محمد جمن ولد احمد هالو، ٺٽي ۾ ڄائو. مستري هالو
اڃان ڏهن سالن جو هو، سندس والد گذاري ويو. محمد
جمن هالو تعليم حاصل ڪري نه سگهيو ۽ اباڻي رازڪي
ڌنڌي کي لڳي ويو. روزگار جي تلاش ۾ 1926ع ۾
ڪراچيءَ لڏي ويو. اندازاََ ڏهه سال پوءِ شاعري
شروع ڪيائين. بزم نظاميءَ ۾ شعر پڙهيائين. سندس
لاڙو خاص طور ڪافي ڏانهن ٿيو. بزم طالب الموليٰ،
سرشار، عقيلي، هالي ۽ ٻين شاعرن جون ڪافيون مقبول
ٿيون. هالي جون ڪافيون عروض ۽ موسيقيءَ جي مخصوص
وزن ۽ انداز ۾ آهن. هالي صاحب جي ڪلام جا مجموعا
شايع ٿي چڪا آهن. اُنهن ۾ ”وندر ۽ ورلاپ“ آخري
مجموعو آهي. ڪافيءَ ۾ مستري صاحب جو سُريلو پڻ به
نمايان آهي. خالي لفظ جوڙيل نه آهن. ڪافين جا
موضوع، محبت ۽ مجاز ۽ سنڌ جي نيم تاريخي داستان جو
پس منظر آهي. سسئي پنهون جي داستان جي اوٽ ۾ چوي
ٿو:
ڪهڙو آهي ڪم، ڀيڻون منهنجو هاڻ ڀنڀور ۾،
1- جن ته
رلايو مون کي رڻن ۾، سيئي ياد پون دم دم.
ڀيڻون منهنجو هاڻ ڀنڀور
۾.
2- هوت هلي آ نام ڌڻيءَ جي، ٿو ماري تنهنجو
غم.
ڀيڻون منهنجو هاڻ ڀنڀور
۾.
3- ماس
مٿان مون گهوري گهوري، چيري ڏينديس چم-
4- هوت پنهنجي جي هالا آءٌ، گولي آهيان دردم-
ڀيڻون منهنجو هاڻ ڀنڀور
۾.
ڀيڻون منهنجو هاڻ ڀنڀور
۾.
مستري صاحب جون ڪيئي ڪافيون آهن، جن جو
ترنم نمايان آهي. ترنم سان ئي پڙهندو هو. بزم طالب
الموليٰ جي انتظام هيٺ 1956ع جي ادبي ڪانفرنس
ميرپوربٺوري ۾ به ڪافي پوري لئه سان پيش ڪئي
هئائين. شايد هي اُها ئي ڪافي آهي جا پوءِ رسالي
نئين کيتي جي سالنامي 1956ع ۾ ڇپي:
ماري ماڻن سان منڍار نه وڃ،
ڦُري دل ته منهنجي دلدار نه وڃ.
1- رسي روز وڃڻ وڃي ڏور رهڻ،
پنهنجو پاڻ پلڻ وري ڪين ورڻ،
ڏاڍا ڏاڍ ڪرڻ اهڙو سخت ٿيڻ،
هِن پار رهي هُن پار نه وڃ.
2- راڻا رحم ڪري اچو پير ڀري.
دل منهنجي ڦري وڃو ڪين پري،
بره باهه ٻري ماندي دل ٿي مري،
ڏيئي مون کي ڏکن جا بار نه وڃ.
3- وچئون ويري پيا کڻي هوت ويا،
ڏوه مون ڪهڙا ڪيا پين ڪين حيا،
ڇڏي جيءَ جيا ڳوليان ڪئن ٻيا،
منهنجي سر جا سڄڻ سينگار نه وڃ.
4- اچ يار وري تولئه دل آ چري،
ويئي توکي سري ڏاڍي ڳالهه ڳري،
ڏي ڪا زهر ذري وڃان مورئون مري،
ڏيئي عشق سندا آزار نه وڃ.
5- هالا هوت اچن منهنجا ويڙها وسن،
مٺا محب ملن سڀ سور وڃن،
جيڪي قول ڪجن پورا سيئي ڪجن،
ڪري نينهن منهنجو نروار نه وڃ.
هن ڪافيءَ جي مضمون، نغمگي ۽ ادائگيءَ تي
محفل ۾ موجود حاضرين خاص طور مخدوم طالب الموليٰ،
سرشار عقيلي ۽ ٻين مستري صاحب کي تمام گهڻو داد
ڏنو.
مستري صاحب جو فرزند محمد اصغر هالو به
علم دوست ۽ شاعر هو. ٺٽي ۾ سن 2000ع ۾ هڪ دفعو
پوءِ مستري محمد جمن هالي جي حيات ۽ ڪلام تي
ڪانفرنسون ڪوٺايائين. 2004ع ۾ اصغر هالو به گذاري
ويو.
لوڪ ادب ۾ آخري وڏو شاعر، سگهڙ سانوڻ فقير خاصخيلي
(وفات 1935ع):
پهرئين جلد ۾ لس ٻيلي ۾ شيخ ابراهيم ۽ ڪبير شاهه
جي مارڪي جو بيان ڪري آيا آهيون. هي لوڪ ادب جو
خزانو آهي، جنهن ۾ جلال کٽي ۽ ٻين شاعرن سينگار جي
بيتن جي ميدان ۾ ڪونتل ڪڏايا. لوڪ ادب جي مڙني
صنفن ۾ هزارين سگهڙ ناميارا ٿيا. اُنهن ۾ سانوڻ
فقير نڙ بيتن ۾ پاڻ ملهايو. تقريباََ ويهين صديءَ
جي پهرئين اڌ ۾ سانوڻ، مولا بخش، بچايو رند ۽ ٻيا
ڪيترائي نالي وارا سگهڙ ساماڻا. جن ڳوٺن جي ڪچهرين
۾ هن فن جي ميدان ۾ پاڻ مڃايو. نڙ جي ڊگهن بيتن جو
هي سلسلو اندازاََ 1920ع ڌاري پوري جوڀن تي هو.
سانوڻ فقير ۽ سندس ساٿيارين تي ڊاڪٽر بلوچ، لوڪ
ادب رٿا طور هڪ مڪمل جلد ڪتاب نمبر اوڻيهون شايع
ڪيو آهي. ڊاڪٽر صاحب جي گڏ ڪيل معلومات موجب سانوڻ
فقير جي والد جو نالو ڪارو هو. جو تعلقي بدين ۾ڪڍڻ
لڳ ڳوٺ پني جو هو(ص 14).
سانوڻ فقير پنهنجي جوانيءَ جو دور اڪثر تعلقي
ماتليءَ جي ڪن ڳوٺن ۾ گذاريو. جوانيءَ ۾ ئي ڪنهن
عورت تي موهت ٿي پيو، پر پوءِ آسرو پلي دل جي باهه
بيتن ذريعي آشڪار ڪيائين. بيت ڏيندو ويندو هو،
پاڻي پيندو ويندو هو. ”سڙيءَ جو سانوڻ چئي“ جو
عملي مثال بنجي پيو.
روايت آهي ته فتح باغ تعلقي ماتليءَ ۾ وفات
ڪيائين. وصيحت موجب کيس اوٽي وارن پيرن جي مقام ۾
دفن ڪيو ويو، پر نڙ بيتن جي رهاڻين ۾ ظاهر ٿي پيو.
ساڻس ڪاني وڄائڻ ۽ هونگاري ڏيڻ وارا ڪي گهڻو پوءِ
به جيئرا هئا. اُنهن ۾ بدين ويجهو ڳوٺ لاکن جو گلو
لاکو هڪ هو. نڙ بيت، عام بيتن کان سٽن جي تعداد ۾
توڙي سٽَ جي ڊيگهه ۾ ڊگها ٿين ٿا. سگهڙن بيتن
۾وارو وار قافين جو اهتمام به ڪيو ۽ ڪن ساڳين اڌ
–سٽن جو ورجاءُ به ڪيائون. سانوڻ جا بيت سنڌ جي
مڙني نيم تاريخي داستانن تي آهن، پر هُو سُر سسئي
۽ مارئيءَ ۾ عروج تي آهي. بيتن مان اِهو معلوم ٿئي
ٿو ته سسئيءَ جي پنهون کان جدائي ۽ مارئيءَ جي وطن
۽ ور کان جدائي سانوڻ فقير جي دل جي حالت موافق
هئي. ٿورا مثال هي آهن:
موڪل ڏي ته ملير وڃان، ڍري ڏسان ڍاٽ،
ملڪ مارو مير جو، لکپت ۽ لاکاٽ،
ملڪ مارو مير جو، سُتيارو سيکاٽ،
سانگي منهنجا سمنک سهڻا، ٺهيو ڪن ٿا ٺاٺ،
جويون جيسلمير جون، آهن ڪُل ڪنواٽ،
نبي سر جون نام ڪٺيون، ننگ ڀريون ڪن ناٽ،
چولا تن چُوڙيلين جا، ٽونر ٽڪن سان ٽاٽ،
گهڻي لوڏ لوهارين ۾، ٻي سونهن وڏي سماٽ،
چڙهيو چوٽ چانڊاڻ تي، ڪل ڪري ڪڙٻاٽ،
هٿن کاريون ڀڃن ڏاريون، مرگهيون ڏين موڙاٽ،
جِت کيريون ٻيڙيون ٻاوريون، ٻيا ٻُوهن جا ٻيلاٽ،
ڏس قوت ڪنوارين جي، منگهه ولوڙين ماٽ،
ڪينجهر ٻنهي ڪنڌيئن، آهن کيرن جا کُڙاٽ،
ڪينجهر ٻنهي ڪنڌئين، آهن ڌونرن جا ڌوڌاٽ،
ڪينجهر ٻنهي ڪنڌيئن، آهن ڇيڙين جا ڇڻاٽ،
ڪينجهر ٻنهي ڪنڌئين، آهن ٻڪرن جا ٻيڪاٽ،
ڪينجهر ٻنهي ڪنڌيئن، آهن گهيٽن سندا گهاٽ،
ڪينجهر ٻنهي ڪنڌيئن، چَتوئن جا چيهاٽ،
ڪينجهر ٻنهي ڪنڌئين، دکن ٿا دونهاٽ،
سدا مُند سانگين جا، ڳاڱين مٿي ڳاٽ،
پائي پانڌ ڳچيءَ ۾، مون لکين ڪيا لولاٽ،
پسي سونهن سانوڻ چئي، تون عمر ڪر نه اوراٽ،
پائي ڳل ڳچيءَ ڳاٽ، وڃي ملان مارون مير کي.
سسئيءَ جي بيان ۾
چوي ٿو:
سرتيون پرتيون رب کي، آءٌ هِتِ اَڄوڪِي،
قسمت مون کي قيد ڪري، رات هتي روڪي،
سج لهي سانجهي ٿي، ڪئي چنڊ به چانڊوڪي،
ڪلهي قائم ڪنجرو، ٻڌان ڪيئن ٻوڪي،
ڇوڙيان ڪيئن ڇپر کٽ تي، ڪمر ڪالهوڪي،
سُڄي ٿي سانوڻ چئي، اِها منزل مهندوڪي،
پنهل يا ڊوڪي، وڃي ٿيو وڻڪار ۾.
-
هٿ کڻيو هڪلون ڪريان، دران ٿيڙم دُور،
اُٺن اوٺيڙن لئه، وڃان ٿي وهلور،
اُٺن اوٺيڙن جا، مون کي ڏس پون ٿا ڏور،
اُٺن اوٺيڙن لئه، کامي ٿيس کُور،
-
جبل جهڙي جان تي، ڪڍيا عشق انگور،
ڪي ڏينا ڪي ڏاريون، ڪيئن پن پاندور،
ڪي پچي پراڻا ٿيا، ڪن ٻج جهليو ڪن ٻُور،
ڪي ڇڻيون پون ڇاتيءَ تي، ڪريو اوگهه اروڙ – الخ.
وچ جي قافين جا به سانوڻ وٽ ڪيئن مثال آهن:
ٽنگن ڊگها، وڃن سگها، جن جي سُڄي ڪوهن تي قطار،
اُٺ اڙانگا، ڏنگا ڏاگها، چرن چانگا، موڙيو مينديءَ
ڏار – الخ.
اُنهن جا به ڪي مثال آهن. هِتي هُئي رديف آندو
اٿس:
آگ اندر جي ڪيئن اُجهامي، ٻاروچل جا ٻاري هئي،
ڪهل ڪوهيارل ڪانه پئي، شت ڌوٻن ڌيءَ ڌاري هئي،
گڏ سُتي هئي جوڙ جانب سان، اوٺين ڪين اُٿاري هئي،
ننڊ نڀاڳي نيس نهوڙي، چانگن تي جي چاري هئي. الخ
سانوڻ هڪ سادو سودو غريب ماڻهو هو. هُن وٽ درد جا
درياهه هئا ته ڄڻ پيٽ ۾ باهه جا اُلا به هئا، جن
نڙ بيتن جي صورت ورتي. پنهنجو پاڻ کي هيئن سڃاڻي
ٿو:
آءٌ گڊو آءٌ گولاڙو، آءٌ بي پَٿو آءٌ بي پاڙو،
من جي مرادن کي، آءٌ ڪريان ڪُڄاڙو،
هٿين خالي آهيان، مون وٽ ڀَتو نڪي ڀاڙو،
ڏسي دور دنيا جا، مون کي سرس لڳو ساڙو،
هيءَ جُوءِ ڇڏي هُن حد ۾، مون ڌن ڏسي هنيو ڌاڙو،
صوفيءَ جو سانوڻ چئي، لٿو من تان مونجهارو،
جڏهن تُرندو تُراڙو، تڏهن پوندي سڌ سچائيءَ جي.
(بيت جي پهرين سِٽَ ۾ لفظ بي پَٿو آهي، پر اڪثر
متنن ۾ بي پِتو ڇپيو آهي جو غلط آهي. پٿَ معنيٰ
گروهه، جئن لاڙ ۾ سومرن جو ڪڇ جو پٿ سڏجي ۽ ٻيو
سنڌي پٿ آهي)
موجوده دور جي يگانن سگهڙن ۾ الهورايو نظاماڻي
(مرحوم)، محمد ملوڪ عباسي (مرحوم)، ٻيڙو ڪنڀر،
عبدالرحمان مهيسر ۽ وريام فقير ٿيا. پوين ٽن جي
ڪلام جا ڪتاب به شايع ٿيل آهن. لوڪ ادب جو دائرو
نهايت وسيع آهي. ڀلان ڀليءَ جو ڇيهه ڪونهي. اسان
جا ڳوٺ هن فن جو مرڪز آهن:
حوالا
1- عارف الموليٰ. ڪلام حسن بخش، سنڌي ادبي بورڊ،
1957ع، ص 3.
2- ايضاََ، ص ص 3-4.
3- ايضاََ، ص 5.
4- دراني، اي. ايم. ڪي (ڊاڪٽر) ملتان انڊر دي
افغانس (انگريزي) بزم ثقافت ملتان، 1981ع، ص 2.
5- ڪيفي ڄام پوري، سرائيڪي شاعري، بزم ثقافت
ملتان، 1969ع، ص 49.
6- ديوان فريدي، ص – ج (مقدمو)، ڪتب خانه حاجي
نياز احمد ملتان.
7- ايضاََ، ص – ج، (مقدمو).
8- طالوت، مولانا عبدالرشيد نسيم، خواجه غلام
فريد، بزم ثقافت ملتان، ص 11.
9- ايضاََ، ص ص 20-21.
10- ايضاََ، ص 22.
11- ايضاََ، ص ص 23-24.
12- عبدالجبار جوڻيجو. ميرا عشق ڀي تُو، بزم ثقافت
ملتان، 2002ع، ص 20.
13- ايضاََ، ص 20.
14- طالوت، ص ص 26- 27 ۽ 42.
15- جوڻيجو، ص ص 24- 25.
16- جاويد چانڊيو (ڊاڪٽر)، ديوان فريد، سرائيڪي
ادبي مجلس بهاولپور، 1998ع، ص 176.
17- ٿلهه ”عشق اوهان جي جا انصاف“ وڌيڪ بامعنيٰ
ٿئي ها.
18- ڀٽي، مقبول احمد، ڪليات مصري شاهه، مصري شاهه
ميموريل ڪائونسل نصرپور، 1961ع، ص ص 10-11 (سوانح
حيات).
19- ايضاََ، ص 11.
20- ايضاََ، ص 12.
21- ايضاََ ص 13.
22- ايضاََ، ص 14.
23- سنڌي ادب جي تاريخ، خانبهادر جلد -2، ص 388.
24- مصري شاهه جي وفات جي تاريخ مختلف ماخذن ۾
مختلف آهي (يعني 1904، 1905 ۽ 1906ع).
25- تذڪرو (ج -3) ص 363.
26- سپيو، محمد صالح، ڪلام محمود کٽياڻ، سنڌي ادبي
بورڊ، ٻيو ڇاپو، 1978ع، ص 7.
27- سوانح ۽ ڪلام لاءِ ڏسو: اظهر گيلانيءَ جو
سهيڙيل ڪليات ڪمال، سنڌي ادبي بورڊ، 1967ع.
28- مٽائي، وي. جي. جهانيان خاندان، سنڌالاجي،
2003ع، ص ص 125 کان 132.
29- ايضاََم ص 126.
30- ايضاََ، ص 174.
31- ايضاََ، ص 193.
32- ايضاََ، ص 241.
33- ايضاََ، ص 241.
34- ايضاََ، ص 240.
35- جهانيان خاندان سان گڏ ڏسو غوث محمد گوهر جو
ڪتاب مهدي مڻيادار، الڪبير اڪيڊمي، ڪوٽڙي ڪبير،
1999ع.
36- بلوچ،
ڊاڪٽر نبي بخش خان، ڪلام فقير نواب ولي محمد خان
لغاري، سنڌي ادبي بورڊ، 1968ع، ص 1 کان 6.
37-ايضاََ، ص 67.
38- ايضاََ، ڏسو مقدمو.
39- ايضاََ، ص 164.
40- ايضاََ، ص 177.
41- طالب الموليٰ، مخدوم محمد زمان، يادِ رفتگان
(ٻيو وڌايل ڇاپو)، سنڌي ادبي بورڊ 1994ع، ص ص
44-45.
42- سيد، جي. ايم. جنب گذاريم جن سين (جلد
پهريون)، سنڌي ادبي بورڊ، 1967ع، ص ص 90-91.
43- طالب الموليٰ، ص 45.
44- ايضاََ، ص 45.
45- بلوچ، نبي بخش خان (ڊاڪٽر)، ڪافيون، جلد ٻيو،
سنڌي ادبي بورڊ، 1987ع، ص 774.
46- سنديلو، عبدالڪريم، (ڊاڪٽر)، ڪليات حاجي خانڻ
چنجڻي، سنڌي ادبي بورڊ، 1986ع، ص 7.
47- ايضاََ، ص ص 7-8.
48- ايضاََ، ص 10.
49- ايضاََ، ص 13.
50- يادِرفتگان، ص ص 64-65.
51- پلي، عبدالڪريم، وڻجارن وايون، ادارن نواءِ
ادب، ڳوٺ عطا محمد پلي، عمرڪوٽ 1961ع، ص 11-12.
52- ايضاََ، ص 10.
53- چانگ، محمد يعقوب، مل محمود جو ڪلام، آر. ايڇ.
احمد برادس، حيدرآباد، 1958ع، ڏسو سُروار بيت.
54- پلي، ص ص 14- 15.
55- ايضاََ، ص 13.
56- بلوچ، نبي بخش خان، ڪافيون (ج-2)، سنڌي ادبي
بورڊ، 1987ع، ص 801.
57- الانا، غلام علي. لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ،
سنڌالاجي.
58- ايضاََ، ص 214: هن ڪافيءَ جي وراڻي ڊاڪٽر
الانا صحيح لکي آهي. ڊاڪٽر بلوچ جي ڪتاب ڪافيون
(ج-2) ۾ ”اِهو مرڻ ناهي ٻيو ڇا هي اديون“ لکجي ويو
آهي، جو غلط آهي.
59- رسالو خدائي، ڪلام منٺار فقير راڄڙ، سنڌ
پرنٽنگ پريس حيدرآباد، 1987ع.
60- بحرالعشق (مقدمو)، نٿر لوڪومل گرناڻي، 1968ع،
ڪراچي، مقدمي ۾ صفحن تي نمبر لڳل نه آهن.
61- چيزل شاهه، بحرالعميق، جيڪب آباد، 1987ع، ص 4.
62- ايضاََ، ص 6.
63- ايضاََ، ص 7.
64- شيخ، محمد سومار (مرتب)، ڪليات فاروقي، جيلاني
پبليڪيشن بدين، 1958ع، ص ص 11-12.
65- يادِرفتگان، ص 165.
66- ڪليات فاروقي، ص 12.
67- مون کي فخر آهي ته فقير پير بخش دل ريش کي 50-
1951ع ڌاري مون ڏٺو. قداور ۽ وجيهه هو. گيڙو رتو
پهراڻ پاتل هوس. منهنجي والد صاحب سان دوستيءَ ۽
محبت جو رشتو هوس.
68- سنديلو، عبدالڪريم (ڊاڪٽر)، ڪوجهيءَ جو ڪلام،
سچل چيئر خيرپور، 1995ع، ص 1.
69- هن ناچيز ليکڪ پنهنجي تعليمي زندگيءَ جي ابتدا
اُنهن ئي ادارن مان سچل ڪاليج ۾ ليڪچرر طور
(60-1962ع) شروع ڪئي.
70- ديوان احمد، عبدالغفور نيوز ايجنسي بدين،
2003ع، ٻيو ڇاپو، ص-سوانح عمري از عبدالجبار
جوڻيجو.
71- ايضاََ، ص، ديباچو از عبدالجبار جوڻيجو.
72- نُورالقرآن، سعودي ڇاپو، 1415هه، ص ص 686-687. |