سيڪشن: ادب

ڪتاب: سنڌي ادب جي تاريخ (جلد- ٻيو)

باب:

صفحو:18 

مرزا ٻڍل بيگ ولد مرزا فتح علي بيگ، حيدرآباد ۾ ڄائو. هي خاندان اصل خيرپورميرس جو هو. اُتان حيدرآباد جي ميرن وٽ آيو. هُو تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ پهرين پوليس ۾ ڀرتي ٿيو، پر پوءِ اُها نوڪري ڇڏي ڏنائين. مير نورمحمد خان کيس ڪتابت ۽ ڪتابن جي سار سنڀال لاءِ رکيو. ٻڍل بيگ جي محنت سبب کيس پنهنجو وزير مقرر ڪيائين. اياز قادريءَ مرزا ٻڍل بيگ جي وفات جو سال 1905ع سان گڏ 1916ع به لکيو آهي. ٻڍل بيگ ڪربلا ۾ دفن آهي.

ٻڍل بيگ جو والد فتح علي بيگ ۽ ڀاءُ قاسم علي بيگ به شاعر هئا. ٻڍل بيگ مرثيي جو سٺو شاعر هو. پنهنجن مرثين لاءِ چوي ٿو:

هو شعر جي ميدان جو پلو گهڻو ڀاري،

تنهن کي ڪري ارزان تو ٻڌل دل پنهنجي ٺاري،

هو مرثيه گوئيءَ جو گمان توتي نه جاري،

پر مرثيه گوئيءَ ۾ ڪيئن راند تو ساري،

جنهن کي هجي دعيوٰ سو نڪري ٿئي نروار،

هي گوءِ هي ميدان ڪري شعر جو اصرار.

غزل ۾ به ٻڍل بيگ جو بلند معيار ڪلام آهي. وقت جي لحاظ کان هُو اُن دورا جو سٺو شاعر هو. چوي ٿو:

عشق ۾ آءٌ محو تنهنجو يار پڪ،

زلف جو ظاهر ٻڌم زنار پڪ،

تنهنجي چهري جي چمڪ کان هرطرف،

ٿو ڏسان آءٌ رونقِ گلزار پڪ.

مرزا ٻڌل واردات عشق کي پوري روايت سان هم آهنگ ڪري پيش ڪري ٿو:

سر اسان جي آئي سبزي برهه باري روز شب،

نينهن جو نالو نشان ڪيو پرت پياري روز شب،

کڻ مسيحا هي دوائون فائدو ٿيندو نه ڪو،

عشق جي آڙاه آهي باهه ٻاري روز شب.

ڏي دلاسو دلربا جو تون اچي قاصد سگهو،

ورنه رهندي هن اکين ۾ اشڪباري روزشب.

مثل ريحان مون خط رخسار کي رخ تي ڏٺو،

اُن خط پُر نور جي ٿيم تات تاري روزشب،

نيڻ نرگس کان نمونه ۾ گهڻو زيبا ٿيا،

تن اکين جي هِن اکين کي انتظاري روزشب.

سيم تن نازڪ بدن جو جسم جادو جلوه گر،

سو ڏسي جلوه ٻڍل ٿي بيقرار روزشب.

مير حسن علي خان ”حسن“ (1824-1909ع):

شهزادو مير حسن علي خان، سنڌ جي آخري ٽالپر حڪمران مير محمد نظير خان جو وڏو فرزند هو. سندس ولادت جي تاريخ يوسف خذمتگار لکي. هُو هڪ عالم، شاعر، سخن، سٺج ۽ هڪ نيڪ انسان هو. سندس تعليم مولوي احمد عليءَ جي هٿ هيٺ ٿي. قرآن شريف، عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم ورتائين. پنهنجي ذهانت ۽ مطالعي جو شوق مثالي هو. کيس شڪار جو به شوق هو. هُو بهترين نشاني باز هو. جڏهن هُو ڦوه جواني ۾ هو ته ٽالپورن جي حڪمراني کسجي ويئي ۽ سنڌ انگريزن جي غلاميءَ ۾ هلي ويئي. حسن علي خان، حڪمران والد کي صلح جي صلاح ڏني هئي، جو ميرن ۾ اتفاق نه هو. انگريزن تخت بخت لٽيو. اُن حال جو احوال حسن علي خان پنهنجي تصنيف ”سنڌ جو شاهنامو“ يا ”ڪلهوڙن جي هار“ ۾ هن ريت لکيو آهي؛

جڏهن بخت برگشتگيءَ کان ڦٽو،

ڦٽل بخت ورندي وري ڪنهن ڏٺو!

مير قيد ٿيڻ کانپوءِ ڪلڪتي جلاوطن ٿيا. مير حسن علي خان نهايت غيور ۽ باهمت انسان هو. گورنر جنرل جي شريرانا حڪم کي نه مڃيائين ۽ جتيون لاهي بنگلي ۾ داخل ٿيڻ واري شرط کي ٿڏي ڇڏيائين. کيس ڪي-آءِ-سي جو لقب مليو. ماهانه پينشن ملي. عزت سان وقت گذاريائين. 1846ع ۾ سنڌ ۾ موٽڻ جي اجازت ملي. حسن علي خان اُن کان پوءِ شادي ڪئي، کيس اولاد ڪو نه ٿيو. عمر جي پوين سالن ۾ بيمارين جو شڪار ٿيو. نظر تي اوچتو حملو ٿيو ۽ بلڪل ختم ٿي ويئي. علاج ٿيو ۽ نظر بحال ٿي ويئي. آخر ۾ فالج جو حملو ٿيو. اُن مان جانبر نه ٿي سگهيو ۽ جان جان آفرين جي حوالي ڪيائين.

مير حسن علي خان هڪ اعليٰ انسان هو. سندس تصنيفات ۾ سنڌ جو شاهنامو، شهنشاهه نامو يا حمله حيدري، مختيار نامه، مناقب ۽ متاع حسن اچي وڃن ٿا. پهريون ۽ آخري ڪتاب بالترتيب 1938ع ۽ 1996ع ۾ ڇپيا آهن. سنڌ جو شاهنامو، ميان سرفراز جي زماني جي حالات کان وٺي مير مراد علي خان جي حڪومت جي دور جي حالت تائين سنڌي مثنويءَ ۾ لکيل آهي. هي سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي حيدرآباد شايع ڪيو. جو اصل ڪتاب جي تلخيص آهي، پر حالات جوتسلسل قائم ڪرڻ جي سٺي ڪوشش ڪيل آهي (30).

حسن علي خان پنهنجي ديني تعليم ۽ شاعريءَ جي مطالعي جي ڪري هڪ اعليٰ شاعر ٿي اُڀريو. آخوند قاسم کان اصلاح وٺندو هو، پر ڪا ڳالهه مير صاحب کي نه آئڙي، اُن ڪري اُهو سلسلو بند ٿي ويو. مثنوي سنڌ جو شاهنامو سندس شاهڪار آهي. اِها مير حسن علي خان جي پنهنجي دور ۾ انفراديت آهي جو نه حُسن ۽ عشق جو داستان بيان ڪيائين نه ڪو ٻيو تلقيدي قسم جو شعر چيائين. سندس فارسيءَ ۾ ڪتاب  ۽ سنڌي ڪلام ديني ۽ قومي نوعيت جو آهي. مثنوي سنڌ جو شاهنامو لکڻ جو سبب هيئن ڄاڻائي ٿو:

يقين ڄاڻو هيءَ ڳالهه اي سامعان،

نه ٻئي شعر تي هلندر منهنجي زبان،

بجزُ مدح آل رسولِ ڪرام،

عليھ الصواتھ و عليھ السلام.

فتح نامو هي جو مون تصنيف ڪيو،

سبب اُن جو ڪهڙو هو مون کان ٻڌو.

جهان دار فتح علي از نخست،

ڪيو ملڪ کي فتح با زورِ دست.

لکئين فتح نامو بوجهه اتم،

بيان اُن ۾ ڪيئين هم رزم و بزم.

فتح نامي کي جوڙيو اُن نامور،

په هو فارسي ۾ از سر تا بسر،

اچي منهنجي دل ۾ پيو هي خيال،

ته سنڌي زبان ۾ سو ٿئي ڪُل حال.

ابتدا ۾ ڪلهوڙن جي هار جا سبب ڄاڻائيندي لکي ٿو:

بيان ٿو ڪريان هِت آءٌ هي داستان،

ٻڌو جنهن طرح مون زڪار آگهان،

ڪلهوڙن کان ڪيئن ملڪ ورتو اسان،

ٿيو ويران ڪيئن خاندانِ ڪلان،

چئي اِن طرح ويا دانا نخست،

رعيت چُون بيخ اند و سلطان درخت. (سعدي)

اُن کانپوءِ ميان سرفراز جي دانائيءَ جي تعريف ڪري ٿو ۽ اهو به لکي ٿو ته اُن کي بادشاهي وڃڻ جو خوف رهندو هو. اُن جو فائدو سازشين ورتو ۽ راڄي ليکيءَ مير بهرام کي قتل ڪرائڻ لاءِ ميان کي ڀڙڪايو، ميان چيو:

چيو ميان اُن کي اي بد صلاح،

آءٌ ڄاڻان ٿو هي امر ناهي مباح،

ٿيو مير کان آهي ڪهڙو قصور؟

جو ڪم ۾ وجهان اُن جي آڻي فتور.

ميان گهڻا دلدلي ڏنا پر راڄو ليکي ۽ اُن جو سازشي ٽولو ميان کي مڃائي هي ڪُڌو ڪم ڪرائي چڪو ۽ اُن جو نتيجو خود ميان سرفراز جي معزوليءَ جي صورت ۾ آيو ۽ پوءِ قيد ۾ سندس اکيون ڪڍيون ويون، نيٺ قتل ڪيو ويو. ائين انهيءَ دور جا سڀ حالات لکندو حسن علي خان آخري معرڪي هالاڻيءَ جي جنگ جو بيان ڪري ٿو:

انهيءَ جنگ تي امر هو منحصر،

ته حاصل ڪري جيڪو فتح و ظفر،

اُهو ٿيندو هن ملڪ جو بادشاهه،

مخالف ٿي ويندو سراسر تباهه.

ميدان جنگ جو نقشو هيئن ٿو ظاهر ڪري:

ٻه لشڪر چوان يا ٻه دريا چوان،

ٻه لشڪر هئا يا ابر آتش فشان.

جو تپِ لرزه ٿيود ر دلِ ڪوهسار،

رسيو جنهن جي سر تي اجل جو پيام،

تنهن نوڙي سِرَ تن کي ڪي ٿي سلام.

جدا ٿي گهڻا روح قالب کان ويا،

ڇڏي مرغ روح آشيانه هليا.

لنگهي جنگ انداز کان ويئي پري،

نه مشڪل هو جو دشت رڻ جو ٻري،

ڏٺو مير فتح علي خان دلير،

گدڙ آهي آيو ڍڪي چَرم شير،

سندس مير کي نه آيون لافون پسند،

ڪري اُن ڏي منهن چيائين با زهر خند.

”تون بيٺو هڻين لافون دور تر،

وڌي آ لهان تان آءٌ تنهنجي خبر.“

ائين چئي پوءِ ٿيو حمله ور شتاب،

جهلڻ حملي جو هو نه ڪنهن کي به تاب.

رني ڪوٽ جو ذڪر ڪندي چوي ٿو:

رني جو ٻُڌو ڪوٽ هوندو اوهان،

هي اُن جي عمارت جو شرح و بيان،

عجب جهڙو ڪوٽ اهه در ڪوهسار،

بزرگن کان منهنجي رهيو يادگار.

ائين سنگ تراشن تراشيا پهڻ،

تراشيو ٿي جئن بي ستون ڪوه ڪن.

سراسر بنا ٿيو ز سنگِ رخا،

ٿي ڪوهن ۾ ديوار اُن جي بپا.

هالاڻيءَ واري معرڪي کانپوءِ سنڌ جا حصا ڪري مير حڪمران ٿيا. اُن کانپوءِ آخري معرڪو ٿيو، جنهن ۾ ميرن جي حڪومت هلي ويئي.

مير حسن علي خان سلام، منقبت ۽ مرثين جو به بلند پايه شاعر هو. سندس مرثين جو مجموعو ”متاع حسن“ 26 مرثين تي مشتمل آهي. سڀ مرثيا مسدس بندن تي آهن. رقعت ۽ درد و غم سان گڏ جوش بيان به حسن علي خان جي مرثين ۾ نمايان آهي:

ڪير آڻيندو سندم تربت تي ڪو شمع و چراغ،

رات ساري تنهنجي غم جا ٻرندا منهنجي دل تي داغ،

قبر ۾ ڀي مون کي ماتم کون نه ملندو ڪو فراغ،

هي غضب ٿئي ٿو بهادريءَ ۾ سندم تاراج باغ،

قبر وٽ پوءِ نير نيڻن مان اچي هاريندو ڪير،

منهنجي تربت تي گلن جا هار اچي چاڙهيندو ڪير.

شهيدانِ ڪربلا جو ذڪر ڪندي مير حسن علي خان چوي ٿو:

ڪربلا ۾ سر ڏئي جي ٿيا شهادت شرفياب،

خلق ۾ مشهور ٻاهتر ڄاڻ عالمي جناب،

پر ڏسي جيڪو ڪري يڪجا جي مقتل جا ڪتاب،

تا گهڻا وڌاو ٿيا ٻاهتر کون ڏسجن منجهه حساب،

ابتدا ۾ سيدالشهدا سان جي همراه ها،

سي ها ٻاهتر ڄڻان شايد ٻيا پوءِ شامل ٿيا.

امام قاسم گهوٽ ميدان ڏي رخ ٿيو ته والده محترمه چيو منهنج يوسف دوران ٿو وڃي. حسن جي باغ جو گل ٿو وڃي:

جڏ قاسم نوشا ڪيو رخ جانب ميدان،

مادر ٿي چيو منهنجو ٿو وڃي يوسف دوران،

شبر جي ڇڏيم باغ کي سرو خرامان،

روئندي چيو اِن پر ٿي تڏهن سرور ذيشان،

هن دشت ۾ ٻيڙو ٿو ٻڏي آلِ نبي جو،

هِ قافلو ڦُرجي ٿو رسولِ عربي جو (31).

غرض ته مير حسن علي خان داستان ڪربلا جا سڀ واقعا مرثين جي صورت ۾ قلمبند ڪيا آهن ۽ زبان و بيان ۾ هن فن ۾ قادرالڪلاميءَ جو ثبوت به ڏنو آهي ته دل کولي قاريءَ جا اڳيان رکي اٿس.

سيد غلام مرتضيٰ شاهه مرتضائي (1844-1910ع):

سيد غلام مرتضيٰ مرتضائي رضوي ٺٽويءَ جا وڏا خراسان (ايران) مان لڏي بکر ۾ اچي سڪونت پذير ٿيا. اُنهن مان سيد يوسف شاهه اُتان لڏي ٺٽي آيو. اُن پيڙهيءَ مان سيد ذوالفقار علي شاهه هو، جنهن انگريزن ۽ ميرن جي وچ ۾ دوستي قائم ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو. ”اُن جو فرزند روشن علي شاهه ڪليڪٽر جي آفيس ۾ منشي ۽ پوءِ مختيار ٿيو. هڪ بهترين ڪاتب ۽ شاعر به هو(32).“ مرتضائي روشن علي شاهه جو فرزند هو.

غلام مرتضيٰ شاهه ٺٽي ۾ ڄائو. عربي، فارسيءَ جي تعليم ورتائين. سندس فارسيءَ ۾ اُستاد سيد امام بخش شاهه فدوي هو. جو سنڌي ۽ فارسيءَ جو شاعر به هو. مرتضائي جي خاندان جو گذر سفر اباڻي زرعي زمين تي هو(33). خانبهادر ميمڻ جي لکڻ موجب مرتضائي جي وڏن ۾ به ڪي شاعر ٿي گذريا هئا، جي هئا، لطف علي شاهه همت، ڪمال الدين ڪمال، غلام  مرتضيٰ الهام، نجم الدين عزلت، سيد رعت علي شاهه ۽ عسڪر علي شاهه. (34)

مرتضائيءَ جو ”يوسف زليخا“ مثنويءِ ۾ آهي. هي مولانا جاميءَ جي يوسف زليخا جو سنڌي ترجمو آهي. ڪن ڳوڙهن خيالن وارا شعر ڇڏي ڏنا اٿس. يوسف زليخا جي اوٽ ۾ مولانا جاميءَ مختلف علمن ۽ هنرن جو فلسفو سمجهايو آهي. مثنويءَ جو نمونو هي آهي:

بهار آيو ويو گذري سيارو،

ڪڍيو مشرق سعادت جو ستارو،

گل و گلشن ۾ آيو شاد مانو،

غمن ۽ گوندرن جو ويو زمانو.

-

جڏهن يعقوب سُئي اهڙي حقيقت،

ته آهي ڪو اهو اهڃاڻ فرقت،

ڏسان توتي نه ڪن ڪا ٻاجهه هوئي،

وڃين ڇو ٿو پٺيان تن جي تون پوئي.

سڃاڻي ڄاڻي اکيون ٿا ڍڪيو اڄ،

اوهان ايمان پنهنجو وڪيو اڄ.

يوسف زليخا جو هي ترجمو زبان، بيان ۽ وزن جي لحاظ کان ڪو اعليٰ درجي جو ترجمو ڪونهي. مرتضائيءَ جي ڪلام ۾ ديوان اهم آهي.  پر اُهو دير سان ڇپيو. ديوان مرتضائيءَ کي مون ايڊٽ ڪيو هو، پر سنڌالاجيءَ جي اربابِ اختيار ڪنهن سبب جي ڪري اُهو پنهنجي ويجهي ماڻهوءَ جي نالي شايع ڪيو (35).

مرتضائ، سانگي، فاضل، قليچ ۽ گدا جو همعصر ۽ هڪ اهم شاعر آهي. زبان جي لحاظ کان دقيق ڪلام اٿس. سندس ڪلام تي پهرين پروفيسر لطف الله بدوي هڪ ننڍو مقالو مهراڻ (4-5-6، 1947ع) ۾ لکيو. اُن کانسواءِ خانبهادر ميمڻ، ادبي تاريخ جلد ٻئي ۾ مختصر ذڪر ڪيو. ڊاڪٽر اياز قادري پنهنجي ٿيسز جي ٻئي جلد ۾ مرتضائيءَ جي ڪن ٿورن شعرن جا حوالا ڏنا آهن ۽ گدا سان شعري چپقلش جا حوالا ڏنا آهن. جن ۾ ڪي نهايت نامناسب زبان ۾ شعر به آهن. هاڻي ديوان به موجود ٿيو آهي.

ديوان کانسواءِ مرتضائيءَ جون ٻيون هي تصنيفون آهن؛ مرثيا، رباعيون، منتقبتون، طوطي نامو (ڇپيل)، نجات القلوب، يوسف زليخا (ترجمو-ڇپيل)، سڪندر نامو (ترجمو)، شاهنامي جي ڪن حصن جو ترجمو، اسفند يارنامو ۽ ڪريما نيچرل (ڇپيل). مرتضائي غزل جي روايت جي آخوند گل کان وٺي سانگيءَ تائين هن دور جو حصو رهيو. هن جا ٽي ديوان آهن، جن ۾ هن جو ڪلام پنهنجي دور کان داد حاصل ڪري چڪو. هن دور جي شاعرن جي طرحي ڏي وٺ ۽ دعوت غزل نمايان آهي، ٺٽي ۾ بزم نشاط مرتضائيءَ قائم ڪئي. اُن ۾ به دعوتِ غزل جو سلسلو هليو. هڪ ڀيري حافظ شيرازيءَ جي غزل: اگر آن ترڪ شيرازي، تي تضمين ڪئي ويئي. اُن تي سانگي چيو:

سڻي سانگي سخن تنهنجا چوي حافظ روا باشد،

ڪه بر نظم تو افشاند فلڪ عقد ثريا را.

فدويءَ چيو:

بره جو بحر بي پايان گهڙن هن گهيڙ جي سمجهن،

ڪجا دانند حالِ ما سبڪسارانِ ساحلرا.

مرتضائيءَ چيو:

اچي جي مه جبين مون وٽ اکين ۾ ڏيانس اوتارا،

بخالِ هندوش بخشم سمرقند و بخارا را.

ائين حامد ۽ ٻين شاعرن به طبع آزمائي ڪئي. مرتضائءَ سان دوستي ۽ محنت جو رشتو گدا جو به هو. هڪ ٻئي کي ساراهيندا به رهيا، پر مسلڪ جي ڪري بدمزگي پيدا ٿي ۽ پاڻ ۽ دوستن ذريعي هڪ ٻئي خلاف چيائون. اِن سلسلي ۾ گٿا لفظ به ڪم آندا ويا (36). ديوان مرتضائي ۾ ڪٿي غزل جي نالي ۾ نظم آهن. مثال طور هڪ نظم ڪوڙ جي نندا ۾ لکيل آهي:

آهي ايمان جو وڍيندڙ ڪوڙ،

دين دنيا کي رد ڏيندڙ ڪوڙ.

لعنت الله بڪاذبين ٻُڌج،

نار دوزخ ۾ آهي نيندڙ ڪوڙ.

هت ڪرين ڪوڙ جي اچي سختي،

آهي ايمان جو ميٽيندڙ ڪوڙ.

شيخ سعدي چيو گلستان ۾،

مصلحت گڏ هجو سٽيندڙ ڪوڙ.

مرتضائي متان رهين ڪاذب،

مت رهين ڪنهن سندو مڃيندڙ ڪُوڙ.

مرتضائي غزل جي اصل موضوع عشق جا مضمون ٻَڌڻ تي به ڪاربند آهي. دوست جي ملڻ يا نه ملڻ جا انديشا هيئن ظاهر ڪري ٿو:

مٺو منٺار ملندم يا نه ملندم،

پيارو يار ملندم يا نه ملندم،

ڇڏي صحرا اچان شهرن ۾ اُن لئه،

اندر بازار ملندم يا نه ملندم.

مري ويندس ڪِ جيئري ٿيندو ميلو،

رهان لاچار ملندم يا نه ملندم.

ڪريان فرياد ڪنهن کي مرتضائي،

ٿي منصف يار ملندم يا نه ملندم.

مڪرر قافيا به ڪم آڻي ٿو:

ٻُڌم هي عقل جا نُڪتا اميرن کان اديبن کان،

ٿا ٻڌجن شاه جا گفتا وزيرن کان نقيبن کان،

مُقَيد عشق ڪيو عالم مگر ٿيو حسن جو خادم،

نيازن ۾ وڌيو هڪدم فقيرن کان غريبن کان.

عشق جي واردات ۽ بره جي بار جو ذڪر ڪندي چوي ٿو:

ادا! منهنجي مٿي تي هي برهه جو بار ڪافي آهه،

نه رک هن کان زياده هي سندم جنسار ڪافي آهه،

جهڪو ٿيو سوجهرو سج جو نه گهرجي چنڊ جو چمڪو،

اسان لئه منجهه انڌيري آئينو رخسار ڪافي آهه.

زياده ذوق ڇا ڳايان زباني ڇا نهاني ڇا،

اسان جي آهه فغان ساز موسيقا ڪافي آهه.

محبوب جون پڇائون ۽ تلاش هيئن ڪري ٿو:

صبا چئو گلشن دل ۾ اسان جو يار هو يا نه؟

حسد کان باغ جي گل گل ۾ سوخار هو يا نه؟

روايتي انداز ۾ سراپا بيان ڪرڻ ۾ به مرتضائي اڳرو آهي. پنهنجي رنگ ۾ سراپا بيان ڪندي چوي ٿو:

ڏس بهار باغ خوبيءَ جا گل رخسار واه،

مشڪ ۽ عنبر کان عمدا زلف جوهردار واه،

سبخ خط اُن جي ڏسو تسخير ڪيو هندو حبش،

باج وٺي خال ڏس کان چين ۽ تاتار واه،

تيغ بندي کان ڀرون جي فتح انکي جنگ جان،

نين جا نيزا ڪري مزگان جا سو فارواهه.

-

نه ابرو انڊلٺ محراب يا تلوار ايراني،

ڪمال يا نعل دلدل يا هلال عيدِ قرباني.

نڪو بادام نه نرگس نه آهُو اک اڳيان ايندو،

دونالي جئن ڇٽي بندوق تئن آڻي ٿي بيجاني،

بدن يا آهي چاندي چين جي يا چنڊ جو چمڪو،

بلور ۽ سڀ ڪنان واڌو تجلو آڻي تاباني.

لعاب آهي لبن جو يا اهو گلقند يا حلوو،

شڪر ۽ شهد کان واڌو مٺو يا آب حيواني.

باوجود هجو گوئي ۽ شعري بدمزگين جي مرتضائي هڪ وڏو شاعر آهي. هن جو ڪلام زبان ۽ بيان جي لهاظ کان بلند معيار جو آحي. شعري بدمزگيون ڪنهن حد تائين تنقيد جي دائري ۾ به اچن ٿيون. بهرحال، مرتضائي پنهنجي دور جو هڪ وڏو شاعر آهي ۽ پنهنجي دور ۾ شاگردن جو حلقو به هوس. انهيءَ ڪري به سندس اثر جو دائرو وڌيو. اِهو اُن دور جو خاص طريقو هو. اڄ اُهو طريقو موجود  ڪونهي. هرڪو پنهنجي پر ۾ شعر موزون ڪري ٿو ۽ مطمئن آهي. مرتضائيءَ جو عزيز امام بخش قدوي سندس استاد هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25

 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org