بلبل جو فرزند رئيس ضياءُ الدين. ايس. بلبل به
اديب ۽ شاعر هو. سندس باري ۾ مخدوم طالب الموليٰ،
يادرفتگان ۾ هيئن لکن ٿا: ”سندس ولادت وقت جي اهل
الله ۽ مجذوب درويش غلام محمد سوڍر جي دعا سان 15
ڊسمبر 1910ع تي ٿي. مئٽرڪ لاڙڪاڻي مان ۽ 1938ع ۾
ايم. اي (فلاسفي) ۽ ايل. ايل بي عليڳڙه مان پاس
ڪيائين. 1943ع ۾ مسلم ڪاليج ڪراچي ۾ منطق ۽ سنڌيءَ
جو ليڪچر مقرر ٿيو، ليڪن جلدي اچي دادوءَ ۾ وڪالت
شروع ڪيائين ۽ پبلڪ پراسيڪيوٽر مقرر ٿيو. 14 ڊسمبر
1966ع تي وفات ڪيائين. ”سندس غزل جو نمونو هي آهي.
جنهن ۾ شمع پرواني جي مناسبت ملحوظ رکي اٿس:
حرض و هوس جي واءُ نه دل جي وِساءِ شمع،
ڪاري آ ڪاڪ ۾ نه گذارو سواءِ شمع.
ساقي تي مي سبُوتي نظر هئي سڀن جي پر،
پرواني ٿي ڏٺو نه ٻيو ڪجهه سواءِ شمع.
وڌندي وڃي ٿي رات ته ٻڏندي وڃي ٿي دل،
آيو نه شمع رُو مگر تون نڀاءِ شمع.
توکان ضيا ملي هي زماني کي روشني،
رهندو جگر جو داغ ٿي روشن بجاءِ شمع.
(يادرفتگان-ص ص 226-227).
مرزا دوست محمد ”دوست“ (1862-1920ع):
مرزا دوست محمد ”دوست“، مرزا علي بخش جو فرزند هو.
هن جا وڏا اصل خيرپور جا هئا. اُتان حيدرآباد آيا
۽ ٽنڊي آغا ۾ رهيا. حيدرآباد جي ميرن وٽ کين عزت ۽
احترام جي نظر سان ڏٺو ويندو هو. دوست محمد جي
خاندان ۾ مرثيه نويسي ۽ مرثيه خواني جو گهڻو شهرو
هو. مرزا دوست دستوري تعليم کانپوءِ تپيدار ٿيو،
پر مير نورمحمد جي چوڻ تي اُن جو ڪم سنڀالڻ لڳو.
مرزا دوست محمد سانگيءَ جو مصاحب هو. سانگي هڪ شعر
۾ چوي ٿو:
آهي دوست ۽ حيدريءَ جي جواني،
اسان ۽ گدا سا وساري عزيزو.
گدا، مرزا دوست جو اُستاد هو. مرتضائي ۽ گدا جي
شعري معرڪي ۾ مرزا دوست، گدا جو طرفدار هو. مرثين
سان گڏ مرزا دوست جا غزل به آهن:
هجر ۾ محبوب جي جند جان ڳاريو ڳاريان،
آرزو ۽ وصل ۾ ڳوڙها آءٌ هاريو هاريان.
هجر جو بيان ڪندي چوي ٿو ته هن آڙاه کي ٺارڻ لاءِ
محبوب جو وصل ئي علاج آهي:
سوزِ هجران هڪ طرف ۽ ٻي طرف آڙاه عشق،
شال تن کي وصل دلبر جي سان ٺاريو ٺاريان.
نقش پاتان سر قربان ڪرڻ جي ڳالهه هيئن ڪري ٿو:
جي اچي منهنجي اڱڻ ۾ پيرڙا پائي پرين،
نقش پاءِ يار تان سر ساه واريو واريان.
-
رات مرڪي مون کي چيو محبوب منهنجي منهنجا دوست،
آءٌ ته تو جهڙا سوين عشاق ساريو ساريان.
اڪثر ڪي انوکا قافيه به رکجن ٿا. اُنهن ۾ اهڙا لفظ
به اچن ٿا جي ڇرڪائيندڙ به آهن. اُنهن جي پورت به
ٻين شاعرن وانگر مرزا دوست محمد ڪئي آهي:
جوت جانيءَ جو جئن ڏٺئين جهٽڪو،
دل ۾ عاشق جي تئن ٻيو ڦٿڪو.
عشق جي درد جي دوائن لئه،
مون ڇڏيو شهر ڪو نه ڪو هٽ ڪو.
ساري عالم جا مون حسين ڏٺا،
پر نه تنهنجو سڄڻ ڏٺم مٽ ڪو.
يارو وعدو ڪيو اچڻ جو اڄ،
مون کگ ُهرجي ٿو مي سندو مٽڪو.
وار واسينگ جئن ڇڏيئين ڇوڙي،
قيد ڪيئين زلف جو وجهي وٽڪو.
دوست دلدار مون کي تون ڏيکار،
غمزه و ناز ۽ نئون نٽڪو.
حسن جي ناز سان ڪيئين بيهوش،
توڻي عاقل حريف ڇا ڄٽڪو.
دوست ڪر عليءَ جي تون به صفت،
روز شب جنهن طرح ڪَهي ڀٽڪو.
مرزا دوست جو ديوان (قلمي) موجود آهي.
(مرزا دوست محمد جو احوال ۽ ڪلام ڊاڪٽر اياز
قادريءَ جي ڪتاب ”سنڌي غزل جي اسور (جلد -2) تان
ٿورن سان ورتل آهي).
مير علي نواز علوي شڪارپوري (1853-1924ع):
شڪارپور جي مشهور عالم ۽ اسڪالر شاهه فقير الله
علويءَ جي خاندان مان مير علي نواز علوي هڪ صوفي،
منتظم، حڪيم ۽ شاعر ٿي گذريو آهي. هن جو ڪلام اڳ
به ڇپيو آهي ۽ ويهين صديءَ جي آخري چوٽ ۾ ٻن جدا
جدا ترتيب ڏيندڙن طرفان ڪليات علوي جي شاعت ٿي
آهي. پهرين 1982ع ۾ ڊاڪٽر نواز علي شوق شايع ڪيو ۽
پوءِ 1993ع ۾ عبدالخالق راز ڪليات علوي شايع ڪيو.
هي ڪتاب ليکڪ جي پي ايڇ. ڊي ٿيسز آهي. مواد جي
لحاظ کان بي ترتيب به آهي ۽ هن ۾ مقدمو 184 صفحن
تي آهي، جنهن ۾ شاهه فقير الله ۽ تصوف جي سلسلن تي
وڌيڪ مواد شامل ڪيل آهي. ڪل 50 پيڙهين ۾ نسب جو
سلسلو حضرت آدم سان ملايل آهي. ڪلام سنڌي،
سرائيڪي، اردو ۽ فارسي ڪل 70 صفحا آهي. شڪارپور جي
هن شاعر جو سنڌي ڪلام ٿورن غزلن، نعتن، ڪافين ۽
ڏوهيڙن تي مشتمل آهي.
علي نواز علوي ولد فخر الدين علوي، شاهه فقير الله
علويءَ جو پڙپوٽو هو. تحصيل علم کانپوءِ سماجي ۽
ادبي زندگيءَ ۾ نمايان ٿيو. ٽي شاديون ڪيائين. کيس
نرينو اولاد ڪونه ٿيو. سندس رهڻي ڪهڻي سادي هئي.
دهلي، اجمير زيارتن لاءِ ۽ ڀارت جي ٻين وڏن شهرن
جو به سيف سفر ڪيائين. ڪلام کانسواءِ حڪمت تي به
لکيائين ۽ ٻيون تصنيفون به اٿس.
ذڪر ڪيل ٻنهي ڪليات ۾ ٿوروئي ڪلام آهي. ڪليات علوي
(عبدالخالق راز) ۾ غزل رديف ڄ کان شروع ٿين ٿا.
اِن مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته باقي ڪلام
گم ٿيل آهي. پهريون غزل به حقيقت ۾ نعت آهي. غزل
توڙي ڪافيءَ ۾ علوي هڪ مقلد شاعر آهي. پنهنجي دور
جي تقليد ڪئي اٿس. مثال:
آءٌ ادا قاصي اچي ڏي ڪوسنيهو يار جو،
لطف سين ڏي حال سهڻي سيدالابرار جو.
غزل جي هيئت ۾ علوي نعتيه ڪلام موزون ڪيو آهي.
اڪثر غزل ۾ مطلع نعت جو آهي ۽ ڪي وچ جا شعر غزل جي
موضوع تي آهن. مثال:
نبي نينهن تنهنجو جڏهن جڳ ۾ آيو،
چمن عاشقن چاهه مون سِرَ تي چايو.
-
وجهي منهن تي محبوب زلفن جو پردو،
سڄڻ سج کي ڇو ابر ۾ ٿا ڇپايو.
غزل ۾ نظم جو رنگ به اڪثر رکيو اٿس:
ڪين گهرجي دوستي دنيا سندي ڪنهن ڍنگ سان،
مال سان، فرزند سان، عالم جي ڪوڙي رنگ سان.
ڪي رهن مشغول جي دورنگي شوق ۾،
ڪن جي آ دل بستگي هردم حسابي انگ سان.
جذبات جي وارفتگي ۽ جوش علويءَ جي ڪلام ۾ مجاز
بجاءِ حقيقت جو رنگ ڀريو آهي.
حسن تنهنجي جي ڪريان ڪهڙي ڪهاني جاني،
ڪونهي ڪونين ۾ تنهنجو ڪو ٻيو ثاني جاني.
عالم ارواح سندو منهنجو الستي اقرار،
برهه تنهنجي جو اچي خاص ٿيو باني جاني.
علويءَ جون ڪافيون ۽ ڏوهيڙا به ٿورائي آهن، اُن
ڪري انهن جي پوري پرک ٿي نٿي سگهي (39).
مير عبدالحسين خان سانگي (1851-1924ع):
غزل جو هڪ بهترين شاعر مير عبدالحسين خان سانگي،
سنڌ جي آخري ٽالپر حڪمران مير نصير خان جو پوٽو
هو. حڪمران خاندان ۾ جو شاعريءَ جو ذوق هو، اُن جي
تڪميل مير حسن ۽ مير سانگيءَ تي ٿي. حڪمران خاندان
۾ اڳ به ڪي مير عربي، فارسي، اردوءَ ۾ ڀڙ هئا.
سندن علمي ڪارنامن تي محترم مرزا گل حسن احسن
ڪربلائي مقالا لکيا آهن. اردو ۽ فارسيءَ ۾ شعر چوڻ
سان گڏ انهن جا سنڌي شعر به آهن (40).
مير فتح علي خان فاتح سنڌ جو فرزند مير صوبدار خان
( 1802-1846ع)، جنهن کي چاچن کان حڪومت ۾ حصو نه
مليو. اُن ڪري انگريزن سان ملي سازش ڪيائين. سندس
تخلص مير هو. فارسيءَ ۾ ديوان هوس. اُن مان هڪ
سنڌي غزل مليو آهي، جنهن جا ڪجهه شعر هي آهن:
ساقي مي رنگين ڏي تان يار تان صدقي ٿيان،
مکڙيون ٽڙي سڀ گُلَ ٿيون گلزار تان صدقي ٿيان.
جان جوشون ڏک کان ٿي جئن باهه کان ٽهڪي ديڳ،
پنهنجي ڏک ۾ سڙيل دل جي هن سنسار تان صدقي ٿيان،
سوين يوسف ويا گم ٿي انهيءَ چاههِ زنخدان ۾،
مُقرب ۾ زليخا جي اظهار تان صدقي ٿيان.
ڪڏهن جور و ستم توکي ڪڏهن ميل مروت پڻ،
انڪار تان صدقي ٿيان اقرار تان صدقي ٿيان.
آخري حڪمران مير نصير خان ٽالپر (1804-1845ع)، جو
تخلص جعفري هو. فارسي ۽ اردو ڪلام جو شاعر هجڻ سان
گڏ ڪي مرثيا ۽ غزل سنڌيءَ ۾ به اٿس. اُن سان گڏ
سرائيڪيءَ جو به شاعر هو.
مير صاحب نصير خان جي ٻن غزلن مان ڪي شعر حقيقت جا
ترجمان آهن. پهرين شغرن ۾ حڪومت جي وڃڻ تي چرخ
گردُون جي شڪايت ڪري ٿو:
اعتماد هو جن عزيزن دوستن تي دائما،
ويا ڇڏي گُوندر تن کي نه هاڻي ياد ڪر،
آهي بيوطني ۽ دربدري ۽ پڻ قيد و بلا،
زندگي آهي زهر ڪا يا خدا امداد ڪر،
ڪم نه ڪيو آهي ستم مون تي نصارن چرخ پير،
توکي به جيڪي وڻي تون ڀي مٿم بيداد ڪر.
-
نه وڃي دل مان خيال رخ جانان هرگز،
خانهءِ، عيش نه ٿي خانهءِ ويران هرگز،
حسن وارن ۾ آهين تون شهر خوبان لاريب،
تو مثل هوندو نه ڪو حسن جو سلطان هرگز،
ڪِشورِ حسنِ پري رُو جو قبضو ٿئي سندم،
مفت ۾ ڀي نه وٺان مُلڪِ سليمان هرگز.
اهڙيءَ طرح مير شهداد خان حيدرآباد (وفات 1857ع)،
مير حُسين علي خان (وفات 1878ع) ۽ ٻيا سنڌيءَ جا
به شاعر هئا. سانگيءَ کي هي پسمنظر هو. انگريزن جي
قبضي کانپوءِ ٽالپرن حاڪم ڪلڪتي جلاوطن ٿيا. اُنهن
۾ مير نصير خان جو فرزند مير عباس علي خان به هو.
جنهن هڪ انگريز خاتون سان شادي ڪئي. اُن بيگم جو
نالو بيبي بلقيس مشهور ٿيو. عبدالحسين ان بيبيءَ
جو فرزند هو ۽ 1851ع ۾ ڄائو. اڃان ڇهن ڏينهن جو هو
ته والده گذاري ويئي. مير عباس عليءَ ٻي شادي ڪئي.
مير عباس عليءَ شينهن جو به شڪار ڪيو هو، پر 1857ع
۾ مرغابين جي شڪار لاءِ سندر بن پئي ويو. حسن علي
خان ۽ عبدالحسين به ٻيڙيءَ ۾ هئا. اوچتو مير عباس
علي خان کي سندس ئي بندوق مٿي وٽ ڇُٽي ويئي ۽ مير
صاحب گذاري ويو (41). 1859ع ۾ مير آزاد ٿي سنڌ
پهتا. اُن وقت مير عبدالحسين سانگيءَ جي عمر اٽڪل
اٺ سال هئي.
مير عبدالحسين جي حيدرآباد پهچڻ تي هڪ جذباتي
واقعو ٿيو، جو سندس دوست مير گل حسن خان جي زباني،
خود سانگيءَ جي ٻڌايل ڳالهه تي آڌار رکي ٿو. جڏهن
سانگي اندر حرم سراءِ ۾ ويو ته سندس ڏاڏي بيبي
شهربانو ۽ ٻيون خواتين موجود هيون. کانئس پڇڻ
لڳيون ته بابا ٻڌاءِ اسان مان تنهنجون عزيزياڻيون
ڪهڙيون آهن؟ ته ننڍڙي عبدالحسين چيو ته آءٌ پنهنجا
ويجها عزيز ڪلڪتي ۾ ڇڏي آيو آهيان. ايترو ٻڌڻ سان
خواتين ۾ روڄ راڙو پئجي ويو(42).
عبدالحسين کي تعليم ڏيارڻ جو بندوبست ڪيو ويو. ان
دوران سندس چاچو مير حسن علي خان به ڪلڪتي مان
ڌرين سان ڪار وهنوار ڪري پنهنجي جائداد جو انتظام
ڪري حيدرآباد پهتو ۽ عبدالحسين جي اعليٰ تعليم
لاءِ هالن جي آخوند احمد سانوڻيءَ کي مقرر ڪيائين،
جيڪو شاعر ۽ عربي فارسيءَ جو ڄاڻو به هو. زندگيءَ
جي معاملن ۾ توڙي انگريزن ۽ ٻين اهم ماڻهن سان
اُٿڻ ويهڻ جي تربيت ڏيڻ ۾ مير حسن علي خان،
عبدالحسين جي گهڻي مدد ڪئي.
جواني اچي پهتي. زندگيءَ ڪر موڙيا. حڪومت طرفان
هزهائينس جو خطاب مليو. دريا جي قريب نئون بنگلو
جُڙيو. نوجوانيءَ ۾ ملاحن جي هڪ دوشيزه حاجران
(ڪٿي جنت نالو آيو آهي) سان مکا ميلو ٿيو ۽
عبدالحسين، ”سانگي“ بنجي ويو. شڪار ڪرڻ وارو مير
عبدالحسين خود شڪار ٿي ويو. چيائين:
پاڻ آهيان شڪار ٿيو هاڻي،
سانگي ڪهڙو وڃي شڪار ڪريان؟
اُن خاتون سان شادي ٿي ۽ سانگي اُن خوشي ۾ روماني
وادين مٿان پرواز ڪرڻ لڳو. هيڏانهن مربي چاچي ۽ دل
گُهرئي دوست مير حسن علي خان سان ملاقاتون ۽ روح
رهاڻيون ته هوڏانهن من گهرئي جيون ساٿيءَ سان روح
رچنديون، سانگيءَ جو حال هي هو:
منٺار مٺي يار کي صورت ڏني موليٰ،
مون کي انهيءَ مهروُ جي محبت ڏني موليٰ،
الله آهي منهنجيون ڪيون پُوريون،
منٺار مليو روح کي راحت ڏني موليٰ،
حاصل ٿيو رقيبن کي جدائيءَ جو جهنم،
سانگيءَ کي ته جيئري آهي جنت ڏني موليٰ.
-
اسان جو عشق عالمگير هاڻي پير ٿيو آهي،
ڪيئن نخچير ٿي سو خود نخچير ٿيو آهي.
اِهي خوشيون ۽ شادمانيون راس نه آيون. سانگيءَ جي
من گُهري محبوبه ۽ راڻي 1874ع خُناق جي مرض وگهي
وفات ڪري ويئي. اِن دک ڏيندڙ صورتِ حال تي
خانبهادر ميمڻ هي ٺهڪندڙ رايو ڏنو آهي: ”مائيءَ جو
وفات ڪرڻ ۽ مير صاحب جو پاڻيءَ مان نڪرڻ، حيدرآباد
۽ ڀٽ شاهه جي وچ ۾ اُگهارين پيرين اچڻ وڃڻ، راتين
جون راتيون گنجي ٽڪر تي سسئيءَ وانگر پير پٿون
ڪرڻ، مجنون ۽ رامق کي به شهه ڏيئي ڇڏيائين (43).“
شاعريءَ جا ٽي ديوان سندس دل جا ترجمان آهن.
هلياسون واديءَ مجنون ڏي هڻندا نينهن جو نعرو،
چيو ٿي چاهه مان هر هڪ اجهي ساني سفر نڪتا.
-
دردن ڪئي آهه ڌام ڌوم دل ناتوان تي،
صدما هزار رسيا آهن، منهنجي جان تي.
واچوڙي وانگر ڦرندو وتان آءٌ روزشب،
آهيان ڪڏهن زمين تي ڪڏهن آسمان تي.
حالت ڪهڙي هئي، جنهن کي واچوڙي جي تشبيهه سان بيان
ڪيائين. پر نه اڃان به دل جو حال دگرگون هو.
چيائين:
جنهن مون کي ٿي ڏٺو ٿي چيو تنهن چريو چريو،
پنهنجي پرينءَ ڏي مون جي ڏٺو ٿي وريو وريو.
همدرد ۽ همدم به هيءَ حالت ڏسي بيقرار ٿي ويا.
اُنهن جي صلاح سان ۽ ڪجهه پنهني ميل جول سان معالج
ڊاڪٽر رائيٽ جي ڌيءَ سان 1877ع ۾ سانگيءَ جي شادي
ٿي.د ردن جي ڌام ڌوم جو دور ختم ٿيو. اُن سلسلي ۾
چوي ٿو:
سچ آهي سنگِ، سخت کان انسان سنگدل،
جن ري نه دم سريو ٿي سو سانگي سريو سريو.
هن بيگم جو نالو به سانگيءَ جي والده وارو ساڳيو
يعني ”بيبي بلقيس“ ڄاڻايل آهي. 1879ع ۾ فرزند مير
خدايار خان ڄائو. 1883ع ۾ ٻيو فرزند ايزد يار خان
ڄائو. اُهو ٿوري عرصي کانپوءِ گذاري ويو. ٽيون
فرزند احمد يار خان ڄائو. تڏهن سانگيءَ جي عمر
پنجاهه سال هئي. خدايار خان کي فرزند عباس علي خان
1908ع ۾، ۽ حسن علي خان 1909ع ۾ ڄاوا (45). مير
سانگيءَ کي ڀٽ شاهه جا پنڌ ۽ شڪار جا شوق جاري
رهيا ۽ مشق سخن ٻه جاري رهي. کيس مئجسٽريٽ جو منصب
به مليو. مئي 1924ع ۾ موت جي بيماري سانگيءَ جي
سيرانديءَ کان اچي بيٺي ۽ 12 جون 1924ع ۾ هن جهانِ
رنگ و بو ۽ ديارِ حسن و عشق کان آزادي ماڻي،
محبوبِ حقيقي جي حضور حاضريءَ لاءِ روانو ٿيو.
ڪجهه وقت والد جي پهلوءَ ۾ آرمي ٿيو ۽ پوءِ وصيت
موجب مٺي مرشد شاهه عبداللطيف ڀٽ جي بادشاهه جي
پيرانديءَ آرام جو شرف حاصل ٿيو.
سانگي ڪو حڪمران خندان جو فرد شهزادو ۽ عام شخص نه
هو. هُو هڪ نيڪ انسان ۽ اعليٰ ڪردار جو مالڪ توڙي
هڪ انصاف پسند منصف ۽ پُردرد ٽن ديوانن جو مصنف به
هو. سندس سِٽ سِٽ درد جو، حسن جو، هجرو وصال جو
۽عشق جو دفتر آهي. تمنا ڪيائين ته:
هٿڙن ۾ حسينن جي مهه و سال مڪرر،
سانگيءَ سندو ديوان هجي بس ٻيو نه هجي ڪو.
سانگيءَ جون تصنيفات هي آهن:
1- سوز سانگي (ڪافين جو مجموعو).
2- لطائف لطيفي (سوانح شاهه عبداللطيف)، ڇپيل.
3- ديوان سانگي (جلد اول)، پهريون ڀيرو 1903ع ۾
ڇپيو.
4- ديوان سانگي، (جلد دوم) پهريون ڀيرو 1904ع ۾
ڇپيو.
5- ڪهاڻي محبت هاڻي: قصو-1904ع ۾ ڇپيو.
6- آکاڻي رات وهاڻي، قصو، 1904ع ۾ ڇپيو.
7- قصص راحت افزا، قصا، افسانا، 1904ع ۾ ڇپيو.
8- قصه دلچسپ ، قصو، 1904ع ۾ ڇپيو.
9- داستان فرحت افزا، قصو، 1904ع ۾ ڇپيو.
10- ديوان سانگي (جلد سوم) هي ٽيون ديوان اڳ ڇپيل
ٻن ديوانن سان گڏ پهريون ڀيرو ”ڪليات سانگي“ ۾
1969ع ۾ ڇپيو.
اِهو ئي ڪليات قرب وارن جي هٿ ۾ آهي. سانگيءَ جي
ڪلام ۾ ٻيون صنفون به شامل آهن، پر سانگي غزل جو
شاعر آهي. غزل ۾ پنهنجي دل کولي اسان جي اڳيان رکي
اٿس. مشڪل آهي سندس غزل جي ڪٿ ڪرڻ، پرک ڪرڻ، پورو
سمجهڻ ۽ سمجهائڻ. پير سانگي شاعر محبت آهي. اُن
ڪري محبت ذريعي ئي هن ڪلام جي زبان، بيان ۽ اسلوب
کي رسي سگهبو. ڪليات ۾ اردو ۽ فارسي غزل به آهن.
هتي سنڌي غزل ئي اسان جو موضوع آهن. سندس اُستاد
گدا، سائين فاضل شاهه، حافظ حامد، ماتم، مخلص،
مرتضائي، وڏل حيدري ۽ ٻين جو ذڪر ٿي آيو. ڏسون ته
غزل، هرڻ جي پٺيان سانگيءَ ڪهڙا ڪونتل ڪڏايا! ترڪِ
وطن سان ماڻهن جا رويا به بدليا. اهڙو ڪو خزان
وارو واءُ ويو جو مرغان چِمن به بگڙي پيا:
تڏهن ترڪِ وطن ڪيوسون جڏهن اهلِ وطن بگڙيا،
جي بگڙڻ جا نه هئا، اهڙا به يارانِ ڪُهن بگڙيا.
آهي اهڙو اچي آخر ۾ قسمت کي خزان ورتو،
چمن جو سير ڪيوسون ٿي مُرغانِ چمن بگڙيا.
هوا اهڙي لڳي آهي جو پنهنجي پنهنجي مذهب کان،
مسلمان و ڪرستان و يهود و برهمن بگڙيا،
اثر صحبت جو بيشڪ ٿئي ٿو مون کي ٿيو يقين آهي،
زماني جي بگڙجڻ کان ته مردن جا سخن بگڙيا.
نه بگڙي دل گهُريو دلدار منهنجو مھ لقا مون سان،
رقيبت روسياه جهڙا هزارين مر وتن بگڙيا.
سانگي حقيقيت پسند ۽ کلي ڳالهه ڪرڻ وارو آهي. ذڪر
حسن جو هجي، عشق جو هجي يا عشق زار هجي. محبوب جي
زلف جو بيان هجي ته چوي ٿو:
چيو مشاطه: زلف نازنين آهي ننڍا آخر،
بلاي جان تڏهن ٿيندا جڏهن هي پيچ پائيندا.
نوخيز محبوبن جو انداز عاشقن کي ڪيئن نچائيندو.
اُن جو به شاعر کي احساس آهي، چي:
اِهي محبوب نوخيزا سڄو عالم نچائيندا،
پرت مان نينهن جا نورا جڏهن پيرن ۾ پائيندا.
پر پنهنجي عشق جي ڳالهين جي اهميت سانگي ڄاڻي ٿو،
جو برملا چوي ٿو ته:
اسان جي عشق جون ڳالهيون ادا ڳوٺن ۾ ڳائيندا،
اسان جي نظم کي مُطربَ ته سازن تي سُرائيندا.
بر وڏو بار گهڻو، عشق راند ڪونهي، جنهن کي سِرَ جو
سانگو نه هجي سو هن پڙ ۾ پير پائي. سانگي راه محبت
۾ متارن جا به مٿا ڪُوڙيل پسي ٿو:
ويا شوخن جي سامهون شان نڪري شاندارن جا،
ڏٺم راهِ محبت ۾ مٿا ڪوڙيل متارن جا،
ڪئي مون عمر ساري صَرف پنهنجي عشقبازيءَ ۾،
سَٺم سِرَ تي سوين صدما پرت مان پنهنجي پيارن جا.
سندءِ هي آه و زاري، بيقراري بي سبب ناهي،
اي سانگي سچ چوان توکي پون ٿا پور پيارن جا.
اعتراف ڪرڻ ۾ سانگي منفرد ۽ يگانو آهي:
ادا ڙي اسين آهيون عاشق مزاج،
آهي سر اسان جي تي وارن جو تاج،
اسان عشق کي آهي مشهور ڪيو،
اسان کان لڌو عشقبازيءَ رواج.
”هاٿيءَ کي هندوستان ياد ڏيارڻ“ وارو ماحاورو هيئن
بيان ڪري ٿو:
ٿو ڏين ياد هاٿيءَ کي هندوستان،
نه چاڙهاءِ ٻانهُن تي اي يار عاج.
ڊگها ۽ موزون رديف به سانگيءَ جي ڪلام ۾ حسن پيدا
ڪن ٿا. اُنهن جو تڪرار به دلچسپ آهي. سوال پڇڻ جي
انداز ۾ چوي ٿو:
عشق بازي ڪجي، ڪجي نه ڪجي،
روح راضي ڪجي، ڪجي نه ڪجي،
جي حقيقي نه ٿئي عشق حاصل،
ته مجازي ڪجي، ڪجي نه ڪجي.
ڪافيءَ جو انداز ۽ حسن توصيع به ڪن غزلن ۾ آهي.
هونئن مارئي ۽ ٻين سُرن ۾ توڙي مجاز جي رنگ ۾
سانگيءَ جون ڪافيون به موجود آهن. صنعت ترصيع جو
هڪ مثال هي آهي:
تنهنجا سهنا آهن ڏند پرين، سي ڏند آهن دلبند پرين،
تنهنجا لب شيرين از قند پرين، سندءِ ڪارا وار ڪمند
پرين.
صنعت سوال جواب جو بهترين مثال هي آهي:
چيو مون يار کي: آخر سندءِ خدمت ۾ اينداسون،
چيائين: جنهن جو لائق آهين تهڙا سور ڏينداسين.
چيم: ڇوٿو نپوڙين هن دلِ خوني کي اي دلبر،
چيئين: هن رنگ نازڪ سان اسين هٿڙا رنڱينداسون.
چيو مون: بعد منهنجي شال ايندين منهنجي مرقد تي،
چيئين: توده جي ڏسنداسون لتاڙي تنهن کي وينداسون.
چيو مون: سُن غزل مون ڏي تون کڻ چشم غزالي کي،
چيئين: اهڙين رڙين سان ڪين هر گز رام ٿينداسون.
چيم: ڪر ڌيان اي دلدار آءٌ عبدالحسين آهيان،
چيئين: تو وٽ اچڻ کان ڪربلا ڏي ڪاهي وينداسون.
برهه جي بيقراري ۽ ماڻهن جي لاتعلقيءَ بابت چوي
ٿو:
بهه ۾ يار بيقرار آهيون،
درد تنهنجي جا داغدار آهيون.
ٿا ڏسون آهي دل گران هرڪو،
دوست دشمن جي دل تي بار آهيون.
-
جو اکين سان نه ڏٺو ڪنهن سو ڏسون ٿا يارو،
جو ڪنن سان نه ٻڌو ڪنهن سو ٻڌون ٿا يارو،
جا وفا بعد اسان جي ڪئي اسان سان پنهنجن،
سڀڪي ڄاڻون ٿا مگر ڪين ڪڇون ٿا يارو،
دل جي ڪهڙي حالت آهي:
آرزو ڪهڙي ڪريون دل آهي ورهن کان وئي،
پنهنجي دل لئه سدا پاڻ سڪون ٿا يارو.
هو جوانيءَ ۾ حسينن جي ڏسڻ لاءِ وڃڻ،
پاڻ کان پاڻ ته پيريءَ ۾ وڃون ٿا يارو.
پر پوءِ به محبت جي درياءَ جو شنارو سانگي چوي ٿو:
سانگي درياي محبت جا شناور آهيون،
واه لهرن ۾ محبت جي لڏون ٿا يارو،
ڇو جو خوبن جي سحر مان آزادي ته ملڻي ناهي. توڙي
جو بقول سچل سرمست ڏاڙهي اڇي ٿي وڃي:
خوبن کي خَلاصي نه هِتي ۽ نه هُتي آهه،
دل منهنجي اُداسي نه هِتي ۽ نه هُتي آهه.
سانگيءَ جو هي شعر ته پهاڪي جي حيثيت وٺي چڪو آهي:
لانڍي هجي لوڙهي ۾ رهڻ لاءِ ڪکن جي،
ڏيکارجي دشمن کي مگر لوڏ لکن جي.
دل گهرئي دوست جو ڌيان ڇڪائڻ لاءِ شعرن ۾ اشارا
ڏبا آهن، ڪي رمزون رکبيون آهن ته ڪڏهن دل کان يا
دنيا وارن کان ڪي سوال پڇبا آهن. سانگيءَ وٽ به
اهڙيون رمزون موجود آهن. چي:
دل کسي ويندين نه ڏيندين مون کي معلوم نه هو،
اهڙو تون ٿيندين نه ٿيندين مون کي معلوم نه هو.
مون ٿي ڀانيو اي مٺا مون سان سدائين هوندين،
پر جي ويندين ته نه ايندين مون کي معلوم نه هو.
منهنجي دشمن کي اي دلدار پرين منهنجي اڳيان،
پنهنجي مجلس ۾ سڏيندين مون کي معلوم نه هو.
وري ڪنهن ٻئي جي گرفتار ڪرڻ جي خاطر،
وار ونگڙا تون وٽيندين مون کي معلوم نه هو.
پهرين چپڙن جي مٺا يار چکائي ماکي،
وري ڏينڀن جئن ڏنگيندين مون کي معلوم نه هو.
عاشق کي ته ڪابه خبر نٿي پوي ته محبوب دل کڻي ٿو
يار رکي ٿو:
نٿو معلوم مون کي ٿئي ته مون تي،
پيارو دل کڻي ٿو يا رکي ٿو؟
محبوب جو ساٿ ئي زندگيءَ جو مقصد آهي:
دلربا گهر ۾ هو ته سڀڪي هو،
نازنين ڀر ۾ هو ته سڀڪي هو.
يار نه آيو مگر بخاطر يار،
خيال جي در ۾ هو ته سڀڪي هو.
سانگيءَ ماضيءَ جي ڳالهين کي، واقعن کي ۽ دلي جذبن
جي گذريل گهڙين کي گهڻو ياد ڪيو. اُنهن لمحن مان
ڪن جون يادگيريون هي آهن:
جي سهڻو پاڻ سڏائي ويا،
البيليون اکيون اٽڪائي ويا.
چپ چاشني دار چکائي ويا،
سُتي سورن کي ته جڳائي ويا (46).
گذري جي ويا سي زمانا ياد پيا،
وسري جي ويا سي ترانا ياد پيا.
وادي مجنون ۾ ڏسندي سنگ و خار،
عقل وارن جا خزانا ياد پيا.
- ۽ ٻيا ڪيئن موقعا محبوب کي ياد ڪرڻ جا، گل
ڏسجي ته ياد پوي ۽ بلبل ٻولي ته به ياد پوي. موتي،
يا قوت يا مرڪڻ جو ڪو نُڪتو هجي، دوست ياد پوي:
گُلَ کي جڏهن چمن ۾
ڏٺو مون ته ياد پئين،
بلبل کي چهچهن ۾ ڏٺو مون ته ياد پئين.
زلف رسا کي ساري پريشان ٿيو منهنجو حال،
جي مُشڪ کي ختن ۾ ڏٺو مون ته ياد پئين.
دلبند آهن سندءِ دُردندان باصفا،
موتي جيڪو عدن ۾ ڏٺو مون ته ياد پئين.
جيڪي به ڏٺم توکي ڏٺم تو بنا نه ٻيو،
جي پنهنجي پيرهن ۾ ڏٺو مون ته ياد پئين.
توکي جڏهن پسند رهي منهنجي بي پَري،
جي مرغ ڪو پرن ۾ ڏٺو مون ته ياد پئين.
آوارگي پسند جڏهن منهنجي توکي ٿي،
گهاريندو ڪو گهرن ۾ ڏٺو مون ته ياد پئين.
عبدالحسين جنهن سان ڪجي ڳالهه حال جي،
لائق جي ڪو لکن ۾ ڏٺو مون ته ياد پئين.
سانگيءَ جون ڪافيون به غزل وانگر عشق جي واردات جو
هڪ نمونو آهن. مثال لاءِ هڪ ڪافي هيءَ آهي:
تنهنجي پسڻ لئه يار، پاتيون پاتيون مون جهاتيون
جهاتيون.
1- صاحبڏبا منهنجا مرشد سئين، دل گهريا دلدار،
لک لهن تنهنجو لاتيون لاتيون.
2- ڇا چوان هي ڇا مان ڇا ٿيو، غم تنهنجي غمخوار،
ڇني ڇڏيون آهن ڇاتيون ڇاتيون.
3- قلب ۾ تنهنجي قرب جون آهن چوطرف چوڌار،
قهري لڳي ويون ڪاتيون ڪاتيون.
4- تنهنجي محبت جون مرشد منهنجا اڙين جا آڌار،
سانگي ساري سي راتيون راتيون.
اهڙيءَ طرح سانگيءَ جو بيتن ۾ لاڙ جو سفرنامو به
سندس منفرد ڪلام آهي، جنهن ۾ حيدرآباد کان ٽنڊي
محمد خان، بٺوڙي ۽ بدين بابت سفر جو ذڪر آهي.
جوڳين، سامين، گاروڙين ۽ پوربين جي پوش ۾ هي سفر
ڪيو اٿس. بدين وارو ڏوهيڙو هي آهي:
بابو بديڻي (47) رسيا، راتاهو ڪيائون،
منڊائون، جاٽا، وسلا، ڌاڳا، ڌوتائون،
تلڪ ڪڍي تحقيق جو، انگ ڀڀوتيائون،
پوريون ڪيون پَٿَ جون، صاحب سکائون،
هلڻ رٿيائون، ٽنڊي محمد خان ڏي.
غزل، بيت ۽ ڪافيءَ کانسواءِ سانگيءَ مرثيا، معراج
نامو، جلوه نامو، وحدت نامو، شڪايت نامو عنوان سان
نظم به چيا آهن. اُن کانسواءِ ٽيهه اکري، سلام،
ڳيچ ۽ خطبا به لکيا اٿس. ٻين ٻولين جو ڪلام هتي
موضوع موجب ته نه آهي، پر سانگيءَ جي اردو، فارسي
۽ سرائيڪيءَ ۾ قادر الڪلاميءَ جو جلوو پسڻ لاءِ هڪ
هڪ شعر شامل ڪرڻ مناسب ٿيندو:
اردو: سکايا
مين ني هي نازنينون ڪو بيوفائي وفا وفا ڪر،
ڦِرايا مجهه ڪو هي راستي سي بتون ني بانڪي ادا ادا
ڪر.
فارسي؛ اهل دنيا را وفا ميبود ميديدم مان،
ڪارِ خُوبان جُز جفا ميبود ميد يديم مان،
(هن شعر جو آسان موزون تحت اللفظ ترجمو هي ٿي سگهي
ٿو:
اهلِ دنيا ۾ وفا جي هجي ها ته ڏسون ها،
خُوبن جو ڪم بنا جفا جي هجي ها ته ڏسون ها).
سرائيڪي:
وه ڀنڙي ميگهه ملار، عجب اسرار، ٻهه ويک تماشا نم
نم دا.
1- ابر وار، نيڻان دي نار، وهن هروار، ڪريندي آگم،
جڏهن دور ڳيا دلدار، برق وار، اسان ڪنون رم رم
دا.
2- لاه نقاب، رخ مهتاب، اُتون بي حجاب تون درسن و
کلا پيارا،
ڪيها ڪردئين پردا يار، جو ناز نهار اساڏي ڪم ڪم
دا.
3- هڪ جمال ڪمال و کال، اساڏا حال حوال وڃايئي نال
نظر دي،
ول ڪيها ڪريندئين، عار اهو آزار هئي سانگي دم
دا.
سانگي ءَ پنهنجي ڪلام ۾ پيريءَ ڏي اشارا ڪيا آهن.
اڪثر شاعر ايئن ڪن ٿا. اهو فطي به آهي. آخر ۾ اهڙا
چند شعر جن ۾ شگفتي به آهي ته دل لڳي به:
ويو ٽهي يار وضعدار خدا خير ڪري!
ڏسي منهنجا هي اڇا وار خدا خير ڪري.
آءٌ اُلهندي کان اچان يار اُڀرندي کان وڃي،
اهي پيريءَ جا ٿيا پار خدا خير ڪري.
جو جبل کان نه کنيو ٿيو سو کڻون ٿا سِرَ تي،
برهه جي باري آهي بار خدا خير ڪري.
عيسوي سال هي اُنيهه سئو ارڙهن آهي،
جنهن ۾ خارين کي آئي خار خدا خير ڪري.
هڙ سکڻي آهي لوڏ گهڻيءَ سان سانگي،
آهيون خوبن جا خريدار خدا خير ڪري.
ٻالڪپڻ، جواني، پيري ۽ آخر موت، اِهو ته زندگيءَ
جو سلسلو آهي، هڪ ڏينهن جو ٻالڪ، شهزادو ديار غير
۾ ڄائو سو سچي گفتار ڪري طبعي عمر کي پهچي فاني
دنيا مان هليو ويو، پر هي ڪلام جيڪو ڇڏي ويو سو دل
وارن جي بستيءَ ۾ موجود رهندو ۽ دليون گرمائيندو.
اِهو ئي اعليٰ شعر آهي: چيو مستن ته سانگي آهي
مجنون ثاني.
علامه اسد الله شاهه فدا (1868-1926ع):
ٽکڙ جي مردم خيز سر زمين جيڪي عالم، محقق ۽ شاعر
پيدا ڪيا آهن. اُنهن ۾ علامه سيد اسد الله شاهه
فدا نهايت اعليٰ مرتبي وارو هو. هُو ٽکڙ ۾ پهرين
حافظ يوسف وٽ پڙهيو. مڪتوبات امام رباني جو مطالعو
حضرت خواجه عبدالرحمان سرهندي جي وساطت سان
ڪيائين. مولوي محمد حسن وٽ عربي پڙهيو. علم جي طلب
۾ ديوبند هليو ويو. ميران محمد شاهه اول کيس اُتان
واپس وٺي آيو. اُهو ئي علم طب ۾ سندس اُستاد هو.
علامه فدا جي هٿ ۾ شفا هئي. گهٽ قيمت واريون ۽ مفت
دوائون ڏيندو هو.
علامه فدا وٽ بهترين ڪتبخانو هو. جنهن ۾ اٽڪل 5-6
هزار ناياب ۽ معلوماتي ڪتاب هئا. سندس ڪتبخانو
کانئس پوءِ تباهه ٿي ويو. ڌڻ ته ڌڻي نه ته وڪڻ
کڻي، واري ڳالهه آهي. عالم سان گڏ سياست ۾ حصو
ورتائين. سنڌ ۾ پاڻ ئي تحريڪ خلافت جو باني هو.
علامه صاحب حيدرآباد شهر جو قاضي به ٿيو. علامه
فدا شعله بيان مقرر به هو.
علامه فدا نثر نويس به هو. ٽکڙ مان هڪ رسالو بهادر
اخلاق جاري ڪيائين. پاڻ هديه اسديه ۽ چند ٻيا ڪتاب
به لکيائين. کيس فارسيءَ تي به عبور حاصل هو. ماده
تاريخ ۽ ٻيو ڪلام لکيائين. سندس نعتيه ڪلام به
نهايت موزون ۽ جذبي سان لبريز آهي. سنڌ ڪلام ۾
عشقيه ڪلام به آهي. اُن جا ڪي مثال هي آهن:
منهنجا دشمن هجي مبارڪ تو،
تيغ ابروءَ جي منهنجي گهائي دل،
ڪهڙي ڪوشش ۽ جستجو ڪجي،
جا وئي سا نه مُور آئي دل.
آهيان عوام مان نه آءٌ فدا،
دور منزل سندم رسائي دل.
علامه فدا زبان جي مدنظر البت مشڪل پسند هو. دل جي
ڳالهه، دوست جي باگاهه جي ڳالهه ڪندي چوي ٿو:
صرف ٿي هيءَ عمر منهنجي درميان ڪُوءِ دوست،
بس ٿيو مانوس خاطر آستانِ ڪوءِ دوست.
ائين شاعريءَ جي مناسبتن جو پورو پورو لحاظ رکي
ٿو:
قبر ۾ ڪفنِ شهيدِ ناز خون آلوده آهه،
ٿيومٿس تا حشر آ باقي نشانِ ڪُوءِ دوست،
آهيان ڪُشته تڏهن ٿا ناز مان ڊوڙيو اچن،
لطف سان مون ڏي فدا هي ڏس سگانِ ڪوءِ دوست.
نعتيه ڪلام جو بلند معيار فدا جي دل جو آواز آهي.
صفت شفيع المذنبين کان مٿي ته بس حمد خدا آهي. نعت
۾ فدا جذبن جا واهڙ نه پر درياءَ وهايا آهن:
شوق منهنجو آهه هر هر يا شفيع المذنبين،
ٿي رهي دل منهنجي مضطر يا شفيع المذنبين.
-
ٿيو مون کي خيال مدحتِ خيرالوريَ آهي،
سرير ڪلڪ کان پيدا صدا صلِ عليٰ آهي.
-
محمد باعثِ ايجاد ڪونين،
دو عالم جسم ٿيو ۽ جان محمد،
ڌوم ٿي عالم ۾ شاهِ انس و جان پيدا ٿيو،
اول و آخر هويدا ۽ نهان پيدا ٿيو.
باعثِ تخليق آدم ۽ جهان پيدا ٿيو،
مظهرِ ڪامل ظهورِ ڪُن فيڪان پيدا ٿيو.
-
عشق ٿيو دل کي نبيءَ جي گيسو و رخسار جو،
ڪيئن نه ڪريان روزِشب نعت و ثناءِ مصطفيٰ.
مولانا جاميءَ جي نعت تي تضمين به ڪئي اٿس:
ڇا جمالِ رخ انور جو ٿيو هي عالم،
جنهن تي حيران ٿي پري حُور ۽ جن و آدم،
مظهر نور اِلاهي آهين قرآن جو قسم،
من بيدل بجمالِ تو عجب حيرانم،
الله الله چه جمال ست بدين بوالعجبي.
(علامه فدا جو احوال ۽ ڪلام، تذڪره شعراءَ ٽکڙ تان
ٿورن سان ورتل آهي).
شمس العُلماءَ مرزا قليچ بيگ (1855-1929ع):
سنڌي ادب جي تاريخ ۾ مرزا قليچ بيگ اُنهن چند
ليکڪن مان آهي. جن لاءِ شعر خاطر هڪ باب ۽ نثر
لاءِ ٻيو باب لکيو. هن ادبي تاريخ ۾ به ائين آهي.
سندس سوانح عمري سندس ئي قابل فرزندن مان هڪ مرزا
افضل بيگ جي لفظن ۾ ورجائجي ٿي. اِها ئي مستند
آهي: ”ميرزا فريدون بيگ جنهن جو اصلي نالو سڊني
هو، سو عيسائي مذهب جو اميرزادو هو. مير ڪرم علي
خان جو ايلچي هتان سوغاتون ۽ تحفا کڻي ايران جي
شاهه ۽ اميرن ڏي ويندو هو. اُتان وري شاهاڻي دستور
موجب تحفا وٺي ايندو هو. اهڙو هڪڙو ايلچي ايران جي
هڪ سيد درٻاريءَ سان مليو، جنهن وٽ انهيءُ وقت ۾
ننڍڙو سڊني رهندو هو. ڇوڪري جي چالاڪي، علم ۽
فضيلت ڏسي سيد کان اهو نينگر وٺي ايلچي مير صاحب
وٽ سنڌ ۾ آيو، جتي سڊني تمام سکيو پٽن جيان پلبو
هو.
ميراز خسرو بيگ جو جارجيا جو اميرزادو هو ۽ مير
صاحبن وٽ درٻاري امير ۽ حڪيم به هو، تنهن کيس
مسلمان ڪري پنهنجي نياڻي ڏيئي پاڻ سان گڏي ڇڏيو.
ميرزا فريدون بيگ کي مڙيئي ست پٽ ۽ ٻه نياڻيون
ٿيون، ٽيون نمبر ميرزا قليچ بيگ هو. ميرزا فريدون
بيگ جا ستئي فرزند علم ۽ فضيلت ۾ يڪتا هئا. ليڪن
شمس العلماءَ ميرزا قليچ بيگ مڙني ڀائرن کان افضل
هو. ميرزا قليچ بيگ ننڍي هوندي کان گهر ۾ پڙهڻ
شروع ڪيو. سنڌي چار درجا پاس ڪري آخوند علي محمد
صاحب وٽ فارسي ۽ عربي پڙهڻ ويٺو. پوءِ حيدرآباد
هاءِ اسڪول ۾ داخل ٿيو، اُتان مئٽرڪ جو امتحان پاس
ڪيائين. 1872ع ۾ بمبئيءَ جي ايليفنسٽن ڪاليج ۾
داخل ٿيو. اُتي تعليم حاصل ڪيائين. 1876ع ۾ بيمار
ٿي پيو. آخر سنڌ ۾ موٽي آيو. ٿوري عرصي کانپوءِ
جُڊيشل امتحان پاس ڪيائين ۽ شڪارپور ضلعي ۾
مختيارڪار مقرر ٿيو. رفتي رفتي وڌندو وڃي ڊپٽي
ڪليڪٽر ٿيو. جنهن عهدي تان 1910ع ۾ پينشن ورتائين.
ميرزا صاحب علم ادب جي خدمت ننڍي هوندي کان شروع
ڪئي ۽ آخر 76ع ورهين جي عمر تائين به علم ادب کي
ورسائيندو رهيو. ميرزا صاحب هر ڪنهن علم و فن ۾
قابل هو. سندس جملي تصنيف 350 ڪتاب آهي. جنهن مان
200 ڪتاب شايع ٿي عام شهرت حاصل ڪري چڪا آهن.
سندس قابليت ۽ ايمانداريءَ سان نوڪري ڪرڻ جي ڪري
پينشن وٺڻ مهل سرڪار، نواب شاهه ضلعي ۾ هڪ هزار
ايڪڙ زمين بنا مالڪاڻي ڏني. سندس علمي اعليٰ خذمت
ڪري سرڪار 1924ع ۾ شمس العلماءُ جو لقب ۽ قيصر هند
جو تمغو عطا ڪيو. ميرزا صاحب وقت جو تمام پابند
هو. پڇاڙيءَ تائين پنهنجا روزمره جا ڪم مقرر ڪيل
وقتن تي ڪندو رهيو. عبادت ۾ به ميرزا صاحب گهڻو
پابند هو. ڪابه نماز وسئون قضا ڪونه ڪندو هو. بلڪه
بيماريءَ جي حالت ۾ به جڏهن اُٿڻ ويهڻ جي طاقت نه
هيس تڏهن به ليٽي اشارن سان نماز ادا ڪندو هو.
اونهاري ۾ پنهنجي باغيچي ۾ هڪڙي املداس جي وڻ تي
وڃي پيهي تي آرام ڪندو هو. جنهن پيهي کي پاڻ ميرزا
صاحب پنهنجو آکيرو سڏيندو هو. لکڻ پڙهڻ جو ڪم به
اُتي ڪندو هو. اُتي باغ ۾ پنهنجي آکيري تي پکين
سان گڏ خالق اڪبر جي يادگيري ڪندو هو. موت جي به
سدائين ڳڻتي رکندو هو. هر سال موت جي تازي يادگيري
رکڻ لاءِ فارسيءَ ۾ هڪ رباعي چوندو هو. اُهي
رباعيون گڏ ڪري هڪ ڪتاب ٺاهيائين، جنهن جو نالو
رکيائين ذڪر الموت. هينئر به جيڪا تاريخ شعر ۾
سندس تربت جي اڳيان پٿر تي اُڪريل آهي سا به ميرزا
صاحب جي خود ٺاهيل آهي. ميرزا صاحب اڪثر جمعي
ڏينهن قبرستان ڏي ويندو هو. ميرزا صاحب جا عزيز سڀ
اهلِ شيعه مذهب جا هئا. ليڪن پاڻ ميرزا صاحب
پنهنجو مذهب هن ريت ڄاڻايو آهي: آءٌ الله جلشانھ
جو خلقيل آهيان. اولاد حضرت آدم عليھ السلام جو
آهيان سندس اهلبيت سان گهڻي محبت رکان ٿو. اصحابن،
اوليائن، فقيرن، درويشن ۽ صوفين سان به گهڻي محبت
اٿم. ڪنهن به مذهب کي بروڪين چوندو آهيان. ميرزا
صاحب 3 جولاءِ 1929ع تي رات جو يارهين وڳي ڪنهن به
بيماريءَ کانسواءِ پنهنجي موليٰ سان واصل
ٿيو(48).“
مون 1973ع ۾ پنهنجي تاليف ”سنڌي ادب جي مختصر
تاريخ“ ۾ مرزا قليچ بيگ بابت عنوان قائم ڪيو هو:
مرزا قليچ بيگ هڪ آبدي اُٿل. هن عنوان هيٺ مون
سندس نثري ۽ نظمي ڪاوشن بابت هڪ باب تحرير ڪيو هو.
وري هڪ موقعو آيو جو مون 2001ع ۾ پنهنجي ڪتاب
”سنڌي ادب جو مطالعو“ ۾ مرزا قليچ بيگ کي هڪ قابل
هنر مند شاعر سڏيو. ايئن سندس ادبي ڪاوشن، ترجمن ۽
شاعريءَ جو جائزو وٺندي کي هڪ قابل هنر مند طور
ڏٺم. مرزا قليچ بيگ سچ پچ ته سنڌي ادب ۾ هڪ ادبي
اُٿل طور اچي پنهنجي حيثيت مڃائي ورتي. بلڪل ائين،
جيئن آب اُڇلَ اچي ٿي ۽ ڊٻون ڊانگا کڏون کوٻا به
ڀري ٿي ڇڏي ۽ ملڪ کي سيراب ڪري ٿي ڇڏي. اهڙيءَ طرح
ادب جي اهم ڪتابن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ، نظم جي
مختلف هيئتن ۽ موضوعن تي طبع آزمائي ڪرڻ مرزا صاحب
جي علمي هنرمنديءَ جو مثال آهي. مموعي طور هن هڪ
نئين ادبي روايت جو بنياد رکيو. هونئن سنڌ ۾ اڪثر
ليکڪ فقط هندوجاتيءَ کي ئي مخاطب ڪري رهيا هئا.
اُنهن ۾ سماجي ۽ ڌرمي سڌار جي ڳالهه ڪري رهيا هئا.
مرزا قليچ بيگ جون ڪاوشون سڀني لاءِ هيون. ترجمن
ذريعي سنڌي زبان کي نثر جي دنيا ۾ سرخرو ڪيائين.
سندس خدمتون ڀرپور آهن. هتي آءٌ سندس اهميت هڪ
هنرمند شاعر جي هجڻ واري پهلوءَ کان ظاهر ڪرڻ
گهران ٿو، جيڪا ديوان قليچ کان وٺي اَملهه ماڻڪ،
چندن هار، موتين جي دٻلي، سوداءِ خام ۽ عجيب جواهر
ٻين ڪتابن تائين موجود ۽ نمايان آهي. هتي مرزا
صاحب جي قابليت ۽ هنرمنديءَ جا مثال فقط چئن ڪتابن
مان پيش ڪريان ٿو. اڪثر نون ڇاپن جي شعري ڪتابن جا
مُهاڳ مرزا صاحب جي قابل فرزند مرزا اجمل بيگ لکيا
آهن ۽ فرزنديءَ جو حق ادا ڪري ڇڏيو اٿس. تنهن سان
گڏ صنفن، موضوعن ۽ وزنن جي پوري سمجهاڻي به ڏني
اٿس. اڪثر علم عروض ۽ عرب ايران جي اهميت کي اجاگر
ڪندي مرزا اجمل قديم ۽ بيت ڪافيءَ واري شعري نظام
کي نالو وٺڻ کانسواءِ اشارتاََ گهٽ ڄاتو آهي، سو
هونئن ئي عروض پسند عالمن جو پسنديده موضوع رهيو
آهي. اجمل بيگ ”املهه ماڻڪ“ جي تعارف ۾ لکي ٿو:
”اسان جي سنڌ جو اڪثر پڙهيل ڳڙهيل طبقو خود، نظم
يا شعر جي ظاهري دل آويزي ۽ رنگينيءَ جو قائل نظر
اچي ٿو. اُهي اڪثر اهڙي ئي قسم جي نظر يا شعر جا
دلداده نظر اچن ٿا، جنهن جي عمارت، فقط عاميانه
لفظن ۽ سوقيانه خيالن جي بنياد تي اڏيل آهي. جو
فقط ڳائڻ-وڄائڻ ۽ نچڻ، ٽپڻ لاءِ هجي. جتي شعر ۾،
ڪا اعليٰ رمزيت ۽ اشاريت، معنويت ۽ مقصديت پيدا
ٿي. اُتي سندن عقل ۽ فهم جو فقدان ٿيو (49).“
اهڙيون ڳالهيون ڊاڪٽر خليل رهنما ۽ شاعري ڀاڱو
ٽيون ۾ به ڪيون آهن. جي انهن جو اشارو عام شاعر ۽
سگهڙ جي ڪلام ڏانهن آهي ته مڙيئي خير آهي! پر جي
سنڌ جي بيت ۽ وائي ڪافي جي وڏن شاعرن ڏانهن آهي ته
افسوسناڪ آهي. قليچ کي خود سنڌ جي ماڻهن کان شڪايت
رهي.
ٿيس آءٌ حيدرآباد سنڌ هندوستان ۾ پيدا،
چڱو ٿئي ها ٿيان ها روم يا ايران ۾ پيدا.
هتي جا ماڻهو اڪثر خام منهنجو قدر ڇا ڄاڻن،
ڄامن ها اڳ ٿيان ها مصر يا يونان ۾ پيدا.
وطن آهي برابر هي لڳي پيارو من کي بيشڪ،
ٿئي البت سدا حب الوطن ايمان ۾ پيدا –الخ
اڪثر شاعرن جي پوين کي به اها شڪايت رهي ٿي ته قدر
نه ڪيو ويو. مرزا قليچ بيگ جا ڪتاب اڃان ڪيترا اڻ
ڇپيل رهجي ويا. ادبي تاريخن ۾ سندس باري ۾ باب
لکيا ويا. سالن قليچ نمبر شايع ڪيا. سنڌ ۾ جيڪا
تعليم جي شرح آهي، ادب جو قدر به اُن مطابق ئي
ٿيندو. بهرحال، جيئن عرض ڪيم ته قليچ سنڌي زبان جي
علم ادب ۾ هڪ نئين روايت جو باني ۽ هڪ قابل هنرمند
شاعر
(craftsman)
آهي. انهيءَ لحاظ کان جائزو وٺڻ کپي.
قليچ جي شعري مجموعن مان ”اَملهه ماڻڪ“ ۾ طبعزاد
۽ ترجمو ٿيل فرد (جمع مفردات) ڏنل آهي. هي ٻن سٽن
جي شعر واري صنف آهي.، جنهن ۾ مڪمل خيال سمايل
هوندو آهي. قليچ بيگ اُنهن تي مقرر وزن به ڏنو
آهي. نه رڳو هڪ موضوع موجود آهي، پر مختلف صنعتون
به فردن ۾ سمايل آهن. هن مان شاعر جي علم عروض ۽
علم بديع جي مڪمل ڄاڻ جو به اظهار ٿئي ٿو. مفردات
۾ مختلف معنوي ۽ لفظي صنعتون ڪم آندل آهن ۽ مفردات
جو وزن به مٿان لکيو ويو آهي.
علم بديع جا چند مثال هي آهن:
تجنيس زايد:
ماڻهوءَ ۽ جانور ۾ آهي دل جي اک جو فرق،
انعام ۽ انام ۾ ٿيو، فرق عين جو.
تجنيس خط:
عيادت شڪل ۾ آهي عبادت،
مگر اَٺ ڀيرا ٿي اُن کان زيارت.
(البجد ۾ عيادت جو ماده 485 آهي ۽ عبادت جو 477
آهي)
سفر اگرچ سقر کان ٿيو هڪڙو نقطو گهٽ،
مگر عذاب سفر جو سقر کان واڌو آهه.
صنعت رد العجز علي الصدر:
رباب عشق جو اوزار آهي ۽ اسباب،
اِنهيءَ ڪري ٿا ڪڪر کي عرب سڏين رباب.
(عربيءَ ۾ رباب معنيٰ ڪڪر)
سوال و جواب:
خبر اٿئي ته هي زاهد ٿيو ڇو گوشه نشين؟
سگهيو جهلي نه ويچارو پَري رُخن جو تاب.
حَسن تعليل:
ڇو گُڪو ٿي گهمان ٿو پيريءَ ۾؟
آءٌ جواني، مٽيءَ ۾ ٿو ڳوليان.
فرد، جيڪي طبعزاد ۽ ترجمو آهن، تن ۾ معنويت جي
بنيادي عنصر آهي. موضوع عاشقانه، ناصحانه ۽ حڪمت
آميز آهن. بحر رم (مثمن) وارن مفردات ۾ حسن بابت
هيئن ٿو فرمائي:
خط وڌيو، پڻ زلف ۽ ڪاڪل وڌيا،
حُسن جي سرڪار ۾، جيڪي وڌيا هندو وڌيا.
سير چانڊوڪيءَ جي تي ڪهڙي طرح نڪري پرين،
ڪيئن ڏسڻ چنڊ جي تماشي لئه ڀلا نڪري ٿو سج.
حڪمت ۽ اخلاقيات جا نُڪتا قليچ جي مفردات ۾ هنڌ
هنڌ آهن. هڪ هڪ ڳالهه نزاڪت سان چوي ٿو:
ڇوٿا ماڻهو زر جي لاءِ بيرحم ٿي ڪن خون مفت،
آءٌ ته پارو ڀي نه ماريان ڪيميا جي واسطي.
-
ٿي اچي روزي اسان جي غيب مان مهمان سان،
در حقيقت تنهن ڪري مهمان آهي ميزبان.
-
تنهنجا چپ ۽ ڏند ڏسي شرمنگيءَ کان اي سڄڻ،
لعل پاهڻ ۾ لڪي، موتي وڃي پاڻيءَ ۾ پيو.
-
بحر هرزج (اخرب مقبوض) ۾ مفردات مان ڪي مثال هي
آهن، جيڪي حڪمت، بذله سنجي ظاهر ڪن ٿا:
سمجهي نه سگهي مرڻ جو مذڪور،
جيسين نه ٿئي ڪو زنده درگور.
-
ڪم ڪهڙو منهنجو عيد سان يا عيد گاهه سان،
منهنجي ته عيد ٿي ويئي تنهنجي نگاه سان.
-
عورت جي مرد کي نه هجي ها نوشت ۾،
آدم به بيقرار هجي ها بهشت ۾.
غرض ته فرد جهڙي هڪ مختصر ٻه سٽي صنف ۾ مرزا قليچ
بيگ، اردو، فارسي ۽ عربي جي خيالن سان گڏ پنهنجا
طبعزاد خيال به ظاهر ڪيا آهن ۽ اُنهن ۾ علم بديع ۽
عروض جو پورو پورو خيال رکيو اٿس. (50) |