شعر و شاعريءَ سان گڏ شيخ راز نثر ۾ به لکيو.
اُنهن ۾ سندس افسانن جو مجموعو ڊاڪ بنگلو، سانگي
ڪي ساريام، رسالي جي سُر يمن جي شرح، گرهوڙيءَ جي
ڪلام جي شرح، تنقيد ۽ تجزيو، ديوان گل جي شرح،
تاريخ سلطنت دهلي ۽ سکر ماضي ۽ حال (انگريزي)
مشهور آهي. اُن کانسواءِ فاتح سنڌ (ناولٽ) ۽
مارويءَ جي ديس ۾ (اردو) به لکيائين. راز جي ڪلام
جو پهريون مجموعو سارنگ آهي. اُن کانپوءِ پيهي
منجهه پاتال ۽ سڄڻ سفر هليا ڇپيا.
شيخ راز جي ڪلام ۾ بيت، وايون، نظم، آزاد نظم، غزل
۽ گيت شامل آهن. سندس اسلوب بيان ۽ مضمون جديد
شاعريءَ جي رنگ ۾ آهن. اڪثر زبا فارسي آميز به
آهي. شيخ راز جي آزاد نظمن ۾ ”ميڪده حيات“ ۽ .زمان
و مڪان“ مشهور ٿيا. ميڪده حيات ۾ غم پسنديءَ جو
مضمون آهي:
درد ۽ رنج ۾ لبريز زمانو سارو،
وقت آيو ته اجهو ڇلڪي پيو،
هر طرف شور عنادل آهي،
ڄڻ ته گلشن ۾ لڳي آهه باهه.
يعني گلشن جو سڄو روپ ۽ رنگ ويو مٽجي،
ڄڻ گلستان مان گلن جا ڪي جنازا نڪتا،
ڄڻ ته دنيا جو ٿيو ختم فسانو سارو،
”زمان و مڪان“ ۾ زندگيءَ جي ڊوڙ جو قصو آهي جا
زمان و مڪان کان بي نياز جاري آهي. شيخ راز چوي
ٿو:
ڇڏي ڏي منهنجي جان! زمان و مڪان جا هي
قصا پراڻا ڇڏي ڏي،
اسان هن زمان و مڪان جا ته پابند ناهيون،
ٻُڌين ٿي؟
جواني اسان جي مشقت ۽ محنت ۾ گذري وئي آهه،
گوارا خدا کي نه محنت اسان جي رهي آهه.
غزل ۾شيخ راز ڪنهن وقت روايتي غزل به چيا. البت
زبان آسان رکي اٿس. غزل جي نسبت هو نظم ۽ گيت ۾
وڌيڪ ڪامياب رهيو آهي. غزل ۾ اُهو ئي زماني جي
شڪايت ۽ غم جانان:
عشق جا اظهار ڪيئي ٿي ويا،
حسن جا ڪردار ڪيئي ٿي ويا،
دشتِ غربت ۾ رُليو ٿي ڪاروان،
قافله سالار ڪيئي ٿي ويا.
حسن جي سرڪار تان پردا لٿا،
عشق جا بيمار ڪيئي ٿي ويا.
-
آ هلي آءٌ تو سان پيار ڪريون،
عشق جي راه استوار ڪريون.
ڇو ستائين ٿو مون کي اي واعظ!
آ هلي آ ته ذڪرِ يار ڪريون.
دل کان دل کي ملي وڃي ٿي راه،
دل تي پو ڇو نه اعتبار ڪريون.
تنهنجو نالو بڻيو آه وردِ زبان،
ذڪر تنهنجو ٿا بار بار ڪريون.
گيت ۾ ڀڄن رنگ هيئن آڻي ٿو:
راڌانچندي
بندرابن ۾ راڌا نچندي
راڌانچندي جيون کلندو، خوش ٿيندو سنسار
ٿيندي جيءَ جيءَ جي جئڪار
راڌانچندي.
قومي گيت ۾ به شيخ راز جي اهميت ۽ ڳڻپ آهي. ”جاڳ
مسافر جاڳ“ اهڙي ساک ڀري ٿو:
سورج جاڳيو پورب جاڳيو، جاڳيو سارو لوڪ،
ڪوئل جاڳي مئنا چهڪي مهڪيو سارو باغ،
دنيا تان ڀئتا جو سارو مٽبو ويو آ داغ،
مسجد جاڳي مندر جاڳيو، جاڳيو سارو ڀاڳ
جاڳ مسافر جاڳ.
-
ٻُڌ ته ٻُڌايان توکي پنهنجن محبن جو پيغام،
مصر جاڳي، ايران جاڳيو ۽ جاڳيو ترڪستان،
ايشيا ساري آهي جاڳي جاڳيو پاڪستان،
دنيا جي قومن جي آهي تنهنجي هٿ ۾ واڳ،
جاڳ مسافر جاڳ.
راز وايون به چيون آهن، سي بهتر آهن، پر سندس بيت
نه قديم رنگ ۾ آهن نه جديد ۾. هيئت ۽ آهنگ موجب به
صحيح نه آهن.
بردو سنڌي (1922-1988ع):
محمد رمضان ولد خدا ڏنو لاشاري (بردو)، ڳوٺ ماڪن
ڪوري تعلقي ميرپورماٿيلي ضلعي گهوٽڪيءَ ۾ ڄائو.
هُو تعليم لاءِ ڳوٺ لوهي جي اسڪول ۾ ويٺو. 1939ع ۾
سنڌي فائنل پاس ڪيائين. کيس ادبي ذوق هجڻ ڪري
ماستر ٿيڻ جو شوق هو، پر آبپاشي کاتي ۾ داروغي جي
نوڪري مليس. اُن سانگي نواب شاهه ۾ اچي رهيو.
زندگيءَ جا تلخ تجربا به حاصل ٿيس. همت وارو ماڻهو
هو. زندگيءَ جي شيرين ۽ تلخ تجربن لاءِ شاعري بردي
وٽ هڪ صحيح ذريعو بنجي ويئي. سنڌي ۽ سرائيڪي ڪلام
۾ بردي هڪ مقام حاصل ڪيو. سندس گيتن ۾ عوام جي
ٻولي ۽ عوام جي زندگيءَ جي جهلڪ آهي. پهريون
مجموعو ”اکيون ميگهه ملهار“ (1961ع) سنگت پبليڪيشن
نواب شاهه شايع ڪيو ۽ ٻيو ”بوندون بس نه ڪن“
(1988ع) سنڌالاجيءَ شايع ڪيو. ڪي افسانا به
لکيائين، پر بردي جو اصل ميدان شاعري رهي. هُو هڪ
سادو سودو يار ويس انسان هو. شاعريءَ ۾ به اُهائي
سادگي اٿس. ڪابه ٺاهه ٺوه ۽ مشڪل توڙي اجاين
موضوعن ۽ لفظن کان خالي گيت ۽ نظم. سادن جذبن جي
اظهار وارا آزاد نظم، غزل، بيت، ڪافيون ۽ قطعا
بردي جي انفراديت ۽ سڃاڻپ رهيا. ”سانوڻ جي ڪڪري
هيڪلي“ (آزاد نظم) ته بردي جي سڃاڻپ ۽ مشهوريءَ جو
اولين سبب بنجي پيئي:
او بانوري،
او سانوري،
سانوڻ جي ڪڪري هيڪلي!
ڪر خبر،
ڇو ٿي روئين،
ڇو ٿي روئين، ڇاجي ڪري؟
او بانوري،
او سانوري،
سانوڻ جي ڪڪري هيڪلي،
ڪر خبر ڇو ٿي روئين؟
روئندي وتين رڙندي وتين،
لُڏندي اچين ٽڙندي وتين،
۽ پنهنجي لڙڪن ۾ ئي خود ٻڏندين وتين ترندي وتين،
او بانوري،
او سانوري،
حُسن جو بيان ڪهڙي به انداز ۾ ڪريو، حُسن حُسن
آهي. بردو نيڻ جي ڳالهه هيئن ڪري ٿو:
ڀَلا ڀَلا نيڻ تنهنجا مِٺيءَ مِٺيءَ ديد اورا!
هڄي هڄي نيٺ پهتا، اچي تنهنجي در اُڃارا!
سنهي سنهي سوز جهوريو وري نئون نيهن موريو،
پتنگن به پنهنجو پاڻهي هڻي کڻي ساهه گهوريو:
هَڪي ٻَڪي هنج ٿي ڪا لڳس ڪنهن جا لڱ پيارا.
جهلي جهلي مونجهه تنهنجي هِري مِري هانءُ ويڙو،
مِٺو مِٺو درد دل کي پرين تنهنجو ڀانءِ پيڙو:
نڀايان ندوريون راتيون تڪي تنهنجا چنڊ تارا!
ڀلا ڀلا نيڻ تنهنجا.
واهڻن ۽ ڳوٺن جي جيوت، حسن ۽ ٻيون بردي جو اصل
موضوع آهن. هُو جذبن جي اُڇل کي روڪي نٿو. چوي ٿو:
واهڻ جي اربيلي چنچل ڪاجا ڪاري گهوري،
واهڻ جي وه ڇوري.
کلي کلائي روح ريجهائي،
دل ۾ پيار جا گهاءُ لڳائي،
پيشانيءَ پوري نور ۾ سجدا،
لڪل لڄوڙي ڪنڌ، جهڪائي،
سونهري جي پنبڻيون جاڳن،
ڇڏي نظر سان لک لُٽائي.
واهڻ جي وه ڇوري!
ڳوٺ جي ماحول ۾ رتل گيت ”پينگهه پپر ۾ ٻڌي ڙي
جيڏيون“ يا ”نسري آهي جوار پرين چڙهه پيهي تي“
بردي جي زندگيءَ جو ڄڻ حصو هئا ۽ وري غزل ۾ اُهوئي
ڳوٺ ۽ اُن جي سونهن مٿا وري سادي ۽ آسان زبان:
برسيا رات وري بادل،
جاڏي ڪاڏي آ جل ٿل.
مُرڪيو من ۽ ريڌو روح،
تو ڳل لاتو ڀنڙا ڳَل،
سرجا سائين تنهنجا نيڻ،
سيني منجهه ڪري ويا سَل.
تنهنجو جوڀن پرهه پرين،
جهڙو موتيو ماڪ ڀِنل.
هلڪا هلڪا ٽهڪ ائين،
پڳ پڳ ڇمڪي ٿي پايل.
مون وٽ آهن گيت اجهو،
وٺين ته مٺڙا جهولي جهل.
بردي گيت ۽ نظم گهڻيئي لکيا آهن، پر ڪٿي ڪٿي ته
هُن جو نظم به سينگار جو بيت ٿو لڳي.جي ٻُڌي ها ته
جلال کٽي به داد ڏي ها. قافيا به مشڪل آهن، پر حسن
جي بيان اُنهن کي آسان ڪيو آهي:
مکڻ جهڙا پير پرينءَ جا چانديءَ جهڙا چنبا،
وار عطر سان واسيل سنهڙا کيهه کُڙيءَ تائين لنبا،
سينڌ سَندوري پينگهه فلڪ جي جُهڙ ۾ ڏي ٿي جهلڪا،
تنهنجي رنگ برنگي جلون لاتا هينئڙي لنبا.
گل صنم جا ڳانڌو گدرا چَپَ ڪنُون جون ڦاڪون،
نيڻ صدف جيئن واه متا پنبڻ جهڙا رنبا.
قد ۽ ڪاٺي سهڻي هاٺي پيڪر پيارو پيارو،
واسينگن کان وترا ويڙها ڀورل تنهنجا ٿنڀا.
جي تون ايندين ڳالهه ڳڻي ڪا گهر بردي جي سائين،
رهندا ياد حياتيءَ تائين تنهنجا ٿورا ٿنڀا.
ٻلهاڙي لاءِ دوستن کي سڏي ٿو:
اچو يرو رهون ٻلهاڙو،
ڪاٿي آهن جمن جاڙون.
اوري آ ڙي عارب يار،
عيسي کي ڀي ڪر ڪوڪار.
موسي کي وڃي ڪن ۾ چئو،
پوري جئن نه پڻس کي ڪئو.
سرائيڪي شاعريءَ جي حوالي کان سواءِ بردي جو ذڪر
اَڻ پورو رهندو. سندس هڪ ڪافيءَ جا ٻه بند:
وه واه چشمان يار ديان،
يار مٺي منٺار ديان.
صدقي ٿيوان لب جولڻ تون،
ڍولڻ تيڏي خوش ٻولڻ تون،
ڪر ڪر نخري گهنڊ کولڻ تون،
وه مٺڙيان ڳالهين پيار ديان،
بردي ڪون هُڻ چين نه ڪو دم،
تئين بن جڳ وچ ڪونهين همدم.
وانگون بلبل رووي دم دم:
لهه خبران بيمار ديان،
وه واه چشمان يار ديان.
نارائڻ ”شيام“ (1922-1989ع):
نارائڻ گوڪلداس ناگواڻي، ڳوٺ کاهي قاسم تعلقي
نوشهري ۾ ڄائو (1). سندس والده جو نالو جمنا ديوي
هو. نارائڻ ابتدائي تعليم نوشهري ۾ ورتي ۽
انگريزيءَ لاءِ نواب شاهه ويو. 1945ع ۾ ڊي. جي سنڌ
ڪاليج ڪراچيءَ مان بي. اي (آنرس) ڪيائين. بقول
اياز هو ڪاليج ۾ شيخ راز کي وڌيڪ ويجهو هو. سنڌ ۽
هند ۾ ترقي پسند ادب لاءِ نارائڻ شيام برجستگيءَ
سان ڪم ڪيو. سنڌ ۾ اسڪول ۾ اُستاد رهيو ۽ ڀارت وڃي
دهليءَ ۾ ٽپال کاتي ۾ آڊٽ آفيس ۾ ڪلرڪ ٿيو. 1980ع
۾ هيڊ ڪلرڪ جي حيثيت ۾ رٽائر ٿيو. ڦوه جوانيءَ کان
شعر جي دنيا ۾ پير پاتائين ۽ سنڌيءَ جي هڪ وڏي
شاعر جي حيثيت ۾ جهان ڇڏي ويو. اياز، نارائڻ شيام
جي سِڪَ ۾ پنجاهه بيتن تي مشتمل ڪتاب لکيو. پهريون
بيت هي آهي:
تنهنجي رک کڻي ويون، گنگا جون لهريون،
سنڌوءَ اُٻهريون، ٻانهون ڦهلايون گهڻيون.
پنهنجي جدائيءَ لاءِ شيام چئي ڇڏيو هو:
آءٌ ته هڪ آواز فضا ۾، گم ٿي ويندو سانءِ،
مون کي ڏسڻ لاءِ پوءِ گگن ۾، واجهه وڏا وجهجانءِ.
شيام، ڪبير ۽ غالب تي لکيل ٻه ڪتابن جي ترجمن
کانسواءِ هي شعر جا ڪتاب يادگار ڇڏيا: ماڪ ڦڙا
(1953ع)، پنگڙيون (1955ع)، رنگ رتي لهر (1957ع)،
روشن ڇانورو (1962ع)، ماڪ ڀنا رابيل (1964ع)،
واريءَ ڀريو پلاند (1968ع)، آڇيندي لڄ مران
(1972ع)، مهڪي ويل صبح جي (1983ع)، نه سو رنگ نه
سا سُرهاڻ (1987ع)، بوند لهرون ۽ سمنڊ (1987ع)،
ڏات ۽ حيات (1988ع)، بوند لهرون ۽ سمنڊ حيدرآباد ۾
ڇپيو باقي ڪتاب اجمير ۽ بمبئيءَ مان شايع ٿيا.
شيام کي سنڌ ۽ هند ۾ ادبي تنظيمن ۾ گهڻي اهميت
ملي، پر هو هڪ شاعر جي حيثيت ۾ وڌي خوش، سرگرم ۽
فعال هو. شغر جي صنفن، دوها، سورٺا، ترائيل، غزل،
نظم ۽ رباعيءَ ۾ جذبن جا واهڙ وهائي ڇڏيائين. حسن
۽ عشق جا بيان ۽ غم دوران جي ڳالهه نارائڻ شيام
نهايت وڻندڙ انداز ۾ ڪئي. نارائڻ شيام جي شاعريءَ
تي جائزا لکيا ويا آهن. انهن ۾ تنوير عباسيءَ جو
جائزو به آهي جو 62 صفحن تي پکڙيل آهي ۽ ڪتاب بوند
لهرون ۽ سمنڊ ۾ شامل آهي. تنوير عباسي لکي
ٿو:”اسان جي دور جي شاعرن ۾ سنڌ توڙي هند ۾ نارائڻ
شيام کي وڏي اهميت حاصل آهي. هُو انهن ٿورن شاعرن
مان آهي، جيڪي اسان جي شاعريءَ جي وهڪري کان الڳ
ٿلڳ پنهنجي ذاتي اسلوب جي ڪري نرالا انوکا آهن.
نارائڻ شيام سنڌيءَ جي جديد شاعريءَ توڙي ترقي
پسند شاعريءَ جو بنياد وجهندڙن مان هڪ آهي(8).“
نارائڻ شيام کي شعر جي نين ۽ پراڻين صنفن جو پورو
پورو احساس هو. هن بيت جي بنيادي صورتن دوها ۽
سورٺا کي به ته وساريو آهي. اصل ڳالهه ته شغور ۽
خيال آهي:
تنهنجي چهري تي نچن، چڳون نزاڪتدار،
ننڍڙيون راتيون چيٽ جون، دل کي ڏين قرار.
-
هر هر ڇو ڇڪجن اکيون، تو ۾ ڇا هي نيٺ،
سنڀران ڪا هن کان اڳي، توسان ڏيٺ نه ويٺ.
دوهي وانگر سورٺي ۾ به شيام خوبصورت خيال آندا
آهن:
چنڊ لڳو ئي ائين،ا ُڀ ۾ آڌي رات جو،
جر تي هوريان جئن، تري هنس ننڊاکڙو.
-
ڏسندي صورت سانوري، وريو اکين ۾ آب،
ڄڻ روشن آئيندي جو، ڌنڌلو ڌنڌلو خواب.
غزل ۾ به شيام جو پنهنجو انداز آهي. مرڪ ۽ لڙڪ جو
داستان چند سٽن ۾ آڻڻ شاعرجو ڪمال آهي:
مرڪ راحت کي جنهن ڏني هوندي،
درد ۾ دل سندس ڀِني هوندي.
پيار دل ۾ نه سونهن دنيا ۾،
شمع هوندي ته روشني هوندي.
ڇا فقط ڌوڙ آهي ڌرتيءَ تي،
چنڊ تي صرف چاندني هوندي.
غم ته غم پر خوشي به هيڪاندي،
حد ٽپڻ کان ئي دل ڊِني هوندي.
سواس تنهنجو ڇو شيام اکڙيل آهه،
پيار جي تند ڪنهن ڇِني هوندي.
شيام غزل ۾ غم جانان ۽ غم دوران کي گڏ ڪندي ناز
وارن سان گڏ سنڌي ٻوليءَ جي آئيندي جو فڪر ڪيو
آهي:
نئين آهه نِت ناز وارن جي ٻولي،
نگاهن ادائن اشارن جي ٻولي.
نه سمجهي سگهيو ٻيو ڪوئي حسن ڌاران،
تمنا ڀري نينهن وارن جي ٻولي.
الا! ائين نه ٿئي جو ڪتابن ۾پڙهجي،
ته هئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي.
هر پل سنڌ کي، ٿر جي ڀٽن ۽ مارئيءَ کي شيام ياد
ڪيو:
ٿر جون ڀٽُن پري ۽ پري سنڌ جون ڀٽون،
اڄ پاڻ وٽ ڪو شاه نه ڪا مارئي ڏسان.
زندگيءَ جو زهر پيئڻو ئي پوي ٿو. کير به کير نٿو
ڀاسي، اُهو به زهر هلاهل ٿيو پوي:
کير ساگر مان نه ڪو جل نڪتو،
مون ولوڙيو ته هلاهل نڪتو.
گهر ڇڏي ڇانوَ ۾ وڻ جي ويٺين،
جهوٽو جهولي جو نه سيتل نڪتو.
شاعر ائين محسوس ڪري ٿو ته نه هيءَ صورت منهنجي
ائين هئي، نه ڻيڻ ايئن هئا نه هٿ ائين هئا. ڇا
ٿيو:
مون کي لَکَ به نه پيئي،
سچ پچ،
ماٺ ميٺ ۾ ٿيندي ٿيندي
هيڏي تبديلي ٿي ويئي
ڪهڙي آئيني ۾
منهنجي اصلي صورت
گم ٿي ويئي؟
رومان شيام وٽ پنهنجي پوري سونهن سان موجود آهي:
ويندي ويندي ايئن ڏٺائين ڇو؟
چپ چوري ڀي نه ڪجهه چيائين ڇو؟
-
صرف هڪ ئي تاري ڏي رات ڀر نهاريندي،
تو خيال پنهنجا هئا ڪيستائين ڦهلايا.
جديد شاعريءَ ۾ شيام جو حصو گهڻو آهي. چند مثالن
مان ڪا ڳالهه چٽي نه ٿيندي. مون کي شيام ۽ تنوير
اسلوب ۽ زبان ۾ هڪٻئي کي قريب ٿا لڳن.
کيئل داس ”فاني“ (1914-1995ع):
کيئل داس ولد وليرام بيگواڻي ”ميان جي ڳوٺ“ تعلقي
شڪارپور ۾ ڄائو، جتان مشهور ادبي رسالو سنڌو
نڪرندو هو. قابل استادن وٽ پڙهيو، ابتدائي تعليم
ڳوٺ ۾ ئي مليس. وڌيڪ تعليم شڪارپور مان حاصل
ڪيائين. آغا غلام نبي صوفيءَ جي صحبت سبب منجهس
ادب ڏانهن لاڙو پيدا ٿيو. مشاعرن ۾ شرڪت ڪرڻ لڳو.
جن ۾ نواز علي نياز، محمود خادم، غلام علي مسرور ۽
لطف الله بدوي وغيره شريڪ ٿيندا هئا.
مئٽڪ پاس ڪري نيو ايريا هاءِ اسڪول ۾ ماستر ٿيو.
هتان شيخ اياز، نورالدين سرڪي ۽ ٻيا ايندڙ وقت جا
اديب وٽس پڙهيا (6). اُن کانپوءِ سي ائنڊ ڪاليج
شڪارپور ۾ سنڌيءَ جي اُستاد ٿيڻ لاءِ ڪشنچند بيوس
سفارش جو خط لکي ڏنو. اُتي سندس مقرري ٿي. ورهاڱي
سبب هتان لڏي ڀوپال ويو. اُتي به ڪاليج ۾ پروفيسر
ٿيو.
فاني به بيوس جي پيرويءَ ۾ اهو محسوس ڪيو ته غير
سنڌي ماحول ۽ فارسي زدهه اسلوب ۽ زبان سان سنڌي
شاعري پنهنجو اصل مقام حاصل ڪري نه سگهندي. اُن
ڪري پنهنجو رنگ ۽ پنهنجي زبان جو استعمال بنيادي
ڳالهه آهي.، سنڌ جي پوءِ ايندڙ جديد شاعرن اياز،
تنوير، نياز همايوني ۽ ٻين لاءِ بيوس، دکايل ۽
فانيءَ هي نئون رستو گهڙيو جنهن تي نئين عمارت
جُڙي.
فانيءَ جي ڪلام ۾ قديم دور جون صنفون بيت ۽
ڪافيون، وچئين دور جون صنفون غزل، نظم، گيت ۽
رباعيون شامل آهن ته سندس دور جا ترائيل، پنجڪڙا
وغيره به شامل آهن. هُو وطن ڇڏيندي جو ڏک محسوس
ڪري ٿو. اُن کي لفظن ۾ هيئن بيان ڪري ٿو:
ڀڄي جن آ ڀڄايو مون کي وطن!
ڇڏي جن آ ڇڏايو مون کي وطن!
لڏي جن آ لڏايو مون کي وطن!
جن روهه رلايو مون کي وطن!
فاني سي ڏسان دردن ۾ دکي،
سالن ۾ ٿين ساعت نه سکي.
-
پکي وڻ ڇڏي ڇو اچانڪ اُڏاڻا،
ڇڏي ماڳ پنهنجو وڃي ٿيا ويڳاڻا.
-
ڀڳا ڏار وڻ جا ڏنو وڻ به ڏلڪي،
ڇڏي سنگ مان ٿي ويا داڻا داڻا.
وقت به وقت شعر ۾ بيوس، اياز ۽ الله بخش شهيد توڙي
سنڌ وارن کي ياد ڪيائين. اياز لاءِ چيائين:
پرين جون اچن ٿيون پري کان پڪارون،
لڳل جن جون تن من ۾ آهن تنوارون.
مخصوص انداز ۽ مخصوص تُڪن ۾ فاني هڪ منفرد شاعر
لڳي ٿو:
مان ڪوڏ ڪچو، تون لال اَمل،
تون ڪُڇ به هجي، مان تِڇ نه هجان.
تون ڪٿ به هجين، مان جِت به هجان.
مان توکي ڀلان، تون مون کي نه ڀُل.
هيءَ منهنجي حجت، آزيءَ جي علت.
رهڻي نه رهت، صورت نه صفت.
مان خار مثل، تون گل ئي گل.
مان روئان روئي، ڳل ڌوئان ڌوئي.
ڪري ڀال ڪوئي، ونڊي حال ڪوئي.
مان ڪوڏ ڪچو، تون لال اَمل.
فانيءَ جو غزل، نظم ۽ گيت ۾ هڪ مخصوص رنگ آهي. هُو
اُن ۾ موسيقيت ڀري ڇڏي ٿو:
جوش جنبش کي جواني ٿا چون،
حسن جوڀن جي نشاني ٿا چون.
سونهن سڪَ ۽ ڇوه ڇِڪَ سڀ کن پلڪ،
بي بقا هرچيز فاني ٿا چون.
هر گهڙي ڳوڙهن جي وهندڙ تار کي،
يار پاڻيءَ جي رواني ٿا چون.
فانيءَ کي سمجهڻ لاءِ اُن جو مختلف صنفن جي
شاعريءَ جو ڳوڙهو اڀياس ضروري آهي. هن جي لفظن ۽
سلوب جي پرک ڪجي. فانيءَ هريڪانت ۽ شيخ اياز توڙي
ٻين ترائيل (فرينچ صنف) کي اختيار ڪيو. هر ڪنهن جو
پنهنجو رنگ آهي. فاني چوي ٿو:
ڏسي جي ڪين سگهان سي مان ڏسڻ چاهيان ٿو،
ڪئي مون خوردبيني آهه انهيءَ لئه ايجاد،
مگر اوزار پنهنجي پرک لئه نه ٺاهيان ٿو،
ڏسي جي ڪين سگهان سي ڏسڻ چاهيان ٿو.
-
مون کي خود پاڻ سڃاڻڻ جي نه آهه من ۾ مراد،
مان خوردبين ڇو خودبين ڇو نه ٺاهيان ٿو،
ڏسي جي ڪين سگهان سي مان ڏسڻ چاهيان ٿو،
ڪئي مون خوردبيني آهه انهيءَ لئه ايجاد.
آخر ۾ فانيءَ جو هڪ بيت:
تارا تنهنجي لاٽ، کسجي ويندي کن ۾،
هڻندءِ چنڊ چماٽ، ڪري پوندين پٽ تي.
شيخ اياز (1923-1997ع):
شيخ مبارڪ علي ولد شيخ غلام حسين (اياز) شڪارپور ۾
پيدا ٿيو. سندس ڏاڏو شيخ بنگل هڪ طبيب ۽ ميونسپل
ڪائونسلر هو. اُن جي زندگيءَ جو ڪافي حصو دهليءَ ۾
گذريو ۽ ميرٺ مان شادي ڪيائين. بقول حمايت علي
شاعر:”ايئن ٻن زبانن ٻن تهذيبن هڪ ايڪي جي صورت
ورتي.“ اياز جو والد شيخ غلام حسين عدالت سان
واسطو هجڻ ڪري هڪ لا ايجنٽ به هو ۽ ادبي ذوق به
هوس. ديوان حافظ سان خاص شغف هوس. هُن به هندوستان
جا ڪافي سفر ڪيا. اياز جي ڏاڏي شيخ بنگل 1888ع ۾،
۽ والد 1935ع ۾ وفات ڪئي. شيخ اياز 2 مارچ تي
ڄائو. سندس والد کيس پاڙي جي هندو اسڪول نمبر 3 ۾
3 مارچ 1928ع تي پنجن سالن جي ڄمار ۾ اسڪول ۾ داخل
ڪيو. اُن وقت کيس وڏي ماتا جا نشان هئا جي پوءِ
ميٽجي ويا. ڪجههڏينهن ئي هن اسڪول ۾پڙهيو ۽ پوءِ
ورنيڪيولر اسڪول ۾ داخلا ورتائين. اُتان چار درجا
پاس ڪري نيو ايريا اسڪول شڪارپور ۾د اخل ٿيو، پنجن
درجن کان پوءِ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۾ آيو جتان
بمبئي يونيورسٽيءَ جو مئٽرڪ جو امتحان 1941ع ۾ پاس
ڪيائين. انثر به شڪارپور ڪاليج مان ڪيائين ۽ بي.
اي، ڊي جي سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ مان ڪيائين. اُتي ئي
ادبي منڊلي متي جنهن سنڌي جديد شاعريءَ کي اياز،
هري دلگير، نارائڻ شيام ۽ شيخ راز وغيره جهڙا شاعر
ڏنا. 1948ع ۾ اياز وڪالت جو امتحان پاس ڪيو ۽
وڪالت شروع ڪيائين (9).
اياز، کيئلداس فانيءَ وٽ پهريون انگريزي پڙهيو ۽
اُن ئي سندس پهريون شعر ڏسي همت افزائي ڪئي. اياز
پنهنجي اُستاد فانيءَ جو گهڻو احترام ڪندو هو.
فانيءَ جي مجموعي: ”سمنڊ سمايو بوند ۾“ تي مهاڳ
لکندي فانيءَ جي ساراه ڪئي اٿس. اياز هڪ ڪامياب
وڪيل طور ڪراچي ۽ سکر ۾ پئرڪٽس ڪئي. 76-1980ع وارن
سالن ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر رهيو. اُن
کانپوءِ وري سکر ۽ نيٺ ڪراچيءَ ۾ رهيو.
اياز شعر و شاعريءَ سان گڏ نثر ۾ به ڪتاب لکيا ۽
شعر ۾ هر صنف لکي اٿس. ڪو وقت روايتي شعر ۾ به
رهيو آهي. نئين جاڳرتا واري دور اياز اڳرو رهيو
آهي. وٽس جيڪا هيئت ۽ مواد ۾ تبديلي آئي اُن کيس
نشانبر ڪيو. هُو عالمگيريت سان گڏ سنڌ ۽ اُن جي
پوئتي پيل لاڙ ۽ ٿر تائين گفتگو ڪري ٿو. هڪ طرف
چوي ٿو: لاڙي وينگس ڇڄ ڇڙي ٿي ته ٻئي طرف جپان تي
ڪيرايل بم جو به احساس رکي ٿو ۽ احساس ڏياري ٿو.
ناگا ساڪي ناهه، آهه تنهنجي آرسي. طبقاتي ڪشمڪش ۽
استحصال کي ڏسي خاموش نٿو رهي. ويٽنام جي وريامن
کي سلام ڪري ٿو:
ڪُوڪراڪن پيا،
سامراجي ڪتا،
شير جمهور جا گرجندا وتن.
”ٿري ٻار جو گيت“ هڪ مجبوريءَ جو عڪس ۽ آواز آهي
جو هڪ پرمار غريبن جا حق کسي ٿو ته شاعر کي گوارا
نه آهي. ائين مزدور جي ٻار جي گيت ۾ بک ۽ بدحالي
جو پڙاڏو آهي. شاعر چوي ٿو:
ڳڀا ڳڀا روٽلا،
کسي ويو ديس جا،
بک بري ديس جي،
نک بري ديس جي،
پيٽ برو سيٺ جو،
پيٽ برو سيٺ جو.
اياز سنڌي بت کي وري جياريو. پنهنجا اُڌما 1955ع
کان وٺي بيت ۾ ظاهر ڪيائين. هن بيت ۾ اُن وقت دور
جي حالتن ۽ پنهني انسان پرست سوچ کي آندو. جڏهن
چيائين:
سدا آهي ساه کي، ڳڀي جي ڳولا،
ڍوء بنا ڍولا، ناهه ساڃهه سونهن جي.
- ته رجعت پرست ٽُلي شاهه جي رسالي مان هي بيت
معنوي ڀيٽ ۾ مقابلي ۾ آندو:
گندي ۽ گراه، جن سناسين سانڍيو،
اُنين کان الله، اڃان آڳاهون ٿيو.
معنوي ڀيٽ جي دور جي ڪري به ضرورت نه هئي. سخت
تنقيد ٿي ۽ جديد شاعري (نقاد جي نظر ۾ ڪافرانه
ڪلام) خلاف محاذ کڙو ڪيو ويو. ايستائين جو پروفيسر
علي نواز جتوئيءَ جهڙو صوفي منش به انهيءَ سوچ جو
شڪار ٿي ويو ۽ هڪ نظم ۾ جديد شاعريءَ خلاف آواز
اُٿاريائين ۽ چيائين:
ڪن جو الله مقصد ڪن جو گراه مقصد،
هنجن جو شان پنهنجو ڪانوَن جو مان پنهنجو.
ابتدائي بيتن ۾ اياز سنڌ ۽ سنڌ وارن کي ڳايو. سندس
دلي جذبا مڃتا ماڻي چُڪا. بيتن سان گڏ دوها به
اياز جي نغمه ريز ڪلام ۾ ظاهر ٿيا. موسيقيت جو هڪ
هي مثال آهي:
ڏٺا ڏٺا ڪنهنکي ڏٺا ڏٺا ڪنهن، مٺا مٺا سي چپ،
ڪڇي هڻي ويا ڪپ اسان کي، ڪڇي هڻي ويا ڪپ.
موسيقيت ۾ صنف جو قيد نه رهيو. بيتن ۾ ڪم آيل
اندروني سنگيت کي هيئن ظاهر ڪيائين:
گوريءَ گجري پير ۾، چوريءَ ڪيئن اچي،
گهر گهر گهنگهرو گونجندا، ميڙو ڀل نه مچي،
نانگي اڄ نچي، داتا سندي دوار تي.
اياز جي شعر جا مجموعا 35 کان مٿي آهن ۽ نثر جا
ڪتاب 8 آهن(10). اُن کانسواءِ سندس باري ۾ لکيل
ڪتاب ۽ سهڻي توڙي ٻين رسالن جا خاص نمبر سندس وفات
تي نڪتا. ته به اياز کي سندس تحريرن زنده رکيو
آهي.
شيخ اياز جي شاعريءَ جا ٽي دور ليکجن ته اُهي هي
آهن 1971ع تائين پهريون دور. 1976ع کان 1980ع،
جڏهن هو وائيس چانسلر هو، اُهو دور ۽ ٽيون دور
1980ع کان 1997ع تائين آهي، جنهن ۾ هُن گهڻو لکيو.
جيڪو ”لڙيو سج لڪن ۾“ جي حوالي سان واپسيءَ جي
احساس وارو هو. اَڻ ڏٺا اوٺار، چئي زندگيءَ کي
الواداع چوڻ جي ڊپ، خيال ۾ رهيو. سندس ڪلام جو
وسيع ڪينواس هونئن ڪن سالن جي ڦير هير جو محتاج نه
آهي، پر جهلڪيون پسي سگهجن ٿيون. ڌرتيءَ کي پاڻ
سپرد ڪيائين، پر جڏهن زنجيرن جي جهنڪار ٻڌائين ته
چئي ويٺو:
مان توکي گيت ڏيان اي ڌرتي!
تون مون تي زنجير وجهين،
هي گيت گلابي جهڙ ڦڙ جا،
هي گيت شرابي جهڙ ڦڙ جا،
هي سانوڻ جا من ڀانوڻ جا،
هي آگم آگم آنوڻ جا،
هي گيت اُڃايل مورن جا،
ريتيءَ تي ڪنٺ ڪٺورن جا،
هي گيت سنهري سنڌوءَ جا.
اياز سمراج خلاف لکيو. جڏهن نگاساڪي ۽ هيروشيما تي
ائٽم بم ڪيرايا ويا ته ڄڻ انسانيت تي حملا ٿيا.
هُو چتائي ٿو:
ناگاساڪي ناه، آهه تنهنجي آرسي،
سانڀي جا تو ساه سان، ڀنڀٽ ٿي سا باهه،
سياڻو ٿي، ساڃاهه اڃان ويل وئي نه آهي.
زندگي ۽ انساني جدوجهد هڪ طويل سلسلو آهي. اياز
پنهني مخصوص انداز ۾ موضوع ۽ زبان کي هيئن هم آهنگ
ڪري ٿو:
هيرَ مُئي او هيرَ مُئي! ڪير چوي ٿو هير مئي!
رانجهوءَ ونجهلي هٿ ۾، ڪير چوي ٿو هير مئي!
ڏات ڏکوئي ڏونگر ڏاريو، ڪير چوي ٿو هير مئي!
ڌرتيءَ ۽ آڪاش پڪاريو، ڪير چوي ٿو هير مئي!
پيار نه مرندو ڪيئن به ماريو، ڪير چوي ٿو ته هير
مئي!
سچل واري واٽ، حالت جي ردِ عمل ۾ اياز هيئن ظاهر
ڪري ٿو:
ڪافر مومن ناهيان، وو ڪافر مومن ناهيان،
آءٌ ڀٽائي آءٌ درازي، ساڳيو نينهن نڀايان،
ڪافر مومن ناهيان.
انسان جي من ۾ هڪ اٿاه مها ساگر پيون ڇوليون هڻي،
هر ڪنهن مومل کي اندر ۾ ئي ڪاڪ آهي:
سڀ ڪا مومل سڀڪو راڻو،
پنهنجي پنهنجي ڪاڪ سڀن کي،
لڙڪ به سڀ کي مرڪ به سڀ کي،
سونهن پياري سُرڪ به سڀ کي،
پيار به سڀ کي پور به سڀ کي،
نينهن ڏنا ناسور به سڀ کي،
سڀ کي ڳوڙها ۽ ڳاراڻو.
اياز جي پراڻن گيتن ۾ هي گيت نت نت نئون آهي:
منهنجا پرين،
او بانورا او سانورا!
گهر ۾ گهڙين
چوري ڪرين کلندو ورين
مان لک چوان پيرين پوان
پر جو مُڙين او شل جُڙين،
منهنجا پرين!
اها ئي موسيقيت اياز جي گهڻن گيتن ۾ آهي. ”تون جي
ايندين رات الا وو رات“، اُن جو هڪ به بهترين مثال
آهي. اياز جا اڪثر گيت ۽ پڻ سندس وايون هيئت ۾، ته
ڪٿي پڙهڻ ۾ به پاڻ ۾ يڪسانيت رکن ٿيون. هونئن به
اياز جي پهرين سڃاڻپ هن جا موضوع آهن. انهن کي هُن
مختلف صنفن ۾ اجاگر ڪيو آهي. بيت به ابتدا (1955)
کان آخر تائين اياز جي ڪلام ۾ سمنڊ واريون ڇوليون
پيا هڻن:
اچي اوت شراب، اٿم اڃ ازل جي،
سندم روح رباب، سڪي پيو ڪنهن سُر لئه.
۽ اُهوئي بيت جڏهن جماليات جي بلند سطح کي ڇُهڻ
لڳو ته هيءَ صورت ٿي:
سَرَ تي نِوڙيون سرمريون، جهپا ڏين نه جهل،
جهُومڪ جَهومڪ پاپڙيون، جهرمر جهرمر ڳل،
جهرڪي پيا جهاجهه ۾، کائي انگ اُٿل،
ڇا ڇا پيارا پَلَ، وارياسي جي واٽ ۾.
حيدرآباد ۾ جشن روح رهاڻ ۽ اهڙن ٻين موقعن تي اچڻ
جي ڪري نام نهاد جمهوريت ۽ اسلام جي ادبي دعويدارن
کي اعتراض ٿيو ۽ هڪ ڀيري ته حيدرآباد جي رٽز هوٽل
مان ڪڍي شهر بدر ڪيو ويو ۽ ڪوٽڙيءَ ڏي روانو ڪيو
ويو. شاعر وري به سين هنئي ۽ اجايو گوڙ ڪرڻ تي
بلند آواز ۾ چيائين:
هيءَ سين نه ڏيندي چين، اُٿي ڏس ڪوئي آيو آ پيارا،
هي شايد ساڳيو رمتو آ، اڳ جئن اُڃايو آ پيارا.
جنهن وقت چراغ شام ٻري ۽ مئخاني ۾ جام ٻري،
تنهن وقت اسان جو پنڌ پري پنهنجو به پرايو آ
پيارا.
جنهن وقت اسان جي تند تپي ساز ٽپي آواز جهپي،
تنهن وقت ڀلي ڪو ڪنڌ ڪپي جو آيو ڳايو آ پيارا.
هيرا تهڏسو ڪنڪر نه هڻو ايندو نه وري هي وڻجارو،
ڪجهه ڏات ڏسو پو بات ڪريو هي شور اجايو آ پيارا.
هي پنهنجي ڪرڻي ڀرڻي آ پر سنڌ اياز نه مرڻي آ،
آخر هيءَ رات گذرڻي آ تو ڇو گهٻرايو آهي پيارا.
اياز وٽ رومانويت سان موسيقيت گڏجي وڌيڪ رنگ ۽
آهنگ پيدا ڪيو آهي. اهڙا مثال گهڻا آهن:
جوڀن پهريان ڏينهڙا، سانوڻ گهاٽا مينهن،
سارا سارا ڏينهن، جُهڙ نه لهي جيءَ تان.
-
سانئڻ هيءَ سوني ڦُلي ڪٿان آندي تو؟
ڄڻ ڪوئي تارو، چپڪايو تو چنڊ تي.
شيخ اياز 1965ع ۽ پوءِ 1968ع ۾ قيد ٿيو. هُن سوچڻ
جو ۽ ڳالهائڻ جهڙا وڏا ڏوه ڪيا هئا. هُو ڏوهي هو.
چيائين ته:
مان ڏوهي هان مان ڏوهي هان،
مون ڪيئي ڏوه ڪيا آهن!
هِن سَرَ جي گدلي سينوَر ۾،
هي نيل ڪنول به ته ڏوهي آ:
ڪوبه چڪور انڌاري ۾،
جي اُڏري ٿو ته دروهي آ.
هي ڏوهه نه آهي ماڻهوءَ جو،
مون مِٽي ٻيهر ڳوهي آ.
اياز ويهين صديءَ جو آواز آهي هِن سمنگ چارڻ وري
وري ڳايو. انقلاب ڳايو ۽ ڳائڻ لاءِ اُتساهيندو
رهيو:
ڳاءِ وري ڪجهه ڳاءِ بانورا،
ڳاءِ وري ڪجهه ڳاءِ!
امرت رس ڇلڪاءِ،
ڳاءِ وري ڪجهه ڳاءِ.
اياز بيتن، هائڪن، نظمن، گيتن ۽ واين ۾ خاص طور
دلي جذبن کي ظاهر ڪيو. سندس ڪلام مان مثال ڏيئي
ڳالهه پوري واضح ڪري نه سگهبي. سندس ڪلام جا
مجموعا ئي سندس شاعريءَ کي سمجهڻ ۾ مدد ڪندا. نثري
نظم ۽ نثري ٽڪرا توڙي نوٽس پڙهڻ کپن.هُو 1989ع ۾
سکر کي ڇڏي ڪراچيءَ ۾ پرنس ڪامپليڪس ۾ رهڻ لڳو.
اُتي بمباريءَ ۾ هوندي به لکندو رهيو. هن 1980ع ۾
ئي ڏٺو پئي ته ڪي ”اڻ ڏٺا اوٺار“ هُن کي پنهون
وانگر اُٺ تي کڻي ويندا. هُن وري هڪل ڪئي ته آءٌ
تيار آهيان، ناقو روڪيو ته گڏجي هلان:
ناقو روڪ ته ڪمليءَ وارا، تو سان مان به هلان.
صحرائي ڪيڏو سونهن ٿا، پوئين پهر هوا ۾ تارا،
منزل دور اَسونهون آءٌ، تون ئي ڄاڻين سارا چارا،
ڪائي دُور تجلي آهي، وهم نه آهن چند اُمارا،
ناقو روڪ ته ڪمليءَ وارا، توسان مان به هلان.
27 ڊسمبر 1997ع ته پوءِ آئي هُو وڇوڙي جا ورلاپ
ڪندو رهيو. الوداعي گيت ڳائيندو رهيو:ڌرتي توکي
منهنجي چمي اڌ ۾ رهجي ويندي، ڌرتي تنهنجي ڀاڪر ۾
مهڪ چنبيليءَ ول جي، ۽ ٻيون گهڻيون ڳالهيون ڪندو
رهيو، چي: ٿو موڪلايان الوداع. نيٺ ته سمنڊ کي
پڪاري چيائين:
کنڀي کَڻ!
سمنڊ منهوڙي تان مون کي کنڀي کڻ!
دور دور ساحل تي هڻ!
جئن ڇُوهي ۾ جهوني وڻ جا
ڇڻ ڇڻ پَتا
مون کي ايئن اُڏاري هل،
مون کان منهنجي سار کسي وٺ
پيار کسي وٺ!
نٽ کٽ ڪاريون ڪجريون اکيون
ٻنڌن رکڙيون
ڀاڪر ڄڻ انبار گلن جا
هائو سڀ ڪجهه واري هَل.
رتڙا پير وساري هَل
پاڻ پڄاڻيءَ کي آڇيان مان
اُف هيءَ جئڻ جي هَڻ هَڻ!
کنڀي کڻ کنڀي کڻ!
سمنڊ منهوڙي تان مونکي کنڀي کڻ!
اڄ به اياز شاعريءَ جي حوالي سان ويهين صدي
عيسويءَ جي هڪ عظيم شاعر جي حيثيت سان ڄاتو وڃي
ٿو(11).
تنوير عباسي (1934-1999ع):
نور نبي ولد گل حسن عباسي، ”تنوير عباسي“ جي نالي
سان مشهور سنڌ جو سلوڻو شاعر ۽ پوءِ محقق، صوڀي
ديري تعلقي خيرپورميرس ۾ ڄائو. سندس ابا ڏاڏا
سونارڪي ڪرت ڪندا هئا. سندس والد ڊپٽي ڪمشنر جي
عهدي تان رٽائرڊ ٿيو. تنوير ڪراچي ۾ هيرانند
اڪيڊميءَ ۾ پوءِ اين جي وي هاءِ اسڪول ۾ پڙهيو.
گورنمينٽ هاءِ اسڪول حيدرآباد مان مئٽرڪ ۾ ويٺو.
انثر به حيدرآباد مان ڪيائين. 1954ع ۾ لياقت
ميڊيڪل ڪاليج ۾ داخلا ورتائين. 1960ع ۾ ايم. بي.
بي. ايس ڪري ڊاڪٽر ٿيو. هڪ شادي اڳ مائٽن ڪراچي ۽
ٻي پنهنجي ڪلاس ميٽ قمر النساءَ سان ڪيائين. جا
پوءِ ڊاڪٽر قمر تنوير سڏجڻ ۾ آئي. ٻنهي گهرن مان
اولاد ٿيو.
تنوير جي شاعري 1950ع کان شروع ٿي. سندس واسطو
سنڌي ادبي سنگت ۽ ٻين ادبي انجمنن ۽ ادارن سان
رهيو. ڪيترن ادارن جو ميمبر رهيو. سچل چيئر جو
باني هو. کيس اعزاز مليا. شاهه عبداللطيف ۽ ٻين
موضوعن تي مقالا ۽ ڪتاب لکيائين. دنيا جا ملڪ
گهميو ۽ سفر ناما لکيائين.
شروع ۾ ايراني اثر هيٺ به رهيو. پوءِ جلدي زندگيءَ
بابت نئين سوچ ۽ ترقي پسنديءَ جو هڪ اهم نمائندو
شاعر ٿي اُڀريو. عشق جي واردات کان سندس ڪلام جا
ابتدا ٿي ۽ نيٺ سماج جي بنيادي اڻ برابرين ۽ ڏکن
جي بيان کي پنهنجي سوچ ۽ تحريرن جو محور بنايائين.
تنوير جو پهريون مجموعو رڳون ٿيون رباب (1958ع)
آهي. اُن کان پوءِ شعر، هيءَ ڌرتي ۽ سج تريءَ
هيٺان ڇپيا. انهن کي گڏي 1989ع ۾ سنڌالاجيءَ هڪ
جلد ۾ تنوير چئي شايع ڪيو. جنهن ۾ ”رڳون ٿيون
رباب“ کان اڳ وارو ڪلام به شامل ڪيل آهي.
اُن کانپوءِ روشني پبليڪيشن هڪ ڪتاب ساجن سونهن
سُرت شايع ڪيو. تنوير عباسي پنهنجي مخصوص، سپڪ ۽
نرم لهجي جي ڪري مشهور آهي. غزل، نظم، گيت، دوها،
بيت، وايون ۽ هائڪا هن نرم لهجي ذريعي سنڌي زبان
کي ڏنا:
ٽيليفون نه خط
تنهنجي منهنجي وچ ۾
آ ڪهڙو پربت.
پيار جي ته دنيا وسيع آهي. هڪڙو شاعر اُن پيار
ذريعي ئي هر انسان کي موتيءَ داڻو ڄاڻي ٿو. تنوير
چوي ٿو:
هرڪو ماڻهو موتيءَ داڻو
هر ڪا دل هيرن جي کاڻ
ڄاڻي ڏس ته سهي اڻڄاڻ
هر ڪا دل درياه
ٿو جنهن ۾ ڇوليون ماري پيا
هرڪو سينو سمنڊ
تري ۾ جنهن جي ڪيئي اسرار
هرڪو مڻ مکڻ جو چاڻو
هر چهرو آ چانڊاڻ
هرڪو ماڻهو موتيءَ داڻو
هر ڪا دل هيرن جي کاڻ.
غزل کي قديم کان پوءِ جڏهن جديد رنگ ۾ آڻڻ لڳو ته
اُهو سندس ئي رنگ محسوس ٿيو. چوي ٿو:
او تنوير اسان هن جڳ ۾ هڪڙو نُڪتو ڄاتو آهي،
پيار سوا سڀ سياڻپ ڪوڙي نينهن عجب هڪ ناتو آهي.
اُن سان گڏ سنڌ رنگ، آوي، ميلا ۽ ڀيلا ٿانوَ. سڄو
وايو منڊل ئي پنهنجو ڪري ڇيائين ۽ هي تنوير جو نرم
لهجو به هتي موجود آهي:
توسان ميل ٿيو جي مٺڙا من ۾ ڄڻ ته لڳي ويا ميلا،
تون جي ناهين ساڻ ته هيڏي ميلي ۾ ڀي آهيون اڪيلا.
-
آويءَ منجهه پڪا جي تن تي هٿ پرينءَ جي تال وڄايا.
محبوبن جي هٿ جو هڪ ڇُهاءُ نه ماڻي سگهيا ڀيلا.
پيار جي ڳالهه غزل جي سونهن آهي:
اسان کي جو چوڻو هو چئي وياسين.
ڳهيلا اوهان دل جون ڳالهيون نه ڄاتيون.
-
او تنوير اڃان به گهڻائي جئڻ لاءِ سهارا آهن،
گُل اڃان ڀي سُرها آهن دوست اڃان ڀي پيارا آهن.
-
حسن آڏو جهڪي ڏسي هڪ بار،
پوءِ ڪري ڪو نماز جون ڳالهيون.
-
نه ڪا حُور گهرجي نه ڪائي پري،
اُهائي کپي جا ڪري دلبري.
-
جهڙ ٿيو مِينهن ٿو وسي سائين،
ڪوئي دل منهنجي ٿو کسي سائين.
تنويرجيڪلام ۾ ظاهر پرستن کي ڪي شعر بلڪل نه
وڻندا پر شاعر جو من ظاهر پرست ته ڪونهي.
مان ئي آهيان پنهنجو جاني،
سبحاني مان اعظم شاني.
-
نه ڪو مان خدا ۽ نه ڪو مان رسول،
مان تنوير آهيان پوان شل قبول.
تنوير جي غزل وانگر سندس گيت به مصريءَ جون تڙون،
مٺاڻ ئي مٺاڻ، پيار جي اجهاڳ سمنڊ جي ڳالهه، کُٽي
ئي نه:
پيار جو سمنڊاجهاڳ پيارا، پيار جو سمنڊاجهاڳ.
لهر ڪناري سان ٽڪرائي،
مٺڙا مٺڙا ساز وڄائي
جهومي ناچ ڪري لهرائي.
تون ڀي ڇيڙ ڪو راڳ، پيار جو سمنڊاجهاڳ.
گيتن ۾ نئون انداز تنوير هيئن آندو:
ڪونه ٻڌائي واٽ اسين اڻ سونهان سونهون.
هوريان ڏاڍيان رڙهندي رڙهندي
ڪرندي ٿڙندي ۽ ٿاٻڙندي
ڳولهي لهبي واٽ، اسين اڻ سونهان سونهون.
يا
گهڙيءَ گهڙيءَ هڪ گهاءُ
آءُ پرين تون آءُ
پلپل هڪڙو پو او سائين
پلپل هڪڙو پور
ڪيئن لڪايان تنهنجو غم
ڪيئن سانڍيا تنهنجا سور
ڪوئي سُڌنه سماءُ، الا
گهڙيءَ گهڙيءَ هڪ گهاءُ
يا
آءُ اسان وٽ ويهه،
الا او ويهه
گهڙي پل او منهنجا سائين
نينهن نباهيون ڪيئن نباهيون
هيءَ حياتي ٿوري ڀانيون.
سوين جنم گڏ گهاريون پوڀي
پيار جو ناهي ڇيهه-الا.
تنوير جي ٽن نظمن جي حوالي سان شايد سندس اندر جي
اوت ۽ اُٿل معلوم ڪري سگهجي ٿي. هُو نظم لکي ٿو ته
ڇا ٿو ڪري، ڇا ٿو محسوس ڪري. ڄڻ پوپٽ پڪڙي ٿو:
شعر لکان ٿو
ڄڻ مان ڪو پوپٽ پڪڙيان ٿو
يا ڪو گل گلاب ڇنان ٿو
يا ڪنهن مينهن ڦڙي کي جهٽيان ٿو
يا ڪنهن سهڻي من مُهڻي جو
نازڪ نازڪ ڳل ڇهان ٿو
يا ڪنهن وڄ کي
پنهنجي پلاند ۾ قيد ڪريان ٿو
يا ڪنهن واچوڙي کي
پنهنجي مُٺ ۾ بند ڪريان ٿو
شعر لکان ٿو.
تنوير جا نظم سسئيءَ ڏانهن، ٻيجل ڏانهن، موهن جو
دڙو ۽ سهڻي ڏانهن گهڻو مقبول ٿيا. هُو ٻيجل مثل
چنگ جو چاهه رکي ٿو:
آڻ وري ساڻ اهو چنگ کڻي آءُ
تن کي تپائي جو اُهو تند کي ڏي تاءُ
نغمي جا درياه اڙي نغمي جا درياه
قيد ڪنارن جا ڀڃي اڄ ته اُٿل کاءُ
آڻ وري ساڻ اهو چنگ کڻي آءُ.
اهيءَ طرح نظم ”جوڳي“ به تنوير جي نظمي اسلوب جو
بهترين مثال آهي:
او مرليءَ وارا جوڳي-
پنهنجي مِٽن کي ڦوڪيندي تون مُرلي ايئن وڄائين ٿو
ڄڻ ڦوڪي تون روح فضا ۾ نغمن جا لهرائين ٿو
دريا شاهه جي لهرن وانگر سينو لاهين چاڙهين ٿو
ڄڻ ته فضا ۾ گيتن جو هڪڙو واه وهائين ٿو
يا ته فضائن ۾ نغمن جو هڪڙو ڄار وڇائين ٿو
زهريلن نانگ جي روحن کي جنهن ۾ ڦاسائين ٿو
يا ته اندر جي اونهائيءَ مان سُرَ آڻي تون ڳائين
ٿو
پنهنجي بره جي باه تون ساري جڳ جي دل ۾ لڳائين ٿو
ڄڻ ساري جڳ تنهنجي سورن واري ڀوڳ آ ڀوڳي-
او مُرليءَ وارا جوڳي.
تنوير جا دوها به سندس نرم لهجي جا عڪاس آهن:
او مٺڙا او ماکيءَ جهڙا، ايڏو دور نه گهار،
آءُ گهڙي تنوير جي ڀر ۾ ڪر ڪي ڳالهيون چار.
تنهنجي پيار سهاري جڳ کي، ڪري ڇڏيم سنگيت،
پوپٽ پوپٽ راڳ بڻي ويو، گل گل ٿي ويو گيت.
سنڌي شاگردن جي جدوجهد تي ڪاڏرو به تنوير جو هڪ
شعري ڪارنامو آهي جيڪو 4 مارچ 1967ع جي ياد ڏياري
ٿو. بيتن وانگر واين ۾ به اُهو ئي لهجو ۽ اُهو ئي
رنگ اٿس:
بسنت جهڙو سپرين جنهن جو گفتگو گفتو گل،
مورک ماپن ٿا موتين سان، تنهنجي مرڪ جو مُل،
ڀُلي جي پهچين هن جي در تي، وري وري تون ڀُل،
سانت هيا سڀ ساز مگر هو، هُٻڪارن جو هل.
-
جيئن ئي توکي ڏٺم، زندگيءَ ۾ ٿي ويو ايمان تازو.
پيار جي توسان ڪيم، آدميءَ ۾ ٿي ويو ايمان تازو.
سونهن کي سجدو ڪيم، بندگيءَ ۾ ٿي ويو ايمان تازو.
شعر ڪجهه تولئه لکيم، شاعريءَ ۾ ٿي ويو ايمان
تازو.
هائڪن ۾ اڪثر ننڍيون ننڍيون ڳالهيون اچن ٿيون. ڪي
ننڍا واقعا، ڪي نظارا، ڪي تجربا بيان ڪيا وڃن ٿا.
ڪٿي ڪٿي ڏِٺَ جو شائبو به ٿئي ٿو. پيار جو اشارو
به اچي ٿو:
منهنجو نِينهن نماز
ڪيئن سليان مان لوڪ سان
پنهنجي من جا راز.
-
قلفيءَ جو هوڪو
ننڍڙي ٻار جو ماءُ سان
خرچيءَ تي کيٽو.
-
نوريئڙو ڊوڙيو
ٽاري لڏي ٻير جي
پڪو ٻير ڪريو.
-
مسجد ڏي پئي ويو
واٽ تي ٻار پئي کيڏيا
کيڏڻ تن سان لڳو.
اُن کانسواءِ خيرپور، کجين ۽ دبئي جا هائڪا تنوير
جي نرم گفتگو جي انداز ۾ آهن. سندس نثري ڪاوشن کي
به نظرانداز نٿوڪري سگهجي. جن ۾ ”شاهه لطيف جي
شاعري“ هڪ شاهڪار ۽ محققانه ڪاوش آهي:
هيءَ دبئي جي شام
منهنجي سامهون آرسي
ڄڻ نارائڻ شيام. (12)
نياز همايوني (1930-2003ع):
نياز جو اصل نالو مشتاق احمد ولد قائم الدين هُو.
شڪارپور ضلعي ۾ همايون ۾ ڄائو. اُن ڪري همايوني
سڏجڻ ۾ آيو. هن ڳوٺ جو اڳ به مولانا عبدالغفور
مفتون همايوني عالم ۽ شاعر ٿي گذريو آهي، جنهن جو
ديوان به نياز ايڊٽ ڪيو.
نياز همايونيءَ جي تعليم ديني مدرسن ۾ ٿي. اُتان
جي تحصيل سبب مذهب کانسواءِ عربي ۽ خاص طور
فارسيءَ جو ماهر ٿيو. طب جي تعليم به ورتائين ۽ هڪ
قابل طبيب بنيو. مختلف علمي ادبي ادارن ۾ مختلف
حيثيتن سان رهيو. باغ بهار شخصيت جو مالڪ. علمي
ڳالهين سان گڏ مذاح ڪرڻ ۽ لطيفان ٻڌائڻ جي کيس ڏات
هئي. گهڻو وقت حيدرباد ۾ رهيو.
نياز هڪ وڏو عالم ۽ قابل ماڻهو هو. هُن جي قومي
شاعري پُر درد ۽ بلند معيار جي آهي. هن جا حقيقي ۽
ترجمو ٿيل ڇپيل ڪتاب هي آهن: فرهنگ جعفري (1960ع)،
سنڌ جي طبي تاريخ (1976ع)، ملوڪ الڪلام (1977ع)،
سنڌ نامه (1978ع)، تاريخ مظهر ساهجهاني (1979ع)،
انتخاب سنڌي شاعري (1987ع)، اهوان صحرا (1988ع)،
تاريخ طاهري (1988ع)، مقصود العارفين (1989ع)، آءُ
ڪانگا ڪر ڳالهه (1989ع)، راه عشق (1993ع)، تاريخ
تازه نواي معارڪ (1995ع)، رهنگ همايوني (1996ع) ۽
رساله اويسيه (1996ع). نياز جا اڃان ڪيترا ترجما ۽
تاليفون اڻ ڇپيل حالت ۾ وارثن وٽ آهن. کيس ڪيترا
اوارڊ ۽ انعام به مليا.
نياز جو شعر گهڻو ئي آهي. هُن جي چيل ڳالهه کي
سمجهڻ لاءِ سنڌ سان اٿاه سمنڊ جيتري محبت کپي.
نياز جو مجموعو ”ساڻيهه جي ساک“ (1975ع) سنڌيءَ جو
هڪ ڪلاسڪ آهي ۽ سندس اُڌما ۽ جذبا، زبان جي سونهن،
بيان جو تسلسل ڏسجي ته ”ڌرتيءَ جا گيت“ (1977ع)
ٻُڌجن ته لڳندو قومي گيت ڪيترن چيا، پر نياز وٽ هن
بيان جا چٽا چٽا خوبصورت رنگ آهن. ڳالهه نهٺائي ۽
نِوِڙت سان شروع ٿي. هيئن:
آءٌ نماڻو هاري زادو ذات جو ڪوري نانءُ نياز،
سڀ ڪو ڄاڻي ڪين ٿو ڄاڻي ڏنگن وارو ڏانءُ نياز.
۽ ختم ڪٿي ٿي؟ سنڌ لاءِ جنگ ڪرڻ تي. دودي وانگر،
نياز سوچي سمجهي لکيو. دل من پڇيائين ته ڪٿان هي
جذبا بيان ڪري شروع ڪريان. گيت لکان يا:
گيت لکان يا ڳوڙهن ۾ ڪ ڳالهه ڪريان!
راهون ڪيئي ليڪن مون کي،
ڪابه انهن مان راس نه آئي
جن راهن ۾ ريت نه ڪائي
تن تي ڪيئن مان پير ڌريان
ڳوڙهن ۾ ڪا ڳالهه ڪريان.نياز لوڪ گيتن جي اوٽ ۾ به
اُڌما ظاهر ڪيا. ماهيا، هنبوڇي ۽ جمالو ته قالب
هئا، انهن ۾ پنهنجي ڳالهه ڪندو ويو. وري ماهيا جي
انداز ۽ ڌن ۾ محفلن ۽ مشاعرن ۾ ڳائي جهونگاري
ٻڌائيندو هو:
ڪنڍيون ڀروان ته سنهڙا چَپَ بالو
اسان ترسوين ڪيئن تو وٽ سَپَ بالو.
اٿئي ڪک جي هيٺان لک ماهيا
منهنجا نيڻ گلابي اچي چُڪڙي چک ماهيا.
ٻاريا جبل تي جوڳين مچ ماهيا
لڙي آءُ گهڙي ته ڪي ڳاڙيون ڳچ ماهيا،
بگي گهوڙي گلابي تل ماهيا
ماڻهوبهجي ويندا لوڏي ٻانهن نه هَل ماهيا.
سنڌ ته نياز همايونيءَ جو بنيادي ۽ اول موضوع آهي.
هو چوي ٿو:
آءُ نه ڄاڻان ٻولي ٻي آءٌ نه ڄاڻان ورد و رود
ذڪر ڪريان ٿوسنڌڙيءَ جو پڙهان ٿو اُن کي لک درود.
سنڌ موجود حق موجود
سنڌ موجود حق موجود.
وطن کي ڳائيندي چوي ٿو:
اي وطن منهنجا وطن پيارا وطن، تون لک لهين!
تنهنجا ويرانا به ٿامونکي وڻن تون لکي لهين!
اي وطن منهنجا وطن پيارا وطن، تون لکي لهين!
تنهنجي ٻٻرن جي ٿڌيري ڇانوَ بستن کان ڀلي،
تنهنجي کير ولين جي مٺڙي لست پستن کان ڀلي.
غير جي گينڊي کان وڌ تنهنجو ٻُڪن تون لک لهين!
وطن کي ڳائڻ ئي زندگيءَ جو مقصد آهي. نياز وٽ هن
ڳالهه جي ڪا حد ڪونهي. غدار ٿيڻ کان چور ٿيڻ بهتر
آهي:
سنڌڙي منهنجي ماءُ او منهنجي جيجل توتان گهور
ٿيان،
شال نه ٿيان غدار سندءِ ڀَل ڊاڪو ٿيان يا چور
ٿيان.
ڪڏهن ته تنهنجو روپ هو ايئن ڄڻ جلوو ٻانهينءَ
واريءَ جو،
هئي حياتي هيج ۾ ايئن ڄڻ ڇيڄ ۾ ڇيڏڪ ڪناوريءَ جو.
ڪڏهن ته لال ڪنوار هُئين اڄ بيو ه جان حال ابوءِ
جيجل تنهنجي جهول کي جس پر دل وارن جو ڪال ابوءِ.
مڪلي ٿي اڄ ڳوڙها ڳاڙي مياڻي ٿي فرياد ڪري،
آهي ڪوجو سنڌڙيءَ کي اڄ سڌڙين کان آزاد ڪري.
سنڌڙي تنهنجي نانوَ تان صدقي منهنجا سڀ سنگيت الا
جيسين جيئندس تيسين لکندس تنهنجي غم جا گيت الا.
وعدي موجب نياز سنڌڙيءَ جا گيت ۽ نظم پوري جذبي
سان لکيا. ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان سنڌ تي لکندو
رهيو. جي مڪليءَ تي لکيائين ته به اُهو نظم سنڌ تي
آهي. مڪليءَ ۾ نياز ڇا ڇا ڏٺو:
مڪلي منهنجي جيجل مڪلي تو ۾ مون هنگلاج ڏٺو،
محل ڏٺو مون تخت بنا ۽ تاج بنا سرتاج ڏٺو،
آيل تنهنجي قسمت ۾ مون تاوَڻ ۽ تاراج ڏٺو.
-
منهنجي اڳيان سو ڄا۾ نظام هو، جنهن جي سنڌ ۾ ڌاڪ
هئي،
سر کنڊ جي سرهاڻ جان پکڙيل هن جي هرهنڌ هاڪ هئي،
خوشحالي هئي جام هتي ڪا دل نه ڪٿي غم ناڪ هئي.
-
ٻي پاسي هو دريا خان جو سنڌڙيءَ جو سالار هيو،
اَڙيءَ آڌيءَ اَڙٻنگ سدا هرحالت ۾ هالار هيو،
مُهمن جو مهندار دلير ۽ اَڀرن جو آڌار هيو.
مڪليءَ جو هي 70 مثلث بندن جو داستان سڄو پڙهڻ سان
واسطو رکي ٿو. ڪيئن دشمن کان شڪست آئي ۽ سنڌڙيءَ
جو سهاڳ لٽي ويو. فتح شڪست هڪ سڪي جا ٻه پاسا آهن.
نياز جو نظم ”زندگي تنهنجي ڪري“ اِن ڳالهه کي وڌيڪ
چِٽو ڪري ٿو:
زندگي تولاءِ ٿو هر رنگ ۾ رچڻو پوي!
زندگي تنهنجي ڪري ڇا ڇا نٿو ڪرڻو پوي!
هڪڙي انسان جا هزارين روپ ٿا ٿيندا رهن.
جنهن جا ڪيئي ڍونگ ٿا پردي پٺيان رچندا رهن،
جنهن جا ڪيئي ٻول ٿا پردي اڳيان کلندا رهن،
هڪڙي انسان جا هزارين وهنوار ٿا هلندا رهن،
ڏس ته ڪيڏين ذلتن سان هنکي ٿو پڏڻو پوي!
زندگي تنهنجي ڪري ڇا ڇا نٿو ڪرڻو پوي!
ڪيئي روپ ڌارڻا پون ٿا:
بادشاهه بنجي ڪڏهن چٻرن جان چيڻا ٿا ڇڙيون،
يا گداگر ٿي ڪري گدڙن جان تاڙيون ٿا دڙيون،
مذهبي اڳواڻ ٿي ڊاڪُن جان ڌاڙا ٿا هڻون،
فيلسوفي ڍنگ سان ماڻهن جا کنڌا ٿا کڻون،
زندگي تولاءِ و سانڊي جئان جيئڻو پوي!
زندگي تنهنجي ڪري ڇا ڇا نٿوڪرڻو پوي!
-
جهل جي هوندي چئون ٿا: علم وارا آهيون،
فاسق ۽ فاجر ته ڀي ڄڻ زهد وارا آهيون،
آدميت کان پري الله وارا آهيون،
مان پئسي جو به ناهي شان وارا آهيون،
گهر ۾ داڻو ڪين گهوڙو زين ٿو رکڻو پوي،
زندگي تنهنجي ڪري ڇا ڇا نٿو ڪرڻو پوي!
اهڙين حالتن جو شعور رکندي به شاعر مايوس نه ٿيو
آهي. اُميد ٿو رکي ته چڱو وقت اچڻو آهي:
زندگي تون دل نه لاهج وقت سو ڀي اچڻو آهي،
جنهن ۾ ڪنهن کي هيئن نه ٿي مردار بي مُئي مرڻو
آهه.
ڏيل جو ڏيکاءُ جو آهي، سندس ڪنڌ ڀڃڻو آهه،
ڪيستائين ذهن جو قيدي ٿي ڪنهن کي رهڻو آهه،
زندگي تنهنجو سبق ٿو موت کان وٺڻو پوي!
زندگي تنهنجي ڪري ڇا ڇا نٿوڪرڻو پوي!!
نياز بابت ٿورن لفظن ۾ هيئن چئجي ته هُو زندگيءَ
جو شاعر آهي. اُن زندگيءَ جو شاعر آهي جا سنڌ ۾
آزاد، بااختيار سکي ۽ ستابي هجي. نياز جو هي بلند
آواز چتائي ٿو:
هن دور ۾ اسان جو اظهار ياد رکجان،
اقرار ياد رکجان انڪار ياد رکجان.
هري لگير (1916-2004ع):
هري گُر ڏَنو درياني (دلگير) لاڙڪاڻي ۾ ڄائو.
ابتدائي تعليم به لاڙڪاڻي ۾ ئي ورتائين. انٽر
سائنس جو امتحان ڊي جي سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ مان پاس
ڪيائين ۽ انجنيئرنگ جي ڊگري اين. اي. ڊي ڪاليج
ڪراچيءَ مان حاصل ڪري آبپاشي کاتي ۾ سروس شروع
ڪيائين. 1958ع ۾ ڀارت لڏي ويو ۽ اُتي آديپور (ڪڇ)
۾ پاليٽيڪنڪ ڪاليج جو پرنسپال ٿيو. هري مختلف
ادارن سان رهيو.
هري دلگير، نواز علي ناز ۽ لاڙڪاڻي جي ٻين شاعرن
جي صحبت مان گهڻو پرايو. سندس ڇپيل ڪتاب هي آهن؛
هريشچندر جي ڪوتا، ڪوڏ، ماڪ ڦڙا، موج ڪئي مهراڻ،
پل پل جو پڙلاءُ، موجي گيت، امر گيت، مزيدار گيت،
رولو آواز، گيت گلابي، جهنگلي گل، پروليون، اڪيلو
چنڊ ۽ چولو منهنجو چڪ ۾ (آتم ڪهاڻي). ٻارن لاءِ به
ڪافي لکيائين. اُهي مجموعات به عنوان سبب مٿين
فهرست ۾ نشانبر آهن. هريءَ جو آخري مجموعو ”لهرن
لک لباس“ هي.
هري پراڻن نظمن سبب ئي مڃتا ماني چڪو آهي. سندس
نظم قيدي ۽ موج ڪئي مهراڻ، اهم آهن. اُنهن جو
اسلوب ۽ تسلسل ڌيان ڇڪائيندڙ آهي. مهراڻ (سنڌو) جي
تيز وهڪري بابت لکي ٿو:
ٽَهه ٽَهه ڪندي ڦَهه ڦَهه ڪندي،
ٻَهه ٻهه ڪندي چَهه چَهه ڪندي،
گَڙ گڙ ڪندي بَڙ بَڙ ڪندي،
نِت ڦرڪندي نِت ڀڙڪندي،
هئن رڪ وانگر رڙڪندي،
هئن برق وانگر ڪڙڪندي،
گُهوگهاٽ سان سُوساٽ سان،
سرڙاٽ سان ڦرڙاٽ سان.
وڻ ٽڻ اُکيڙيندي اچي،
پٿرن کي ٿيڙيندي اچي،
ڄڻ ڏند ٽيڙيندي اچي،
وحشت پکيڙيندي اچي،
ٽڪرن کي ٽوڙيندي اچي،
ٿي جاءِ جوڙيندي اچي،
ڳوٺن کي ٻوڙيندي اچي،
بستين کي لوڙهيندي اچي،
بستين کي لوڙهيندي اچي،
گج کي نچوڙيندي اچي،
ڏڌ کي ولوڙيندي اچي.
مستي اجهل کڻندي اچي،
هنبوشيون هڻندي اچي،
طوفان سان لڙندي اچي،
راڪاس جان رڙندي اچي،
چيڙاڪ جان چڙندي اچي،
ميخوار جان ٿِرَندي اچي،
ڌرتيءَ تي شور و غُل ڪندي،
هيهات وارو هُل ڪندي،
ڪٿ قرب مان قلقل ڪندي،
مستي مزو بلڪل ڪندي.
1956ع ۾ لکيل هي طويل ۽ جذباتي نظم اڄ به جذباتي
آهي، پر خود سنڌو اڄ ٻئي حال ۾ آهي. هڪ صنف ”للت
پد“ ۾ چوي ٿو:
مرنداسين ته کڻي وينداسين هڪڙي دل بيتاب،
تنهن سان گڏ ڪي گيت اڌورا ۽ اڻپورا خواب.
هري دلگير جا بيت،رباعيون ۽ غزل به سندس انداز ۾
ئي آهن. پروفيسر اجواڻي کيس داد ڏيندي لکي ٿو ته
سندس ڪو ڪلام سندس اُستاد بيوس جون سڪون لاهي
ٿو(13). غزل ۾ چوي ٿو:
گرچه پونجي فقير جي آهي،
دل تڏهن ڀي اَمير جي آهي.
دل ۾ ديدار دوست جا آهن،
ڪانه سُڌ ٻُڌ سرير جي آهي.
روپ پنهنجو منجهس ڏٺو رانجهي،
ورنه هستي ڇا هير جي آهي.
-
وڻي ٿي اڃان زندگي ڪجهه ڪجهه،
زماني ۾ آ دلڪشي ڪجهه ڪجهه.
-
جڏهن نانهن دلگير سان دلربا،
ته هرچيز ۾ آ ڪمي ڪجهه ڪجهه.
هري دلگير پنهنجي سنڌ وطن کي ياد ڪيو:
او مٺڙي او پياري جيجل، او ٻهڳڻ ٻاجهاري سنڌو!
تنهنجي ڇلندڙ ڇاتيءَ تي مون، پنهنجي ٻيڙي تاري
سنڌو!
سُر ماٺيڻا جهيڻا جهيڻا.
ڳائي ڳائي دل وندرائي.
هل مون کي تون پار اُڪاري، ساگر ڏي هل تون هاڪاري.
ههڙن سُريلن گيتن، نظمن ۽ غزلن جوشاعر هري دلگير
هِن بابت توڙي جديد شاعرن مان هڪ اهم شاعر پنهنجن
ساٿين اياز، راز، تنوير، نياز، سڳن، نارائڻ شيام ۽
فانيءَ کان آخر ۾ روشنيءَ جي دنيا ڏي هليو ويو.
ب: اختصار سان: اڃان به جديد شاعر جيڪي حيات آهن،
اُنهن جو مختصر ذڪر هي آهي، (ليکڪ جي خيال موجب
اُهي سڀ زنده آهن):
موتي پرڪاش: ڀارت ۾ رهندڙ سنڌي زبان جو هي شاعر
1931ع ۾ دڙي ضلعي ٺٽي ۾ ڄائو. نثر ۾ به لکيائين.
کيس راڳ ۽ ناٽڪ سان به دلچسپي رهي. شعر جو مجموعو:
”آءُ ته چوريون چنگ“ اٿس. نثر ۾ ٻيا به ڪتاب اٿس.
غزل ۽ نظم ۾ موتيءَ جو ڪلام جديد شاعريءَ جو قيمتي
ورثو آهي. نظم جهوپڙيءَ ۾ چوي ٿو:
منهنجي گهر جي ڀر ۾ هڪ جهوپڙي،
پنهنجي سر تي مفلسيءَ جا مڻ کڻي،
رات جو چپ چاپ ۾ سسڪي اِئين،
جئن کڻي پيو ساهه ڪو دم جو مريض.
پرڀو وفا: پرڀو پٽ جوتومل ڇڳاڻي 1915ع ۾ لاڙڪاڻي ۾
ڄائو. مئٽرڪ لاڙڪاڻي مان ۽ بي. اي ڪراچيءَ مان
ڪيائين. ننڍي هوندي کان شاعريءَ سان شوق هوس. هو
بيوس ۽ نواز علي نياز جو شاگرد رهيو. هن وقت
بمبئيءَ ۾ رهي ٿو. جهنڪار ۽ پرواز سندس مجموعا
آهن. پرڀو وفا ٻين صنفن ۾ به شعر چيو آحي. سندس
غزل جا ڪجهه شعر هي آهن:
دل ئي خود قاتل کي همٿائڻ لڳي،
چوٽ خنجر جي کِلي کائڻ لڳي.
-
آرسيءَ ۾ پاڻ کي ڀانئڻ لڳي،
جئن ڏٺائين مون کي شرمائڻ لڳي.
-
حسن آيو ويس ڌاري عشق جو،
دل ڏسي اسرار گهٻرائڻ لڳي.
اندر ڀوڄواڻي: شعر سان گڏ نثر به لکيو اٿس.
مجموعا: پڙهه باکون ڪڍيون (1963ع) ۽ بجليون ٿيون
برسن، اصل تعلقي سجاول جو هو.هاڻي بانٽوا ضلعي
جهونا ڳڙهه ۾ رهي ٿو. شعر جو نمونو هي اٿس:
رن سياست بدچال! راڄن ۾ رولو وڌئي،
وڏن وڏن جي مت کسيئي، ڇوري ڏيئي ڇال،
ڀاءُ وڙهايئي ڀاءُ سان، ڪري تيرهن تال،
اشرافت بيوس بڻي، انسانيت بي حال،
بازاري رن شال، منجو کڄئي ملڪ مان.
ايشور آنچل:ڪراچيءَ جو هو، هاڻي الهاس نگر ۾ رهي
ٿو. شعر جا مجموعا اٿس: پيار ۽ پئسو، گهنڊ ٻيو
گُڙي ۽ خاڪ لپ، شعر جو نمونو هي آهي:
جهنگل مان بستيءَ طرف
هڪ نانگ وڃائي رستو آيو،
ماڻهن جا ميڙاڪا ڏسندي،
هن جو تنها جي گهٻرايو.
اوندهه جي هيراڪ ڏسي سج،
ڇپرن ۾ تارن کي لڪايو.
ڪرشن راهي:
اصل لاڙڪاڻي جو آهي، هاڻي بمبئيءَ ۾ رهي ٿو.
ڪهاڻين سان گڏ شعر به لکيا اٿس. سندس مجموعو
”ڪماچ“ آهي. ساهتيه اڪيڊمي طرفان انعام به حاصل
ڪري چڪو آهي. شعر جو نمونو هي اٿس:
وطن جي لئه جان گهوري پوءَ به ٿوري.
سنڌين جان نه گهوري وطن گهوري آيا.
امداد حسيني: پنهنجي دور جي نئين ٽحي کي امداد
گهڻو متاثر ڪيو آهي. سندس ڪلام جا مجموعا شايع ٿيل
آهن. سندس نظم ”شرط“ پراڻو هوندي به پراثر آهي.
نظم جا پهريان ٻه بند هي آهن:
عشق جي راهن مٿي ڪاوا اُڀا،
تون نه هل تنهنجو صبا جهڙو خرام:
تون نه کِل جان بهاران تون نه کِل،
هر طرف آهي گُلن جو قتلِ عام.
زندگيءَ جي ميري بيٺل ڍنڍ ۾،
تون نه ڏس تنهنجون ڪنول جهڙيون اکيون:
تون فقط تارن کي ڏس سورج کي ڏس،
تون نه رو تنهنجون غزل جهڙيون اکيون.
سحر امداد: سنڌ جي شاعرائن ۾ سحر نئين شعور جي
نشانبر شاعره آهي. هُن دور جي ظالمانه عمل ۽
منافقت خلاف بهادريءَ سان لکيو آهي. سحر جو مجموعو
2003ع ۾ تازو ئي آيو آهي. سندس مجموعي ”چوڏهينءَ
چنڊ آڪاس“ مان اهو ظاهر آهي ته هن صنفن ۽ سنگيت جي
بدران موضوعن کي اهميت ڏني آهي. نظم
”ماڻهو-ڪُماڻهو“ ۾ چوي ٿي:
ماڻهو جوڪر ماڻهو پوڪر،
جتي هڻو اُتي فِٽ ٿي ويندا،
هاري جيتي، آگل دو گل،
ڇَڪي تي ڇَڪا اُڇليندا.
موتي لعل جوتواڻي: دهلي يونيورسٽيءَ جو محقق ۽
اُستاد. اصل سکر جو هو. هاڻي دهليءَ ۾ رهي ٿو.
تحقيق، افسانن، ناولٽ سان گڏ شعر به لکيا اٿس.
سندس مجموعي ”سنٻندن جي سڙڪن تي“، منجهان شعر جو
مثال هي آهي:
گهر ۾
هڪ ئي وقت
هڪ اندر ۽ ٻيو ٻاهر ٻنڀي تي
ٻه ڏيئا ٻريل هئا.
گهر ۽ دنيا ۾ روشني ڦهلجي ويئي:
اگني هوتر جي پويتر ويڏيءَ تان
منجهن تيل پوندو رهيو،
۽ زندگيءَ ۾ اُجالو ٿيندو رهيو.
گورڌن محبوباڻي ڀارتي: اصل آراضي ضلعي دادوءَ جو
هو. هاڻي اجمير ۾ رهي ٿو. ڪهاڻيون، ناول، ناٽڪ
لکيا اٿس. فلم ۽ ادبي دنيا لاءِ ٻيو به گهڻو
تخليقي ڪم ڪيو اٿس. گيت،نظم ۽ آزاد نظم سٺا لکيا
اٿس. سئنيٽوريم ۾ پهرين رات ۾ چوي ٿو:
رات جو پهريون پهر،
اوچتو
گل ٿي ويون برقي بتيون،
چنڊ
پِيلو چنڊ
ڄڻ سلهه جو مريض.
دُور،
اولهه جي اُفق ۾ ويو ٻڏي.
شمشير الحيدري: بدين جو هي شاعر، نثر ۾ ڪن ديني ۽
ادبي ڪتابن جو به مصنف آهي. مهراڻ ۽ نئين زندگيءَ
جو ايڊيٽر به رهيو. تحرير ۽ تقرير ۾ به پختو. ٿورو
شعر لکيو اٿس، پر اعليٰ معيار جو آحي. مجموعو
”لاٽ“ اٿس. غزل، نظم ۽ آزاد نظم ۾ منفرد انداز جو
شاعر آهي. ائين گيت، رباعي، قطع ۽ وائيءَ جو شاعر
به آهي، سندس هڪ مشحور قطعو هي آهي:
سدا ظلم جي مات چوندا رهياسين،
سر عام هر بات چوندا رهياسين:
اوهَان ڪيتروئي ڌتاريو دٻايو،
اسين رات کي رات چوندا رهياسين.
اياز گل: سکر جو هي نوجوان شاعر شاهه عبداللطيف
يونيورسٽي خيرپور ۾ سنڌيءَ جو اسسٽنٽ پروفيسر، هڪ
بهترين فوٽو گرافر، دانشور ۽ شاعر آهي. ٻارن لاءِ
به لکيو اٿس. ڇهه شعر جا مجموعا شايع ٿي چڪا اٿس.
پنهنجي ٽهيءَ جي شاعرن ۾ هڪ سرواڻ شاعر آهي:
توکان ٿيندي ڌار کِلندي کلندي يار
لڪ لڙي پيا لار ڪري!
تنهنجي پويان ڪير اسان جي، سپرين لهندو سار؟
لڙڪ لڙي پيا لار ڪري!
رات کٽي ۽ باک ڦٽي وئي، جنهن پل ويڙهيئي وار،
لڙڪ لڙي پيا لار ڪري!
پاڻيءَ تي ڄڻ ليڪا هئا، تنهنجا قول قرار،
لڙڪ لڙي پيا لاڙ ڪري!
ادل سومرو: سکر جي پيدائش. هن وقت سنڌيءَ جي
اسسٽنٽ پروفيسر جي حيثيت سان شاهه عبداللطيف
يونيورسٽيءَ ۾ ڪم ڪري رهيو آهي. سنڌي ادبي سنگت
بابت پي ايڇ. ڊي ٿيسز لکي اٿس. ٻارن لاءِ به شعر
چيو اٿس. ڪهاڻين شعر جا ڪل 11 مجموعا ڇپيل اٿس.
سڀ صنفون لکيون اٿس. سندس مجموعي ”سمنڊ جاڳي ٿو“
مان غزل جا چند شعر:
سونهن جا اُجرن پکين ۾ ٿي رهي،
شاعرن جي سا دلين ۾ ٿي رهي.
-
ناهي شاور ۾ اُها منهنجا پري،
ڳالهه جا مينهن جي ڪڻين ۾ ٿي رهي.
-
الوداع توکي چوڻ کان پوءِ سدا،
مند سانوڻ جي اکين ۾ ٿي رهي.
ارجن شاد:سنڌيءَ جو شاعر ۽ جئه هند ڪاليج بمبئيءَ
جو پروفيسر شاد، آءٌ گهٽين جو ڳائيندڙ، ڏاهيون ڏک
۽ وولگا جي ڪناري جو ليکڪ جديد ادب ۾ اهم جاءِ
والاري ٿو. هُو نقاد ۽ محقق به آهي. سنڌيءَ ۾ ايم.
اي، پي ايڇ. ڊي آهي. مختلف صنفن تي طبع ڪئي اٿس.
ارجن شاد جي ڪلام جو نمونو هي آهي:
جي زندگيءَ مان نڪري وڃي چاهه، ڇا ڪجي؟
۽ دل کي ڀي جي پيارو لڳي ساهه، ڇا ڪجي؟
نيڻن جي نير ساڻ وسايان ته دل جي آگ،
ٻاري جي آهه ڪو ٻيو آڙاه، ڇا ڪجي؟
جي ڪجهه ملي ٿو يار کان هڪ درد ٿو ملي،
وسري تڏهن به ڪين ٿو دلخواه، ڇا ڪجي؟
محنت جو ڦل جي هن نه ته ٻئي جنم ۾ ملي،
جنهن ۾ پر ڄمي نه جي ويساه، ڇا ڪجي؟
سرڪش سنڌي: سنڌ جو ارڏو قوم پرست شاعر، ڪنهن به
مصلحت کان مٿاهون. عملي جدوجهد جو به نمونو.
لاڙڪاڻي واسي سرڪش سنڌي ڪنهن صنف جو روايتي محتاج
نه آهي. هن بيت، غزل ۽ واين ۾ اُهائي ڳالهه ڪئي
آهي، جنهن سان هو سڃاپي ٿو. پر ماريت خلاف سرڪش ئي
آهي. هُو پنهنجي مجموعي امن آب حيات (1987ع) ۾ هڪ
بيت ۾ پنهنجو مقصد ظاهر ڪري ڇڏي ٿو ۽ پرمارن کي
نندي ٿو:
وڏو ويري امن جو، آهي وڏيرو.
پاڳيءَ لڌو پاسي انهي، پيراڻو پيرو،
ساڳي سٽ سلهاڙيل آ، سيٺيو سڱيرو،
ڪاموري جي ڪڙ۾ انهيءَ ڏي، ڀيري تي ڀيرو،
ننهنکان چوٽيءَ تائين، مولانا ميرو،
گيرٽ ۾ گيرو، پورهيت ڪڙمي پيڙيو.
فتاح ملڪ: سنڌي اديب، دانشور، شاعر ۽ سکر جو برک
وڪيل فتاح واين، گيتن، غزلن، دوهن، نظمن ۽ آزاد
نظمن ذريعي سنڌي شعر ۾ نالو ڪري چڪو آهي. ٻين
مصروفتين جي ڪري هاڻي هِن طرف گهٽ ٿو ڏسجي. سندس
مجموعي: ڪنول پاڙون پاتال ۾ (1976ع) مان فتاح جي
گيتن جا ٻه مثال:
ڀڳا ڏار اُڏاڻا ڳيرا،
ڊاهي ويا پکيئڙا پيا،
واءُ کڻي وئي سڀڪي سهيڙي،
تيلي تيلي پَن پَن ميڙي،
اُجڙيا ساه سبيڻا آکيرا.
-
هرڻيءَ جهڙو من اڃان ڪجهه ڳولي ٿو،
برسيو توڙي بن اڃان ڪجهه ڳولي ٿو.
ساري ساري رات وٺو هو.
سانوڻ پوڀي ڪنهن نه ڏٺو هو.
جو ٿل هيو جوڀن اڃان ڪجهه ڳولي ٿو.
تاجل بيوس: هڪ مقبول شاعر آهي. هنس ڀن صنفون چيون
آهن. سندس مجموعا اُن ڳالهه جي ساک ڀرين ٿا ته هُو
هڪ گهڻو لکندڙ ۽ سٺو شاعر آهي. ڳايو به ويو آهي.
سندس مجموعي ”صحرا سترجن“ مان ٻه بيت حاضر آهن جي
پنهنجي ماحول ۽ پنهنجي طرز جي نمائندگي ڪن ٿا:
هيءَ جا گدري ڦار، ويجهي آهي وات کي،
عمر آهي يار، اوڏي ائين اَجل کي.
-
جاڳو جوڳيئڙا! ڇڏيو سمهڻ ساٿيو،
آهي مهل اِها، هلڻ جي هنگلاج ڏي.
ارجن حاسد: ڪراچيءَ جي پيدائش، هاڻي احمد آباد ۾
رهي ٿو. سندس شعر جا ڪتاب:سواسن جي سرهاڻ(1966ع) ۽
پٿر پٿر ڪنڊا ڪنڊا (1974ع) آهن. حاسد جي غزل مان
شعر:
دل لڇي پر نه چشم تر آهي،
درد آهي ۽ هي جگر آهي،
ماجرا ڇاهي حال هي ڇو آ؟
آهي آهي مون کي خبر آهي.
صرف روٽي ٽڪر جي لئه اي دوست،
اڄ جو انسان دربدر آهي.
ڪجهه ته حاسد تون دل کي ڏاڍو ڪر،
ظلم سَهڻو هي عمر ڀر آهي.
نندجويري؛ شڪارپور جو ڄاول ۽ اڄ بمبئيءَ جو واسي.
نس نس ۾ شڪارپور سمايل. سندس مجموعو: ”چوواٽي تي“
(1991ع) ٻين نظمن ۽ آزاد نظمن توڙي نثري شعر ۾
شڪارپور موجود آهي:
آخر ڀي شڪارپور آهي ڪٿي؟
توهان کي خبر آ،
شڪارپور ڪٿي آ؟
هر شڪارپوري،
شڪارپور ۾ ڄائو هو.
پر هر شڪارپوري،
شڪارپور ۾ ڪو نه جنميو آ،
ڪهڙو فرق ٿو پوي.
تاج بلوچ: تعلقي پني عاقل ۾ ڄائو ۽ هاڻي ڪراچيءَ ۾
رهي ٿو. هُو شاعر ۽ نثر نويس آهي. اڄڪلهه ماهنامو
”سوجهرو“ ايڊٽ ڪري ٿو ۽ نوان نوان علمي رنگ رسالي
۾ ڇڙن ٿا. تاج جو پهريون مجموعو درد جو صحرا
(1970ع) ۽ ٻيو خوشبوءِ جو زهر (1987ع) آهي. پوئين
مان هڪ نظم جو اقتباس:
مان چاهيان ٿو کلجي
نئين کِلَ کلجي.
ڪنوارن ۽ نازڪ هٿن تي لڳل
ٻهڪندڙ مهڪندڙ تازي مينديءَ جي خوشبو جيان
مرڪ ڦهلائي کلجي.
مان چاهيان ٿو کلي،
مگر ايئن کلجي:
وفا ۽ وطن جي شهيدن جي پيشانين تي-
جيئن گهاءُ ٻهڪن.
هن دور جا اڃان ڪيترا شاعر جن جديد شاعريءَ ۾
پنهنجي رنگ کي قائم رکيو آهي. اُها فهرست به ڊگهي
آهي ته به چند نالا ڳڻي سگهجن ٿا: اُهي آهن. خاڪي
جويو-تاج جويو،، بخشل باغي، وسيم سومرو، سائينداد
سولنگي، عبدالحڪيم ارشد، مختيار ملڪ، اسحاق سميجو،
سلطانه وقاصي، رخسانه پريت، هريڪانت، آشادر
گاپوري، واسديو نرمل، واسديو موهي. آنند کيماڻي،
شيام جئسنگهاڻي ۽ ٻيا ڪيترا جن مان ڪي وڏي عمر جا
آهن ته ڪي نوجوان ۽ اُسرندڙ آهن. آخر ۾ هڪ شاعر
علي دوست عاجز جي ڪتاب ”اچن ڀوءنر ڀنڀوليا“ مان هڪ
غزل:
ٻيڙي هجي ته سير ۾ ڇوڙي ڇڏيانس مان!
خيمو نه آ وجود جو کوڙي ڇڏيانس مان!
هي سور دل جو دل ۾ سرجي وڏو ٿيو،
هي ٻُور وڻ جو ناهي جو روڙي ڇڏيانس مان!
احساس تنهنجي وڇڙڻ جو ٿو وڍيم پيو،
سوچيان ٿو شاعريءَ ڏي موڙي ڇڏيانس مان!
هي رنج آ پِتي جي پٿري ڳري ته ڪيئن،
جوڙو هجي ته جلد ئي چوڙي ڇڏيانس مان!
ٿورو به جي پرينءَ کان هي دل پري ٿئي،
هڪ سُور ڏيئي عاجز ٽوڙي ڇڏيانس مان!ٰ
صنفون:
اُهي صنفون جي قديم ۽ وچ واري دور ۾ رهيون اُنهن
جو ذڪر ٿي آيو . اُنهن ۾ هي صنفون آهن: ڳاهه،
دوهو، بيت، گنان، وائي، گيت، ڪافي، غزل، نظم،
مولود ۽ مداح وغيره. اِنهن مان ڪي بيت، دوها، گيت
وائي ڪافي ۽ غزل نظم جديد شاعرن وٽ به آهن. باقي
صنفون جيڪي نيون آهن تن ۾ خاص آهن: سانيٽ، ترائيل،
آزاد نظم پنجڪڙا، چونڪ، هائڪا ۽ نثري نظم. انهن جي
مختصر سمجهاڻي ضروري آهي. سانيٽ انگريزي شاعريءَ
مان آيل آهي. سنڌي شاعرن مان ڪن هيءَ هيئت اختيار
ڪئي. سانيٽ ۾ ڪل چوڏهن مصرعون هونديون آهن. سانيٽ
جا ٻه قسم آهن. سنڌيءَ ۾ اُهو قسم مروج ۽ مقبول
آهي، جنهن ۾ پهريان ٽي بند چئن سٽن جا هوندا آهن ۽
آخر ۾ ٻه سٽون اينديون آهن. ترائيل، فرينچ صنف
آهي. اصل نالو
Troilet
اٿس. هن ۾ چئن سٽن جا ٻه بند هوندا آهن. هڪ ئي سٽ
هڪ ترائيل ۾ ٽي ڀيرا ايندي آهي. اُن ڪري ئي اهو
نالو اٿس. هائڪو جپاني صنف آهي. هن ۾ ٽي ننڍيون
تڪون آهن. پهرين ۽ ٽيءَ ۾ قافيو ايندو آهي. چونڪ،
هائڪو مان مون تخليق ڪيو آهي. هن جي وچ ۾ هڪ سٽ
بنا قفيي وڌائبي آهي:
پيار ته ڪونهي ڏوه،
پيار هجي ها پاپ،
ڪير ڪري ها پيار،
ڪير رُلي ها روهه.
هيءَ صنف مقبول نه ٿي سگهي آهي. پنجڪڙا به ڪن
شاعرن چيا آهن. آزاد نظم اندازاََ 1950ع کانپوءِ
سنڌي زبان ۾ شاعرن چيا. هيءَ صنف فرانس جي ادب ۾
علامت نگاريءَ واري دور جي آهي. اُن جو باني گرئفن
هو. هو آمريڪي هو ۽ اڻويهين صديءَ ۾ پئرس ۾ رهندو
هو. آزاد نظم تي سنڌ ۾ گهڻو بحث ۽ تڪرار ٿيو آهي.
رجعت پسند ٽولي اُن کي ڪفر به ڄاتو. حقيقت ۾ هن
نظم ۾ هڪ بحر هوندو آهي، پر رڪنن جي ترتيب هڪڙي نه
هوندي آهي ۽ سٽون گهٽ وڌ رهنديون آهن. سنڌي ۾ آزاد
نظم جا ڪيترا سٺا شاعر آهن. گيت اصل هندي شاعريءَ
مان آيل ۽ جديد شاعرن کانسواءِ ٻين شاعرن به چيا.
ايئن نثري نظم به سنڌ ۾ لکيا ويا آهن. هنن ۾ ڳالهه
جو تسلسل۽ نُڪتو پيدا ڪرڻ بنيادي عنصر هوندو آهي.
هن کان اڳ شايع ٿيل پهرئين جلد ۽ هن ٻئي جلد جي
تڪميل سان سنڌي ادب جي شاعريءَ واري حصي جي تڪميل
ٿي. ٽيون جلد نثر بابت هوندو.
حوالا:
1- نيازي، رؤف، مابعد جديديت، حلقه آهنگِ نو
ڪرچي، 2003ع، ص ص 20-21.
2- بيوس جي سوانح جو آڌار، ڊاڪٽر محمود شاهه
بخاريءَ جي مرتب ڪيل ڪليات بيوس تي آهي. هي احوال
کيس بيوس جي شاگردن قاضي محمد مراد، شاهه محمد
مرتضائي ۽ هري درياني دلگير کان مليو.
3- بيوس جي رٽائرمينٽ جو سال 1944ع به ڄاڻايل آهي.
ڏسو ماروجي ملير جا، ص 547.
4- ڏسو ڪليات بيوس، از ڊاڪٽر محمود شاهه بخاري
(1991ع)، لاڙڪاڻو.
5- ڊاڪٽر هرومل سدا رنگاڻيءَ پنهنجي سهيڙيل ڪتاب
ورهاڱي کانپوءِ جي سنڌي شعر جي چونڊ (1987ع) ۾
دکايل جي ڄمڻ جو سال 1910ع لکيو آهي: ص 16.
6- فاني، کيئل داس. سمنڊ سمايو بوند ۾، سنڌي ادبي
بورڊ 1995ع، ڊاڪٽر انور فگار جو مهاڳ، ص 2.
7- الف: نارائڻ شيام جي زندگيءَ جو احوال ۽ ڪتابن
جي فهرست شيخ اياز جي ڪتاب ”سُر نارائڻ شيام“ تان
ٿورن سان ورتل آهي. هي ڪتاب ڀارت ۽ سنڌ ۾ ڇپيو.
ب: سال 2002ع ۾ جڏهن آءٌ پنهنجي پياري دوست غلام
قادر لنجار (مرحوم ) جي ڳوٺ کاهي قاسم ويس ته هندن
جي ٻين ڀڙڀانگ جاين سان گڏ نارائڻ شيام جو اڳوڻو
گهر به ڏٺم.
8- شيام، نارائڻ، بُوند لهرون ۽ سمنڊ، سنڌي اديبن
جي سهڪاري سنگيت، حيدرآباد سنڌ، 1987ع، ص 1.
9- اياز جي خوانح لاءِ ڏسو ڊاڪٽر انور فگار هَڪڙي
جي پي ايڇ. ڊي ٿيسز: ”شڪارپور شهر جو سنڌي ادب ۾
حصو“. ۽ ساڳئي ليکڪ جو مقالو ”نيارو پنٿ“ سهڻي
اياز نمبر -1، 1990ع. اياز جي تاريخ ولادت کي به
ڊاڪٽر انور فگار اسڪول رڪارڊ مان درست ڪيو نه ته
اڳ اُها 23 مارچ ڄاتي ٿي ويئي.
10- اياز جي شعر جا مجموعا: الف: ڀونر ڀري آڪاس.
ڪلهي پاتم ڪينرو، ڪي جو ٻيجل ٻوليو، وڄون وسڻ
آئيون، ڪپر ٿوڪُن ڪري، لڙيو سج لڪن ۾، پتڻ ٿو پور
ڪري، ٽڪرا ٽٽل صليب جا، چنڊ چنبيليءَ ول، واٽون
ڦلن ڇانئيون، پن ڇڻ پڄاڻان، رڻ تي رم جهم، ڀڳت
سنگهه کي ڦاسي، راج گهاٽ تي چنڊ بڙ جي ڇانو اڳي
کان گهاٽي، اَڪن نيرا ڦليا، سُر نارائڻ شيام، جهڙ
نيڻا نه لهي. اُڀر چنڊ پس پرين، هينئڙو ڏاڙهون گُل
جئن، الوداعي گيت، ننڊ وليون، سر لوهيڙا ڳڀيا،
ڇوليون ٻوليون سمنڊ جون، جر ڏيئا جهمڪن، سورج
مکيءَ سانجهه، هرڻ آکي ڪيڏانهن، چنڊ ڳليون، تون
ڇپر تون ڇانوَ، سانجهي سمنڊ سپون، گهاٽ مٿان
گهنگهور گهٽا ۾، ڪونجون ڪر ڪن روه تي، ڪاري ڪهنگ،
مينهن ڪڻيون ۽ وڏا وڻ وڻڪار جا (تاجل سان گڏ،
انتخاب)
نثري ڪتاب:ب: جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي (خط)، سفيد وحشي
افسانا، پنهل کانپوءِ (افسانا)، جڳ مڙيو ئي سپنو
(آتم ڪهاڻي)، خط انٽرويو تقريرون (ٻه جلد)،
ڪراچيءَ جا ڏينهن ۽ راتيون (آتم ڪهاڻي)، ڪتين ڪر
موڙيا جڏهن (شعر ۽ نثر گڏ، ٽي جلد) ۽ ڪٿي ته ڀڃبو
ٿڪ مسافر (چار جلد). اُن کان سواءِ ڪو سنڌ ۽ هند ۾
سندس ڪو مجموعو يا سندس باري ۾ ڪتاب ڇپيا هجن ته
ممڪن آهي.
11- اياز هڪ دانشور ۽ وڏي سوچ توڙي مطالعي وارو
هو. نثر ۾ لکيل سندس ڪتابن جو مطالعو ڪرڻ کپي.ا
ردوءَ ۾ به لکيائين. سندس ڪلام جا اردو، انگريزي ۽
پنجابيءَ ۾ ترجما به ٿيا. وڌيڪ معلومات لاءِ ڏسو
منهنجو ڪتاب: شيخ اياز هڪ مطالعو.
12- تنوير عباسيءَ جي شعر ۽ علمي ڪارنامن لاءِ
ڏسو:
الف: تنوير عباسي، تنوير چئي.
ب: ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، تنوير عباسي: هڪ
مطالعو.
13- لال سنگهه اجواڻي، سنڌي ادب جي تاريخ
(انگريزي)، ساهتيه اڪاڊمي دهلي، 1970ع، ص 168. |