سيڪشن: ادب

ڪتاب: سنڌي ادب جي تاريخ (جلد- ٻيو)

باب:

صفحو:24 

ڪر موڙي صبح شامون سرديءَ جو پوش لاهن،

پاري ڀريون هوائون ماڻهن کان موڪلائن،

سرديءَ جا ساڙيل وڻ پهراڻ سائو پائن،

اولهه ڏکڻ جون هيرون وک اورتي وڌائن:

سرديءَ ۾ ٿوري گرمي قدرت کنيو ملائي،

اي دل چَري! اِها ڪا اصلي بهار ناهي.

ويران پَٽَ ۽ پوٺا سرسبز ٿي پون ٿا،

مٽيءَ جي چنڊ تهن مان گُل ڦُل ڦُٽي پون ٿا،

سُڪن وڻن کي ساوا کنڀ ڄڻ ڄمي پون ٿا،

القصه جهنگ جهر ۾ رونشا لڳي وڃن ٿا:

ليڪن اهو ته فطرت جو هڪ اُصول آهي،

اي دل چري! اِها ڪا اصلي بهار ناهي.

موسم جا گُلَ هميشه موسم تي ئي ڦٽن ٿا،

آلاڻ ماڪ جي کان هڪدم ٽڙي پون ٿا،

رنگ ۽ سڳند ۾ هڪ پنهنجو جهان رکن ٿا،

قدرت جي راز جي هڪ تصوير ٿي بيهن ٿا:

ڪاٺين ڪچين ۾ قدرت هي رنگ ٿي رچائي،

اي دل چري! اِها ڪا اصلي بهار ناهي.

جيت ۽ پکي پَرندا پَرَ ٽيڙيو اُڏامن،

ماحول جي مطابق سڀ مُندَ ٿا ملهائن،

سيءَ جي بچاءَ وارا آکيرڙا ڦِٽائن،

هرڪو ئي حال سارو ماحول ٿو مٽائي،

اي دل چري! اها ڪا اصلي بهار ناهي.

بيشڪ عجيب آهن فطرت جا هي نظارا،

هي آبشار گل ڦل سج چنڊ ۽ ستارا،

خاموش ليڪ زنده سنسان ليڪچ پيارا،

ذهن ۽ نظر تي حاوي دل لاءِ ڄڻ اُڌار:

رنگين نظام ڪجهه وقت لاءِ آهي،

اي دل چري! اها ڪا اصلي بهار ناهي.

بيشڪ وڻن ولين ۾ هڪ تازگي اچي ٿي،

بيشڪ گُلن ڦلن ۾ هڪ زندگي اچي ٿي،

بيشڪ فضا ۾ قدرت غيبي خوشي ڀري ٿي،

ليڪن ڪڏهن دلين کي محسوس ڀي ٿئي ٿي:

ڪيئن ٿا چئون اسان وٽ آئي بهار آهي،

اي دل چري! اِها ڪا اصلي بهار ناهي.

گويا هنن شين جو نالو بهار ناهي،

پکين جي لاتين جو نالو بهار ناهي،

هيرُن ۽ گرمين جو نالو بهار ناهي،

رنگين راتين جو نالو بهار ناهي:

هي ڪائنات جو هڪ مقرر نظام آهي،

اي دل چري! اها ڪا اصلي بهار ناهي.

دل جي جهان کي يارو هڪ دلبري ٿي گُهجي،

احساس جي جهان کي هڪ زندگي ٿي گُهرجي،

دنياءِ درد و غم کان آزادگي ٿي گهرجي،

دنيا کي خوش ڏسڻ لئه دل جي خوشي ٿي گهرجي:

هر لمحو زندگيءَ جو پوءِ خوشگوار آهي،

اي دل چري! اِهائي اصلي بهار آهي.

اهڙي بهار جيڪا دل جي ڪَلي کِلائي،

بي رنگ زندگيءَ کي رنگين ڇڏي بنائي،

دشتِ حيات تي ڄڻ دل مُشڪي ۽ مُسڪرائي:

فطرت جو ذرو ذرو هڪ نقش دل تي ٺاهي.

اي دل چري! اِهائي اصلي بهار آهي (34).

اهڙي بهار گل جي زندگيءَ ۾ ڊسمبر 1965ع ۾ اچڻ واري هئي، پر هو ٻه مهينا اڳ اسان کان جدا ٿي ويو.

سرور علي سرور (1909-1969ع):

سرور علي ولد حاجي نظر محمد سلاوٽ ڪراچيءَ ۾ ڄائو. گهڻو وقت حيدرآباد ۾ گذاريائين. اٽڪل اڍائي سال اڳ سرور جا وڏا جيسلمير کان لڏي ڪراچيءَ ۾ اچي رهيا. سندن اباڻو ڌنڌو پٿر تي اُڪر ڪرڻ هو. سرور بي، ايل، ايل ايل بي ڪئي، پر اباڻو ڌنڌو ڪندو رهيو. هن جو لاڙو شاعريءَ ڏانهنٿيو ته جلد ئي حيدرآباد ۾ بزم خليل ۾ سرگرم رهيو. سرور جا نثر ۾ ٻه ڪتاب : اعتراف (ڪهاڻيون) ۽ ڪارڻي (رسالي جي حوالي سان نبي ڪريم بابت) ڇپيل آهي. سرور جو اصل ميدان عمل شاري آهي. ٻئي ڪلام سان گڏ غزل جي زمين جي به آبياري ڪيائين. حسن و عشن سرور جي ڪلام ۾ بنيادي حيثيت رکي ٿو. هُو چوري ٿو:

حسن جي هر قسم جي ڳالهه ڪريو،

درد وارن سان غم جي ڳالهه ڪريو،

ڪجهه منجهيل آهي منزلن جو حساب،

عشق جي هر قدم جي ڳالهه ڪريو،

اَشڪِ شب مان ٺهي ٿو نورِ سحر،

فخ سان چشم نم جي ڳالهه ڪريو.

ختم ٿي مئڪشن جي بزم نشاط،

هاڻي دير و حرم جي ڳالهه ڪريو.

شمع روئي ٿي ۽ سڙي ٿو پتنگ،

ڪجهه ته انجامِ غم جي ڳالهه ڪريو،

روز سرور جو هر ستم ٿا ڳڻيو،

اڄ ته هن جي ڪرم جي ڳالهه ڪريو.

سرور وٽ به ڪن عروضي شاعرنواري قافيي جي تقاضا سبب ڪي قافيا ۽ رديف بس پورت ڪرڻ مثل آهن. هيٺيون غزل ”هڪ“ رديف تي آڌاريل آهي ۽ پورت وانگر ئي آهي:

خامشي تنهجي مجسم ناز هڪ،

سار بي آواز آهي راز هڪ.

-

سرورِ محزون ٿو ڳولهي اي جنون،

حلقهءَ اغيار ۽ دمساز هڪ.

نظم، گيت ۽ قومي ڪلام ۾ به سرور جون خدمتون نمايان آهن. مرزا قليچ بيگ جي تعريف ۾ چوي ٿو:

فطرت جو هڪڙو ساز هو مرزا قليچ بيگ،

طوطيءَ غم نواز هو مراز قليچ بيگ.

تارن ۾ آفتاب هو گلشن ۾ عندليب،

شهرت کان بي نياز هو مرزا قليچ بيگ.

خاموشين ۾ گم ته ڪڏهن شاعرِ زبان.

سنڌي ادب جو راز هو مرزا قليچ بيگ.

بيدار ٿيو پيارم وفا کي ٻڌي وطن،

آواز دل گداز هو مرزا قليچ بيگ.

پروانه وار حسن لطيفي تي هو فدا،

هڪ سجده نياز هو مرزا قليچ بيگ.

ويندو رهيو ادب ۾ جو هو صاحبِ ڪمال،

هڪ شاعر لطيف ۽ هڪ روحِ بي مثال.

اهڙيءَ طرح هي پخته ڪلام شاعر قومي نظم ۾ به ڪمال درجي تي پهتل هو. چوي ٿو:

وطن جا راز دان اڄ خود وطن جا پاسبان آهن،

خدا جي فضل سان اهلِ چمن سڀ باغبان آهن،

گلن جي تازگيءَ جا برپٽن ۾ پڻ نشان آهن،

بهارن کان گهڻي رنگين آ تصوير پاڪستان،

نئين انداز ۾ ٿي آهي اڄ تعمير پاڪستان.

-

اسان جي ملڪ جي تهذيب ۾ دل جو جمال آهي،

خو شيءَ جي زندگيءَ جو راز اُلفت جو ڪمال آهي،

نگاهِ مطمئن ۾ پاڪ سيرت جو جلال آهي،

حرم جي نور سان وابسته آ تنوير پاڪستان،

نئين انداز ۾ ٿي آهي اڄ تعمير پاڪستان.

غرض ته سرور علي سرور شعر جي سڀني صنفن ۾ هڪ بلند معيار شاعر هو. سنڌي شاعريءَ جي تاريخ ۾ سندس نالو نمايان رهندو.

رشيد احمد لاشاري(1922-1970ع):

سنڌي زبان ۾ گهڻو لکڻ وارن ۾ رشيد احمد لاشاري هڪ هو. نظم توڙي نثر ۾ هن جا گهڻا ڪتاب موجود آهن ۽ اُنهن ۾ اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيءَ جي شاگردن جي ضرورت پوري ڪرڻ وارا ڪتاب گهڻي ڀاڱي رشيد لاشاريءَ جا هئا.

رشيد جي والد جو نالو زرڪ خان هو. جيڪو بلوچستان ليويز ۾ پوليس جمعدار هو. رشيد ڳوٺ ملگزار تحصيل نصيرآباد ضلعي سبي (بلوچستان) ۾ ڄائو. رشيد لاشاريءَ جو والد به گهڻين زبانن جو شاعر هو. رشيد جنهن تي پهرين نالو ڌڻي بخش رکيائين سو به شاعر هفت زبان ٿيو. رشيد 1936ع ۾ سنڌي فائنل امتحان پاس ڪيو. عربي ۽ فارسي به پڙهيو. 1947ع ۾  پنجاب يونيورسٽيءَ مان اديب فاضل (اردو) امتحانپاس ڪيائين. مختلف اسڪولن ۾ ماستر ٿي رهيو. 1953ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان اديب عالم پاس ڪيائين. مختلف ادارن ۾ نوڪري  ڪيائين، جن ۾ ريڊيو پاڪستان، سنڌي ادبي بورڊ ۽ نئين زندگي اچي وڃن ٿا. پنهنجي مخصوص سوچ موجب ڪٿي به ٽِڪي نه سگهيو. آخر ۾ اٽڪل 63-64 ڌاري ريڊيو پاڪستان مان تڪرار سبب هليو ويو. ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۾ به رهيو. سنڌي لغت آفيس سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ به ڪم ڪيائين (53).

رشيد لاشاريءَ جيئڻ ڪارڻ وڏا وس ڪيا. ادارن ۽ شخصن سندس محنت ۽ معيار جو قدر نه ڪيو. هُو تمام تيز لکڻ وارو هو. نصاب جي پورت ڪرڻ لاءِ به وڏي جدوجهد ڪيائين. رشيد لاشاريءَ جي جاکوڙ جو ٻيو مثال ورلي ملي. نثر نظم ۾ سندس هيٺيان ڪتاب نشانبر آهن: ڪليات گدا، نل دمينتي، روح لطيف، معلم اردو، لطيف باغ جو سير، تاريخ اسلام، سچل جو رسالو، رسالي جي ڪن سُرن جو شرحون ۽ ٻيا ڪيترا نصابي ۽ ادبي ڪتاب لکيائين.

 رشيد لاشاري ريڊيو ۽ فلمن لاءِ گيت به لکيا. سندس ڪلام سنڌي رسالن ۾ موجود هو، جنهن کي سندس فرزند مختيار لاشاري چئن خوبصورت ۽ ديده زيب جلدن ۾ شايع ڪيو آهي. اُنهن جو تفصيل هي آهي:

1-      رياض رشيد، (اردو، بلوچ، پشتو ۽ فارسي ڪلام) 1991ع.

2-     سنڌدي سوغات (سرائيڪي ڪلام)، 1992ع.

3-     ڪلام رشيد (سنڌي ڪلام) 1998ع.

4-     لُڙڪ ۽ مُرڪ (سنڌي ڪلام)، 2000ع.

چوٿون نمبر ڪتاب 1988 صفحن تي مشتمل آهي. هن ۾ منظومات جا ڪيئي قسم آهن، جن ۾ حمد، نعت، منقبت کان وٺي غزل، نظم، گيت، رباعيون، قطعا ۽ بيت، مورا، نڙ بيت، وايون، ڪافيون، ڇلا ۽ منظوم قصا، منظوم افسانا ۽ منظوم ڊراما آندل آهن. ڪلام رشيد ۾ ديوان ۽ 52 اکري مسدس جا بند آهن. آخر ۾ رشيد لاشاريءَ جي والد زرڪ خان لاشاريءَ جو احوال ۽ چونڊ ڪلام آهي.

رشيد جو ٻين ٻولين ۾ ڪلام به بلند معيار جو آهي. اردو ۽ سرائيڪيءَ جي هنن ٻن مثالن مان اِهو واضح ٿئي ٿو:

انسان ئي ڍونڍ لي رههِ آسمان جي ان.

ڦِر ڀي وه ڪون شخص هي جو شادمان هي ادب.

جِي چاهتا هي ڦُونڪ ڪر، دک دون جهانِ ظلم،

دل ۾ مِري نه طاقتِ ضبط فغان هي اَب.

-

ڳالهه سچي هي سچل دي او آپ ڏکاوڻ آيا هي،

1- مخفي ڪون اظهار بڻا ڪي، رمز رچاوڻ آيا هي.

2- سڪ دي سُڪوت ڪُون ساز بڻا ڪي، شور مچاوڻ آيا هي.

3- اَپڻي صورت خوب سجا ڪي، حُسن هُلاوڻ آيا هي.

4- رمزان نال رشيد نون جڳ وچ، ناچ نچاوڻ آيا هي.

رشيد لاشاري هڪ گهڻ پاسي شخصيت هجڻ ۽ هڪ گهڻ طرفي شعري مطالعي ڪري سُخن فهمي ۽ سخن شناسيءَ جي پد تي پهتو. سندس گهڻي ڪلام جو سبب سندس گهڻو مطالعو هو جو هُن سنڌي، اردو ۽ فارسيءَ سان گڏ ٻين زبانن جي شاعرن جو ڪيو. رشيد غزل ۾ به اعليٰ معيار ۽ جذبن جي پالوٽ قائم رکي آهي. نظم ۾ موضوعن جي وسعت موجود آهي. ايتري قدر جو انهن جو احاطو ڪرڻ ۽ مثال چونڊڻ مشڪل آهي. سچل سرمست جي عقيدت منديءَ ۾ چوي ٿو:

ڏسن ٿا اڄ فلڪ وارا، سچل سائينءَ جي تربت کي،

چُمن ٿا چنڊ ۽ تارا، سچل سائينءَ جي تربت کي.

-

اکين جي آب سان اڄ عطر باري جي ڪريون بارش،

ڏيون ڀيٽا جگر پارا، سچل سائين جي تربت کي.

نظم ۾ رشيد وٽ مسمط جا سڀ قسم موجود آهن ۽ نهايت آسانيءَ سان شعر جي هر قالب ۾ جان پيدا ڪري ٿو. چوي ٿو:

پنهنجي پنهنجي پيار جا سڀڪو گيت ازل کان ڳائي ٿو،

پنهنجي پنهنجي عشق جون ٻوليون سڀڪو جڳ کي ٻُڌائي ٿو.

پنهنجي پنهنجي سوز مطابق سڀڪو آگ اُجهائي ٿو،

سوَ سوَ شمعون روشن پر آزاد رهن ٿا پروانا،

سي دنيا سان ڇو چاهه رکن جي عشق جا آهن ديوانا.

غزل رشيد وٽ ڪلاسيڪيت جي مڪمل لوازمن سان موجود آهي، هُو روايت جو پورو پورو پابند رهيو. سندس ئي دور ۾ جديد شاعري ۽ ترقي پسنديءَ جي لهر آئي، اُن کان پنهنجي دوستن سميت پري رهيو. بلڪه مخالفت ڪيائين ۽ ذاتي حيثيت ۾ به اڪيلو ٿي پيو. بهرحال هُو پنهنجي سوچ موجب هليو. ڪلام رشيد ۾ حمديه ۽ نعتيه ڪلام سان گڏ اڪثر غزلن تي به عنوان موجود آهي. دنيا جي مقابلي ۾ عقبيٰ جي تعريف ڪري ٿو:

بگڙيل جهان جي سڌريل تصوير آهه عُقبيٰ،

ظلمات آهي دنيا، تنوير آهه، عُقبيٰ.

غزل جي موضوع رومانويت سان وابسته آهي. حسن و عشق، رازو نياز، شڪوه و شڪايت، آه و فغان ۽ وصل و هجر غزل ۾ آهنئي آهن. رشيد لاشاريءَ به هنن لوزامن جي مڪمل پابندي ڪئي آهي:

ناراض آهه مون تي ٿيو يار بي سبب،

دنيا سڏي ٿي مون کي گنهگار بي سبب،

ڇو رشڪِ گل جي وصل تي قلب رقيب ۾،

هر وقت ٿو حمد جو چڀي خار بي سبب.

دل ۾ محشر هو هڪ بپا ڪلهه رات،

هو جدا مون کان دلربا ڪلهه رات.

-

نالئه دل ڪيا هزارين پنڌ،

پر نه تو موڪلي دوا ڪلهه رات.

عاشق، محبوب ۽ رقيب جي وچ تي بيٺو آهي، پر شڪايت اٿس ته رقيب وچ ۾ ٿو ويڇا وجهي:

اغيار کي ڇڏي ڪجي دلربا ڏي ڪُوچ،

لطف و ڪرم جي شاهه ۽ باب السخا ڏي ڪُوچ،

پنهنجن گهرن ۾ شاد رهو صاحب وصال،

مان ٿو ڪيان فراق جي مهمانسرا ڏي ڪُوچ.

اي مرغ دل جسم جي زندان ۾ ڪين رهُه،

ڪر جلد فرشِ خاڪ مان عرشِ عُليٰ ڏي ڪُوچ.

بيقرار دل شڪوو ڪري ٿي:

اڄ ڀي وري ٿي آهه گهڻو بيقرار دل،

سيني مان شل لنگهي نه وڃي آرپار دل،

پروانو بنجي عشق ۾ ويندي سڙي ضرور،

روزِ ازل کان حُسن تي آهي نثار دل،

آهن سوين حَسين ڪمي ڪانهي حسن جي،

ڪهڙي حَسين لاءِ ٿئي جڳ ۾ خوار دل؟

آهُو نه ڪر شڪار اي چشمِ غزال يار،

آهي ازل جي روز کان تنهنجو شڪار دل.

-

ذڪر بتان کي ورد بنايم بُرو ڪيم،

ياد خدا سان دل نه لڳايم بُرو ڪيم.

اهڙيءَ طرح رشيد لاشاريءَ شعر جي دنيا ۾ پاڻ کي هڪ گوناگون مضمونن بيان ڪرڻ سان هڪ وسيع شعري دنيا ۾ پاڻ مڃايو آهي. بيشڪ سندس نثر توڙي نظم ۾ خدمتون تسليم ٿي چڪيون آهن (36).

سرشار عُقيلي (1907-1971ع):

حاجي الله بخش ولد حاجي محمد صديق عُقيليءَ جو اصل وطن ٺٽو هو. هُو ڪراچيءَ ۾ ڄائو. سندن خاندان جو نسلي سلسلو حضرت عقيل بن ابوطالب سان ملي ٿو. سندس والد ڪراچيءَ ۾ روينيو کاتي ۾ ڪلرڪ هو. الله بخش تعليم جي ابتدا سنڌ مدرسي ڪراچيءَ مان ڪئي. ديني تعليم حاصل ڪيائين. 1923ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪيائين ۽ 1927ع ۾ بي. اي آنرس ڪيائين. آڪٽوبر 1928ع کان روينيو کاتي ۾ نوڪريءَ جي شروعات ڪيائين. 1933ع ۾ مختيارڪار ۽ 1942ع ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر ۽ 1958ع ۾ ڪليڪٽر (ڊپٽي ڪمشنر) ٿيو. لئنڊ رڪارڊ آفيس جو ڊائريڪٽر به رهيو.

کيس علمي ذوق جوانيءَ کان هو ۽ شعر چيائين. بزم طالب الموليٰ ۾ مخدوم صاحب جي رهنمائيءَ ۾ ڪافي ڏانهن لاڙو ٿيس ۽ سنڌيت جو پرچار ٿيو. علم عروض جي قاعدن تي نئين سر نظر وجهي هڪ نظام تربيت ڏيڻ جي ڪوشش ڪيائين. اصل ارڪان کي سنڌي نالا ڏنائين، جيئن گل گل چمني ۽ بهار وغيره. اُن ڏي شاعرن ڌيان ته نه ڏنو، پر مٿس ناشائسته الفاظ ۾ ٽوڪون ڪيون ويون. سرشار صاحب نوڪريءَ دوران جتي به ويندو هو، اُتي نئين ۾ نئين لکڻ واري کان سندس حيات ۽ ڪلام جي معلومات وٺي هڪ رجسٽر ۾ درج ڪندو ويندو هو. 1956ع ۾ بدين آيو ۽ اسان کان اهڙي معلومات ورتائين. اُهو رجسٽر هڪ قلمي ادبي تاريخ طور موجود آهي. نهايت مشفق ۽ مهربان انسان هو. مخدوم طالب الموليٰ سان عقيدت ٿيس ته ادبي ۽ راڳ جي محفلن ۾ نچندو هو. اُن زماني 56-1957ع ۾ سندس هيءَ ڪافي مشهور ٿي:

ٿل:        منهنجي محب جو ناهي ڪو مٽ ڙي اديون،

   توڙي آءٌ چري چرٻٽ ڙي اديون.

نالي واري مصرع هئي:

   نينهن نشي سرشار نچايم،

   پير نه آهيم پٽ ڙي اديون.

سرشار صاحب مختلف ادبي ۽ ثقافتي ادارن جو ميمبر به رهيو. سندس سنڌ جي تاريخ، ثقافت ۽ ادب تي بيشمار مضمون ۽ مقالا نئين زندگيءَ ۽ ٻين رسالن ۾ ڇپيل آهن. سندس ڪتاب ادب، راڳ، تصوف ۽ ٻين موضوعن تي قلمي صورت ۾ موجود آهي. ههڙي اديب ۽ شاعر جي کانئس پوءِ ڪابه پوائواري نه ٿي.

سرشار نظم ۽ غزل جو باڪمال شاعر هو. قومي نظمن ۾ به اعليٰ معيار جو شاعر هو. نوجوانيءَ جي وصف بابت چوي ٿو:

مان پير ڪهنه ساله سندم يار نوجوان،

يعني مون ڪهنه مشق جا اشعار نوجوان.

ڪريان ٿو قومي شاعري رنگ جديد ۾،

اسلوب قوم پرور و  اظهار نوجوان.

اسرار دلبران باشرات، ديگران،

ڪُهنه فسانه عشق و طلبگار نوجوان.

حُسن ڪلام پاڻ ٿيو سرمايه شباب،

جنهن جي جواني شوخ ۽ رفتار نوجوان.

گذري ويو شباب مگر ڀانئجي ٿو اڄ،

حُبِ وطن جي باده سان سرشار نوجوان.

سرشار صاحب جي موزونيت طبع جو هڪڙو بهترين مثال سندس هي مسجع نعت شريف آهي، جنهن ۾ ڄڻ سنگيت جا سُرَ موجود آهن:

عربي نبي، سڀ سونهن جي، جا سروري توکي سري،

رخ تابشي، خدمه وشي، ڇا دلڪشي، ڇا دلبري.

تون مصطفيٰ، نوالهديٰ، ڪشف الدجيٰ، ڪهف الوريٰ،

تنهنجي سبب، آهي عرب، اعليٰ لقب، اعليٰ نسب،

۽ يا نبي، توتي اچي، پڻ ختم ٿي، پيغمبري.

-

اُٿ جوڙ رٿ، سامان سٿ، ڪرڪا ته ڪٿ،ا يندو نه هٿ،

پويون پهر، اي بي خبر، ٽاڻون اگر، ويندو ٽري،

هڪ جام پُر سرشار گُهر، آڌي اَسر، در تان نه چُر،

مير عرب، وٽ روزو شب، شغل عجب، ساقي گري.

سرشَار صاحب اُستاد شاعر هو. شعر جي باريڪين کي سمجهندو هو. سندس شاگردن ۾ ولي سرشاري، ساجد سرشاري ۽ ثاقب سرشاري اچي وڃن ٿا. محفل احباب ڪراچي ۾ سندس خدمتون اهم آهن. غزل ۾ عشقيه جذبات جوا ظهار ڪندي چوي ٿو:

دل بيتاب گستاخي نه ڪر يار جي ويجهو،

لُڏَن جت نانگ ڪاريهر پيا رخسار جي ويجهو.

ڪشتي ڪا حسن جي آهي، جهُڪي ٿي خودبخود گردن،

چُمان ٿوپير قاتل جا وڃي تلوار جي ويجهو.

اشارن ۾ ٿيا جي قول سي سمجهان ته ڇا سمجهان،

نڪي اقرار جي ويجهو نڪي انڪار جي ويجهو.

-

نه محفل آهي سا محفل نه جنهن ۾ يار هجي،

مگر هجي ائين جو هڪمنار هجي.

-

بهار منهنجي اي سرشار دل بهار جي هٿ،

ٿيو ڇا باغ جهان ۾ کڻي بهار هجي.

ليکراج ڪشنچند عزيز (1897-1971ع):

ليکراج ڪشنچند عزيز، مير چنداڻي آڪهه مان هو. حيدرآباد جي زميندار طبقي سان واسطو هوس. حيدرآباد ۾ ئي ڄائو. سندس ابتدائي تعليم حيدرآباد ۾ ٿي. ننڍي هوندي پنهنجي پاڙي جي ويجهو رهندڙ سيد فاضل شاهه ۽ ٻين شاعرن جي محفلن ۾ شريڪ ٿيندو هو. عزيز حيدرآباد مان مئٽرڪ پاس ڪئي ۽ ايليفنسٽن ڪاليج بمبئيءَ ۾ بي. اي لاءِ داخل ٿيو. عشق جي معاملي ۾ ناڪام ٿيو ۽ تعليم اڌ ۾ ڇڏي واپس وريو. سڄي عمر شادي نه ڪيائين. هو شاعريءَ جو ٿي رهجي ويو. هڪ مشاعري ۾ نوخيز عزيز شريڪ ٿيو ته مرزا قليچ بيگ کيس داد ڏنو ۽ سندس وڏو شاعر ٿيڻ جو اڳ ڪٿي ڪيائين. طرحي شعر هو:

نه نڪتو دل مان اڄ تائين وڏو ٿي شرمگين نڪتو،

تنهنجو ارمان ڀي پرده نشين، پرده نشين نڪتو.

ملڪ جي تقسيم کانپوءِ ڀارت هليو. اُتي به مشق سخن جاري رکيائين. هتي ڪليات عزيز (1938ع) جي اشاعت کانپوءِ سندس ٻيا مجموعا ڀارت ۾ شايع ٿيا. ڪليات تي ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل سخت تنقيد ڪئي. عزيز جي ڪتابن ۾ مضمونن جو مجموعو ادبي آئينو اهم رهيو. سنڌي نصاب ۾ به رهندو آيو. اُن جا ڪافي ڇاپا نڪتا. عزيز جي شعر جا ٻيا مجموعا هي آهن: مصر جي راڻي (مثنوي)، صراحي، آبشار ۽ پيغام عزيز. اُن کانسواءِ ڀارت جي شاعرن جي ڪلام جو جائزو پنهنجي تاليف گل و خار ۾ ورتائين.

عزيز عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم ورتي. سنڌي روايتي عروضي شاعرن جي صحبت جو اثر به مٿس هو. اردوءَ جي شاعريءَ جو اڀياس هو. غالب ۽ ٻين جو اثر عزيز جي ڪلام ۾ نمايان آهي. ڪٿي ڪٿي اُها تلقيد سرقي جي حد تائين وٽس موجود آهي. مثال:

غالب: يه ڪهان ڪي دوستي هي ڪي بني هين دوست ناصح،

        ڪوئي چاره ساز هوتا ڪوئي غم گُسار هوتا.

غزيز:   شب هجر يار نايو نه عزيز موت آيو،

        ڪو ته چاره ساز ٿي ها ڪو ته غمگسار ٿي ها.

عزيز پنهنجي دور جي هندو شاعرن ۾ اڪيلو ئي آهي، جنهن مُروج شاعريءَ جي مڙني لوازمن اُصولن، علم بديع ۽ زبان کي مڪمل طور اختيار ڪيو. اُن جو سبب سنڌي مشڪل پسند شاعرن توڙي فارسي ۽ اردو شاعرن جي تقليد هئي. تشبيهه ۽ استعاري کان وٺي هيءَ تقليد هلي. مثال طور تشبيهه جو هي انداز ته زلفن ۾ پنهان چهرو ڪيئن ڏسجي:

حائل ڏسي هي زلف رخ رشڪِ ماه ۾،

زنجير پئجي ويا منهنجي پاءِ نگاه ۾.

استعارو ڪم آڻيندي عاشق جي ويران دل کي اغيار جي ويران گهٽي سڏي ٿو:

اغيار جي ڪُوچي ۾ رک لاش نه تون منهنجو،

ظالم ڇو بنائين ٿو ويراني تي ويرانو.

ائين عزيز پنهنجي فارسي آميز غزلن ۾ نشانبر شاعر آهي. هُو چوي ٿو:

شمعون ٿيون بيزبان ڪهڙي سبب،

چُپ ٿيا اهلِ دهان ڪهڙي سبب،

آتشِ گل جلايو بلبل کي،

سبز ٿيو گلستان ڪهڙي سبب،

خاڪ ۾ جي ملائڻو ئي هُيَئِي،

پوءِ چيئه ڪُن فڪان ڪهڙي سبب.

ڪنهن هي شب خون سحر تي آهه ڪيو،

سرخ ٿيو آسمان ڪهڙي سبب.

هُو نشانو بڻائي مون کي عزيز،

ٿو ڪري بي نشان ڪهڙي سبب.

يڪ وجود ۽ بي تعصبيءَ جو اظهار ڪندي چوي ٿو:

وڃي زُنار جي ڌاڳي ۾ پوچي دانه تسيح،

خدا يا يڪ وجوديءَ جو ڪو منهن اهڙو هويدا ڪر.

عزيز وپٽ حر مان نصيبيءَ جو بيان ڪرڻلاءِ شاعريءَ جا ڪيئن رنگ موجود آهن. هُو چوي ٿو:

صحرا ۾ گهر بنايم صحن چمن جي عيوض،

ڪنڊن سان دل لڳايم اڄ نسترن جي عيوض.

ٿو لاش ڀٽڪي در در منهنجو وطن جي عيوض،

ٿي خاڪ ڪوءِ جانان چادر ڪفن جي عيوض،

ڪنڊن ۾ آهيان پيو هڪ گلبدن جي عيوض،

مليوم داغ دل تي سير چمن جي عيوض.

محبوب جي جلوي ۽ پنهنجي دکي دل جي ڀيٽ ڪندي جذبات ظاهر ڪري ٿو:

برقِ جمال يار جو اکڙين ۾ نُور آهه،

سيني ۾ منهنجي قلب بجا ڪوهِ طور آهه.

-

اکڙين کان جو وهي ٿو مي شوق هجر ۾،

ثاب ٿيو ته شيشهءِ دل چُور چُور آهه،

عزيز جي ڪليات ۾ مثنويون، رباعيون، نظم ۽ قصيدا به شامل آهن. رباعيات ۾ چوي ٿو:

هڪ ڏينهن بُڌون پيا ته قيامت ايندي،

عملن جي عدالت ئي ته قسمت ٿيندي،

قسمت ٿا چون ڪم ٿي ڪرائي جڳ ۾،

قسمت کان ٿيا ڪم ڇو عدالت ٿيندي.

-

آخر هي سڄو جهان فنا آهي، دل،

هر ڪاخ ٿيو خاڪ بجا آهي، دل،

هستيءَ تي ڪرين ناز ڇو تون ايڏو ٿي،

اقبال جو قلب لابقا آهي، دل.

عزيز جي مثنوي بهار مان اقتباس:

مند سرديءَ جي وئي آئي بهار،

بدلي رُت آيو ڦڳڻ ڦوليا چنار،

خشڪ برگن کان ٿيا ميدان صاف،

آهه وڻ وڻ جو لٿو جهونو غلاف.

گونچڙا هاڻي پيا هرجا ڦٽن.

شاخ جي آغوش ۾ پلجيو وڌن،

حسن نوخيزيءَ تي تنهن کي ناز آهه،

سبزي جو ڀي سبزه آغاز آهه.

هر ڪنهين پن ۾ اچي ويو رنگ آهه،

غُنچو پيراهن ۾ ٿي پيو تنگ آهه.

ظاهر آهن ٿيا حسينانِ چمن،

سيمتن آهن ٿيا ڪي، ڪي گلبدن،

سبز پوشاڪيءَ تي سڀ مستان ٿيا،

پنهنجي پنهنجي حسن تي نازان ٿيا.

باغ ۾ آيو ٽلڻ هر گلبدن،

ويو لڳي آهي چمن ۾ ٻيو چمن.

علي محمد خالدي (1925-1972ع):

علي محمد ولد نهال خان لاشاري، خالدي تخلص ڪندو هو. خالديءَ جو تعلق سنڌ جي قديم راڄ ڌاني ننگر ٺٽي سان هو. هُو هڪ غريب هاريءَ جو پٽ هو. بي. اي، ايل. ايل. بي ڪيائين. سرڪاري نوڪري به ڪيائين. ٺٽي ۾ وڪيل رهيو. زندگيءَ جو آخري دور حيدرآباد ۾ گذاريائين. وڪالت ڪندو رهيو ۽ ايم . اي سنڌيءَ لاءِ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ورتائين. اُهي ٻه سال (1962-1964ع)، هُن يونيوسٽيءَ جي اُستادن تي پنهنجو شعر و سخن جو ڌاڪو وهارڻ گهريو ۽ خاص طور مون کي هُن طرح طرح نشانو بنائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ مون اُن مان به ڪجهه پرايو. تڏهن سندس شاعريءَ جو بيان ڪري رهيو آهيان. اِهو خالديءَ جو حق آهي. 1942ع کان شاعري شروع ڪيائين. کيس ٺٽي جي شاعرن جو گهڻو ڪلام ياد هو. غزل ۽ نظم لکيائين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25

 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org