سيڪشن: ادب

ڪتاب: سنڌي ادب جي تاريخ (جلد- ٻيو)

باب:

صفحو:21 

”چندن هار“ ۾ مختلف نُڪتا شعري روپ ۾ آهن، ڪن نظمن تي عنوان به ڏنل آهن ۽ بحرن جي نشاندهي به ٿيل آهي. هن ڪتاب ۾ مختلف اصناف سخن شامل آهن، جن ۾ قليچ جي قابليت ۽ شاعرانه بلند خيالي ظاهر آهي. بيشتر شعرن جو مضمون فارسيءَ جي شاعرن تان ورتل آهي. اُهو حڪمت جو خزانو سنڌيءَ ۾ آڻن جو جذبو ئي هن ڪتاب لکجڻ جو محرڪ بنيو. هي ڪتاب ڪُل ٻاويهن بحرن تي آڌاريل آهي، جن جي فهرست شروع ۾ به ڏنل آهي. هي نظم ڪيترن ئي عنوانن هيٺ ورهايل آهي. اُنهن ۾ حڪمت جا نُڪتا ۽ سوچ لاءِ گهڻو ڪجهه آهي. اڪثر ڪي مناسبتون به آندل آهن. هڪڙو عنوان آهي: ”زالن جا ظلم“:

ڪَن ڏئي ٻُڌ ظلم جي زالن ڪيا،

۽ ڪتابن ۾ بزرگن جي لکيا.

نِڪتو آدم پهرين ڪيئن جنت منجهان،

جڏهن حوا همراز ٿي شيطان سان،

قتل جو پهريون ٿيو هابيل هو،

اُن جو قاتل زال لاءَ قابيل هو.

هُود پيغمبر کي آڏو زال ٿي،

۽ به يحييٰ جي نڙي اُن لاءِ وڍي،

زال لاءِ ماريو عليءَ کي پڻ پليد،

۽ حَسن پڻ زال سببان ٿيو شهيد.

زال هڪڙيءَ هئا نبي ستر ڪُٺا،

عاري اُن کان انبيا ۽ اوليا،

مڪر زالن جي ڪيا خانا خراب،

ظلم زالن جي ڪيا سينا ڪباب.

زالون بد آهن بلائون بيگمان،

اَلامان! آهي انهن کان الامان.

راز فاش نه ڪجي:

درگاهه ۾ خدا جي هي شبليءَ ڪيو سوال،

منصور ڇو تو سوريءَ چاڙهيو اي ذوالجلال،

هاتف چيس ته دوست ڏنو اُن کي پنهنجو راز،

ظاهر ڪري جو راز، ٿئي تنهن جو اهڙو حال.

ڏک ۽ سک:

نت طَرب سان مقابل آهي ڪَرب، (خوشي-غم)

گنج جا نت محافظ آهن مار، (نانگ)

هڪ خوشيءَ جي پٺيان هزارين غم،

هڪڙي گل سان رهن هزارين خار،

آهي ڍاري جي هڪ طرف هڪ ٻه،

ٻئي طرف اُن جي آهن ڇهه ۽ چار.

اهڙيءَ طرح مختلف عنوانن هيٺ قليچ هن ڪتاب ۾ قطعا، مثنويون، رباعيون ۽ مسدس توڙي مخمس تي آڌاريل شعر ڏنا آهن، جي پڙهڻ سان تعلق رکن ٿا (51).

”موتين جي دٻلي“ ۾ رباعيات آهن. قچيل جون طبعزاد ۽ سندس ڪيل ”رباعيات عمر خيام“ جو ترجمو هن ڪتاب ۾ يڪجا ڪيل آهي. عمر خيام جي فارسي رباعيات هڪ طرف ايران جون حدون ٽپي مشرق جي علم وارن کي پنهنجو گرويدو بنايو ته اولهه ۾ انگريزي ترجمي وسيلي علمي مقام حاصل ڪيائون. رباعيات عمر خيام جو مطالعو ايڏو اثر انگيز رهيو جو پڙهڻ وارن مان ڪي خود رباعي جا شاعر ٿيا. مرزا قليچ بيگ اُنهن مان هڪ هو. ترجمي جو به حق ادا ڪيائين ته طبعزاد رباعين ۾ منفرد مقام حاصل ڪيائين.

قليچ جي رباعيات تي، فرزندِ قليچ جناب اجمل بيگ تعارف لکيو آهي، جو رباعين جو وڏو ڄاڻو هو. هي مڪمل مقدمو آهي، جنهن ۾ اجمل بيگ رباعيات جي وصف سان گڏ اُنهن جي معيار بابت نهايت سر حاصل بحث ڪيو آهي.

رباعي هڪ چئن سٽن جو شعر آهي، پر فقط چار سٽون ئي رباعيءَ جي سڃاڻپ نه آهن. هڪ مخصوص وزن ۽ حڪمت جا نُڪتا هن صنف جو محور آهن. عربي زبان جي لفظ ”ربع“ يعني چئن سٽن، چوٿين پتي يا چوٿون حصو هن جي بنيادي معنيٰ آهي. هن صنف ۾ جيئن ته ٻه بيت آهن. اُن ڪري هن کي دوبيتي، چار مصرعي يا ترانه به چيو اٿن. فني لحاظ کان بحر هرج چئن جُزن مان مرڪب آهي ۽ هزج جي چوويهن وزنن مان ڪنهن تي به رباعي لکڻ جائز آهي. هيءَ ئي هڪ عروضي صنف آهي جنهن جو وزن مقرر آهي (51). رباعيءَ جو اصل رڪن مفاعيلن آهي. مزو وري هي ته هر مصرع انهن مقرر وزنن مان ڪنهن تي به ٿي سگهي ٿي (53). اجمل بيگ هن سلسلي ۾ وزن جي تفصيلي ڄاڻ ڏني آهي (54). هن سلسلي ۾ سندس ڊاڪٽر خليل سان علمي بحٿ به ٿيو. رباعيءَ ۾ ٽين مصرع جو هم قافيه هجڻ ضروري نه آهي. مضمون جي مدنظر اُن ۾ هڪ نُڪتو چٽو ڪيو ويندو آهي.

اجمل بيگ لکي ٿو: ”رباعيءَ جي مٿين تشريح مان معلوم ٿيندو ته شعر جون جيڪي به صنفون آهن. تن ۾ رباعيءَ جي صنف، اُن جي بحر ۽ مختلف وزنن ۽ ٻين شرطن شروطن ۽ بندشن جي نقطه نگاهه کان نهايت مشڪل آهي. در حقيقت سنڌي زبان ۾ رباعي لکڻ فارسيءَ کان به وڌيڪ دشوار مجهڻ گهرجي (55).“ مرزا اجمل بيگ جي خيال ۾ مرزا قليچ بيگ اڪيلو شاعر آهي، جنهن رباعيءَ جا سڀ لوازمات پورا ڪيا. هوڏانهن مير علي نواز ناز رباعيات عمر خيام جو ترجمو ڪيو ته اُنهن ۾ وزن ۽ بندش جون خاميون آهن. اهڙيءَ طرح محمد بخش واصف جي رباعين ۾ سڀ مصرعون هڪ ئي وزن تي هجڻ ڪري عيب واريون آهن(56).

مرزا قليچ بيگ جي رباعين ۾ جذبن جو هڪ اُٿاه سمنڊ موجود آهي. هر مضمون کي سهڻي نموني نڀايو اٿس. خدا جي توحيد جو هيئن بيان ڪري ٿو:

تو لطف سان بخشيو بادشاهن کي تاج،

پنڻن جان ٿيا بادشاه تنهنجا محتاج،

صنعت ۾ مخمس ٿيا هي پنج حواس،

قدرت ۾ مربع ٿيا هي چار مزاج.

-

سڀ ڳالهه مُوحَد ته محقق چوندو،

حق ڌارا ٻين کي ترڪ مطلق چوندو،

ڪن اُن کي جي حق جي راه ۾ سئو پرزا،

هر پرزو انهن مان سئو اناالحق چوندو.

جوانيءَ کان پوءِ پيري ٿي اچي. شاعر ڪيئن ٿو محسوس ڪري؟ اُن بابت رباعين ۾ دل کي سمائي ٿو ڇڏي. چي:

ٿيو آهين ٻُڍو، اڇيون ٿِيئي ڏاڙهي مڇون،

ڇڏ حرص هوس، نه وڃ تون شهرت جي پٺيون،

عينڪ جو ٿئين محتاج، اکيون کول سنڀال،

گُهرجن اي انڌا، اڄ ٿيون اکين کي به اکيون.

-

محتاجي عجب، بُري فقيري پيري،

بيشڪ آهي وڏپڻ ۾ صغيري پيري،

ڏاڏي کان پڇيم، خراب پيري يا موت،

اُن دانهن ڪري چيو ته پيري پيري.

-

جنهن ماڻي جواني تنهن کي پيري نه وڻي،

پيريءَ وڌو مون کي هاءِ منجهه فڪر گهڻي،

ٿئي زال جڏهن پير ڄڻڻ کان ڪري بس،

هر لحظي هزار عيب پيري ٿي ڄڻي.

ڳالهه مان نُڪتو پيدا ڪرڻ ۾ ئي رباعي هڪ ڪامياب صنف سخن آهي. قليچ هيئن رقم طراز آهي:

فرياد آهي منهنجي قلم  تي فرياد،

جو راز اندر منهنجي جو ڪيائين برباد،

مون چيو وڍي زبان گُنگو آءٌ ڪريانس،

ٿيو پاڻ وڍڻ سان وڌ فصيح ۽ آزاد.

-

هُن سنگتراش کي ٿي، دل ياد ڪري،

نت سنگدليءَ کان اُن جي فرياد ڪري،

ڪو چئيس ته تيشو ڇو هڻي پهڻ تي ئي،

شيرين ٿي ڪيئن ڪم سندو فرهاد ڪري.

حُسن و عشق جو بيان ته سڄي شاعريءَ جو موضوع آهي. رباعيءَ ۾ اُن جا رنگ نوان نوان آهن. قليچ چوي ٿو:

سهڻا سڀئي دنيا جا ٿا سڀني کي وڻن،

ڇا چيني ڇا ڪشميري ڇا تاتاري هجن،

ٿئي هُسن فرنگيءَ منجهان ثابت هي ڳالهه،

هُت دوزِخي هِت بهشت ٿا نقد رکن.

-

جي ڀانئين ته دلبر رهي راضي تو مان،

تيئن چو تون ۽ ڪر، حڪم ڪڍي جئن واتان،

”رت رو“ جي چَوَئي ته چئو نه تون ڪهڙي سبب،

ڏي ساه چَوَئي جي، چئو نه تون ڇاکئون ڏيان.

-

اڄ اوچتو منهنجو يار آيو مون ڏي،

ايندي سان ڏنئين چميون اکين منهنجين تي،

هُن منهنجيون اکيون اچي انهيءَ لاءَ چميون،

جو هُن ڏٺو منهن پنهنجو اکين ۾ منهنجي.

- ۽ عشق حقيقي ڇا ڪري؟ اُن جو بيان رباعيءَ ۾ اچي ٿو:

مجبور ڪيو عشق رومي ۽ جاميءَ کي،

معذور ڪيو عشق ڪوفي ۽ شاميءَ کي،

بهلول ۽ تبريزي ڪيائين مجذوب،

ڪافر ڪيئين منصور ۽ بُسطاميءَ کي.

رات ٿوري ڳالهه گهڻي- عاشق ڇا ڪري؟ ان نُڪتي کي قليچ هيئن بيان ڪري ٿو:

هُس رات اڪيلو ٻيو سڄڻ بنده نواز،

مون ڪيو پي نياز ۽ ڪيو هُن پي ناز،

وئي رات لنگهي ٿيون نه ڳالهيون پوريون،

هو رات جو ڏوه ڪونه، قصو هو دراز.

پنهنجا خيال ته پنهنجا آهن، پر پروان خيالن کي به پنهنجي زبان ۾ شعري جامو پهرائڻ وڏي شاعر ۽ وڏي هنرمند جو ڪمال چئبو. قليچ ترجمي ۾ به اصل جو رنگ آڻي ڇڏيو آهي. عمر خيام جون رباعيون پڙهي هن پنهنجون به لکيون ته عمر خيام کي سنڌيءَ ۾ آڻڻ ۾ به اوتروئي ڪمال ۽ اصليت رکيائين. هيءَ هڪ وڏي ذميداري به هئي جو عمر خيام جون رباعيون دنيا کان داد حاصل ڪري چُڪيون هيون. قليچ هن طرح اِن ڪم کان عهد برا ٿيو جو اصل جو ترجمي ۾ پورو پورو حق ادا ڪري ڇڏيائين. خيام جا خيال سنڌيءَ ۾ مڪمل زور شور، سلقي ۽ پوري بندش سان آندائين.

آءُ دوست ته هڪ ٻئي در آغوش ڪريون،

سڀ فڪ ۽ وسوسا فراموش ڪريون،

جوڙين مٽيءَ منجهان اسان جو ڪُوزون،

اڳ تنهن کان شراب ڪُوزي مان نوش ڪريون.

-

ٿيان فوت جڏهن شراب سان عُسل ڏجوم،

پيالي ۽ صراحيءَ سندي قلين ڪجوم،

جي ڀانيو ته حشر ۾ لهو منهنجو نشان،

ميخاني جي در سندي مٽيءَ ۾ ڏسجوم.

-

جنهن وقت اچي اَجل وڃان آءٌ مري،

۽ خاڪ ٿئي جسم سڄو منهنجو ڳري،

جوڙينِ صراحي جا مٽيءَ مان منهنجي،

جڏهن پُر ٿئي مي سان، جي پوان آءٌ وري.

قليچ جڏهن ”ماهمھ لعبتانيم و فلڪ لعبت باز“ جو ترجمو ڪيو ته رنگ ٿي ويا. جيئن ترجمو پڙهان تيئن منهنجو فارسيءَ جو اُستاد رشيد فرزانه پور اکين اڳيان اصل رباعي پڙهندو پيو نظر اچي. قليچ سچ ته حق ادا ڪري ڇڏيو. اجمل بيگ سچ لکيو آهي ته قليچ هن ميدان جو اڪيلو شهسوار آهي:

آهيون اسين پتليون ۽ فلڪ بازيگر،

هي آهي حقيقي ۽ مجازي منظر،

پيا ناچ ڪريون وجود جي فرش مٿان،

هڪ هڪ ٿي ڪريون عدم جي پيتيءَ ۾ گذر.

عمر خيام گناه کان معافيءَ جو ڪهڙو جواز ٿوڳولهي. چي ڪنهن گناه نه ڪيو آهي؟ گناه جي سزا ڏيندين ته تو ۾، ۽ مون ۾ ڪهڙو فرق رهندو:

ڪهڙو آهي جو گناه ۾ ناهي غرق،

لڀندو نه ڪو بيگناه منجهه غرب نه شرق،

جي آءٌ ڪريان بڇڙي، ڏينم تون بڇڙو عوض،

پوءَ منهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾ ٿيو ڪهڙو فرق؟ (57).

غزل جي صنف شاعريءَ جي سرموڙ صنف آهي. مشرقي شاعرن، خاص طور عربي، فارسي، اردو ۽ سنڌيءَ وارن پاڻ موکيو آهي. قليچ بيشڪ نظم جو شاعر آهي، ته به غزل ۾ هن جو پنهنجو انداز آهي ۽ ”ديوان قليچ“ اهڙي ساک ڀري ٿو. فارسي غزل سنڌ هند جي غزل جو منبع آهي. حافظ خاص طور ڇانيل آهي. ڪٿي روميءَ جو غزل به پنهنجو رنگ ڏيکاري ٿو. رومي چوي ٿو:

باز شيري باشڪر آميختند،

عاشقان را بايدڪدگر آميختند.

حافظ چيو:

در ڪوءِ نيڪ نامي مارا گذر نه دادند،

گر تو نمي پسندي تغير ڪن قضارا.

نظاميءَ چيو:

مارا به غمزه کشت و قضا را بهانه ساخت،

خود سوءِ مان نه ديد و حيارا بهانه ساخت،

رفتم به مسجدي که بينم جمالِ دوست،

دستش به رخ ڪشيد و دعا را بهانه ساخت.

بيدل سائين آسان فارسيءَ ۾ فرمايو:

ببزم آمد آن شوخ به نازي عجبي،

او بنازي عجبي دل بنيازي عجبي.

سنڌي غزل ۾ جو شاعر جذبات ۽ فن جي بلندين کي پهتو اُهو مير عبدالحسين سانگي آهي. سانگي –قليچ دور جي بزم مشاعره به نهايت موثر ۽ مقبول رهي. هن ۾ گدا، سانگي قليچ، ماتم، حامد، مرتضائي ۽ فاضل کان سوا ٻيا به شاعر شامل رهيا. سانگي عشق جي معاملات کي پوري زور بيان ۾  آندو. اُن جا ڪئين مثال ”ڪليات سانگي“ ۾ موجود آهن. ديوان قليچ ڏانهن اچڻ کان اڳ ٽي شعر سانگيءَ جا حاضر آهن:

چيو مشاطه زلف نازنين آهن ننڍا آخر،

بلائي جان تڏهن ٿيندا جڏهن هي پيچ پائيندا.

-

نه بگڙي دل گهريو دلدار منهنجو مھ لقا مون کان،

زقيب رُوسياه جهڙا هزارين مر وتن بگڙيا.

-

آوارگي پسند جڏهن منهنجي توکي ٿي،

گهاريندي ڪو گهرن ۾ ڏٺو مون ته ياد پئين.

”ديوان قليچ“ ۾ ڪي غزل، حقيقيت ۾ نظم آهن. اُنهن تي ۽ غزلن تي عنوان به لکيل آهن ۽ وزن جي چِٽائي به ٿيل آهي. قليچ جي شاعرانه قابليت ۽ هنرمندي (Craftsmanship) ديوان قليچ ۾ به نمايان آهي. جيئن عرض ڪيم ته غزل ۾ قليچ، سانگي- سنگت جو شاعر هو. هن سنگت جا شعري معرڪا ۽ طرحي مشاعرا قاضي امام عليءَ جي اوطاق تي ٿيندا هئا. مرزا قليچ بيگ جي غزل جي مختلف دورن ۾ ورهاست ڪندي، اجمل بيگ لکي ٿو: ”ننڍپڻ ۽ جوانيءَ ۾ پاڻ عام شاعرن وانگي رسمي موضوعن تي طبع آزمائي ڪندو هو. ٻئي دور ۾ علمي ادبي، اصلاحي فلسفيانه، حڪيمانه ۽ صوفيانه خيالات سندس شاعريءَ ۾ جاءِ پذير ٿيا. ٽئين دور ۾ سندس اڳيان هڪ وسيع ڪائنات هئي (58).“

قليچ، غزل ۾ معامله بندي ۽ نُڪته آفريني منفرد ۽ موثر انداز ۾ ڪري ٿو، جو سندس ڪيل نئين ڳالهه پُرڪشش بنجي ٿي وڃي، روزمحشر جو توشو ڪهڙو هوندو:

محشر ۾ اچن سڀ کڻي تحرير بغل ۾،

آڻيان آءٌ کڻي يار جي تصوير بغل ۾.

-

بازار خدا جيءَ ۾ ڪندس ڪهڙو آءٌ سودو،

هٿ هن جي ۾ بخشش، مون کي تقصير بغل ۾.

سراپا نويسي غزل جي بنيادي عنصرن مان آهي. تشبيهون سراپا نويسيءَ جو حسن وڌائين ٿيون. قليچ وٽ اهڙا ڪئين مثال آهن:

دلبر جي قد ۽ بت جو ڏيان توکي آءٌ نظير،

هڪ سرو جئن بلند ۽ ٻيو بدر جيئن منير.

-

چشم ميگون مثالِ نرگسِ مست،

تنهنجي خوني خمار تان صديقي.

تلميح جو استعمال شعر ۾ نه رڳو هڪ دليل مثل آهي پر ورثي جي نشاندهي به ڪري ٿو. تاريخ ۽ اسلامي ورثي ڏانهن اشارا آندا ويا آهن. حضرت ابراهيم ۽ اسماعيل جو حوالو  هيئن اچي ٿو:

حق ڏي هوئي هڪ منهون ٿي ابراهيم،

نفس ڪُش نِت رهي، ٿي اسماعيل.

عاشق جي شڪسته دل جو بيان غزل ۾ عام جام آهي. شاعر اها ڳالهه ۽ درد جي شدت جو بيان پوري زور ۽ انهماڪ سان ڪيو آهي:

ڪريان تو تان سڄڻ آءٌ سرفدا ڇا؟

محبت جو ڪو حق ٿيندو ادا ڇا؟

مرض نت عشق جو جنهن کي ٿيو مرغوب،

ڪندو سو درد اهڙي جي دوا ڇا؟

وڇوڙو جنهن ڏٺو دلبر جو تنهن کي،

زماني جو ڪندو جور و جفا ڇا؟

حسن جو بيان ڪرڻ ۽ اُن ۾ جماليات جو حق ادا ڪرڻ ۾ قليچ پوئتي نه آهي. حديث حُسن ۾ تشبيهه جو رنگ هيئن ڀري ٿو:

وات تنهنجو ڏسي ڪڏهن عيش سندم آهي تنگ،

قد تنهنجو ڏسي ڪڏهن عمر سنديم آهي دراز.

مولانا جاميءَ جي مشهور نعت جي قافين ۾ غزل سرائي ڪندي چوي ٿو:

گُلَ هٿ ڪئي منهن تنهنجي کان نازڪ بدني ڏس،

بلبل سکي ڄڀ تنهنجي کان شيرين سخني ڏس.

لب لعل ڏٺا تنهنجا جنهيندل ۾ چيو تنهن،

دٻلي هيءَ رکي واه عقيق يمني ڏس،

جامي ٿو وڃي توکي قليچ اُو ڪري همراه،

ٿي خوش وڃي درگاه رسولِ مدني ڏس.

بزم مشاعره جي مشهور طرح مصرع: مون کي ميخوار ڪيو، ڪنهن ڪيو دلدار ڪيو، تي گدا، سانگي ۽ ٻين شاعرن به غزل لکيا ۽ پيش ڪيا. قليچ هن طرح تي 28 شعرن تي مشتمل غزل لکيو:

لعبتن چين جي کي جلوو ڏيکاري پنهنجو،

نقشِ ديوار ڪيو، ڪنهن ڪيو، دلدار ڪيو.

زهد و تقويٰ ۾ ته آءٌ هوس نه صنعان کان ڪم،

ڪفر ۾ تار ڪيو، ڪنهن ڪيو، دلدار ڪيو.

ڪالهه هُسِ خاڪ ۾ آءٌ خار ۽ خس کان به ذليل،

اڄ ڳلي جو هار ڪيو، ڪنهن ڪيو، دلدار ڪيو.

دولتِ عشق مرحمت ڪري مون مفلس جو،

بخت بيدار ڪيو، ڪنهن ڪيو، دلدار ڪيو.

طبع منهنجيءَ کي ته سانگيءَ سندي سنگت ۾ قليچ،

تيز رفتار ڪيو، ڪنهن ڪيو، دلدار ڪيو.

شڪوه شڪايت غزل جي مضمونن ۾ هڪ اهم مضمون آهي. عاشقن جي دردن جو دفتر، آه و فغان ۽ داد خواهيءَ لاءِ و بُڪا عام آهي:

جي ڪريون عرض ته هڻي تير تفنگ،

داد خواهن سان ڀلا اهڙو ڪو  بيداد ڪجي!

زماني جي شڪايت شعر ۾ غزم دوران طور ظاهر ٿئي ٿي. قليچ به زماني جي چال بلدجڻ جي ڳالهه ڪري ٿو. هُو ڇٽ پٽن تي ڏسي ٿو. سکيا ستابا ڏُلجي وڃن ٿا ۽ جيڪي ٽڪر ڀور لاءِ پريشان هئا سي جاوا پيا ڪن، هر ڪنهن جو وارو آهي:

اڄ عجب آيو زمانو ۽ وريو واري جو واءُ،

بک مئا جي ڪالهه ٿي، سي اڄ ٿا کائن هِت پلا.

-

دنيا ۽ عقبيٰ جي ڀيٽ هيئن ڪري ٿو:

ڪي چون دنيا ۽ عقبيٰ ٿيون پهاڄون پاڻ ۾،

هڪ رهي راضي مگر پرڻو ٻنهي جو ٿيو مباج.

علم بديع جي صنعتن جو استعمال به قليچ وٽ گهڻو آهي. صنعت سوال جواب ۾ هي ٻه شعر سلاست جو به نمونو  آهن:

چيئين: ڇو روئين ٿو؟ چيم هجر ۾ هُس،

چيئين: هاڻ خوش گهار! چيو مون اکين سان،

چيو يار ڏس نه ڪنهن ڏي، مون ري، چيم اکين سان،

پڻ نظر کڻ ته چوريءَ مون ڏي، چيم اکين سان.

غم جانان ۽ غم دوران بيان ڪرڻ جا ڪئين رنگ روپ ۽ اشارا آهن. دنيا جي چال ڪيئن آهي. وقت هڪ جهڙو نٿو رهي. ڪڏهن ٻڏڻ لاءِ ارادو ڪجي ته پاڻي به نه ملي، اُن ڪري هرحال ۾ خوش رهڻ کپي متان اِن کان به برو حال نه ٿي پوي:

ٿئي جي بخت برگشتو،

وڃي جي بحر ڏي ته بَرُ ٿي پوي.

خوش هر حال ۾ رهڻ گهُرجي،

متان اِن کان به بتر ٿي پوي.

قليچ بحيثيت هڪ قابل ليکڪ جي ڪنهن شڪ شبهي کان مٿي آهي. هُو پنهنجي دور ۾ هڪ اُستاد شاعر ۽ هنرمند (Craftsman) جي ڄاتو وڃي ٿو. جذبن جي لفظن ۾ تبديليءَ لاءِ هن ڇيڻي ۽ تيشيءَ جو سهڻو استعمال ڪيو. وفات جي 75 سال گذرڻ کانپوءِ به هُن جو ڪلام، تازو ڪلام آهي. ڪي فرسدوه ۽ مدي خارج سٽون نه آهن، بلڪه جيئرا جاڳندا جذبا ۽ خيال آهن، جيڪي اسان جي رهنمائي ڪن ٿا(59).

حوالا:

1- صائب، عبدالقيوم، سيد ثابت علي شاهه: شخصيت ۽ شاعري، محفلِ شاهه نجف روشن جو پڙ ٽنڊو ولي محمد حيدرآباد، سنڌ 2003ع، ص 13.

2- ايضاََ، ص 13.

3- ڏسو غلام رسول بلوچ جو ڪتاب، سنڌي مرثيه نويسي، سنڌالاجي، 1970ع، ص 48.

4-  زيات، تاريخ ادب، عربي ، ص ص 258 ۽ 259.

5- هاشمي، سيد احمد، جواهر الادب، (الجز الثاني)، التجارتھ الڪبريٰ. مصر، 1962ع، ص 26.

6- صائب، ص ص 41- 42.

7- ثابت علي شاهه جي تفصيلي مطالعي لاءِ هيٺيان ڪتاب ڏسڻ کپن:

-     مرزا عباس علي بيگ: ڪليات ثابت علي شاهه

-     عبدالقيوم صائب: سيد ثابت علي شاهه، شخصيت ۽ شاعري.

8- بدوي، لطف الله، ديوان صنعت، سنڌي ادبي بورڊ، 1968ع.

9- بدوي، لطف الله، تذڪره لطفي، (جلد ٻيو) آر. ايڇ. احمد برادرس، حيدرآباد، سنڌ، 1956ع، ص 313.

10- آخوند صاحب جي ولادت جي هجري تاريخ ۽ اُن سان مطابقت رکندڙ عيسوي سال ۾ فرق آهي، پر عيسوي سال ڪتابن ۾ 1808ع ئي آيو آهي.

11- ميمڻ، خانبهادر محمد صديق، تاريخ سنڌي ادب، (جلد ٻيو)، سنڌ يونيورسٽي، 1951ع، ص 202.

12- قليچ، مرزا قليچ بيگ، ديوان قاسم، پوڪرداس ائنڊ سنز، 1936ع، ص 7.

13- ايضاََ، 30.

14- خانبهادر، حوالو نمبر 11، ص ص 235-236.

15- ايضاََ، ص 236.

16- اسد، اسد الله ٽکڙائي (پوءِ ڊاڪٽر، بيخود، حسيني)، تذڪره شعراءَ ٽکڙ، سنڌي ادبي بورڊ 1959ع، ص 20.

17- غني، محمد خان، ارمغان حامد، هاشمي پريس 1954ع، ص 4.

18- تاج محمد دائود ٽکڙائي، طوفانن ۾ ٻيڙو ترندو، بزمِ ادب ٽکڙ، 2003ع، ص ص 60-61.

19- ايضاََ، ص 78.

20- احوال لاءِ ڏسو: طوفانن ۾ ٻيڙو ترندو، صفحا 78 کان 82.

21- مسافر، محمد صديق، ديوان فاضل، سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي، حيدرآباد، 1937ع، ص ص 5 کان 8.

22- ايضاََ، ص ص 55 کان 58.

23- خانبهادر (جلد ٻيو)، ص 475.

24- تذڪرو (جلد-ٽيون). ص.

25- خانبهادر، (جلد –ٻيو)، ص 475.

26- لاشاري، رشيد احمد، ديوان گدا، سنڌي ادبي بورڊ،1957ع، ص 1.

27- ايضاََ، ص ص 1-2.

28- ايضاََ، ص 3.

29- ايضاََ، ص 42.

30- غلام نبي محمد وريل، سنڌ جو شاهنامو، سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي، حيدرآباد، 1938ع، مير حسن علي خان جي سوانح لاءِ ڏسو ص ص 1 کان 12.

31- بيگ، مرزا فتح علي، متاع حسن، حسن ٽالپر اڪيڊمي، حيدرآباد، 1996ع.

32- خانبهادر ميمڻ (جلد ٻيو)، ص ص 345- کان 346.

33- ايضاََ، ص 346.

34- ايضاََ، ص ص 347-348.

35- حقيقيت ۾ ديوان مرتضائي 1994ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ، مرتضائيءَ جي خاندان جي سيد ديدار شاهه جي چوڻ تي ايڊٽ ڪرڻ لاءِ مون کي ڏنو. مون اصل قلمي نسخي تان اُتاري سڌاري مقدمو لکي ڏنو. بورڊ ۾ اُهو ڇپجي نه سگهيو. جناب ديدار شاهه وري 2001ع ڌاري سنڌ الاجيءَ کي شايع ڪرڻ لاءِ ڏنو. پر بورڊ گذارش ڪرڻ جي باوجود اُتاريل نسخو نه ڏنو. مون سيد ديدار شاهه کي چيو ته اصل تان اُتاري وٺ. هُن اُهو ڪم ڪيو. مون کيس گڏ ويهي درستيون ڪيون ۽ وري مقدمو لکيم. ڪي لفظ سندس سمجهه ۾ نٿي آيا، اُهي درست ڪيم. جڏهن ڪتاب شايع ٿيو ته اُن جو مرتب پروفيسر ڊاڪٽر ديدار حسين شاهه رضوي ٺٽوي ڇپجي آيو. منهنجي احتجاج جي باوجود سنڌالاجيءَ جي ڊائريڪٽر کي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي، ديوان مرتضائي 2002ع ۾ ڇپيو. هي ڳالهه رڪارڊ جي آهي اُن ڪري هتي ضمناََ بيان ڪئي اٿم.

36-تفصيل ڏسو اياز قادريءَ جو ڪتاب، سنڌي غزل جي اوسر ڀاڱو ٻيو، ص ص 172 کان 178.

37- خانبهادر (جلد ٻيو)، ص 377.

38- سنڌي غزل جي اوسر، (جلد 2) ، ص 150.

39- تفصيل لاءِ ڏسو:

-       ڪليات علوي از عبدالخالق راز، سنڌي ادبي بورڊ.

-       ڪليات علوي از ڊاڪٽر شوق، ڪافي پبليڪيشن.

40- تفصيل لاءِ ڏسو احسن ڪربلائيءَ جو مقالو: ”ٽالپر حاڪمن جا علمي ڪارناما“، ص ص 32 کان 125. مجموعو مهراڻ جو موجون، پاڪستان پبليڪشن ڪراچي. 1956ع، (سهيڙيندڙ حسام الدين راشدي).

 41- بلوچ، نبي بخش خان، (ڊاڪٽر)، ڪليات سانگي، سنڌي ادبي بورڊ. 1969ع، ص ص 1-5 (مقدمو).

42- ايضاََ، ص 6 (مقدمو).

43- خانبهادر ميمڻ (جلد-2)، ص 297.

44- ڪليات سانگي، ص 11 (مقدمو)

45- ايضاََ، ص 12 (مقدمو).

46- غزل ”يار چوان ٿو با ادب اهڙو مٺا ڪو ٿئي سبب“ ڪليات ۾ غلط ڇپجي ويو (ڏسو: ص 14) يا ڪن تُڪن کي نامناسب ڄاڻي، ڄاڻي واڻي غلط ڪيو ويو آهي.

47- بدين جو پراڻو نالو بديڻ آهي، ڪن روايتن موجب بديڻ ملاح جي نالي هي شهر آهي. جملي جي ساخت پٽاندر بديڻو، بديڻي، بديڻن به چئجي. بديڻ پوٽا ذات به آهي.

48- ديوان قاسم، حوالو ڏنل، ص ص 1 کان 6.

49- قليچ، مرزا قليچ بيگ، مالهه ماڻڪ، سنڌي ادبي بورڊ، 1968ع، تعارف از اجمل بيگ، ص 9.

50- مفردات جا سڀ مثال اَملهه ماڻڪ مان ورتل آهن.

51- نظم جا مثال چندن هار، 1959ع، سنڌي ادبي بورڊ، تان ورتل آهن.

52- قليچ بيگ، موتين جي دٻلي، سنڌي ادبي بورڊ، 1966ع، ص 7 (تعارف).

53- ايضاََ، ص 8.

54- ايضاََ، ص 8.

55- ايضاََ، ص 16.

56- ايضاََ، ص 17.

57- سڀ مثال موتين جي دٻلي مان ورتل آهن.

58- قليچ بيگ. ديوانِ قليچ، سنڌي ادبي بورڊ، 1956ع، ص 60 (مقدمو).

59- سڀ مثال ديوان قليچ مان ورتل آهن.

 

باب ٽيون

عروضي شاعري (ب):

هن باب ۾ آيل شاعر به گذريل باب جي عروضي شاعرن جو تسلسل آهن. زماني (سال وار ترتيب) جي لحاظ کان هن باب ۾ شامل آهن. اسان ڏٺو ته گذريل باب جو آخري شاعر مرزا قليچ بيگ هو، جنهن جي وفات جو سال 1929ع هو. هن باب جو پهريون شاعر عبدالقادر بيدل (فقير قادر بخش بيدل نه) آهي.

عبدالقادر بيدل (1838-1932ع):

آخوند عبدالقادر ولد محمد پناهه ڀٽو شڪارپور جو هو. هن شڪارپور جي خليفي عبدالله وٽ عربي ۽ فارسي تعليم ورتي. شڪارپور ۾ ئي پنهنجو مدرسو قائم ڪيائين. هو 95 ورهيه زندهه رهيو ۽ عروضي شاعريءَ جو طويل دور سندس اکين اڳيان گذريو. وقت جي سڀني شاعرن سان سندس تعلقات گهرا رهيا. سندس ڪلام اخبارن ۾ شايع ٿيندو هو. هُو مشاعرن ۾ شريڪ ٿيندو هو. همصعر شاعرن کي ڪلام ۾ داد ڏنو اٿس. آخوند عبدالقادر بيدل جو ڪلام فارسي ۽ سنڌيءَ ۾ آهي. غزل ۾ هُو پنهنجا خيالات نهايت صفائيءَ سان پيش ڪري ٿو. محبوب جي حسن جو  بيان ڪندي چوي ٿو:

مزگان تنهنجون سنان هِن ۽ تير جو نمونو،

ابرو تنهنجون ڪمان هِن شمشير جو نمونو.

آ خاڪ پا بظاهر هُو سرمهءِ جواهر،

ڏس غور سان هي آهي اڪسير جو نمونو.

محبوب جي مخمور اکين جو بيان ڪندي چوي ٿو:

 

مخمور چشم تنهنجي مجروح مون کي ڪيڙو،

تيغ اجل آ تنهنجي تحرير جو نمونو.

عبدالقادر بيدل شاعرانه ڪمال جي نمونن ۾ ٻه ٻه قافيا به ڪلام ۾ رکيا آهن. جيڪي شعر جي موزونيت ۽ سنگيت ۾ اضافو ڪن ٿا. اهڙو هڪ مثال هي غزل آهي:

آيو اڄ ناز سان نگار نگار،

جان جانيءَ مٿان نثار نثار،

مشڪ ۾ بوءِ زلف جنهن جِي جِي،

آهه مشهور منجهه تتار تتار.

يار دلدار کي ڏسي خوش ٿيس،

چيم حمد و شڪر هزار هزار.

مان ڪيو عرض هي عجيبن کي،

ناز ڪٺلن کين تون جيار جيار.

محب منٺار کان ٿيس ممنون،

چاههِ غب غب چيم عذار عذار.

آهه هر روز مه ڪمال و زوال،

ساقي سهڻو سدا بهار بهار،

ورد بيدل هميشھ اين باشد،

ساقيا جام ڀر پيار پيار.

فقير غلام سرور قادري (1886-1932ع):

ميان غلام سرور ولد نور محمد قادري، لاڙڪاڻي جي مشهور قادري خندان جو فرد هو. سندس تخلص پهريائين ”حنيف“ ۽ پوءِ فقير رهيو. هن خاندان جي روحاني زندگي درگاه درازا جي ميان عبدالحق سان وابسته رهي. ميان غلام سرور جي ڏاڏي ميان محمد صالح کان وٺي هي رشتو استوار ٿيو. ميان محمد صالح ۽ غلام سرور جو چاچو ميان غلام محمد گدا به شاعر هئا، پنهنجي چاچي گدا وٽ ئي فقير غلام سرور فارسي شاعري جي تربيت ورتي سنڌي فائنل پاس ڪري مدرسه هاءِ اسڪول ۾ پرائمري ماستر ٿيو. 1907ع ۾ وڌيڪ تربيت لاءِ ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۾ داخل ٿيو. تربيت کانپوءِ هيڊ ماستر ۽ اسسٽنٽ ڊپٽي ايجوڪيشنل آفيسر ٿيو. مشاٿرن ۽ ادبي ڪانفرنسن ۾ شريڪ ٿيڻ لڳو. 1921ع واري لاڙڪاڻي جي ادبي ڪانفرنس جو باني هو. ٻين ادبي ۽ تعليمي سرگرمين م غلام سرور فقير حصو وٺندو هو. صحافتي زندگيءَ سان واسطو رهيس. علي محمد قادريءَ سان گڏ الحقيقت اخبار جاري ڪيائين. فقير جي شاعريءَ جي باري ۾، ۽ پوءِ وفات تي عالمن ۽ شاعرن نثر ۽ نظم ۾ کيس گهڻو خراج تحسين پيش ڪيو. غلام  سرور فقير نظم ۽ غزل ۾ چڱو پاڻ موکيو آهي، پر غزل ئي سندس ميدانِ عمل آهي:

دلبر وفا نڀائي ٿو اقرار جي طرح،

اقرار وصل ٿو ڪري انڪار جي طرح.

ديدار تنهنجي لئه اِي پرده نشين صنم،

ويٺس گهٽيءَ ۾ سايهء ديوار جي طرح.

مرڪز منهنجي مراد جو گهر آهي يار جو،

چوطرف ان جي ٿو ڦِران پِرڪار جي طرح.

عالم ۾ عشق پنهنجو اي دل جمال خُو،

ظاهر آ راز راز طُره دستار جي طرح.

وفا ۽ جفا جو تذڪرو هيئن ڇيڙي ٿو:

ڪئي مون بيوفا تو سان وفا ڇا،

ڪيو مون ساڻ تو جور و جفا ڇا.

مقابل چشمِ خوني جي ٿئين ٿي،

تنهنجي ڀي آئي دل آهي قضا ڇا.

سيغ زلفن جي چوٽيءَ کي ڏسي دل،

چيو پالي آ هن ڪاري بلا ڇا.

رلن ٿا مڙه ڳليءَ تنهنجيءَ ۾ ظالم،

گهٽي تنهنجي ڀي آهي، ڪربلا ڇا.

پڇي لقمان کان جيڪر ها ڪوئي،

مريضِ عشق آهي لا دوا ڇا.

فقط دل قطره خون آهه هڪڙو،

تنهن ۾ آ ڀريل حرص و هوا ڇا.

حافظ محمد هارون ”دلگير“ ٽکڙائي (1882-1934ع):

حافظ محمد هارون، ٽکڙ جي پراڻن شاعرن نورمحمد خسته ۽ حافظ الي جي خاندان سان تعلق رکي ٿو. هُن جو والد حافظ يوسف به وڏو عالم هو ۽ ڏاڏو حافظ محمد هارون اول به عالم هو. هارون دلگير ، حافظ  يوسف جو وڏو پٽ هو. حافظ عبدالله بسمل ننڍو هو. وچٽ حافظ احمد هو. اُهو ڀائرن جي علمي سطح تي نظر جي ڪمزوريءَ ڪري به پهچي نه سگهيو. حافظ هارون پنهنجي والد وٽ قرآن شريف، فارسي ۽ سنڌي پڙهيو. والد جي وفات کانپوءِ اُن جي مڪتب جي پڙهائي ۽ انتظام به سندس هٿ هيٺ رهيو.

قناعت سان وق گذاريائين. تنگ دست هو، پر عزت نفس جو دامن هٿان نه ڇيائين. اُصول جي پوئواريءَ ۾ مدرسي لاءِ ملندڙ سرڪار گرانٽ وٺڻ بند ڪري ڇڏيائين (1). حافظ خوش خط هو. اخبارن ۽ ڪتابن جي ڪتابت ڪيائين ۽ شعر جي دنيا ۾ به نالو ڪڍيائين. حافظ دلگير جي ڪلام ۾ واسطيدار ماڻهن جي موت تي تاريخ گوئي، نظم ۽ ڪجهه غزل شامل آهن. ماده تاريخ لکندي اول جذباتي طور واقعن جو ذڪر آهي. نظم ۾ حافظ دلگير اُن دور جي لحاظ کان نالو ڪڍيو. صاحبڏبي شاهه جي ديوان تي به تقريظي نظم لکيو اٿس. شخصيتن جي ولادت ۽ وفات تي لکندي پنهنجن جذبن جو برملا اظهار ڪيو اٿس. مثال طور: معاملي جي ابتدا ڪندي آخر ۾ ماده تاريخ ڪڍي ٿو. هيئت جي لحاظ کان نظم مخمس، مسدس ۽ مثمن بند ۾ آهن. نظمن کي عنوانن ۾ ورهايو ويو آهي. جنگ عظيم، آفتاب علم، صبح بهار ۽ رات جي بات وغيره نظمن جا عنوان آهن. نظم ”پهرين جنگ عظيم“ ۾ چوي ٿو:

مبارڪ مُلڪ ۾ هر سُو امن و امان آهي،

مظفر فشمنن تي ٿيو شههِ هندوستان آهي،

جڏهن جرمن کي پهتي اهڙي آخر خانه بربادي،

جو دنيا مان سندس ٿي محو ويو نام و نشان آهي.

اهڙيءَ طرح هڪڙو نظم ٻيو به جنگ جي حالات، يورپ ۽ اسلامي دنيا جي لاڳاپن تي آهي. پر اُن تي عنوان موجود ڪونهي. موجوده عالمي حالت (2004) سان به اتفاقي طور ٺهڪي اچڪي ٿو. اقتباس هي آهي:

اُٿيو يورپ کان طوفان سخت اسلامي گلستان ۾،

مچائي باهه جنهن ماتم جي دنيا جي دل و جان ۾.

مراڪو ساڻ ويو کاڄي ٽريپولي جو لقمو ٿي،

وڌئون ناپاڪ هٿڙا پير کوڙي باغ ايران ۾.

اُٿي لنڊن مان جا برِقِ بلا اسلام تي ڪاهي،

لڳائي باهه تنهن هر سُو خلافت آل عثمان ۾.

عراق و ڪربلا آيا مهذب چور يورپ جا،

وجهي غارت جا هٿ بيٺا عرب جي ساز و سامان ۾.

نظم ”رات جي بات“ مسدس جي هيئت ۾ لکي آهي. دلگير پهرئين بند ۾ وصف بيان ڪري ٿو:

رات جو وقت ٿيو مخلوق جي آسائش جو،

رات جو وقت خيالات جي آرائش جو،

رات جو وقت خرابات جي افزائش جو،

رات جو وقت ٿيو ظلمات جي زيبائش جو،

سائتِ امن و سڪون رمز و اشارات جو وقت،

طاعتِ ربِ علا، حمد ۽ مناجات جو وقت.

اهڙيءَ طرح نظم ”نظاره گورستان“ ۾ دهشت جا منظر ۾ بي ثباتيءَ جو نقشو چٽيل آهي. هي به مسدس آهي:

ٿيو پيشِ نظر هڪ جهنگل ۾ ميدان ڪو گور غريبان جو،

هو رتبهءَ درجه اُت يڪسان محتاج و گدا ۽ سلطان جو،

هو رستم خاڪ تي پيو بيڪس ڪجهه زور نه سام و نريمان جو،

اُت خليل و خدم ڪجهه ڀي ته نه هو فغفور و قيصر خاقان جو،

ڪجهه ٽڪرا سنگِ لحد جا هئا ڪجهه جسم جون هيون هڏيون باقي،

هو تن جو نظارو ياس افزا جو دورِ فلڪ ڇڏيون باقي.

هڪ بنا عنوان نظم مثمن بند ۾ آهي. اُن جو هڪ بند هي آهي:

ڳولهيون ٿا اسين عيش کي ۽ ناموري پڻ،

دولتِ به اسان کي ٿي کپي بي هنري پڻ،

اعزاز ٿيو مطلوب ۽ بيهوده سري پڻ،

آوارگي منظور ٿي ۽ راهبري پڻ،

مقصود رفُو آهي مگر جامه دري پڻ،

گر پستيءَ نه ممڪن ٿي نه امڪان ۾ آهي،

ڊوڙون ٿا محالات پٺيان چيلهه کي ساهي.

حافظ دلگير جو فارسي ڪلام به نهايت اعليٰ معيار جو آهي ۽ ڪليات ۾ شامل آهي. سنڌ ڪلام ۾ نظم اعليٰ معيار جا آهن. غزل چندئي شامل آهي. ائين ٿومحسوس ٿئي ته حافظ صاحب جو پورو لاڙو نه هو. غزل ۾ مشڪل پسندي رکي اٿس:

نه مئي پرست آهيان ۽ نه باده خوار آهيان،

فقط شرابِ محبت جو خواستگار آهيان.

-

فداءِ ديدِ تماشائي عڪسِ وجد انگريز،

مثال سرو لب، آبِ جوئبار آهيان.

آسان زبان ۾ غزل (يا ڪافي) جو هڪ شعر هي آهي:

ٻڌم ٻانڌاڻ توسان پيچ پختو،

ٿيس آءٌ ڪُڙم ۾ ڪامل! ڪَڙي اَڄ (2)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25

 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org