رات ڀوپيءَ وار ڇوڙيا،
چوطرف اونده جا گهوڙا ڊوڙيا،
سنسني ويئي سڀن ۾ ڇانئجي،
ڀانءِ ڪا آفت اچي آهي ٽُٽي.
خوف کان پوريون اکيون پيرو جوان،
منهن لڪائڻ لئه وڌئون چادر مٿان.
(رات ۽ صبح)
نظم ”بهار“ جي ابتدا هيئن ڪري ٿو:
صدقي تنهنجي رپ تان ڦاڳڻ جي نوء ورني ڪنوار،
ڪهڙو موهيندڙ نه آهي حُسن تنهنجو جلوه بار.
هِير ۾ هُٻڪار آئي ٿي مٽي پڻ مشڪبار،
ڄڻ دوڪان عطار جو آهي بڻي پيو لاله زار.
غزل ۾ وفا جفا، هجر و صال جو قصو:
يار ڇاکون بيوفائي ٿو ڪرين،
بي سبب مون کان جدائي ٿو ڪرين،
ڇو وٺي خلوت ۾ آئين وصل رات،
جو وڇڻ جي هاڻ وائي ٿو ڪرين.
گُل ڪري خادم جي اندر جي بتي،
ڪنهن جي دل ۾ روشنائي ٿو ڪرين.
جلوو ڏيکارڻ بدران منهن لڪائڻ تي شڪايتن جو دفتر
کُلي ٿو پوي:
مون کي ماري ٿا ڇڏن مُنهن کي لڪائڻ وارا،
ڪير پردي ۾ ٿيا جادو هلائڻ وارا.
مون نه ٿي سمجهو ته تون هوندين ڪو وڄ جو ٽڪرو،
صبر جي کيت ۾ اي آگ لڳائڻ وارا.
آهه جي سُئيءَ ۾ اَشڪن جي سنهي تَند ڌري،
چاڪ محشر جو اسين آهيون سبائڻ وارا.
سر وڃي ساهه وڃي ٻاڦ نه نڪري ٻاهر.
نينهن نهائينءَ کان نه گهٽ آهيون نڀائڻ وارا.
عشق جي دولت وڏي دولت آهي، شاعر چوي ٿو:
دولت عطا ٿي عشق جي پروردگار کان،
گهٽ ناهيون پاڻ پڻ ڪنهن سرمايه دار کان.
آرزوئن جي موت جو مرثيو پڙهي ٿو:
اُف زندگيءَ جي راه ۾ هيئن آرزوئن جو موت،
وک وک تي ٿو گذر ٿي مزار ئي مزار کان.
رباعيون ته سدارنگاڻيءَ جو خاص ميدانِ عمل هو. اُن
جا موضوع به وسيع آهن. خدا سان بحٿ دليل هڪ طرفو
ئي صحيح پر عمر خيام کان وٺي سڀني جاري رکيو:
جنت مان اُڇلاءِ ڀلي جي چاهين،
دوزخ ۾ وڏي جاءِ ڀلي جي چاهين.
دم پڻ دلدار پاڻ کان ڌار نه ڪر،
سارو جڳ ڀٽڪاءِ ڀلي جي چاهين.
سدا رنگاڻيءَ جون موضوع موجب رنگا رنگ رباعيون
حڪمت ۽ علم جو بهترين نمونو پيش ڪن ٿيون. اِها
وسعت شاعر جي دل جون سڀ ڳالهيون ظاهر ڪري ٿي:
ڪي ڪن جي غيبت کان مون ڏي ٿي وريا،
منهنجي پنهنجن خلاف ڪِن ڪَن ٿي ڀريا،
شڪرانا مالڪ جا آئي پيري،
ٻوڙاڻ سبب منهنجا ڪجهه پاپ ٽريا.
-
مجنونءَ کي چيو ڪنهن ته ”ادا! ليليٰ لا،
ڪو نياپو نڙو ڏيڻو هجيئي ته ٻڌاءِ.“
چيئين: ”نه وٺج هن جي اڳيان منهنجو نانءُ،
ڪير آهيان ٿيندو مان جانب جنهن جاءِ.
اي صوفي! جام ڏسي مي جي جهلڪ،
سمجهين ٿو کُليو توتي سڄو راز فلڪ،
پر نيٺ به تنگ حوصلو ايڏو ڇو،
عاشق نه رهن بنا پيڻ پاءُ پلڪ.
-
هرڪو ٿو ڏسي ماضي ۽ آئيندو.
سوچي ٿو ڇا ڇا ٿيو ڇا ڇا ٿيندو،
آئيندي جي اُميد کوهي ايئن حال،
جيوت جو دم دم وڃي ٻُوساٽيندو.
-
بادل کي ڏسي باغ ۾ روئندو رڙندو،
مون هن کان پڇيو آهه لڏي ڪوئي ويو،
چوگرد نظر ڦيري چيائين ڏک سان،
اُف گُلَ جي عمر، دم ٽٽڻ بلبل جو.
-
اي چنڊ اُها آهين لڄاري نينگر،
جا پهرين لڪي ليئو پائي ٻاهر،
ڏينهون پوءِ ڇڏي حجاب کولي جوڀن،
مشتاق جي اک موهي ڪري دل مضطر.
-
اڄ کان ئي پيڻ منجهه بسڪر ڪر، خادم!
سجدي لئه مئخاني جو در ڪر، خادم!
مستيءَ ۾ اچي گُهر پيو ”ساغر“، ساقي،
نشي ۾ جهان مان گذر ڪر، خادم!
سنڌي رباعين جو هي بهترين شاعر ۽ نهٺو انسان 1987ع
ڌاري هڪ ڀيرو سنڌ آيو ۽ پوءِ جهان مان گذري ڪري
ويو. ويا سي وينجهار هيرو لعل ونڌين جي!
مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ (1919-1993ع):
مخدوم نوح سرور، مخدوم امين محمد پکن ڌڻي ۽ لاکي
لطف الله جي حيات و ڪلام جو ذڪر ٿي آيو آهي. هن
خاندان ۾ ٻيا به شاعر ٿي گذريا آهن. هن خاندان جون
علمي، ادبي، سماجي، ثقافتي ۽ ديني خدمتون گذريل
چند صدين کان جاري آهن. مخدوم صاحب طالب الموليٰ
جن جا والد مخدوم غلام محمد عرف گل سائين به شاعر
هئا. سندن چاچي مخدوم غلام حيدر صاحب جن جون
سماجي، تعليمي ۽ ديني خدمتون عالم آشڪار آهن.
مخدوم محمد زمان صاحب هالا ۾ ڄاوا، ابتدائي تعليم،
قرآن شريف آخوند ولي محمد کان حاصل ڪيائون. سنڌيءَ
جي تعليم مولوي عبدالحي ۽ مولوي محمد عالم کان
انگريزي جناب غلام رضا ڀُٽي کان حاصل ڪيائون. اُن
کانپوءِ علم ادب ۽ زبانون پنهنجي ذاتي شوق سان
پڙهيا. نهايت تيز فهم هئا، اُن ڪري پنهنجي علمي
استعداد جيئن پوءِ تيئن وڌائيندا ويا. علمي ادبي
معاملن ۾ اڳرا رهيا. والد محترم جن جي وصال کان
پوءِ 25 سالن جي عمر ۾ نوح سرور جي گاديءَ تي ويٺا
۽ اِهو وڏو بار به خوش اسلوبيءَ سان نباهيندا
رهيا. مخدوم طالب الموليٰ هڪ منفرد شخصيت جا مالڪ
هئا. اُٿڻ ويهڻ، مجلس ۽ انداز گفتگو بي مثال. سنڌ
۾ سندن ادبي قد نهايت بلند، شخصيت پروقار،
خوبصورت، خوب سيرت باڪمال جيڪو هڪ ڀيرو مليو سو
سندن گرويدو ٿي ويندو هو. مخدوم صاحب جون ڳالهيون
لفظن ۾ بيان ٿي نه سگهنديون. ٻه شاديون ڪيائون.
مخدوم امين فهيم صاحب ۽ سندن جا فرزند به اهلِ
علم، باادب ۽ بي مثال. هالن ي خدا جي رحمت آهي،
جنهن هن شهر تي هن ايراضيءَ تي محبت جو مينهن
وسايو.
اديبن ۽ ادبي انجمنن جي سرپرستي ڪيائون، رسالن ۾
خاص طور فردوس، روح ادب ۽ شاعر جا سرپرست رهيا.
بزم طالب الموليٰ جي سايي هيٺ يادگار مجلسون ۽
مشاعرا ٿيا. 1955ع کان وٺي ياد ڪجي ٿو ته رنگ رچي
ويا. سنڌي ادبي بورڊ جا چيئرمين ٻه ڀيرا ٿيا.
مخدوم طالب الموليٰ جن جا ڪافيا شعر ۽ نثر جا ڪتاب
شايع ٿي چڪا آهن، جن ۾ بهار طالب، رباعيات طالب،
خودشناسي، شيطان، اسلامي تصوف، امام غزاليءَ جا
خط، ڪافي، ڇپر ۾ ڇڙيون، دايوان طالب الموليٰ ۽
مثنوي عقل و عشق اچي وڃن ٿا (48). مخدوم طالب
الموليٰ جن جو غزل، رباعي ۽ بين صنفن سان لڳاپو
رهيو. پراڻي سنڌي شاعريءَ بيت ۽ ڪافيءَ جا به
قادرالڪلام شاعر هئا. ڇپر ۾ ڇڙيون سندن ڪافين جي
ساک لاءِ ڪافي آهي. ڪي ڪافيون گهڻو مقبول ٿيون.
انهن ۾ هيٺين ڪافين کي گهڻي مقبوليت ملي. ڇو جو
شاعر خود انهن کي بنيادي طور موسيقيءَ جي قالب ۾
موزون ڪيو هو:
1- سهڻل جا سينگار، دل کي وڻن ٿا.
2- تو دلڙي يار ڌتاري، پوءِ ير! ڪانه ڪَيئي
پوئواري.
3- تون ڇاهئين ڇا مان ڇا ٿي وئين.
جڏهن تنهنجو ٿيس ته جدا ٿي وئين.
مخدوم طالب الموليٰ ڪافيءَ وانگر غزل جو به بلند
پايه شاعر آهي. ديوان طالب الموليٰ سندن غزل
گوئيءَ جو هڪ دستاويز آهي. طالب الموليٰ وٽ معنوي
۽ لفظي صنعتون پنهنجي مڪمل سينگار سان موجود آهن.
صنعت ترد و عڪس ۾ هيٺئين غزل کي سينگاريو ويو آهي.
هن صنعت جي خاص ڳالهه هيءَ آهي ته شعر جي سٽ جا ٻه
حصا ٻي سٽ ۾ جاءِ بدلائيندا آهن. اُهو هن طرح:
خدا جو قسم آ، رڳو درد و غم آ،
رڳو درد و غم آ، خدا جو قسم آ.
هي لطف و ڪرم آ، گُهرائڻ ۽ لوڌڻ،
گهرائڻ ۽ لوڌڻ، هي لطف و ڪرم آ،
جفا و ستم آ، نهارڻ ۽ مُرڪڻ،
نهارڻ ۽ مُرڪڻ، جفا و ستم آ،
قدم تي قدم آ، نظر ۾ نظر آ،
نظر ۾ نظر آ، قدم تي آ.
نه رنج و الم آ، نه عيش و طرب آ،
نه عيش و طرب آ، نه رنج و الم آ.
سو اهلِ قلم آ، ٻُڌو ٿا جو طالب،
ٻڌو ٿا جو طالب، سو اهلِ قلم آ.
لفظي صنعتون شاعريءَ جو بنيادي مقصد نه آهي. رڳو
اُن ۾ حسن ڪاري ڪرڻ لاءِ رکجن ٿيون. اصل مقصد
معنيٰ جي خوبي ڪلام ۾ رکڻ سان حاصل ٿئي ٿو. طالب
الموليٰ شعر جي هڪڙي علامت مئخاني جي ماحول کي
طرحين طرحين جي اهڃاڻن سان پيش ڪيو آهي:
ڪياسون وره وارن جا وري آباد مئخانا،
پياسن کي پياري پرت جا پز ڪيف پئمانا،
چڱي جن سوز جي سُرَڪي ڇڏيو تن مي پرستي کي،
شرابِ شوق مان هڪدم ٿيا مهمير مستانا.
هتي عابد ۽ زاهد ساڻ گڏ مي نوش پن آهن،
اي واعظ تون نٿو سمجهين هي آهن راز رندانا،
هئا وسريل جي ورهن کان اُهي اڄ طالب الموليٰ،
زماني نيٺ ورجايا حقيقت ۾ سي افسانا.
تيغِ ابرو سان شاڪر ڪيئين ٿو ٿئي. اِن ڳالهه کي
شاعرن پنهنجي رنگ ۽ انداز مان بيان ڪيو آهي. طالب
الموليٰ فرمائين ٿا:
اُلاري سيف ابرو هن ته ڪيئي تيغ زن ڦٿڪيا،
فقط هڪڙي نظر جي تاب سان ئي صف شِڪن ڦٿڪيا.
محفل ۽ مقتل ۾ فرق ڪهڙو ٿيو:
هُو محفل ۾ ئي ماري ٿو ته مقتل سان اسان جو ڇا،
شهيدِ ناز آهيون تيغِ قاتل سان اسان جو ڇا.
جڏهن محبوب منهن موڙيو ته پو باقي بچيو ڇاهي.
چمن سان گل سان سبزي سان عنا دل سان اسان جو ڇا.
خدا جو ٿيو ڪرم هردم رهون ٿا حق جا طالب،
اسين آهيون ئي مولائي ته باطل سان اسان جو ڇا.
شاعر جي دل جي حالت نرالي ٿئي ٿي. ڪٿي ٿو رهي. ڇا
ڏسي پسي ٿو. ڪڏهن ڪٿ ته ڪڏهن پيو روحاني پروازون
ڪري. مخدوم صاحب فرمائين ٿا:
ڪڏهن مَحو و چمن آهيون ڪڏهن زيبِ چمن آهيون،
ڪڏهن سوزِ سخن آهيون ڪڏهن روحِ سخن آهيون.
هميشھ حال هڪڙي ۾ ئي ڄڻ مُشڪ ختن آهيون.
ڪڏهن ديوانه ڪثرت ڪڏهن بيگانه وحدت،
ڪڏهن منجهه موج منصوري ڪڏهن دار و رسن آهيون.
ڪڏهن خود پاڻ کان بيخود ڪڏهن هرچيز تي حاوي،
سفر ۾ بي سفر آهيون وطن ۾ بيوطن آهيون.
ڪڏهن ساقي ڪڏهن مئڪش ڪڏهن رندن جي رمزن ۾،
سڃاڻي يا نه ڪو ڄاڻي محبت ۾ مگن آهيون.
اَلستُون اڳ هئڻ آهي چيو سچ طالب الموليٰ،
ٻڌو ٿا همنشينو سِرِ اِسرار ڪُهن آهيون.
هڪڙي نگاه ئي ته سڀڪجهه ڪري ٿي. صبر ۽ قرار، سڪون
۽ آرام لٽي وٺي ٿي. بي دام بندو بنائي ٿي ڇڏي:
هڪڙي نگاه سان ئي شيدا ڪري ڇڏيئين،
مخفي جو راز هو اُهو رسوا ڪري ڇڏيئين.
-
ڏاڍا ڏنئين پيار ۽ آيو ويو هليو،
حيران آهيان ڇا منجهان ڇا ڇا ڪري ڇڏيئين.
-
هر سنگدل هو مُنهن مٽي هڪدم ڇڏي ويو،
طالب مان مون کي طلب موليٰ ڪري ڇڏيئين.
هُو سنگدل هو تنهن ۾ ته ڪو شڪ نه هو. ڪيئن موم دل
ٿئي! اِها ته اجائي خواهش آهي. فرمائين ٿا:
سنگدل موم دل اگر نه ٿيو،
چئبو آهُن ۾ ڪو اثر نه ٿيو.
مون کي هاڻي کپي مسيحائي،
ڪو علاجن مان ڪارگر نه ٿيو.
سوين دنيا ۾ دقتون آهن،
قيد خانو ٿيو هي گهر نه ٿيو.
طالب الموليٰ گڏ ڪئي اُلفت،
گڏ انهيءَ کان سيم زر نه ٿيو.
محبت ته فاتح عالم آهي. هڪڙي دل کي فتح ڪرڻ ته
مشڪل ڪم ڪونهي. جي وقتي دل کي درد ستايو ته ضرور
هيئن چئبو ته:
خدا ڪنهين کي محبت سان آشنا نه ڪري،
ڪري ته يار کان پنهنجي ڪڏهن جدا نه ڪري.
۽ اڳتي جو حال هي آهي:
انهيءَ جي ڪهڙي محبت اُنهيءَ جي ڪهڙي دل،
جو پنهنجي يار جي قدمن تان سر فدا نه ڪري،
چيم اي يار نه ايندس وري خدا حافظ!
مون کي جواب ۾ کلندي چيئين: خدا نه ڪري.
سائين طالب الموليٰ جي غزل جو داستان اڃان طويل
آهي، ملتوي ڪري چند رباعين جي بهار ڏسجي. ڪل ڪلام
جي جائزي لاءِ ته ڪتاب کپي. رباعي ته خود ٻولي ٿي:
ڪنهن جي نه ڪنهن سان رهائي آهي،
يڪتائي نه آهي ۽ ٻيائي آهي،
اي طالب مولا تون ذرا غور ته ڪر،
هن دور ۾ هر شخص توائي آهي.
-
حالات جهان بانيءَ کان دل تنگ آهي،
هن دور فراوانيءَ کان دل تنگ آهي،
هُشياري و بيهوشي ۾ ڪجهه نه آهي،
دانائي ۽ ناداني کان دل تنگ آهي.
-
هن دور ۾ هروقت وڪامڻ آسان،
طياري ۾ هر روز اُڏامڻ آسان،
لنئون لائي وري نڀائڻ مشڪل،
دل آهي وڃي ڪنهن سان لڳائڻ آسان.
-
وعدو ته ڪبو پر اُهو پارڻ مشڪل،
دريا ۾ گهڙي پاڻ کي تارڻ مشڪل،
احسان فراموشي به آسان آهي،
احسان ڪري ان کي وسارڻ مشڪل.
مخدوم صاحب جو وڏو فرزند محترم مخدوم امين فهيم
عرف ڏاڏا سائين به شاعر آهي. هن وقت سجاده نشين به
آهي. سياسي ۽ سماجي سرواڻ به آهن. کين مخدوم صاحب
طلب الموليٰ جن جي تربيت ڪندن بنائي ڇڏيو. سندن
ڪلام مان هڪ غزل:
نظر فريب نظارن وڏو فريب ڏنو،
خزان رسيده بهارن وڏو فريب ڏنو.
رهيا نه مون سان جدائيءَ ۾ همدم و غمخوار،
سحر ٿي ويئي ستارن وڏو فريب ڏنو.
وري ته آسري دنيا جي ڪونه لڳندس مان،
سدائين هن جي سهارن وڏو فريب ڏنو.
مون بيقرار کي خالي ڏنائون دلداري،
وري به پنهنجي ئي يارن وڏو فريب ڏنو،
پرائي پنهنجي کي سمجهڻ جو وقت ئي نه مليو،
نظر جي شوخ اشارن وڏو فريب ڏنو.
حياتي ساري بتن جي ئي پيار ۾ گذري،
فهيم نقش و نگارن وڏو فريب ڏنو.
مخدوم خليق الزمان به شاعر آهن. اڄ ڪلهه مخدوم
جميل الزمان صاحب پنهنجي نوکلي گودڙيءَ ۽ خانوادي
جي سوانح ۽ علمي ڪمن جي پوئواري ۽ اشاعت ۾ صمروف
آهي. تذڪره مخدوم مان هالا ۽ ٻيا ڪتاب شايع ڪيا
اٿن. خاص طور پنهنجي ڏاڏي ۽ مرشد سائين طالب
الموليٰ جا علمي آثار سنڀالڻ ۾ مشغول آهن. مخدوم
جميل الزمان غزل، مثنوي، رباعي ۽ ٻين صنفن ۾ لکن
ٿا. سندن مجموعي ملاقات مان هڪ رباعي:
ڇا ياد اٿئي پهرين ملاقات صنم،
تو هئي جا تڪلم جي ڪئي خيرات صنم،
والله وساري ته نٿو آءٌ سگهان،
تو ساڻ محبت جي شروعات صنم.
سائين طالب الموليٰ جو نظم شام ۽ صبح (مسدس) سندن
هٿ اکرين شايع ڪيو ويو آهي، جو هڪ يادگار
آهي.مخدوم صاحب جن مخدوميءَ بابت پنهنجو رايو هن
طرح ڏنو:
اگر خدمت ڪرڻ جي ناهه طاقت طالب الموليٰ،
ته پوءِ مخدومي دنيا ۾ وڏو منصب ته ڪونهي ڪو.
اِهو آهي ناز و نعم سان پليل هڪسجاڳ دل جو پيغام.
علي محمد ”مجروح“ (1926-1997ع):
غزل جو شاعر علي محمد ولد خير محمد پنهورنوآباد
ڪراچيءَ ۾ ڄائو. سنڌي شاعريءَ ۾مجروح ڄاتو ويو.
پنهنجي زندگيءَ جي دور بابت لکيائين: ”منهنجي
زندگي مختلف دورن مان گذري آهي. پيدا هڪ سوره گهر
۾ ٿس مگر زندگي جي بي پناه گردشن آرام سانويهڻ نه
ڏنو، ڪڏهن عشرتن ۽ بهارن جو قافلو همراه هو ته
ڪڏهن نامرادين ۽ ناڪامين جو هڪ هجوم مان سان رهيو.
جفا مشرب ۽ بي مهر دوستن سان گڏ مهربان ۽ مخلص
دوستن جي معاملي ۾ سدائين خوش نصيب رهيو
آهيان(99).“
روزنامه نئين سنڌ سان صحافتي زندگيءَ جو آغاز
ڪيائين. پوءِ ٻين ادارن ۽ اخبارن ۾ به ڪم ڪيائين.
ڪراچي پورٽ ٽرسٽ ۽ هڪ برٽس فرم ۾ ڪلرڪ رهيو. آخري
ملازمت سنڌ اطلاعات کاتي ۾ ڪيائين. مجروح ڦود
جوانيءَ ۾ شاعريءَ جي ابتدا ڪئي. گيت، نظم ۽ ٻيون
صنفون به چيائين. پر سندس سڃاڻپ غزل بنيو. غزل ۾
غم دوران ۽ غم جانان گڏ ئي هوندا آهن. غزل ۾ ترنم
سانپڙهڻ به مجروح جي سڃاڻپ بنجي ويو. مجروح جو
همعصر ۽ دوست شيخ عبدالحڪيم جوش لکي ٿو:”علي محمد
مجروح جو غزل روايت کان بغاوٽ نه آهي، پر روايت ۽
جدت جو حسين امتزاج آهي(50).“
مجروح جي زندگي هڪ جدوجهد هئي ۽ معاشي بدحاليءَ جو
عڪس سندس غزل ۾ نمايان آهي:
اوهان کي ڪهڙي خبر ڪيئن پيا جيون يارو،
ٻڌايون حال ته بدنام ٿا ٿيون يارو.
اگرچه رات جي اونده ۾ ٿا رهون يارو،
صبح جي ساک زماني کي ٿا ڏيون يارو.
اوهان جي شهر ۾ آهن ٻيا به ديوانا.
اسان ته مفت ۾ بدنام ٿا ٿيون يارو.
اچي بهار ته مجروح کي به ياد ڪجو.
انهيءَ به هجر ۾ راتيون گذاريون يارو.
هڪ دل جي مايوس ۽ وري اُميد جو ڪرڻو-رات کانپوءِ
ڏينهن جي اُميد آهي:
رات ڪاري قهر واري ئي سهي،
رات آهي نيٺ ويندي دوستو.
-
هڪ غزل اهڙو به هو جو مجروح جي مقبوليت جو سبب
بنيو ۽ اُن جو کانئس وري وري فرمائشون ٿينديون
هيون. غزل جي موسيقيت به ڪمال درجي جتي هئي. جي
تصور ڪجي ته مجروح اڄ به هي غزل اسان جي اڳيان پيو
ترنم سان پڙهي ته تصر کان اِهو منظر پري ڪونهي:
هي روز جيئڻ روز مرڻ راند ته ناهي،
اي منهنجا سڄڻ پيار ڪرڻ راند ته ناهي.
دل خون ٿئي ٿي ته وڃي رات کُٽي ٿي،
هن درد جي ڏونگر جو ڏرڻ راند ته ناهي.
هر لفظ تنهنجي سونهن منهنجو ساه گُهري ٿو،
شعرن ۾ اهو رنگ ڀرڻ راند ته ناهي.
هيءَ عشق جي عظمت به ته ڪنهن ڪنهن کي ملي ٿي،
سُوريءَ تي چڙهڻ مُرڪي مرڻ راند ته ناهي.
هر لحظي نئون زخم نئون درد نئون داغ،
انعام وفائن جو گُهرڻ راند ته ناهي.
مجروح سان ملندين ته هي محسوس ڪندين تون،
اِنسان جو ٿي شمع ٻرڻ راند ته ناهي.
وري هي احساس ته:
دل جي حقيقت ڪوبه نه ڄاڻي،
ڇا هي محبت ڪو به نه ڄاڻي.
دنيا ۾ ڪهڙا ڪهڙا ماڻهو ٿين ٿا. ڪي خوش باش ته ڪي
دل جليا، دردن جا پاليل سورن جا سانڍيل ۽ دل فگار:
ڪي دل فگار ماڻهو ڪي بيقرار ماڻهو،
مون کي عزيز آهن، هي باده خوار ماڻهو.
مون کان خفا رهن ٿا مون کان خفا ئي رهندا.
ڪي نيڪ نام ماڻهو ڪي ديندار ماڻهو.
هر ڪنهن ۾ ساه آهي هر ڪنهن کي پيار گُهرجي.
هن ڳالهه تان چڙن ٿا ڪي باوقار ماڻهو.
نظم ۾ به مجروح جذبن جي ڄڻ اُپٽار ئي ڪئي آهي. هُو
نظم ۾ داخليت رکي ٿو ڪو اوپرو ماڻهو مري کان بيهي
ڪا ڳالهه نٿو ڪري:
سوچيان ٿو واپار ئي ڪريان،
هي دور به آهي واپارين جو.
پر مون وٽ اهڙي جنس ڪانهي.
جنهن جي ڪا بازار هجي،
پوءِ ڪيئن ٿئي واپار اُهو،
ماڻهو ته گُهرن ٿا رانديڪا،
سونا رويا رانديڪا،
سهڻا سندر رانديڪا،
کلندا ڪڏندا رانديڪا،
پوءِ ڪيئن ٿئي واپار اهو،
سوچيان ٿو ڪي خواب ئي وڪڻان،
پنهنجا سهڻا مٺڙا خواب،
سندر روشن سُرها خواب،
ڪوجهين ڪارين راتين وارا،
منهنجا خواب خريدي ويندا،
پر خوابن جي بازار ڪٿي،
منهنجا خواب ته منهنجا آهن. (واپار)
مجروح جي نظمن ۾ ”شهر غم“ ۽ ٻيا نظم جذبات جو
نمونو آهن. ويندي ويندي مجروح سچ چيو ته:
ڪنهن طور سدائين گڏ هوندو هي پنهنجن مٺڙن پيارن
سان،
پياٻول سندس ٻڌبا رهبا، مجروح نه هوندو ڇا ٿيندو!
هن هيٺ ڪجهه ٻين شاعرن بابت به لفظ جن مان ڪي
2004ع ۾ يا اڳ گذاري ويا آهن. ٻيا بقيد حيات آهن.
انهن جا شعري ڪارناما اندازاََ چاليهه سال يا اُن
کان پوءِ جا آهن.
ابراهيم منشي: اسان جو قومي شاعر هو. شاهه جي
رسالي جو حافظ هو. بيت، وائي ۽ ڪافي ۾ به يگانو ۽
نظم ۾ به باهه ڀڙڪائڻ وارو منشي داد حاصل ڪري چڪو.
قومي شاعر جو درجو به حاصل هوس. منشيءَ جي نظم جو
هڪ بند حاضر آهي:
باغي آهيان باغي آهيان، گيت بغاوت جا ٿو ڳايان،
باغي آهيان، باغي آهيان.
مون بم ڀريا ڪئين بيتن ۾، تن گوريلن جي گيتن ۾،
هر گيت هي منهنجو گولي آ، ۽ گولي منهنجي ٻولي آ،
مون جنگ جبر سان جوٽي آ، هر ڳالهه ٻي مون لئه کوٽي
آ،
غدارِ وطن امن ناهيان ناهيان، باغي آهيان باغي
آهيان.
(گوندر ويندا
گذري)
محمد حسن ساز: ڪراچيءَ جو پراڻو شاعر، مختلف صنفن
حمد، نعت، غزل، ڪافيون ۽ قطعا وغيره چيائين. سندس
ڪتاب سوزو ساز، طالب الموليٰ اڪيڊمي هالا 1997ع ۾
شايع ڪيو. ساز جي غزلن مان ڪي شعر:
اي لحد! مون لئه ڪشادي رک زمين،
قافلو غم جو کڻي اچڻو اٿم.
-
حُسن تنهنجو ئي انتخاب ڪيم،
ڪيڏي منهنجي حسين نظر آهي.
-
ساز جو ڪو به واسطو ناهي،
منڪر ساڻ ۽ نڪيرن سان.
ڪمتر نقوي: جهانيان خاندان حيدرآباد جو هي اسڪالر
۽ شاعر، پنهنجي لطيفي ادب جي ڪتاب ٻاروچي ٻولي ۽
شاعريءَ جي ڪري سنڌي ادب ۾ اهم آهي.
منظور نقوي: ڪمتر جو ڀاءُ سيد لطف علي شاهه منظور
نقوي به هڪ محقق ۽ شاعر هو. ريڊيو پاڪستان سان
وابسته رهيو. سندس ڪتاب سنڌ جي مدنيت“ ۽ ”سنڌي راڳ
۽ تال“ مڃتا ماڻي چڪا آهن. علم بديع، علم عروض ۽
علم معاني ۾ باڪمال ماڻهو هو. غزل، نظم، گيت ۽
مرٺين جي ڪري سندس شاعرانه بلند خيالي بيمثال آهي.
حافظ شاهه ناطق: ٽکڙ جو هي شاعر ڪن نثري ڪتابن جو
به مصنف هو.
اسدالله اسد، بيخود: ٽکڙ جو هي شاعر ”تذڪره شعراءَ
ٽکڙ“ جو مصنف هو. برطانيا مان پي. ايڇ. ڊي ڪري سنڌ
يونيورسٽيءَ ۾ فارسي جو اُستاد ٿيو. مخدوم طالب
الموليٰ جي زماني ۾ سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري
ٿيو. ڪافي ۽ غزل جو سٺو شاعر هو.
غلام احمد بيدم ۽ قلب علي ٽڪلو: ٻئي ڀائر تلهار
(ضلعي بدين) جا هئا. بيدم سنجيده ۽ ٽڪلو مزاحيه
شاعر هو.
محمد موسيٰ راز ۽ عبدالله خواب: هي ٻه ڀائر دينوءَ
جي پڙ حيدرآباد جا هئا. سٺا شاعر هئا. راز جو نظم
”حيدرآباد جو قلعو“ گهڻو مقبول ٿيو.
قاضي عبدالحي قائل: رتيديري جو هي معلم سٺو شاعر
هو. سندس ڪلام موجود آهي. سندس فرزند به شاعر.
مُصور، ڪاشي گر ۽ اُستاد آهن.
سرويچ سجاولي: هڪ يگانو شاعر ۽ عوامي ٻوليءَ توڙي
عوامي زندگيءَ جو شاعر محمد صديق ولد خميسو خان
تارڙو هن دور جو هڪ مڃيل شاعر آهي. سرويچ جو شعري
مجموعو آليون اکيون اَڻڀا وار (1972ع) ته گهڻو
آڳاٽو آهي. اُن کانپوءِ به گهڻو ڪلام چيو اٿس.
اُنهن ۾ ”جنت الفردوس آهن ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون“،
”سا دل مستو مست مدا“، ”جاني وطن“ ۽ ٻيا نظم ڪلاسڪ
جي حيثيت رکن ٿا. سرويچ بلندپايه شاعر آهي.
ايم ڪمل: ڀارت جي سنڌي شاعرن۾ غزل جو شاعر آهي.
1965ع کان ڪمل جا شعري مجموعا ۽ ٻيا ڪتاب ڇپجڻ
شروع ٿيا. سال 2000ع تائين انگ 24 تي پهتو. سندس
ڪتاب مان ٻه شعر:
نظر توسان ٻيهر ملائڻ تي دل ٿي،
وري هڪ نئين چوٽ کائڻ تي دل ٿي.
-
رنگ غم جو اڃان ڦٽوڪونهي،
سوچ جي روڳ جو بِلو ڪونهي.
عبدالقيوم صائب:حيدرآباد جو واسي وڪيل ۽ عالم،
شاعر به، سندس سياست، ادب تي ڪيترا ڪتاب ڇپيل آهن.
1995ع ۾ سندس مجموعا ڪلام ڇپيو آهي. ڏکندو ڏور
ٿئي. سنڌي ادبي بورڊ جي پيشڪش آهي.
احمد خان مدهوش: عشق ۽ حسن جو شاعر آهي. پنهنجي تر
جي نئين ٽهيءَ وارن جو رهبر ۽ مختلف صنفن تي سندس
ڪلام دل جون ڳالهيون 1993ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ شايع
ڪيو آهي. خبردار اهڙُ جو دل کيس اسپتال وٺي وڃي
وارڊ وارن جي پهرين نظر سان چڱو ڀلو ٿيو وڃي. چوي
ٿو:
دولتِ قرار و صبر مفت ۾ لٽايم،
هاءِ پاڻ کي خوار خواه مخواه ڇو ڪيم!
ڪيترا ٻيا شاعر آهن، جن گذريل پنجاهه سالن ۾
شاعريءَ جي محفل گرم رکي آهي. انهن ۾ نثار بزمي،
عزيز ڏوڪري والا، محبوب هوسڙي والا (محمد بچل
محبوب سروري)، احمد علي مفلس (ڊاڪٽر احمد علي
آرائين) وفا ناٿن شاهي، محسن ڪڪڙائي، مهيسر خادم
رفيقي، سليم ڳاڙهوي، مجذوب لاشاري، منير سولنگي،
سليم هالائي، انور هالائي، زيب عاقلي، مظفر حسين
جوش، مولا بخش مسڪين، مرتضيٰ ڏاڏاهي، عبدالڪريم
پلي، وفا پلي، سرڪش سنڌي، معمور يوسفاڻي، سرمد
چانڊيو، هزارو خان مجاهد، اظهر گيلاني، محمد خان
مجيدي، احمد خان اختر، رحيم بخش قمر، عبدالغفور
عابد، احسن الهاشمي، پروانو ڀٽي، اُميد خيرپوري،
بلاول پرديسي، عنايت بلوچ، آغا عبدالنبي، مولانا
دين محمد اديب، پروفيسر حامي، مريم مجيدي ٻيا اچي
وڃن ٿا. اهڙيءَ طرح ڀارت ۾ واسديو نرمل، ارجن شاد،
ارجن حاسد، موتي پرڪاش ۽ ٻيا شاعر موجود آهن.
صنفون: عروضي شاعريءَ جي هنن گذريل ٻن بابن جو
جائزو وٺبو ته اِنهن ۾ غزل کي مرڪزي حيثيت حاصل
آهي. نظم، رباعي ۽ ڪن ٻين صنفن ۾ به جائزو ورتل
آهي. انهن صنفن جي فني ڄاڻ بابت هيٺيان ڪتاب ڏسڻ
کپن:
1- ڊاڪٽر خليل ، رهنماءِ شاعري (جلد-1، 2 ۽ 3).
2- ڊاڪٽر اياز قادري، سنڌي غزل جي اوسر (جلد-1).
3- ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، سنڌي شاعريءَ فارسي
شاعري جو اثر.
حوالا:
1- بيخود، اسد الله شاهه حسيني، ڪليات دلگير، سنڌي
ادبي بورڊ، 1968ع، ص 9.
2- تفصيلي احوال لاءِ ڏسو ڊاڪٽر بيخود حسينيءَ جا
ڪتاب ڪليات دلگير ۽ تذڪره شعراءَ ٽکڙ.
3- حامي، عطا محمد (ڊاڪٽر)، ڪليات ناز، سنڌي ادبي
بورڊ، 1987ع، ص 5.
4- ايضا، ص 6.
5- ايض، ص 7.
6- افسوس آهي ته سنڌي ادبي بورڊ جهڙي اداري جي
شايع ڪيل ڪليات ناز ۾ خيام جي پنجاه رباعين تي لفظ
رباعي جي املا غلط يعني ربائي لکي ويئي. پروف جي
غلطي آهي، پر افسوسناڪ آهي.
7- شوق، نواز علي (ڊاڪٽر)، ديوان تارڪ، سنڌي ادبي
بورڊ، 1989ع، ص 5 (حرف اول از اظهر گيلاني).
8- ايضا، ص ص 3-4.
9- ايضا، ص ص 4-5.
10- ايضا، ص ص 17 (ههڙو بي بها خزانو ته ڇپجڻ کپي.
خبر نه آحي ڪيترو وقت محفوظ رهي سگهندو).
11- خبر ناهي ڇو ديوان تارڪ ۾ هن مقطع ۾ نجفي
بجاءِ تارڪ آندو ويو آهي!! اڳوڻن متنن م نجفي آهي.
مخفي ۽ عرصي سان هم قافيه به نجفي ٿيندو.
12- سنڌي غزل جي اوسر (جلد-2)، ص 251.
13- سڀني ماخذن ۾ بسمل جيوفات جو سال 1950ع ڄاڻايل
آهي. ڊاڪٽر خليل تاريخ وفات جو سال 1949ع ڪڍيو
آهي.
14- تذڪره شعراءَ ٽکڙ ، ص 143.
15- نظامي، غلام احمد، بياض نظامي (ٻيو ڇاپو)،
جميعت الشعرا سنڌ، ڊاڪٽر خليل جو ديباچو، ص 3.
16- نظاميءَ جي مطالعي لاءِ سندس مجموعن کانسواءِ
اياز قادريءَ جو ڪتاب سنڌي غزل جي اوسر (جلد-2) ۽
پاڪستان پبليڪيشن جو قومي نظمن جو مجموعو مهراڻ جا
ماڻڪ ڏسڻ گهرجن.
17- غريب جي سوانح، سنڌي غزل جي اوسر (جلد-2) تان
ورتي ويئي آهي.
18- بيدل مسرور (مرتب)، ڪليات مسرور، مسرور
پبليڪيشن ڪراچي. 2000ع، ص 17-20.
19- ايضا، ص 23.
20- ميمڻ، عبدالمجيد (سنڌي)، ڪلام بشير، سنڌي ادبي
بورڊ، 1994ع، ص ص 5-8.
21- مراد علي ڪاظم جي احوال لاءِ ڏسو: سنڌي غزل جي
اوسر (جلد-2).
22- پرسرام جو سڄو نالو، ڊاڪٽر اياز قادريءَ
”پرسرام هيرانند سچاننداڻي“ لکيو آهي ۽ کيس اصل
ٽنڊي باگي جو رهاڪو لکيو اٿس (غزل جي اوسر 256).
پر خادم حسين چانڊئي سوانحي تصنيف ”مارو جي ملير
جا“ ۾ ”پراسرام ننديرام جهامناڻي“ لکيو آهي ۽ کيس
اصل ٽنڊي آدم جو لکيو اٿس(ص 164).
23- اصل وطن وانگر تعليم جي باري ۾ به خادم حسين ۽
ڊاڪٽر قادريءَ جي تحريرن ۾ فرق آهي. خادم حسين،
پرسرام کي سنڌي فائنل پاس لکي ٿو(ص 164) ۽ ڊاڪٽر
قادري، ٻه ٽي درجا پڙهيل لکي ٿو(ص 526).
24- ڏسو اجواڻيءَ ۾ پوپٽيءَ جو انگريزيءَ ۾ لکيل
ادبي تاريخون بالترتيب، صفحا 160 ۽ 161.
25- سنڌي غزل جي اوسر (جلد-2)، ص 309 کان 312.
26- نئين زندگي، ڊسمبر 1953ع، ص 25.
27- سنڌي غزل جي اوسر (جلد-2)، ص ص 322-323.
28- هم آتم ڪٿا لاءِ ڏسو مسافر جو ڪتاب، منازل
مسافر بمع ڪليات مسافر، آ. ايڇ. احمد برادرس
حيدرآباد، 1955ع، ص 1 کان 8.
29- ايضا، ص 19 کان 21.
30- جيتوڻيڪ هن نوٽ جو ادبي تاريخ سان سڌو واسطو
نه آهي. پر مسافر کي راقم جو گهٽيءَ مان لنگهندي
ٽنڊي ولي محمد حيدرآباد ۾ 1959ع ۾ کٽ تي منجهند جو
ستل ڏسڻ هن بند جي سٽ: ڪنهن موج ۾ مسافر ڪٿ هو،
پيو دڙو ٿيو، جي عملي صورت لڳو. مسافر صاحب ٿلهو
مڙس هو ۽ ڄڻ دڙو ٿيو پيو هو!
31- گرامي، غلام محمد، وياسي وينجهار، سنڌي ادبي
بورڊ، 1977ع، ص 216.
32- هي پئروڊيءَ وارن شعر مان هڪ شعر آهي.
33- هي شعر ڄاڻي ٻجهي پنهنجي پسند جي مقبول شعر:
هم آهه ڀي ڪرتي هين تو هو جاتي هين بدنام،
وه قتل ڀي ڪرتي هين تو چرچا نهين هوتا.
- جو ترجمو ڪيائين ۽ لفظ ليڪن کي وزن جا تقاضا
سبب ليڪ ڪري آندائين.
34- هي نظم
بندي جي ايڊٽ ڪيل شعبي جر جرنل سوکڙي (1964ع) ۾
ڇپيل آهي (انچارج ايڊيٽر: عبدالجبار جوڻيجو).
35- سوانح يادرفتگان ۽ مهراڻ جا ماڻڪ تان ورتل.
36- رشيد لاشاريءَ جا شعر ڪلام رشيد ۽ ٻين مجموعن
مان ورتا ويا آهن.
37- سرشار عقيلي جي سوانح، مهران جي سوانح نمبر
1957ع تان ورتي ويئي آهي.
38- عبدالله عبدالواسع عبد ۽ عبدالحليم جوس جو
احوال، پاڪستان پبليڪيشن ڪراچي جي مجموعي مهراڻ جا
ماڻڪ تان ورتل آهي.
39- هاڻي ته ساز باز جي معنيٰ ڪنهن خلاف سازش ڪرڻ
آهي، پر شاعر نيڪ نيتيءَ سان صلح جي معنيٰ ۾ هي
لفظ ڪم آندو آهي.
40- انجم جا شعر ديوان انجم مان ورتل آهن.
41- مهراڻ جا ماڻڪ ۾ خود نوشت مان اقتباس، ص 241.
42- سماهي مهراڻ 4-1955ع ۽ 2-1956ع.
43- عارف الموليٰ جي ڪلام جا مثال سندس مجموعي
ڪِشتي منجهه ڪَڻا، زيب ادبي مرڪز حيدرآباد، 1994ع
تان ورتل آهن.
44- ذوالفقار راشديءَ جي وڌيڪ مطالعي لاءِ ڏسو،
سندس ڪتاب ڪسوٽي (تنقيد) ۽ سوچ کي لوڇ (ڪلام).
45- منهنجي والد صاحب (ڊاڪٽر سلطان احمد جوڻيجو)
جي وفات جو قطع تاريخ بنا چوڻ جي لکي موڪليو
هئائين. سندس صورت اڄ به اکين ۾ رکي ويٺو آهيان.
46- اُستاد بخاري، پير نه هٽن پوئتي، روشني
پبليڪيشن، 2002ع، ص 9.
47- گيت اسان جا جيت اسان جي، عرض حال.
48- مخدوم صاحب جن جي حياتيءَ جو احوال ڪتاب تذڪره
مخدومان هالا، از مخدوم جميل الزمان، تان ورتل
آهي. اشعار ڪتاب ديوان طالب الموليٰ تان ورتل آهي.
49- مهراڻ جا ماڻڪ، ص 209.
50- مجروح، علي محمد، سڪ جو سمونڊ، سنڌي ادبي
بورڊ، 1993ع، عبدالحليم جوش جو مهاڳ ، ص 17.
51- سماهي مهراڻ، اونهارو، 2004ع، ص 133.
باب چوٿون
جديد شاعري:
الف: لاڙا: انسان طبع جي مدنظر جدت پسند ٿيو آهي.
شعور هن جي ميراث بنيو ته هنپراڻن ۽ فرسوده خيالن
جي جاءِ تي نون خيالن کي آندو. فنونِ لطيفه ۾ جيڪي
به علم شامل آهن، اُنهن ۾ جدت جو هي تسلسل قائم
رهيو. ادب،مصوري، سنگتراشي ۽ موسيقيءَ ۾ هي عمل
جاري آهي. ادب جي ڳالهه ڪجي ته هتي مختلف لاڙا ۽
ڌارائون موجود آهن، جن پنهنجو اثر ڏيکاريو آهي.
مشرق ۾ مغرب جو اثر دير سانپهچي ٿو. اڃان اُن جو
اهڃاڻ هِتي نظر اچن ٿا ته رجعت پرست ٽولا ۽
دقيانوسي، گره منهن مٿو پٽڻ شروع ڪن ٿا چي: ”غضب
ٿي ويو، ڪفر پيو اچي، مغرب مان ثقافتي طوفانپيو
اچي. غلط غلط وغيره وغيره.“
جي وهندڙ درياءُ کي روڪي سگهجي ته هي اثر به رڪجي
وڃي ها. اوڀر ۽ سنڌ ۾ هي لاڙا آيا. ڪي ٿورا ڪي اڻ
لکا آهن. اُنهن جو اثر جي ادب ۾ڏسبو ته اُن کي
هڪڙو ئي نالو ڏبو: جديد. خلاي جديد چوڻ سان مطلب
چٽو نه ٿي سگهندو! ڇا هر اديب جيڪو ڪنهن مقرر جديد
دور ۾ رهي ٿو ۽ جيڪي به لکي ٿو سو جديد آهي؟ جواب
آهي نه. اُن ۾ جي فرسوده پٽيل ڪٽيل موضوع، هيئت ۽
وڏيرن جي واکاڻ آهي ته اُهو پراڻو ۽ فرسوده سڏبو.
جيڪڏهن سنڌي ادب جي حوالي سان اڄ به ڪير ائين سوچي
ته ٽي سئو سال اڳ جيڪي لکيو ويو سو معياري آهي ۽
هاڻي به اُهوئي لکبو ته هو بيوقوفن جي جنت ۾ رهي
ٿو. جدت جي لاڙي کي سمجهڻ لاءِ دنيا ۾ گذريل ٽن
صدين ۾ جيڪي رجحان آيا اُنهن جو اڀياس ضروري آهي. |