مراد فقير مختلف زبانن ۾ ڪلام چيو ۽ اعليٰ معيار
جو ڪلام چيائين. روحل، خدا بخش فقير ۽ مراد فقير
جا شجرا ڏيندي، ڊاڪٽر شوق کين زنگيجو بلوچ سڏيو
آهي (24). انهيءَ لحاظ کان هن خاندان جي شاعرن
سرائيڪيءَ ۾ نهايت خوبصورت ۽ معياري ڪلام چيو
آهي.
هن هيٺ مخصر طور مراد فقير جي سرائيڪي ڪلام جي
حوالن کان پوءِ سنڌي شعر جو جائزو پيش ڪجي ٿو:
سرائيڪي ڪلام ۾ بيت ۽ ڪافيون مراد جي مافي
الضمير کي ظاهر ڪن ٿيون. هندو عورت جي مرد لاءِ
قربانيءَ جو ذڪر فارسي شاعرن به ڪيو آهي ته
هُوءَ مرد جي مرڻ تي ڪيئن پاڻ به پتنگ وانگر
آڙاهه ۾ ٿي پاڻ اُڇلي:
در محبت چون هندو زن ڪسي مردانه نِيست،
بر شمع مرده سوختن ڪار هر پروانه نِيست.
هنديءَ جي شاعره سهجو ٻائيءَ هيئن چيو ته رت
(هڏ) جو رشتو ڪجهه نه آهي، محبت جو رشتو سڀ ڪجهه
آهي. چي:
نينهن سگا سوئي سگا، هڊ سگا نا ڪوءِ،
مان بيٺي تِريا جري، اچرج جڳ ڪو هوءَ،.
اِن ڳالهه کي مراد فقير هيئن بيان ڪيو آهي:
همت ڏيک هندو دي زن دي، ڪيها ڪم ڪريندي،
جو ٻولي سو پالي اپنا، پيڇا پير نه ڏيندي،
سيج وانگر چڙهه ٻهي چکيا اُتي، مرڻ قبول ڪريندي،
ستر جهولي رک صدقي ٿيندي، جيئندي جان جليندي،
وچ ميدان محبت والي مراد، ويندي گوءِ مريندي.
عشق جي شراب جو روايتي ذڪر هيئن ڪري ٿو:
عشق شراب ڏتوسي ساقي، پي ڪر مست ٿيوسي،
دل ڪعبي وچ بت ڪفر دي ”لا“ دي نال لڙيوسي،
برڪت دين محمد دي، وڃ وحدت وچ پيوسي،
مالڪ رضوان دي محتاجي، ڪنان مراد ڇُٽوسي.
مراد فقير عشقيه نالي هڪ ننڍو رسالو سنڌيءَ م
لکيو، جنهن ۾سلوڪ جي مختلف منزلن جو بيان ڪيو
اٿس. ابتدائيه ۾ چوي ٿو:
ذڪر ذاتي سن رهن، سي موران ڪين منجهن،
اٿئي پهر اندر ۾، ٿا نيهن نظارو ڪن،
فاذڪُرُنِي اذڪُرڪُمُ، آهي ريت چڱن.
دلبر جن جي من ۾، سي ٻاهر ڪين ڏسن،
ري مشاهدي محبوب جي، هر دم موت مڱن،
وحدت جي واديءَ وحدت جي، سي موٽي ڪين لَڀن،
سانگو ڇڏي سِرَ جو، ٻَڌن سر ڪفن،
ڏسي ٽاڪ ٽڪر کي، ڪڏهن ڪين ڪنبن،
سوريءَ ڏيندي سر کي، سالڪ ٿا وهسن.
سنڌي بيت معرفت بابت به آهن ۽ سنڌ جي نيم تاريخي
داستان تي مشتمل به آهن. بيتن ۾ داستان جي اوٽ ۾
پنهنجا جذبا ظاهر ڪيا اٿس. معرفت وارن بيتن ۾ سچ
ته معرفت جا موتي آڇيا اٿس. مشاهدو ماڻن جي هيئن
دعوت ڏي ٿو:
جي اچين تان آءُ، اَٿي اڄ مراد مشاهدو،
پئه تون پروانن جان، مٿي عشق اُهاءُ،
ترس ۾ پَسي تاءُ، اَٿي سِرَ جي ساٽي سپرين.
هڪڙا عبايت گذا بهشت جي باغ لاءِ عبادت ڪن ٿا ۽
ٻيا طالب مختلف طريقن ۾ پيا منجهن. ان باري ۾
پنهنجي دل جي ڳالهه بيان ڪندي چوي ٿو:
هڪ عابد باغ بهشت لئه، ٿا ياد عيادت ڪن،
ٻيا طالب طريقن ۾، مُوڙها پَسُ مُنجهن،
ڪي قلبي، روحي، خفي، اخفا، سري ناسمجهن،
منهندان محب مراد چئي، ٿا حيف حجاب وجهن،
پر آءُ قرباني تن، جن هي پردا ڦاڙي ڇڏيا.
سُر وار ڪلام ۾ رسالي جر طرز تي مراد فقير جا
بيت جذبات سان پُر آهن. سهڻيءَ ۾ چوي ٿو:
تون تارين تان تار، هيءَ اَڻ تاري مهراڻ ۾،
لکين لهريون لس وهن، اوڀارون اوتار،
جتَ ڪُپر ڪُن ڪڙڪا ڪري،ٻي آڏي ٻجهي ٻار،
اُت پرين لنگهائج پار، ڪج مون مهت مراد چئي.
جيئن هير ۽ سهيليون ۽ هير ۽ ماءُ جا سوال جواب
اڪثر سرائيڪي ۽ پنجابي شاعرن جي ڪلام ۾ موجود
آهن، تيئن مراد فقير سسئيءَ جا بيت سوالن جوابن
۾ به چيا آهن، جن جو هڪ مثال هي آهن:
سوال
قاف ڪڄاڙي ڪاڻ، ٿي ڪڪون ڪرين قرب لئه،
جن پرين لئه پنڌ ڪرين، سي تان تو هي ساڻ،
موٽي وڃ مراد چئي، اوڳي مُنڌَ اَڄاڻ،
پيهي نهارج پاڻ، اَٿي دل ۾ ديرو دوست جو،
جواب
چي دوس پنهنجي دل ۾، سڄڻ ڏٺو جن،
ويهڻ تنن کي وهه ٿيو، نڪي سک سمهن،
موٽن ڪئن مراد سي، محب جنن جي من،
هڪ تات نه اَٿِي تن، ٻيو اُڪنڊَين آڏو ورين.
مومل واري وارن بيتن ۾ به روايتي سُ وار رسالي
جو رنگ آهي. مومل هيئن ورلاپ ڪري ٿي:
تون راڻو تون راڄيو، تون روان سندو راءُ،
ڪامل قربان يڪريان، کڻي سوڍا سڀ مٿاءُ،
تنهنجو مٽ مراد چئي، آءُ لهان ڪانڌ ڪٿاءُ،
عاقل اڱڻ آءُ، ته سرتين سکائون ڏيان،
اهڙيءَ طرح ليلا، گهاتو، سامونڊي، مارئي، نوري،
پورب جي بيتن ۽ متفرقه بيتن تي مراد جو ڪلام
مشتمل آهي. رهائش جي لحاظ کان مراد، سچل سرمست
جو پاڙيسري آي، پر سندس بيتن تي اثر شاهه
عبداللطيف جو وڌيڪ آهي. روحل جو رنگ به مراد جي
ڪلام ۾ موجود آهي. بهرحال مراد هڪ وڏو شاعر آهي.
هن کان اڳ کيس مناسب مقام نه مليو هو جو ڪلام به
دستياب نه هو.
دريا خان (1765-1853ع)
:
روحل فقير جا چار پٽ، پوٽا، پڙپواٽا ۽ اثر هيٺ
آيل ڪي ٻيا شاعر به سنڌي ۽ سرائيڪيءَ ۾ نشانبر
آهن، اُنهن ۾ دريا خن نبستا بلند معيار جو شاعر
آهي. روحل ۽ مراد جي ڪلام وانگر دريا خان جو
ڪلام به پاڻ سڃاڻڻ ۽ خلق جي رهنمائي خاطر چيل
آهي. دريا خان جي ڪلام ”آءُ ڪانگا ڪر ڳالهه“ جو
مولف ۽ مرتب نياز همايوني لکي ٿو ته:
”روحل فقير ۽ سندس قيبيلي جي شاعرن انهي ئي اصول
تي هلي پنهنجي شعر ۽ فڪر کي بني نوع انسان جي
ڀلائي ۽ هنرمائيءَ لاءِ اڳيان آندو. هنن مان
دريا خان، روحل فقير کانپوءِ خاص ڪري ساراهڻ
جوڳو آهي. جنهن جو ڪلام حيات ۽ڪائنات جي حسن کي
عشق جي نگاه سان نهاريندو، نقاب کان بي نقاب
ڪندو. سڏ پڙاڏي جي صورت ۾ اوري پري پکڙيندو وڃي
ٿو(25)“.
دريا خان، روحلف قير جي بئي گهر مان ڄائو. مراد
فقير سندس سڳو مامو هو. دريا خان جا ٻه ويڳا ۽
هڪ سڳو ڀاءُ خدا بخش به سنڌي ۽ سرائيڪيءَ جا
شاعر هئا. دريا خان جي ننڍپڻ ۽ تعليم جا تفصيل
ظاهر نه ٿيا آهن. شاعريءَ مان ظاهر آهن. سندس
ڪلام نه رڳو پختو ۽ بلند معيار جو آهي، پر
موضوعن جي ڪري اعليٰ پايي جو آهي. سندس هم نام ۽
روحل خاندان جي اثر هيٺ آيل ٻيو شاعر به آهي،
جنهن کي دولهه دريا خان (وفات 1891غ) سڏيو اٿن.
اُن جو ڪلام به موجود آهي، روحل جي خاندان ۾
هندي رنگ ته آهي ئي. دريا خان جو به هندي ڪلام
موجود آهي. چوي ٿو:
پريم پارکو ڪوئي نهين، جو ڪري پريم پڇان،
دريا خان جس گهر پريم هي، وهان هي پر گهٽ گيان.
-
”لا“ لاگي پريم ڪي، کڙڪ ڪليجي آءِ،
تُجهه بن ميرا ڪو نهين، ڪون مٽاوي گهاءِ.
سرائيڪي ڪلام به اعليٰ معيار جو اٿس، جنهن ۾
بيت، ڪافيون ۽ سر حرفيون شامل آهن. نموني طور ٻه
بيت ڏجن ٿا:
برهه باز تي مين مرغابي، مينون چا چنبيان وچ
سٽي،
تڙڦان تڙڦان تڙپ نه سگهان،م وچ ڦٽان دي ڦٽي،
نت نت کاوي تازي طعاما، ماس هڏان تون پٽي،
دريا خان عشق عقاب ماهي دا، جو منهن پويي سو
پٽي.
-
شوق شراب پراڻا سانون، جام ڏتا ڀر ساقي،
پيڻ نال شراب طهورا، فرق پيا وچ فاقي،
آگي انگ اُاريا اکر، منهن محراب ملاقي،
دريا خان دم دم درد رکين، جيسين روز حياتي.
ٿورا ٿورا بيت ڪن سُرن ۾ اٿس ۽ روايتي شاعريءَ
سان موضوع توڙي هيئت ۾ مربوط آهن. سهڻيءَ جي عزم
کي هيئن ساراهي ٿو:
سانڀر جي ساهڙ، جا، منجهه وجود وڄن،
چڻ چڻ تن چڙن جي، وڏو روح رڳن،
توڪل تُرهو جن کي، سي سر جو سانگ نه ڪن،
دريا خان دور درياه ۾، گهڙو ڪين کڻن،
جي ميهر ميهر ڪن، سي نه ٻڏيون ٻار ۾.
دريا خان ڪنهن سان ڪنه ڪئي، نماڻي نِسِبت
پاڻان پاسي ٿي ڏسي، جوءِ مڙيئي جت،
پنهونءَ ساڻ پَهَتِ، هيو انگ اڳيئي لکيو.
متفقره ابيات ۾ دوستيءَ جي باري ۾ ڪهڙو نه صاف
صاف چوي ٿو:
دوستي دريا خان چئي، ڪُوڙن سين ڪيهي،
اسين پيا ريڙهيون ريج ڏي، هُو سُڪيءَ ڏي پيئي،
چئي چُڪاسون ڪيترو ،ڏهنايون ڏيئي،
جن کي پاڻان ناپيئي، تن کي چئي چئبو ڪيترو.
دريا خان جون زياده تر ڪافيون اڳ راھنين ۾ موزون
ٿيل آهن. سنگينت لڙهيءَ ۾ به موزون
(compose)
ٿيل آهن ته علم عروض تي به. مثال عروضي ڪافيءَ
جو مطلع (ٿل) ۽ مقطع (نالي وارو بند)س هن ريت
آهي.
عاشق اڳيان محبوب جي، سڪ سمجهه موءن سجدا ڪرين،
رمز ۾ رهه روبرو جئين پير پٺتي نا ڌرين،
-
دريا خان دلبر کي ڏِٺو الله اطوارين چٽو،
محبوب موچارو مٺو، گهوٽ آهي سڀ گهرين.
ڪافي ”آءُ ڪانگا ڪر ڳالهه“ ڪنور ڀڳت ڳائي ته امر
ڪلاڪار وڌيڪ امر ۽ زنده جاويد بنجي ويو. شاعر جو
ڪمال ته آهي ئي، پر ڪلاڪار جو مٺڙو ۽ گهاءُ ڪندڙ
آواز ۽ آهنگ جو ڇا چئجي. ڪاش هنن لفظن ۾ اُهو
آواز هتي به سمائي سگهجي:
آءُ ڪانگا ڪر ڳاله، مون کي تن ماروئڙن جي،
ماروئڙن جي سانگيئڙن جي،
- ٻن عمر تنهنجا ماڙيون بنگلا، کهه ڪنگڻ ڪٺمال،
مون کي تن ماروئڙن جي،
- پٽ پهرينديس ڪينڪي عمر، لوئي آباڻي لال،
مون کي تن ماروئڙن جي،
- ڀائرن ۽ ڀينرن ريءَ آءُ هتڙي، ساعت ڀانيان سال،
مون کي تن ماروئڙن جي،
- آءُ ڏهاڳڻ تن ريءَ هتڙي، خوش وسن اُهي شال،
مون کي تن ماروڙئن جي،
- دريا خان مارن ريءَ هتڙي، هئه هئه هيڻا حال،
مون کي تن ماروئڙن جي،
هن باڪمال شاعر وفات کان ٿورو اڳ هيٺيون سرائيڪي
بيت چيو ۽ دم ڌڻيءَ حوالي ڪيائين.
هي حيران سهڻي يار ڪيتا، گهر ٻار اسان نون ڀُل
ڳئي،
سانون يار دي حسن حيران ڪيتا، ڪم ڪار اسان ڏي رُل
ڳئي
جيڪي ڦٽ فراق والي هئي، سي ته چُلدي چُلدي چُل
ڳئي،
جيڪي عاشقان دي نندا ڪرن، اُهي راڄ رقيبان دي رُل
ڳئي،
هادي يار مليا مطلب ٿئي، تاڙيان تاڪ اندر دي کُل
ڳئي،
دريا خان پُکي هُڻ يار دي پيوسي،
اِهي هوڪي اساڏي هُل ڳَئي،
شاهُو فقير (1748- 1815ع)
:
شاهو، روحل جو وڏو فرزند هو. جنهن تي روحل پنهنجي
والد جو نالو رکيو. هن جو سنڌي ۽ سرائيڪي ڪلام
موجود آهي. نياز همايوني، شاهو فقير جي باري ۾ لکي
ٿو ته:
”شاهو فقير ڏاڍو حليم طبع، صابر ۽ شاڪر هو. سندس
رهڻي ڪهڻي سادي سودي هوندي هئي. حڪمران مير هن جي
گهڻي عزت ڪندا هئا. هي اڪثر جهنگ ۾ رهي راتيون
جاڳي ذڪر فڪر ۾ گذاريندو هو. تصوف جي موضوع تي هن
جو پنهنجي مرشد (والد روحل فقير) سان گرو ۽ چيلي
جي عنوان تي سوال جواب (هندي) نظم ۾ موجود آهي. هن
درويش جي مزار ڪنڊڙيءَ ۾ آهي.(27).“
شاهو فقير جي ڪلام ۾ هي ڊگهو بيت گهڻو مقبول ٿيو،
جنهن ۾ انسان جي ڏهن ويرين جو ذڪر ڪيو اٿس:
ڏهن ويرين وچ ۾، آيو آهه انسان،
پهريون ويري هن جو، نفس نجس نادان،
ٻيو ويري تنهن جو، شامل آهه شيطان،
ٽيون ويري وترو، آهي زال زيان،
چوٿون ويري چون ٿا، ٻيٽو بي فرمان،
پنجو ويري اُڃ آهه، جو بن پاڻي پريشان،
ستون ويري شهوت آهه، جنهن ڪيا هزارين حيران،
اٺون ويري آڪرو، تڪبر جو طومان،
نائون ويري ننڊ آهه، جو غلفت جو گذران،
ڏهون ويري ڏمر آهه، جو جهل وڏو جولان،
ڏهن ويرين وچ مان، جو کٽي جنگ جوان،
هي سر ڪريان قربان، تنهن سورهيه تان شاهو چوي.
غلام علي فقير(1755-1839ع)
:
غلام علي، روحل صوفيءَ جو ٻيو نمبر فرزند هو. هن
جو سنڌي ۽ سرائيڪي ڪلام موجود آهي. شاهو فقير جي
وفات کانپوءِ گادي تي ويٺو، سندس ڪلام تصور جي رنگ
۾ رتل آهي. بيت ۽ ڪافيون بلند پايه چيون اٿس:
اندر آگ عشق جي، ٿا جوڳي جاڳائين،
سامي سدا سڪ ۾، رٿا خوديءَ کي کائين،
پاڻ ڀليو پاڻ کان، ڀانئڻ ٿا ڀائين،
غلام علي عشق ۾، عاشق سي آهين،
ڪي لاهوتي لاهين، لاڳاپا هن لوڪ جا،
ڪافيون نهايت وزنائتيون، موزون ۽ سُريليون چيون
اٿس. اُنهن مان مڪرر قافين واري هڪ ڪافيءَ جو مثال
هي آهي:
دلڙي لُٽي وئين دلبر جادو ڪري ڪري،
نازن نظر نيڻن جي قابو ڪري ڪري.
رخ سڄڻ جو ماهتاب جڏهن کولي ٿو نقاب،
گيسو مثال مارن ڏنگ هڻن ٿا ذري ذري،
ابرو ڇڪي ڪمان مزگان تيار تير ڪن،
شوقون هڻي عاشقن دستي تڙي تڙي،
سدا صاف ٽڪن هڪ خيال نامڙن،
ڪوڙين سڄڻ لاءِ حمد پيو پڙهي پڙهي،
دم دم هِئين ۾ باه بره جي ٻري ٻري،
غلام علي ٿي تون سمنڊ تري تري.
خدا بخش فقير (ولد روحل) (وفات 1843ع)
:
سندس فرزند نظر علي، درمحمد مسڪين (روحل جو
پڙپوٽو) ۽ خاندان جي ٻين شاعرن ۽ درگاه جي مريدن ۽
معتقدن جو ڪلام به هٿ آيو آهي. اڪثر ڪلام
سرائيڪيءَ ۾ آهي. موجوده وقت تائين به روحل جي
معتقدن جو ٿورو گهڻو ڪلام موجود آهي. اڪثر روحل،
مراد ۽ دريا خان جي تقليد ڪئي اٿن. درگاه روحل جي
هڪڙي معتقد ڀائي جيوڻ داس شڪارپوريءَ هي نظم لکيو
آهي:
روحل رام اوتار، ڪنڊڙي آهي پريم منڊلي
شاهو سائين ڀيد بتايو، غلام علي گلزار،
درس دريا خان دولهه آهي، نظر علي نروار،
روحل ٻيو رمزن وارو، محمد حسن موچار،
غلام علي ٻيو ٻگهڻ ٻالڪ، صورت وند سردار،
سائين فيض علي فيض وارو، جو آهي صاحب دستار،
خاص خليفو سائين سڀاڳو، جنهن کي ڏات ڏني ڏاتار،
جهڙي ڪاشي تهڙي ڪنڊڙي، وٿ نه ڀانيان وار،
جيوڻ آکي آهيان بندو، ستگر تو آڌار (28).
خليفو حاجي عبدالله:
خليفو حاجي عبدالله، جنهن سنڌي نظم ۾ ليلا مجنون
جو قصو لکيو، اُن جو احوال پهرين خان بهادر محمد
صديق ميمڻ سنڌي ادب جي تاريخ جي پهرئين جلد ۾
(1937ع) لکيو. خانبهادر، خليفي جي نالي سان دن
1753ع ڏنو آهي، ڇوجو ليکڪ قصو 1793ع ۾ لکيو، اُن
ڪري اُن وقت چاليهن سالن جو هوندو. خليفو عبدالله،
ڪڙيي گهنور ضلعي بدين جي مشهور درويش خليفي محمود
نظاماڻيءَ جو پٽ هو. هُو پير پاڳاري جو مريد هو.
سندس ملفوظات موجود آهن. خانبهادر لکي ٿو: ”خليفو محمود اول وڏو زميندار ۽ امير هو. پوءِ جڏهن
مرشدن جي مٿس فيض جي نظر ٿي، تڏهن اميري ڦٽي ڪري
ڪامل فقير ٿي پيو ۽ ڪڇ، ڪاٺيا واڙ، بمبئي ۽
اوڀرندي آفريڪا وارا لکاپتي ماڻهو اچي مريد
ٿيا(29).“ خليفو حاجي عبدالله نه رڳو خليفي محمود
جو جاءِ نشين هو بلڪه هڪ عام به هو. هُن ليلا
مجنون جو قصو حقيقت ۽ مجاز جي رنگن کي اجاگر ڪرڻ
لاءِ لکيو. هي قصو عربستان ۾ مشهور آهي.
قصي جوا ختصار هن ريت آهي ته مڪي شريف ۾ هڪ سردار
جو پٽ قيس، مصر کان آيل ڪنهن شخص کان اُتان جي
حسينه ليليٰ جي خوبصورتيءَ جو بيان ٻڌي مٿس موهت
ٿي پيو، ڪن روايتن موجب ٻئي هڪ اُستاد وٽ پڙهندا
هئا. ٻنهي جو ننڍپڻ ۾ ئي عشق ٿي ويو. ليليٰ ڪاري
رنگ جي هئي، مثل مشهور آهي ته ڪنهن قيس (مجنون) کي
ليليٰ جي اري رنگ جو طعنو ڏنو. جو سرائيڪيءَ جي
زبان ۾ قيس هي ڏنو: تيڏي اک نهين ڏيکڻ والي، سنڌ ۾ اِها ڳالهه ٻه ٻڌڻ ۾ آئي ته
جيڪو ليليٰ مجنون جو قصو پڙهندو يا ٻڌندو سو چريو
ٿي پوندو:
ڪي عاشق جيوڙا چريا به ٿيا.
قيس، ليليٰ تي عاشق ٿي پيو، سندس ڪهڙو حال ٿيو؟
خليفو حاجي عبدالله لکي ٿو:
ماڻهو آيا مرڪي جا مڙيئي سي مڙي،
فرهي آهي فڪر جي ڪهڙي قيس پڙهي،
قضا ڪم قادر جي پيس انگ اَڙي،
چت چرئي جي ڳالهڙي ڪاجا آهه چڙهي.
خانبهادر ميمڻ قيس ۽ سندس مائٽن جي مصر وڃن جو
بيان هن ريت ڪري ٿو:
”قيس جا مائٽ ڪڙم قبيلو وطن ڇڏي مصر ڏانهن روانو
ٿيا. گهڻين تڪليفن ۽ ڏکن سورن بعد مصر جي انهيءَ
شهر ۾ اچي پهتا، جتي ليليٰ رهندي هئي. ليليٰ قمر
الدين جي ڌيءَ هئي، جو وڏو گهراڻو ۽ عزت وارو
ماڻهو هو ۽ مڪتب ۾ ٻار پڙهائيندو هو(30).“
خانبهادر جي لکڻ موجب قيس به اُن مدرسي ۾ اچي
داخلا ورتي. اُتي سندس عاشق پروان چڙهيو. گڏ پڙهڻ
جي روايت هونئن به موجود آهي. هيڏانهن عشق لڪي نه
سگهيو. سڱابنديءَ جي ڳالهه هلي. ليليٰ مجنونءَ کان
سواءِ ٻيو ڪو به رشتو قبول ڪرڻ لاءِ هرگز تيار نه
هئي. مائٽن جي زور ڀرڻ تي شرط رکيائين. اُهو هي هو
ته طعام تيار ڪرايان ٿي، جيڪو عاشق صادق اُهو کائي
ويو سو طلبگار مون کي قبول آهي.
قصيه نويس لکن ٿا ته ساڍا نوَ سير زهر قاتل گهرائي
اُن مان طعام تيار ڪرايائين. ٻيا طالب زهر جو
ديگڙو تيار ڏسي مطالبي تان مُڙي ويا. شاعر چوي ٿو:
خان آيا خوشيءَ مان رڪي خوب خيال،
ڏسي ونڪ وهه جا وين تال پکال.
روايت آهي ته مجنون ساڍا نوَ سير مليل زهر اُهو
طعام کائي ويو ۽ کيس ڪجهه به نه ٿيو. تنگ ٿي ليليٰ
جو خاندان اُتان لڏي ويو. مجنون قافلي جي پٺيان
ويو. ليليٰ بدناميءَ کان بچڻ لاءِ کيس واپس وڃڻ جو
اشارو ڪيو. هُو جذبي وچان اُن اشاري کي اُتي بيهڻ
جو اشارو ڄاڻي بيهي رهيو. وقت گذريو مينهنپيا ٿنڀ
وانگر بيٺل هن عاشق کي وليون وڪوڙي ويون. ڪاٺير
ڪاٺ سمجهي کيس ڪهاڙو وهايو ته سجاڳ ٿيو. اهو به
چيو ويو آهي ته ليليٰ موٽي ڪنهن وقت وٽس آئي. اُن
کي ڏسي مورڇا ٿي ڪري پيو ۽ دم ڏنائين. پروفيسر
بدويءَ لکيو آهي ته ليليٰ پهرين مري چڪي هئي(31).
اِ بابت هن ڪو معلومات جو ذريعو ڪو نه ٻڌايو آهي.
بدوي صاحب جي خيل ۾ سنڌي نظم ۾ هي قصو حاجي
عبدالله ئي لکيو آهي. اِهو به صحيح نه آهي(23). هن
داستان سان مجبوب جو ليليٰ جي ڪتي چي چمڻ ۽ اهڙيون
ٻيون روايتون منسوب آهن. داستان گو اهڙا گهڻا
واڌار ڪري ڇڏيندا آهن.
پروفيسر بدوي ليليٰ ۽ مجنون بابت هيءَ به معلومات
فراهم ڪري ٿو:
”ليليٰ به هڪ پاڪباز عرب ڇوڪري هئي. جنهن جي محبت
۾ بنوعامر قبيلي جو نوجوان قيس ۽ ڦاٿو ۽ليليٰ جي
وصل کان محروم ٿي نجد جي رڻ پٽ ۾مجنون جي نالي سان
مشهور ٿيو.“ ابن نديم ”ڪتاب الفهرست“ ۾ سندس هڪ
ديوان جو ذڪر ڪيو آهي. ڪڏهن ڪڏهن عربي ڪتابن ۾
سندس شعر ضرب المثل طور ڏيندا آهن. هي سندس مشهور
شعر آهي:
ٻڌو اٿم ته عراق ۾ ليليٰ بيمار آهي،
الاهي عراق جي سڀني مريضن کي شفا ڏي. (33).
خان بهادر ميمڻ، خليفي عبدالله جي معياري ۽ پختي
زبان تي هي رايو ڏنو آهي:
”خليفو عبدالله اگرچه لاڙ جو ڄاول نپيل هو ته به
پنهنجي نظر ۾ ٻولي اهڙي پڪي ۽ پختي ڪم آندي اٿس
جو ائين ڪوئي ڪو نه چئي سگهندو ته اهو نظم ڪنهن
لاڙ جي شاعر جو ٺاهيل آهي(34).“ منهنجي خيال ۾
اهڙو رايو ڪنهن به طبي جي شاعر ۽ نثر نويس تي نه
ٺهڪندو، نه مولوي احمد ملاح تي نه هن ادبي تاريخ
تي، جيڪا اوهان جي هٿن ۾ آهي.
خليفي عبدالله جو نظم ٻن ٻن سٽن جي هيئت ۾ آهي، پر
مثنويءَ جي وزن موجب به نه آهي. مثال زهر وارو
طعام قيس کي ڪيئن لڳو:
مصريءَ کان مٺو گهڻو ماکيان اي جو مال،
طبع اهڙي طعام لئه مون سڪي ٿي سال،
جڏهن ڪاٺير قيس تي ڪهاڙو وهايو ته آواز آيو:
ماري مون مسڪين کي جڏي ڪي جانا،
ضايع زور زيادهه ڪيئي ظالم زيانا.
هي دنيا جو مشهور عشقيه داستان لکيو وڃي ٿو. اُن
جي مستند هجڻ بابت ڪي شڪ شبها به ظاهر ٿيندا رهيا
آهن. هن داستان جو هڪڙو شعر مون کي هميشه ياد
رهندو آيو آهي:
اُتي ليلا سڏيو وري قيس کي،
مٺي دوست دلبر درويش کي،
سيد خير شاهه:
هن شاعرجو ذڪر پهرين پهرين خانبهادر ميمڻ ادبي
تاريخ ۾ ڪيو آهي(35). سندس لکڻ موجب حيدرآباد سنڌ
۾ هڪ ئي وقت ٻه هم نام درويش هئا. هڪڙو سيد خير
شاهه پنجابي، جنهن جي پوٽي جي نالي حيدرآٻاد ۾ خير
شاهه جو پٽ آهي ۽ ٻيو سنڌيءَ جو شاعر خير
شاهه(36). ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ زير شاهه جي پڙ
کي اسان جي شاعر سان منسوب ڄاڻايو آهي(37). اِهو
خبر نه آهي ته ڪهڙي ذريعي جي آڌار تي لکيو اٿس!
خانبهادر محمد صديق ميمڻ، کيس حيدرآباد شهر کان
ٻاهر پراڻي ڦليليءَ جو رهاڪو ڏسيو آهي. هو محرم
دوران ٿيندڙ ڪن ڳالهين جي خلاف هو. مير ڪرم علي
خان کيس لڏائڻ گهريو، پر اُن ڪوشش ۾ ڪامياب نه
ٿيو. سندس ڪلام ۾ جنگ نامو ۽ مناظرو ”ٽوپي ۽ پڳ“
مشهور آهي. جنگ نامو خير شاهه پاڻ به پڙهندو هو.
ثابت علي شاهه کي اُن تي اعتراض ٿيو. ٻنهي شاعرن
هڪٻئي خلاف هجو (سِٽون) لکيون.
جنگ نامي ۾ ابتدائي شعرن کانپوءِ امام حسين ۽ سندس
ساٿين توڙي خاندان وارن جي تڪليفن ۽ شهادت جو بيان
آهي. هڪ بند ۾ چوي ٿو.
قلم قضا جو ڪاتب لکيو، ري رب تنهن کي ڪير رَسي،
خاوند جي گهر جنهن پر جهڙي، تنهن پر تهڙو مينهن
وَسَي،
جيڪي ڄاڻي ڄاڻن وارو، ٻئي نه ڪنهن کي ڪَل قِصي،
ايڏا ڪم ڪريم سندا، جو دشمن سانڍيو، دوست دَسي.
خير شاهه جون ڪافيون، مولود ۽ مداحون به موجود
آهن، پر کيس مشهوري پڳ ۽ ٽوپيءَ واري مناظري سبب
ملي. هي مناظرو ڪنهن ڪتابڙي جي صورت ۾ ڇپيل هو.
ڊاڪٽر بلوچ ڪتاب مناظرا ۾ ڏنو، اتان ٿورن سان ٻه
بند پيش ڪجن ٿا:
پڳ:
چئي:
پڳ ٻڌن پُرس ٿا، جي آهن ارڏا ۽ اڙٻنگ،
جوان جنگاور جنگ جا، خاص خان ختنگ،
رانول رڪ راند ۾، پون جئن پتنگ،
هڻن سڪيلا سيگهه مان، ڇِڪي تازين تنگ،
اُتي ٽوپي کنبو ٽَنگَ، ترت ڪِريو پوي پٽ تي.
ٽوپي:
چئي:
ڙي! ٽهه ٽهه ڪيو ٽوپيءَ تي، تُرت هڻين طعنو،
اکئين ڏسين ٿي ڪينڪي، هي ظاهر زمانو،
هندو رکن ٿا حراست جو، بيشڪ بتانو،
پوءِ ڪوڙ سندو ڪانو، ٿي ٽِڪو ٽوپيءَ کي ڏئين!
فتح فقير (1768-1843)
:
خان بهادر ميمڻ جي لکڻ موجب فقير فتح محمد ڪلهورو
(فتح فقير) اصل دادو ضلعي جي ڪَڪَڙ تعلقي جي ڪنهن
ڳوٺ جو رهاڪو هو. اُتان لڏي اچي حيدرآباد ۾ ڊومڻ
واه وٽ ويٺو. اُتي سندس اوتارو موجود آهي(37). هو
فقير خيالن جو ماڻهو هو. خير شاهه وانگر هن سان به
حاڪمن جو اختلاف ٿيو. اُهو مختلف اعتقادن سبب هو.
هڪڙي روايت ۾ آهي ته ميرن اختلاف سبب کيس قتل ڪرڻ
(ڪهڻ) لاءِ مير نصير خان ماڻهو موڪليا. جن آڌي رات
جو اچي ڏٺو ته فقير اڳ ۾ ئي ڪٺو پيو هو. سر ڌار ته
ڌڙ جدا ۽ ٽنگون ٻانهون ڪپيل! ماڻهن سرخرو ٿيڻ لاءِ
اچي مير صاحب کي چيوت ه فقير کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري
آياسون. صبح ٿيو ته فتح فقير درٻار ۾ آيو ته مير
حيران ٿي ويو ۽ پوءِ ڪڏهن به فقير سان ڪنهن کونس
نه ڪئي. خير شاهه سندس محبتي هو. 1843ع ۾ انگريزن
جي فتح کانپوءِ فقير صاحب حيدرآباد مان لڏي ٺٽي
ضلعي جي ڳوٺ ڀاڏ ۾ پنهنجي مرشد سير قنبر علي شاهه
(شاهه شريف) ڀاڏائي وٽ پهتو. اَسي سالن جي عمر ۾
وفات ڪيائين ۽ اُتي سندس قبر آهي. سڄي عمر اڪيلو
رهيو(38). سندس مولود، مداحون ۽ ڪافيون مجموعه
مدحيات ۽ ٻين مجموعن ۾ آڳاٽيون ڇپيل آهن. |