سيڪشن: ادب

ڪتاب: سنڌي ادب جي تاريخ (جلد- ٻيو)

باب:

صفحو:3

فقير مجاز جي مهميز کانپوءِ حقيقت جي راه جو پانڌيئڙو بنيو، سندس ڪلام حمد، نعت، صفت ساراه ۽ مجاز جو هڪ نمونو آهي. سسئيءَ جي بيان ۾ چوي ٿو:

ڪو دم ڪيچين لئه، جاسين آءٌ جيئنديس.

                        ڏونگر ڏورينديس.

1-    ڪنجڪ منجه ڪريم جي حاضر ٿي آءٌ هلنديس،

2-    چڙهي ڏونگر چوٽئين، پنهل جو پڇنديس،

3-    منارا محبوب جا، ڏوري آءُ ڏسندين،

      فتح وي فراق مان، جوشن ۾ جلنديس.

-

ڪاپڙي ڪن چير، ويا ويراڳي نڪري- الا الا ڪاپڙي.

1-    هڻي ويا حال جون، سڱيون منجهه سرير،

2-    دل هڻي ويا دلق سان، پورو هيڙا فقير،

3-    فتح چئي فراق جي، تن پيئي تڪبير.

ڪافين ۾ مجاز ته مولودن ۽ مداحن ۾ حضور اڪرم (صلي الله عليھ وسلم) جي صفت ساراهه ڪندي فقير جي محبت جامڻ پسنجن ٿا، مديني جي گهوٽ جي در هيئن ٻاڏائي ٿو:

دانهن سُڻي ڪر منهنجو داد، حضرت گهوٽ مديني جا،

1-    جي نه خلقئين حضرت هاشمي، ڪيئن رکجي ها بنياد،

2-    سبب اوهان جي سيدا! عالم ٿيا سڀ آباد،

3-    پاڪ پٺيون اوهان جون، اوهين پاڪ آدم زاد،

4-    فتح چوي  فضل ٿيو، پُني من مراد. (39)

هيئت ۽ موضوعن جي لحاظ کان ڏسجي ته فتح فقير جو ڪلام 18- 19 صدي عسيويءِ ۾ موجود روايتي شاعري، مولود ۽ ڪافيءَ جي نمائنده ڪلام آهي. سندس ڪلام ۾ سنگيت جو انگ ۽ آهنگ نمايان آهي.

پير علي گوهر ”اصغر“ (1816- 1848ع).

پير علي گوهر اصغر، مشحور علمي، ادبي، روحاني ۽ جانباز خاندان جو فرد هو. هن خاندان سنڌ جي علمي روحاني، حريت واري بابت کي رقم ڪيو. هن اعليٰ خاندان کي هونئن پاڳارن پيرن جي نالي سان سڃاڻجي ٿو. علم ادب سان گڏ سکن ۽ انگريزن سان چوٿون کاڌائون. ويهين صدي عيوسيءَ جي ٻئي ڏهاڪي ۾ حضرت پير صاحب پاڳارو صبغت الله سر ڏيئي سرهو ٿيو. اُن کان اڳ سندن ڏاڏو ۽ هم نام پير صاحب سکن سان معرڪه آرائيءَ سبب نامور ٿيو.

هن خانوادو سيد علي مڪيءَ جي اولاد مان آهي. جنهن مان پهريون عالم، عارف ۽ شاعر پير سيد محمد راشد روضي ڌڻي ٿيو، جنهن پير جي ڳوٺ جي گاديءَ کي قائم ڪيو. سندس والد پير محمد بقا شاهه به شاعر ۽ عالم هو. (جنهن جو ذڪر هن ڪتاب جي پهرئين جلد ۾ ٿي آيو آهي). پير اصغر هڪ وڏو شاعر هو، تيئن حضرت روضي ڌڻي به هڪ اعليٰ شاعر ۽ عالم هو. تذڪره لطفي جلد اول ۾ آيو آهي ته ڪتابن جي ڀريءَ سان واٽ ۾ پير محمد بقا شاهه کي ڦورن هٿان شهادت نصيب ٿي. اُهائي علم جي ڀري هن خانوادي جي بزرگن جي سرَ جو سينگار رهي(40).

پير علي گوهر اصغر نه رڳو علم جي راه جو پانڌيئڙو رهيو. بلڪه فارسي زبان جو به ڄاڻو هو. پنهنجي والد سائين صبغت الله شاهه جي وفات کانپوءِ گادي نشين ٿيو. اصغر سائين هڪ عالم فاضل شخص هو. سندس لئبرريءَ ۾ بيشمار ڪتاب هئا. هُو نهايت سادي زندگي گذاريندو هو. ديوان بيدل ۾ آيو آهي ته هڪ ڀيري پير صاحب ڳڙهي ياسين تعلقي جي نم ڳوٺ ۾ آيو. اُتي گهرام فقير پنهنجي هيءَ ڪافي پيش ڪئي:

ناحق وڃايئي نينهن ري، ساري عمر افراد ميان.

ڪافي ٻڌي پير اصغر سائينءَ جي وجد جي حالت طاري ٿي ويئي(41).

پير صاحب جي تعليم ۽ تربيت سندس والد جي هٿ هيٺ ٿي. ڪجهه وقت لاءِ بيدل سائينءَ کي به سندن اتاليق مقرر ڪيو ويو هو. اُن تربيت اصغر سائينءَ جي شعر جي مَلڪي کي وڌيڪ جلا بخشي. اصغر سائين هڪ عالم ۽ شاعر هجڻ سان گڏ هڪ برجستو ۽ منتظم شخص به هو. نئين درگاهه جو بنياد رکڻ، جماعت جي پرگهور لهڻ جو ڪم بهتر انداز ۾ ڪيائين(42). بقول ڊاڪٽر بلوچ جي ته فڪري ۽ ادبي تحريڪ جي اڳواڻيءَ به ڪيائون، پنهنجي والد محرم جي ڪيل ڪم کي مستحڪم ڪندا رهيا. اصغر سائينءَ جي زماني ۾ ڪيترائي عالم، فاضل ۽ شاعر ٿي گذريا، جن مان ڪي سندن خليفا ۽ دوست هئا. انهن ۾ خليفو گل محمد (آخوند) خليفو نبي بخش، خليفو محمود نظاماڻي ۽ فقير عبدالله ڪاتيار ناليوار هئا. درگاه جي خدمت ڪرڻ، ملفوظات کي مرتب ڪرڻ ۾ مصروف رهيا.

آخوند گل محمد ۽ خليفو محمود نظاماڻي ڪڙيي وارا علمي خدمت ڪرڻ ۾ اڳرا رهيا. هن علمي ڪم ۾ اصغر سائينءَ جي والد حضرت صبغت الله شاهه تجر ڌڻيءَ جا ملفوظات به اچي وڃن ٿا.

ڪافين ۽ مولودن ۾ اصغر سائينءَ جي خيالات ۽ جذبات فن جي بلندين کي ڇُهن پيا. بدوي صاحب تذڪري (ج-2) ۾ اهڙو برملا اظهار ڪيو آهي (43). جميعت علماءَ سڪندريه پير جوڳوٺ، اصغر سائينءَ جو ڪلام يڪجا ڪري شايع ڪيو آهي. هن ڪتاب جو علمي مقدمو ڊاڪٽر بلوچ صاحب تحرير ڪيو آهي. ڪافيون مجاز ۽ مختلف سُرن ۾ آهن. مارئيءَ جي ورلاپن کي هيئن ظاهر ڪري ٿو:

ماروئڙن جا ماڳ، ساريو ويٺي ٿي ونجهلان،

1.    کلي کاوان کيت سان، سويو ساڻيهه ۾ ساڳ،

2.    محل ماڙيون بنگلا، دل کي ڏين ٿا داڳ،

3.    خاطي ايندم کيت جو، واري وهلو واڳ،

4.    ماروئڙن جي ملڪ تان، لٿا آهن لاڳ،

5.    ريڍارن ريءَ روح کي، راس نه اچن راڳ،

6.    اصغر جَف القلمُ جا، ويٺي ڀوڳيان سو ڀاڳ.

سسئيءَ جي سورن جو بيان ڪندي چوي ٿو:

ٻاروچي جو ٻاڻ، لڳو آهي جان مگر ۾،

1.    ويهان ڪيئن ڀنڀور ۾، ولهو هي وٿاڻ،

ڀانيان سرتيون سُڃ شهر ۾.

2.    چڙهينديس ڏاڍين ڏونگرين، پُرزا ڪنديس پاڻ،

ڏوري ڏسنديس پار ڏونگر ۾.

3.    ويهانڪيئن ماٺ ڪري، ايڏين سورن ساڻ،

ووڙي لهنديس ور مان وندر ۾.

4.    اصغر چئي آريءَ جو، ٻنڌڻ لاڪون ٻانڌاڻ،

رهندڙ قبر ۾ حشر ۾.

مجاز جي مام ۾ هيئن ٿوي چوي:

معشوق عاشق ڏي مُڪا، اُٺڙا ڪتابن ڀري.

1.    پرت وارا ڪيئن ٿين، پاڻان وڃي پرَ کان پري،

سهڻي سندي ديدار ري، ساعت سِڪايَن ڪاسري.

2.    دڙڪا نه ڀڄائن دَ اُتئون، مشتاق ڪو موتئون مُڙي.

تون وَتين جيئرو اڃان، مشتاق محبن ري مري.

3.    توڙي تَرِن تنهن کي پري، ووءِ ووءِ ڪيون وهلو وري،

اصغر عاشق اعتبار ڪري، ڏس ڍول ٿو تولاءِ ڍري.

ڪافين توڙي مولودن ۾ تمام سلوڻي سنڌي ڪم آندي اٿس.

ڪلام ۾ جذبات جي جهاجهه موجود آهي. تسلسل درياءَ جي وهڪري وانگر آهي.

هن علمي خاندان ۾ پوءِ به شاعر پيدا ٿيا، اُنهن ۾ سيد غلام شاهه راشدي اهم آهي، جيڪو لڏي لاڙ ۾ اچي گولاڙيءَ (بدين ضلعي) ۾ سڪونت پذير ٿيو. ڪن عزيزن سان اڻ بڻت سندس نقل مڪانيءَ جو سبب بني، سنڌيءَ کانسواءِ عربي، فارسي ۽ انگريزي به ڄاڻندو هو. گولاڙيءَ ۾ باقي زندگي رهيو. موسيقيءَ سان به شغف هوس.

غلام شاهه راشديءَ جي ڪلام ۾ سندس ڪافيون نمايان آهن. 1902ع ۾ گذاري ويو. سندس پويان تلهار ۽ گولاڙيءَ ۾ رهيا. غلام شاهه جي ڪافيءَ جو نمونو هي آهي:

دلڙي ديوان ڪري وئين يار، پوءِ ساجن مئيءَ جي لڌءِ نه سار.

1. اُڏر کيانتل ڪڏهن ايندا، دوست دلاسو دل کي ڏيندا،

                           ڪانگل ڪڇ تون خبر چار.

2. پل نه سَري مون جنهن پِرَري، تنهن جانب کان جدا جئري،

                           ڪنهن ڀر ڪج نه ڌڻيم ڌار.

3. تون منهنجو سائين، آءُ تنهنجي ٻانهي، اڱڻ آسروند جي آءُ تون جاني،

                           سوڍل لڳ ستار.

4. سڪ تنهنجي سدا آهي ساه کي، آهه آسا بند اِهو غلام شاهه کي،

                           گهڙي گهڙي گفتار.(44).

صوفي محمد صديق ”صادق سومرو“ (1756-1849ع)

        تصور توڙي شاعريءَ ۾ صوفي صادق فقير مشهور آهي. هن جو بيان سنڌي شاعريءَ جي تاريخ ۾ پهرين خانبهادر ميمڻ آندو ۽ پنهنجي تاليف سنڌ جي ادبي تاريخ (جلد-اول) ۾ ذڪر ڪيائين. اُن کانپوءِ تذڪره لطفي (جلد ٻيو) ۾ آيو. اُتان ٻين احوال ۽ ڪلام ورتو. ڊاڪٽر بلوچ، صوفي صادق جو راڳ نامو ترتيب ڏنو، جنهن ۾ شاعر جي سوانج سندس ۽ ٻين شاعرن جو ڪلام، جو سماع جي محفلن ۾ پيش ٿيو، سو گڏ ڪيو اٿس.

اُن کان سواءِ راڄ محمد پليءَ جو مقالو مهراڻ خاص ڏهسالي نمبر حصو پهريون 55- 1965ع ۾ موجود آهي. صوفي صاحب بابت هي سڀ ڪتاب اسان جا بنيادي ماخذ آهن. صوفي صادق جي ابتدائي زندگيءَ ۽ تربيت بابت ڀروسي جوڳو احوال ڪو نه ٿوملي. البت راڄ محمد پليءَ جي مقالي ۾ اهڙا ڪي انگ اکر آهن، جي هن ريت آهن:

1- صادق فقير جا ابا ڏاڏا اصل ڪڇ جا رهاڪو هئا. سندس والد دين محمد مالدار ماڻهو هو ۽ سنڌ سان اچ وڃ جو سلسلو هوس. ڪن سببن ڪري ڪڇ مان لڏي ڳوٺ ڍوڍاريءَ (تعلقو مٺيءَ) ۾ اچي رهيو.

2- صديق فقير ڪڇ ۽ لاڙ جي واري علائقي ٻنيءَ جي ڀرسان شوال 1170 هه بمطابق 1756ع سومر جي ڏينهن ڄائو.

3- ٺٽي جي نواب کان ڀاءُ جي قتل جو بدلو ورتائين ۽ ڌاڙيل بنيو! پهرين شادي 55 سالن جي عمر ۾ ڪيائين. پوءِ به ٻيون به شاديون ڪيائين.

4- اٽڪل 25 سالن جي عمر ۾ فقير بنيو.

5- جهوڪ ۾ حضرت فضل الله شاهه قلندر جو مريد ٿيو.

6- ڍوڍاريءَ ۽ جهوڪ جي سڪونت کانپوءِ، عمرڪوٽ تعلقي ۾ ڍوري ناري جي ڪناري رهيا جو ڳوٺ هاڻ صوفي فقير سڏجي ٿو.

7- ڪنهن نڪاح ٻڌل زال اغوا ڪري ٻيو نڪاح وجهڻ تان ميرن سان ناراض ٿيا. اُن ڪري ميرن جي زوال بابت ڀورا اچي ڀيل“ وارو مشهور بيت چيائون (45).

صوفي صادق فقير جي سوانح ۾ ڪيتريون ڳالهيون، ڪيترا واقعا آهن. خون جو بدلو وٺڻ، ڌاڙيل ٿيڻ، وغيره. پر اهم واقعو سندس جهوڪ جي شاهه قلندر جو مريد ٿيڻ، شاعر ٿيڻ ۽ راڳنامو قائم ڪرڻ آهي. راڄ محمد پلي توڙي ڊاڪٽر بلوچ هن راڳ نامي جي ترتيب ۽ درگاهن ته پيش ڪرڻ بابت تفصيل ڏنا آهن. مختلف سُر مختلف ڏينهن تي ڳايا ويندا آهن. ڊاڪٽر بلوچ، صادق فقير جي ڪلام بابت لکي ٿو: ”فڪر ۽ فيض جون اعليٰ امانتون جيڪي فقير صاحب پنهنجي پويان ڇڏيون، تن مان ٽي موجود آهي. هڪ فقير صاحب جو پنهنجو ڪلام، ٻيو فقير صاحب جو تصنيف ڪيل دردنامو، ٽيون سندس ترتيب ڏنل هي راڳنامو(46).“

راڳ ۽ سماع جي هن سلسلي کي ڊاڪٽر بلوچ صاحب سمجهائيندي، لکي ٿو: ”سنڌ ۾ ستين صدي هجريءَ کان وٺي سماع ۾ راڳ جو سلسلو وڌيو، جيڪو ڏهين صدي هجريءَ کان وٺي تيرهين صدي هجريءَ وارن چئن سوَن سالن واري دور ۾ اوج ۽ عروج کي پهتو. ٻارهين صدي هجريءَ ۾ حضرت شاهه عبداللطيف (رحه) جي دلپذير ڪلام ۽ ان کي باقاعدي ڳائڻ سان شاهه جي راڳ جو بنياد پيو(47).“

ايئن راڳ ۽ سنگيت جي تاريخ توڙي سماع جي مختلف سلسلن جو بيان ڊاڪٽر بلوچ صاحب پنهنجي مستقبل تصنيف ”سنڌي موسيقيءَ جي مختصر تاريخ“ ۾ به ڪيو آهي. بهرحال راڳنامي ۾ سماع جو هڪ سلسلو آهي. هن ۾ صادق فقير جي ڪلام کانسواءِ ٻيو ڪلام به شامل آهي. شاعرن ۾ شاهه عبداللطيف ۽ ٻيا اچي وڃن ٿا.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب راڳ نامي جي ترتيب جو بيان به ڪيو آهي. لکن ٿا:”فقير صاحب ٻن قسمن جي راڳ جو بنياد وڌو: هڪ درگاهه جو راڳ، جنهن کي سماع سڏيو ويو ۽ جيڪو درگاهه تي ڳايو ويندو. ٻيو مرشد جي حاضريءَ جو راڳ جيڪو سجاده نشين آڏو ڳايو ويندو هو. سماع بنا ساز سرود جي، ۽ حاضريءَ جو راڳ سازن سرودن علي ڳايو ويو(48).“

راڳ نامي ۾ ترتيب جي لحاظ کان پهرين صدا (وائي) ۽ پوءِ بيت رکيل آهن. ائين ئي ڳايا ويا آهن. هن راڳنامي ۾ شاهه جي رسالي وارا سُر ۽ مضمون آيل آهن. البته ڪن سُرن (موکي ۽ وهاڳڙو) جا نالا ٻيا آهن. موضوع جي لحاظ کان سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ سان صادق فقير جي ڪلام جو پورو ڳانڍاپو ۽ تسلسل آهي. زبان به اُهائي آهي، جا شاهه عبداللطيف ۽ قريبي دور جي اهم شاعرن وٽ آهي. وهاڳڙي (راڳ بهاگ) جي هڪ صدا ۾ چوي ٿو:

ساريان ڪو نه ثواب، خاوند خطائون سنڀران،

1-    ناهيم وسيلو وس ڪو، نڪر جيءُ جواب،

2-    ڊڄيو مران ڊپَ ۾، متان اچي عتاب،

3-    نه مون لکڻ لکيو، پڙهيم ڪو نه ڪتاب،

4-    هادي هدايت جو، ساقي ڏيج شراب،

5-    صادق سنگي تن ڀَئه، جي خالق ڪيا خراب.

 کنڀات جيڪو بظاهر محبت ۽ مجاز جو سُر آهي، اُن ۾ درد ۽ فراق جو بيان ڪري ٿو:

اسان سندي ڪا ماءَ، تو پروڙي ڳالهڙي؟

1-    جنهن پر اُڀي آڇئين، سندا سکن ساءَ،

2-    مرضيءَ مرض نه وسري، سهسين سُکَ هُئا،

3-    ڦٽيل کي فراق جو، ڪو جو وايو واءُ،

4-    صادق سور پرين جا، اندر روح رهيا.

آسا به گهڻي ڀاڱي محبت ۽ مجاز جو سُر آهي. صادق فقير اُن ۾ ڪاپائتيءَ وارو مضمون آندو آهي، جنهن ۾ ڪتڻ، وتڻ ۽ ارٽ جو بيان آهي. صادق فقير چوي ٿو:

ڀوري م ڪر ڀاڻ، ڪُوڙو جوڀن تنهنجو ڄاڻ.

1-    ڪتيين وتيين پاڻ کي، ڪهڙو ڪرئين ٽاڻ،

2-    پَهيون کڻ م پاڻ سان، متان پونئي ڪاڻ،

3-    جُه ڪتين پوءِ ڪنبين گهڻو، ٿئين سيڻن ساڻ،

4-    صادق جو پَههُ سڄڻين، تون تند تنهن پرتاڻ.

سُر ڪيڏاري ۾ دستوري ڪربلا واري قضئي جي مضمون سان گڏ اڪثر پنهنجو انداز اختيار ڪيو اٿس. اُن ۾ داخليت نظر اچي ٿي. مثال طور هيءَ صدا اهڙو اظهار ڪري ٿي:

جوتو ڪُٺو ڪَلهه، آءٌ اُهو ئي آهيان.

1-    مون کي ڪُهيو ڪاتيين، واه واه، منهنجي لاهيين کل،

2-    مون کي چاڙهيو سوريءَ تي واه واه، سامهان ڪيئي سل،

3-    ڪڏهن ڪرٽ ڪپار ۾، واه واه، ڪڏهن جيئتري جلَ،

4-    سِر وڍايئي صادقين، واه واه، هُو جي مانجهي ملَ.

راڳنامي ۾ جئن ته ڪيترن شاعرن جا بيت شامل آهن. اُن ڪري احتياط طور فقط نالي وارن بيتن جا مثال وٺي سگهجن ٿا. سُر پورب ۽ بروي جا هي فقط نالي وارن بيتن جا مثال وٺي سگهجن ٿا. سُر پورب ۽ بروي جا هي ٻه بيت ٻئي ڪلام وانگر صوفي صادق فقير جي ڪلام جي ڪيفيت ظاهر ڪن ٿا:

نانگا وڃن نڱيا، تون ويسلي م ويهه،

ڇِنو سڱ سناسيين، ڏيهه ڇڏيوئي ڏيهه،

صادق ويا ساڻيهه، سي ڪرمين ملندئي ڪاپڙي.

صادق سينڌا نه سپرين، ڪڏهن ڏکن ڏکن ڏنجهه،

ڪڏهن هنئين منجهه، ڪڏهن ڇڪي پاڻ ڏي.

صوفي صادق فقير جنهن کي مرشد ”صادق شاهه“ سڏيو ۽ کيس پنهنجو زنده رسالو“ به سڏيو، سو بيشڪ هڪ شاعر به آهي، پر هڪ صاف دل انسان، درويش ۽ فنا في الشيخ فقير به آهي. سندس اولاد ۾ فرزند صوفي بايزيد ۽ صوفي شهاب الدين شاعر هئا. صوفي بايزيد جي هڪ صدا (وائي) هيءَ آهي:

هيءَ دل آهي ماندي، پنهنجي يار پيارل ٻانجهو.

1-    ڪاري هِنَ ڪُنَ ۾، ارادي آندي،

2-    اديون عشق عجيب جي، بره ۾ آهيان باندي،

3-    مانَ مون کي ڪن پرين، وره کان واندي،

4-    بحر ۾ بايزيد چئي، ڪنگ ٿيندا اچي ڪانڌي.

صوفي شهاب الدين چوي ٿو:

درد بنا آهي ڪوڙي بابت، ذات نه ڄاڻان ڪير آءٌ آهيان؟

1-    پاڙي اسان جي پَهاڄيون، کر به اسان سان ڇات،

2-    اوکي ويل اسان سان مرشد، هجي هميشه ساٿ،

3-    هادي ويل هلڻ جي، مون کان ڪلمو چوائين وات،

4-    شهاب الدين ڪرين سو ڪري وٺ، ڦُٽڻ تي آ پرڀات.

صوفي صاحب جي پيار ڪرڻ وارن، مريدن ۽ طالبن جو به هڪ وسيع حلقو هو. جن ۾ هندو مسلم سڀ هئا. صوفي صاحب وسيع المشرب هو. اُن ڪري ڏانهنس ماڻهن جي رجوعات رهي. ساڻس پيار ۽ عقيدت جو رستو رکڻ وارا پروناهي هئا: صوفي ابراهيم شاهه، ڪريم علي فقير، ڀڳت رامچندر، سُرهو فقير حجام، اجيو ساڌ ۽ هري ٻائي ڀڳتياڻي. انهن ۾ اڪثر شاعر به هئا. ڀڳت رام چندر (وفات 1851ع) جا ٻه بيت هي آهن:

ڪلمي سڀ ڪڪوريا، خواجه نبي ۽ شاه،

لڳن رنگ رامچندر چئي، اندر ٿيا اجها،

ڀڃي سڀئي ڀاءَ، نسوروئي نور ٿيا.

-

ڪلمو وڏي قُربَ سان، پائي ويٺو پَر،

اها راه رامچندر چئي، آهي پيغمبري پر،

گُروءَ سندو گهر، اَٿِي اندر جي اوطاق ۾.

صوفي صادق فقير لاشڪ هڪ اعليٰ شاعر ۽ اهل دل انسان هو. هُن چقمق مثل ماڻهن کي ڪشش ڪئي. وسيع حلقي ۾  شعور ۽ صوفي ساڃاهه پيدا ڪيائين.

قنبر علي شاهه ”شريف“ ڀاڏائي (1793-1849ع)

شاهه شريف جي نالي سان مشهور هي شاعر به هڪ وسيع حلقو رکڻ وارو انسان هو. ”شاهه شريف ڀاڏائيءَ جو رسالو“ ڊاڪٽر بلوچ صاحب سهيڙيو آهي. اِهو ئي هڪڙو ڪتاب اسان جو ماخذ آهي. هن رسالي ۾ شاهه شريف جي سوانح ۽ ڪلام سان گڏ سندس فرزند عبدالقدوس شاهه، مريدن فتح فقير ۽ غلام حيدر ٿيٻي (تيرهئي) جي سوانح ۽ ڪلام به ڏنل آهي. فتح فقير جو احوال ۽ ڪلام گذريل صفحن ۾ ڏنو ويو آهي ۽ فقير غلام حيدر جو احوال ۽ ڪلام ايندڙ صفحن ۾ ايندو.

فنبر علي شاهه ولد بچل شاهه جا وڏا اُچ شريف جي بخاري سيدن مان هئا. اُتان سندس ڏاڏو ڇٽن شاهه سنڌ ۾ آيو. پهرين نصرپور لڳ آبڙي ۾ آيو. اُتي ئي ڇٽن شاهه جي آخري آرامگاه آهي. قنبر علي شاهه جو والد بچل شاهه اُتان لڏي ”ڀاڏ“ تعلقي جاتيءَ م آيو. انهيءَ نسبت سان ڀاڏائي سڏجڻ ۾ آيو(49).

کيس اُتي ئي مڪتب جي تعليم ملي. باقي تعليم کيس گنبالي (تعلقو گهوڙٻاڙيءَ) ۾ ملي، جتي پو سندس والد لڏي وڃي رهيو. شاهه شريف جو لاڙو فقيريءَ ڏي ٿيو. عبادتون ۽ رياضتون ڪيائين. رڻ-پٽياڻيءَ ۾ ويجهو هڪ غار ۾ عبادت لاءِ نوَ مهينا وڃي رهيو ۽ فتح فقير هڪ سئو ڏهه فقير وٺي وڃي کيس لڌو (50). ڊاڪٽر بلوچ لکي ٿو ته: درياءَ جي اوڀر ڪناري تي جهوڪ ۾ اُن قوت شاه فضل الله قلندر جو غلغلو هو ته اوله طرف شاه شريف گنبالي ڌڻيءَ جا عقيدت مند ڪهي ايندا هئا. سندس خليفن ۾ پنج فقير وڌيڪ مشهور ٿيا. اُهي هئا: خليفو محمد اسحاق ترڪ، فتح فقير، فقير غلام دل، خليفو سرماڻ جوکيو ۽ خليفو فقير غلام حيدر گرناري(51).

شاهه شريف جا چار فرزند هئا، جن ۾ عبدالقدوس شاهه شاعر ٿيو. شاه شريف تي شاهه جي رسالي جو نمايان اثر ملي ٿو. سندس ڪلام موضوعن توڙي هيئت جي حوالي سان شاهه جي رسالي جو تسلسل آهي. سندس رسالي ۾ شاهه جي رسالي وارا سُر (ڪل 26) آهن. البت ٻه سُر ويراڳ ۽ ڪامول ٻين نالن سان آهن. ويراڳ ۾ ڀڳتيءَ جي موضوع تي چادر دوها آهن ۽ ڪامول ۾ سُر ڪاموڏ (نوري ڄام) جو مضمون آهي. رسالي جو متن سسئيءَ کان شروع ٿئي ٿو، جنهن ۾ سسئيءَ جو هڪڙو ئي سُر آهي. شاهه جي وائي ”ڪارون وس ڪيام“ جو اثر هيئن وٺي ٿو:

مادر موڙ ٻڌام، سَهرا سُورَ ٻڌام

ٿيس جوڳياڻي جڳ ۾،

1-    ٻنڌڻ ٻاروچن جا، پينگهي منجهه پيام،

2-    لُڏي لوڏ لَڪن ۾، سرجي ساٿ ڏنام،

3-    چڙهي ڏاڍي ڏونگرين، ڪيچي قاف ويام،

4-    ساٿين جا شريف چئي، ڏوري ڏيهه ڏٺام.

سسئيءَ جو بيان ڪندي ڪي بيت بلوچي ۽ فارسي گاڏڙ زبان ۾ به چيا اٿس. مثال طور هي بيت:

چندان بار بروم، بروم به پائيس،

نيز رسيدند اورا، ڪسي ڪاروان نيس،

سسئي ساربان نيس، خواهد ديدم دوست را.

شاهه جي رسالي جو نمايان اثر شاهه شريف جي ڪلام تي موجود آهي:

آءٌ نه ورندي ور ري، آئين وريتيون ورو،

پنهون جي پريت جو، پيان ڪو نه پرو،

جي هوند پيتان جَتَ سان، منجهان سڪ سَرو،

پڇيان ڪو نه شرعو، ڪيان منهن محبوب ڏي.

سُر جمن (يمن) ۾ ساقيءَ ۽ پيماني جي ڳالهه ڪندي چوي ٿو:

ساقيءَ جي سخا جو، هنڌ هنڌ آهي هُل،

پياري پياڪن کي، ميخاني جو مُل،

توڙان ناهي تُل، سِر سَري سُرڪ جو.

سامونڊيءَ ۾ چوي ٿو:

بندر منجهه مقام، آيل ڪجا م جيڏيون،

مرحبا سلام، مانَ منهنجو ٿئي.

سهڻيءَ جي نغارن جو ذڪر ڪندي چوي ٿو ته رات اونداهي آهي. پاڻي چمڪي پيو ۽ وڄ پئي کنوي ته ڪهڙو هيبت ناڪ نظارو هوندو! پر آسائتين کي ڪو خوف ڪونهي. شاعر چوي ٿو:

رات اونداهي جر جَهرڪي، وڄ کوندي هوءِ،

وينديس ساهڙ سامهون، ماڻهو  ڪنهن نه پوءِ،

تاسين ڀرم هوءِ، جاسين مِلان مهار کي.

سُر ڪامول (ڪاموڏ) ۾ هڪڙي ئي بيت ۾ سڄو سُر ميڙي گڏ ڪيو اٿس. اُهو بيت آهي سُرَ جو پهريون بيت:

ٻانهيارل ٻانهين، اُلهي ڪُلهي ٻانهن ۾،

نٿ نانگيل نانگلو، جهومڪ جهُوليائين،

ڪُرَ ڪَڙولا ڪٺمال سان، ڳنهر ٻيڙا ٻڌائين.

چوٽو مانگ ڦليل سان، مُحَلل هار هاريائين.

مينديءَ ڦل مڙهيائين، سونهن سيجاوڻ شريف چئي.

عبدالقدوس شاهه

عبدالقدوس شاهه، شاهه شريف جو ٽيون نمبر فرزند هو. چئن ڀائرن ۾ ٽيون نمبر هو. هن جوڪلام ستن سُرن تي مشتمل آهي. جي آهن: سُر سسئي، کنڀات، بروو، راڻو، سارنگ، آسا ۽ مارئي، سُر راڻي مان هڪ بيت هي آهي:

سڻيو هاڪ حسن جي، آديسي اچن،

منجهان ڪاڪ قدوس چئي، پيو پڪ پچن.

ڪيف ڪڪوريا ڪاپڙي، سَري سُرَڪ سچن،

راڻا اُت رچن، لکين لڊاڻي ڪنڌيين.

ٿورڙوئي ڪلام/انتخاب شاهه شريف جي رسالي ۾ آيو آهي(52).

خليفو ڪرم الله (وفات 1856)

هي شاعر شڪارپور جو اهلِ دل هو. هن جو ذڪر فقط پروفيسر بدويءَ تذڪري (جلد ٻئي) ۾ ڪيو آهي. سندس لکڻ موجب خليفو ڪرم الله هڪ اهل الله ٿي گذريو آهي. سندس والد جو نالو حافظ محمد رمضان هو، جيڪو به هڪ خدا رسيدو بزرگ هو. هن خاندان کي ٻين سان گڏ کهڙن وارن بزرگن کان فيض مليو(53). بدوي صاحب لکي ٿو ته زندگيءَ جي اوائل ۾ رنگريزيءَ جو ڪم ڪندو هو، جنهن جا اشارا سندس ڪلام مان ملن ٿا. خليفو ڪرم الله عربي ۽ فارسي زبان جو ڄاڻو هو. سندس شعر سنڌي، سرائيڪي ۽ فارسيءَ ۾ موجود آهي. شايد فارسي ڪلام گهڻي ڀاڱي گم ٿي ويس ۽ ٻيو ڪلام به تلف ٿي ويو. هڪ نظم ”مينا ۽ ڪانءُ“ لکيائين، جنهن ۾ ڪانءُ کي شرير ۽ نفس اماره ۾ مينا کي پاڪيزه انسان ڪري ظاهر ڪيو اٿس (54). خليفي ڪرم الله کي هڪ پٽ ڄائو، جنهن جو نالو نصرالله هو. اُهو به لا ولدهو. هنن بزرگن جون تربتون شڪارپور جي انصاري محلي ۾ آهن.

خليفي ڪرم الله جي ڪلام ۾ بيت، ڪافيون ۽ عزل آهن، تذڪري ۾ غزل اڪثر ڪافيءَ جي انداز جا آهن. مضمون بيشتر رندي طرز جا آهن. چوي ٿو ته جي منصور واري راه وٺڻي اٿئي ته سِڪ جي سُرڪ پيءُ:

منصب منظوري لهين جي، سر ڏيئن ۾ سڪَ،

پرين سان پريت مان، پيءُ پيالا پَڪَ،

تان منجهارون سِڪَ، ڏسين عيش عجيب جو.

دور جي بدلجڻ ۽ ماڻهن جي روين ڦِرڻ جو کيس احساس آهي. چڱن ماڻهن ۽ رذيلن جو فرق محسوس ڪري ٿو. بلبلن ۽ ڪانگن جي ڀيٽ ڪري ٿو:

وقت ويو نيڪن، دور رذيلن جو ٿيو،

باغ وتو ڪانوَن، بلبلا حيران ٿيا،

جڏهن هئي بيٺڪ بلبلن، تڏهن مور ٽليا ٿي باغ ۾،

جڏهن، ڪان ڪان ڪي ڪانوَن، تڏهن ٽيڪو ڪٻڙن جو ٿيو.

مجاز شاعريءَ ۾ اهم جاءِ والاري ٿو. درويش شاعرن به مجاز جي مام ۾ جذبن جو اظهار ڪيو آهي. خليفو ڪرم الله چوي ٿو:

ڇو لڪين ڇاکون ڀڄين، منجهه نِينهن جي نشان ٿيءُ،

جي آهين عاشق سمع تي ، تان تون پچي پروان ٿيءُ،

سچ جو سچا سندرو ٻڌي، منجهه عشق جي نروان ٿيءُ،

ساکون ڇڏي سرجون صفا، محبت اندر مستان ٿيءُ،

وصف ۾ ورونهن سندي، واصف وڃي غلطان ٿيءُ،

ڇڏ وظيفان ورد ٻيا، عاشق اِهو ايمان ٿيءُ،

ڏي جفا جيءَ جان کي، تون جهد ڪر ۽ جوان ٿيءُ،

نامي سندي نعلين تان، ڪرمون وڃي قربان ٿيءُ.

عثمان فقير سانگي (1778-1860ع)

شاهه عبداللطيف، سچل، مصري شاهه ۽ ٻين ڪافي گو شاعرن جو ڪلام ڏسجي ته عثمان فقير سانگيءَ جون ڪافيون اُن زنجير جي اهم ڪڙيءَ مثل آهن. لاڙڪاڻي جو هي شاعر سانگي خاندان سان تعلق رکي ٿو. هن کان اڳ پروفيسر بدويءَ، تذڪري (جلد ٽي) ۾ عثمان سانگيءَ جو ذڪر ڪيو آهي. شڪارپور مان هڪ ننڍڙو ڪافين جو مجموعو ”ڪلام عثمان سانگي“ شايع ٿيو، جو نه رڳو اڻ پورو آهي. بلڪه ان ۾ پڙهڻين جون غلطيون به آهن. مون لاڙڪاڻي جي دوست ڊاڪٽر غلام علي سانگيءَ کان مليل بياض جي آڌار تي عثمان فقير جو ڪلام سهيڙيو جو اڃان اڻ ڇپيل آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25

 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org