ٽالپورن جي نوڪريءَ ۾ رهيو ۽ انهن سان گڏ ڪلڪتي
جلاوطن ٿيو. واپس ورتو ته شعري فضا ۾ حسن علي
خان ۽ عبدالحسين خان سانگيءَ جي خوشبوءِ هئي.
ماتم به شعر جي چمن ۾ مير صاحبن جو همدم رهيو.
ماتم کي هٽڙيءَ ۾ هڪ پرده نشين خاتون سان عشق ٿي
ويو. اُن ۾ ناڪاميءَ کان پوءِ ڪوٽڙيءَ ۾ رهيو ۽
دواخانو قائم ڪيائين. اِتي لوهار قبيلي مان شادي
ڪيائين. اِن گهر مان کيس ٻه فرزند عبدالعلي ۽
ابو طالب ٿيا. عبدالعليءَ کي فضل محمد نالي
فرزند ٿيو جو ديوان ماتم جي ديباچي ۾ آيل سوانح
موجب 1990ع ڌاري ٽنڊو محمد خان ۾ رهيو ٿي.
اردوءَ ۾ هٽڙيءَ کي خراج تحسي هيئن پيش ڪري ٿو:
گل رويون ڪي هوني سي گلستان هي تو هٽڙي،
شيرين دهنون سي شڪرستان هي تو هٽڙي.
بي سُرمه سيھ چشقم حسينون سي ڀرا هي،
شهرون ۾ جو صحراءِ غزالان هي تو هٽڙي.
هٽڙي ۾ گرفتار هي اِڪ پرده نشين ڪا،
ماتم ڪي لِئي گوشه زاندان هي تو هٽڙي،
بيشڪ ماتم سنڌي ۽ اردو جو قادرالڪلام شاعر آهي جو
مير سانگي کيس هيئن داد ڏي ٿو:
آهه با فضلِ محم شعر ماتم جو مٺو،
دل سندس آهي غم آل عبا ۾ داغدار،
واه ماتم بي گُمان شيرين سخن،
شاعري خوش حيدرآبادي ادا.
-
ماتم، ادا! گدا جي سوا ڪنهن جي ڇا مجال،
هن شعر جي جواب جو ميدان سَر ڪري!
مرتضائي به ماتم کي داد ڏي ٿو:
شعرا ۾ مرتضائي ڏسان جي نگاه ڪري،
مضمون وار سنڌ ۾ ماتم سان ناهي مٽ.
متم هڪ باڪمال شاعر آهي. سندس ڪلام مضمون، هيئت،
تشبيهن ۽ استعارن جي مدنظر نهايت وقيع، موزون ۽
معياري آهي. هن وٽ درد دِل جي حديث هيئن بيان ٿئي
ٿي:
وري آيو بهار باغ آرا،
وري ٿيا زخم منهنجي دل جا آلا.
دوباره ڏينم ساقي ساغر مي،
بهاريءَ ۾ کپي نشو دوبالا،
ٺهي ئي ڪين ٿو محبوب مون سان،
هزارين ٿو ڪيان حيلا حوالا،
وهن ٿا چشمئِه چشمن کان منهنجي،
بجاءِ آب هاڻي رت جا نالا،
گدا آهي اسان جو دوست دلبر،
گدا، کي خوش رکي باري تعاليٰ.
عشق جي واردات جو ماتم تي گهڻو اثر رهيو. هن
پنهنجن غزلن ۾ اُن کي ورائي ورائي تشبيهن ۽
استعارن سان مرصع ڪري بيان ڪيو. سندس هي غزل اهڙي
مضمون جو شاهڪار آهي:
ڪو بچيو عشق جو بيمار ڏٺوسون نه ٻُڌو،
عشق جهڙو ڪوئي آزاد ڏٺوسون نه ٻڌو.
عشق جي دام کان آزاد نه ذرو نه پتنگ،
نيز هم طائرِ گلزار ڏٺوسون نه ٻڌو.
عالمِ حسن عجب عالمِ اسرار آهي،
اهو ڪو عالمِ اسرار ڏٺوسون نه ٻڌو.
ڄاڻ جو نيڪ نه ماتم کي ته ڪو دنيا ۾،
اهڙو اي دوستو بدڪار ڏٺوسون نه ٻڌو.
ماتم درد جو بيان ڪرڻ ۾ يگانو آهي. اهڙو ڪو درد هو
جو هن کي وسريو ڪونه. هر وقت اُن درد جي اثر هيٺ
رهيو. پنهنجي عشقيه شاعريءَ ۾ اُن درد جو بيان
ڪندو رهيو:
غم و رنج و دريغ و درد ماتم،
محبن جا رکيا محبوب نالا.
ماتم جي اردو ڪلام ۾ ته دک درد جا پاڇا پکڙيا پيا
آهن. سنڌي ڪلام به جيڪو ميسر ٿيو آهي، اُن ۾ دک
درد ايترو نمايان آهي جو ماتم اسم بامسميٰ نظر اچي
ٿو.
سيد فاضل شاهه (1836-1900ع):
سيد فاضل شاهه ولد حيدر شاهه جو ذڪر خانبهادر ميمڻ
جي ادبي تاريخ (ج-2) ۽ ٻين ڪتابن ۾ آيو آهي، پر
اُنهن جو بنيادي ماخذ ديوان فاضل آهي. هي ديوان
سندس ئي پياري شاگرد ۽ مشهور اديب محترم محمد صديق
مسافر گهڻي محنت سان تيار ڪيو. هن جي اڳيان خود
سيد فاضل شاهه جي لٿو ۾ ڇپايل ديوان جو نسخو هو.
اُن جي نئين ڇاپي لاءِ مسافر صاحب مستند مقدمو،
فاضل شاهه جي سوانح، ڪلام جي درستيءَ سان گڏ متن
جي آخر ۾ شرح ۽ معنيٰ به ڏني آهي. ائين شاعر ۽
ڪلام جي باري ۾ گهڻي محنت ڪئي اٿس. سنڌ مسلم ادبي
سوسائٽي حيدرآباد ديوان فاضل جو هي ايڊيشن 1937ع ۾
شايع ڪيو. مسافر صاحب نه رڳو شاعر جو شجرو
واسطيدار شخصيتن کان هٿ ڪري شامل ڪيو آهي، بلڪه
فاضل شاهه ۽ سندس دور سان منسلڪ اهم شخصيتن ۽ مواد
فراهم ڪندڙ ماڻهن جا نالا به سليقي سان ڏنا آهن.
هاڻي ته مواد جي فراهميءَ جا ذريعا وڌيڪ آهن ۽
تحقيق ۽ ترتيب جا نوان طريقا ڪم اچن ٿا، پر مسافر
صاحب اُن وقت جي محدود ذريعن هوندي ترتيب ۽ تحقيق
جو جيڪو معيار قائم رکيو آهي، سو معمولي طريقا
اختيار ڪندڙ ماڻهن لاءِ تازيانو آهي. رڳو ڪنهن جي
ڪتاب تي ترتيب ڏيندڙ طور ٺپو هڻڻ ڪافي ڪونهي.
مسافر صاحب، حيدرآباد ۾ ٽريننگ ڪاليج جي تربيت
دوران عربي ۽ فارسيءَ جو درس فاضل شاهه کان وٺندو
هو ۽ اُستاد کان غير معمولي درجي تي متاثر ٿيو.
سائين فاضل شاهه کان گهڻو پرايائين.
سيد فاضل شاهه جو والد حيدر شاهه نالي وارو ماڻهو
هو. ڪيترائي سندس مريد هئا. حيدرآباد کي 6 فرزند
هئا. فاضل شاهه سڀني ۾ وڏو هو. قرآن شريف جي تعليم
آخوند محمد صابر هالاڻيءَ کان ورتائين. فاضل شاهه
سان گڏ تعليم وٺڻ واراڪي سندس سئوٽ ۽ ماسات به
هئا. انهن ۾ فاضل شاهه نهايت ذهين هو. اُن تعليم
کانپوءِ مولوي عبدالله ولهاريءَ وٽ عربي فارسيءَ
جي تعليم لاءِ ويٺو. هي مولوي صاحب مشهور درويش
صابر ولهاريءَ جي اولاد مان هو. عربي ۽ فارسيءَ جي
تحصيل کانپوءِ مولوي محمد حسن وٽ علم منطق پڙهيو
(21).
تحصيلِ علم کانپوءِ فاضل شاهه مختلف ڪتابن جي
مطالعي ۾ پاڻ کي مصروف رکيو. هُو مائي اَبوڙيءَ جي
ڪارخاني ۾ هڪ طرف لکڻ پڙهڻ جو ڪم به ڪندو رهيو.
کيس مجاز جي چوٽ به اُتي لکي. هُو جلد حقيقت حال
کان واقف ٿيو ۽ مجازي عشق جي ڄار مان نڪتو. برملا
چيائين: ڪرڻ عشق آهي مجازي عبث.
سندس شادي چنڱل شاهه جي گهران ٿي. کيس اُن گهر مان
ٻه فرزند ۽ اٺ نياڻيون ٿيون. اُن بيبيءَ وفات ڪئي.
هڪ فرزند دين محمد شاهه به ڦوه جوانيءَ ۾ گذاري
ويو. ٻيو فرزند محمد شاهه ننڍپڻ ۾ ئي گذاري ويو
هو. ٻي شادي ڪيائين ۽ کيس هوندل شاهه فرزند ڄائو.
فاضل شاهه جو رسوخ گهڻو وڌيو. سندس چاچو محمد يوسف
شاهه شهر جو قاضي هوندو هو. لکپڙهه ۽ ٻيو سڄو
انتظام فاضل شاهه جي حوالي هو. نه رڳو ايترو بلڪه
مختار (وڪيل) به ٿيو. پاڻ هڪ عالم ۽ شاعر طور گهڻو
ناليوارو ٿيو. آخوند قاسم کانئس عمر ۾ ٽيهارو سال
وڏو هو، پر فاضل شاهه جي ساٿ کي گهڻي اهميت ڏيندو
هو. هن دور ۾ حيدرآباد ۽ ڀرپاسي شاعرن جي
موجودگيءَ هڪڙو علمي ماحول پيدا ڪري ڇڏيو هو. فاضل
شاهه جو نه رڳو هي ديوان موجود آهي، پر فارسيءَ ۾
به ڪلام اٿس ۽ مختلف اسلامي موضوعن تي تصنيفون به
اٿس. ميزان الشعر ۽ چونڊ ڪافيون چيل به اٿس. فاضل
شاهه جو تحرير ڪيل ڪيترو ذخيرو سندس وفات کانپوءِ
ضايع ٿي ويو(22).
ديوان فاضل جي هر غزل مٿان اُن جو بحر ۽ وزن
ڄاڻايل آهي. ڪي غزل ڪي واقعن ۽ وفات نامن وغيره جي
سلسلي ۾ آهن. فاضل شاهه تاريخ گوئيءَ ۾ به عالمانه
حيثيت رکندو هو. اُن جا مثال به ديوان ۾ آهن جن جي
شاگردن ۽ سکڻ وارن لاءِ تشريح مسافر صاحب ڪئي آهي.
عربيءَ تي مڪمل عبرو سبب شعر ۾ مشڪل زبان ۽ اصطلاح
ڪم آندل آهن. گل، قاسم ۽ ٻين وڏن ۽ ننڍن همعصرن جي
ڀيٽ ۾ سيد فاضل شاهه جو ڪلام دقيق آهي. پنهنجي دور
جي مليل مصرع طرح تي به فاضل شاهه جو گهڻو ڪلام
مشتمل آهي. ديوان گل جو پهريون غزل به طرحي لحاظ
کان ديوان فاضل ۾ پهريون غزل آهي:
محبت محض مولاجي، ميان رک مرد متوالا،
م ٿي مشرڪ مُوحد رهه، ڀري هڻ شرڪ کي ڀالا.
طرحي مشاعري جو هي مقبول غزل به فاضل شاهه جي
ديوان جو سينگار آهي:
ساز سڻ ثابت سدا منجهه آدمين آهي اَلڀ،
حُب جي حقي هوا، منجهه آدمين آهي، اَلڀ.
لفظن جي استعمال ۽ موزونيت جا به فاضل شاهه وٽ
سهڻا مثال موجود آهن. چوي ٿو:
حيران حورون حسن جي تو قيد ۾ قابو ڪيون،
جاني جيئن جنسار سان يا سونهن جي سامان سان،
سينگار جو سڏ سي سُڻي پريون اچي پيرين پيون،
ريسون ڪري رفتار سان چنچل چڱي چالان سان.
محبوب جي در تي وينتي ۽ پنهنجي محبت جو اظهار ته
غزليه شاعريءَ جو هڪ اهم عنصر آهي. فاضل شاهه چوي
ٿو:
تون سڄڻ ساهه ۾ سمائين ٿو،
قلب ۾ قرب کي ڪمائين ٿو.
-
دل اندر ديگ درد وارن جي،
دلبرا درد کي دمائين ٿو.
ائين جذبات جي ادائگيءَ لاءِ اڪثر مليل مصرع طرح
جي تڪميل ۾ فاضل پنهنجي دور ۾ نهايت ممتاز شاعر
آهي:
خورشيد قمر سرطان اندر خوشحال ٿيا سعدين ٻئي،
محبوب ملي مسرور ڪيا، اُن وير اچي عينين ٻئي،
سينگار سڄڻ سردار سندي اسرار عجب اظهار ڪيا،
حيران ٿيا هڪ وار ڏسي سامان سڀئي ثقلين ٻئي.
فاضل شاهه زماني جي رنگ ڍنگ ۽ اخلاقي پستيءَ تي به
کلي ڳالهه ڪئي:
نوري ناروين زينت واريون،
وييون گُذري قول سچاريون،
قرب قرابت عصمت داريون،
سبق پڙهيو جن ستر صفائي،
بچي برادر ڀيڻ نه ڀائي،
ادي ادا ٿيو چوڻ اَجائي.
-
وارث پنهنجا دُرس ڌُتاري،
پرت پچائي ساڻ پياري،
ڦند فريبن سان ٺپ ٺاري،
سڀڪا پنهنجي ڪن سڻائي،
بچي برادر ڀيڻ نه ڀائي،
ادي ادا ٿيو چوڻ اجائي.
فاضل شاهه پنهنجي دور جو هڪ شاعر، سجاڳ ذهن وارو
عالم فاضل ماڻهو هو. سندس ڪلام ۽ ٻيو علمي ڪم اهم
آهي. سندس گهڻو علمي خزانو وفات کانپوءِ ضايع ٿيو.
اُن جو ڪو تدارڪ ٿي نٿو سگهي. سانگي-قليچ دور جو
هڪ عالم شاعر فاضل شاهه سنڌي شاعريءَ جي تاريخ ۾
اهم جاءِ والاري ٿو. اُن سان گڏ سندس نالو علمي
دنيا ۾ توڙي حيدرآباد شهر جي تاريخ ۾ به هميشھ ياد
رهندو.
مولوي الله بخش اٻوجهو (وفات 1901ع):
خانبهادر ميمڻ جي لکڻ موجب الله بخش اٻوجهي جي
ابتدائي زندگيءَ بابت ڪا معلومات ڪو نه ٿي ملي
(23). پروفيسر بدويءَ تذڪري ۾ لکيو آهي ته اٻوجهي
جي والد جو نالو محمد شاهه هو ۽ هن جو تعلق قريشي
هاشمي خاندان سان هو(24). مولوي الله بخش جو حافظو
تيز هو. هُو برزبان پڙهائيندو هو ۽ فوج جي عملدارن
کي مشرقي زبانون پڙهائيندو هو. خانبهادر حسن علي
آفندي سنڌ مدرستھ الاسلام ڪراچي قائم ڪيو.
خانبهادر ميمڻ لکي ٿو: ”جڏهن سنڌ مدرستھ الاسلام
ڪراچيءَ جو پرشن ٽيچر مرزا عبدالحسين پنهنجي
ملازمت ڇڏي ويو، تڏهن اُن جي جاءِ تي کين (اٻوجهي
کي) مقرر ڪيو ويو. اُن منصب تي وفات تائين رهيو
(25).“ مولو صاحب کي نوڪريءَ جون پگهار جي لحاظ
کان بهتر آڇون هيون، پر هن کي حسن علي آفندي ۽ سنڌ
مدرسي سان عشق هو. تنهن ڪري ٻي ڪا آڇ قبول نه
ڪيائين. مولوي الله بخش جي اوطاق تي ئي مجمع محمدي
جو بنياد 16 مارچ 1884ع تي پيو. ان جون شاخون ٻين
شهرن ۾ به قائم ٿيون.
مولوي صاحب پاڻ لاءِ اٻوجهو تخلص چونڊيو ته حسن
علي آفندي لاءِ سٻوجهو لقب چونڊيائين. پنهنجن شعرن
۾ آفنديءَ لاءِ اهڙا اشارا ڏنا اٿس. مولوي صاحب
هفتيوار اخبار معاون به جاري ڪئي. سندس وڏو
ڪارنامو مسدس اٻوجهو آهي جا هن حاليءَ جي مسدس جي
طرز تي لکي. زبان ۽ بيان جي لهاظ کان مسدس ۾ شعر
جو اعليٰ معيار قائم ڪيائين. هن مسدس ۾ حاليءَ جا
بند به آهن ته طبعزادبند به لکيا اٿس. مسدس ۾
يڪجهتيءُ جو درس به ڏنو اٿس.
قومي درد هن مسدس جي تحرير جو سبب هو. حاليءَ جي
لکيل بندن جو ترجمو به نهايت خوبصورت انداز سان
ڪيو اٿس. اُن ۾ ترجمي جو ذرو به شائبو نٿو ٿئي:
زمين سنگلاخ ۽ هوا آتش فشان،
لُڪن جون لپاٽون ۽ جهولن جا طوفان،
جبل جال ڏونگر وڏا لڪ بيابان،
کجيون ۽ ڪنڊيون ڪرڙ خار مغيلان،
ليون لوت لاڻا کٻڙ کيهه سڀئي ها،
جو وسلا عرب جا سڀيئي اِهي ها.
حضور صلي الله عليھ وسلم جن بابت هي تاريخي بند
اوتري ئي خوبصورتيءَ سان موجود آهي، جيترا حاليءَ
چيا:
نبين ۾ رحمت لقب جنهن ڀلارو،
مرادون غريبن پڄائي سونهارو،
مصيبت کان ڏيندڙ سوئي ڇوٽڪارو،
هو پنهنجن پراون جو جنهن ڪيو سڌارو،
فقيرن جو ملجا ضعيفن جو ماويٰ،
يتيمن جو والي غلام جو موليٰ.
-
گنهگار کان درگذر ڪرڻ وارو،
بد انديش جي دل ۾ گهر ڪرڻ وارو،
فسادين کي زير و زبر ڪرڻ وارو،
ڦٽهڙن کي شير و شڪر ڪرڻ وارو،
حِرا کان لهي پاڻ اُمت ۾ آيو،
نئون نسخهِ ڪيميا تنهن پڄايو.
تفرقي، ڪٽرپڻي، حسد، بغض ۽ جهل ماڻهن ۾ جيڪي
افراتفريءَ جهڙيون حالتون پيدا ڪيون هيون، تن
مولوي اٻوجهي کي گهڻو رنجايو هو. هو پنهنجي ڳالهه
هڪ خواب جي وسيلي ڏٺل حالت جي حوالي سان بيان ڪري
ٿو:
ٻڌو خواب جي ڳالهه منهنجي سموري،
سموري ڪريان چند بيتن ۾ پوري،
ٻُجهان ٿو اهو خواب آهي حضوري،
ٿيم خواب جي ڳالهه ڳرهڻ ضروري،
دڙي تي چڙهي جان نظر کي گهُمايم،
نظر باغ سرسبز سڀ صاف آيم.
پر اُن سرسبز باغ کي تعصب جي باد سموم تباهه ڪري
ڇڏيو ۽ اُت هر گل ٻوٽو وڻ ٽڻ سڙي ويو. اُن جي سنهن
ختم ٿي ويئي ۽ سڀ ٺاٺ هلي ويا. ايئن ڇو ٿيو؟ اُن
جو جواب ٿو ڏي:
ڏسين ٿو ٻه ويڙها وسوڙيل وڙهن ٿا،
اُهي پاڻ ۾ يار ڀائر ٿين ٿا،
هڻي هڪ ٻئي کي وڃايو وجهن ٿا،
نه سانگو نه لانگهو نه گهانگهو رکن ٿا،
وڏي ڀاءُ ننڍي سان وڏو وير پاتو،
ننڍي ڏس وڏو ڀاءُ بدخواه ڄاتو.
اُهي ڪير آهن، تن جي چِٽي نشاندهي ڪندي اٻوجهو چوي
ٿو:
ٻه ويڙها وڙهاڪا چيائين اُنهن مان،
سي آهن اُهي شخص هندو مسلمان،
وڃن ونئون وسوڙيل رٺا هڪ ٻين کان،
مدا ڪن مدايون اُهي پيا پنهنجن سان،
نظر ۾ ڪو ننگ ٿن هڪ ٻين جو،
نه ڪو شرم اکين ۾ هڪڙي وطن جو.
حل هيئن ٻڌائي ٿو:
ٿين ها جي هُو واهرو هڪ ٻين جا،
رکن ها نظر ۾ فوائد وطن جا،
ڪمائين ها جي نتيجا ڪمن جا،
وٺن ها ورائي منافع پنڊن جا،
وٺي ها اُهو ڏينهن ڏاڍا سڌارا،
وڃن ها سڀئي سنڌ جا سور سارا.
اٻوجهي کانسواءِ نظامي ۽ ٻين شاعرن مسدس به لکيا
آهن ۽ حاليءَ جو ترجمو به ڪيو اٿن، پر اٻوجهي سان
جذبي ۾ مقابلو البت غلام احمد نظامي ڪري سگهي ٿو،
جنهن اٻوجهي کان پوءِ وقت جي حالت ۽ اقبال جي رنگ
کي سنڌيءَ ۾ آندو ۽ ٻيو واصف هو، جنهن اقبال جي
ڪلام جا ترجمان ڪيا.
غلام محمد شاهه گدا (1826-1905ع):
خان بهادر ميمڻ جي ادبي تاريخ (جلد -2) ۾ به گدا
تي هڪ باب موجود آهي. اياز قادريءَ جي ڪتاب سنڌي
غزل جي اوسر (ڀاڱو-2) ۾ گدا جي غزلگوئي تي هڪ باب
موجود آهي. تفصيل سان مقدمو رشيد لاشاريءَ جي
سهيڙيل ديوان گدا ۾ آهي. ديوان ترتيب ڏيڻ سان گڏ
مقدمي ۾ گدا جي زندگي، همعصرن ۽ شاعريءَ تي تفصيل
سان بحث ڪيل آهي. رشيد لاشاري لکي ٿو ته:”گدا
حسيني سادات هو. سندس وڏا ميان نورمحمد ڪلهوڙي جي
زماني ۾ خراسان (ايران) کان لڏي خدا آباد ۾ آيا،
جو اُن وقت گاديءَ جو هنڌ هو(26). غلام محمد شاهه
گدا، جي والد جو نالو حسن علي شاهه هو. اُهو مير
نصير خان جي حڪومت ۾ اهم عهدي تي هو. سندس پڙ ڏاڏو
سيد بچل شاهه هڪ عالم فاضل ۽ درويش هو. گدا جي
ننڍپڻ ۽ جوانيءَ جي تربيت بچل شاهه جي هٿ هيٺ
ٿي(27).
گدا، عربي، فارسي، سنڌي ۽ اردوءَ جي تعليم ورتي.
رشيد لاشاريءَ جي لکڻ موجب ابتدائي تعليم ۽ قرآن
مجيد جي تعليم گهر ۾ بزرگ کان مليس (28).
آخوند فقير محمد عاجز سندس هم سبق هو. علامه اسد
الله شاهه فدا ساڻس گڏ عربي پڙحيو. مير عبدالحسين
سانگيءَ وٽان عاجز ۽ گدا کي وظيفو ملندو هو. گدا
جي شاگرديءَ ۾ سانگي ۽ ٻين شاعرن جا نالا اچن ٿا.
گدا جي همعصرن ۾ ميون وڏل علوي، پير علڻ سائين
ڀٽائي، صاحبڏنو شاهه، مرزا قليچ بيگ، آخوند لطف
الله، آخوند محمد قاسم، مرتضائي، فضل محمد ماتم،
حافظ حامد ۽ ٻيا ڪي شاعر اچي وڃن ٿا. انهن همعصرن
مان بعضي ڪلام ۾ هڪ ٻئي کي داد به ڏنو آهي.
گدا، هندوستان، ايران ۽ عرب ويو. مقامات مقدسه جي
زيارت ۽ حج به ڪيائين. گدا شاهه عزيزن مان شادي
ڪئي. سندس بيبي به فارسيءَ جي ڄاڻو هئي. ٻه فرزند
ٿيا. اولاد سان پيار لازمي ۽ فطري آهي. پٽن، پوٽن
۽ پوٽين جا زندگيءَ ۾ وفات جا صدما سٺائين. اُنهن
صدمن کيس جهوري وڌو. گدا آخر تائين عبادت گذار
رهيو ۽ ساگيءَ سان زندگي گذاري مالڪ حقيقي سان وڃي
مليو ۽ ٽنڊي آغا جي قبرستان ۾ دفن ٿيو.
گدا جو ڪلام غزل (سنڌي-اردو)، قصيدن، منقبتن،
مثنوين تي مشتمل آهي. فارسي ڪلام به نهايت اعليٰ
معيار جو آهي. گدا کي همعصر شاعرن پنهنجي دور ۾
بيمثال شعرن جا تحفا خراج تحسين طور پيش ڪيا آهن.
مير عبدالحسين خان سانگي کيس اُستاد ڪري ورتو ۽ هر
طرح تعظيم ۽ تڪريم ڪئي. کيس ڪيترن شعرن ۾ داد ڏنو.
چوي ٿو:
اُستاد سخن آهي گدا، شاعر يڪتا،
آءٌ اهڙي سخندان کي سخندان نه چوان ڇو؟
ماتم داد تحسين هيئن پيش ڪري ٿو:
گدا جو هي غزل لاجواب آهي مگر،
قبول خاطر ماتم اهو جواب ٿئي.
مخلص چوي ٿو:
گدا اُستاد منهنجو بي نظير آهي،
سخن ۾، نظم ۾ طرز بيان ۾.
ائين همعصرن ۽ شاعر دوستن جي داد ڏيڻ جو سلسلو اُن
دور جو ڄڻ دستور هو. گدا لاءِ اُن جي اهميت گهڻي
نه هئي، ڇو جو هو اُن دور جو ۽ ايندڙ وقت جو وڏو
شاعر هو. رشيد لاشاري ، گدا جي ڪلام جي خوبين جي
باري ۾ لکي ٿو ته:”تشبيهه، استعارو، تخيل، زبان جي
صفائي، محاوره بندي ۽ صنايع بدايع ته سندس خاص
خاصو آهن. گدا شاهه پنهنجي دور جي شاعرن جو اُستاد
هو(29).“
گدا جو دور طرحي مشاعرن جو دور هو. گد، سانگي،
قليچ ۽ ٻين اهم شاعرن جي ديوانن ۾ اهڙا طرحي غزل
ملن ٿا ۽ خوب نڀايو اٿن. ديوان گدا جو پهريون غزل
به طرحي مشاعري جي پيداوار آهي. چوي ٿو:
اُهي عاشق سچا جي نينهن جو ناتو نڀائيندا،
برهه جي باهه ۾ جند جان ققنس جئن جلائيندا.
-
اسان جي درد جا دونهان اسان جا يادگار آهن،
اسان جا هي غزل سهڻا سرائيندا سڻائيندا.
عشق جي اظهار ۾ گدا بيباڪيءَ وارو انداز اختيار
ڪيو آهي. چوي ٿو:
اسان ڪيو عشق جو اظهار پنهنجن ۾ پراون ۾،
اسان ڪيو عقل جو انڪار پنهنجن ۾ پراون ۾.
پنهنجي خوشبختيءَ تي ڪيترو خوش آهي، اُن جو اظهار
به واضح لفظن ۾ ڪري ٿو:
سڏي محفل ۾ مون کي يار ويهن ٿا وهارن ٿا،
ڪري لطف و ڪرم بسيار ويهن ٿا وهارن ٿا.
سڏي پنهنجي دا کي سونهن جا سلطان لاثاني،
عجب جهڙا ڪريو جنسار ويهن ٿا وهارن ٿا.
محبوب جي حسن جو ذڪر ڪرڻ ۽ سراپا بيان ڪرڻ ته
عشقيه شاعريءَ جو ڄڻ بنيادي اُصول آهي. گداهن
موضوع کي خوب نڀايو آهي. اُن جا ڪيئي مثال آهن.
چوي ٿو:
ادا! مون لاءِ آهي هِن جهان ۾،
مِٺي محبوب جي قامت قيامت،
مسلسل زلف سنبل وار سُرها،
خجل خوشبوءِ کان جنهن جي مشڪ تبت،
عجيبن جون اکيون ڪاريون ۽ ڪجليون،
وڌو آهوءَ کي جن دردشتِ عبرت،
چوان قندِ مڪرر کان به دهه چند،
لبِ جان بخش جانا جي حلاوت.
سندس رفتار تي ٿئي ڪبڪ قربان،
سڻي گفتار طوطي کي به حيرت.
-
ڏسي دلدار جا پُر پيچ ڪاڪُل،
خجالت کان ٿيو پزمرده سنبل.
-
ناز آهي جو نگاه يار ۾،
سو نه آهي نرگس بيمار ۾،
رنگ جيڪي آهي رُوي يار ۾،
سو نڪي گُلَ ۾ نڪي گُلنار ۾،
منهنجي دلبر جهڙو سهڻو سيم تن،
ڪونه آهي ڪابل ۽ قندار ۾.
-
مشهور سڄن جئن ٿيو شيرين دَهَني ۾،
تئن شهرهء آفاق آهيان شيرين سُخني ۾.
-
چُمان هٿ پنهنجا جن کي دسترس ٿي اِن قدر حاصل،
رخ جانان درهم زلف ها، سي ڏس سنواريا مون.
گدا ڪن هجو گوين کي هجو ۾جواب به ڏنا آهن. هن فن ۾
به گدا يڪتا رهيو. هجو گوئي شاعر خوشيءَ سان نه
ڪندو آهي، مجبوريءَ کان ڪندو آهي. ڪي غزل خوش
دليءَ کي به ظاهر ڪن ٿا. اُنهن ۾ ڪا هجو ناهي، پر
نسبتاََ آسان زبان ۽ آسان اسلوب ۾ آهن. مثال:
دوستن لئه ته آءٌ سُرُور آهيان،
دشمنن لئه مٿي جو سُور آهيان.
عشقبازيءَ جي فن ۾ اي يارو!
صاحبِ هوش ذي شعور آهيان.
برهه جي باهه من ۾ ٿي ڀڙڪي،
ورنه آءٌ صورت تَنوُر آهيان.
-
اي گدا پنهنجي شاهه خوبان کان،
هڪڙو دم آءٌ ته ڪينَ دُور آهيان.
گدا جي دور جي مشهور طرح واري غزل جا ڪي شعر دا جي
نه رڳو قادر الڪلامي ظاهر ڪن ٿا، پر سُر ۽ آهنگ
توڙي منفرد رديف جو به بهترين مثال قائم ڪن ٿا:
مون کي ميخوار ڪيو، ڪنهن ڪيو؟ دلدار ڪيو،
لطف بسيار ڪيو، ڪنهن ڪيو؟ دلدار ڪيو،
چشمِ مخمور جي غمزه سان ڪري چڪنا چور،
مون کي سرشار ڪيو، ڪنهن ڪيو؟ دلدار ڪيو.
حضرتِ عشق لڪايم ٿي، لڪي ڪين لڪو،
نيٺ نروار ڪيو، ڪنهن ڪيو؟ دلدار ڪيو.
پنهنجي پاسي کان ڪڏهن ڪين ڪيائين پاسي،
ڏس ته اڄ ڌار ڪيو، ڪنهن ڪيو؟ دلدار ڪيو.
واه وا! حضرتِ سانگي جي غزل جو هي جواب،
مون کي هوشيار ڪيو، ڪنهن ڪيو؟ دلدار ڪيو.
عشقبازن ۾ گدا، شاهه ڪيائين مون کي،
منهنجو مقدار ڪيو، ڪنهن ڪيو؟ دلدار ڪيو.
بيشڪ پنهنجي دور جو اُستاد شاعر هجڻ سان گڏ گدا
شاعر جذبات به آهي. ائين غزل جو حق ادا ڪري ڇڏيو
اٿس.
مرزا ٻُڍل بيگ، ٻُڍل (1862-1905ع): |