سيڪشن: ادب

ڪتاب: سنڌي ادب جي تاريخ (جلد- ٻيو)

باب:

صفحو:4 

سنڌي شاعريءَ جي روايت ۾ عثمان فقير هڪ اهم صوفي شاعر آهي. سانگي سماٽ قبيلي جي هڪ شاخ آهي. عثمان فقير جو جيڪو شجرو دستاب ٿيو آهي. اُن موجب سندن وڏي ڪانگل فقير جو نالو اچي ٿو. عثمان فقير جا وڏا اصل ڪنڊياري جا رهاڪو هئا. فقير جو والد خير محمد روزگار سانگي لڏي لاڙڪاڻي طرف آيو. هو عربي فارسيءَ جو ڄاڻو هو. درس ۽ تدريس جو سلسلو جاري ڪيائين ۽ اباڻي ڪرت ٻني ٻارو به ڪندو هو. پيري مريديءَ جي لحاظ کان نوشهري جي خواجه عبدالحئي نقشبنديءَ جو ارادت مند هو. عثمان فقير به ڪشالو ڪري لاڙڪاڻي کان نوشهري مرشد ڏي ويو(55).

عثمان فقير جي ولادت تاريخ 24 نومبر 1778ع ۾ ڳوٺ ڄاماڻي سانگي يا ڄامڙي سانگي نزد لاڙڪاڻو ۾ ٿي. ڪن جو خيال آهي ته ڳوٺ وليد ۾ ڄائو. والد جي وفات کانپوءِ ڳوٺ ڄامڙي لڏي ويو. تعليم لاءِ سُرهيا پڌر لاڙڪاڻي شهر ۾ مدرسي ۾ داخل ٿيو، جتي مولانا محمد ابراهيم مشوريءَ وٽ ديني علوم جي تحصيل ڪيائين. اها ڳالهه صحيح نه آهي ته عثمان فقير، مولانا گل محمد شهدادڪوٽيءَ (1822-1888ع) وٽ پڙهيو. مولانا شهدادڪوٽي، عثمان فقير کان عمر ۾ 44 سال ننڍو هو.

بهرحال علم جي تحصيل ۽ روحاني رمزن سبب عثمان فقير وڃي ريٽو ٿيو. حقيقت ۽ مجاز کان واقف هو. هڪ حساس دل شاعريءَ جي آمجگاه بنجي ٿي. عثمان فقير کي صوفين ۽ شاعرن جي صحبت نصيب ٿي، جن ۾ ڇٽو فقير سانگي، خوش خير محمد، نانڪ يوسف، موهن ڀڳت، دريا خان قريشي ۽ هاسارام اهم آهن.

جيتوڻيڪ ڪن بياضن ۾ عثمان فقير سان منسوب بيت به شامل آهن، پر ڪافيون سندس سڃاڻپ بنيون. ڪافيءَ ۾ ئي فقير  صاحب بلنديءَ تي پسجي ٿو. ڪافيءَ جو مقبول موضوع محبت ۽ مجاز آهي ۽ مجاز ۾ وصال ۽ فراق جا بيان اُن ۾ درد به ته حسن به پيدا ڪن ٿا. محبوب ڏي ميارون هڪ طرف ته پنهنجا عيب ڳڻڻ ٻئي طرف هڪ ڪيفيت پيدا ڪن ٿا. عشق کي اول آسان ڄاتو ويو، پر سر تي آيو ته خبر پئي ته ڳالهه ڳري آهي:

اڳهين ته عشق مون ڄاتو،

سر تي آيم تڏهن سڃاتو.

محبوب جي حسن جهازن سوز جي ڇا ڳالهه ڪجي! اکين جا اشارا ۽ ڪجل جي ڪٽاري وڏي ڳالهه آهي.

اکين سيف سيني ۾ ساري لڳي،

ڪجل جي ڪا ڪاري ڪٽاري لڳي.

عثمان فقير تي سچل سرمست جو نمايان اثر آهي. اُن رنگ ۾ هن جي مقبول ڪافي ”يار ڏاڍي عشق آتش لائي هي“ به اچي ٿي. هن ڪافي فنڪار محمد جمن کي عروج تي پهچائي ڇڏيو. عثمان فقير سانگيءَ جي ڪافين مان مثال لاءِ چونڊ ڪرڻ مشڪل آهي. منهنجي پسند جون هي ٻه ڪافيون آهن، جن جي وجداني ڪيفيت ۽ فني لحاظ کان هيئت توڙي موسيقيت مثال آهي:

عشق بنا ٻيو ڪاهي ڪير، پير اچي هن پڙ ۾ پائي،

  سُوليءَ تي وڃي سِرڙو نوائي.

1-         عشق نسورو آهي نانگو، مور ڪري نه سر جو سانگو،

          ڪيڏو ڪري ٿو عشق انڌير، سوريءَ اُتي سر سنڀائي،

2-       عشق نسورو آتش باري، گهڙندا تنهن ۾ گوهر غازي،

          ڪوئي هجي مرد مٿير، خطرا خوف جان جا لاهي،

3-       عشق کي سمجهڻ سولو ناهي، بات بره جي اهنجي آهي،

          جڏهن وجهي ٿو دست دلير، شاه گدا اڳيانئس ڇاهي،

4-       عشق ته اهڙو آهي عثمانا، عرش مٿي ڪري آشيانا،

          جِتي وير نه آهي دير، پلڪ پلڪ ۾ ٿو پهچائي.

-

          او نازڪ نازڻ سان وي، دلبر دلڙي منهنجي لٽين ٿو.

1-       ناز منجهارون نيڻ کڻي ٿو. قتل ڪرڻ جي ڪاڻ وي،

          چوٽ ڏئي تون دل کي چِٽين ٿو.

2-       ناز سڄڻ تنهنجا آهن نوبالي، پاسو ڪر نه ته تون پاڻ وي،

          ڪاوڙ ساڻ جگر ڪَٽين ٿو.

3-       ريت رسڻ جي سکئين ڪِئن سهڻا، مٺا ڪر نه ماڻ وي،

          مون کان منهن ڇو يار مَٽين ٿو؟

4-       آهي عثمان کي اصلئون اوهان جو،ٻنڌڻن لاڪون ٻاڻ وي،

          مورئون ڪين ڇڏيان ڇٽين ٿو(56).

عثمان فقير 12-2-1860ع تي وفات ڪئي ۽ سندس فرزند خدا ڏنو فقير 1922ع ۾ گذاري ويو.

پير اشرف شاهه(1799-1862ع)

ڪاماري شريف جو هي شاعر 1799ع ۾ تعلقي ٽنڊي باگي ۾ ڳوٺ ڪرم خان جماليءَ ۾ ڄائو. سندس والد جو نالو پير غوث بخش محمد هو. هنن بزرگن جو تعلق ملتان واري درويش حضرت بهاءُ الدين زڪريا جي خاندان سان هو(57). اشرف شاهه قرآن شريف ۽ ابو الحسن واري سنڌي پڙهي، سندس لاڙو فقيريءَ ڏانهن هو. هالن جي ويجهو رهندڙ سيد محسن شاهه سان سندس والد پير غوث محمد جي ارادت هئي. اشرف شاهه به اُن جو ارادت مند ٿيو، پير صاحب جي زندگيءَ ۾ هڪ دکدائڪ واقعو ٿيو. اُهو هو سندس جوان پٽ کي ڳوٺ راڄوخاناڻيءَ ويجهو شهيد ڪيو ويو. قاتل معافي لاءِ آيا  پير صاحب دل تي پٿر رکي، انهن کي معاف ڪري ڇڏيو. راڄي خاناڻيءَ مان بڪيرن ڏي لڏڻ ۽ اُتان ڪاماري ۾ سڪونت پذير ٿيڻ جو اِهو به هڪڙو سبب ٿي سگهي ٿو(58). فرزند جي شهادت تي صبر ڪيائين، جنهن جو اشارو هڪ ڪافيءَ ۾ آهي:

مڃ عاشق تون برسر، جيڪا رب جي رضا،

1-       ٿي شاڪر ڪر شڪر، جا بڻي سان بڻي،

سا سڀائي حق جا واحد کي وڻي.

2-       جا ٿيڻي سا ٿيندي جي کلين يان روئين.

محبوبن کي معلوم ڇا چيو ڇا چوين.

ڪين ٽري ڪنهن پر جا قادر جي قضا. (59)

پير اشرف جو ڪلام ڪافين، مولودن، مداحن ۽ بيتن تي مشتمل آهي. ڪلام جو مجموعو گادي نشين پير ميان خان محمد 1914ع ۾ لٿو۾ ڇپايو هو. سندس زبان نهايت سليس ۽ بامحاوره آهي. ڪوڙي ڏيکاءُ کي ننديندي چوي ٿو:

نفع ضرر جي خبر رکين ٿو،

بندگيءَ ويلي بي خبري،

ويس ڍڪيو ٿو هنر هلائين،.

عين اها ئي بي هنري.

1-    ڪامل برزگ نيڪ ڪهائين،

      ٺڳ ٺڳيءَ جا ٺاهه ٺهائين،

      لوڪ اڳيان لس لڙڪ وهائين،

      اثر نه آهي ايءَ بي اثري.

2-    ويئي جواني آئي پيري،

      ظاهر ٿيا عنوان ظهيري،

      ريش سفيد احوال صغيري،

      اڃان ته توکي بي فڪري،

3-    اشرف عاشق نام سڏائين،

      پئسا پانديون ڪيو ڇڏائين،

      پوءِ وريو ڪيئن پاڻ پڏائين،

    صبر ائي ڇڏ بي صبري.

خليفو نبي بخش قاسم (1776-1863ع)

خليفو نبي بخش ولد بالاچ خان لغاري (سيرڪاڻي پاڙو)، سنڌ جو هڪ وڏو شاعر آهي. سندس کرڙيءَ جي جنگ جي باري ۾ لکيل ڪيڏاري جي ڪري هو قومي شاعر به آهي. سندس وڏا ميرن جي حڪومت جي ابتدائي زماني ۾ ديري غازي خان کان سنڌ ۾ اچي هاڻوڪي بدين ضلعي ۾ مٺي نالي ڳوٺ ۾ آباد ٿيا.

خليفي نبي بخش بابت احوال پهرين ڊاڪٽر بلوچ جي تربيت ڏنل ”خليفي صاحب جي رسالي“ جي ماهنامه عام راءِ اپريل، جون، جولاءِ ۽ نومبر 1950ع جي شمارن ۾ ڇپيل ڪلام ۽ سوانح مانملي ٿي. اُن کانپوءِ پروفيسر بدوي، ڊاڪٽر بلوچ کان خطن ذريعي مليل احوال ۽ ڪلام مان تذڪري (ج-2) جي ٻئي ڇاپي ۾ خليفي صاحب تي هڪ باب لکيو. وري به ڊاڪٽر بلوچ صاحب، خليفي صاحب جو رسالو، سنڌي ادبي بورڊ جي وساطت سان 1966ع ۾ هڪ مستل ۽ ضخيم ڪتاب جي صورت ۾ شايع ڪيو. اُهوئي اسان جو ماخذ آهي.

خليفو نبي بخش پنهنجي دور جي دستوري تعليم کان مستفيد ٿيو. فارسي زبان تي به عبور حاصل ڪيو. هو تمام ذهين ۽ تيز فهم هو. ڊاڪٽر بلوچ جي لکڻ موجب جاميءَ جي يوسف زليخا سان کيس خاص شغف هو. اُن کان متاثر ٿي هن سسئي پنهون جو قصو لکيو.

نبي بخش هڪ پُرڪشش شخصيت جو مالڪ هو. سندس صلاحيتن کي ڏسندي مير ٺاري خان وٽ بلند مرتبو حاصل ٿيو. خليفي صاحب جي زندگيءَ ۾ انقلاب اِن ريت آيو جو کيس مجاز جي چوٽ انداز 25 سالن جي عمر ۾ لڳي جو سڀ ڳالهيون وسري ويس. مير صاحب سبب پڇيو ته جواب ڏنائين ته: ”مير صاحب! عقل گدڙ وانگر پنهنجي ڏر تي محڪم ويٺو هو، پر جڏهن عشق جي شينهن اچي گجگوڙ ڪئي تڏهن ويچارو گدڙ ڀڄي ويو!

هيڏانهن کيس محبت جي منزل ملي ۽ مائي ”صابل“ سندس جيون ساٿي بڻي. خليفي جو همدم ۽ همراز ماسات قاسم گذاري ويو. اُن کان اڳ سندس جيون ساٿي به گذاري ويئي. اُن جدائيءَ نبي بخش کي جهوري وڌو ۽ يار جو يادگار نالو کڻي تخلص طور اختيار ڪيائين. ائين نبي بخش قاسم بڻجي ويو. کيس پير صاحب روضي ڌڻي سيد محمد راشد جي خدمت ۾ به ڦاسم پهچايو. ائين هو پير صاحب پاڳارن جو خليفو بنيو. اڄ ڏينهن تائين ناروارا خليفا سڏجن ٿا. اُنهن مان خليفو احمد هن راقم به ڏٺو هو. کيس ڀلن گهوڙن جو شوق هو. اندازن 1951ع ڌاري بدين آيو هو. حُر جماعت ۾ هنن خليفن جون اهم خدمتون آهن.

خليفو نبي بخش هڪ وڏو شاعر آهي ۽ سنڌي شعر جي رسالي واري روايت جو تسلسل به آهي. خليفي صاحب جو رسالو، مختلف سُرن تي مشتمل آهي. ان کانسواءِ نسدس رسالن ۾ مختلف زبانن جو ڪلام به موجود آهي. سنڌيءَ سان گڏ، سرائيڪي، هندي، اردو ۽ ڍاٽڪي ڪلام چيو اٿس. رسالن کي ڊاڪٽر بلوچ تفصيلي مقدمي سان سينگاري ڪلام کي مليل مختلف قلمي نسخن جي آڌار تي ڀيٽي سهڻي نموني ايڊٽ ڪيو آهي. رسالي ۾ 29 سُر ۽ متفرقو ڪلام شامل آهي. متفرقي ۾ مداحون، مناجاتون، سهرا، بيت، وايون، ڪافيون، عزل ۽ ڀڄن شامل آهي. هنديءَ ۾ ڪن راڳن جا ٻول/لکشڻ گيت به اچي وڃن ٿا.

خليفي صاحب جو رسالو، سنڌي رسالن جي مروج ترتيب موجب آهي. سُرن جي لحاظ کان ۽ موضوع وار به شاهه جي رسالي مثل آهي. البت ڪن سُرن ۾ خليفي نبي بخش جو ڪلام ٿورو آهي. ترتيب ۾ به رسالي وار سُر آهن. البت ڪن سُرن جا عنوان شاهه صاحب کان ٻي طرف آهن. خليفي نبي بخش جو ڪلام مجاز ۽ حقيقت جو امتراج آهي.

خليفو نبي بخش قاسم، کرڙيءَ واري جنگ جو بيان سُر ڪيڏاري ۾ ڪرڻ سبب هڪ منفرد حيثيت حاصل ڪري چڪو آهي. شاهه شجاع کي مخاطب ٿي چوي ٿو:

شجاع سنڌ م ويهه، اوڏا اڏي نجهرا،

هي تني جو ڏيهه، حامي حيدر جن جو،

کرڙي جي معرڪي جو بيان ڪندي چوي ٿو ته کرڙيءَ ۾ رت جي راند آهي:

کرڙي کائي رت، ڀت نه وجهي وات ۾،

پڙ ۾ پهلوانن جي، ويٺي پرکي پت،

جني نيڻ نست، نيهن نه لائي تن سين.

ڪونڌر ڪيئن مقابلو ڪندا. ڌڙ ڌار سر ڌار ڪيئن ٿيندا؟ اُهو منظر هيئن چٽي ٿو:

پره جُهلندا پيس، عَلَم طوق امير جا،

ڌڙ ڌرتيين گڏيا، لوٿون لُڇن لس،

حورون پائي هس، اچي ويٺيون اوڏڙيون.

سُر ۾ شاهه شجاع جي حملي جي پس منظر ۾ ڪيڏارو سنڌي شاعريءَ جو هڪ منفرد رنگ آهي. ائين سُر سسئيءَ ۾ رسالي جي بيتن ۾ به نوان رنگ ڀريا اٿس. جيتوڻيڪ ڪينواس شاهه جي رسالي وارو ئي آهي:

پڳ جهيڻا پنڌ ڏور، اڳ نه سونهين سسئي،

چِٻون چيٽا چمڙا، جيل منجهه جَنبُور،

روجهه اوتاڙن رڻ ۾، لنبي پڇ لنگور،

ساڻي ٿيس سُور، ثابت ملي سڄڻين.

سسئيءَ جو سڄو سُر محبت ۽ مجاز، پنڌ ۽ رند کان وقف ڪري ٿو. ڪيئن ٿي پنهل پٺيان ويئي. گس تي ڪهڙا خوف خطرا هئا. ڪهڙو وايو منڊل هو، اُن جو جدا جدا رنگ ۾ منظر نامو لکيو آهي. نوان قافيا به سنگيت پيدا ڪن ٿا:

رڻ راڱا رنگريز، ٽيئي پرتا پاڻ ۾،

سُڃ ۾ ساوج گڏيا، خونامي خونريز،

موم ڪيا مهميز، سجهائي سورن جي.

سورمين جي ذڪر ۾ خليفي نبي بخش پنهنجا جذبا ڪماحقھ بيان ڪيا آهن. نهايت خوبصورت زبان ۾ ڳالهه ڪري ٿو. سوڍي کي مومل ڪيئن ساريو، ڪيئن راڻين رت ورنون رنو، اُن جو بيان هيئن ڪري ٿو:

رت ورنو رات، سوڍا رنو راڻيين،

اکيون تنهنجي آسري، تن تنهنجي تات،

قاسم ڳجهي ڪات، مومل ڪُٺي مينڌري.

راڻي جي ڪاڪ اچڻ جي ڳالهه وائيءَ ۾ بيان ڪري ٿو:

اُٿي ڍولڙيو يار، تو گهر راڻل آئيو،

1-    مومل رنگ رتول ۾، تان تون ڏيڙو ٻار،

2-    ڪرهو موڙي ڪاڪ تي، سوڍي لڌڙي سار،

3-    عيب ڍڪيندڙ آ؟يو، ڀوريءَ پاس ڀتار،

4-    ڪونر ڦلاريا ڪاڪ جا، کڙيا کٽڻهار،

5-    منهن ۾ سونهي مينڌري، قاسم ڪجل ڌار.

سنڌي ۽ سرائيڪي ته خليفي صاحب جون پنهنجو زبانون آهن، پر هندي ۽ ڍاٽڪي ٻولين ۾ به کيس قابليت وارو درجو حاصل آهي. سو بيراڳ هنديءَ ۾ دوها آهن ۽ سُر جوڳ ۾ ٽه-سٽا بيت آهن، پوري آسانيءَ سان هر مرحلو پار ڪري ٿو. بيراڳ ۾ چوي ٿو:

پان پٿر انسان ۾، رام رمي هرچند،

کيلي آپ کلاري هووي، آپ بجاوي تند.

سپني کي ڪيئن مخاطب ٿئي ٿو.

سپنا تم ڪون سو گند هي، مُجهه آج ملادو پي،

مين ملون ميري پي سي، تم پَر ورون جي،

سُر ڍولو مارو، ڍاٽڪيءَ جي قصي ڍولا، مارو بابت آهي. شاهه جي رسالي ۾ پراڻن ڇاپن ۾ ڍول مارئي جي نالي سان آهي، هن داستان جي ڪن اهڃاڻن جو خليفي صاحب ذڪر ڪيو آهي. ڪهڙو نه خوبصورت بيان آهي. چي مارو جي هٿن ميندي آهي. ڍولي جي هٿ ۾ ڪمان آهي. ڍولو هرڻ ٿو ماري ۽ مارو سهڻا جوان ماري ٿي.

مارو هاٿي ميندڙي، ڍولي هاٿ ڪمان،

ڍولو ماري مرگڙا، مارو لال جوان.

اڄ جيڪو سنڌي نظم آهي، تنهن جا ابتدائي اهڃاڻ ڪن آڳاٽن شاعرن جي ڪلام ۾ ملن ٿا. خليفو نبي بخش به انهن ۾ آهي. هن جي ڪلام ۾ هڪ نظم ”کينهون“ ملي ٿو. هن نظم ۾ تصوف جا نُڪتا دلچسپ انداز ۾ بيان ٿيل آهن. هڪ اقتباس هي آهي:

نه ڪو موت نه ڪو مرض،

نه ڪا سنت نه ڪو فرض،

نه ڪو دورخ دستور،

نه ڪو مَلڪ نه ڪا حور،

نه ڪو بهشت نه ڪو باغ،

نه ڪو بلبل نه ڪو راغ،

نه ڪو جن پريزيدا،

نه ڪو آتشي نه ڪو باد.

پنهنجي بيان کي عمر مارئيءَ جي حوالي سان ختم ڪري ٿو.

سرائيڪي شاعريءَ جي اڌ وراڻي (مستزاد) کي ٻين وڏن شاعرن وانگر خليفو صاحب به ڪم آڻي ٿو. اُن ۾ سمايل موسيت منفرد ۽ اثرائتي آهي:

محبوب ڏٺوسي خوب، دلين تي دام گهڻي دُردانا، يايگانا،

چٽڪيا شوق شڪار شتابي، چاتر ڪش تيز ڪمانا، ڪَر بهانا،

من اساڏا محبت دي وچ، محو ڪيتس مردانا، هي شڪرانا،

دوست دلين دا تنهن در آوي، جنهن تي راض ربانا، بي بيانا،

ڳل قاسم دي آڻ گهتيوني، ڳند ذلف دا ڳانا، دست نشانا.

خليفي صاحب جي ذڪر کي ختم ڪندي آءٌ سندس اردو ڪلام مان هڪ غزل آڻڻ ٿو گهران جيئن سندس انداز بيان، جذبن ۽ زبان جو اندازو لڳائي سگهجي:

گلشن ڪي خبر خوب صبا باد ي سي پُوڇو،

تصوير قد سَرو ڪي شمشاد جي پُوڇو،

بيدرد ڪو معشوق سي ڪيا ڪام هي يارو،

شيرين ڪي حقيقت ڀلا فرهاد جي پُوڇو.

آتي هو نه جاتي هو ستاتي هو ڀلا ڪيون،

تقصير هي ڪيا ميري پيرزاد سي پُوڇو،

غم درد ڪي تصوير قاسم ڪِن ڪون بتائون،

آواز ميري آه ڪا تم ناد سي پُوڇو.

ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته خليفو نبي بخش قاسم هڪ قادر الڪلام شاعر هو. اُهو سندس چيل ڪلام جي هر صنف مان ظاهر ٿئي ٿو.

اُميد علي شاهه(وفات 1868ع) :

سنڌي ڪافين جي سلسلي ۾ اُميد علي شاهه جو نالو عام ادبي تجزين ۾ اچي ٿو. ممڪن آهي سندس ڪافين جو ڪو مجموعو ڇپيل به هجي. اُميد علي شاهه جي ڪا ڀروسي جوڳي سوانح حيات نه ملي آهي. ڊاڪٽر بلوچ پنهنجي ايڊٽ ڪيل ڪتاب ڪافيون (جلد اول) ۾ اُميد علي شاهه کي اگهيماڻي (تعلقو ماتليءَ) جو لکيو آهي. سندس تعلق ملتان جي غوث بهاءُ الحق جي گاديءَ سان ڄاڻايو اٿس. ڊاڪٽر صاحب سورهن ڪافيون شامل ڪيون آهن. سندس لکڻ موجب اٽڪل 05 ڪافيون مليون آهن(ص 227).

هو اڪثر ٽنڊي محمد خان ۾ رهندو هو. اُتي ئي مدفون آهي. اُميد علي شاهه جون ڪافيون عشقيه ڪلام جي روايت ۾ موضوع کي خوب نڀايو آهي. سندس مقبول ۽ شاهڪار ڪافين۾ هيءَ ڪافي آهي:

نچ وي ناچو اٿئي مهل نچڻ جي، وري نه ملندءِ وار،

1-       تيل ڦليل ڪرين وي بندا، سوين ڪري سينگار،

سرمون وجهجئين سُرت مون، اک ادب جي ڌار.

2-       پيشواز پاتئي پرت مون، هاڻي گُن انهيءَ سان گهار،

ڦيري ڏجئين فڪر ۾، چوطرفي چوڌار.

3-       نچ وي ناچو نام خدا جي، وحدت ڪين وسار،

آکي اُميد علي نچڻ اجايا، ڪهو پريان دي ڪار.

عشق ۾ وره وڇوڙو پنهنجا رنگ ڏيکاري ٿو. عاشق اُن بيتابيءَ کي محبت جو حصو ڄاڻي ٿو:

برهه ڪيم بيتاب، ڏيان دانهن درد جي ڪنهن کي،

1-       نامئن ملان نا مئن قاضي، نا مئن پڙهيا نا مئن نمازي،

                                  نامئي رنگ رباب،

2-       ٻانهپ جي مون يار سان ٻولي، گولن جي ڀي آهيان گولي،

                                  ڏينديس ڪو نه جواب.

3-       محبت ماري آهيان ماندي، ڪين بره کان ڪنهن پر واندي،

                                  ڪَيڙس عشق ڪباب،

4-       آءٌ اُميد علي ڪر عشق سان زاري، پاءِ پرينءَ سان ڳل ڳچيءَ ڳاري.

                                  تنهن سان لاهه حساب.

        صوفيانه انداز هن طرح اختيار ڪري ٿو:

مرد ٿئين تان کڻ ملامت، ڇاهي تنهنجو عام سان،

منصور جان مطلب ڪري پئو مارجي تون مام سان،

”مئن“ ڪندڙ ماريا گهڻا،تن جا ڀڳا ڪنڌ ڪلام سان،

سرتني تون صدقي ٿيا، جي ڪفر ۽ اسلام سان،

”الف“ هڪ اثبات ڪر تون ڪيم لڙجاءِ لام سان،

عارفن آباد ڪَيڙو، جسم پنهنجو جام سان،

دُئي ماري دُر ٿيا، اُهي پهلوان پيغام سان،

اُميد علي شاهه اُهي، جيڪي مير محمد ڄام سان.

هڪڙو ٻيو اُميد علي شاهه شاعر روهڙيءَ جو هو، جنهن 1925ع ۾ وفات ڪئي. ائين ڪو ٻيو به هم نام شاعر هجي ته ٿي سگهي ٿو، پر ڪافين جو مشهور شاعر هي ئي آهي، جنهن جو ذڪر مٿي ڪيو ويو آهي.

قادر بخش بيدل (1814-1872ع) :

خانبهادر ميمڻ لکي ٿو: ”فقير قادر بخش ولد ميان محمد محسن روهڙي شهر ۾ ڍڪا بازار جي نزديڪ پاٽولين جي پاڙي هجري 1230 بمطابق 1814ع ۾ ڄائو. سندس مائٽ پاٽولڪو ڌنڌو ڪندا هئا. فقير قادر بخش کي ڄائي ڄم کان وٺي پير ۾ حساب هوندو هو، تنهن ڪري منڊڪائي هلندو هو.(60)“ شاهه عنايت شهيد ميران پوريءَ جي سلسلي مان مير جان الله شاهه، فقير محمد محسن جو مرشد هو. مير جان محمد شاهه رضوي ۽ سندن پوٽو مير جان الله شاهه صاحب ديوان (فارسي) شاعر هو. ٻنهي جا ديوان بالترتيب، ”ديوان مير“ ۽ ”ديوان عاشق“ موجود آهن. بيدل ڄائو ته سندس نالو عبدالقادر رکيو ويو. حضرت شاهه عبدالقادر جيلانيءَ جي ادب سبب پاڻ کي قادر بخش سڏايائين. عبدالحسين شاهه موسويءَ ديوان بيدل جي ديباچي ۾ لکيو آهي ته؛ ”فقير محمد محسن، مرشد جي ڪچهريءَ ۾ ويٺو هو ته دائيءَ اچي واڌائي ڏني ۽ چيائين ته ٻالڪ گهڻو ئي سڦرو آهي، پر هڪ پير کان منڊو آهي! جنهن تي مير صاحب فرمايو ته ابا منڊو نه چئو اهو روهڙي شهر جو جهنڊو ٿيندو(61).

دينوي، ديني تعليم، عربي، فارسيءَ جي تعليم مليس. ذوق شوق جو اهو عالم جو حافظو بيمثال هوس. شرح ملا پڙهندي اچي روئڻ ۾ ڇٽڪيو. ڪتاب جا پنا پسي ويا. چيائين ته عشق کان سواءِ ڪجهه نظر نٿو اچي. قلندر شهباز جي مرقدتي ويو. قلندر جو مٿس گهڻو اثر هو(62).

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25

 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org