حمل فقير جو نمايان اثر شاهه محمد ديدڙ وٽ ظاهر
بيٺو آهي. سرائيڪي بيتن ۾ اُهو هن ريت آهي:
عيد ڪنون ول عيد ٿيوي، جي ڪول وسي دل جاني-
قسم رباني،
دم دم دي وچ دلبر دا رُخ، ڏيک ٿيوي ڏک فاني-
قسم
رباني،
جو ڪجهه جانب نال گذارن، بيشڪ بهشت نشاني-
قسم رباني،
حمل ڪون نِت بيت بيان دي، بره پڙهايس باني-
قسم رباني.
ساڳي ڳالهه شاهه محمد هيئن ٿو چوي:
عيد ڪنون ول عيد ٿيوي، جي جانب اڄ دن آوي-
جي ڳل لاوي،
جاوي سُور وڃي ڀڄ ڪر، غم دليان دا لهه جاوي –
جي ڳل لاوي،
سهجون سهج ڪنون سِڪدِي دا، انگ نه چولِي ماوي –
جي ڳل لاوي،
شاهه محمد، شاهه ملي تان سڀ دک دور سڌاوي –
جي
ڳل لاوي.
عمر مارئيءَ جي قصي تي ٽيهه راتيون شاهه محمد جي
شاعرانه ڪمال جو هڪ مثال آهي. چوٿين رات تي عمر
بادشاهه جي ڏنل لب لالچ جو مارئي هيئن جواب ٿي ڏي:
عمر اسبابن تي، مان هرگز نه هرڪان،
آءٌ ماڙيچي ماڙ جي، ڪيئن ماڙين ۾ مرڪان،
ٻَن پيا زيور زريءَ جا، ڪين مٿن سڙڪان،
پسي دوهريون دڳ دڳيون، ٿي ڍڪرن ۾ ڍرڪان،
مُلڪ پنهنجي مال سان، لئين ٽورن سان ٽُلڪان،
نه آ ريت نٿن جي، نٿي جهالر تي جهرڪان،
عمر ٿي ڪُرڪان، سي ڪيئن ڪُر پايان ڪَنن ۾.
سنڌي بيتن ۾ به روايتي رنگ ته آهي، پر مجاز جو
چِٽو بيان به آهي:
هِنياءُ هَچي هئه هئه ڪري، جانب منهنجو جيءُ،
وسون ٿي بيوس ويو، هنيون منهنجو هيءُ،
وسري ويو وجود مون، مُٺيءَ کون ماءُ پيءُ،
پلڪ نهپاسي ٿيءُ، دُور نه دم ديدڙ چوي.
-
سڄڻ هنن سُورن کان، مري هُوند وڃان،
ملڻ جي منهنجا پرين، اٿم آس اڃان،
جيتر جيئري آهيان، ڀيرو ڪين ڀڃان،
سڀ حرف مڃان، دل سان ملي ديدڙ چوي.
اِن کانسواءِ سرائيڪيءَ وانگر بيتن ۾ اَڌڪ وراڻي
(مستزاد) به ڪم آندي اٿس:
دلبر دوست اسان جي جون، هِن ڳڻ جهڙيون ڳالهيون-
عجب نراليون،
لائي روز لبن کي لالي، لاڏ منجهان نت لاليون –
عجب نراليون،
جيڪي ڳالهيون يار ڪيون، سي پرينءَ پننجون پاليون-
عجب نراليون،
اکيون عجيب عتابن واريون، ڀال ڪري اڄ ڀاليون-
عجب نراليون،
شاهه محمد شوقون گهوري، تنهنجي مُرڪن تان سڀ
ماليون-
عجب نراليون
(102).
مخدوم امين محمد (1838-1886ع)
:
مخدوم امين محمد، مخدوم نوح سرور هالائيءَ جي
خاندان مان هو. هُو مخدوم محمد زمان مان رابع جو
فرزند هو. پاڻ امين محمد ثالث پکن ڌڻي جي اسم
گرامي سان سڏجڻ ۾ آيو. هن خاندان جي شجرو مٿي حضرت
ابوبڪر صديق سڳوري سان وڃي ملي ٿو. مخدوم امين
محمد ثالث جي ولادت 7- شعبان 1254 هه بمطابق 26
آڪٽوبر 1838ع تي ٿي. پاڻ پنهنجي والد جا وڏا فرزند
هئا. سندس تعليم خانداني روايتن موجب ٿي. آخوند
محمد قاسم هن سلسلي ۾ اتاليق مقرر ٿيو (103).
مخدوم امين محمد جن جو والد صاحب مخدوم محمد زمان
رابع ڦوه جوانيءَ ۾ 1853ع ۾ وفات ڪئي ۽ سجاده
نشينيءَ جو تربو کيس 15 سالن جي عمر م حاصل ٿيو.
پاڻ ثابت قدمي ۽ حوصلي سان جماعت جي تنظيم ۽ درگاه
جي معاملن کي خوش اسلوبيءَ سان ادا ڪيائون.
سهرورديه طريقي جي تبليغ ۾ وسان ڪو نه گهٽايائون.
مخدوم صاحب امين محمد پکن ڌڻيءَ جي ايام جواني
بابت ”ڪليات امين“ جو سهيڙيندڙ پروفيسر محبوب علي
چنا لکي ٿو ته: ”حضرت امين محمد سائينءَ جي جواني ڏاڍي مستاني ۽ البيلي
گذري. پاڻ نهايت پاڪيزه طبع جا هئا، پر خوش پوشاڪ
به هئا. سندن باطن اگر فقر جي گودڙيءَ سان
سينگاريل هو ته سندس ظاهرڪلاه سڪندريءَ کان
سنواريل هو(104).“
مخدوم صاحب نهايت دلڪش نقش ونگار وارا هئا. پهرين
رنگين لباس پهريندا هئا، پوءِ جلد فقيريءَ طرف
رجوع فرمايائون. چار شاديون ڪيائون. کين پنهنجي
خاندان جي حرم مان ٽي فرزند ٿيا، جن جا وڏا ٻه
مخدوم محمد زمان خامس ۽ مخدوم ظهير الدين نمبر وار
سجاده نشين ٿيا.
مخدوم صاحب جي زندگيءَ ۾ راهونڊ جي مقام کي گهڻي
اهيمت ملي آهي. هن سلسلي ۾ مخدوم صاحب محمد زمان
طالب الموليٰ لکن ٿا:
”سائين پکن ڌڻي، رياضت ۽ مجاهدي لاءِ هڪ ويراني کي
تلاش ڪري اُتي وڃي ويٺا ۽ الله جي عبادت ۾ مشغول
ٿيا. اُن سر زمين کي راهونڊ چوندا آهن. اُن کي پکا
پڻ سڏيو اٿن(105)“. پکن ۾ گهڻو وقت پسند ڪند هئا،
اُن ڪري پکن ڌڻي سڏجڻ آيا. ڪيترائي دوست، خليفا
مريد ۽ همعصر شاعر امين محمد سائينءَ جي دور جو
سينگار آهن. سندن ڪيتريون ئي ڳالهيون ۽ ڪرامتون
مشهور آهن.، شعر جي طالبن لاءِ سائينءَ جو ڪلام به
هڪ ڪرامت مثل آهي. جنهن ۾ بيت، ڪافيون، مولود، سي
حرفيون، مرثيا ۽ لوليون وغيره، سنڌي ۽ سرائيڪيءَ ۾
آهن، ٿورو ڪلام اردوءَ ۾ ۽ ڪجهه فارسي –گاڏڙ به
آهي.
مخدوم صاحب جي 27 رمضان 1303 هه بمطابق 29 جون
1886ع تي وفات ٿي. وڏي قبي ۾ مخدوم نوح جي پيراندي
دفن ڪيو ويو (106).
مخدوم امين محمد جو ڪلام نهايت موزون ۽ موسيقيت
وارو آهي. ڪافين تي راڳڻين جا نالا به ڏنا ويا
آهن. ڪافيون جن راڳڻين تي موزون ڪيل آهن، اُنهن
مان ڪي هي آهن:
جوڳ، ڀيروين، ڀاڳيشري، کنڀات، گجري، ٽوڙي، بهاڳ ۽
تلنگ وغيره. سندن ڪلام حقيقيت جي پڙاڏن جو ترجمان
آهي. ڪن نيم تاريخي داستانن جي اوت ۾ به چيل آهي.
سسئيءَ جي سورن جو بيان هيئن بيان ڪن ٿا:
آرياڻيءَ جي آسري، ٿي ڏونگر ڏوريائين،
ساه سر صدقو ڪري، ٿي گهٽين گهوريائين،
ريءَ دعا جي دوست لئه، چپَ نه چوريائين،
محبت جي مجاز جا، سڳا سوريائين،
ڪپي ڪوريائين، هئه هئه ڪيو ماس هڏن جو.
-
هڻان پاڻپهڻ سان، جيڏيون لاءِ جتن،
آرياڻيءَ جي اوج جي، خبر ڪئي خطن،
جي هليون نا هوت ڏي، ٿيون ويچاريون وتن،
مونجهارو ماءَ تن، آيم اوٺيئڙن جو.
مومل راڻي جي داستان مان اصل نُڪتي سان گڏ ناتر
ٻانهيءَ جو حوالو هيئن آڻي ٿو ته ناتر کي هن مجاز
جي ڪل نٿي پوي، تون پنهنجو ڪرم ڪر:
ناتر کي نيا جي، ڪل پوي ٿي ڪانه،
سوڍا سکياڻي ٿئي، مومل سُوڌي مانَ،
ڪرهو واري ڪاڪ تي، ڪر اچڻ جا احسانَ،
مينڌرا مجاز جو، ٻڌو جڳ جهانَ،
موٽي آءُ محلات ۾، اچڻ جوڳي آءُ نهَ،
رک مومل جو مانَ، بره ڪئي جا بانوري.
حقيقت جي حڪايت وري مخصوص اصطلاحن ۾ ڪري ٿو.
رامڪليءَ ۾ چوي ٿو:
”امين محمد“ آئيا، جوڳي جهونجهي جُوءِ،
ڪُل شيءِ يَرجع، ثابت سندي سُوءِ،
گاروڙي گُرناٿ کان، رانول رڱي رُوءِ،
”هُو“ ۾ ٿيا هُوءِ، معرفت جي معرڪي.
-
”امين محمد“ انهن جي، رڪوع ڪيو روح،
نيڻ هائي نار ڪيا، جئن کاهوڙين کوه،
منجهان فيض فتوح، الم ٿيو اُنهن کي.
سرائيڪي ڪلام(بيت ۽ ڪافيون) به نهايت بلند پايي جو
چيو اٿن. مثال طور هي بيت:
اول ڪوئي انصاف ڪري، وچ سيني شطرنج جوڙي،
تخت اُتي جا شاه ٻَهلاوي، آڻ رخي تان گهوڙي،
وچ پهلو دي ويک وزير، جو مار مريندا ڏوڙي،
اُلٽ پُلٽ گهت گهوڙي، جڏان آسر تي پوندي سوڙي،
جيڪو ئي وت وزير مراوي، سو کٽي بازي ٻوڙي،
ري وزير شھ ڪون شَههَ ڏي، متان نفس نهوڙي،
آءُ امين چڙهه عشق دي ٻيڙي، تان رَسُ نا راند نه
ڇوڙي.
ڪافين ۾ دستوري مضمون ۽ عشق جي رمزن، فراق ۽ وصال
جا مضمون ٻڌڻ سان گڏ پوکي راهيءَ جا اصطلاح ڪم
آڻين ٿا. هيءَ سندن نهات مقبول ڪافي آهي:
ڇا ڳاڌي ڇا ڳٽڪار،
ڇا اسان جو ارٽ وهي آڌار ٿي.
1- وهندا روز وڃن ٿا يارو،
ٻڌائون ڏاند بگو ٻيو ڪارو،
پاڻي پارڇ ڀريو نيسارو،
آئي آنڌيءَ جي وار –
ڇا اسين ڪاهي پياسين ڪوڏار تي.
2- نوان ناٽڪا ٻنا ٻهاري،
ٻر وڻي ٿي هر هڪ ٻاري،
هارين هر هٿ چونيا واري،
سلن ج سينگار –
ڇا اسين ڪوڏيا جوئر جي ڪارتي.
3- آخر ڪي سنگ نسري آيا،
مٿان مڪڙن مورچا لائيا،
هيٺان هارين هُل مچايا،
دانهن جا ڌڌڪار-
ڇا اسين موڙين ٻڌڻ جي مار تي،
4- اَمين محمد عبرت آهي،
نيٺ وڌئون لابارا لاهي،
ڳاهه ٻَڌائون ڳوڌا ڳاهي،
وائر جي وسڪار –
ڇا اسان داڻا نيا درڪار تي.
هڪڙي ڪافيءَ ۾ا يراني پهلوانن ۽ بادشاهن جا نالا
آڻي پنهنجن جذبن جو اظهار ڪن ٿا. هيءَ ڪافي غزل جي
هيئت ۾ آهي. عروضي ڪلام جو هڪ نمونو به آهي ته
مخدوم صاحب اُن تي راڳ ڀاڳيسري (باگيشري) جو عنوان
به ڏنو آهي:
زلف جي ڦاهيءَ ۾ ڦاسڻ جو فڪر في الحال آهه،
ساه سر صدقو ڪريان هيءُ محب تنهنجو مال آهه،
بنده باشنده ٿيا سڀ خُسرو ۽ خاور جا شاهه،
تيز نوان مثل مزگان ابرو هن آنجا ترار،
رزم رستم ڇا ڪندو، اُن کان گريزان زال آهه،
نيم بسمل نين ڪيا سي ڪئن جين جان تشنه لب،
عشق جي عينن اُڃاين جو جئن جنجال آهه – الخ.
غرض ته مخدوم امين محمد پکن ڌڻي هڪ بلند پايه شاعر
۽ پنهنجي خاندان ۾ هڪاهم شخصيت آهي. هن خانوادي ۾
ٻيو به اهم شخصيتون ٿيون، جن علم و ادب جي باغ جي
آبياري ڪئي، اُنهن جو ذڪر خير ۽ شاعريءَ جو جائزو
آئنده باب ۾ ايندو.
رمضان ڪنڀر(وفات 1889ع)
:
هي شاعر ميرن جي حڪومت جي آخري سالن ۾ دادو ضلعي ۾
ٽلٽيءَ ويجهو پيدا ٿيو. سندس زندگيءَ جي ابتدائي
دور بابت گهڻي معلومات ميسر نه ٿي آهي. هي هاري
هو. هن شاعر جو ذڪر ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي
ڪيو ۽ اُن کان تذڪره لطفي (جلد-ٽي) ۽ ٻين ڪتابن ۾
آيو. پنهنجي تاليف سُرها گُلَ ۾ ڊاڪٽر دائود پوٽي،
رمضان ڪنڀر جي شاعر ٿيڻ جي روايت بيان ڪندي لکيو
آهي ته کيس اشارو ٿيو ته رمضان اُتي ڪجهه چئو.
پوءِ هُن ڪافيون ۽ ڪلمات (ملن واري سنڌي) چيا. جن
جي تعريف ڊاڪٽر صاحب ڪندي کيس ايتري مقام تي
پهچائڻ گهريو جي بقول سندس ته شاههلطيف به نه
پهتو!! هن سلسلي ۾ ڊاڪٽر دائود پوٽي جو مضمون
”شاعر ۽ سگهڙ“ (نئين زندگي آڪٽوبر 1858ع) موجود
آهي، جنهن ۾ شاهه عبداللطيف لاءِ هيئن لکيو اٿس:
1- شاهه لطيف پڻ گهڻي قدر سگهڙ هو ۽ ڪن شاذ ۽ نادر موقعن
تي الهامي شعر چيو اٿس.
2- شاهه صاحب جيڪو ٻئي قسم جو شعر چيو آهي، سو آهي وايون يا
ڪافيون، جي علي العموم ڦلهڙيون آهن. انهن مان
ڪيتريون ئي راڳاين جون يا خود رسالي جي جمع ڪندڙن
جون چيل ٿيون ڏسجن (ته پوءِ شاهه صحب چيو، بدران
رسالي ۾ آيل لکڻ کپي ها).
3- ڪافيءَ جي صنف ۾ متاثر شاعرن جهڙوڪ سچل سائين، رمضان
ڪنڀر، پير اميد علي، نور محمد اوڍو، مصري شاهه،
خير محمد فقير وغيره شاهه صاحب کانب عبارت ۽ مضمون
جي رنگيني ۽ هنربازي ۽ متانت ۾ گهڻي قدر سرها
آهن.
4- اهڙيءَ طرح شاهه صاحب غزل کي ته ڇڏيو، پر شعر جي ٻين
صنفن جهڙوڪ:
مولود، معجزي ۽ مدح ۾ به پنهنجي طبع آزمائي نه ڪئي
آهي.
ڊاڪٽر صاحب جي هنن راين پٺيان وري رمضان ڪنڀر جو
حوالو ڏيئي اُن کي اعليٰ (بمقابله لطيف) شاعر ڄاتو
ويو آهي. فقط ڪافين ۽ ڪلمات جي ڪري.
هي هڪ جملو معترضو هو. رمضان ڪنڀر جي ڏات ۽ ڊاڪٽر
دائود پوٽي لاءِ احترام باوجود آءٌ ايترو عرض ڪندس
ته شاهه صاحب جو مٽ ڪو به نه آهي. رمضان ڪنڀر جيڪي
ڪافيون يا ڪلمات چيا آهن. اُن معيار جو ڪلام سوين
سنڌي شاعرن جو موجود آهي، جن مان اهم ماڻهن جو
ذڪر پهرئين جلد ۾ ٿي آيو آهي. انهن مان ڪي ديني
عالم هئا. اُتي اُهو ئي نُڪتو اوليت وٺي بيٺو.
اُنهن جو لکيل سنڌي (ڪلمات) قرآن، حديث فقھ جي
سمجهانيءَ لاءِ لکيل آهي. اُها تڪبندي هئي، ڪا
اعليٰ ۽ الهامي شاعري نه هئي، جنهن جي ڊاڪٽر دائود
پوٽو اُمين رکندي رمضان کي فوقيت ڏيارڻ گُهري.
پنهنجي ڳوٺ سان محبت فوقيت ڏيارڻ گهُري. پنهنجي
ڳوٺ سان محبت مسلم پر ادبي تنقيد، ڪنهن ادب پاري
بابت ڪالَڪَ جي ڳالهه ته ناهي.
ڊاڪٽر دائود پوٽي جي راءِ جي باوجود ڪو اهڙو ليکڪ
ڪونهي، جنهن کي نظر اندز ڪري ڇڏجي. هُن جا هي
ڪلمات هڪ عشقيه داستان، هرڻيءَ واري معجزي ۽
توحيد، رسالت بابت سٺي تڪبندي آهي. ڇو جو ڪتابن ۾
رمضان ڪنڀر جو نالو اچي ويو آهي، اُن ڪري سندس
ڪلام جي ٿوري گهڻي اهميت آهي. رمضان ڪنڀر جا ڪلمات
به دستور ۽ موجود روايت موجب آهن. پر ائين نه آهي،
جيئن ڊاڪٽر صاحب ڄاتو هو ته ”سڀ بي اختيار، الهامي
آهن!“ هيترا ڪافي گو شاعر سنڌ جا آهن ڇا اُنهن جو
ڪلام ۽ ڪافيون بي اختيار ۽ روانيءَ سان چيل ناهي!
ڪلمات به شاعري/سگهڙپائي/تُڪبندي، جيڪي به چئجي
اُن موجود روايت موجب آهن جا مخدوم ابو الحسن کان
موجود هئي. تذڪري (جلد-ٽي) جو توسط سان رمضان ڪنڀر
جي ڪلمات جا ٻه اقتباس هي آهن:
خاوند ڏيهه خلقيا جمله جهانا،
تنهن پڻيءَ پهر الله جي ڪن وحدت واکاڻا،
ڪي تائب تعريفن ۾ ڪي ڦريا فرمانا،
ڪي عابد عالم اوليا ڪي اُچا انسانا،
ڪي ظالم زور ظلم ۾ ڪي فائق فقيرا،
ڪي دنيا ۾ مغرور هئا، ڪي لاغرض لعيما،
ڪي عقل وڏي سان آدمي ڪي موڳا ملولا،
ڪي گونگا ٻوڙا گرفتي ڪي چريا چلولا،
اهڙا سير الله جا هن سهسين سيلا،
مولي محمد موڪليو سچو سردارا – الخ
-
وڃي پيم اوچتي تنهن نر تي نگاها،
ته مرد ماڙيءَ سامهون اُڀو عاشق آهه،
منڌ مٿيمحلات ۾ هئي حيرت حسينا،
دختر ڌيءَ بادشاهه جي وڏو حرم وياءَ،
بر نه تنهن بروبري ڪينچل آهه ڪجا!
سچ ته صورت سامهون ڪري تابش تاءُ،
هُو منهن لڪائي لڄ پوي قمر قنديلا،
رخ تنهن جي روءِ جا پيا پکين پرتوا-الخ.
رمضان ڪنڀر جي هنن پُرجوش ڪلمات جي باري ۾ آخر ۾
اهو عرض ڪندس ته هي اسان جي ادبي روايت جو تسلسل
آهي. اُهي هڪڙي يا ٻي راءِ جي مدنظر نه ڪنهن کان
گهٽ نه ڪنهن کان وڌ آهن. ادب ۾ ڪا به انتهائي سوچ
نه بيٺي نه بيهندي(107).
ڇَتو سانگي (1822-1892ع)
:
ڇتي فقير سانگيءَ جو اصل نالو محمد ڇتل هو. سندس
والد محمد بچل سانگي تعلقي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ پيٽهڙي
جو رهاڪو هو.، هُن جي گذران جو ذريعو ٻني ٻارو ۽
مال ڌارڻ هو. سندس والد اڃان ڇتو ننڍو هو ته گذاري
ويو. چاچي سندس پرورش ڪئي ۽ کيس مال چارڻ تي مامور
ڪيائين.، ڇتي ۾ ڪي ڪڻا ڏٺائين ۽ کيس پڙهڻ لاءِ
وهاريائين. سندس تعليم جي دوران هُن ۾ ڪي اهڙيون
ڳالهيون نظر آيون جو چاچس ڄاتو هي ڪو عام ٻار نه
هو. هُن کي پيٽهڙي جي مدرسيءَ ۾ ويهاريو ويو، جتان
کيس قرآن شريف ۽ عربي توڙي فارسيءَ جي تعليم ملي.
ڇتي سانگيءَ جي شادي سندس چاچي پنهنجي نياڻي
تاجُلَ سان ڪرائي. کيس قائم خاتون نالي نياڻي
ڄائي. ٿوري وقت ۾ زال گذاي ويئي ته ڇتي فقير
لاڏڪوڏ سان نياڻيءَ جي پرورش ڪئي.
فقير نماز جو پابند هو ۽ سفيد لباس پهريندو هو.
روايت آهي ته پاڻ اصل ڳوٺ کي ڇڏي تعلقي ميري خان
جي ڳوٺ مصري سانگيءَ ۾ وڃي رهيو. سندس ڪجهه زمين
به اُتي هئي (108). کيس مجاز جي چوٽ لڳي.
عبدالرسول شاهه نالي درويش جو مريد ٿيو ۽ حقيقت جي
گس جو پانڌيئڙو ٿيو. کيس پٽاڻي اولاد خاطر شادي
ڪرائي ويئي. کيس اُن گهر مان به نياڻي ٿي (109).
ڇتي سانگي جي وفات 1892ع ۾ ٿي (110).
ڇتي سانگيءَ جي همعصرن ۾ عثمان سانگي، خواجه غلام
فريد، شاهه نصير الدين، موهن ڀڳت، بيدل، وريل
فقير، خير محمد هيسباڻي ۽ ٻيا اچي وڃن ٿا. اُن
ادبي روايت سان به سدس ڪلام مربوط آهي. صنفن جي
لحاظ کان بيت، ڪافيون، سي حرفيون، مولود، مناظرا ۽
سَتَ سُريون وغيره چيون ٿاس. حمديه ڪلام ۾ چوي ٿو:
جيڪي منهنجي جان تي، واحد خلقيا وارَ،
سنڀاريا سنسار ۾، جي ڪرم سندا ڪلتار،
ته وڌي پيا وارن کون، جن جو شرح ناشمار،
ڇتا شڪر نه ڪرين، تون هر هر حمد هزار،
جو ساري سڀ ڄمار، اِهي ٿورا ٿورا نه ٿيا.
سلوڪ جي مرحلن جي سمجهاڻيءَ ڏيندي چوي ٿو:
ڇاهي ڇتا شريعت، تون عيان سمجهه اِنهي کي،
جو ويچارا ونگي وڌا، هن طالبن طريقت،
جيڪو ڄاڻڻ ڄاڻ جو، سو ٿي حال حقيقت،
مطلب معرفت، هت عين شرڪ ٿي آئيو.
بيتن ۾ رامڪلءَ جو مضمون، جوڳين ۽ عاشقن جو احوال
هيئن آڻي ٿو:
عاشقن جا انصاف، ويري ويٺا وٺندا،
سو سمجهايائون سپرين، جا لوڪ ڀانئي ٿي لاڦ،
ويڙهيائونس وجود ۾، ڏيئي غم غلاف،
سجدو ڪن سڄڻ کي، طرحين جئن طواف،
ٻول تنين جا ٻاڦ، ماڻهن ليکي ماڪري.
دنيا جي دوستيءَ جي باري ۾ ڇتو سانگي پنهنجي راءِ
هن ريت ڏي ٿو:
دوستي رک دانهه سان، ڪري ويرَ ويچار،
صحبت آ جنهن جي سڦري، غازي آ غمٽار،
دانهه دسوتي دم تي، اچي سر ڏي سردار،
اهڙي سان اظهار، ڇنجي ڪين ڇتو چوي.
ڪونري ۽ چلم جو جهيڙو مناظرو، نفس سان خطاب ڪندي
لکيو اٿس. چلم ۽ ڪونرو ته ٻاهران اشارا آهن، جن جي
اوٽ ۾ نفس کي خطاب ڪيو اٿس. ايئن ڇتي سانگيءَ جون
ڪافيون محبت ۽ مجز، حقيقت ۽ معرفت جي مام ۾ آهن:
هِت عبادت لاءِ آئين، وتين ڪم اجايا ٻيا ڪندو،
1- ماڻهن آڏو وات مٺائي، پرپٺ ڪِيس ڪمائين.
2- عيب پراوا ڦولهين ڪيئي، سچو پاڻ سڏائين.
3- راتيان ڏينهن پچر پرائي، ويٺو پاڻ
پڏائين.
4- ڇتا
شابس تڏهن توکي جڏهن رب سچو ريجهائين.
-
تنهنجي حسن
حيران ڪيا، مانهنجو ملڪ حوُران پريون.
1- مجني
وانگي مستان ٿيا، پيڙي نينهن ٿو جئن چاڪي نريون.
2-
چشمن هڻي چڪ چوُر ڪيو، ليکي لوڪ جي تن مرگهيون
مريون.
3-
تنهنجي شوق ۾ آهي ڇتو، تنهن جي ذوق ڪيو زابر
ذريون.
لوڪ ادب جي ميدان ۾ فقير جا هنر جا بيت ۽ سَتَ
سريون موجود آهن. سڀ کان دلچسپ انداز بيتن ۾
اختيار ڪيواٿس جو ڪن راڳ راڳڻين جي تعريف ۾ بيت
چيا اٿس. اُهي ڌناسري، بلاولي، بروه، جهنگلو،
سورٺ، جوڳ، مانجهه، ڪلياڻ ڪانهر مالڪونس، کنڀات ۽
ٻين راڳ راڳڻين بابت آهن. مالڪونس لاءِ چوي ٿو:
رمز حقيقت ۾ رکيو، مالڪونس ڪنهين،
کٽي تن خيال جي، نئين ڪٿ نهين،
وحدت جا وصال ري، تڪي ڪانه تهين،
اهڙي جوت جنهين، سي لڪا رهن لوڪ ۾.
ويهاڳ (بِهاڳ) لاءِ چوي ٿو:
سي ڳائين ڳجهه ڳالهيون، وڻيو جن وهاڳ،
ڪري ٿوڪثرت ۾ رس تنين جو راڳ،
آهي اثباتيءَ ۾، محبت تن جو ماڳ،
جاني مٺو جاڳ، سُتو ڪين سهائجي.
هن مان ڇتي فقير سانگيءَ جي راڳ جي ڄاڻ ۽ شوق جي
خبر پوي ٿي. هُو خود به سٺو ڳائڻ وارو هو. پنهنجو
۽ ٻيو صوفياڻو ڪلام اڪيلو ۽ ساٿ ۾ ڳائيندو هو.
پير رشيد الدين جهنڊي وارو (1838-1899ع)
:
پير رشيد الدين ولد پير ياسين شاهه جن جا ٽيون
نمبر فرزند هئا. پاڻ گاديءَ تي ويٺا ته صاحب العلم
الثالث ۽ بيعت وارا سڏجڻ ۾ آيا. بيعت بابت لکيل
ڪتاب سندن فرزند رشد الله شايع ڪيو. کين دستوري
تعليم ملي. سندن والد پير ڳوٺ ۾ نااتفاقيءَ سميت
جهنڊو حاصل ڪري لڏي پهرين لاڙڪاڻي ضلعي طرف ويا،
پوءِ هالا آيا ۽ انهيءَ ايراضي ۾ رهيا جتي هاڻي
ڳوٺ پير جهنڊو آهي.
رشيد الدين شاهه پنهنجي ڳوٺ ۾ مدرسو قائم ڪيو.
خانبهادر ميمڻ لکي ٿو ته:
”پير ميان رشيد الدين نهايت سادگي پسند بزرگ هو.
هميشھ ڪاري کٿي ۽ ڊگهو اڇو پهراڻ، هلڪي ڪانچ، هلڪو
پٽڪو ۽ سنڌي جُتي سندس لباس هوندو هو(111).
پير صاحب جو ڪلام بيت، ڪافين ۽ مولودن تي مشتمل
آهي. ڪلام جو پهريون ايڊيشن سندن مريد حاجي احمد
پاٽولي حيدرآباد مان 1911ع ۾ شايع ڪيو هو. پير
صاحب جي سوانح ۽ڪلام بابت هڪ مختصر ٿيسز به سنڌ
يونيورسٽيءَ ۾ لکي ويئي هئي.
پير رشيد الدين جو ڪلام توحيد، رسالت ۽ اخلاقي
نُڪتن جي باري ۾ آهي.
سامونڊيءَ جي حوالي سان فرمائين ٿا:
بقا باالله جي بحر ۾، ڇُوها ڇڏيائون،
رحمون رشيد چوي، وڃي لنڪا لنگهيائون،
پير رشيدالدين جون ڪافيون روايتي هجر ۽ وصال جي
مضمون سان سينگاريل آهن. پنهنجي حال کان محبوب کي
هيئن واقف ڪري ٿو:
پورن ڪيڙيس پارا، هلي آءُ هوت پيارا.
1- نه اٿم حال هلڻ جو، موٽج محب موچارا.
2- ڍوليا موٽج ڍٽ جا، سوڍا سخ سچارا.
3- سختي واٽ سُمير جي، گهيڙ گهٽيون آهن گهارا.
4- رحمون رشيد الدين چوي، سيد لهج سارا.
پير صاحب ڪل 209 ڪافيون چيون آهن، جيڪي ذڪر ڪيل
ڇپيل مجموعي ۾ آهي. ڪافين وانگر مولود به پير صاحب
جي ڪلام ۾ وڏي اهميت جا حامل آهن. حُبِ رسول جو
اظهار ڪندي پير رشيدالدين چوي ٿو:
مير مڪي مهندار، مولي جا مختيار،
مُرسل منهن ڏيکاريو.
1- سرور تنهنجي سِڪَ کان، جڙيا سڀ جنسار،
ربوبيت رب ڪَئي ، آهي اوهان لئه اظهار،
مُرسل منهن ڏيکاريو.
2- آگي عرش آڻايو آن کي، پريم سان پيزار،
مولا جو محبوب ٿئين تون، دُرس ٿئين دلدارم
مُرسل منهن ڏيکاريو.
3- عاصي عاجز آهيان، احمد تو، آڌار،
سائين ڪارڻ سيدا، منهنجو غور ڪريو غمٽار،
مُرسل منهن ڏيکاريو.
4-رحمون رشيد الدين چي، منهنجو دست وٺو دلدار،
عاجز عصيانن ۾، آهيان شافع ري شُمار،
مُرسل
منهن ڏيکاريو. (112).
پير رُشد الله (1860-1922ع)
:
عالم فاضل والد حضرت پير رشيد الدين بيعت ڌڻيءَ جو
لائق فائق، عالم ۽ شاعر فرزند حضرت پير رشدالله،
نه رڳو پير جهنڊي جو جهنڊو هو، پر سنڌ جي شاعرن جي
گلدستي ۾ هڪ خوشبودار ۽ خوبصورت گل هو.
خانبهادر ميمڻ پير رشدالله لاءِ لکي ٿو:”هيءُ
بزرگ جهڙو هو خداشناس درويش تهڙو هو علم جو بحر ۽
شريعت جو پابند، مجاهد ۽ اهڙوئي هو فارسي ۽ سنڌي
زبان جو ڪامل شاعر(113).
رشدالله شاهه، پنجن ڀائرن ۾ وڏو هو. رشد الله جي
تعليم جو خاص انتظام ڪيو ويو. هُو نهايت سلڇڻو ۽
فرمانبردار هو. سندن والد ڪنهن ڳالهه تان ناراض
ٿيا ته اُن جو اثر ورتائون ۽ مغموم ٿيا. والد صاحب
اچي کين دلداري ڏني. والد جي قائم ڪيل مدرسه ۾
پڙهيا. قرآن مجيد، عربي ۽ فارسي قاضي عبدالغنيءَ
وٽ پڙهيا. فتح محمد نظاماڻيءَ وٽ پڙهيا. مولانا
عبيدالله سنڌي پير جهنڊي آيو، پوءِ هيڊ معلم ٿيو،
اُن کان به تحصيل علم ڪيائون.
دستور موجب پنهنجي والد پير رشيد الدين جي هٿ تي
بيعت ڪيائون ۽ قادري طريقي موجب ذڪر ورتائون. نيٺ
والد جي وفات کانپوءِ گاديءَ تي ويٺا ۽ مريدن جي
تربيت جو اهتمام ڪيائون. بهترين لئبرري قائم
ڪيائون. پري پري کان ڪتاب خريد ڪندا رهيا. مطالعو
ڪيائون، طالبن ۽ مريدن کي به استفادو ڪرڻ جي
سهوليت ڏنائون (114).
شعر چوڻ کانسواءِ بقول خانبهادر ستر ڪتاب سنڌي،
عربي ۽ فارسيءَ ۾ تصنيف ڪيائون جن مان ڪي ڇپيا.
ڊاڪٽر صالح محمد شاهه جيڪا فهرست ڏني آهي، اُهي
اٽڪل ويهه آهي. خانبهادر مزيد ٻن ڇپيل ڪتابن جو
ذڪر ڪيو آهي، اُهي هن فهرست ۾ ڪو نه آهن. اُهي
آهن. ”ارشاد المريدين و هدايت المتقين“ ۽
”لافارقتھ اهل الله و بين المارقتھ“. |