ساميءَ روداس، نامديو، ڪبير ۽ ٻين مها ڪوين جا
نالا پنهنجن سلوڪن ۾ کنيا آهن. مجاز کان حقيقت
جي سفر جو ذڪر ڪندي چوي ٿو:
پريم بنا پرڪاس، ڪنهن کي ٿيو ڪينڪي،
ائين چئي ٿو نامديو، ڪبير اَئون رَوداس،
ڪري ڏس ڪلپت ري، سامي اُنن اڀياس،
ته چيتن چِد آڪاس، پرگهٽ ٿيئي پاڻهين.
ڪبير ۽ ٻيا هندي ڪويسر پريم رس جا اَکُٽ انبار ۽
ڀريا ڀنڊار آهن، ساميءَ جو بيان ڪرڻ کان اڳ فقط
سمن جو هڪ مثال پيش ڪريان ٿو:
اَٺ پَهرَ چوسٺ گهڙي، لوهُو برست نين،
سمن بڙڇي پريم ڪي، جب لاگي تب چين.
هيڏو پريم ساگر، خوشيءَ ۽ غم جا رنگ تن کي سمن
اجهو ايترو ليکيو آهي. اسان جو سامي ڀڳتيءَ ۽ ست
سنگ وسيلي سچي سائينءَ کي حاصل ڪرڻ جي پرارٿنا
ڪري ٿو، تنهن وٽ مجاز به آهي، اُن جو زبان ۽
بيان ۾ ڪن بابن ۾ ذڪر ملي ٿو. اڪثر هنڌن تي
حقيقت جو اشارو به آهي، پر پريم، نيهي، عشق،
عاشق، سڪ ۽ سهاڳڻ واربن بابن ۾ مجاز جا اشارا
موجود آهن. اهڙن ڪجهه سلوڪن جي حوالي سان هيءَ
ڳالهه بيان ڪرڻ گهران ٿو ته ساميءَ وٽ مجاز به
آهي.
نيهي يعني عاشق جو ذڪر سامي هيئن ڪري ٿو:
پل پل پڪاري، نيهي نيڻ ڀري ڪري،
آءُ منهنجا سپرين، ويهه نه وساري،
تنهنجي عشق الڳ ڪيو، لائي لنئون لاري،
مئن کي ماري، ميلو ڪندين ڪن سان؟
هي عشق بيحد ڳجهو ۽ بيحد باريڪ آهي. اِن جي
ڳالهه هر ڪنهن ڳڀروءَ جي وس جي نه آهي. جنهن کي
مالڪ اهڙي توفيق ڏي جو هو نيڻن کان به نزديڪ ٿي
وڃي:
بيحد لنو باريڪ، آهي عشق اگم جي،
سامي لائي ڪنهن سورمي، لنگهي لوڪان ليڪَ،
جنهن کي ڏني ستگروءَ، تر تيٻر توفيق،
نئنن کون نجيڪ، سُتهه ڏسي سم سپرين.
سامي، ويدانت جو ترجمان آهي. اُن حوالي سان
مجموعي طور روحانيت جو ترجمان آهي، جن سلوڪن ۾
هُو محبت ۽ مجاز جو بيان ڪري ٿو. اُنهن جي حوالي
سان ساميءَ کي محبت ۽ مجاز جو ترجمان به چئي
سگهجي ٿو. هُو نينهن جي ناوَڪ جو ذڪر ڪندي چوي
ٿو:
جتي حبيب هڻن، ناوڪ ڀري نيهن جي،
وٺي ننهن چوٽيءَ کون، سامي مٿي کڻن،
ڳڻتي ليکي کون پري، لِنو لِنوَ چاڪ چِڪن،
تاتي طبيبن، ڦيون سڀ ڦٽيون ڪيون.
پريم ساگر ۾ ٽٻيون هڻندي، سامي پريم رس جو سچو
طالب آهي. هُو هن طلب کي وري وري ورجائي ٿو.
پريم جي پاڪ پيالي جو ذڪر ڪندي چوي ٿو ته جنهن
هي پاڪ پيالو پيتو سو جنم جنم کي جيتي وٺي ٿو ۽
سر صدقو ڪرڻ لاءِ آتو آهي. فرمائي ٿو:
پرچي جنهن پيتو، پاڪ پيالو پريم جو،
ملي تنهن محبوب سان، امل جنم جيتو،
سامي سُک اڳتون، سر صدقي ڪيتو،
هاريو تنهن جيتو، جُڳتن سان جهان کي.
اهڙي پيار جي بازي کٽڻ لاءِ خبرداريءَ (ساوڌاني)
جي ضرورت آهي. ڪهڙي ساوڌاني کپي، اُهو ڏس به
طالبن ۽ پريمين کان پوندو. چي:
بيتي سا بيتي، باقي رک رهت سان،
پڇي وٺ پريمين کون، سچي رس ريتي،
سامي ساوڌان ٿي، بازي جن جيتي،
پاڪي پليتي، لنگهي چڙهيا لَکَ تي.
محبت ۽ مجاز قديم شاعرن کان وٺي، جديد شاعرن
تائين هڪ مشترڪ ۽ مقبول موضوع رهيو آهي. چين جا
قديم شاعر لي پاءِ ۽ تُوفو محبت ۽ مجاز بيان ڪرڻ
۾ نشانبر آهن. چيني شاعر تُوفو (712-770ع) جنهن
جي سڄي عمر بک، بيروزگاري، ڏک، سرديءَ، سرڪاري
عملدارن ۽ ڏاڍن جي ڏاڍ ۾ گذري، هن جي زندگيءَ جو
هڪڙو عرصو ”ڇانگ آن“ جيل ۾ گذريو.
جيل واري عرصي ۾ هن پنهنجي زال ۽ ٻارن جي
جدائيءَ ۾ نظم لکيو. جڏهن اُهي فُوچو شهر ۾ هئا:
اڄ رات فُوچو ۾ چانڊوڪيءَ ۾،
هويءَ جهاتيون پائيندي هوندي.
ٻار گهري ننڊ ۾ هوندا،
اُنهن کي پنهنجو پيءُ،
خواب ۾ نظر نه ايندو هوندو.
سَرديءَ ۾ هُن جا ڪارا وار،
عاج جهڙيون ٻانهون،
ٺارَ ٺاري وڌيون هونديون.
ڪڏهن اسين گڏباسين؟
دريءَ وٽ بيهي، چانڊوڪيءَ کي،
خشڪ اکين سان ڏسنداسين.
جديد شاعر ڪومورو (ولادت 1892ع)، لُوشُن
(1881-1936ع)، مائوزتنگ (وفات 1976ع) ۽ ويهين
صديءَ جي ٻين اهم چيني شاعرن محبت ۽ مجاز گهڻو
لکيو آهي. سامي مجاز جي مام کي پريم جي سودي کي
مل مهانگو ڄاڻي ٿو. چوي ٿو:
اَٿي مهانگو، سامي سودو پريم جو،
جي توکي خواهش خريد جي، ته سَٽ سرَ جو سانگو،
پرچي پاءِ ڳچيءَ ۾، گلا جو گهانگهو،
لنگهي پوء لانگهو، ته مطلب ٿِيئي من جو.
وڏي واڪي ٿو چوي ته:
آءُ نه پياريانءِ، ڀري پيالو پريم جو،
سامي هن اوسر ۾، تن من سڀ ٺاريانءِ،
ده دس ڏيکاريانءِ، اَنڀهءِ پُرک اکين سان.
سامي هن سنسار کي محبت جو ميدان سمجهي ٿو. اُن
ميدان ۾ ڪيئي رنگ رچن ٿا. عاشق سر جو سانگو نه
ٿا ڪن:
محبت جي ميدان ۾، عاشق رنگ رچن،
پون پروانن جان، اڳيون عجيبن،
سانگ نه وارن سر جو، توڙي مچ مچن،
ماسو ماس نه تن، بره جنين بکري جو.
اُهي محبتي مشتاق ظاهر ٿي اڳيان اچن ٿا، لڪن ڪو
نه ٿا:
محبتي مشتاق، لڪن ڇپن ڪينڪي،
پائي ويٺا پريم سان، اکين منجهه اوطاق،
سدا سپرين سان، پرچيا رهن پاڪ،
ٻانڀڻ ٻولن واڪ، درد ڀريا ديدار جا.
-
محبتي مَستان، جهولن جهروڪن ۾،
سامي سپيرين ري، ٻي سُڌ رکن ڪانه،
پل پل پين پريم رس، ڪڍي اوديا آن،
رهن منجهه جهان، سدا اليپ ڪنول جان.
سامي پنهنجي زندگيءَ جي مقصد کي سلوڪن ۾ ظاهر
ڪيو آهي. هُو ويدن جو فلسفو بلڪل چِٽو ڪري
سمجهائي ٿو. محبت جئن ته انساني زندگيءَ جو اهم
عنصر آهي، محبت کي فاتح عالم چيو ويو آهي ۽
حقيقت تائين رسڻ جو ذريعو به محبت ۽ مجاز آهي.
هن سلسلي ۾ محبوب جي رمز کي سمجهڻ به نهايت
ضروري آهي. در در دوستي نه لائبي. ٻيائيءَ کي
ٻوڙي ڇڏبو. سامي چوي ٿو:
محبوبن جي موڙ، سمجهي جنهن سامي چئي،
مِٽي تنهن جي من مون، سهجي سوڙه سنگهوڙ،
ٻَنڌن سڀ ٻيائيءَ جا، ڇوڙي ڇڏيائين ڇوڙ،
لِنو ورائي لوڙ، رکي نه رتيءَ جيتري.
روميءَ جو حوالو قرآن مان مغز ڪڍڻ وارو ڏيندي
چوي ٿو:
جئن ڇنڊي ڇَڄُ، ڪڍي ڪِن ڪونڊيءَ مان،
تئن ڪڍايو قرآن مون، محبتين مگج،
رکن نه رتيءَ جيترو، ڪنهن جو گم گرج،
سامي هردم حج، مِلي ڪن محبوب سان.
محبت ۽ مجاز کي ساميءَ بيشڪ ڪٿي ڪٿي روحانيت جي
رنگ ۾ ڳايو آهي، پر سندس ڪم آندل زبان پڌري پئي
آهي. هُن پريم، عشق، نيهي، محبت ۽ عاشق جهڙا لفظ
ورجائي ورجائي ڪم آندا آهن. هن اشارتاََ اوديا
(جهالت) کي من مان ڪڍڻ جو چيو آهي، پر پيار جي
ڳالهه به چِٽي چِٽي چئي آهي:
تنهين سڀ ڏنو، جنهن ڏنو من محبوب کي،
اوديا ڀرم اندر مون، ڇِڪي سڀ ڇِنو،
پاڻي منجهه ڀنو، جئن کيلوڻو کنڊ جو.
اِهو صحيح آهي ته سامي واپاري طبقي جو فرد هو.
اُن طبقي جي نفسيات مان به هُن سبق ورتو. هُن
اُتي مايا جو موه ڏٺو. اُن طبقي جي مڙني خرابين
کان هن جي من ۾ ڌڪار پيدا ٿي. اوديا جي اونهي
کوه ۾ ڪرڻ کان روڪيائين. ڀڳتيءَ ۽ ست سنگ جي
صلاح ڏنائين. ڀرم جي ڀوت ۽ سنسن جي سنسار کي دور
رهڻ جي تلقين ڪيائين. اِهو سڀ ڪجهه حقيقت ۽ مجاز
جي دائري اندر رهي ٿي سگهيو ٿي. پيار اُن لاءِ
پهريون ۽ بنيادي ذريعو آهي. پيار جي تلقين اُن
ڪري ئي ڪري ٿو:
عشق لايو جن، سي ديوانا دوس جا،
بنا سڪ سڄڻ جي، ٻي ڳالهه ڪانه ڏسن،
آگيا ساڻ عجيب جي، آيو ڀوڄن ڪن،
سامي سدا رهن،د يوانا درٻا ۾.
-
عاشق ٿين نه ڏُور، پلڪ هڪ پرينءَ کون،
ڄاڻ وڃائي پانهنجي، هردم رهن حُضُور،
لائي ويٺا ڌُوڙ، مستڪ تي محبوب جي.
-
عاشقن اَڏيو، پريم پينگهوڙو گهر ۾،
پسڻ ڪاڻ پرينءَ جي، ٻيو سڀ ڪم ڇڏيو،
اَچي گڏ گڏيو، سڄڻ سڪ ڏسي ڪري.
آخر ۾ هن بحٿ جي مناسبت سان چند سلوڪ ٻيا به پيش
ڪريان ٿو. هونئن ساميءَ جي سلوڪن ۾ محبت جو
مذڪور آهي ئي آهي:
روئي راتو ڏينهن، عاشق ڪاڻ عجيب جي،
دانهان ڪري درد سان، نيو نهوڙي نينهن،
جيئين بن ۾ ٻڪري، گهيري ڪيهر شينهن،
سامي چئي سريهن، درد نه مِٽي درس ري.
-
عاشق سي چئن، سڪ جنين کي سچ جي،
لائي لنئون لالن سان، هر دي منجهه هيرن،
سامي پرچي پيءُ سان، من ۾ موجان ڪن،
سدائي گاون، بلاول بيحد منجهون.
-
ازغيبي آيو، عشق رنگيلو ايلچي،
هڻي چماٽو هيڪڙو، اڳيون تنهن لايو،
ملائي محبوب سان، سامي سمايو،
آڻ ويو آيو، جئن ڪنگڻ ڪَرَ جو.
-
اکين منجهه اوطاق، آهي يار عجيب جي،
سدا پسن سڪ سان، محبتي مشتاق،
جي جيئندي ٿيا جڳ کون ٻانڀڻ چئي بيباڪ،
خلوتن جي خاڪ، لائي ويٺا لعل ٿي.
-
جنهن کي پوري پريت، محبوبن جي من ۾،
سي نڪي گهمن ڏيورا، نڪي گهمن مسيت،
ڄاڻي سڀ سنسار جي، ڪُوڙي ڪلپت ريت،
پرين ري پريت، ڪنهن تي ڪينڪي.
(ساميءَ جا سلوڪ، حوالي طور سنڌي اديبن جي
سهڪاري سنگت حيدرآباد جي 1978ع واري ڇاپي مان
ورتل آهن).
لفظن جون معنائون:
انڀهءِ: ڄاڻ
اوسر:وقت
پرڪاس:پرڪاش، سوجهرو
بکري:بخرو، حصو
آن:ڀوء، ڊپ
اودي: بي علمي، جهالت
پريت:ويساه
موڙ:رمز
گم:غم
گرج:غرض
تيٻر:تکو،تيز
سرينهن:مرڻ تائين
سُتهه:پاڻ مرادو
چدآڪاس: پرماتما، مالڪ
جڳتن: جڳڻ
(هي معنائون ڊاڪٽر عبدالڪريم جي تيار ڪيل ”سامي
ڌاتو ڪوش“ سان ڀيٽيل آهن).
ساميءَ جو اَوڌوُت وارو عنوان، شاهه ۽ سچل جي ڪم
آندل آڌوتيءَ سان معنيٰ ۾ملي ٿو. اُهو ڄڻ
رامڪليءَ جو مضمون آي. ائين ساميءَ ۾ ٻي به
مضمونن جي رنگا رنگي ۽ نيرنگي آهي.
صوفي دلپت رام (1777-1841ع):
جيئن مٿي بيان ٿي آيو ته صوفي دلپت رام هڪ درويش
منش ۽ مشهور هندو شاعر هو. هيڏانهن بي تعصبيءَ ۽
انسانيت جي تعليم عام ڪئي اٿس. عمل ۽ ڪلام ۾ هو
چٽي طور چوي ٿو ته ڪفر ۽ اسلام ۾ ڪي ماڻهو اُبتا
پير کڻن ٿا ۽ انسانيت جي اعليٰ ۽ بنيادي آدرشن
کي پٺيرا ٿين ٿا. اِن سلسلي ۾ اِها به تنبيهه
ڪري ٿو ته انسان جي دل، انسان ذات جي محبت جو
مرڪز هجڻ کپي. دلپت جي ڪلام کي پروفيسر ايم. ٺڪر
ايڊٽ ڪيو. اُن کانسواءِ سندس ڀڄنن جو هڪ مجموعو
1927ع ۾ لکيو ويو (يا ڇپيل هجي)، جو ڪيولرام
ڪشنچند جڳتياڻي پينشر سابق روينيو ڊپارٽمينٽ
(گاڏي کاتو ڪراچي) مرتب ڪيو آهي(28). ڪتاب جو
مُهاڳ ”پستڪ لکندڙ جي وينتي“ جي عنوان سان لکيو
اٿس. اُن ۾ هو لکي ٿو ته هي ڪلام (ٻاڻي) هُنَ هڪ
ٻئي هٿ لکيل ڪتاب تان اُتاري تيار ڪيو آهي. اڳ
لکيل ڪتاب جو به هي انتخاب آهي. ڪي بيت آهن، جن
۾ شاعر جا خيال ظاهر ڪيل آهن. پتنگ بابت شاهه جي
رسالي جي پيروي هيئن ڪري ٿو:
پتنگ چائين پاڻ کي، تان آءُ اُسري آڳ،
عشق جي آڙاه جو، ڊوڙي جهلج داغ،
دلپت پوء دوفان ۾، سِرَ جو ڇڏي سانگ،
محبوباڻون ماڳ، مري ماڻ مچ ۾.
-
پُري آيا اڳ تي، پتنگ ڳاٽ کڻي،
پاڻ اُڇلائي آڳ تي، پئي ٿيا پڻي،
دلپت پوء دوفان ۾، رک عشق اَڻي،
شمع سِر هڻي، اُهي سِرَ سُرها ٿيا.
-
پُري پنگ آيا، گهوٽن جا گِهڏي،
ويچارن جي وجود ۾، ناهي هوڏ هڏي،
ماٺ ڪري پيا مچ ۾، ڪسڪيا ڪين ڪڏهي،
دلپت تن تڏهي، ٿيو مشاهدو محبوب جو.
دل جي موسم ۽ ٻاهر جي ڀيٽ هيئن ڪري ٿو:
تن آيو رَسُ رُتين جو، هوت منهنجي هنجَ،
دائم دلپت دوست سان، اُهي رُتيون صبح سهنجَ،
محب ويٺو جن منجهه، مندون سي ماڻينديون.
-
تن آيو رس رتين جو، جي محبت منجهه مگن،
لايو برهه چِت ۾، چيتن جو به چمن،
دلپت دائم دوست سان، دل کي قائم ڪن،
ساجن ڏٺو جن، من مندون سي ماڻينديون.
-
سدا بهار تن ڀَيو، جن آئي برهه بوءِ،
پري ٿين نه پرينءَ کون، اُهي رتيون سنجهه صبوح،
دلپت دائم دوست سان، اورين روءِ، بروءِ،
جاني جن جي جوءِ، مندون سي ماڻينديون.
ڪي دوها ڀڳتيءَ جي مضمون ۾ آهن. ڄڻ ڀڄن آهي.
ائين دلپت هڪ صوفي شاعر طور به اسان جي اڳيان
آهي. اڪثر ساميءَ جي ويدانت واري لڙهيءَ ۾ هڪ
موتيءَ وانگر به آهي. ويدانتي ڪلام ۾ دلپت هڪ
اهم شاعر آهي.
صوفي آسورام (1824-1897ع):
تصوف ۽ ويدانت جي الاهيات بابت گربخشاڻيءَ جي
تيار ڪيل شاهه جي رسالي جي حوالي سان بحث ٿيو
آهي، حقيقت ۾ هندو شاعرن کي ادبي پرک پروڙ ۾
ويدانتي شار به ڄاتو ويو آهي. ٻنهي فڪرن (تصوف ۽
ويدانت) ۾ هنن جو نيڪ نالو خاص طور انهيءَ ڪري
نشانبر آهي جو هنن مالڪ جو مهما (تعريف) ڳائڻ ۽
انسان ذات کي بي تعصبيءَ جي عينڪ سان ڏسڻ جي
تلقين ڪئي آهي.
آسو رام جي ڪم آندل زبان جي باري ۾ خانبهادر
ميمڻ لکي ٿو: ”ٻوليءَ جي لحاظ کان آسو رام جي
سموري ڪلام کي ٻن ڀاڱن ۾ورهائي سگهجي ٿو. هڪڙو
اُهو ڪلام اٿس، جنهن ۾ يوگ وديا ۽ ويدانت سان
خاص تعلق رکندڙ اهڙا ڏکيا سنسڪرت لفظ ڪم آندا
اٿس جن جي معنيٰ ڪوبه مسلمان ته سمجهي نه
سگهندو، پر سڀڪو هندو به ڪنهن ڪوش يا ڊڪشنريءَ
کوڻ ڌاران معلوم نه ڪري سگهندو. پڻ تصوف سان خاص
تعلق رکندڙ ۽ ٻيا اهڙا ڏکيا عربي لفظ ڪم آندا
اٿس جن جي معنيٰ ڪو به هندو ته سمجهي ڪو نه
سگهندو، پر سڀ ڪو مسلمان به ڪنهن لغت اُٿلائڻ
ڌاران پروڙي نه سگهندو(29).“
آسورام جو گهڻو مدحيه ڪلام به آهي، ڪافيون غزل،
بيت ۽ ڀڄن به اٿس. ڪافي، ڀڄن جو هي انداز اٿس:
دين ڪفر سڀ ڇوڙ سياڻا،
صاحب سڀ تي نيارا.
1- الک الله هڪڙو ئي آهي، سو قادر ڪلتارا،
پاڻ ۾پاڻ کي ڏس پيهي، کولي اندر جا تارا.
2- آسو قلب اُجارج سچ سان، ٻيا ڪر دور خسارا،
لار جو تُرهو کڻ تون سنگي، ٻيا ناهن ڪي
چارا.
(پريم غنچو)
پٿر کي نه پوڄڻ جي تلقين هيئن ڪري ٿو:
مول ڇڏي جو پڪڙي ڌاري،
تنهن جي سُڌ ٻُڌ گم ٿئي ساري.
1- ڌڻي نه سوجهي پٿرکي پوڄي،
اندر تنهن جي انڌ انڌاري.
2- الف بنا ٻيا اکر اَجايا،
آسو سٽ سا آهي ساري.
عجب اتفاق آهي جو ديوان آسو، صوفي آسو رام جي
وفات واري سال ۾ ڇپيو آهي. اُن ۾ مُنڍ ۾ لکي ٿو:
”آسو مل ڏاندو مل فقير صوفي اصل اسڪول ماستر
رهندڙ هالن پراڻن جي عام خاص ماڻهن جي فائدي
لاءِ جوڙي تيار ڪيو، بي ميار رهيو. هن ۾ ڀيانڪ،
رُچڪ ۽ يٿارٿ، ٽن قسمن جا وچن آهن ۽ من جي مارڻ
جا يتن آهن. سڀڪنهن سمجهه ڀرئي لاءِ هڪ نصيحت
نامو تحفو فيض رسانو آهي(30).“ ڪتاب جي آخر ۾
سمپورڻ جي عنوان هيٺ لکي ٿو: ”هن فقير جا ٻيا به
ٻه ڪتاب جوڙيل آهن. هڪ رسالو آسُو جنهن ۾ ابيات
۽ 43 سُر آهن، ٻيو پريم غُنچه جنهن ۾ ڀڄن ڪافيون
وايون آهن. پڙهڻ سان تعلق آهن:
از عزيزان دعا طلب دارم،
ز آنک من عاجز و گنهگارم (31).“
اُن کانپوءِ ڪتاب جي سال تصنيف بابت بڪرمي هجري ۽
عيسوي سال جي نسبت سان رباعيون آهن. ديوان آسو ۾
غزل آهن. ”لاغرض ساڻ لاغم“ وارو غزل به آهي ( ص
195).
غزل ۾ محبت ۽ مجاز سان گڏ ارادنا ۽ حقيقي محبوب جي
پچاڙ به ڪئي اٿس. انهيءَ ڪري چئبو ته صوفي آسو رام
جي شاعريءَ ۾ مضمونن جي وسعت آهي.
عمر جي گذرڻ ۽ وقت اجايو وڃائڻ جو پڇتاءُ هيئن
ظاهر ڪري ٿو:
ويئي عمر اجائي، هُلَ ٿا پون هلڻ جا،
ويدان ڪنهن نه واريا، ٿيا ڪينڪي جهلڻ جا،
بنگلا اڏين ٽڪاڻا، ڪنهن پل ڇڏين نه ڄاڻا،
سي سڀ مُئي پڄاڻان، ڪنهن ڪم نه ٿيا اچڻ جا.
پيرين نه پنڌ پُڄنو، آهي هنئين سان هلڻو،
آسُو منجهانئي ملڻو، اَفعال ڇڏ اُجهن جا.
غزل جي ايراني مضمونن، مثال مئخاني جي ماحول جو به
حوالو آسرو رام وٽ آهي. انهيءَ مضمون کي هيئن
ورتايو اٿس:
جن محبت پيتو شراب شراب،
سي ڇڏي سانگ ٿيا ڪباب ڪباب.
آهي آنند عيش ۽ آرام ۾،
ويو مٿانئن لهي ڪتاب ڪتاب.
عشق اڳيان سڀئي غلام ٿين،
توڻي ارباب هُئي نواب نواب.
ڪان جن کي لڳي ڪائون لالن،
آهي آسو اُنهن عذاب عذاب.
مڪرر قافين جي استعمال سان گڏ دلچسپ رديف به صوفي
آسورام جي غزلن ۾ آهي. اهڙو هڪ هنڌ چُپ قافيو،
صنعت سوال جواب استعمال ڪندي آندو اٿس:
ڪيم ورلاپ دلبر کي چيائين: چُپ،
جهليم تنهنجي اچي در کي، چيائين چُپ.
ڪئين آهون ڪيم آزيون ۽ نيزاريون،
پوي من ٻاجههپرور کي، چيائين: چُپ.
کنيم بُهتان بدين جون مٿي کاريون،
تنهنجي ڪارڻ سٽيم سِرَ کي، چيائين: چُپ.
ڪڇڻ ۾ آهي بي ادبي ۽ بي شُڪري،
امر مڃ تان رسين سرَ کي، چيائين: چُپ.
ڪيم چُپ اندرون آسو ڪري چپ چپ،
آيم آنند اندرکي، چيائين: چُپ!
خدا پرستي، ڀڳتي، تصوف ۽ ويدانت صوفي آسورام جي
ڪلام جو اهم مضمون بنيل آهي. پر جئن ساميءَ جي
ڪلام ۾ اعلان سان ويدن جي واڻي سمجهايل آهي، تيئن
ڪو ورلو شاعر اُن پد تي رسي ٿو. بهرحال صوفي آسو
رام به هن ميدان ۾ نظر اچي ٿو ۽ وٽس شاعرانه جوهر
۽ فن به آهي.
حوالا:
1- آڏواڻي، ڀيرو مل مهرچند، قديم سنڌ، سنڌي ادبي
بورڊ، 1957ع، ص ص 21 کان 27.
2- بدوي، لطف الله، تذڪره لطفي، (جلد -2)، آر.
ايڇ. احمد برادرس حيدرآباد، 55-1956ع، ص ص
370-371.
3- ميمڻ، خانبهادر محمد صديق، سنڌ جي ادبي تاريخ،
جلد پهريون، سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي، حيدرآباد،
1937ع، ص ص 395 کان 404.
4- ميمڻ خانبهادر محمد صديق، تاريخ سنڌي ادب جلد
ٻيو، سنڌ يونيورسٽي پبليڪيشن، حيدرآباد 1951ع، ص ص
503-504.
5- بلوچ، نبي بخش خان (ڊاڪٽر)، سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب
جي تاريخ، پاڪستان اسٽڊي سينٽر، چوٿون ڇاپو،
1999ع، ص 472.
- ڊاڪٽر صاحب ساميءَ جي سلوڪن جي ڪوڙيمل واري
ايڊيشن جا چار جلد ڄاڻايا آهن، پر اُهي ٻين سڀني
ڪتابن ٽي لکيا آهن ۽ ٽي ئي آهن.
6- ايضاََ، ص 474.
7- ڏسو راقم جو مقالو: ”سنڌ ۾ هندي شاعري“، سهڻي
موٽندڙ ڇوليون.
8- آسرداس بابت تذڪري جي ٻئي جلد ۾ (صفحو 383) ذڪر
ڪيو ويو آهي ۽ جيڪو آرسداس جو ڪلام: لاغرض ساڻ
لاشڪ ڄاڻي مون نينهن لاتو (غزل) به ڏنو ويو آهي.
سو ديوان آسو ۾ صفحي 195 تي ڇپيل آهي. ان مان هي
ظاهر ٿئي ٿو ته آسرداس ڪو ٻيو نه آهي. ماستر آسو
رام ئي آهي. خود دلپت جي سوانح سان بي اعتماديءَ
جي روش جي شڪايت پروفيسر بدوي ڪري ٿو (تذڪرو ٻيو
جلد 385). ايم ٺڪر جي برخلاف پروفيسر اجواڻيءَ
پنهنجي انگريزيءَ ۾ لکيل ادبي تاريخ ۾ دلپت جي
سوانح عمري نسبتاََ تفصيل سان لکي آهي. (ڏسو ص
115). دلپت جو ڪلام پروفيسر ٺڪر
(M. J)
1938ع ۾ ايڊٽ ڪيو ۽ گدومل هرجاڻي 1962ع ۾ ديوان
دلپت مرتب ڪيو.
9- تاريخ سنڌي ادب، جلد ٻيو، ص 414-415.
10- ايضاََ، ص 416.
11- ماستر آسو رام، ديوان آسُو، ويڙهومل کٽڻ مل
پبلشر بوڪ سيلر لاڙڪاڻو، ص 218.
تاريخ اشاعت، سنبت، هجريءَ ۽ عيسويءَ ۾ خود ڪڍي
اٿس. عيسوي هيٺين مصرع مان ڪڍي اٿس: حقيقي ذڪر عشق
چابڪ بنار.
12- اجواڻي، ايل. ايڇ.
History of Sindhi Literature
ساهتيه اڪاڊمي، دهلي 1970ع، ص 136.
13- ساميءَ جي ڪلام ۽ زندگيءَ جي مطالعي لاءِ
هيٺيان ڪتاب اهم آهن:
- ڪوڙو مل، ساميءَ جا سلوڪ (ٽي جلد) 1873ع.
- نانگراڻي، ساميءَ جا سلوڪ (ٽي جلد)
55-1967ع.
- ساميءَ جا سلوڪ، سهڪاري سنگت، ناگراڻيءَ
وارو ڇاپو، 1978ع. (شاهه، سچل سان گڏ هڪ باڪس ۾)
- ساميءَ جا سلوڪ، سهڪاري سنگت، ناگراڻيءَ
وارو ڇاپو 1992ع، (ٻن جلدن ۾)
- ڪلياڻ آڏواڻي، سامي، بمبئي 1953ع.
- سنديلو، عبدالڪريم، 1- ساميءَ سنديون
سپون، 2-سامي ڌاتو ڪوش.
- خانبهادر محمد صدق، سنڌي ادب جي تاريخ،
پهريون ڀاڱو.
- اجواڻي. ايل.ايڇ. ادبي تاريخ (انگريزي).
14- ساميءَ جا سلوڪ (جلد ٻيو) سهڪاري سنگت، ص 43.
15- ساميءَ جا سلوڪ (جلد پهريون)، ص 3.
16- ايضاََ، ص 7.
17- ايضاََ، ص 31.
18- ايضاََ، ص 73.
19- ايضاََ، ص 75.
20- ايضاََ، ص ص 434-435.
21- ايضاََ، ص 440.
22- ايضاََ، 495.
23- ايضاََ، ص 528.
24- ايضاََ، ص 535.
25- ايضاََ، ص 534.
26- ايضاََ، ص 652.
27- ايضاََ، ص 662.
28- لٿو ۾
ڇپيل آهي يا هٿ اکر آهن. هن جي فوٽو اسٽيٽ مون کي
مهربان دوست عمر ڪمال خان ملتان کان موڪلي آهي.
29- ميمڻ، خانبهادر محمد صديق، سنڌي ادب جي تاريخ
(جلد ٻيو). 1951، ص ص 416-417.
30- آسو رام (آسومل)، صوفي، ديوان آسو، ويڙهو مل
کٽڻ مل، بوڪ سيلر لاڙڪاڻو، 1897ع، ص 1.
31- ايضاََ، 218.
- ديوان ۾ حوالو نمبر 30 موجب پاڻ کي آسومل
ولد ڏاندو مل لکيو اٿس.
باب ٻيو
عروضي شاعري (الف):
اِهو صحيح آهي ته هن کان گذري ويل ڪيترن شاعرن جو
ڪلام، بيت، وائي، ڪافيءَ سان گڏ علم عروض تي به
موزون آهن، جن ۾ مناجات (جمن ۽ سرفراز) مولود
(عبدالرئوف) ۽ ڪافيون به ڪيترن شاعرن جون عروض
موجب آهن. انهن جي خبر نه آهي ته علم عروض جي ڄاڻ
سبب شعوري طور پنهنجو ڪلام عروض تي موزون ڪيو يا
ٻين جو ڪلام پڙهي اُنهن جو تتبع ڪيائون. هن باب ۾
جن شاعرن جو بيان ڪري رهيا آهيون. اُنهن خاص طور
عروضي وزن آندو، پر عرب ايران جي شعري صنفن ۾ به
ڪلام موزون ڪيو. اُنهن جي ڪلام ۾ مرثيا، غزل،
قصيدا، رباعيون، قطعا، مثنويون ۽ فردو وغيره اچي
وڃن ٿا. هن باب ۾ گهڻا شاعر صاحبِ ديوان به آهن.
دور جي لحاظ کان انهن ۾ جو شاعر پهرين آهي سو ثابت
علي شاهه آهي ۽ مرثيه گو شاعر آهي.
ثابت علي شاهه (1740-1810ع):
سيد ثابت علي شاهه جا وڏا اصل ملتان جا هئا. هُن
پنهنجي زندگيءَ جو احوال ۽ وڏن بابت پنهنجي
سفرنامي زيارت نامو ۾لکيو آهي. ثابت علي شاهه جي
والد جو نالو سيد مدار علي شاهه هو. سندس ڏاڏو
نورمحمد شاهه ملتان کان ٺٽي آيو ۽ اُتان قلندر جي
قدمن ۾ سيوهڻ شريف پهتو. ثابت علي شاهه سيوهڻ ۾
ڄائو، اُتي ئي پرورش پاتائين ۽ ابتدائي تعليم
ورتائين. ثابت علي شاهه جي مرثين ۽ سوانح تي مزار
قليچ بيگ کان وٺي ڪيترن اسڪالرن ڪم ڪيو آهي، جن ۾
مرزا عباس علي بيگ (ڪليات) ۽ ٻيا اچي وڃن ٿا.
خانبهادر ميمڻ ۽ لطف الله بدوي بالترتيب تاريخ ۽
تذڪري ۾ باب لکيا. جناب عبدالقيوم صائب 2003ع ۾
ڪتاب ثابت علي شاهه، شخصيت بابت ڪتاب ۾ سير حاصل
بحث به ڪيل آهي. سيد ثابت علي شاهه سان لاڳاپيل
ٻين شخصيتن ۽ موضوعن تي صائب صاحب جي تحقيق
نسبتاََ مستند آهي. هو ثابت علي شاهه جي ابتدائي
تعليم بابت لکي ٿو: ”سيد ثابت علي شاهه جي ابتدائي
مذهبي تعليم پنهنجي گهر ۾ ٿي. والد صاحب کيس
توحيد، رسالت ۽ امامت جي تعليم ڏني. پڙهڻ جي عمر
کي پهتو ته کيس آخوند عبدالرحمان جي مڪتب ۾ ورهايو
ويو (1).“
فارسيءَ جي تعليم آخوند الياس محمد صوفيءَ وٽ
ورتائين. مخدوم احسان وٽ عربيءَ جا قاعدا پڙهيو ۽
مخدوم محمد مراد وٽ عربيءَ جي تحصيل مڪمل ڪيائين
(2). ڪلام جي اصلاح غلام علي مداح کان ورتائين جو
مشهور عالم ۽ شاعر مولوي محمد محسن جو فرزند هو.
ميان سرفراز به مولوي غلام مداح جو شاگرد هو. ثابت
علي شاهه جو شاعريءَ جو دور ِن ڪري به اهم آهي جو
ڪيترا شاعر فارسيءَ ۾ قصيدا، غزل، مثنويون ۽ ٻيو
ڪلام چئي رهيا هئا. دور جي لحاظ کان سل سرسمت به
سندس همعصر هو.
ثابت علي شاهه جون فارسيءَ ۾ ٻيون به تصنيفون آهن،
پر هن جي مشهوري سنڌي مرثين سبب ٿي. پهرين هو ڪن
ٻين شاعرن جا اردو ۽ پنجابي مرثيا پهندو هو. پوءِ
خود مرثيا لکڻ لڳو. اهو صحيح ناهي ته ثابت علي
شاهه، ميرانيس ۽ مرزادبير جا مرثيا پڙهندو هو.
حقيقت هيءَ آهي ته اِهي ٻه شاعر ثابت علي شاهه جي
وفات واري سال (1810ع) ڇهن ستن سالن جا ٻار هئا،
بالترتيب 1802 ۽ 1803ع ۾ ڄاوا هئا.
مرثيو پنهنجي نوعيت جي هڪ منفرد صنف سخن آهي. عرب،
ايران ۽ هند سنڌ ۾ ڪيترائي بلند پايه شاعر هن صنف
۾ طبع آزمائي ڪري چڪا آهن. اُنهن ۾ عرب جي خاتو
شاعره خنساءِ (وفات 24 هه)، جنگ قادسيه ۾چئن ڀائرن
جي شهيد ٿيڻ تي صدمي ۾ مرثيا چيا. خنساءَ جي مرثين
جي زور بيان ۽ شدتِ غم مثالي آهي (4). عربيءَ ۾
اڪثر شاعرن محبوبائن جي وفات تي به مرثيا چيا.
مهتمم بن نويره پنهنجي ڀاءُ مالڪ جي قتل ٿيڻ تي
مرثيولکيو. حضرت عمر اُن کي پنهنجي شهيد ٿيل ڀاءُ
بابت مرثيو لکڻ لاءِ چيو، پر هُو اُهو مرثيو اهڙو
نه لکي سگهيو. ائين امرءُ القيس ۽ ايام جاهيت جي
ٻين شاعرن جي ڪلام ۾ به غم واندوه جو بيان گهڻو
آهي. ائين شيخ سعدي بغداد جي تباهيءَ تي مرثيو،
شهر آشوب لکيو. پر مرثيو جنهن حوالي سان ڄاتو وڃي
ٿو سو آهي امام حسين عليھ السلام ۽ قضيه ڪربلا جو
ذڪر، شهادتن تي غم ظاهر ڪرڻ، جيئن محققن لکيو آهي
ته مري ويل جي باري ۾ ذڪر ڪرڻ ۽ اُن جاڳڻ ڳائڻ.
عربيءَ ۾ هن صنف کي رثاٿو چئجي (5). يورپ جي شاعرن
به مرثيا نما لکيا آهن. اُنهن کي
Elegy
سڏيو ويو آهي. انهن جي نوعيت ذاتي ڏک ۽ مايوسيءَ
واري آهي. هر صنف سخن وانگر مرثئي جا به ڪجهه جزا
آهن. هنن جزن کي عبدالقيوم صائب ترڪيبي جزا سڏيو
آهي. اُهي هي آهن: چهرو يا مُکڙو، ماجرا، سراپا،
رخصت يا موڪلاڻي، آمد، رجز، جنگ، شاهدت ۽ پار ڪڍڻ
(6). اُن کانپوءِ مرثئي جا اهم ڪردار ۽ حسيني
جماعت ۽ يزيدي گروه جو بيان به مرتبي مطابق ايندو
آهي.
سنڌي مرثيو لکڻ وارا مرزا قليچ بيگ، ٻڍل بيگ ۽ ٻيا
ڪيترا شاعر، مرثيه نويس ساماڻا، پر ثابت علي شاهه
ئي يڪتا مرثيه نويس رهيو ۽ آهي. اُن ۾ هُن جو
انداز بيان، واقعات جو ذڪر ۽ رزم آرائيءَ توڙي شدت
غم جو تذڪرو مٿاهون رهيو، مرثيا بيشتر مسدس، مخمس،
مربع ۽ مسلسل بندن جي هيئت توڙي غزل جي شڪل ۾ به
لکيا ويا.
ثابت علي شاهه جي پنهنجي لکڻ موجب سنڌي زبان ۾ اڳ
مرثيو ڪو نه چيو ويو هو، جي هو ته مشهور نه هو.
مرثيو سنڌي اڳهن هو ڪو نه اصلي سنڌ ۾،
جي ڪو هو تا پڻ نه هو مشهور هنپر هر ڪجا.
ثابت علي شاهه جا مرثيا مقبول ٿيا ۽ مجلسن ۾ پڙهيا
ويا. امام حسين جي بارگاهه ۾ نذر عقيدت پيش ڪندي
هيئن چوي ٿو:
اي خدا جا لاڏلا، سردار سرور يا حسين،
چيوم پهريون مرثيو، سو ٿيو قبول ڪبريا.
امام حسين جو قافلي وارن کي خطاب نهايت رقت آميز
آهي:
اوٺيو جهوڪيو اُٺن کي، ساٿيو سنبري وهو،
هن اسان جي قافلي جو پير هن پٽ ۾ پيو،
جنهن ۾ سر وڍيا ۽ سڀ اسباب لٽبا جو بجو،
پيءُ پٽن جا مرندا، ڀاءُ برادر يا حسين!
-
مصطفيٰ جي باغ جا وڻ، هِت وڍيندا هي وڍيل،
مرتضيٰ جا من موهن، ڪوٺي ڪُهندا هي ڪُٺل،
طفل پاڻيءَ کي سِڪائي، تير هڻندا هي تڙيل،
هي ڪندا قتلام هت، اولاد حيدر يا حسين!
ڪوفي ۾ امام عالي مقام جي قافلي جي پهچڻ جو اطلاع
پهتو ته ابن زياد اُن وقت ڇا چيو:
هيءَ خبر ڪوفي رسي، معلوم ڪئي اِبن زياد،
چيائين ڪعبي جو هرڻ پيو دام ۾ حسب المراد،
ڪوٺي سڀ ڪوفي جا ڪوپا ۽ رئيسانِ بلاد،
چيائين اي نام آوارانِ عصر باصدق و مداد،
ڪو ڪندو همت، حسين ابن علي جي جنگ تي.
اُن تي جو منصب گهري، سو بر مرادِ دل وٺي.
بهرحال ڪربلا جو قضيو مقصديت جي لهاظ کان به اهميت
وارو آهي. لشڪر ۽ بهادر هڪ ٻئي جي سامهون آيا.
يزيدي فوج گهيرو تنگ ڪرڻ جا سڀ حربا ڪم آندا. کين
پيش پوڻ جي گهڻي اُميد هئي، پر هيڏانهن به عليءَ
جو اولاد ۽ نبيءَ جي خانوادي جا بهادر، شجاع، اصول
پرست، نڊر ۽ سچار افراد هئا. امام عالي مقام ته
جبل وانگر سامهون هو. دادلا ڪهايائين. پنهنجو سر
قربان ڪرڻ لاءِ تيار هو. نه پاڻيءَ جي تنگي نه ٻچن
جي تڪليف کيس جهڪائي سگهي. سِر ڏيئي سُرهو ٿيو.
ثابت علي شاهه مختلف واقعن کي بلند پايه مرثين،
نوحن ۽ زارين جي صورت ۾ قلمبند ڪيو. رقت ۽ عبرت جا
ڪئين مقام آهن. مثال وٺڻ ۽ شعر جو داد ڏيڻ لاءِ
ڪهڙا بند چونڊجن. نبي صلي الله عليھ وسلم جي حضور
شاعر هيئن فرياد ڪري ٿو:
يا نبي! تنهنجي نواسي نامور کي ظالمن،
سر وڍي ڌڙ خاڪ ۽ رت ۾ ڇڏي ويا بي دفن،
تنهن تن بي سر کي تون، اي نانا! پهرائي ڪفن،
چار تڪبير جنازه چئي، دفن ڪر سان جتن،
هاءِ هي مظلوم آهي دلربا تنهنجو حسين،
ڏيئي دغا ڪوٺي ڪُٺو، اهل جفا تنهنجو حسين.
ثابت علي شاهه جا مرثيا شاعرانه ڪمال جو نمونو
آهن. انهن ۾ علم بديع ۽ علم معاني جادو آتشه موجود
آهن. هن صنعتن، تشبيهن ۽ استعارن جا درياهه وهائي
ڇڏيا آهن. آخر ۾ هن بند تي اڪتفا ڪريون ٿا. هن بحر
بي ڪران جو ڪو انت ڪونهي: |