1961ع جي آدمشماريءَ جا انگ اکر:
(الف)
ڊويزن |
اردو |
پنجابي |
|
ٻين ٻولين وارا |
سنڌي |
جملي |
ڪراچي |
11,01,966 |
2,61,516 |
|
5,36,096 |
2,35,929 |
21,34,870 |
حيدرآباد |
4,57,955 |
1,51,307 |
|
3,92,482 |
22,89,172 |
32,90,956 |
خيرپور |
1,97,300 |
1,66,610 |
|
4,50,504 |
23,19,298 |
31,33,712 |
|
17,57,261 |
5,79,433 |
|
13,79,082 |
48,43,762 |
85,59,538 |
|
20.5% |
6.5% |
|
16% |
57% |
|
|
27% |
|
73% |
|
(ب)
اردو:
17,57,261؛
26.5%
سنڌي: 48,43,762
73.5%
66,01,023
100
بيحد حيرت ۽ افسوس جي ڳالهه آهي ته اسان جي اخبارن جا ايڊيٽر،
سب ايڊيٽر، خاطو ۽ ڪالم نويس پنهنجي وطن عزيز جي
سالميت جو رڳو ايترو خيال ۽ قدر به ذهن ۾ رکي نه
سگهيا، جو رڳو آدمشماريءَ جا اهي ڇپيل ۽ پڌري پٽ
شايع ٿيل انگ اکر ئي کڻي ڏسن ۽ انهن جي ڪا تور تڪ
ئي ڪن. هڪ ڌر وٽان پنهنجن خاص سياسي مقصدن جي
پورائيءَ واسطي ڪي هٿرادو ۽ ڪوڙا انگ شايع ٿيا ۽
ڪي مبالغي آميز ۽ غلط ڳالهيون اُٿاريون ويون، ۽
اسان جا هي عوام جي آواز ۽ مفاد جي ترجماني ڪرڻ جا
دعويدار اکيون پوري اُنهن ئي گمراهه ڪندڙ انگن
اکرن ۽ اُنهن ئي فريب ۽ فساد ڀريل ڳالهين کي پکيڙڻ
۽ اُڏائڻ ۾ لڳي ويا!
ظاهر آهي ته اِها حرڪت اُنهن مان ڪن جي هٿان سندن ساده دليءَ
سبب سرزد ٿي، ۽ منجهائن ڪن ته ڄاڻي ٻجهي پنهنجن
ذاتي يا طبقاتي مخصوص مفادن جي خيال کان ائين ڪيو.
مثال طور اسان کي معلوم آهي ته سرڪاري آفيس جي
هڪڙي سربراهه ڪراچيءَ جي واپسيءَ جي سخت مخالفت
اِن لاءِ ٿي ڪئي، جو ڪراچيءَ ۽ ”سنڌ“ جي ٻن آفيسن
جي گڏجي هڪ ٿيڻ جي حالت ۾ هُن جي پنهنجي سربراهي
خطري ۾ هئي. ۽ جڏهن ٻڌائين ۽ پڪ ڪيائين ته ڪراچيءَ
جي واپسيءَ کان پوءِ به ٻه آفيسون قائم رهنديون ۽
سندس سربراهيءَ کي لوڏو ڪونه هو، ته هڪدم ڪراچيءَ
جي واپسيءَ جي حمايت ڪرڻ لڳو ۽ ڪندو رهي ٿو، ”سنڌ“
جو هڪ نئون اُڀرندڙ سرمايه دار، جنهن وٽ سياسي طور
پڻ هر قسم جا ڪافي ذريعا ۽ وسيلا موجود آهن،
ڪراچيءَ جي واپسيءَ جي مخالفت ۾ سڀ کان اڳرو اِن
ڪري آهي، جو حيدرآباد ۾ ”سنڌ“ جي گاديءَ ٿيڻ جي
صورت ۾ سندس ڪاروبار ۾ هر روز هڪ ٻن هزار روپين جي
وڌيڪ آمدنيءَ جا امڪان روشن ٿي سگهندا. هڪ نئين
دؤر جو انقلابي ليڊر ڪراچيءَ جي واپسيءَ جي مخالفت
انهيءَ لاءِ ڪري رهيو آهي، جو انقلاب جي جنهن
انتهائي اوچي پد تي هو رسيل آهي، اُهو کيس ائين ٿو
ٻڌائي ته، ”ڪراچي اسان کي ماٺ مٺيءَ ۾ واپس ملي،
سا راهه انقلاب جي نه آهي- ڪراچي اڳتي هلي اسان کي
زوريءَ وٺڻي آهي ۽ زوريءَ وٺنداسون.“ ڪراچيءَ جي
واپسيءَ جا ٻه مخالف اسان کي اهڙا به مليا، جن جي
راءِ جو اسان کي وڏو احترام رهيو آهي، پر افسوس،
جو ٻنهي اِن باري ۾ ڪنهن به دليل ڏيڻ توڙي ٻُڌڻ
کان انڪار ڪيو.
ڪراچيءَ جي واپسيءَ جي مخالفت ۾، عام ماڻهن جي ٻُڌڻ ۽ ٻُڌائڻ
لاءِ، جيڪي به دليل هيلتائين اسان جي نظر مان
گذريا آهن، تن جي جامع صورت هيءَ آهي ته ”ڪراچيءَ
وارا” علم ۾، دولت ۾ ۽ سياسي سجاڳيءَ ۾ گهڻو اڳتي
وڌيل آهن، تنهن ڪري هو ملازمت جي ميدان ۾، صنعت ۽
تجارت جي دائري ۾ ۽ حڪومتي (سياسي) معاملات ۾
هميشه حاوي رهندا ۽ اسين اِنهن ڳالهين ۾ هميشه
کانئن پوئتي هونداسين. هونئن به شهر ۽ ٻهراڙيءَ جي
سلسلي ۾ هر هنڌ ۽ هميشه اِها صورتحال موجود هوندي
آهي- يعني شهر وارا ٻهراڙيءَ وارن کان علم، دولت ۽
سياسي سجاڳيءَ ۾ اڳرا هوندا آهن (سنڌ ۾ خود
حيدرآباد ۽ ٻين شهرن جي به اِهائي حالت آهي)- ۽
جيئن ٻين ملڪن جا ماڻهو پنهنجي ڪنهن وڏي شهر جي
اهڙي اڳرائي ڏسي ان کي ڇڏي ڪين ڏيندا آهن، ۽ نه
اسين ئي حيدرآباد جو اهڙو اڳتي قدم ڏسي ان کي ڇڏڻ
لاءِ تيار ٿينداسون، تيئن ڪراچيءَ جي ماڻهن جي
ترقي ۽ سجاڳي پڻ اسان لاءِ اُن تان دستبردار ٿيڻ
جو سبب نٿي ٿي سگهي. تنهن کان سواءِ اسان کي هيءُ
به پوريءَ طرح ويچارڻ گهرجي ته آخر اهي ڪهڙا
”ڪراچيءَ وارا“ آهن، جن بابت اسان کي خوف رهڻ
گهرجي ته اهي اسان تي حاوي ٿي ويندا، يا حاوي نه
ٿيڻ گهرجن. سن 1961ع واريءَ آدمشماريءَ جا هڪڙا
انگ اکر اسين مٿي ڏيئي آيا آهيون، جن ۾ اردو
ڳالهائيندڙ 11 لک آهن- 21 لک 34 هزارن مان 11 لک-
معنيٰ ته ڇڪي ٿاڻي
52%، باقي ماڻهن مان، اٽڪل اڍائي لک سنڌين کان سواءِ،
1.25
لک بلوچ، هڪ لک کن پٺاڻ ۽ اڍائي لک کن پنجابي ۽
اَڍائي لک کن گجراتي پڻ آهن: هيءَ به سڀني کي خبر
آهي ته ٻين سببن سان گڏ، ايوبي حڪومت طرفان اردوءَ
جي کلم کلا پاسخاطريءَ ۽ خاص طرح ان دؤَر جي
تعليمي ڪميشن طرفان اردوءَ جي بي انتها پذيرائيءَ
اردوءَ جي تحڪمانه حيثيت جي جيڪا هاڪ ۽ ڌاڪ ماڻهن
جي دلين تي ويهاري ڇڏي هئي، ان کان متاثر ٿي،
1961ع جي آدمشماريءَ ۾ ڪراچيءَ جي ڪيترن ئي غير
اردو ڳالهائيندڙ قبيلن، جماعتن ۽ فردن- مثلاً
ٻاهران آيل بوهرن، ميمڻن، کوجن ۽ ٻين گجراتي
ڳالهائيندڙن، جن مان ڪيترن جي ته مادري زبان ئي
ڪڇي سنڌي ۽ ميمڻ سنڌي هئي- پاڻ کي اردو ڳالهائيندڙ
ظاهر ڪيو هو. ايتري قدر، جو اڄ جيڪڏهن ڪنهن به
سياسي يا ثقافتي شعور رکندڙ ”گجراتي ڳالهائيندڙ“
کان پڇبو ته ڇا، ڪراچيءَ ۾ اوهين 1961ع ۾ فقط
اڍائي لک آدم هئا، ته هو نهايت تنديءَ وچان اُن
ڳالهه کان انڪار ڪندو، ۽ وڌيڪ اوهان کي ٻُڌائيندو
ته اڄ به اسين ”گجراتي ڳالهائيندڙ“ (جن ۾ هو ڪڇي
سنڌي ۽ ميمڻي سنڌي مادري زبان وارا به شامل ڪري
ٿو، ڇو ته گجراتي اُهي به ڳالهائين ٿا) ڪراچيءَ ۾
گهٽ ۾ گهٽ 10 لک کن آهيون. ۽ هو پوءِ اوهان کي
نهايت خود اعتماديءَ سان ٻُڌائيندو ته ڪراچيءَ ۾
اردو مادري زبان وارا نه 1961ع ۾ ۽ نه هاڻي ئي شهر
جي ڪُل آدم جي ڀيٽ ۾ ڪا اڪثريتي حيثيت رکن ٿا. خود
”سنڌ“ ۾ هي گجراتي ڳالهائيندڙ (ٻاهران آيل بوهرا،
کوجا ۽ ميمڻ، جن مان ڪيترن جي مادري ٻولي ميمڻي
سنڌي ۽ ڪڇي سنڌي آهي) اڄ دعويٰ ڪن ٿا ته هو
تقريباً 5 لک شمارجي سگهندا. هيءَ حقيقت شايد اسان
جي ڪيترن ئي محب وطن ساٿين کي معلوم نه آهي، ته
جهونا ڳڙهه، ڪاٺياواڙ، ڪڇ ۽ بمبئيءَ ۾، ورهاڱي کان
اڳ ۾ ميمڻن جا ڪيترا قبيلا رهندا هئا، جيڪي پاڻ کي
اُتي به سنڌي سڏائيندا هئا، ۽ هو اڄ هتي ڪراچيءَ ۽
”سنڌ“ ۾ هجرت ڪري اچڻ کان پوءِ به پاڻ کي ”سنڌي“
سڏائين ٿا، ۽ اُنهن جو تعداد تقريباً هڪ لک چيو
وڃي ٿو. ڪراچيءَ ۾ هِنن ۽ ٻين ميمڻي ۽ ڪڇي سنڌي
ڳالهائيندڙ جماعتن جا نوجوان ليکڪ ۽ اديب وقت بوقت
پنهنجي مادري ٻوليءَ ۾ اڄ به مشاعرا ۽ ناٽڪ منعقد
ڪندا رهن ٿا. جيتوڻيڪ هو پنهنجي ادبي لکيتن کي
گجراتي رسم الخط ۾ قلمبند ڪن ٿا، پر سندن اُهي
لکيتون اسان جي ۽ هُنن جي مشترڪه مادري ٻوليءَ
سنڌيءَ جي ادبي خزاني جا ئي جواهر پارا آهن.
ڪراچيءَ جا هي 8 کان 10 لک ”گجراتي“ ڳالهائيندڙ
(جن ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٽن کان چئن لکن جي ته ميمڻي ۽ ڪڇي
سنڌي مادري ٻولي آهي)، ڪراچيءَ جا 3 کان 4 لک
پٺاڻ، ۽ 6 کان 8 لکن تائين اصلوڪا سنڌي بلوچ ۽ ٻيا
مقامي ماڻهو اڄ به گڏجي، ڪراچيءَ جي تقريباً 30
کان 35 لکن جي آدمشماريءَ ۾ نه فقط اردو
ڳالهائيندڙ مهاجرن کان بلڪه ساڻن جيڪڏهن پنجابي
ڳالهائيندڙن کي گڏيو وڃي، ته اُنهن ٻنهي جي گڏيل
تعداد کان پڻ وڌيڪ آهن.
ڪراچيءَ جي آدمشماريءَ جي مٿين تقابلي صورتحال خيال ۾ رکندي،
پوري ڀروسي سان چئي سگهجي ٿو ته ڪراچيءَ جي
واپسيءَ سان ”ڪراچيءَ وارن“ جي سياسي برتريءَ ۽
بالادستيءَ واري ڳالهه، سياسي نقطي نگاهه کان،
ڪيڏي نه ڪمزور، منجهيل ۽ بي بنياد آهي!
ملازمتن جي معاملي ۾ البت ڳالهه کي ڪافي حد تائين وزندار چئي
سگهجي ٿو. صوبائي حڪومت جو بهرحال اهو هڪ منصبي
فرض ٿيندو ته هن سلسلي ۾ ڪنهن به ڌُر سان بي
انصافي ٿيڻ نه ڏئي. ڪنهن جي حق تلفي نه ٿئي، هر
ڪنهن سان انصاف ٿئي- اِن لاءِ ٻئي درجي جي ملازمتن
جي ڏهن يا پندرهن سالن کن لاءِ ۽ پهرئين درجي جي
ملازمتن جي پنجن يا ڏهن کن سالن لاءِ، هر ڪنهن
لاءِ حصي رسي مقرر ٿي سگهي ٿي؛ ٽئين ۽ چوٿين درجي
جون ملازمتون ته هونئن ئي ضلعي ۽ ان کان به ننڍي
مقامي دائري اندر محدود رهن ٿيون. ملازمتن جو
مسئلو جيڪو ايتريءَ آسانيءَ ۽ ايتريءَ خوش
اسلوبيءَ سان حل ٿي سگهي ٿو، اُن واسطي پنهنجي وطن
جي هڪ قابلِ فخر حصي تان دستبردار ٿيڻ لاءِ تيار
ٿي وڃڻ، ڪنهن به صورت ۾ ڏاهپ ۽ مردانگيءَ جي ڳالهه
نٿي چئي سگهجي.
ڪراچيءَ ۾ غير معمولي حد تائين دولت گڏ ٿيل آهي، پر اِها دولت
نهايت ٿورن شخصن وٽ ڳاهٽ ٿيل آهي. ڪراچيءَ جا عوام
اهڙا ئي مفلس ۽ هٿين خالي آهن جهڙا ڪراچيءَ کان
ٻاهر سنڌ ۾ آهن. دولت جي غير معمولي انبارن جا
صاحب ڪجهه قدر ڪراچيءَ کان ٻاهر سنڌ ۾ به آهن.
جڏهن دنيا جو هر پوئتي پيل ملڪ جديد صنعتي ميدان ۾
اڳتي وڌڻ لاءِ، ۽ خود اسان جو ملڪ پاڪستان به، اِن
مقصد لاءِ، آمريڪا، جرمني، انگلينڊ، فرانس، جپان ۽
دنيا جي ٻين سرمايي رکندڙ ڌارين ملڪن جا پئسا گهري
وٺي ٿو ۽ پنهنجن ڪارخانن قائم ڪرڻ ۽ اُنهن کي
هلائڻ لاءِ اِن سرمايي جي سيڙپ پنهنجي سرزمين ۾ به
نه فقط قبول ڪري ٿو، بلڪه ان لاءِ هر طرح سان
واجهائيندو رهي ٿو، ته پوءِ ڇا، اسين ڪراچيءَ ۾
مِڙيل ۽ ڳاهٽ ٿيل سرمايي کي سنڌ جي صنعتي ترقيءَ
لاءِ استعمال ٿيڻ نه ڏيون- فقط انهيءَ لاءِ ته
اُهو ڪراچيءَ جي ڏهن يا ويهن خاندانن وٽ ڳاهٽ ٿيل
آهي؟ دراصل اسان کي ته اِن حقيقت تي وڌيڪ خوش ٿيڻ
کپي ته سنڌ جي صنعتي ترقيءَ لاءِ جيترو سرمايو
اسان کي گهربل ٿي سگهي ٿو، اُهو خود اسان وٽ ئي
موجود آهي، ۽ اِن لاءِ اسان کي ڪنهن ڌارئين ملڪ جي
اڳيان هٿ ٽنگڻو ڪين پوندو.
ڪراچيءَ جي واپسي ڌارينءَ قوم يا ڪنهن خلاف هڪڙو نهايت کل جهڙو
۽ ساڳئي وقت نهايت خسيس ۽ ڌڪارڻ جهڙو دليل هڪ هنڌ
هيءُ به اسان کي لکيل ڏسڻ ۾ آيو ته، ”ڪراچيءَ جي
صنعتي علائقن ۾ هميشه بي چينيءَ جو امڪان آهي،
جنهن کي سنڀالڻ لاءِ مضبوط حڪومت کپندي. ڪراچيءَ
جي صنعتڪارن ۽ مزدورن جا اختلاف، شاگردن جا مسئلا،
شاگردن، ۽ بيروزگار پڙهيلن جا مسئلا، بين الاقوامي
بندر ۽ هوائي بندر هئڻ ڪري ٻاهرين ملڪن جي آمد رفت
(وغيره) صوبائي حڪومت لاءِ روز نوان چئلينجَ پيدا
ڪندا ۽ صوبائي حڪومت ۾ استحڪام اچڻ ڏکيو
ٿيندو.....“ جنهن ذهن جي هيءَ سوچ ٿي سگهي ٿي، ان
کان وڌيڪ سياسي ڊيڄڙي ۾ ورتل ذهن، هار کان اڳ هار
کاڌل ذهن، ڪاهل، ڪمزور ۽ پنهنجي پاڻ کان نااُميد
ٿيل ذهن شايد ئي ٻيو ڪو لڀي سگهي. اهڙو ذهن نهايت
خطرناڪ به ٿي سگهي ٿو. اسان ۾ جيڪڏهن ڪو شخص اهڙي
ذهن جو آهي، ته اُن تي سواءِ تَبَرا ڪرڻ جي اڄ
شايد اسين ٻيو ڪجهه ڪري به نه سگهون، پر اڄ به
اهڙي بيمار ۽ پست ذهن کي ڪٿي اهو حق هرگز نٿو ملي
سگهي ته پاڻ جهڙو سڄيءَ قوم کي به سمجهي ۽ اُن کي
به پاڻ وانگر ڊيڄڙي جي مرض ۾ گرفتار ڪري ڇڏي.
شايد هيءَ انهيءَ ڊيڄڙي ۾ ورتل ذهن جِي ئي ڪيفيت آهي، جو اڄ
ڪراچيءَ جي واپسيءَ خلاف هيءُ به هڪ دليل پيش ڪيو
وڃي ٿو ته، ”هي جو ڪراچيءَ وارا، تقريباً سڀ جا
سڀ، سنڌ سان گڏجڻ تي زور ڏيئي رهيا آهن، تنهن مان
ته اسان جي حق ۾ سندن بد ارادا ثابت ٿا ٿين!“ هن
دليل ۾ ڊيڄڙي سان گڏ هڪ حد تائين نفرت ۽ بيگانگيءَ
جو رنگ پڻ موجود ڏسجي ٿو. هڪٻئي کان خوف ۽ هڪٻئي
کان نفرت، اِهي هندستان جي برصغير جي سياست ۽
ورهاڱي کان پوءِ خود اسان جي پاڪستان جي سياست جا
مخصوص رنگ بلڪه گهڻيءَ حد تائين بنهه بنياد رهيا
آهن. ۽ ڪنهن قدر اقليت ۽ اڪثريت جي سياسي ڪشمڪش ۾
اِها صورتحال ناگزير پڻ آهي. پر ائين ته هرو ڀرو
نٿو ٿي سگهي ته جنهن ۾ اقليت پنهنجو فائدو ڏسي ان
۾ اڪثريت جو نقصان ئي هوندو، يا جنهن ۾ اڪثريت جو
فائدو ٿيندو هجي، ان ۾ اقليت لاءِ نقصان جي صورت
کان سواءِ ٻي ڪا صورت ئي ممڪن نه هجي! اِها ڳالهه
اڪثريت ۽ اقليت جي ڪن فردن جي حالت ۾ ته صحيح ٿي
به سگهي ٿي، پر ٻنهي ڌرين جا مجموعي فائدا ۽
مجموعي نقصان به ته اڪثر حالتن ۾ ساڳيا آهن!
ڪراچيءَ جي واپسي ”ڪراچيءَ وارن“ لاءِ ته برابر
فائدي واري آهي ئي، پر ”سنڌ“ وارن لاءِ ان جو
فائدو ڪو گهٽ نٿو چئي سگهجي، بلڪه عين ممڪن آهي ته
ان ۾ ”سنڌ وارن“ لاءِ هنن کان به وڌيڪ فائدو موجود
هجي!
اڄوڪيءَ جديد دنيا ۾ انساني معاشري جي خوشحاليءَ، استحڪام ۽
پيشقدميءَ جو بنياد بلڪه ان جي ضمانت ”باهمي مفاد
لاءِ گڏجي گذاري ڪرڻ“ ۾ ئي موجود تسليم ڪئي وڃي
ٿي. جيڪڏهن ڪنهن معاشري ۾ اقليت يا اقليتون پنهنجي
رضا خوشيءَ سان اڪثريت سان گڏجي رهڻ لاءِ تيار
آهن، (دراصل ڪراچيءَ ۾ به اقليت جو مسئلو نه پر
اقليتن جو مسئلو آهي)- ته ان ۾ نه فقط ڪو اعتراض
نٿو ٿي سگهي، بلڪه اِها هڪ بيحد مبارڪ صورت چئي
سگهجي ٿي. سچ پچ ته اڪثريت ۽ اقليت جو ائين گڏجي
گذارڻ جيڪڏهن بنهه ناممڪن ٿي پوي، ته انساني سماج
هوند هر هنڌ ڇتڪتائيءَ جي فساد جي باهه ۾ وڪوڙجي
ڀسم ٿي وڃي! صلح سانت سان رهندڙ اقليت يا اقليتون
پنهنجن بنيادي حقن جو تحفظ اڪثريت کان گهرنديون
آهن ۽ اُهو اُنهن کي ملڻ ئي کپي؛ ساڳيءَ طرح ڪابه
اڪثريت ڪنهن اقليت کي محض خوش ڪرڻ لاءِ يا خوش رکڻ
لاءِ پنهنجن بنيادي حقن ۽ مراعتن کان دستبردار نٿي
ٿي سگهي. ڪنهن سماج ۾ ڪڏهن اقليت ۽ اڪثريت جي هن
”گڏجي گذارجي“ جي اهڙي صورت به موجود هوندي آهي،
جو زندگيءَ جي هر ميدان ۾ اقليت ڪجهه اڳتي وڌيل
هوندي آهي، پر اقليت شروع ۾ ڪيترو به کڻي اڳتي
وڌيل هجي، اڪثريت آخرڪار اڳتي وڌي، پنهنجي مقام کي
حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ئي رهي ٿي. هن سلسلي ۾ اقليت
جي بازي بهرحال هارائيندڙ بازي آهي ۽ اڪثريت جي
بازي بهرحال کٽندڙ بازي رهي ٿي.
ڪراچيءَ جي واپسيءَ سان سنڌ جي سالميت
بحال ٿئي ٿي. ڪراچيءَ جي واپسيءَ سان سنڌ، پاڪستان
جي نقشي تي ۽ دنيا جي نقشي تي، پنهنجيءَ اصلي صورت
۾ ٻيهر نمودار ٿئي ٿي. ڪراچيءَ جي واپسيءَ سان سنڌ
جي سرزمين پنهنجي تاريخي منصب ۽ مقام کي ٻيهر حاصل
ڪري ٿي، ۽ پاڪستان ۾ پنهنجن ٻين پاڙيسري صوبن ۽
برادرانه قومن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ڏيئي، باعزت ۽
پُروقار جڳهه وٺي بيهي ٿي.
سنڌ جو ڪردار سندس صدين جي تاريخ ۾ اهو رهيو آهي ته جيڪي به
قومون ۽ قبيلا، مذهب ۽ فرقا منجهس وسي ويٺا ۽ کيس
پنهنجو گهر سمجهيائون، انهن سڀني کي ان پنهنجو
بڻايو ۽ پاڻ ۾ جذب ڪيو، ۽ سڀني جا فرق ۽ ويڇا
مِٽائي، انهن کي خالص محبت جي رنگ ۾ رنگي ۽ هڪٻئي
۾ ملائي بنهه هڪ ڪري ڇڏيو. سنڌ کي انهيءَ ڪري
سڀيتائن جي ڪوٺاري (Crucible
of Cultures)
يا ثقافتن جو بحر (Ocean of Cultures)
چيو ويو آهي، جنهن ۾ جيڪي به الڳ الڳ نظريا ۽
فلسفا، مذهب ۽ ڌرم، تهذيبون ۽ سڀيتائون آيون، اُهي
سڀ پنهنجِي پنهنجِي اُند ۽ ارڏائي وڃائي، خالص
انسانيت جو روپ وٺي، سنڌ ۽ سنڌ جي رهواسين لاءِ
رحمت جا سدا وهندڙ سرچشما ثابت ٿيون. اڄ جي نفرت ۽
عداوت سان ڀريل ۽ جنگ ۽ جدل ۾ ورتل دنيا لاءِ،
جيڪو بني نوع انسان جي امن جو، ترقيءَ جو ۽
خوشحاليءَ جو پيغام، سنڌ پنهنجي صدين جي تاديبي ۽
سخت گير تاريخ ۾ پنهنجن سنتن ۽ شاعرن، عالمن ۽
درويشن کان سکيو آهي، اُهو انساني محبت ۽ ڪائناتي
وحدت جو پيغام سنڌ کي پهريائين پنهنجي سرزمين ۾
رهندڙ سڀني امن جي ڳولائو ۽ خير جي طلب رکندڙ سنڌ
واسين کي ڏيڻو آهي. هڪ ڳالهئين، ڪراچيءَ جي شهر جي
حيثيت هونئن به هڪ قومي شهر هئڻ سان گڏوگڏ هڪ
عالمي شهر جي پئي رهي آهي. اڄ جيڪڏهن ان ۾ اسان
سنڌين سان گڏ اُڙدَ، پنجابي، پختون، بلوچ، مڪراني،
بروهي، گجراتي ڪڇي سنڌي ۽ ميمڻي سنڌي ڳالهائيندڙ،
بنگالي، ڪشميري، انگريزي ڳالهائيندڙ گوئاني ۽ ٻين
انيڪ ٻولين ۽ سڀيتائن جا ماڻهو رهن ٿا، ته اِها
ڪراچيءَ لاءِ يا اسان لاءِ ڪا نئين ڳالهه نه آهي.
هندو سنڌين جا جيڪڏهن ڏيڍ لک يا ٻه لک ڪراچيءَ مان
ويا آهن ته انهن جي جاءِ تي اڄ ٽي، ساڍا ٽي لک ڪڇي
۽ ڪاٺياواڙي ميمڻ سنڌي ان ۾ اچي آباد ٿيا آهن،
انهيءَ ڪري، جيئن ۽ جيتري ڪراچيءَ جي ضرورت سنڌ کي
اڳي هئي، اهڙي ۽ اُن کان به وڌيڪ اڄ کيس اُن جي
ضرورت آهي. ڪراچيءَ جي گڏجڻ سان ئي سنڌ دنيا ۾
انساني امن، انساني محبت ۽ انساني وحدت جي هڪ
مثالي سرزمين جو ڪردار ادا ڪري سگهندي ۽ انساني
تاريخ ۾ پنهنجي اِنهيءَ مخصوصي ۽ منصبي فرض جي ادا
ڪرڻ جو پاڻ کي اهل ثابت ڪري سگهندي.
ڪراچيءَ جي دستبرداريءَ جون ڳالهيون ڪرڻ
وارا جڏهن ڪو دليل يا دليل جو جواب ڏيئي نه سگهندا
آهن، تڏهن اسان کي ڪراچيءَ جي سلسلي ۾ ”جذباتي“
چئي چُپ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. هنن ويچارن ڏاهن
۽ ڏاهپ جي علمبردارن کي ڪير سمجهائي ته حق ۽ انصاف
جي قائم ڪرڻ توڙي حاصل ڪرڻ لاءِ جذبات جو تحرڪ ۾
اچڻ نه رڳو فطرت جي تقاضا آهي، پر عين ضروري پڻ
آهي. تنهن کان سواءِ، سندن دل ۾ جو خوف آهي ته
”ڪراچيءَ وارا“ مٿن حاوي ٿي ويندا- اِها خوف جي
ڪيفيت به ته هڪ جذباتي ڪيفيت آهي! ان سان گڏ کين
ياد رکڻ گهرجي ته وطن جي حُب جو جذبو ئي هر قسم جي
ٻئي جذبي کان وڌيڪ عظيم، وڌيڪ مقدس ۽ وڌيڪ انسان
جي شرف ۽ شان جي ڀرم رکڻ وارو جذبو مڃيو ويو آهي.
سنڌ جي سالميت جي بحاليءَ لاءِ جذبات ۾ اچڻ، هر
صورت ۾ وڌيڪ سُٺي ڳالهه آهي، اِن کان جو سنڌ کي
ٽڪرا ڪري اُن جي هڪ ٽُڪر کي ائين ٻين جي آڏو
اُڇلائي ڇڏجي ڄڻ اُهو پنهنجي وطن جو ڪو حصو ئي نه
هو! خدانخواسته، ائين ٿئي ۽ اسين مجبور هجون ۽
ائين ان کي ڇڇڙندي ڏسندا رهون ۽ اسان جي اکين مان
رت جا ڳوڙها نه ڳڙن- اهڙي بي حس ۽ جذبات کان خالي
دل، جيڪا نفس جي ڄار ۾ ورتل هڪ حيوان جي دل ئي ٿي
سگهي ٿي، شال اسان جي اُها دل نه هجي! شال اسان جا
جذبا پنهنجي مادرِ وطن جي حفاظت لاءِ ۽ ان جي سُک
۽ سالميت جي قائم رکڻ لاءِ هميشه زندهه رهن ۽ هر
گهڙيءَ جاڳندا، اُڀرندا ۽ وڌندا رهن! آمين! سنڌ
دائم رهي، سنڌ سالم رهي- اِها ئي سنڌ جي هر محب
وطن جي خواهش ٿي سگهي ٿي ۽ دعا ٿي سگهي ٿي، ۽ اِهو
ئي اسان جي موت ۽ زندگيءَ جو مقصد ٿي سگهي ٿو.
(حيدرآباد، سنڌ، 1969ع) |