سيڪشن: ادب

ڪتاب: سنڌي ادب جي تاريخ (جلد- ٻيو)

باب:

صفحو:19 

رسول بخش رهي (وفات 1912ع):

منشي رسول بخش بروهي، قلات  جو رهاڪو هو. هو بمبئيءَ ڀرسان خان قلات جي حمايت سبب انگريزن وٽ قيد هو. هو قيد مان آزاد ٿي آيو ۽ شڪارپور ۾ ڪليڪٽڙيءَ ۾ سيڪنڊ منشي ٿيو. ترقي ڪندو مختيارڪار نيٺ ڊپٽي ڪليڪٽر ٿيو. ڪراچي ۽ بين هنڌن تي سرڪاري نوڪريءَ ۾ رهيو. مفرج القلوب ۾ سندس فارسي ۽ سنڌ سڌار ۾ سنڌي غزل شايع ٿيندا هئا. سندس خاندان ۾ سندس پٽ غلام رسول مغل به شاعر هو.

رسول بخش رهيءَ جو گهڻو ڪلام هٿ نه آيو آهي. سندس هڪ مناجات جو بند هي آهي:

الف اول اي مٺا مختار تون،

دل گهريو محبوب من جو ٺار تون،

مرسلن ۾ سرور و سالار تون،

مجبتيٰ عامين سندو غمخوار تون.

فارسيءَ جو قادر الڪلام شاعر هو، اُن بنياد تي رهيءَ جا سنڌي غزل به معياري آهن. فارسيءَ جوا ثر به سندس سنڌي غزل تي نمايان آهي. زبان ۽ بيان ۾ اُهو ڏسي سگهجي ٿو. چوي ٿو:

هردم جدائيءَ ۾ روئان جاني اڱڻ ايندو ڪڏهن،

هٿڙا کڻي رب کان گهران جاني اڱڻ ايندو ڪڏهن.

فارسي آميز شعر هن طرحموزون ڪيا اٿس:

آمد بهادر و شد خزان هرسُو است شورِ بلبلان،

اي قاصد مزده رسان جاني اڱڻ ايندو ڪڏهن،

اي قاصد شيرين دهان باري بيا بڪشا زبان،

جند جان آءٌ قربان ڪريان جاني اڱڻ ايندو ڪڏهن.

رهي، پنهنجي وقت جو اثر وارو شاعر هو. وقت جي ڪن شاعرن سان سندس شعري ڏي وٺ به ٿي. رهيءَ جو ڪلام هن وقت آسانيءَ سان دستاب ڪونهي. ڪن پراڻين اخبارن ۾ آهي. بهرحال هي وقت جو مقبول شاعر هو.

امام بخش خادم (1861-1918ع):

ڪليات خادم، حاجي امام بخش خادم جي لائق فرزند ۽ تذڪره لطفي جي مصنف پروفيسر لطف الله بدوي جي تصنيف آهي. اُن ۾ هو خادم جي زندگيءَ جا حالت خود خادم جي خود نوشت سوانح حيات مان بيان ڪري ٿو. اُن موجب امام بخش خادم جا وڏا اصل عراق جا رهاڪو هئا. سندن وڏن مان احمد بدوي حضرت شاهه غوثِ عالم عبدالقادر جيلاني جو مريد هو. فقير غلام علي مسرور جي خيال موجب هن خاندان جو ڪو شخص اندازاََ ڏهين صدي هجريءَ ۾ حضرت محمد غوث گيلانيءَ جد ور ۾ اُچ پهتو. هي خاندان اٽڪل سئو سال اُچ ۾ رهيو ۽ اُتان ملتان پهتو. پوءِ محمد بچل ولد احمد بدوي ملتان مان ڪن عزيزن جي پيدا ڪيل تنگيءَ کان سنڌ ۾ پهتو. حيدرآباد ۾ مير ڪرم عليءَ جي سنڀال هيٺ رهيو. والده کيس واپس ملتان وٺي ويئي. نيٺ وري سنڌ  ڏي وريو ۽ شڪارپور م سڪونت اختيار ڪيائين. محمد بچل جو ٻيو نمبر فرزند امام بخش 1861ع ۾ ڄائو.

محمد بچل لاءِ امام بخش خادم لکيو آهي ته هُو گهوڙن جو سوداگر هو. 1883ع ۾ وفات ڪري ويو. امام بخش کي مڪتب ۾ وهاريو ويو. قرآن مجيد، سنڌي ۽ فارسي پڙهيو. تعليم جاري رکيائين، انگريزي اسڪول کان پوءِ ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۾ داخلا ورتائين. اُتان جي ڪاميابيءَ کانپوءِ حيدرآباد، شڪارپور ۽ ٻين هنڌن تي اُستاد جي حيثيت ۾ فرائض نڀايائين. حج ڪيائين. اِن سڄي دور جا حالت خود لکيا اٿس  نهايت دلچسپ ۽ مستند آهن. (ڏسو:ڪليات خادم ص ص 1 کان 27).

خادم جي زندگيءَ تي نظر وجهجي ته هن ڀرپور زندگي گذاري. تعليم لاءِ پنهنجي زندگي وقف ڪيائين. شاعريءَ جي دنيا ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيائين. حيدرآباد رهڻ واري عرصي ۾ آخوند محمد قاسم، سيد فاضل شاهه ۽ فضل محمد ماتم سان ملاقي ٿيو. بحيثيت هڪ شاعر ۽ اديب جي، خادم ڊرماو هير رانجهو (1879ع) لکيو، جو پهريون سنڌي ڊرامو آهي. هن ۾ نثر ۽ نظم گڏ آهن. قصو حاتم طائي، قصو چهار درويش، (چپيل) دوايو (فارسي سنڌي لغت)، انشاءَ خادمي، فوائد المبتدي (فارسي سکڻ جو ڪتاب)، الف ليليٰ (ڇپيل)، فرهنگ طب ۽ معجزا وغيره. ڪتاب چهار درويش سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو. امام بخش خادم غزل، ڪافيون، بيت، مناجات ۽ سي حرفيون وغيره چيون آهن. قصن ۽ ٻين ترجمن وارو شعر به اٿس. غزلن ۾ به ڪجهه نعتيه ۽ مدحيه ڪلام آهي. عشقيه موضوعن کي به نڀايو اٿس. انتظار جي ڪيفيت هيئن بيان ڪري ٿو:

دور ٿي توکان ملي آ انتظاري اي حبيب،

رات جو تارا تڪڻ ۽ اشڪباري اي حبيب.

-

جا لڳي اندر ۾ ناوڪ تنهنجي آهُو چشم جي،

تنهن پيهي پيڪان ڪيو آ زخم ڪاري اي حبيب.

محبوب جي ملڻ جي آس ۾ بيقراريءَ جو منظر هي آهي:

يا الاهي من ملي مون کي مٺو محبوب خوب،

جنهن ڏي  رغبت روح جو آسو اچي مرغوب خوب.

عشق جي ڪيفيت جو بيان ڪندي چوي ٿو:

عشق منهنجي تختِ دل تي ٿيو وري سلطان اڄ،

وهم خطرا سڀ ويا سلطان ٿيو مهمان اڄ.

سال جنهن لئه مون ڪيا ٿي پنهنجي خالق کي سوال،

سو کڻي مولا ملايو رڻ ٿيو بُستان اڄ.

محبوب جي ڳولاه ڪندي شاعر هيئن بيان ڪري ٿو:

ڪٿ الاجي ويو لڪي رشڪِ قمر،

هيڏانهن هوڏانهن ڳوليم نه آيو نظر.

شهر ۾ سڀ باغ بُستان ۾ وڃي،

نا لڌم توڻي رليس منجهه بحر و بر.

بيٺ ظاهر ٿي چيائين اي چريا!

توسان آهيان ڇو رلين ٿو دربدر؟

آهيان ظاهر نه پاتو مون نقاب،

پنهنجو پردو پاڻ آهي سر بسر.

محبوب جو ديدار ئي سڀ ڪجهه آهي. شاعر چوي ٿو:

توکي ڏسي اي جانِ من، دلڙي کلي ٿي باغ باغ،

اي سيم تن سيمين ذقن، دلڙي کلي باغ باغ.

-

ٿيا دور منهنجي دل تان ڏک، تنهنجي ملئي ٿيا سڀئي سک،

ماپي نه ٿي جان دربدن، دلڙي کلي ٿي باغ باغ.

اُن خوشيءَ جو مزيدار اظهار هن طرح آهي:

خواب ۾ اڄ رات مون سلطان ڏٺو،

صحن ۾ پنهنجي شهر خوبان ڏٺو،

شب قدر اڄ رات هئي ياد عيد رات،

پاڻ تي راضي مون اڄ رحمان ڏٺو.

جو ته مشڪل ڪين ٿيو ٿي حل جڏهن،

سو سڄڻ جي رخ منجهان آسان ڏٺو.

واه مبارڪباديون حُورن ڏنيون،

منهنجي گهر ۾ ماهرو مهمان ڏٺو.

خود خادم بخت تنهنجو آ سعيد،

جو تو دلبر يا اڄ خندان ڏٺو.

عاشقن جو علاج ڪهڙو آحي؟ جي گهاڻي ۾پيڙهجن ته به خوش! شاعر چوي ٿو:

ديدار تنهنجو دلبر علاج عاشقن جو،

توريءَ ڪنهين ۾ ناهي احتياج عاشقن جو.

سامي گنگا ۽ جمنا، حاجي حرم هلن ٿا،

ملڪوت واري منزل هنگلاج عاشقن جو.

گهاڻي ۾ گهائجن ٿا، سوريءَ مٿي چڙهن ٿا،

مُوتوا جي مام پرجهڻ معراج عاشقن جو.

(امام بخش جي سوانح ۽ ڪلام جا مثال ڪليات خادم مان ورتل آهن).

آخوند فقير محمد عاجز (1846-1918ع):

آخوند فقير محمد عاجز جو پهريون سوانح نگار خانبهادر ميمڻ لکي ٿو ته: ”حيدرآباد شهر جي کيانتي ٽنڊي سان لڳو لڳ آخوند عبدالڪريم غازي خان، نالي سان قديم محلو اڄ به قائم آهي، جنهن کي عام طور شيراڻي آخوندن جو محلو سڏيندا آهن. اِنهيءَ محلي وارن آخوندن جا وڏا اصل عربستان جي مسقط شهر جا رهاڪو صديقي قريشي هئا، جي فاتح سنڌ محمد بن قاسم جي زماني ۾ ٺٽي شهر ۾ اچي رهاڪو ٿيا ۽ عربي تعليم ڏيڻ انهن جو خاص ڌنڌو هو. انهن آخوندن جي اولاد مان ڪي گهر جدا جدا وقتن تي سنڌ جي جدا جدا شهرن ڏي لڏيندا ويا ۽ اتي وڃي تعليم ڏيڻ جو ڪم ڪندا رهيا. اُنهن مان هڪڙو ڳوٺ سن (تعلقو ڪوٽڙي) ۾ به اچي رهيو هو (37).“

انهن مان آخوند غازي خان کي مير غلام علي خان سن مان پنهنجي ڀائرن جي تعليم لاءِ حيدرآباد گهرايو ۽ پوءِ پشتان اهو سلسلو هليو. آخوند فقير محمد به اُن گهر جو فرد هو. هُو عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم وٺي ۽ سنڌي پڙهي تپيدار ٿيو. پوءِ جلد اُها نوڪري ڇڏي ڏنائين. مير سانگيءَ کان وظيفو ملندو هوس. پاڻ ذاتي مطالعي ۽ تعليم ڏيڻ جي ڪرت سان لڳو. سانگيءَ لاءِ چوي ٿو:

عبدالحسين مير ٿيو سرچشمءِ فيوض،

جهڙس سخا ۾ ناهه ڪو عالي جناب ڪِٿِ.

آخوند لطف الله (1842-1902ع)، عاجز جو سئوٽ هو. اُن جا ٿورا غزل ئي دستاب ٿيا آهن. مرصع ۽ مقفيٰ نثر ۾ رجب علي سُرورُ جو فسانه عجائب، گل خندان جي نالي سان ترجمو ڪيو اٿس، جنهن جو ذڪر نثر واري باب ۾ ايندو. آخوند عاجز، صاحب ديوان هجڻ سان گڏ هڪ صاحبِ تصانيف اديب آهي. ڊاڪٽر اياز قادريءَ، عاجز جون هيٺيون تصانيف ڄاڻايون آهن؛

- جانِ مشتاق (رباعيون)، جانِ عُشاق (قانون عشق جو اردوءَ مان ترجمو ۽ بلا شاهه جون ڪافيون)، جانِ سالڪ (سلطان باهوءَ جي فارسي ڪتاب عين الفقر جو ترجمو)، نيڪ اخلاق (اخلاق محسنيءَ جو فارسيءَ مان ترجمو)، ليليٰ مجنون(نظم)، رحمت العاشقين (مثنوي تخفتھ العاشقين جو ترجمو) ۽ نفسير فاته الڪتاب (38). عاجز جو گلشن بهار ناول، داستان ڇپيل آهي، پر اُن ۾ گل خندان وارو معيار نه ڪهاڻيءَ ۾ نه زبان ۾ پيدا ٿي سگهيو آهي.

آخوند عاجز جي سنڌي ديوان تي فارسي شاعرن جو گهڻو اثر آهي. اڪثر غزل حافظ شيرازيءَ جي غزلن جا ترجما آهن. عربي فارسيءَ جي ڄاڻ سبب ڪن هنڌ اُن مشڪل پسنديءَ جا مثال به موجود آهن. حافظ جي ترجمي جو هڪ مثال هي آهي:

حافظ: زباغ وصل تو يابد رياض رضوان آب،

اتاب هجر تو دارد شرار دورز تاب.

عاجز: تنهنجي باغ وصل کان بهشت ٿيو آب،

      ۽ درد هجر کين  تنهنجي وٺي ٿو دورزخ تاب.

عشق جي واردات عاجز جي ڪلام ۾ نمايان آهي:

مليو مون کي مهرُو سڙيا ۽ پچيا،

سندم ويري ويتر وڏا ها جي دکَ.

اندر ۾ عجيبا لڳم آگ عشق،

جلي جوش ۾ دل سڙي ٿيم رک.

محبوب کي هڪ عاشق زار وانگر، هيئن مخاطب ٿئي ٿو:

ڪڏهن پنهنجي گهٽيءَ ۾ پرين اچڻ ته ڏيو،

مدح ۾ پنهنجي پيارا غزل چوڻ ته ڏيو.

ڦسائي روح جي پکيءَ کي به تار- سنبل،

وري ته زلف دوتا جي هوا وٺڻ ته ڏيو.

شڪار دل جي پکيءَ جو نه آهه بس مشڪل،

ڪمان تير به حاضر نشان چٽڻ ته ڏيو.

روئڻ ۾ هوس چيائين ته ڏس مٿي عاجز،

کلي چيوم عجب مان هنجهون جهلڻ ته ڏيو.

شمس الدين بلبل (1857-1919ع):

سنڌ جو بهترين صحافي، اديب ۽ طنز و مزاح ۾ نالو پيدا ڪندڙ بلبل، ميهڙ ۾ ڄائو. اُتي ئي مڪتبن ۾ سنڌي، اردو، فارسي ۽ ديني تعليم حاصل ڪيائين. سندس خاندان زمينداريءَ جي ڪِرت ۾ هو. بلبل جو ذهن اوڏانهن به هو. هن شروع ۾ داروغپ جي نوڪري ڪئي. انجنيري کاتو هُن جي دل وٽان نه هو. 1872ع ۾ مليل اُها نوڪري ڇڏي ڏنائين. 1889ع ۾ ڪراچيءَ ويو. اُتي حسن علي آفنديءَ جي ساٿ ۾ رهيو. سنڌ مدرسي جي رسالي جامع العلوم جي ادارت شروع ڪيائين. اڳ اُن جي ادارت محمد عثمان نورنگ زادي وٽ هئي. اُن کانپوءِ ڪراچي گزيٽ، خير خواه، مسافر ۽ آفتاب جو ايڊيٽر رهيو. سندس قلم جون جولانيون به جاري رهيون. نثر توڙي نظم ۾ بگذريل معاملن تي نڪته چيني ڪيائين. سنجيده نثر ۽ نظم کان طنز ۽ مزاح ۾ ناليرو ٿيو ۽ پنهنجي دور جي هڪ وڏي هستي ليکيو ويو. مولوي نورمحمد نظاماڻي ۽ محمد هاشم مخلص به اُن زماني ۾ طنز و مذاح لکندا هئا، پر بلبل پاڻ مڃائي ورتو.

انگريز جي حڪومت ۽ مثين سطح تي انگريزي زبان جو زور هجي، سماج ۾ مغربي تهذيب پکڙجندي وڃي ته اُن خلاف لکڻ ناگزير هو. هندوستان ۾ سرسيد، حالي ۽ مذاح ۾ اڪبر الله آبادي هو ته سنڌ ۾ حسن علي آفندي، اٻوجهو ۽ طنز و مذاح ۾ بلبل هو. بلبل جي نثري ڪاوشن جو جائزو اڳتي ڪنهن نثر واري باب ۾ ايندو هتي فقط سندس ديوان ۽ طنزيه ڪلام جو جائزو پيش ڪجي ٿو.

پنهنجي بي باڪانه رويي ۽ تحرير جي ڪري مٿس مقدما داخل ٿيا، سرخرو ٿيو ۽ کيس آنرري مئجسٽريٽ جو منصب به مليو. بلبل جو خاص ڪردار سماج جو سڌارو ۽ مسلمانن جي ترقي رهيو. سندس ڪلام ۽ نثري ڪاوشون انهيءَ فرض خاطر هيون.د يوان بلبل ۾ هُن جو ڪلام عشقيه موضوعن جي ترجماني ڪري ٿو:

منجهه شان لبن لعل بدخشان چوان ڇا،

مرجان کان مرجان ٿي بيجان چوان ڇا.

ياقوت کي جي قُوت جگر خون ٿيو هر دم،

پاپوش تي چسپان جي ٿئي پان چوان ڇا.

بلبل جي ڪلام ۾ بعضي لفظن جي موسيقيت جو گهڻو انتظام نظر اچي ٿو. لفظن جو استعمال ۽ اُنهن جو تڪرار به خوب ڪري ٿو:

تڪيندي ٿڪي پيام تارن ۾ تارا،

ڏيو وَرَ پون ٿا، سي پارن ۾پارا.

ڪڙي بند زلفن جي اهڙو زبون ڪيو،

لڳي تار ۾ تار، ڳارن ۾ ڳارا.

محبوب جي سراپا جو بيان ڪندي چوي ٿو:

سراپا جو امثال آهي عجيب،

عجيبن جو احوال آهي عجيب.

ڏنو زلف جو پيچ رخسار تي،

اهو جيم ۽ دال آهي عجيب.

ڀرون بي سندي باسم بيني الف،

طرح نقطه ۽ خال آهي عجيب،

دهن ميم داناءَ دلبر سندو،

جو قرئت ۾ هي قال آهي عجيب،

ٿيو اسم اعظم سندس پنج انگشت،

عزيزو هي اشڪال آهي عجب.

زندگيءَ جي ضرورتن ۽ انسان جي سوچ کي ڇا ڇا کپي، اُن جو بيان غزل ۾ ڪن حوالن سان بلبل هيئن ڪري ٿو:

ادا! هن رَهَه روان ۾ دم غنيمت،

عمر جي ڪاروان ۾ دم غنيمت.

ڏهاڙن چئن جو هي چهچٽو آهه،

دنيا جي ننهن ۽ هان ۾ دم غنيمت،

پڪي ماڙي نه جي توکي ميسر،

ڪچي ڪنڌي مڪان ۾ دم غنيمت.

اگر حاصل نه ٿيو حلوو ۽ پوري.

ته ڄڻج خشڪ نان ۾ دم غنيمت.

ڪري وٺ بوستاني گُلَ جي بلبل

اٿئي باغ جهان ۾ دم غنيمت.

ديوان ۾ فارسي تضمين ۽ فارسي ڪلام، سان گڏ فارسيت بلبل وٽ عام جام آهي. تشبيهون ۽ استعارا جام ڪم آڻي ٿو:

زلفِ مسلسل هڪ طرف ريحان ۽ سنبل ٻي طرف،

ڪنڍڙا ڪاڪل هڪ طرف ابرو سندو غل ٻي طرف.

اي صنم انداز تنهنجي جو شهر ۾ شور هو،

غمزن جو غلغل هڪ طرف ۽ حسن جو هُل ٻي طرف.

تنهنجي رِندن سُڪر ۾ سارهه ڪئي وردِ زبان،

مينا جي قلقل هڪ طرف ساغر سندو مل ٻي طرف.

هُن شوخ کي جو شعر جو ٿيو شوق تا ڪڍندي ڏنو،

ديوان گُلَ جو هڪ طرف ديوان بلبل ٻي طرف.

غزل کانسواءِ بلبل، مخمس ۽ قصيدا وغيره به لکيا. بلبل جو طنز و مذاح وارو ڪلام به داد تحسين حاصل ڪري چڪو آهي. ڪتاب ڪلام بلبل ۾ حمد و نعت، مناجات، ڪريما نيچرل ۽ پليگي ڪريما، تضمينون ۽ ٻيو اخلاقيات تي ڪلام شامل آهي. اُن سان گڏ اصلاحي ڪلام، تاريخي مادا ۽ قطعا پڻ آهن. مزاحيه شاعريءَ جا به ڪي نظم هن ڪتاب ۾ آهن. هنن نظمن ۾ نوجوانن ۽ مغرب جي تقليد ڪرڻ وارن تي نڪته چيني آهي. مولانا گراميءَ جي لکڻ موجب بلبل هڪ طرف ته ٻئي طرف مغزب جي انڌي تقليد ۽ بيجا تڪلف، ۽ خوشامدانه رنگ تي به خوب گرفت ڪري ٿو. (ڪلام بلبل ص 20) هين تي تنقيد هيءَ آهي ته بيجا تقليد يا مشرقيت مان هڪ رويو ئي اختيار ڪجي! بلبل جنهن دور ۾ رهيو. اُن ۾ هُن سنڌي دان کي انصاف پلئه نه پوڻ ۽ نوڪري نه ملڻ جي شڪايت ڪئي. انگريزي پڙهڻ ۾ عار ڪهڙو هو؟ سر سيد ۽ آفنديءَ جون محنتون بي سبب ۽ بي ثمر نه ڄاڻجن ها. هيئن به ڄاڻجي ته بلبل ٽوڪ هڻي انگريزي پڙهڻ جي تلقين ٿو ڪري! نظم هي آهي:

سنڌي دان جاهل سيھ رو ۽ سخت،

نحس نا اهل ناخرد خُفته بخت.

سنڌي دان اِڊئٽ سنڌي دان فُول،

رڳا جانور جهنگلي جهُول.

مطلب ته سنڌي دان جي ڪٿي پهچ ناهي، بي عقل آهي. اُن جو ڪم خراب آهي هُو ڊل ڍور ۽ بيڪار آهي. اُن کي پٽيوالا به پڇن نٿا! ته پوءِ انگريزي پڙهي گِٽ مٽ ڪندو انگريز سرڪار جو حصو بنجڻ کپي ها ۽ نه مغربي تهذيب جو دَلدادو!!

بلبل جي خيال ۾: ”آهه نئين تعليم گڙ ٻڙ در جهان انداخته!! ٽوپلو پائڻ جي حماقت نه ڪجي. گوري جي ذهني غلامي نه ڪجي. اِن باري ۾ بلبل گهڻو لکيو. آءٌ سندس هڪ نظم نئون زمانو مان اقتباس ڏيان ٿو:

گهر کان نڪتا نيٽِو نيچر، تاڪ ڌنا ڌن تاڪ ڌنا.

سِرَ ۾ ٽوپي هٿ ۾ هنٽر، تاڪ ڌنا ڌن تاڪ ڌنا.

ڪَالر ڪوٽ قميصون جاڪٽ، پائن ٿا پتلون ۽ پاڪٽ،

چيچاٽي بوٽن جي چِرچِر، تاڪ ڌنا ڌن تاڪ ڌنا.

سيٽي  ۽ سگريٽ سدائي، گِٽمِٽ وات ۾ وائي،

يُوسي يُوسي مسٽر مسٽر، تاڪ ڌنا تاڪ ڌنا.

بلبل جا سڀ نثري ۽ نظمي ڪتاب سندس زندگيءَ ۾ ڇپيا. سنڌي ادبي بورڊ 1969ع کان سندس ڪتاب وري شايع ڪيا، انهن مان ڪن جا ٻيا ڇاپا به نڪتا. مولانا گرامي انهن جي نئين سر تدوين ڪئي ۽ مقدما لکيا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25

 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org