سيڪشن: ادب

ڪتاب: سنڌي ادب جي تاريخ (جلد- ٻيو)

باب:

صفحو:14 

سنڌي ادب جي تاريخ

(جلد ٻيو)

ٻيو دور

 

ويدانتي ڪلام

عروضي شاعر

جديد شاعري

باب پهريون

ويدانتي ڪلام

ويدانت، شاعريءَ جي حوالي سان وڌيڪ مقبول موضوع آهي. هندي توڙي ٻين هندوستاني زبانن ۾ هندوڪوين هن فلسفي کي دوهن، ٻاڻين ۽ ڀڄنن ۾ اجاگر ڪيو آهي. سنڌ جي سنت ڪوين به هن فلسفي کي ڪلام جو موضوع بنايو آهي.

سنڌ جو وڏو ويدانتي شاعر سامي آهي، جنهن پنهنجو ڪلام سلوڪ هن فلسفي جي اُپٽار ۾ لکيو. اُنهن کي لکندو مٽ ۾ وجهندو ويندو هو. هو پنهنجي گُرو سوامي مينگهراج وٽان ويدانت جي اصل حقيقت کان وقف ٿيو.

سامي (1743-1850ع):

ڀائي چئنراءِ ولد بچومل لُنڊ، شڪارپور جو هو. هُو گروءَ جي نالي سمي تخلص سان مشهور ٿيو.

ويدانت ۽ تصوف ٻه علحدا رويا آهن. ٻه جدا تحريڪون آهن، جن ۾ خالق حقيقي سان هڪ ٿيڻ ۽ پاڻ سڃاڻن جي بنيادي اهميت آهي. ساميءَ چيو آهي: ويدان جي واڻي سنڌيءَ ۾ سمجهايم.

هندن جا ويدچار آهن: رگ ويد ، اٿر ويد، سام ويد ۽ يجر ويد. ويدن جي باري ۾ ڪافي بحث ٿيو آهي. اُهي انادي آهن يا ماڻهن لکيا آهن؟ اِن باري ۾ مئڪس مُلر، مارٽن هاگ، لوڪ مانيه تلڪ ۽ ٻين کوجنائون ڪري ظاهر ڪيو ته ويد عيسوي سن کان ساڍا چار هزار ورهيه آڳاٽا آهن. ڀيرومل مهرچند ويدن جي حوالن سان سنڌ جي قديم تاريخ اجاگر ڪئي آهي(1).

ويدهندن جي ڌرمي ڳالهين جي به اُپٽار ڪن ٿا. اُنهن مان ڪن نُڪتن کي ڀڳتيءَ جي مضمون ۾ بيان ڪيو ويو آهي. جئن تصوف ۾ چيو ويو ته خدا جي وجود کانسواءِ ٻيا وجود فقط پرتوا ۽ پاڇا آهن. تئن ويدانت جي الاهيات جي فلسفي ۾ قربت جو ذڪر ڪيو ته اسلام جي نقطئه نظر سان اعتراض ٿيا، پر پنهنجي وجود کي خدا، برهم ۾ گم ڪرڻ ٻنهي فلسفن ۾ آهي. ڀڳتي تحريڪ سڄي برصغير ۾ پکڙي. هندن ويدن کي به ازلي ۽ انادي ڄاڻي اُنهن جي تعليم کي مُک ۽ منبع ڄاتو. سنڌ ۾ سامي ويدانت جو وڏو سمجهائيندڙ ۽ ترجمان آهي. ڀائي چين راءِ ولد بَچُو مل لُنڊ (1743-1850ع). شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. بقول پروفيسر لطف الله بدوي، ساميءَ تي سوامي مينگهراج ۽ امين شاهه چشتيءَ جو گهرو اثر پيو. سندس ڌيان ننڍي هوندي ئي ساڌن جي سنگ ڏانهن هو. پڻس بيٺل ۽ ڌن وارو هو. اُن ڪري سامي دنيائي پدارٿن کان بي نياز هو. سامي پنهنجي دور جو وڏو ويدانتي ٿي گذريو آهي. هن پنهنجي سلوڪن ۾ جا روحاني تعليم ڏني آهي، اُن ۾ غالب عنصر پاڻ سڃاڻڻ جو آهي. ديوان ڪوڙيمل آنجهانيءَ کان اڳ ڪن ٿورن کي اِها خبر هئي ته ساميءَ جي سلوڪن جو اصل مصنف ڪير هو(2)“. ڇو جو ساميءَ پنهنجي گُروءَ جي نالي پٺيان تخلص ڪم آندو هو.

ساميءَ جي سلوڪن جو جائزو وٺڻ کان اڳ هن راءِ تي نظر وجهجي ته ڇا سامي وڏو شاعر ۽ مقصدي ڪلام چوڻ وارو هو يا هندو هجڻ ڪري ديوان ڪوڙيمل، ڏيارام گدو مل ۽ ٻين هندو صاحبن، سلوڪن ۾ ڪا شاعراڻي خوبي نه هوندي به هندڪي ادب کي هٿي ڏيڻ لاءِ ايتري ڪوشش ورتي هئي. ساميءَ جي باري ۾ هڪ راءِ ڊاڪٽر بلوچ صاحب به ڏني آهي، پر پهرين خانبهادر محمد صديق جي ادبي تاريخ ۾ آيل مٿين راءِ جو جائزو ۽ جواب پيش ڪجي ٿو.

هيءَ هڪ حقيقت آهي ته قديم وقت کان وٺي سنڌ ۾ مسلمان، هندن جي مقابلي ۾ اڪثريت ۾ رهيا آهن. رڳو گذريل ٻن صدين جو جائزو وٺجي ته هندو تعليم ۾ به اڳتي رهيا آهن. اهو صحيح آهي ته مسلمان بزرگن، عالمن ۽ شاعرن جو علمي ڪم ۽ شاعرانه ڪمال نشانبر ۽ مٿاهون رهيو آهي. هن سلسلي ۾ شاهه ڪريم، عبداللطيف، ابوالحسن، مخدوم محمد هاشم، مير علي شير قانع، سچل سرمست، بيدل ۽ ٻين جو ڪم ۽ شاعرانه ڪمال ڪا لڪل ڳالهه نه آهي. انگريزن جي دور جي ابتدا کان وٺي هندن تعليم ۾ اڳتي قدم وڌايو. انگريزي تعليم ۾ مسلمانن ڊڄي ڊڄي قدم رکيو. مسلمانن جون خدمتون ديني موضوعات ۽ عربي فارسيءَ ۾ نمايان آهن. شاعري ته خدائي ڏات آهي، ڪا سکڻ جي ڳالهه نه آهي. شاعريءَ ۾ ڪا ڀيٽ جي به ضرورت نه آهي، ان ۾ڪو شڪ نه آهي ته سنڌ جي ستارن شاهه عبداللطيف، سچل سرمست ۽ بيدل سائينءَ جي جلون جو ٻيو ڪهڙو مثال هوندو!

هندن ۾ سوين اهڙا ٿيا، جن مسلمان بزرگن جي محبت ۽ عقيدت ۾ زندگي گذاري. سچل سرمست جو مثال وٺو يا رکيل شاهه جو!! جيترا مسلمان شاعر ٿيا آهن، اوترا هندو وڏا شاعر ٿورا ٿيا آهن. اسان جي ادبي تاريخن ۽ تذڪرن ۾ فقط هيٺيان شاعر ۽ اديب بيان ٿيا آهن: سامي، ڪوڙومل، ڪيولرام، سلامتراءِ، ليلارام، خاڪي (خانبهادر، ادبي تاريخ جلد 1 ۽ 2)، دلپترام ۽ سامي (تذڪره لطفي جلد2 )، جيوت سنگهه، ڀوڄراج ۽ موهن (تذڪره لطفي جلد -3)، ڀارو ۽ ڪالو (مذهب جي پوري معلومات نه آهي) ايسرداس، کيئلداس صوفي، سترام داس، رامچندر، تيجُو، ڄيٺانند، ڊاڪٽر روچلداس، بولچند، هوتچنداڻي ڊاڪٽر گلراج، نماڻو فقير، تلسي داس، تلريجا، پهلاج، ڏيونداس آزاد، کيئلداس فاني، سترام ڪلياڻي، صوفي جهامنداس عاشق ۽ سڳن آهوجا (تذڪره شعراءِ سکر).

ٻين ادبي تاريخن ۽ ڪتابن ۾ به ڪيترن هندو شاعرن ۽ نثرنگارن جو حوالو آهي. اڻويهين صديءَ جي پوئين اڌ کان ننديرام، ڪيولرام، سلامتراءِ ۽ ڪوڙو مل کلناڻي توڙي ٻيا ليکڪ داد حاصل ڪري چڪا آهن. هن وقت ڀارت لڏي ويل سنڌين ۾ موهن ڪلپنا، اُتم، نارائڻ شيام، لعل پشپ، گني سامتاڻي، پوپٽي، سندري، ايم، ڪمل سان گڏ ڪيترا شاعر ۽ اديب نالو ڪڍي چڪا آهن. محققن ۾ منگهارام ملڪاڻي، ڊي. ڪي منشاراماڻي، ڊاڪٽر مُرليڌر جيٽلي، پرسي گدواڻيءَ، ڊاڪٽر موتي لعل جوتواڻي، هرومل سدا رنگاڻي، سنتداس جهانگياڻي، هيري ٺڪر ۽ ٻين جي ادبي خدمتن جو اسان کي اعتراف آهي، اِها مڃيل حقيقت آهي ته سنڌي نثر توڙي نظم ۾ ٻنهي هندن ۽ مسلمانن جو حصو نمايان آهي، هر گل کي پنهنجي خوشبوءِ ٿئي ٿي ۽ معيار مختلف آهن.

هتي جنهن ڳالهه خاطر مون مٿي ذڪر ڪيل چند نالا کنيا. اُن کان پوءِ اُن ڳالهه تي اچان ٿو، جنهن هڪ تضاد کي جنم ڏنو آهي. تضاد هي آهي ته خانبهادر محمد صديق ميمڻ جي تاليف سنڌ جي ادبي تاريخ جلد اول ۾ ساميءَ تي هڪ باب آهي. اُن باب يا عنوان هيٺ ليکڪ ساميءَ جي سوانح بيان ڪرڻ کانپوءِ ساميءَ جي شاعريءَ جي هر پهلوءَ کي ساراهي ٿو. موضوع ۽ هيئت جي تعريف ڪندي ڍاپي نٿو. خانبهادر جي تاريخ مان اهڙا اقتباس ڏجن ٿا:

”سامي صاحب پنهنجا سلوڪ ڪنهن ڪتاب ۾ ڪونه لکندو ويندو هو، پر ڪاغذن جي ٽڪرين تي شلوڪ لکي هڪڙي مٽ ۾ وجهند ويندو هو. سندس پٽ گهنشام داس اُهي شلوڪ گڏ ڪري گرمکي اکرن ۾ لکايا، جتان پوءِ راءِ بهادر ديوان ڪوڙيمل چندن مل کلناڻي 1873ع ۾ وري عربي سنڌي صورتخطيءَ ۾ لکايا ۽ تعليم کاتي ٽن جلدن ۾ ڇپايا.“

”سامي ويدانت متي جو فقير هو ۽ پنهنجي ڪلام ۾ اُهي نج ويدانت وارا اصول ڪم آندا اٿس، جن جو تصوف ۾ به ذڪر آهي ۽ ڪي تصوف وارا اصول به ڪم آندا اٿس. جي سڀني صوفين عام طور پنهنجي ڪلام ۾ ڳايا آهن.“

- پنرجنم يا تناسخ، سامي صاحب پنهنجي ڪلام ۾ هن عقيدي تي گهڻو زور رکيو آهي ته آتما (روح) پنهنجين بداعمالين (ڪرتوتن) ڪري ڪوٽ جنم (ڪروڙين جنم) ڀوڳي پوءَ خوش قسمتيءَ سان انساني بدن ۾ آيو آهي.“

- ”سڀني درويش شاعرن نفس اماره جو پنهنجي ڪلام ۾ ذڪر چڱيءَ طرح ڪيو آهي. مگر سامي  صاحب اُنهيءَ  نفس اماره کي من مواس سڏي ٿو. ان جي پنجن خاصيتن کي پنج ڀوت سڏي ٿو. انهن پنجن ڀوتن کي مات ڪرڻ ۾ ئي دائمي نجات يا نر ٻاڻ پد حاصل ڪرڻي جي اُميد ڏيکاري ٿو.“

- ”ڪٿي ڪٿي سامي صاحب به اهڙيون ئي روحاني ڳجهارتون ڏنيون آهن، جهڙيون شاهه ڀٽائي صاحب جي ڪلام ۾ آهن.“

- ”سامي صاحب جي ڪلام ۾ ناصحانو ۽ اخلاقي مضمون به گهڻي انداز ۾ ڪتب آيل آهي.“

- ”سامي صاحب جا شلوڪ باقاعدي ڏوهيڙا آهن. شلوڪن جي ٽنهي جلدن ۾ ٻن مصرعن وارو ڏوهيڙو ڪو ورلي ڪم آيل آهي. نه ته سڀ ٽن ۽ چئن مصرعن وارا ڏوهيڙا ڪم آيل آهن. چئن مصرعن کان وڌيڪ مصرعون به ڪنهن ڏوهيڙي ۾ ڪم آيل نه آهن. جئن ڀٽائي صاحب، گرهوڙي صاحب ۽ سچل فقير جي ڪن ڪن ڏوهيڙن جون ماترائون قرآن شريف جي آيتن، حديثن ۽ مقولن گڏجڻ ڪري مقرر تعداد کان وڌي وڃن ٿيون: تئن سامي صاحب جي ڪنهن به شلوڪ ۾ وڌيل نه آهن. ڇاڪاڻ ته سامي صاحب ڪٿي به ويد، پراڻ: شاستر، گيتا وغيره ڌرمي ڪتاب جو جنسي منتر يا ڪا تُڪ ڪم نه آندي آهي.“

- ”قافيه بنسبت سامي صاحب جا ڏوهيڙا بلڪل پختا آهن.“ (3)

هنن اقتباسن مان خانبهادر جي هيءَ راءِ بلڪل واضح آهي ته سامي هڪ وڏو شاعر آهي. هو ويدانتي شاعر آهي ۽ موضوع، هيئت بلڪ وزن جي لحاظ کان هڪ پختو شاعر آهي. ماترائن جي اهميت کي به ساراهيو اٿس ۽ اُها ڳالهه ڪئي اٿس جا پوءِ 1953ع ۾ جهمٽ مل ڀاوناڻيءَ ڪتاب ڇند سڳند ۾ ڪئي. هونئن 1937ع ۾ ئي آسانند ڇتارام ڪتاب هندي پنگل ۾ ڪئي(خانبهادر به 1937ع ۾ هي ڪتاب لکيو هو).

تذڪره لطفي ۽ ٻيا ڪتاب ساميءَ جي اهميت ڳڻائيندا پئي آيا. هيڏانهن ساڳيو مولف خانبهادر محمد صديق ميمڻ پنهنجي تيار ڪيل سنڌ جي ادبي تاريخ جي ٻئي جلد ۾ ڪوڙيمل چندن مل کلناڻيءَ واري باب ۾ خود پنهنجي قائم ڪيل موقف کان ٻي طرح لکي ٿو! هو لکي ٿو:

- ”ساميءَ جا سلوڪ گمناميءَ جي اوڙاه ۾ پيا هئا، جن کي هن (ڪوڙيمل) ئي گڏ ڪري ڇپائي شايع ڪيو. منجهن شاعراڻي خوبي ڪا ورلي لڀندي، جنهن لاءِ ڪوڙيمل ايتري ڪوشش ورتي. پر هندڪي ادب کي هٿي ڏيڻ لاءِ هن اُها محنت ڪئي. هندن جو شعر اُنهيءَ زماني ۾ هوئي ڪونه، تنهنڪري جيڪي ملي سگهيس سو ظاهر ڪيائين ۽ اسڪولن جي درسي ڪتابن ۾ داخل ڪرايائين(4).“

هيڏي تضاد مان فقط اهو سمجهه ۾ اچي ٿو ته جنهن ليکڪ پهريون جلد لکيو آهي، تنهن ٻيو نه لکيو آهي، ٻڌڻ ۾ ائين نه آيو هو ته ٻئي جلد خانبهادر نه لکيا آهن. بهرحال هن تضاد ۾ هڪ ٻيو به حوالو شامل ٿي ويو آهي. اُهو ڊاڪٽر بلوچ جي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي مختصر تاريخ، ٽئين ۽ پوءِ چوٿين ڇاپي ۾ آيو آهي. ڊاڪٽر صاحب ڳالهه هن طرح بيان ڪئي آهي:

”سندس (ساميءَ جو) جنم شڪارپور جي سيٺ گهراڻي ۾ ٿيو. گرمکي اکر سکيو، ڌرمي پستڪ پڙهيو ۽ پوءِ اباڻي ڌنڌي واپار ۾ گهڙيو. ڀائي چئنراءِ لُنڊ کي جيتوڻيڪ ساميءَ جي نالي سان مشهور ڪيو ويو آهي، مگر هو نڪو سامي سنت (سوامي) هو ته نڪي وري عام سامين واري رنگ ۽ لباس ۾ هو، واپار ۾ مشغول رهيو ۽ سڄي عمر امرتسر ۾ اباڻي ڪوٺي هلايائين. سندس گرو ٻانڀڻ مينگهراج هو، جيڪو هڪ مهاپرش سوامي (سامي) هو. جنهن جي مت ۽ سکيا جو آخر مٿس ايترو اثر ٿيو جو هُن مايا جي مستيءَ کان مُڙي پرماتما جي هستيءَ ۾ ڌيان ڌريو. پر جيئن ته هُن سڄي جواني واپار، سُود، لوڀ ۽ مايا جي موه ۾ صرف ڪئي هئي، اُنهيءَ ڪري ڌرمي ويساه موجب مٿس چوراسي جنم جو ڀئو چڙهيو، جنهن کان ڇوٽڪاري لاءِ پاڻ پتوڙيائين(5).“

اڳتي هلي سلوڪن بابت ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکي ٿو ته:

”سنڌ جي سڀني وڏن شاعرن جي برعڪس ڀائي چئنراءِ جا بيت ۽ سلوڪ نڪي سنڌ جي قصن داستانن جي عام روايت سان وابسته آهي، ته نڪي وري سنڌ جي عوامي زندگيءَ يا سنڌ جي ماحول سان لاڳاپيل آهن. انهن جو هڪ مکيه موضوع ڌرمي ويساه واري سکيا آهي. سندس سلوڪن جو ٻيو اهم موضوع ساڌ سنگت آهي، جنهن ۾ نصيحت وارا مضمون آندل آهن. سندس اهي سلوڪ سهڻن خيالن ۽ معنائن وارا آهن (6).“

ڊاڪٽر صاحب پهرئين اقتباس ۾ ساميءَ جي تجارت ۾ ملوث ۽ سيٺ گهراڻي جو هجڻ جي ڳالهه ڪري ٿو. ٻيو اقتباس ساميءَ جي ڪلام بابت به واضح نشاندهي ڪري ٿو. ڊاڪٽر صاحب، ساميءَ جي شاعريءَ کان اهڙو انڪار ڪو نه ٿو ڪري، جهڙو خانبهادر ميمڻ پنهنجي تاليف سنڌي ادب جي تاريخ جي ٻئي ڀاڱي ۾ ڪيو آهي. عجب وري اِهو جو خود ساميءَ واري باب ۾ (جلد پهريون) ساميءَ کي رد نه ڪيو ويو، بلڪه ساراهيو ويو. ڪوڙيمل جي بابت ۾ (جلد ٻيو) هندڪو ادب سڏي ساميءَ جي اهميت کي ڌڪ هنيو ويو.

ساميءَ جي سلوڪن جي موضوعاتي ۽ ادبي خوبين تي اچون اُن کان اڳ (بقول خانبهادر) هندڪي ادب جي ليبل وارن ٻن وڏن شاعرن دلپت رام ۽ آسو رام جو تفصيلي بيان اڳتي ايندو هتي سندن ٿورو ذڪر مناسب ٿيندو.

صوفي دلپترام، سنڌ جو هڪ وڏو شاعر آهي. اُن کانسواءِ صوفي آسو رام به هڪ وڏو شاعر آهي، انهن جو ڪلام ڪو هندڪي ادب سان سڃاڻي نٿو سگهجي. هي صوفيانه ۽ ويدانتي شعر چوڻ وارا آهن. سنڌ جي جن شاعرن ڀڳتي انداز جو ڪلام چيو يا هنديءَ ۾ ڪيرتن ڪيائون ۽ ڀڄن چيائون. اُنهن ۾ ڪيترائي مسلمان شاعر آهن(7). دلپت سيوهڻ جو رهاڪو هو. هُو اندازاََ 1777ع ۾ ڄائو ۽ ميرن جي ملازمت ۾ داخل ٿيو. اُن سلسلي ۾ حيدرآباد آيو. جتي سندس زندگيءَ ۾ انقلاب آيو هو. هُو صوفي آسو رام يا آسرداس جي ست سنگ ۾ شامل ٿيو(8).

روحل هندو مسلم اتحاد جي ڳالهه هن طرح ڪئي:

ڪفر ۽ اسلام ۾، ٿا ڀرن اُبتا پير،

هڪ هندو ٻيا مسلمان، وچ وڌائون وير،

انڌن اونده نه لٿي، تن کي سچ چوندو ڪير،

روحل راه پرين جي، جان گهڙي ڏٺوسين گهيڙ،

ته رب مڙني ۾ هيڪڙو، جنهن ۾ ڦند نه ڪو ڦير،

سا ڪاڏي ڪندي يپر، جا سُتي ڪعبتھ الله ۾.

روحل جي هن رمز جي دلپت پٺڀرائي هيئن ڪري ٿو:

ڇاکي وڌو پاڻ م، ترڪن واڻين وير،

جي پپر ۾ پاڻ ڌڻي، تان ڪڙو ۾ ڪير،

ڪک پن ۾ پڌرو آهي، پريان سندو پير،

انڌا ڪاڻا ڪينڪي، لهن هن ڀونءِ جو ڀير،

ڪو سڄ پسي سير، دلپت چوي دوست جو.

دلپت وانگر ٻيو وڏو شاعر صوفي آسو رام هالاڻي آهي. صوفي آسو رام جي سوانح خانبهادر جي ادبي تاريخ ۾ ڏنل آهي. اصل نالو سو مل هوس. ماستريءَ مان پينشن تي لٿو ۽ صوفي آسو رام سڏجڻ لڳو. سندس زندگيءَ  تي هڪ درويش سيد فقير علي شاهه جو گهڻو اثر پيو. جوانيءَ ۾ مجاز جي چوٽ به لڳي هئس. قرآن شريف ۽ انجيل به مطالعو ڪيائين(9). حيدرآباد، نصرپور ۽ ٻين هنڌن تي رهيو. بزرگن سان لاڳاپو رهيس. سندس ٽي ڪتاب مشهور آهن: ديوان آسو، رساله آسو ۽ پريم غُنچه. انهن مان ديوان آسو 1897ع ۾ ڇپيو. ٻيا بقول خانبهادر جي سندس وارثن وٽ آهن(10). هوڏانهن ديوان آسو جيڪو لاڙڪاڻي مان ريڙهي مل کٽڻ مل ڇپايو، اُن جي آخر ۾ شاعر هن ريت لکي ٿو:”هن فقير جا ٻيا به ٻه ڪتاب جوڙيل آهن، هڪ رسالو آو، جنهن ۾ 43 سُر آهن. ٻيو پريم غنچه جنهن ۾ ڀڄن، ڪافيون، وايون آهن. پڙهڻ سان تعلق آهن.“(11)

ميمڻ صاحب ديوان آسُو رساله آسو ۽ پريم غُنچه مان چند مثال ورتا آهن. ماستر آسو رام 1897ع ۾ وفات ڪئي. سامي ۽ هنن ٻن شاعرن خاص طور سنڌي شاعريءَ ۾ اهم جاءِ والاري آهي. دلپت رام ۽ آسو رام جو صوفيانه ۽ ويدانتي ڪلام ڌيان ڇڪائي ٿو. ادبي تاريخ نويسن به اهڙو ذڪر ڪيو آهي. (12)

(2)

سامي، هڪ وڏو شاعر آهي، اِن معاملي جو جائزو مٿي ڏنل پسمنظر کانپوءِ پيش ڪريان ٿو. جيترا ايڊيشن شاهه جي رسالي جا شايع ٿيا آهن ۽ جيتري تحقيق شاهه صاحب جي سوانح ۽ ڪلام تي ٿي آهي، اوتري ساميءَ بابت نه ٿي آهي. اِهو عجيب اتفاق آهي ته شاهه جو رسالو پهرين 1866ع ۾ شايع ٿيو ۽ ساميءَ جا سلوڪ پهرين 1873ع ۾ شايع ٿيا. يعني رسالي کان فقط ست سال پوءِ ساميءَ جي وفات کان ٽيويهه سال پوءِ شايع ٿيا، پهريون مرتب ديوان ڪوڙو مل چندن مل کلناڻي هو(13).

ويدانت بيشڪ ساميءَ جي ڪلام جو محور آهي. هُن ويدن جي تت ۽ ويدن جي اصطلاحن جي اندر به گفتگو ڪئي آهي، پر شاعريءَ جا عام موضوع ۽ انساني دل جي بنيادي جذبن جي به اُپٽار ڪئي اٿس. جتي سلوڪن ۾ مايا، اوديا، گيان، ڀاونا، ساڌ سنگت، ساڌ مهما، ست سنگ مهما، ايشور مهما، ڀڳتي، لکشمڻ، ڇهه اٺاره چار، اَڌوت ۽ ساڌو جن جا باب قائم آهن. اُتي محب، عاشق، سهاڳڻ، فقير ۽ دروند جا باب به موجود آهن. اِنهن مڙني شعبن ۽ بابن ۾ جا گفتگو ساميءَ قائم ڪئي آهي، سا آهي: مايا جو موه نه ڪجي، جهالت کان بچجي، گُروءَ يا مرشد جي حڪم موجب هلجي. ويساهه رکجي، پنهنجن خواهشن تي ضابطو رکجي، رهبر يا گروءَ جي دل سان ساراهه ڪجي، نصيحت وٺجي نصيحت ڪجي، ڀڳتيءَ ۾ مگن رهجي، محبت، سڪ، عشق ۽ پريم کي زندگيءَ جو بنيادي جذبو ڄاڻجي، سهاڳ جي اهميت ڄاڻجي، فقيري ۽ ساڌو جن جاڳڻ ڳائجن وغيره.

ڪوڙيمل، ديوان ڏيارام گدومل، چيٺمل، ڪلياڻ آڏواڻي، ناگراڻي، ڊاڪٽر سنديلي ۽ ٻين عالمن، ساميءَ جي ڪلام ۽ ويدانت جي ڪافي سمجهاڻي ڏني آهي. ديوان ڏيارام  ۽ ناگراڻيءَ هن سلسلي ۾ خاص طور ويدانت جي باري ۾ معلومات مهيا ڪئي آهي. انسان جي پنجن دشمنن، ڪام، ڪروڌ، موهه، لوڀ ۽ اهنڪار جو ذڪر ڪيو اٿن. انهن دشمنن بابت ڏيارام گدومل لکيو آهي ته: ”هن جهان ۾ اسان جا 5 دشمن آهن، جن جهڙا ٻلدان دشمن ٻيا ڪي ڪينهن. سندن نالا مشهور آهي، پر سندن نشان ڪن ٿورن کي معلوم آهن. ڪو آدمي ڪونهي جو انهن کي ظاهر ڦٽ لعنت نٿو ڪري، پر ڪو ورلي آهي جو انهن مان هڪڙي نه ٻئي کي اندر ۾ نٿو سانڍي. (14).“

سامي انساني جذبن کي سنئين واٽ لائڻ لاءِ سلوڪن ۾ تلقين ڪري ٿو. ساميءَ جي سلوڪن ۾ مايا ۽ اوديا خاص طور ڌيان ڇڪائيندڙ موضوع آهن. چوي ٿو مايا جي موه اسان کي کڻي ڀرم ۾ وڌو آهي ۽ اُن اڻ هوندي کوه ۾، دريا ۾ پيا غوطا کائون:

مايا ڀُلائي، وڌو جيءُ ڀرم ۾،

انڻ هوندي درياه ۾، غوطا نِتِ کائي،

سامي ڏسي ڪينڪي، مُنهن مڙهيءَ پائي،

سَت گُر جاڳائي، ته جاڳي جُڙي پاڻ سان. (15).

مايا نِگري بيماري آهي. سڄي کي انڌو ڪري ٿي ڇڏي، ڪنهن کي سمڪ نٿي پوي ته ڇا ٿيو. سامي مايا کي ڏائڻ ٿو سڏي:

سارو جڳ انڌو، ٿيو مايا جي موه ۾،

وجهي ويٺا پاڻ کي، بنان سمجهه سَنڌو،

ڪو عاشق چڙهيو اڇ تي، ڄاڻي ڌُوڙ ڌنڌو،

واري کپت کنڌو، سامي مليو سروپ سان.

-

سارو جڳ جُهري، ٿو مايا ڪارڻ من ۾،

جنهن کي ڏائڻ ڏينهن ۾، ڦِڪل ساڻ ڦُري،

ڪو نيهِي نارائڻ کون، درسن دان گُهري،

پرچي پريم پُري، سامي ويٺو سم ٿي. (16)

مايا جي موه وانگر اوديا (جهالت، بي علمي) به وڏي ڏائڻ آهي، جيڪا وڏاهاڃا ٿي ڪري. سامي کيس رن به چوي ٿو. چي:

رن وڌو رولوس، جدائيءَ جو جڳ ۾،

سامي ڪيائين سڀ کي، پنائي پولو،

ڪنهن گُرمک هنيس گيان جو غئبي گُليلو،

اَڻ هوندو ڀولو، ميٽي ويٺو من مؤن (17).

اوديا جو ڀوت سڀني کي آڱرين تي نچائي ٿو. اوديا جو ڀوت لڳو ته سڀ وڄا وسري ويندي. ڀرم جِيوَ کي وڪوڙي ويندا. پوءِ عدل يا ظلم سڀ اوديا جي ڀوت جي ماتحت هوندا. جئن کپيس تئن حڪم هلائي. سامي چوي ٿو:

ڀوت لڳو آهي، اوديا جو هِن جيءَ کي،

پاڻ پانهٺجو پاڻ ۾، ويٺو وڃائي،

اڻ هوندي سنسار ۾، ٿو عدل چلائي،

مُنهن مڙهيءَ پائي، سامي ڏسي ڪينڪي.

-

سڀ کي نچائي، ٿو اوديا ڀوت ڀرم جو،

بنا ڦاهيءَ ڦند جي، ٿو پل پل پٽائي،

منتر نه مني ڪنهن جو، رهيا ٻَلي ٻَلُ لائي،

ستگر ڇڏائي، ته سامي ڇٽي دک کون (18).

اوديا جي ڪُنَ ۾ مورک ئي غوطا کائيندو. هن لاءِ زندگيءَ جو مقصد واضح نه آهي. ڀرمن ۽ سنسن کي پيو ڀاڪر ۾ ڀري:

مُورک پيو پائي، ڀاڪر پاڻ ڀرم کي،

اوديا سندي سير ۾، گوتا نت کائي،

پَنان نت پرتيت ري، ويٺو واجهائي،

جڏي ڇُٽو ڇڏائي، ته سکي ٿئي سامي چوي. (19)

سامي محبت جي مام کي پريم، سڪ، عشق، عاشق ۽ سهاڳڻ وغيره جي بابن ۾ خاص شوق ۽ جذبي سان بيان ڪيو آهي. مختلف طورن طريقن سان محبت جي مام جو ذڪر ڪري ٿو. سهاڳڻ ڪهڙي آهي؟ اُن ڳالهه کي پوري جوش ۽ جذبي سان بيان ڪري ٿو. جنهن پريم جو پيالو پيتو ۽ گُرَ جي هستيءَ ۾ فنا کاڌي سو خوش نصيب آهي. پريم پريم ته سڀ ڪو ڪري ٿو، پر ڪامياب ڪو هڪڙو ٿئي ٿو:

سامي جنهن چکيو، گُرگم پيالو پريم جو،

اڳيون تنهن عجيب جي، لاهي سر رکيو،

سڀ ۾ سار لکيو، ڄاڻ وڃائي پانهنجي.

-

لکين هزاري، ڳالهيون ڪن ويدانت جون،

سامي سودو پريم جو، ورلو ڪو ڌاري،

جو وهي انڀ هٽ تي، نانت نواري،

پرچي پياري، سڀ کي ڀيد ڀرم جو (20).

پريم پياس وهمن وسوسن، ڀرمن ۽ سنسن کي ناس ڪري ٿي. اُهو هر طرح ڪامياب انسان آهي. انل پکيءَ وانگر اوچو ٿي آڪاس ۾ پرواز ڪري ٿو:

جنهن کي پريم پياس، ساميءَ لائي ستگُرو،

سهجي تنهن جي جيءَ مون، ڀُلي اوديا طاس،

رهي منجهه آڪاس، اَٺئي پهر انل جان (21).

محبت لفظ ٻيو آهي، پر معنيٰ ساڳي آهي. سامي هن مضمون جي مناسبت سان ماکي ۽ مٺائيءَ جا مثال ٿو ڏي:

محبت جي ماکي، چَٽي ڏٺي، جنهن چت سان،

سٽي وڌي سر تون، هيبت هلاکي،

ڄاڻي سڀ ڪرتا ڪري، رات ڏينهن راکي،

سامي ٿي ساکي، ماڻي موج مُڪِتِ جي.

-

ڏٺي جنهن کائي، مٺائي محبت جي،

مِٽي تنهن جي من مون، پچر پرائي،

پاڻ ورائي پاڻ سان، لنون سچي لائي،

سامي سدائي، ماڻي سُک سروپَ جي (22).

پريم، محبت ۽ عشق ڳالهه مڙيئي هڪ آهي، پر ساميءَ هن اعليٰ جذبي کي علحدا لفظن طور به پوري شعور سان ڪم آندو آهي. عاشق کي مرشد ڪهڙي تلقين ڪري ٿو؟ چويس ٿو رنديءَ جي راه وٺ ۽ سور سختيون برداشت ڪر:

پرچي ڏٺو پَههُ، مرشد خاص مريد کي،

اُٿندي وهندي عشق سان، اور انهيءَ ۾ رههُ،

وٺي راه رنديءَ جي، سَڀڪي سرتي سَههُ،

ته اچي پاڻ اَلهُه، مطلب ڪندءِ من جا  (23).

يا عاشق اٺئي پهر اُداس آهن ۽ راتو ڏينهان عجيب لاءِ روئن ٿا:

اَٺئي پهر اُداس، عاشق رهن اندر ۾،

پسڻ ڪاڻ پرين، جي، لُنو لُنو مرن پياس،

سامي چئي سنسار جي، ڀوري رکن نه ڀاس،

ٿي خلوتي خاص، مليا محبوب سان. (24)

-

راتيون ڏينهن روئن، عاشق ڪاڻ عجيب جي،

ڳالهه نه سلن ڪنهن کي، پانهنجو پاڻ ڪُهن،

ڌاريو سڪ سچيءَ سان، اهڙو حال مُئن،

اچي  من ڌُوئن، سامي چئي مُنهن سپرين (25).

ساميءَ، شاهه عبداللطيف ۽ ٻين شاعرن وانگر سنڌ جي نيم تاريخي داستانن ۽ اُنهن جي ٽاڻن توڙي عام روايتن جو سهارو نه ورتو آهي. شاهه لطيف، شاه عنايت، سچل سرمست ۽ ٻيا وڏا شاعر بيشڪ سنڌ جي داستانن جي روايتن کي بيان ڪندي ڪامياب رهيا آهن، پر ڪيترن شاعرن انهن داستانن جي پسمنظر ۾ معمولي ۽ تقليدي ڪلام چيو آهي. انهن جي ڪا حيثيت ئي نه آهي. ڪيترن سگهڙن به مارئي ۽ سسئيءِ جا داستان ورجايا آهن. سامي انهيءَ لحاظ کان منفرد آهي. هُو پنهنجي زبان ۽ بيان، مواد ۽ موضوع، انداز ۽ اسلوب ۾ مقلد نه آهي. ساميءَ جي ڪلام مان جيڪي مثال پيش ڪيا ويا، انهن ۾ هو حقيقت ۽ مجاز جي بيان ۾  بلڪل واضح آهي. البت سندس ڪلام ۾ بظاهر مجاز به حقيقت جي پوش ۾ آهي، پنهنجي انفراديت ۾ هُو نشانبر آهي ۽ هڪ وڏو شاعر آهي. آخر ۾ ساميءَ جي ڪلام مان باب ”درد وند“ مان ٻه سلوڪ پيش ڪريان ٿو:

ڪريان ڪهڙو حال، دردوندن جي دل جو؟

ڪُٺا ڪُڇن ڪين ڪي، لِنوَ لائي ٿيا لال،

صدقي ڪيائون سڪ تون، سامي تن من مال،

تن کي ڪوه ڪريندو ڪال، جي مرڻ کون اڳي مئا. (26).

-

دردوندن جو در، وٺي ويهه ويساه سان،

پرچي ڪندءِ پاڻهين، سامي مهر نظر،

ڏيکاريندءِ ڏيهه ۾، انڀئه آدي گهر،

جنهن ۾ اَجر امر، پرک وسي پرماتما. (27)

ساميءَ جي سلوڪن جو هڪڙو پهلو هي آهي.

(3)

جي ساميءَ کي مجاز ۾ پسجي ته هُن جي لفظن مان اهڙو تاثر ملي ٿو، جڏهن چوي ٿو ته: آءٌ ته پياريانءِ. ڀري پيالو پريم جو! هونئن سامي هڪ ويدانتي شاعر آهي. هُو روحانيت جي باري ۾ واضح طور پنهنجا خيال ظاهر ڪري ٿو. مايا جي موه کي نندي ٿو. اوديا جي اونهي کوه مان نڪرڻ جي تلقين ڪري ستگروءَ جي شرڌا رکڻ، اُن جي مهما ۽ پيرويءَ لاءِ چوي ٿو، سندس سلوڪن کي جن عنوانن ۾ ورهايو ويو آهي، اُهي بنيادي طور روحانيت جي تعليم بابت آهن. محبت، پريم ۽ عشق وغيره وارا عنوان به مالڪ جي حقيقي عشق بابت آهن. اڪثر سلڪن جي ظاهر مضمون کي ڏسجي ته اُهي محبت ۽ مجاز جي مضمون ۾ آهن. اُنهن ۾ سڄڻ جي سڪ جو بيان موجود آهي ۽ برملا چوي ٿو ته:

بنا سِڪ سڄڻ جي ڪنهن پاتو ڪينڪي،

نڪري ڪيئن ڏهيءَ ري، منجهون کير مکڻ،

ڦل ورائي وڻ، سامي سُڃو سکڻون.

مجاز بابت شاعرن گهڻو ئي ڪجهه چيو آهي. سنڌي، اردو، سرائيڪي، هندي ۽ فارسي شاعرن جا سوين شغر منهنجي ذهن ۾ موجود آهن، جن ۾ عشق و محبت، پريم پيار ۽ مجاز جو ذڪر اچي ٿو. بلڪ شاعريءَ جو وڏو حصو محاز جي باري ۾ آهي. شاهه عبداللطيف واضح طور چيو ته: مون کي ماءُ مجاز پڃاري جئن پڃيو. محبت ۽ مجاز جا دور انسان جي اندر کي اُجارين به ٿا جي پٽڙيءَ تان لٿو ته راهان رد ٿيو. بلڪه زندگي ب هقربان ڪري ڇڏي ٿو. اُن سلسلي ۾ فارسيءَجي شاعر حَزين هندو عورت مثال کي محبت جي انتها ڄاتو آهي. مري ويل جيون ساٿيءَ جي چِتا مٿان پرواني مثل پاڻ ساڙي ٿي. چي:

در محبت چون زن هندي ڪسي مردانه نيست،

بر شمع مرده، سُوختن ڪار هر پروانه نيست.

شاهه لطيف چيو:

پتنگن پهه ڪيو، مڙيا مٿي مچ،

پسي لهس نه لچيا، سڙيا مٿي سچ،

سندا ڳچين ڳچ، ويچارن وڃائيا.

مجاز جا رنگ نرالا آهن. اُن ۾ سوز ته آهي ئي آهي. شهنشاهه عشق حضرت سچل سرمست فرمائي ٿو:

جي اچين تان اچ، نه ته هت پُورن پَڇاڙيو،

محبت ٻاريو مچ، سيني منجهه سَچُوءَ جي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25

 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org