان.
1- ڪين اچي ٿو ڪڏهن، ڪوٽن منجهه قرار.
2- ملڪ سارو ويو وسري، دل تي دلبر يار.
3- ويئي دل ڪين وري ٿي، حيلا ڪيم هزار.
4- موهن جو محبوب آهي، نوشهري نروار.
محمود کٽياڻ (1852-1907ع):
محمود فقير جي والد جو نالو علي خان ۽ ڏاڏي جو
نالو هيبت خان هو. سندس ڪلام ماستر محمد صالح سپئي
ايڊٽ ڪيو آهي. اُن هي لکڻ موجب کٽياڻ اصل کيتران
آهن ۽ سبيءَ جي ويجهو بار کان (بار خان) جا آهن ۽
ٽالپورن سان گڏ سنڌ ۾ آيا (26).
محمود فقير جي والده زرناز رند قبيلي مان هئي. اُن
ڪري سندس ڪلام ۾ رندڪي بلوچي ڪلام به آحي. فقير جا
گهڻن ماڻهن سان تعلقات هئا، اُن سبب ڪجهه واقعاتي
ڪلام به چيو اٿس. ڪي مناظرا به سندس ڪلام ۾ شامل
آهن. مزاحيه ڪلام به چيو اٿس. پرجنهن ڪلام سبب
مشهور ٿيو، اُهي سنڌي ۽ سرائيڪي ڪافيون آهن. اُنهن
مان هي ٻه ڪافيون پنهنجي موسيقيت ۽ رواني توڙي
هيئت ۽ مضمون سبب مقتبول ٿيون. پاڻ اُنهنکي مڪمل
رندي اندازي ۾ ڳايائين ۽ گذريل صديءَ ۾ اهم
فنڪارن به ڳايون.
ديدن ڪيا درس، اڄ ڀيڃ ڀنيءَ برسن،
ماڙيچا منهنجا موهر ۾، شل پاڙيچا پرچن!
چوڙيليون اڄ چاه منجهان ٿيون ڪاه ڪيو ڪڙڪن،
ڪونجن وانگي ڪر کنيو، ٿيون تڙ مٿي ترسن
گهڙا جنين جا گوهر گگهريون، مٿي تي مرڪن،
سينهوڙيون اٿن سوکڙيون، سي جنهور جئن جرڪن،
جام صراحيون جن سان پيتم، تن وٽ حال هلان،
ڳري لڳي مون کي لڙڪ لهي پيا، ماڙيچن شال ملان،
ساه منهنجو پساه پرين سان، پنهنجي روح رلان،
چشمن سان چوغان، چمان، ميدان هلي مرڪن،
نبيسر جون نامڪٺيون ٿيون، دام وجهن دواليون،
جادوءَ ساڻ جمال جون، ٿيون زور هڻن زاليون،
رنگ ڀريون آهن ريتون تن جون چست چڱيون چاليون،
ٿر ٿوهر مڪ مانڌاڻا، منهنجا ويڙهيچا ورڪن،
ساجن جي سڪ سوز منجهان ٿي، موج ڪري ماري،
ٻانهياري آءٌ ٻول ٻَڌي، اڄ قول ڏيان پاري،
ماڳن تي محمود چوي، شل واڳ ڌڻي واري،
سانگيئڙا ساڙيهه ۾، شال ڏوٿيئڙا ڏسجن.
-
جهنگ جبل گام گهٽيان خان پنهل ڪون ڳولان.
ساه صدق سر سارا، جان جَتان تون گهولان.
ويک پنهل دي پلٽڻ جبل وچون پئي جاندي،
تنبو طنبيلي لشڪر سئو سروان ساٿي،
سبب ٿيا سولا مليا برهمڻ ڀاتي،
مشڪ عطر ساٿ والي ڀر ڀر ڏيون جهولان،
زلف شبيهه چالي هن سنگ چور سپ ڪالي،
سرخي لبان تي چمڪي واه چشمان دي چالي،
ڏند مبارڪ موتي موهن پئي متوالي،
هر هر هسن دلڙي کسن رس ٻانهپ مين ٻولان –الخ.
محمود فقير هڪڙي شادي ڪئي، جنهن مان کيس ڪل چار پٽ
۽ چار نياڻيون ٿيون. فقير صاحب کي وفات کانپوءِ
پير حاجي رتراڻي واري قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو. جو
ڳوٺ موسيٰ خان کٽياڻ کي ويجهو آهي.
پير ڪمال (1877-1910ع):
پير ڪمال نوشهري جو هو. سندن وڏن ۾ ميان ڪدر (ادر)
مشهور ٿيو. هن خاندان جي ارادت هالن جي سروري
درگاهه سان هئي. پير ڪمال جو وڏو ڀاءُ پير جمال
هو. پير ڪمال نوشهري جي مولوي فيض محمد وٽ تعليم
حاصل ڪئي. هُو سادگيءَ سان زندگي گذاريندو هو. سير
سفر ڪيائين. گهڻو ڪري پنڌ هلندو هو. کاڌي پيتي ۽
پوشاڪ ۾ سادو هو. ڪاٺ جي تختي يا زمين تي سمهندو
هو.
ميان ڪمال سروري درگاه جي گادي نشين حضرت ظهير
الدين عرف مخدوم پروڄام جي خدمت ۾ نهايت عقيدت سان
حاضر ٿيندو هو. اڳ سان شغف هوس. ڪنهن جو چوڻ نه
موٽائيندو هو. ڳائيندو هو ته نيڻن مان نير جاري
هوندو هوس. مرشدن جي محبت سندس ڪلام ۾ هنڌ هنڌ
موجود آهي. چوي ٿو:
هلندي هالن سامهون، پانڌي پاڻ وسار،
ساري سرور شاهه کي، اندر تون اُچار،
وحدت جو واپار، هالن مان ئي هٿ ٿئي.
-
هلندي هالن سامهون، پانڌي ڪر م پچار،
نائي ڪنڌ ڪريم ري ڪيڏانهن ڪيم نهار،
محبت سروس شاهه جي، ڪر اندر ۾ اختيار،
آهي نوري نگهدار، مدد مريدن جي.
عشقيه ڪلام ۾ پير ڪمال جو جذبو ڏسڻ وٽان آهي.
مذهبِ عشق اختيار ڪرڻ بابت چوي ٿو:
ٻيو مذهب مان نه رکندس،
عشق جو آهيان اَسير.
1- عشق جي آڙاه ۾،
هي جلي ٿو جا نثار،
بره لائي بيقراري،
حال ڪيو منهنجو حقير.
2- ڪنهن کي طاقت ناهي ڪا،
جو هت ڪري حيلو هنر،
نينهن نهوڙي ڪيو نظر ۾،
بادشاهه توڙي وزير.
3- ڪمال سان ڪر ڪرم پنهنجو،
ٿيو اچي آڌار امير،
جام پياريو بيخوديءَ جو،
هي ڪيو فاني فقير.
يا چوي ٿو:
عالمن ڪوٺيون ڪتابن،
عاشقن هڪڙو حرف.
مدح سڳوري ڪندي چوي ٿو:
بسم الله بالله چئي ٿو: صفت سندي سردار چوان.
خاوند خلقيو مير محمد نور منجهان نروار چوان.
سونهن سيد ساڻ سراسر چارئي چڱا چوڌار چوان،
سيد سان گڏ سڀ اصحابي چنڊ مثل چوڌار چوان.
افضل اعليٰ شان عجيبن داتا جي درٻار چوان،
ابابڪر سچو صادق يار سچو منجهه غار چوان.
حضرت عمر عادل بيشڪ صاحب سو سچار چوان،
عثمان جمع ڪيوجوڙي قرآن اگي جو اظهار چوان.
حضرت علي شير بهادر دلدل جو هسوار چوان،
پنجتن پاڪ پيارا پنهنجي موليٰ جا مختيار چوان.
پير ڪمال کي سونهن سبحان ٿي نظر اچي. حسن جو پرتوو
پسي برملا چوي ٿو:
تنهنجو سهڻو سڄڻ سينگار ڏسي سبحان چوان.
1- چهرو رنگ گلابي- لعل رونق رخسار،
مثل مرجان چوان.
2- ديد دُنالي ڀڙڪي بجلي، تيز تکي تلوار،
رنخ زندان چوان.
3- گهايو گهور ڪمال کي، چشم جي چمڪار،
ڪاريهر ڪان چوان.
پير ڪمال جو سرائيڪي ڪلام به وقت جي موجود روايت
موجب آهي. اُن ۾ توحيد جي تنوار آهي. پير مغان جي
پياريل مَئي ۾ هُو مستان آهي.
دستان پير مغان مين پيتي، نشا نينهن جڳايا وي.
1- پيتم شوق شراب طهورا، ڪيتا ذاتي ذوق
ظهورا،
پايا منصب هي منصورا، اناالحق الايا وي.
2- ڪمال
ميڏي مرشد هادي، ڏتي وحدت والي وادي،
ڪَنا ڪثرت ڪر آزادي، هُو دا راه بتايا وي.
(27)
قطب علي شاهه (1814-1910ع):
جهانيان خاندان هند سنڌ ۾ ڪيترن هنڌن تي ارشاد ۽
هدايت جو سلسلو جاري رکيو آهي. هن خاندان ۾
ڪيترائي درويش ۽ اهلِ دل ٿيا، جن خدا جي مخلوق کي
حق جي راه ڏيکاري. اُنهن ۾ ڪن شاعريءَ کي به رشد و
هدايت جو ذريعو بنايو. اهڙو روحاني ڪلام ٻڌي سوين
ماڻهو سندن حلقي ۾ آيا.
حيدرآباد جي صدر علائقي جي اولهه ۾ ٽنڊوجهانيان به
هن خاندان جي هڪ شاخ جو مسڪن رهيو. هن خانوادي جو
شجرو حضرت جلال سرخ پوش بخاريءَ کان ٿيندو مٿي
حضرت علي ڪرم الله وجھ سان ملي ٿو. فتح الدين شاهه
عرف درياءِ رحمت ۽ ڪي ٻيا درويش فارسيءَ جا شاعر
هئا. سائين قطب علي شاهه سنڌيءَ جو وڏو شاعر ٿي
اُڀريو. قطب علي شاهه ۽ هن خاندان جي باري ۾ هڪ
مختصر ڪتاب ”سائين قطب علي شاهه“. پروفيسر
جهامنداس ڀاٽيه 1947ع ۾ شايع ڪيو. تفصيل سان
جهانيان خاندان جي هڪ صادق اليقين مريد جناب وي.
جي. مِٽائي
(V.J.Matai)
سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم. اي جي ٿيسز طور جهانيان
خاندان جي عنوان سان لکي، جيڪا سنڌالاجي 1972ع ۾
شايع ڪئي ۽ اُن جو ٻيو ايڊيشن 2003ع ۾ شايع ٿيو.
هن ڪتاب کي مولانا قاسمي صاحب ۽ جهانيان خاندان جي
فرد جناب ڪمتر نقويءَ سڌار سنوار ڪئي ۽ غير ضروري
مواد خارج ڪيو. پوءِ به شاهه لطيف جا بيت ۽ ٻيو
اعتقادي مواد موجود آهي. درويشن جو بيان تفصيل سان
آيو آهي ۽ ڪن شاعرن جو بيان به آندل آهي. اِهوئي
ڪتاب اسان جو بنيادي ماخذ آهي.
قطب علي شاهه جي ننڍپڻ جون ڪي ڳالهيون ڪتاب ۾
موجود آهن. ڪي واقعا ٿيا، جن جي اثر هيٺ عبادت
رياضت ۾ مصروف ٿيا ۽ ٿاڻي بولا خان ڏي وڃي غارن ۾
عبادت ڪيائون (28). پنهنجي والد فتح الدين شاهه
درياءِ رحمت جي عبادت ۽ رياضت جون ڳالهيون ٻڌي مٿن
گهڻو اثر ٿيو. عبادت ڏي ئي ڌيان هئن. پهرين بيبي
گذاري ويئي ته والد جي حڪم موجب ٻي شادي ڪيائون.
کين ست پٽ ٿيا. اُنهن مان پنج ننڍي هوندي فوت ٿيا.
يا لاولد رهيا. باقي ٻه روشن علي شاهه ۽ ثابت علي
شاهه اولاد وارا ٿيا (29). دروات ۽ ٻين جبلن ۾
عبادت ڪيائون ۽ لاهوت به ويا. ٻين هنڌن تي به ويا.
موج مستيءَ ۾ سندن هيءَ ڪافي تخليق ٿي جا اڄ به
گهڻي مقبول آهي:
لڳي لاهوتين کي لاڳ، جوڳي من ۾ مچ مچائن ٿا.
من ۾ مچ مچائن ٿا، جوڳي حق جو پنڌ پڇائن ٿا.
1- ناڀ
ڪنول کان نام اُٺائن، ڪنٺ ڪنول ۾ واڻي ٺاهن،
ڪري سخن مرشد جو ساڻ، سر ۾ سُرت پڇائن ٿا.
2- تن
تنوار عشاقن چاڙهيو، هڏ چم تنهن ۾ ٻارڻ ٻاريو،
چاڙهي رڱڻ دين دريا، اُن ۾ پاڻ رچائن ٿا.
3- دونهان
دل ۾ درس دکايون، ڪايا ڪاٺيون ڪري جلايون،
ٿين الک اندر اثبات، ٻاهر ٻاڦ نه چائن ٿا.
4- قطب
ڪوڙ دنيا جي بازي، تارڪ ٿيندا ڪي ڪي غازي،
ڪري ترڪ طمع کي تمام، اندر نام اُچائن ٿا.
قطب علي شاهه کي مجاز جي مهيز به آئي. هُو حقيقت
سان هڪ ٿي چڪو هو. عشق کي آگ ڄاڻي اُن جو بيان
هيئن ڪري ٿو:
واهه باهه برهه دي ڀڙڪي، دل ڄڀيان جهڙ جهڙ جهڙڪي.
اندر هُو هُو ٻاهر هُو هُو، هُو هُو هرجا ڪڙڪي.
قطب علي شاهه سائين جو ڪلام سنڌي ۽ سرائيڪي بيتن،
ڪافين سان گڏ ڪجهه هنديءَ ۾ به آهي. ڪافيون سُرن ۾
مرتب ٿيل آهن. هيٺيون ٻه ڪافيون سندس عشق جي باري
۾ خيالن کي کولي ظاهر ڪن ٿيون:
عشق ٻڌو احرام، عاشق گيت اناالحق ڳائن ٿا.
1- طالب
مرد مذڪر اصلي، پاڻ وڃائي پاتائون تسلي،
اهي سندن احڪام، هر دم چِت سان چائن ٿا.
2- وحدت
ونگ وجودي پائي، ويٺا محبت مچ مچائي،
وٺي مرشد جا احڪام، درسن دل سان پائن ٿا.
3- طالب
نوبت نينهن وڄائي، سر سوريءَ تي آيا سنڀائي،
اها پروڙيائون مام، پاڻ وڃائي پائن ٿا.
4- قطب
عشق اسرار الله جو آهي، جنهن جو سر آيو سوئي ٿو
ڳائي،
ڪري آيو ڌوم ڌام، نازڪ نينهڙو ڇپائن ٿا.
(سارنگ)
-
”هِي هُو، ٻئي ڇڏياسون، هڪ نام سان
ٿياسون،
1- ويهي وجود ۾ ڏس،پرتئون تون پاڻ کي پس،
آهي اصل اُتي ڏس، پئي پاڻ مان پياسون.
2- سڻي وحدت جا نعرا، وهندا سي ڪيئن ويچارا،
نيڻن وهائي نارا، پکي پرت جي پياسيون.
3- قطب ڏس اشارو، آهي نينهن ڏاڍو نيارو،
سڀني کان آهه پيارو، تنهن نينهن ۾ نياسون.
(جوڳ)
بيتن ۾ به دل جي ڳالهه پُر اثر انداز ۽ سهڻن لفظن
۾ چوي ٿو:
لٿو ڏولائو ڏيل تان، ٿي سڀڪا سُهائي،
ويئي اونداهي، ويڙهي مان وجود جي،
-
جي ڀانئين مقصود ملي، ته جيتي مَري جيءُ،
ويهي منجهه وجود جي، جام وحدت جي پيءُ،
قطب سجاڳ ٿيءُ، ته پسين ساڻ پساهه جي.
روشن علي شاهه (روشن):
هي شاعر، قطب علي شاهه جو وڏو فرزند هو. 1867ع ۾
ڄائو. هن جي تربيت، والد جي زير نظر ٿي. صوفيانه
مسلڪ جو علمبردار ۽ يگانگت ۽ بي تعصبيءَ جو تاجدار
هو. هو نهايت سادو ۽ سخي هو. روايت آهي ته هڪ ڀيري
ٽنڊي غلام حسين واري ميلي تي هڪ عورت مٿس عاشق ٿي
پيئي. پاڻ اُن کان پڇيائين ته توکي مون ۾ ڪهڙي
خوبي نظر آئي ته مائي ٺهه پهه چيو ته ”وار“ پاڻ
هڪدم حجام کان وار ڪوڙائي مائي کي ڏنائي. ههڙي
روايت لوڪ داستان ”مري ۽ مڱ ٿر“ ۾ به آهي. هيءَ
مصرع مشهور آهي ته مريءَ مڱ ٿر ماريو واڌو ڏسي وار
(30).
روشن علي شاهه 1932ع ۾ گذاريو ويو. سندس ڪلام جو
هڪ ايڊيشن گلشن روشن، هڪ مريد همٿ سنگهه سبحان
سنگهه، جڳتياڻيءَ 1940ع ۾ ڇپايو هو، جنهن ۾ بيت،
ڪافيون، سي حرفيون وغيره آهن. هڪ مناجات به اٿس.
سنڌي ۽ سرائيڪي ڪافيون نموني طور ڏجن ٿيون، جن ۾
حسن ۽ عشق جي حديث هيئن بيان ڪري ٿو:
ڏسي سهڻل جو سينگار، اکيون آري ۾ آيون آيون.
1- موءِ مسلسل ڪامل قهري، نسنگ نانگ زورراور زهري،
ونگيو وجهن سي وار، پيچ پرت جا پايون پايون.
2- عين عجيبن نينهن نظارا، چُڀيو چرا ڪن پنبڻيون
پارا.،
لنگهي پون ڌُو پار، جيءَ منجهان ڪري جايون
جايون.
3- روشن رهه تون حُب ۾ هردم، توسان هوت سدائين
همدم،
دُوئيءَ کي ڪرڌار، وريون وصال جون واديون وايون.
-
درس دلاسا دلبر ڪيتا، عشق والي ارشاد دا امداد دا.
1- مرشد سائين مهر جا ڪيتي، عزم ڏتس آماد دا آزاد
دا.
2- دلبر دي دروازي وچون، وهم مليا فولاد دا آباد
دا.
3- نينهن جڏان نرواري ڪيتي، نعرا ماريس ناد دا
اتحاد دا.
4- روشن راز مليا مرشد ڏنهون، درس دلاسا داد دا
دلشاد دا.
سنڌي ۽ سرائيڪيءَ کانسواءِ روشن علي شاهه جو ڪلام
هنديءَ ۾ به آهي. ڪلام جو هڪ دسختط نسخو درگاهه تي
موجود آهي.
سيد شمس الدين شاهه شمن:
هي شاعر به سيد قطب علي شاهه جو فرزند هو. 1879ع
۾ڄائو. والد جو مٿس گهڻو راض هو. 1920ع ۾ لاولد
گذاري ويو (31).
مختلف سُرن ۾ شمس الدين شاهه جو سنڌي ۽ سرائيڪي
ڪلام موجود آهي. سرائيڪي ڪافيءَ جو مثال هي آهي:
ڳالهه اها تون ڏس ميان رانجها، ڪهڙي اسان نون
لنئون جا لائي.
1- مست ڪري مئخاني محبت دي، چائتي دل کس ميان
رانجها.
2- وچ وحدت دي واٽ بنائي، کُهه کيڙياندا گس ميان
رانجها.
3- تون شاهه
هزاري دا چڪا ٿي آئين، چاڪ ڏتئي ڪيهي چس ميان
رانجها.
4- عشق دي راه وچ رانجهن سائين، ڪاهي شمن رس ميان
رانجها.
تلنگ ۾ موزون ٿيل هيءَ سنڌي ڪافي رندي ڪلام جو
بهترين مثال آهي:
پيا فڪر فنا جا ڊهي ڊهي، انهيءَ ذاتي واري ذوق ۾.
1- ذاتي اندر ذات سڻائي، صورت حق جي سيني سمائي،
راز انهي دل رهي رهي.
2- رنگيءَ رنگ عجب لايو، پرين پاڻ ۾ پنهنجو پسايو،
ڪير ڪتي هاڻي ڪهي ڪهي.
3- نفيءَ نفس نمايو ناري، آئي وصل جي يار جي واري،
ٺاهي پيا سڀ ٺهي ٺهي.
4- شمس شاهي طبل وڄايو، اڱڻ عجيب تنهن جي آيو،
نينهن نڀائڻ نيهي نيهي.
هن خاندان ۾ ٻيا به اهل دل شاعر ٿيا، جن ۾ غلام
شاهه (1840-1928ع)، هادي بخش شاهه مسڪين
(1880-1924ع) ۽ غلام عباس شاهه جا نالا اچن ٿا.
اُنهن جا بيت ۽ ڪافيون، سنڌي ۽ سرائيڪيءَ ۾ نهايت
بلند معيار تي موجود آهي. آخري وڏو شاعر مهدي شاهه
ٿيو ۽ قطب علي شاهه جا ٻه پڙپوٽا نجف علي شاهه
ڪمتر ۽ لطف علي شاهه منظور نقوي ٿيا. جيڪي ٻئي
اسڪالر ۽ شاعر هئا ۽ سُر سنگيت تي به سٺي گرفت
هين.
سيد مهدي شاهه:
هي درويش شاهپورجهانيان (مورو) سان تعلق رکي ٿو.
عيشق عشرت ۾ پليو، ڪنهن اهِل دل جي صحبت کيس
واديءَ حيرت جا وڻ ڏيکاريا. عبادتون ڪيائين، ڪنهن
کانئس پنج رپيا گهريا مهدي شاهه چئو پئسا ته ڪو نه
آهن، سر حاضر آهي. اُن شخص کيس چيو ته:”گهُڙي جي
اڳيان هل توکي خيرپور هلي نيلام ڪبو.“ اِن ڳالهه
مهدي شاهه تي گهڻو اثر ڪيو. راويت آهي ته اُن ڪري
ايترو ڊوڙندو هليو جو 14 ميل ڪري اچي خيرپور پهتو
۽ ميرن جي عام مختار اچي مهدي شاهه کي آزاد ڪرايو.
مَٽائي احب لکي ٿو:”گلابي جامون پهريل، ڇيريون پير
۾، ڏاڙهي صاف، وارن جي پويان وانگوڙو، واهه جي
صورت آهي! ٻڍاپڻ هوندي به ڏاڍي ڦڙتائي، اکين ۾
رونق ۽ گنڀير تائي عجب نموني جي، نياز جي مورت آهن
(33).“ مٽائي صاحب جي ڪتاب (ٿيسز) لکڻ وقت نوي
سالن جو هو. مهدي شاهه عشق جون مهميزون سٺيون.
ماڻهن جي ڏانهس گهڻي رجوعات ٿي(34). ڪافين جو
ممتاز شاعر ٿي اُڀريو. عشق محبت ۽ پند و نصيحت جا
مضمون مهدي شاهه جي ڪافين ۾ خاص طور نمايان آهن.
ڪافيون راڳ راڳڻين ۾ موزون ٿيل آهن. بنا تبصري ٻه
ڪافيون پيش ڪجن ٿيون: |