مير علي نواز ناز (1884-1935ع):
مير علي نواز ڪوٽ ڏجيءَ ۾ 9 آگسٽ 1884ع تي ڄائو.
سندس والد واليءَ رياست خيرپور مير امام بخش خان
ٽالپور هن موقعي تي وڏا شادمانا ڪيا ۽ طعام توڙي
مٺايون ورهايون. توڙي خيراتون ڪيون. مير علي نواز
جا ابتدائي تعليم جا اُستاد مخدوم الله بخش عباسي
۽ مولانا شهاب الدين شاهه هالاڻيءَ وارا هئا ۽
انگريزي تعليم جو اُستاد خواجه غلام سبطين هو (3).
مير صاحب وڌيڪ تعليم چيفس ڪاليج لاهور، امپيريل
ڪئڊٽ ڪور ديرادون ۽ لنڊن ۾ ورتي، جتي هو نوَ مهينا
رهيو ۽ آزاد ماحول جو پورو جائزو ورتائين. واپسيءَ
تي مير صاحب هندوستان جا شهر گهميو. حامي صاحب
ڪليات ناز جي مهاڳ ۾ لکي ٿو ته: ”مير علي نواز خان
بنيادي طور تي هڪ آزاد فطرت جو ماڻهو. ويتر ولايت
جي سفر ڪرڻ بعد سندس طبيعت ڇڙواڳيءَ ڏانهن مائل
ٿيندي ويئي. سندس والد مير امام بخش خان پراڻين
روايتن جو قائل هو، تنهن ڪري پنهنجي ولي عهد جي
انهي روش کي براشت نه ڪري سگهيو. هُن صاحبزادي جي
بگاڙ جو سبب سندس ڪن نوڪرن کي سمجهيو ۽ کين موقوف
ڪرڻ جو حڪم ڏنو. مير علي نواز خان حڪم جي تعميل
کان انڪار ڪيو ۽ پيءُ کان ناراض ٿي. ساڳين نوڪرن
کي ساڻ ڪري جلاوطن ٿي ويو. اِهو 1920ع جو زمانو هو
(4).“
ٻئي سال مير امام بخش گذاري ويو ۽ مير علي نواز 25
جون 1921ع تي تخت نشين ٿي واليءَ رياست خيرپور
بنيو. مير علي نواز تعليم يافته هو. هن رياست جي
انتظامي ۽ مالي معاملن ۾ سڌارا آندا. هيڏانهن قضا
جو قهري تير ڇُٽو ۽ مير صاحب جي سيني ۾ پيوست ٿي
ويو. هٿن جاطوطائي اُڏامي ويس. ڊاڪٽر حامي هن
صورتحال جو جائزو هيئن وٺي ٿو: ”سندس دل جوش ۽
جذبي سان ڀريل ۽ سندس دماغ بهترين صلاحيتن سان
سينگاريل هو، سندس ذات ۾ قوم ۽ وطن جي بهتريءَ
لاءِ وڏيون اُميدون هيون. کيس به پنهنجي رياست کي
هڪ مثالي رياست بڻائڻ جو خيال هو. مگر قدرت جو
ارادو ڪجهه ٻئي طرح هو. مير صاحب اوچتو ئي اوچتو
عشق جي آري ۾ اچي ويو ۽ محبت جي تيرن سان زخمي ٿي
پيو. لاهور جي هڪ ڳائڻي اقبال بيگم عرف باليءَ سان
اک اڙجي ويس (5). “
پوءِ جيڪي ٿيو سو دنيا ڏٺو. خزانو اُن طرف لٽبو
رهيو. باليءَ جي مائٽن خوب ڪمايو. رياست جون
انتظامي ۽ مالي حالتون پوئتي پئجي ويون. بالي بيگم
رسي ويئي ته عام روايت موجب مير صاحب ريل گاڏي ڀري
ڳرهو ڳچيءَ ۾ وجهي کيس پرچائي وٺي آيو ۽ اچي راڻي
بنايائينس. باليءَ جو بنگلو اڄ به اُن محبت جو
يادگار آهي. مير صاحب عمر ڀر ناز برداريون ڪندو
رهيو.
مير علي نواز ناز جي شاعريءَ جا ڪي مجموعا اڳ به
ڇپيا. اُنهن ۾ سنڌي ۽ اردو شاعري آهي. نثر به
لکيائين. وقت جا ڪيترا سنڌي ۽ اردو شاعر سندس دوست
۽ مصاحب هئا. آغا شاعر قزلباش ۽ حفيظ جالنڌري
درٻاري شاعر هئا. مير علي نواز جنهن معيار جو شاعر
هو، اُن کان وڌيڪ خوشامد ڪرڻ وارن تعريفون ڪيون.
بهرحال مير ناز جي ڪلام ۾ ڪي غزل حامي صاحب ڪافيءَ
جي سرن هيٺ رکيا آهن يا اُهي اصل مجموعن ۾ ائين
ترتيب ڏنل آهي. مير صاحب جي ڪلام جا مجموعا خلوت
عشق، طوفان عشق، آتش عشق، خمڪده خيام، گنجينه خرد
۽ گلدسته ناز ڇپيل آهن. خيام جي رباعين جو ترجمو
مير صاحب ڪيو ته سندس رباعين جو فارسي ترجمو هدايت
علي نجفي ڪيو (5). اُن کان سواءِ سفر يورپ بابت به
هڪ ڪتاب مير صاحب انگريزي ۽ اردو ۾ لکيو ۽ ليليٰ
مجنون جو داستان به اردو ۾ لکيائين، جيڪو ڇپيل
آهي.
مير ناز جا ٿورا غزل آهن، جيڪي معياري آهن. ائين
ٿومحسوس ٿئي ته ڪاتبن کي ڪن غزلن ۾ غلطيون ٿيون
آهن، ته به غزل جي ڪري ئي مير ناز عروضي شاعريءَ ۾
اهميت رکي ٿو. ڪي ڪافيون ڄاڻايل آهن، پر غزل آهن.
مثال طور:
گِريو ڏسي محبوب جو يءُ منهنجو روئندو رهيو،
اکڙيون کئون هي آب هاري خونِ دل وهندو رهيو.
يا
هلو شهر لاهور ديدار اَٿوَ،
جتي يوسف وڪاڻو بازار اَٿوَ.
ائين بيشتر غزلن کي ڪافين جي عنوانن هيٺ رکيو ويو
آهي. انهن ۾ عروض، اندازِ بيان ڪيفيت ۽ زبان مڪمل
طور غزل جي آهي:
اي بتِ خاموش ڏس ڇا چُپ به هڪڙي ياد آ،
دردِ فرقت ۾ هميشھ منهنجي دل ناشاد آ.
-
ناز هي فرقت بجا غمِ دردِ دل پنهنجو سڻاءِ،
جيستائين خانهءِ دل ۾ عشق هي آباد آ.
-
اي پردهء ديوار هَٽ منهنجي اڳيان،
تان ڏسان دلدار مان پنهنجي اڳيان.
مير صاحب جا ٻه غزل گهڻو مقبول ٿيا آهن. اُنهن جي
مقبوليت نغمگي ۽ جذباتيت سبب آهي. هونئن گهڻو ڳايا
به ويا آهن. اُنهن ۾ پهريون غزل مير صاحب جي عشق
جي ابتدائي زماني جو محسوس ٿئي ٿو، جڏهن هُو محبوب
جي رمز کي سمجهڻ کان ڄڻ قاصر هو:
تنهنجي رمز سهڻا مان ڇا سمجهان آسان به آ دشوار به
آ،
تنهنجي وعدي تي اعتبار ڪهڙو اقرار به آ نڪار به
آ.
تون دور رهين بي نياز موليٰ سڻ فرياديءَ جو آواز
موليٰ،
هي بيگناهه جي مارڻ لئه تبر تير به آ تلوار به آ.
جتي حسن تجلي نور ڏسان هر سرو قمري مخمور ڏسان،
هي فرياد آ بلبل جي صدا جت گل به آ اُتي خار به آ.
دولت و زر جي نه خواهش مون کي مهرو وفا جو آهيان
غلام،
هن ساري جهان ۾ ناز غريب زردار به آ نادار به آ.
اهڙيءَ طرح ٻيو غزل جدائيءَ جي ڪيفيت جو ترجمان
آهي:
عشق هاڻي ڪجي ڪنهن سان جان جو جانان نه رهيو،
بزم خلوت نه رهي عيش جو سامان نه رهيو.
وڃي ڪعبي ڪجي پوڄا هاڻي ڪنهن جي يا رب،
ڪوئي مومن نه رهيو ڪوئي مسلمان نه رهيو.
ڪيترا سال محبت کي لڪايم سڀ کنئون،
آخر هو عشق سچو جو مون کان پنهان نه رهيو.
ڪنهن ۾ بوءِ وفا ڪير فدائي تنهنجو،
جو سچائي ڪري هُو ناز پشيمان نه رهيو.
مير ناز جي آخرين آرام گاهه ڪربلا ۾ آهي.
آغا غلام نبي صوفي (1889-1938ع):
آغا غلام نبي پٺاڻ ولد آغا گل حسن شڪارپور جو هو.
صوفي سندس تخلص هو. سچل سرمست جو صادق اليقين مريد
هو. شاهه ۽ سچل جي ڪلام ۽ مرتبي تي لکڻ ڪري تضاد
پيدا ٿيو. ابتدئي تعليم شڪارپور ۾ ٿيس. مئٽرڪ
ڪراچيءَ مان ڪيائين. آغا صوفيءَ جو والد خيرپور
رياست جو نائب وزير هو. آغا غلام نبي اُتي فارسيءَ
جو اُستاد مقرر ٿيو. طب جي تعليم به حاصل ڪيائين.
آغا صوفي شڪارپور جي نئين قبرستان ۾ آرامي آهن.
نثر جي تاريخ به شامل آهي. سندس سنڌي ڪلام ۾ ڪي
نظم به آهن. غزل ۾ عشقيه ۽ صوفيانه مضمون آهن. چوي
ٿو:
بي قُربَ کي دلڙي ڏيڻ آهي غلط آهي غلط،
اڄ اَڻ سڏيو ڪنهن وٽ وڃڻ آهي غلط آهي غلط.
هي ناگ ڪُل قهري اَٿي ظالم ادا زهري اَٿي،
تن سان وڃي ياري ڳنڍڻ آهي غلط آهي غلط.
مطلب سندا ڪُل يار ٿي نا يار ٿي پرخار ٿي.
هي حال دل جو تن ڏيڻ آهي غلط آهي غلط.
اي دل نه دانهون ڪر ڏکي مولا ڪندو توکي سُکي ،
جاهل اڳيان آغا روئڻ آهي غلط آهي آهي.
عشقيه ڪلام ۾ محبوب جي ماڻن جو روايتي ذڪر اچي ٿو.
آغا صوفي به اُن روايت جي پيرويءَ ۾ چوي ٿو:
مارن ٿا مفت محب جا نخرا نوان نوان،
ٻانهن جي لوڏ گهوم جا گهمرا نوان نوان.
دم دم اچن ٿا دام ۾ تنهنجي اي دلربا،
مشتاق مست مجنون منبا نوان نوان.
روزِ الست کان اهي اي يار ها لکيا،
تقدير اندر جهنگ ۽ صحرا نوان نوان.
الحمد شڪر آهه جو آغا کي اي ادا،
الله ڏنا بخت جا بهرا نوان نوان.
هدايت علي نجي ”تارڪ“ (1994-1939ع):
سنڌ جي يگاني شاعر ۽ فقير صفت شخصيت فقير ميان
محمد هدايت علي نجفي تارڪ جي باري ۾ سندس همه صفت
شخصيت لاءِ سندس هڪ شگرد جناب اظهر گيلانيءَ هيئن
لکيو آهي: ”تارڪ صاحب به يڪ وقت عاشق، صادق، صوفي،
فقير، مولوي، حافظ، قاري، خطيب، خوش نويس، عابد،
زاهد، شب خيز، صوم صلاوتھ جو پابند، علم نجوم، علم
جفر، علم رمل، علم قيافه، علم طب جو ماهر هو. خوش
رو، خوش مک، خوش خو، خوش فڪ، خوش خوراڪ، خوش
پوشاڪ، زنده دل ۽ حاضر جواب هو. ڪشف القلب ۽ ڪشف
القبور تي به عبور حاصل هوس. هن جو پاڻ تي پنهنجي
نفس اماره تي پورو قبضو هو(7).“
هي بيشڪ هڪ سعادت مند شاگرد جا لفظ هن ۽ عقيدت جو
اظهار به ڪن ٿا، پر هڪ اعليٰ ۽ قابل انسان جي مڪمل
شخصيت جو به احاطو ڪن ٿا. هڪ شخص ۾ هيتريون خوبيون
اچي گڏ ٿين ته اُن ۾ سندس ذات، محنت، مشاهدي ۽
تجربي جي ئي جهلڪ آهي. فقير هدايت علي نجفي جون
تصنيفون سڀ کان بهتر ثبوت آهن.
فقير هدايت علي نفجي (۽ پوءِ تارڪ) جو تعلق تنيه
خاندان سان آهي. سندن وڏن ۾ پير بايزيد جو نالو
ملي ٿو، جيڪو هڪ پرهيز گار شخص هو. اُن 1800ع ۾
فوات ڪئي. اُن ئي خاندان مان بزرگ سلطان طيب ٿيو
جو ديري غازي خان ۾ رهيو. فقير هدايت عليءَ جو
والد ميان الهداد عرف تُراب علي به هڪ صوفي من هو.
اُن کي چاليهن سالن جي عمر کانپوءِ هي ماڻڪ موتي
هدايت علي ڄائو.
هدايت عليءَ پهرين پرائمري اسڪول ۾ تعليم ورتي.
اُن کانپوءِ مولانا عبدالعزيز وٽ دارالعلوم کنڊو
تعلقي واره ۾ فارسي پڙهيو. اُن بعد پنهنجي ڳوٺ
لعلورائنڪ ۾ مولوي محبت الله وٽ تفسير، حديث ۽
تصوف جي تعليم حاصل ڪيائين. جيترو درس پڙهيو اوترو
مطالعوڪندو ويو. فارسي شاعريءَ جي تربيت ميان
سلطان علي سالڪ کان مليس، جنهن جو والد عاقل
محمدفائق روهيءَ جو رانول خواجه غلام فريد جو دوست
هو(8).
ڪتابن جو مطالعو، ڪائنات جو مطالعو ۽ حسن جومطالعو
فقير کي فقير بنائڻ لاءِ ڪافي هو، تان جو ڪن اکين
جو تير محبت ڀري دل ۾ چُڀي ويو. سندس خاندان جي هڪ
دوشيزه جي تير نظر جو شڪار ٿي ويو. سڱ جي طلب ٿي،
پر نه مليو. باهه هُن طرف به لڳل هئي. اُها به درد
جي چوٽ نه سهي سگهي ۽ بيمار ٿي پئي. هيڏانهن هُيون
دعائون ۽ ويراڳ! ٻنهي ڌرين شادي ڪانه ڪئي. هيڏانهن
هدايت علي تارڪ بنيو ۽ هوڏانهن محبوبه به جوڳ ۾
جان جلائي ڇڏي (9)
فقير هدايت علي نجفي جوڳ ويراڳ ۾ جهنگ جبل گام
گهٽيون يار پنهل کي ڳوليو، سامين سان سنگيت ۾
لاهوت لامڪان تائين ويو. پر يار پنهل ته دل ۾ ويٺو
هو. نجفي هاڻي ”صوفي صاف اهل عرفان ٿي پيو.“ سندس
زندگي ادبي لحاظ کان شعر ۽ شاعريءَ ۾ گذري پر لکڻ
پڙهڻ ۾پاڻ کي مشغول رکيائين ۽ دنيا ڏٺو ته نجفيءَ
جون تصنيفون هڪ عالم جي قلم جو نتيجو هيون. ڊاڪٽر
شُق صاحب نجفيءَ جي تصنيفات جي فهرست ديوان تارڪ ۾
ڏني آهي، اُهي ڪل 45 آهن، پر اندازو آهي ته اٽڪل
هڪ سئو هونديون! هي علمي ذخيرو سندس شاگرد سيد
انور علي شاهه اظهر گيلانيءَ جي لئبرريءَ ۾
گهوٽڪيءَ ۾ محفوظ آهن(10). تصنيفات، تاليفات ۽
ترجمن ۾ شاعر جو فارسي، اردو ۽ سنڌي ڪلام، عربي ۾
ڪتاب، مرثيا، قرآن شريف جو منظوم ترجمو، سنڌي زبان
۽ شعر و شاعريءَ جي تاريخ ۽ ٻيو ڪيترو علمي ذخيرو
شامل آهي.
هتي نجفيءَ جي سنڌي غزل جو جائزو ۽ مطالعو مقصود
آهي. نجفي جيئن ته راڳ جو به ڄاڻو، تنهن ڪري اُن
جو دخل اثر ڪلام ۾ به نظر اچي ٿو. مثال طور
ننڍيون مترنم تُڪون سنگيت جي ڪيفيت پيدا ڪن ٿيون:
هر روپ ۾، هر رنگ ۾، بيرنگ ٿيو جلوه نما،
منجهه هر اکر، هر انگ ۾، بيرنگ ٿيو جلوه نما.
-
هر طور ۾، هر دور ۾، هر زور ۾، هر جور ۾،
هر ٽور ۾، هر چور ۾، بيرنگ ٿيو جلوه نما.
-
تارڪ سندي اشعار ۾، اشعار ۾ گفتار ۾،
گفتار ۾ رفتار ۾، بيرنگ ٿيو جلوه نما.
عشق ڪهڙا ڪهڙا ڪارناما ڪيا آهن. ڪهڙن ڪهڙن جي گهر
آيو آهي. عاشقن تي ئي ميلا آهن، نه ملن جي قبرن تي
ميلا ٿا لڳن. تارڪ چوي ٿو:
جڏهن صنعان جي سر عشق آيو، سوئر ٿي چاريئين،
تڏهن ڇا ٿيو جي مون منجهه عشق مارن ڇويا ڇيلا.
-
شهيدِ عشق جا مرقد مدامي رب ڪيا روشن،
نه مُلن جي مزارن تي ڏٺم تارڪ ڪڏهن ميلا!
منصوري ۽ بسطامي نعرا به نجفيءَ جي ڪلام ۾ سندس دل
جو راز ظاهر ڪن ٿا. هُو وحدت جي واديءَ جو سير
ڪندي چوي ٿو:
ٿي بحرِ وحدت ۾ فنا، چئو من خُدايم من خدا،
محوِ لقا تي منجهه لقا، چئو من خدايم من خدا.
-
بيچون ۾ بيچون ٿي، منجهه محويت مرهون ٿي،
جذبه جلالت جي صدا، چئون من خدايم من خدا.
-
تارڪ هُئڻ اولو وڏو ، هن رمز لئه رولو وڏو.
جڏ دل ٿئي محوِ ضيا، چئو من خدايم من خدا.
عشق جي ڪيفيت ۾ ڪڏهن ههڙي چپ به لڳي وڃي ٿي جو
ڪهڙي ڳالهه ڪجي:
عشق جي آثار کان ٿي ويا سڀئي يڪبار چُپ،
عقل چپ ادراڪ چپ انڪار چپ افڪار چُپ.
ڪالهه مئخاني ۾ ساقي مئي ڏني جنهن کان ٿيو،
مست چپ هوشيار چپ بيهوش چپ بيدار چپ،
موجِ محويت سبب تارڪ جي دل مون ٿي ويو،
ذڪر چپ فڪ چپ اسرار چپ انوار چپ.
محبوب جي حسن جو مٽ چنڊ جو جلوو ناهي. نجفي هيءَ
ڀيٽ ڪيئن ڪري ٿو:
ٿا مڙي ماڻهو ڏسن تا ٿيو اڄوڪي رات چنڊ،
پر ڏسن جي مھ لقا منهنجو نه آڻن وات چنڊ.
-
گرچه آهي چنڊ جو ڀي حسن ڏاڍو دلربا،
ليڪ هن خورشيد عارض جي اڳيان آ مات چنڊ.
-
آهِه تارڪ جي اکين ۾ نور تنهنجي حسن جو،
جئن هميشھ نور سج جي مون رکي تجلات چند.
نجفيءَ جي ڪلام ۾ رومانويت جا ڪيئي مثال آهن. راڳ
رنگ ۽ رقص و سرود جو هڪڙو حوالو هي آهي:
اي مغني چورچنگ و تار رقص،
محفلِ رندان ۾ ڪجهه ڏيکار رقص.
پهر جامو ڇير ٻڌ آواز ڪر،
سُر ملائي خوب ڪر اظهار رقص.
ڳائي رندانه غزل باسوزِ دل،
جنهن کان ڪن منجهه وجد سڀ ميخوار رقص.
ترڪ ڪر تارڪ تعلق دنيوي،
ٿي مجرد ڪر قلندر وار رقص.
نجفيءَ جي ديوان ۾ ڪيئي غزل سندس شاعرانه ڪمال جا
بهترين مثال آهن. اُنهن جي موسيقيت، اسلوب ۽ جذبات
قابل داد آهن:
عيش عشرت رنج راحت وصل هجرت چار ڏينهن،
عشق اُلفت يا عداوت آهه مدت چار ڏينهن.
شان شاهي ڪَج ڪلاهي سوَ سپاهي سڀ گذر،
شان شوڪت ناز نعمت تاب هشمت چار ڏينهن.
يار جاني جي جواني جاوداني ڪين آهه،
محب مُورت خوبصورت سرو قامت چار ڏينهن.
روءِ گلگل شور بلبل سرو صلصل در چمن،
باغ فرحت خار زحمت گل جي صورت چار ڏينهن.
شعر نجفي ڪر نه مخفي ڀل ته عُرفي ٿئي عيان،
لاءِ شهرت توکي فرصت آهه مهلت چار ڏينهن (11).
علي محمد قادري (1856-1940ع):
لاڙڪاڻي جي علمي خاندان جو هڪ اهم شاعر ميان علي
محمد قادري هو. سندس والد جو نالو بهاءُ الدين هو.
ميان علي محمد جي تعليم ۽ تربيت سندس مامي ميان
غلام محمد گدا جي هٿ هيٺ ٿي. کيس دستوري تعليم
ملي. شاعري فارسيءَ ۾ غزل موزون ڪرڻ سان شروع
ڪيائين.
ڊاڪٽر اياز قادريءَ جي لکڻ موجب: ”(علي محمد)
قادري هڪ وڏو عالم، فاضل، شاعر ۽ اديب هو. شام جو
سندس اوطاق تي ڏي ڪچهري لڳندي هئي. جنهن ۾ سنڌ جي
مختلف حصن مان عالم، شاعر، حڪيم ۽ طبيب اچي شريڪ
ٿيندا هئا (12).“
قادري صلح ڪل خيالات جو هو. هن شعر ۾ اهڙو اشارو
ڏي ٿو:
ڪي سڏن سني ڪي شيعو ٿا چون سڀ خاص عام،
ڪي صفا صوفي سڏن منهنجو پڙهي هي خوش ڪلام.
قادريءَ جو ڪلام ڪيترن مشاعرن ۾ داد حاصل ڪندو
هو. رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپيو. سندس ديوان 1939ع ۾
لاڙڪاڻي مان ڇپيو ناهي. وقت جي شعري روايت جو هڪ
نمائندو شاعر هو. غزل ۾ ايراني رنگ کي قائم رکيو
اٿس:
ڪري مئخاني ڏي ساقي جي مسجد کان گذر پنهنجو،
ڇڏي مسجد ڪري زاهد پٺيان ان جي سفر پنهنج.
مئخاني جي حوالي سان گڏ گل و بلبل جي اوٽ هيئن وٺي
ٿو:
اچي جي باغ ۾ هو شمع رُوگل کي ڇڏي بلبل،
رهي پروانو ٿي اُن تي جلائي بال و پر پنهنجو.
محبت جي جذبن ۽ محبوب جي سراپا جو بيان ڪندي قادري
چوي ٿو:
منهنجي دل تنهنجو گهر آهي، اچي رهه گهر ۾ اي دلبر،
سوا تنهنجي ڪيو غم آهي، تنهنجي گهر ۾ گهر پنهنجو.
سهي قامت ڪبڪ رفتار گل رُو آيو گلشن ۾
ڦڪو ٿيو گل ڏسي اُن کي نوايو سرو سر پنهنجو.
-
کُٽي ٿي ڪينڪي غم جي شب ديجور يا الله،
لڪايو رات پردي ۾ الائي ڇو سحر پنهنجو.
حسن جي جلوي جي ڪا انتها ناهي، شاعرن به گهڻين
زواين سان سراپا بيان ڪيو آهي. ميان علي محمد
قادري حسن جي جلون کي ڪيئن پسي ٿو:
لڪائين مون کان ٿو رخسار هي ڇا،
رهين ٿو دل ۾ عنقا وار هي ڇا.
تنهنجي آئينه رُو تي مان حيران،
تون منهنجي عڪس کان بيزار هي ڇا.
رهي مخفي ٿو تون نفسن ۾ ليڪن،
ڏسان جاڏي ته تون نروار هي ڇا.
مڙهي مسجد ۽ ديول بتڪدي ۾،
ڏٺم جلوو رخ دلدار هي ڇا.
اُتي خلوت ۾ بي غم قادري هو،
کنيائين هِت غمن جو بار هي ڇا.
ميان علي محمد قادريءَ جو ڀائٽيو غلام عباس جوش
(1904-1962ع) به شاعر هو. هِن خاندان جو آخري شاعر
ڊاڪٽر حسين قادري هو، پر هُن جي مشهوري افساني جي
ڪري آهي. اُن ڪري سندس ذڪر ايندڙ نثر واري دور ۾
ايندو.
حافظ عبدالله ”بسمل“ (1889-1950ع):
عبدالله بسمل، حافظ يوسف جو ننڍو پٽ هو. سندس
تعليم ۽ تربيت والد طرفان قائم ڪيل مڪتب ۾ ٿي.
سنڌي ۽ فارسي پڙهيو ۽ قرآن شريف جو حافظ بنيو.
عربي علامه اسد الله فدا وٽ پڙهيو. حافظ بسمل
فارسيءَ جو ماهر ليکيو ويندو هو. پڙهائڻ ۾ گهڻو
عرصو صرف ڪيائين. روزگار خاطر حيدرآباد ۾ رهيو.
حيدرآباد ۾ هلال پاڪستان ۾ ڪم ڪيائين. زندگيءَ جا
آخري سال بيماريءَ ۽ غربت ۾ گذاريائين. اڄ جن
شخصيتن کي صاحب ڪمال ڪري پيا ڄاڻون تن جي بيوس ۽
غربت جو دور ڄڻ عبرت جو مقام آهي. پاڻ بسمل اُن
صورتحال جو نقشو چٽيو آهي:
هڪ ته پيري ٻيو وري مرضن ڪيو آهي هجوم،
هاڻ ڏسجي ڪيئن ٿو بسمل ناتوان زنده رهي.
ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ ٽکڙ جو هي ستارو غروب ٿي ويو
(13). بسمل پنهنجي شاعريءَ جي ابتدا والد حافظ
يوسف ۽ وڏي ڀاءُ حافظ دلگير جي رهنمائيءَ ۾ ڪئي.
ڊاڪٽر بيخود لکي ٿو ته: ”بسمل جو ڪلام بهار اخلاق
۽ ٻين اخبارن ۾ شايع ٿيندو هو ۽ اخبارون سندس نالي
اڳيان استاد الشعراءَ لکنديون هيون (14).“
زندگيءَ جي جواني واري دور ۾ غزل سان خوب
نباهيائين ۽ پيريءَ ۾ قومي خيالن ڏي موٽيو. خود
چيائين ته:
خال خط جو مشغلو بسمل جوانيءَ ساڻ هو،
بند پيريءَ ۾ اها پنهنجي سخنداني ڪيم.
حافظ بسمل غزلن کان سواءِ ٽي مثنويون به چيون. جن
مان مثنوي محمدي ڪتابي صورت ۾ ڇپي. سسئي پنهون
پوين وٽ محفوظ آهي. مثنوي دودو چنسير گم ٿي ويئي.
حافظ بسمل جي غزل ۾ معامله بندي ۽ مڙني لوازمن جو
خيال مدنظر آهي. مثال تلميح جو اشارو آڻي ٿو:
حوصلو تنهنجو ته اي ديده گريان نڪتو،
آب اکين مان ٿي هڪ نُوح جو طوفان نڪتو.
عشق جي واردات بسمل وٽ پوري زور شور سان موجود
آهي. چشمِ جانان جي ادا ڪيئن گهائل ڪيو:
چشم جانان جي ادا جو نه هو گهائل ڪوئي،
مست اکين جي تمنا ۾ ڪوئي چُور نه هو.
ڪاڪل خمدار جو ڪهڙو ڪم آهي:
منهنجي گردن ۾وري وجهه ڪاڪلِ خمدار کي،
بُت پرستن واسطي زُنار جو ڪهڙو ضرور.
محبوب جي اچڻ سان ئي رنگ بدلجي وڃن ٿا. بسمل هن
نظاري جي اڳ ڪٿي ڪندي چوي ٿو:
اڄ منهنجي اڱڻ تي ماهرو ۽ مھ جبين ايندا،
اڃان هِت خوبرُوين جا هزارين چهچٽا ٿيندا.
ڪڙن ۾ قرب جي دل ٿيندي مشتاقن سندي ماندي،
جڏهن زلف مسلسل ڪاڪلِ خمدار کوليندا.
اڃان فتنا هتي اُٿندا انهيءَ مخمور نرگس جا،
اڃان هن تيغِ اَبرُو کان هزارين خون فشان ٿيندا.
اهڙي صورتِ حال ۾
ڇا ڪرڻ کپي:
اُٿي ڏيکار بسمل جوهرِ تيغ زبان پنهنجو،
سخ ور قدردان تنهنجي سخن تي آفرين ڏيندا.
بسمل جو زور بيان مون کي جنهن غزل ۾ نظر اچي ٿو.
سو تغزل، جذبات، اسلوب تلميح، تشبيهه ۽ زورِ بيان
جو مُرقعو آهي:
آيو نه ڪڏهن حرف شڪايت جو دهن ۾،
نڪتو جي اندر مان ته ويو گهٽجي گهن ۾.
ڪير آهي ڇڏي پنهنجو ويو عڪس گلن ۾،
هنگماو متو شوق جو مُرغانِ چمن ۾.
رک پنهنجي شهيدن تي قدم تيغ سنڀالي،
ڏسجان ته متان جان اچي موٽي مُئن ۾.
موٽي ٿو وڃي موت رسي گر ٿو ستمگر،
تقدير به ڇا آهي ٿي قاتل جي هٿن ۾.
پهلو ۾ جي ويٺو ته ٺهي درد ٿي ويٺو،
اُٿيو ته اُٿيا سور نوان جان ۽ تن ۾.
مقتل ۾ بهار آهي ذرا هل ته ٿئي سير،
گل تنهنجي شهيدن جي ڪڍيا خون پٽن ۾.
ڇو دستِ حِنائيءَ کي ڊڄين يار ٿو رکندي،
تنهنجا ئي آهن تير انهن دل جي ڦٽن ۾.
ديوانو ڪٿان آيو ڪرڻ سمع خراشي،
بسمل کي ڏجو داد نه هن طرزِ سخن ۾.
بسمل جا نظم به وقت جي تقاضائن موجب لکيل آهن.
جيئن؛ ”بمبئي کان سنڌ جي جدائي“ ۽ ”مناجات مسلم“،
وغيره.
غلام احمد نظامي (1895-1950ع):
غلام احمد جا وڏا لاڙڪاڻي جا هئا. هن جي والد جو
نالو محمد صديق هو. روزگار سنگي ڪراچيءَ ۾ اچي
ويٺا. نظاميءَ پاڻ کي خواجه حسن نظامي دهلويءَ جي
نسبت سان وابسته ڪيو. قرآن شريف ۽ ٿوري اردو ۽
فارسي پڙهائين. غلام احمد درزڪو ڪم سکيو ۽ علمي
لياقت به وڌايائين. جهونا مارڪيٽ ڪراچيءَ ۾ هڪ
ڪتابن جو دڪان قومي ڪتبخاني جي نالي سان کوليائين.
هي دڪان ڇهه سال هليو. 1930ع ۾ وري اڇي قبر وٽ
سيڌي سامان جو دڪان کوليائين. اٽي پيهڻ جي مشين به
قائم ڪيائين. نيٺ ووڊاسٽريٽ ۾ سنڌ اسلاميه هوٽل
کوليائين. جا زندگيءَ جي آخر لمحن تائين هلايائين.
زندگيءَ جي هن جدوجهد سان مشق سخن به جاري رهي.
نظامي غزل، مسدس، مثلث ۽ ٻين صنفن ۾ ڪلام چوندو
رهيو، پر جلد ئي هن جو ڌيان مسلم قوميت ۽ تحريڪ
پاڪستان ڏانهن هلي ويو. ان سلسلي ۾ علامه اقبال جو
ڪلام خاص طور هُن جو رهبر بنيو. جيئن اقبال
مسلمانن جو شاندار ماضي ياد ڏياريو ۽ کين سجاڳ ڪرڻ
لاءِ شاعريءَ جو سهارو ورتو. نظاميءَ به ائين ڪيو.
مسدس حالي جو به ترجمو ڪيائين ۽ سندس ڪلام به ٻه
مجموعا رياض نظامي ۽ بياض نظامي مقبول ٿيا. جميعت
الشعراءَ جو سرگرم ڪارڪن رهيو. صحافي زندگيءَ ۾
اديب سنڌ ۽ ٻين جريدن سان وابسته رهيو پر سرام ضيا
۽ عطا محمد حامي، نظاميءَ جي خاص شاگردن ۾ هئا.
پاڪستان جي قيام جي خوشي ۽ مسلم قوميت جي اهميت
بابت نظاميءَ جو ڪلام خاص طور نمايان ٿيو. اُن
سلسلي ۾ اقبال جو اثر مٿس نمايان آهي:
جي خوش سمجهين ته فطرت جو سچو سينگار تون آهين،
خداءِ دوجهان جي نور جو اظهار تون آهين.
-
بلند آهي وري ڪرڻو عَلم توکي صداقت جو،
مجاهد مردِ ميدان ۽ علمبردار تون آهين.
نظم ”تعمير پاڪستان“ ۾ خوشيءَ جو اظهار ڪندي چوي
ٿو:
خدا جي فضل سان قائم وري امن و امان ٿي ويو،
نئين سر شاد ۽ آباد هي سارو جهان ٿي ويو،
اسان جو سارو پاڪستان وري جنت نشان ٿي ويو.
بياض نظامي جو ديباچو لکندي ڊاڪٽر شيخ محمد
ابراهيم خليل صحيح لکيو آهي: ”سنڌي قومي شاعريءَ
جو سهرو بلا مبالغه نظاميءَ جي سر تي آهي. سنڌي
شاعريءَ ۾ گل و بلبل، ڪاڪل و زلف، خط و عارض جي
ڪمي ڪانه هئي. مگر جيڪا ڪمي هئي سا فقط قومي
شاعريءَ جي، جنهن کي تڪميل تي پهچائڻ جي ڪوشش ۽
فرض ادائي جيڪا نظامي صاحب ڪئي سا بيشڪ قابل داد
آهي(15).“
آزاديءَ جي تحريڪن هلندي نظاميءَ جا جوش ڏيارڻ
وارا شعر ياد رهڻ جهڙا آهن:
همت سان ملي ملڪ کي آزاد ڪنداسين،
هن گلشنِ برباد کي آباد ڪنداسين.
بلبل کي چمن مون کي وطن پنهنجو پيارو،
هي شعر نظامي جو سدا ياد ڪنداسين.
نظاميءَ جا غزل سندس مسلم قوميت ۽ پاڪستان جي
خيالن هيٺ دٻجي ويا، پوءِ به سندس غزل کي نقادن
ياد رکيو آهي. درد ۽ بي تاب دل جو بيان ڪندي چيو
ٿو:
فلڪ ڏي موقعومون کي حقيقت يار سان ڪريان،
لڇڻ جو درد جو بي تاب دل جو مان بيان ڪريان.
دل جو حال عام جي اڳيان بيان ڪرڻ جي خواهش ڪري ٿو:
دل ٿي چوي ته عام ۾ دل جو بيان ڪجي،
مدت جي مخفي راز کي بلڪل عيان ڪجي،
زير و زبر زمين ڪجي آسمان ڪجي.
-
ملت جي لاءِ وقف ڪجي زندگي عزيز،
پيريءَ ۾ اي نظامي نه عشقِ بتان ڪجي.
نظاميءَ جي ڪلام ۾ حمد، نعت، اخلاق ۽ قومي موضوعن
جي گهڻائي آهي. نظم ۾ هُو عروج تي آهي ته به عشقيه
ڪلام غزل کان سواءِ ٻين صنفن ۾ به موزون ڪيو اٿس.
خدا جي حمد ڪندي حسن ۽ عشق جون رمزون ظاهر ڪري ٿو.
هي مثلث اُن جو مثال آهي:
صورت جي اهڙي سهڻي ليليٰ ته ڪانه ڪا هئي،
تنهنجي ئي تيج جي بس هي جدت جابجا هئي،
مجنون ٻڌي ٿيو هو حيران تنهنجو نالو.
-
يوسف جي حسن ۾ هو توکي ڏٺو زليخا،
جچيو ٿي نام تنهنجو هردم مٺو زليخا،
هن عشق ۾لڪل هو هو ذيشان تنهنجو نالو.
ڪيترائي سنڌي شاعر آهن، جن اندازاََ تحريڪ پاڪستان
جي ابتدا کان مسلم قوميت ۽ پاڪستان بابت لکيو، پر
خاص طور نمايان نظامي ٿيو(16).
محمد بخش واصف (1892-1952ع):
محمد بخش ولد محمد عثمان لوهار ڳوٺ لاکاٽ تعلقي
سڪرنڊ ۾ پيدا ٿيو. ڪن روايتن موجب تعلقي دولتپور
صفن ۾ ڄائو. هن جو والد حيدرآباد جو اصل رهاڪو هو،
تنهن ڪري ننڍپڻ ۾ ئي واصف حيدرآباد آيو. قرآن شريف
۽ ٻي دستوري تعليم بعد چار درجا انگريزي پڙهيو.
ڊرائنگ جا امتحان پاس ڪيائين ۽ سنڌي فائنل به پاس
ڪيائين. عربي فارسي به پاڙي جي مسجد ۾ مولويءَ وٽ
پڙهيو. 1911ع ۾ سندس والد گذاري ويو.واصف حيدرآباد
جي لئنڊ رڪارڊ آفيس ۾ ڪلارڪ جي نوڪريءَ جي سلسلي ۾
ٻين هنڌن تي به رهيو. واصف اندازاََ 1911ع کان
شاعري جي ابتدا ڪئي. سندس قابليت جي باري ۾ ڊاڪٽر
خليل ۽ مولانا گراميءَ جا رايا قابل قدر آهن.
ڊاڪٽر خليل ديوان واصف جي مقدمي ۾ لکي ٿو:”غزل گو
شاعرن جي تاريخ ۾ واصف جو نالو سونهري اکرن ۾لکڻ
جي قابل آهي. ڇاڪاڻ ته هن پنهنجي تغزل ۾ جيڪي
ڳالهيون رکيون آهن، سي هن کي پنهنجي وقت جي غزل گو
شاعرن کان تمام گهڻو بلند وٺي وڃن ٿيون. جهڙوڪ:
مضمون آفريني ۽ نرالي مضمون کي نهايت سلاست ۽
صفائي سان پيش ڪرڻ (ص 8).
مولانا غلام محمد گرامي، واصف جي مجموعي قابليت،
اڀياس ۽ شعر جي جذبي بابت راءِ ڏي ٿو: ”فخر
الشعراءِ سنڌ محمد بخش واصف صاحب هڪ جامع الفنون ۽
جامع الڪمالات اديب هو. هو اسلامي علوم ۽ديني فنون
جو ڄاڻو هو. هُو تاريخ، سر، رجال جو محقق به هو.
هڪ زبان دان به هو. تصوف، ويدانت، مجوسي فلسفي ۽
يوناني فلسفي جو ڪافي مطالعو هوس. سنڌي، اردو،
عربي، فارسي، هندي، سنسڪرت ۽ انگريزي زبانون
ڄاڻندو هو. هڪ مشاق ۽ استاد شاعر به هو. هڪ خوش
خط، خطاط، نقاش، ڪاتب ۽ مصور به هو (وياسي وينجهار
ص 13).“ ٻن همصعر اديبن جا هي رايا واصف جي مڪمل
علمي شخصيت کي بلڪل چٽو ۽ اجاگر ڪن ٿا. واضف نثر ۾
به ڪتاب لکيا ۽ ترجمو ڪيا. اُنهن انوار سهسيلي،
اقبال جي مثنوين جا ترجما ڪيائين. شاهه جي رسالي
جي شرح لطيفي لکيائين. تذڪره الشعرا ۽ ٻيا اسلامي
ڪتاب لکيائين. شاعريءَ ۾ واصف جو درجونثر جي نبست
بلند آهي. بحيثيت شاعر جي هُن جو همعصر دور ۾ رتبو
مڃيل آهي.
ديوان واصف پهريائين 1922ع ۾ لٿو ۾ ڇپيو هو. اُن
کانپوءِ 1955ع ۾ ڇپيو. اڃان به واصف جو مڪمل ڪلام
شايع نه ٿيو آهي. ڪلام ۾ غزل جي معيار کي مطالعي
هيٺ آڻيندي اهو چئي سگهجي ٿو ته پنهنجي دور جي
شاعرن جي هن لڙهيءَ ۾ واصف هڪ انمول ۽ بي بها موتي
آهي. بلند خياليءَ ۾ واصف نمايان آهي. عاشقانهڪلام
۾ جذبن جي انتها پسبي آهي. اُها واصف وٽ موجود آهي
۽ آه وفغان جو بلند آواز به ٻڌجي ٿو. يار کي ڪهڙي
سوغات جي گهرج آهي، اون جو بيان واصف هيئن ڪري ٿو:
ڪافي ٿيا هي ڳوڙها جي گوهر نٿا رکون،
سر ٿا رکون اي يار اگر زر ٿيا رکون.
سراپا نويسيءَ ۾ به واصف نمايان آهي. زلفن جو بيان
ڪندي. عاشقن جي پريشانيءَ جو ذڪر اچي ٿو:
ڇوري گهمين ٿو وار تون پر ڪار خبر اٿئي؟
عاشق ٿين ٿا تنهنجا پريشان نوان نوان.
محبوب مسيحائي ڪرڻ بدران زخمن تي لوڻ ٻُرڪي ٿو.
اُن ڪرب جو بيان هي به آهي:
ٻُرڪي نمڪ کي زخم تي مُرڪي مِٺي چيو:
غمگين ٿي نه توکي اسين شاد ٿا ڪريون.
معامله بنديءَ جو ڏانءُ شاعر وٽ آهي. چوي ٿو ته هڪ
طرف شاد ڪرڻ جا دلاسا ته ٻئي طرف غيرن سان مجلسون،
ڇي اِهي ڪوڙ آهن؟
ڪلهه غير وٽ وئين ته رقيبن سان اڄ گهمئين،
ڪوڙا اُٿن نه روز ٿا طوفان نوان نوان.
واصف حسن جي هوشر بائي ۽ محاڪات جو لوازمات خوب
ڪلام جو حصو بنايا آهن. محبوب هٿن تي ميندي لڳائي
ٿو ته سو ڇا آهي؟ زلف کولي ٿو ته مراد ڪهڙي اهي؟
رنگين پوشاڪ ٿو پهري ته نتيجو ڪهڙو ٿو نڪري؟ سومو
ٿو پائي ته ڪهڙو حشر ٿو ٿئي؟ انهن ڳالهين کي واصف
هيئن ڳڻي ٿو:
دستِ رنگين تي جو ميندي کي لڳائي نڪتين،
خونِ عاشق جو عجب رنگ رچائي نڪتين.
زلف ڇوڙي جو ڪلهن تي تون هلئين سير جي لئه،
مُرغ دل ڪاڻ مگر دام بنائي نڪتين.
پنهنجي پوشاڪ ڦڪائيءَ کان گلن ڦاڙي ڇڏي،
چولو پٽ جو تون پرين صبح جو پائي نڪتين.
سُرمي جي ڪاني نه آهي هيءَ ڪماني ليڪن،
فوج مزگان جي ڇا عاشق تي سنڀائي نڪتين.
ڪچه ء يار ان ڇا توکي ٿيو حاصل واصف،
دل ڦُرائي ميان ناموس وڃائي نڪتين.
واصف وٽ غزل جي رنگن جي کوٽ ناهي:
ناز نخرو ٿا پسائن ناز نينان چار ڏينهن،
دل کسڻ لئه ٿا رکن صحبت هي سهڻا چار ڏينهن.
عندليبو! دل لڳايو باغ دنيا سان نه ڪا،
رنگ ويو آهي گلن جو منجهه گلستان چار ڏينهن.
-
دانهون ڪريان مان ڪئن نه تصور ۾ زلف جي،
ڀانيان ٿو ڄن ته ڇاتي تي آهي سوار نانگ.
-
گهر ڏسنديئي چوان ٿو شبِ انتظار ۾،
جئري ئي آهيا پيو لاشڪ مزار ۾.
-
ري عشقبازي جي نه مان ڄاڻان ٿو ڪِرت ڪا،
ننڍپڻ کان ئي پسند هي ڌنڌو ڪيو اٿم.
-
حاصل ٿو ٿئي رنج محبت ۾ اي واصف،
بلبل کي ڏٺم دائما ناشاد چمن ۾.
-
چشمِ بيمار جو اگهو نه ڇُٽو،
قيدي زلفن جو ڪو رها نه ٿيو.
اقبال جي مثنوي رموز بيخودي مان هڪڙو اقتباس آڻي
واصف جو بيان مڪمل ٿا ڪريون:
هڪڙو سائل ٿي آيو سر تي ٿي قضا،
در اسان جي تي هنئين هر هر صدا.
غصي کان ڪاٺي هنيم سر جي مٿان،
جيڪي هو پنيو ڪري پيو اُن هٿان.
عقل تي آيو جڏهن وقتِ شباب،
ڪين ٿو ڄاڻي صواب و نا صواب.
ڪاوڙيو بابو سندم هن طبع کان،
ٿي سندس منهن تي پريشاني عيان.
جمع خان غريب (1885-1953ع):
جمع خان ولد ستار ڏنو پيرزادو دادو ضلعي جي ڳوٺ
مريد خان لاکير ۾ ڄائو. سنڌي فائنل پاس ڪري ماستر
ٿيو. عربي فارسي به پڙهيائين ۽ ڪجهه طب جي تعليم
به ورتائين. 1940ع ۾ رٽائر ٿيڻ کاپوءِ حڪمت ڪندو
رهيو. بلبل جي صحبت ۾ رهيو. اُن سان گڏ حيدرآباد ۾
ٽريننگ ڪاليج جي تربيت دوران محمد صديقي مسافر سان
دوستي ٿيس. مخلص ۽ مسافر کان اصلاح به ورتائين.
ادبي مجلسن، مشاعرن ۽ ڪلام ڇپجڻ ذريعي جمع خان
غريب جي همت افزائي ٿي. 1953ع ۾ بيمار ٿيو ۽
پنهنجي حالت جي زير اثر ماده تاريخ خود ئي
لکيائين. جا آهي ”با بقا جانِ غريب“ (1372 هه
1953ع). ٻين اديبن به سندس وفات جون تاريخون لکيون
(17).
مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيل ڪلام کانسواءِ جمع
خان غريب جي ڪلام جو مجموعو گل نوبهار، 1935ع ۾
ويڙهو مل کٽڻ مل لاڙڪاڻي واري شايع ڪيو. جنهن ۾
مهاڳ محمد صديق مسافر، علي ابڙي ۽ ڊاڪٽر هوتچند
گربخشاڻيءَ لکيا آهن. هن ننڍڙي ڪتاب ۾ حمد، نعت،
پندو نصيحت ۽ ٻين موضوعن تي شعر آهن. نظم توڙي غزل
۾ غريب هڪ ڪامياب شاعر آهي. ٻيو ڪتاب رسومات تباهي
اٿس، جو ناياب آهي. شعر ۾ مختلف موضوع ۽ مختلف
هيئتون ڪم آنديون اٿس. اخلاقيات تي سندس خاص زور
رهيو. ڪروڌ ۽ ڪاوڙ بابت لکي ٿو:
رزق روزيءَ جي رهه تون ڳولائو،
پر ڪروڌي تون ٿي نه اي ڀاءُ،
جيڪو موليٰ ڏنو سو آهه ڀلو،
صبر ۽ شڪر ڪر ته ٿئين سائو.
ڪيترن ئي موضوعن تي شعر چيا اٿس. جهڙوڪ: لوڀ، موه،
ڀنگ، جهنگ، شراب خراب، آفيم ڪاري بلا، چرس بي ترس،
تندرسي ۽ اهنڪار وغيره. تعصب جي باري ۾ چوي ٿو:
ڪر نه تعصب سان دل جو گندو لب،
ڄاڻ سڀني جو آهه هڪڙو رب،
جو تعصب رکي ٿو اندر ۾،
اُن کي ڄڻ آهه تپ شطرالغب.
نياز بابت چوي ٿو:
محمود ڇا ڏٺو هو شيديءَ اياز ۾،
سو حسن خوب جو هيو شڪلِ نياز ۾.
ظلمات ۾ ته آبِ حيات آهه ناز ۾،
معشوق جو ته ناز آ عاشق جي راز ۾.
ڪن غزلن ۾ عنوان رکيل آهن ۽ نظم وارو تسلسل رکن
ٿا، پر انهن ۾ غزل واري ڪيفيت رکن ٿا. مثال طور:
قيدِ غم کان ويو ڇٽي روح روان عندليب،
ڪين ٿيا صياد مالهي رازدان عندليب.
عشقيه جذبات ۾ غربت جو اشارو غريب کي اسم بامسميٰ
بنائي ٿو ڇڏي. چوي ٿو:
مال هن وٽ حسن جوموٽ وٽ غريبت عشق جو،
ڇا ٺهي هي ٺاهه ٿو زردار جو بي زر سان گڏ.
-
ڪوءِ قاتل ۾ مون ٺاهيو گهر کي پنهنجو قتل گاه،
منهنجو ٿيو محبوب سان گهر گهر سان گڏ درد در سان
گڏ.
-
چون ٿا عالم ته عشق انڌو وڌيڪ انهيءَ کان بک آهي،
هجي ڪو ڍاول تميز ڌاري ته آهه ڇا ڇا خراب خالص.
غلام علي مسرور (1893-1953ع):
فقير غلام عليءَ جو به اُن احمد بدويءَ جي خاندان
سان واسطو آهي، جنهن جو ذڪر امام بخش خادم جي بيان
۾ ٿي آيو آهي. هي خاندان بغداد کان خراسان، ملتان
۽ اُچ کان ٿيندو سنڌ ۾ آباد ٿيو. ميرن جي صاحبيءَ
جي ابتدا هئي. جڏهن احمد بدوي شڪارپور ۾ آيو. احمد
جو فرزند محمد بچل گهوڙن جو سوداگر هو. اُن کي
پهرئين گهر مان فقير مسرور جو والد رحيم بخش ڄائو
۽ ٻئي گهر مان امام بخش خادم ٿيو جو لطف الله
بدويءَ جو والد هو(18).
غلام علي شڪارپور ۾ ڄائو. سندس تعليم ۽ تربيت والد
ميان رحيم بخش بدويءَ جي هٿ هيٺ ٿي. 1901ع ۾ قاضي
محلا اسڪول شڪارپور ۾ داخل ٿيو. اُتي سندس والد
ميان رحيم بخش هيڊ ماستر هو. ٻئي سال اُن سان گڏ
جماڻي هال پرائمري اسڪول شڪارپور ويو. ابتدائي
تعليم کانپوءِ تعليم ۾ ئي هاءِ اسڪول ۾ داخل ٿيو.
اُن کانپوءِ سنڌ مدرسي ڪراچيءَ ۾ داخل ٿيو. اُتان
به ڇڏي ڏنائين ۽ 1910ع ۾ سنڌي فائنل امتحان پاس
ڪيائين ۽ اُن بعد ٻه سال تپيداري اسڪول حيدرآباد ۾
ٽريننگ لاءِ ويو. تربيت بعد شڪارپور تعلقي ۾
تپيدار مقرر ٿيو. مختلف هنڌن تي تپيدار رهڻ
کانپوءِ 1928ع ۾ ترقي ڪري سپروائزنگ تپيدار ٿيو.
رٽائرمنٽ کان هڪ سال اڳ نوڪريءَ مان آزاد ٿي گهر
پهتو. اُن کانپوءِ خانگي نوڪريون ڪيائين. آخر
سردار بهادر محمد بخش شيخ (ڪوجهي) جي زمين جي سار
سنڀال ڪندي 1953ع ۾ ٽنڊي آدم ۾ خدا کي پيارو ٿيو.
مسرور فقير پيارو انسان ۽ محبت جو ترجمان هو. سندس
فرزندن مان سائين احمد بخش گادي نشين آهي ۽ سڀني
کان ننڍو پر شاعر ۽ سُر سنگيت جو ساڃهه وند بيدل
بخش (بيدل مسرور-ولادت 1947ع) فقير صاحب جي علمي
ورثي جو وارث آهي. بيدل مسرور ڪليات مسرور ترتيب
ڏيئي، فقير صاحب جي شاعرانه ڪمال کي محفوظ ڪيو
آهي. اڃان ٻئي جلد ۾ باقي ڪلام ايندو. ڪليات ۾
فقير غلام علي مسرور جون ڪافيون، بيت ۽ ٻيو ڪلام
آندل آهي. ڪي ڪافيون عروض تي موزون ڪيل آهن. انهن
مان ڪي چند غزل آهن. رديف وار به ترتيب ڏنو ويو
آهي، مثال طور: غزلن جا ڪي مطلع ۽ شعر هي آهن:
خاصا ٻيا پرتئون پڌر تنهنجو پسي دلدار رُخ،
خود کان ٿيا پڻ بيخبر تنهنجو پسي دلدار رُخ.
-
خاموش خسته حال ۾ مسرور آ مجنون جيان،
مخمور ٿيڙس مست تر تنهنجو پسي دلدار رُخ.
-
دلبرا دوريءَ سندو هي دل منهنجي تي آهه داغ،
وڃ پياري پرت مان ڪو وصل جو وارث اياغ.
-
اڄ ٿيو طبع تي تازو هي حال مُنڪَشف،
ب ٻ کان ويس ڀلجي آڏو ٿيو الف.
-
ڪون و مڪان جو مالڪ آهي جناب عشق،
فائق ۽ فيض گنجُور فيضماب عشق.
-
ساڻي سدا سچن سان هرحال رنج و غم ۾،
گمراه جو آهي رهبر ثاقب شهاب عشق.
ڪافيون ۽ بيت مختلف عنوانن ۽ نيم تاريخي داستانن
موجب ترتيب ڏيئي ڪليات مرتب ڪيل آهي. اُن کان فقير
غلام علي مسرور جو هڪ مسدس ، هيرن جي هار جي عنوان
سان ڇپيل هو. اُن جو 1953ع جو ڇاپو منهنجي اڳيان
آهي. مسدس مسرور (عرف هيرن جو هار) سنڌ
يونيورسٽيءَ جي نصاب ۾ رهيو آهي. اُن ڪري ائين
ڄاڻڻ کپي ته هن جا وڌيڪ ڇاپا به نڪتا هوندا.
هيرن جو هار هڪ ناصحانه مسدس آهي. ڪلام هيئت ۽
موضوع جي لحاظ بلند کان معيار جو آهي. هن ناصحابه
مسدس ۾ اتحاد، چڱائي ۽ محبت جو درس ڏنو ويو آهي.
فقير مسرور خدا جي حمد کانپوءِ اسان کي خوش رهڻ،
ٻين جي مدد ڪرڻ ۽ علم حاصل ڪري نيڪ عمل جي تلقين
ڪري ٿو:
هتي جو دم گهڙي آهين سدا خوشنود ٿي گهارج،
خدا جي خلق کي راضي رکج، ڪنهن کي نه آزارج،
ٻيو اُن کان سوا دل ۾ شغل ڪو علم جو ڌارج،
پڙهڻ سان گڏ ڪڙهڻ جي لئه گهڻو ئي پاڻ کي ڳارج،
نتيجو علم جو اهڙو گداگر مان تونگر ٿي،
هجي بي سرو سامان سو به صاحب هفت ڪشمور ٿي.
-
چڱو آهين چڱائي ڪر چڱن کان ئي چڱائي ٿي،
سندءِ انجام آخر جي ادا اِن سان ادائي ٿي،
اُٿي ڪر خلق جي خدمت ته توکان خوش خدائي ٿي،
ٿين ڪم گهر سُتي تنهنجا سندءِ سڀ پئي سنوائي ٿي،
وجهي ڳل هار هيرن جو نماڻو نانءُ ڪوٺائي،
ڪمر قابو ٻڌج دل سان اِهو تون ٻول ٻولائي.
-
وٺي رشوت رسد جيڪو سلوڻان کاڄ کائي ٿو،
عجائب قيمتي ڪيئي نان نِت ويس پائي ٿو،
وڏيرو رئيس ڪامل سيٺ افسر هُو سڏائي ٿو،
انهيءَ اقبال فانيءَ تي دغو پنهنجو ڄمائي ٿو،
اِهو اقبال ۽ عزت ڏهاڙا چار آ اُن سان،
مگر پوءِ تان پڇڻ وارو نه ڪوئي يار آ اُن سان.
انهيءَ طرح ايمانداري، سچائي، محنت، محبت ۽ ٻين جي
مدد کي مسرور هيرن جو هار پائڻ ڄاڻائي ٿو:
ڏئي سر نقد سودي ۾ ڳنهي وٺ هار هيرن جو،
وجهي ڳل هيج مان ٿج تون ادا پيرو فقيرن جو،
عمل اوٽائتو ڪج پڻ نه شائق ٿج نظيرن جو،
نه ڀئو بلڪل مگر ڌارج حسودن ۽ شريرن جو،
ڪري ثابت سچائيءَ کي مدامي موج ماڻج تون،
ڀُليو جو ٿو وڃي اُن کي سڌي دڳ سان اُماڻج تون.
قادر بخش بشير (1896-1954ع):
قادر بخش ولد دوست محمد سومرو (تخلص پهريائين فقير
۽ پوءِ بشير) ڳوٺ ميرپور تعلقي ٺُلَ ضلعي جيڪب
آباد ۾ ڄائو.
سندس والد ڳوٺ جي ٻارن کي قرآن شريف ۽ ٻي ديني
تعليم ڏيندو هو. قادر بخش اڃان ننڍو ئي هو ته سندس
والد گذاري ويو. اُن کانپوءِ سندس تعليم ۽ تربيت
والده ڪئي. پهرين قرآن جي تعليم حاصل ڪيائين. اُن
کان پوءِ سنڌي اسڪول ۾ ويٺو جتان 1911ع ۾ سنڌي
فائنل پاس ڪيائين. ماستريءَ جي نوڪري مليس جا ٽي
سال ڪيائين. اُن کانپوءِ 1915ع ۾ ٽريننگ ڪاليج
حيدرآباد ۾ تربيت لاءِ چونڊجي ويو. حيدرآباد جي ٽن
سالن جي قيام دورن مرزا قليچ بيگ سان ملاقات ٿيس.
اندازاََ 1917ع کان قادر بخش بشير جي شاعريءَ جو
سلسلو شروع ٿيو. تربيت کان موٽي وري مختلف اسڪولن
۾ ماستر رهيو. 1949ع کان 1951ع تائين تعليم کاتي ۾
انتظامي عهدي تي به رهيو، پر صحت جي تقاضا سبب
واپس اچي ماستر ٿيو. 1951ع ۾ نوڪريءَ مان پينشن تي
آيو. سرمايه دارانه سماج ۽ وڏيراشاهيءَ جي ظلمن
کيس سياست ۾ اچڻ لاءِ اُڀاريو. اليڪشن ۾ بيٺو پر
هارايائين. 1953ع ۾ سلهه جي بيماريءَ ۾ مبتلا ٿيو
۽ 1954ع ۾ گذاري ويو (20).
ڪلام بشير، ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ ايڊٽ ڪيو آهي.
هن ڪتاب ۾ بشير جا غزل، نظم، مسدس ۽ ٻيو ڪلام شامل
آهي. نظم تي ته هونئن به عنوان هوندو آهي، پر غزلن
تي به عنوان لڳل آهي. اِهو عجيب آهي! طويل مقدمي ۾
شاعرانه ڀيٽ ۽ ڪلام جي عيبن بابت به بيان ڪيوويو
آهي. عنوانن غزلن ۽ نظمن جي هڪ وسيع دنيا آباد ڪئي
آهي. غزلن جي عنوانن ۾ اي مولا، مارن جي رٻ، پنج،
ڏسي وڃ، ڪاش ۽ خال خط وغيره اچي وڃن ٿا. ائين نظم
به فاتح سنڌ، شاهه عبداللطيف، سنڌي ٻولي، رشوت،
راشن، اٽو لٽو ۽ ڪراچي وغيره بابت آهن. نظمن ۾
سماج جي عيبن جي اوک ڊوک ڪيل آهي. بشير سماج جي
ڏاڍاين ۽ اره زورائين جو هڪ نقاد نظر اچي ٿو. ان
سلسلي ۾ سندس مسدس وڌيڪ اثردار آهن. نظم ۾ طنزيه ۽
سِٺَ وارو ڪلام به موجود آهي.مختلف شاعرن سان سندس
علمي محاذ آرائي رهي آهي. انهن ۾ لطف الله جوڳي
(بدوي) ۽ روڏو موالي (رشيد لاشاري) اچي وڃن ٿا. هن
سلسلي ۾ گٿا ۽ نامناسب لفظ ٻنهي طرفن کان ڪم آيا.
ڪن اعتدال پسندن سان مناسب زبان جي جواب ۾ مناسب
زبان به شبير ڪم آندي ۽ موضوع تي ئي لکيو ويو. جئن
عبدالڪريم گدائيءَ جي نظم ”جواني کانپوءِ“ جي جواب
۾ بشير ”ٻُڍاپڻ کان اڳ ۾“ لکيو. خيال آرائيءَ جو
هڪ هڪ بند هن ريت آهي:
گدائي: سو حسن جي جهن ۾ ڪڏهن لاجواب هو
۽ هر قدم تي جنهن جي بپا انقلاب هو،
پُر لطف خواب هو يا ڪنهن جو شباب هو،
سي ڏينهن ٿي ويا جو پگهر ڀي گلاب هو،
اڄ عطر ڀي مکي ته محبت جي بُو نه آ.
بشير: سمجهه هن جوانيءَ کي اي دل غنيمت،
نه جواني ۾ ڄاڻون ٿا، ان جي ڪا قيمت،
تڏهن خلق جي تون ڪري سگهندين خدمت،
بدن ۾ جڏهن توکي هوندي ڪا طاقت،
پڄي ڪين سگهندا پر پيريءَ ۾ هي ڪم،
اچي وٺندا دنيا جا ٻيا ئي گهڻا ڪم.
جيئن عرض ڪيم ته غزلن تي به عنوان آهن. انهن مان
اڪثر تي قاديه يارديف جا عنوان آهن. جيئن اڄ رديف
۾
چوي ٿو:
ڇا ڪندو قابومون کي زنجير اڄ،
يا ڪِ ڊيڄاري سگهي شمشير اڄ.
عنوان ڪج رفتار اڄ هيٺ چوي ٿو:
ڇا گلا پنهنجي ڪجي پر آهيان لاچار اڄ،
ٿي وئي ڪهڙي اسان جي هاءِ ڪج رفتار اڄ.
اهڙيءَ طرح غزلن تي عنوان ڏنا ويا آهن. نظم ڏي
بشير جو لاڙو به ان ڳالهه جو متقاضي آهي. نظمن ۾
بشير وٽ چڱي رنگار رنگي ۽ تنوع آهي. سماج جي هر
پهلوءَ جو احاطو ڪيو اٿس. اڪثر طنز به نظمن ۾ملي
ٿي. اهڙن نظمن ۾ ”دوزخ جو داروغو“ نمايان آهي. هي
مسدس بندن ۾ آهي:
چيو دورزخ جي داروغي جهنم ۾ جڳهه ناهي،
رواجي گنهگارن کي فرشتا ٿا اچن ڪاهي.
هتي تڙ ڀيڙ آ ڏاڍي نه خالي جاءِ ڪا آهي،
نه ڄاڻان هن زماني ۾ فرشتن کي ٿيو ڇاهي،
ڪري نامنصفي ناحق نڪي بدنام مان ٿيندس.
مان حقدارن کي دوزخ ۾ ته واري تي جڳهه ڏيندس.
سماج جي مختلف طبقن کان ٿيندو وڃي بي عمل عالم تي
پوي. چي:
ڊگهي ڏاڙهي ڊگهي تسبيح سان هڪڙي کي پڪڙيائين،
وجهي هٿ بي عمل عالم جي گردن کان ته ورتائين.
ڪيو گمراه تو آهي سمورو ملڪ اي سائين،
جهنم واسطي تون ئي سڳوري سوکڙي آهين،
ڪيو بدنام تو آهي، سدا مسجد ۽ منبر کي،
رکيو ناپاڪ تو آهي، سدائين دل جي مندر کي.
اهڙيءَ طرح ”فرعون تي فرياد“، ”چوڏهين صديءَ جو
انسان“ (مسدس) ۽ ٻيا نظم بشير جي هن معاملي ۾
برجستگي ظاهر ڪن ٿا. عجيب نُڪتن ۽ مختلف پهلوئن تي
طبع آزمائي ڪئي اٿس. هڪ نظم ”سورهن خوش نصيب“ ۾
مختلف حيثيت جي ماڻهن بابت گفتگو ڪري ٿو. مثال:
سُڃُو، تونگر، ڪڙمي، زميندار، ماستر، قانع،
خيرخواه، آزاد، حاڪم ۽ عيش پرست وغيره تي هڪ هڪ
مخمس بند لکيو اٿس. سُڃي بابت چوي ٿو:
خوش آ، اُهو جنهن وٽ موجود ڪانهي پائي،
جنهن کي نه چور جو ڊپ رشوت نه ڏي رسائي،
جو رات ۾ ٿو کائي سڀ ڏينهن جي ڪمائي،
ڀورو نٿو بچائي سڀ ٿو وڃي جو کائي،
ڳڻتي رکي نه ڪائي سو خوش نصيب آهي.
پاڻ بابت (جڏهن حقير تخلص ڪندوهو):
خوش آ دنيا ۾ جيئن هي حَقير اهي،
توڙي نه تڪ ڪنهين جي ممبر مُشير آهي،
سردار قوم ڪنهن جو ناڪو اَمير آهي،
آزاد ڀي نه آهي نا ڪو اَسير آهي،
پر جي فقير آهي سو خوش نصيب آهي.
مراد علي ڪاظم (1901-1954ع):
مراد علي ولد خدا بخش شيخ، روهڙيءَ ۾ ڄائو.
ابتدائي تعليم روهڙيءَ ۾ ورتائين. ڇهن درجن تائين
خيرپورميرس ۾ پڙهيو ۽ 1919ع ۾ ڪراچيءَ مان مئٽرڪ
پاس ڪيائين. نوڪريءَ ڪندي هڪ هنڌ ٽڪي نه سگهيو ۽
اختلاف ڪندو نوڪريون ڇڏيندو ويو. هندوستان جي
مختلف شهرن جو سير سفر ڪيائين. سروجني نائيڊو
اڳيان فارسيءَ ۾ غزل پڙهائين ته اُن کيس مادري
زبان ۾ لکڻ جي تلقين ڪئي. ڪاظم مشاعرن ۾ پڙهيو ۽
داد حاصل ڪيائين. سندس ديوان تيار هو، پر گم ٿي
ويو. اُن ڪري باقي موجود ڪلام ٿورو ئي آهي. ڪاظم
جو پهرين تخلص آفت هو. اڪثر مشڪل فارسي آميز زبان
به ڪن آندي اٿس. اُن جا مثال هي آهن:
گلبدن آهه مئي گل نفس آهي،
منزلِ دهر لئه سامان هي بس آهي.
-
منتخب مون کي ڪيو جلوهء يار،
برق آماده، به فيضان خس آهي.
ميخاني جي ماحول جو روايتي نقشو هيئن پيش ڪري ٿو:
ساقي مست چشم مدهوش ٿي ويس،
ويٺس وساري توبه نشي ۾ پي ويس،
ممڪن نه هو ڪنهن جي چوڻ تي پيئڻ ڇڏيان،
جو ڪجهه پيئڻ ٿي مون کي چيائون سو پي ويس.
عشق جي ڪيفيت کي شاعرن مختلف ٽاڻن، اهڃاڻن، اشارن
۽ ڪناين سان بيان ڪيو آهي. ڪاظم چوي ٿو:
مون کي خبر ته رات ڪٽيم ڪيئن مري مري،
وعده شڪن جي اڄ به نه آيو مري ويس.
سر تي بخارِ عشق فضا ۾ بهارِ حُسن،
موقعو ٻٽو ملي ويو مدهوش ٿي ويس،
هو حسن دلفريب ڪ حُسن آشنا،
ڪنهن حيلي خوار ٿيڻو هو ڪاظم سو ٿي ويس (21).
حافظ حيات شاهه ”حافظ“ (1875-1955ع):
هي درد جو ترجمان، سيد حافظ محمد حيات شاهه ”حافظ“
اصل پنجاب جي ضلعي گجرات جو رهاڪو هو. پنهنجي وطن
بابت پنهنجي حمديه ۽ نعتيه ڪلام جي مجموعي گلستان
حيات جي عرض حال جي آخر ۾ پنهنجو نالو ۽ وطن جو
نالو هيئن لکي ٿو: ”سيد حافظ محمد حيات شاهه بن
پير مير عالم شاهه اصل متوطن موضع سيد متصل تخت
هزارا رانجهي والا ڊاڪخانه ڀاڀڙا تحصيل ڦالما ضلعي
گجرات پنجاب.“
حيات شاهه جي والده کيس ڇهن سالن جي عمر ۾ جدائيءَ
جو داغ ڏنو ۽ اڃان ٻارهن سالن جو هو ته والد گذري
ويس. جوان ٿيو ته ماسات جنهن سان ننڍپڻ کا نينهن
جو ناتو هئس، اُن جو سڱ نه مليو ته اِهو داغ سهي
نه سگهيو ۽ عشق جي آڙاهن ۾ سڙندو، پچندو پڄرندو،
هندوستان جي مختلف شهرن ۾ درد وسارڻ جي ڪوشش ۾
مارواڙ جي هڪ ڳوٺ ۾ رهيو. جتي سخت بخار ۾ ڇهه
مهينا مبتلا رهيو ۽ اکيون بي نور ٿي ويس. پٺيان
سندس ماسات سلطانه بيگم جنهن جي شادي مرضيءَ خلاف
ٻئي هنڌ ٿي ويئي سا به گذاري ويئي ۽ هو اُن جي قبر
تي به نه وڃي سگهيو، سنڌ ۾ آيو. پهرين ڪوٽڙي ۽ حسن
واهڻ ۾ رهيو. ڪن روايتن ۾ 1908ع ۾، پر پنهنجي لکڻ
موجب حيات شاهه 1910ع ۾ سنڌ ۾ آيو ۽ 1913ع ۾
حيدرآباد جي ميان علي بخش ڀٽيءَ جي چوڻ موجب وٽس
دينوءَ جي پڙ ۾ اچي رهيو. ميان علي بخش جا پٽ محمد
موسيٰ راز، عبدالله خواب ۽ سندن اولاد حافظ حيات
شاهه جي خدمت ڪندا رهيا. اُتي ئي پساه پورا
ڪيائين. |