سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: هوءَ جا ٽمڪي باهڙي

باب: --

صفحو :25

 

ماديت ۽ تصوريت

اسٽالن جو چوڻ آهي ته ”اسين پنهنجي فلسفي کي جدلياتي ماديت انهيءَ ڪري سڏيون ٿا، جو ان جو فطرت جي مناظرن ڏانهن رخ، انهن جي مطالعي ڪرڻ ۽ سمجهڻ جو ڍنگ، طريقو، جدلياتي آهي، ۽ ان جو فطرت جي مناظرن جو تعبير- انهن بابت اُن جو خيال، اُن جو اندازو ۽ ويچار- مادي آهي.“

(اسٽالن: ”جدلياتي ۽ تاريخي ماديت“.)

ماديت ڪو هٺ ڌرم عقيدائي سرشتو ڪونهي، بلڪه اُهو هر سوال جي کولڻ، ويچارڻ ۽ سمجهڻ جو هڪ رستو آهي.

ماديت جو رستو، واقعن جي تعبير ڪرڻ، شين ۽ شين جي وچ ۾ لاڳاپن جي سمجهڻ جو رستو، اُنهن جي تعبير ڪرڻ ۽ سمجهڻ جي تصورائي رستي کان اُبتڙ آهي. هر سوال جي تعبير ڪرڻ جا مادي ۽ تصورائي رستا موجود آهن. ان جي سمجهڻ ۽ تعبير ڪرڻ جي ڪوشش جا مادي ۽ تصورائي رستا موجود آهن

اِنهيءَ طرح ماديت ۽ تصوريت دنيا جي فطرت متعلق رڳو ڪي خيالي يا هوائي مخالف ويچار نه آهن، جن جِي عام ماڻهن لاءِ، جيڪي زندگيءَ جي ڪمن ڪارين ۾ اڻهي رڌل رهن ٿا، ڪا اهميت نه هجي. اُهي هر سوال جي کولڻ ۽ سمجهڻ جا مخالف رستا آهن، ۽ اِنهيءَ ڪري، اُهي عمل ۾ به ٻه مخالف رُخ ظاهر ڪن ٿا ۽ عملي ڪارڪردگيءَ جي خيال کان ٻن تمام مختلف نتيجن ڏانهن وٺي وڃن ٿا.

نه ئي اُهي ڪي اُبتڙ يا مخالف اخلاقي رُخ يا انداز آهن، جيئن ڪي اُنهن لاءِ چوندا آهن- هڪڙو انداز اعليٰ خيال وارو ۽ ٻيو ڪريلُ ۽ نفس پرستيءَ وارو. جيڪڏهن ائين اُنهن لاءِ اسين ”اخلاقياتي“، فتوائي، اصطلاح ڪم آڻينداسون، ته تصوري ۽ مادي نظرين جي وچ ۾ جيڪو اختلاف آهي، سو ڪڏهن به سمجهي ڪين سگهنداسين: ڇاڪاڻ ته اِن طرح ڳالهائڻُ، اينگلس جي لفظن ۾، ”رڳو ماديت جي لفظ خلاف پنهنجي تعصب جو اظهار ڪرڻ آهي، جيئن روايتي طور تنگ نظر جاهل ماڻهو ڪندا آيا آهن- جيڪو تعصب ماديت جي خلاف طويل مدت کان مذهبي پيشوائيت اُڀاريندي ۽ وڌائيندي پئي آئي آهي. ماديت جي لفظ مان تنگ نظر جاهلُ فقط بُک، نشي خوري، اک جو موهه ۽ جسم جو موهه، اهنڪار، لالچ، ڪنجوسائي، نفع خوري ۽ سٽي بازار جو تگڙم سمجهي ٿو. مطلب ته اُن ۾ هن کي سڀ اُهي گنديون برايون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون، جن ۾ هو پاڻ خانگي طور خوب اُلجهيل رهي ٿو. تصوريت جي لفظ مان هو نيڪيءَ ۽ نبار ايمان جِي، خير خيرات جي، ۽ عمومي طور، هڪ صاف سٿريءَ دنيا جي معنيٰ وٺي ٿو، جن ڳالهين جون هو سڀني جي آڏو دعوائون ڪندو رهندو آهي.“ (اينگلس، لُڊوِگ فيورباخ“ باب 2)

ماديت ۽ تصوريت جِي، عمومي لفظن ۾، وصف ڪرڻ جي ڪوشش کان اڳ، اچو ته ڏسون ته ويچارڻ ۽ سمجهڻ جا اِهي رستا بلڪل ئي ڪن سادن ۽ عام پسند سوالن جي سلسلي ۾ ڪيئن ٿا ڪم آندا وڃن. اِن مان اسين ماديت ۽ تصوريت جي الڳ الڳ رستن وارن تعبيرن جي وچ ۾ فرق جي اهميت سمجهي سگهنداسين.

پهرين اچو ته هڪڙي عام فطري منظر تي ويچار ڪريون: مثلاً وڄ جي ڪڙڪاٽ تي- وڄ جو ڪڙڪاٽ ڪيئن ٿو ٿئي؟

هن سوال جي جواب ڏيڻ جو هڪ تصوراتي رستو هيءُ آهي ته چئجي ته وڄ جو ڪڙڪاٽ خدا جي ڪاوڙ جو ثبوت آهي. غصي ۾ اچي، هو وڄ مٿان ڪيرائي ٿو ۽ مينهن واچ موڪلي ٿو، ته انسان ذات اُن مان سبق سکي!

مادي رستو وڄ جي ڪڙڪاٽ کي سمجهڻ جو اِن کان جدا آهي. ماده وادي (ماديت کي مڃڻ وارو) وڄ جي ڪڙڪاٽن کي هيئن سمجهڻ ۽ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندو ته اُهي خالص فطرت جي قوتن جي عمل سبب واقع ٿين ٿا. مثلاً، قديم زماني جي ماده وادين هيءُ ٿي اندازو لڳايو ته وڄ جا ڪڙڪاٽ خدا جي ناراضگيءَ کان نه پر ڪڪرن جي اندر مادي ذرات جي پاڻ ۾ ٽڪرجڻ سبب واقع ٿيا ٿي. هاڻي، اِها اُنهن جي خاص سمجهاڻي برابر غلط هئي؛ پر هتي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ جو اِهو نُڪتو ڪونهي؛ سمجهڻ جو نُڪتو اهو آهي ته اُنهن جي اها، تصورائي سمجهاڻيءَ بدران، مادي سمجهاڻيءَ جي هڪ ڪوشش هئي. اڄڪلهه ته وڄ جي ڪڙڪاٽن بابت ڪافي ڪجهه ڄاڻ مليل آهي، جيڪا لاڳاپيل فطرت جي قوتن جي سائنسي جانچ جونچ ذريعي حاصل ٿيل آهي. اسان جو علم اڃا گهڻو اڻپورو آهي، پر اسان کي بهرحال ڪافي ڪجهه معلوم آهي ته اِن منظر جي سمجهاڻي مادي سِڌاين ۽ دائرن ۾ ئي موجود ملي سگهي ٿي، ۽ انهيءَ ڪري اُن جي تصوراتي سمجهاڻي ڪلي طور اڄ رد ٿي چڪي آهي.

هن مان ڏٺو ويندو ته تصورائي سمجهاڻي فطري منظر کي ڪنهن تصورائي، اٺسٺائي يا ڪنهن روحاني سبب سان ڳنڍي ٿي- هن حالت ۾ خدا جي ڪاوڙ يا ناراضگيءَ سان- ۽ مادي سمجهاڻي اُن کي مادي، حقيقي يا واقعاتي ڳالهين يا سببن سان ڳنڍي ٿي.

اچو ته ٻيو مثال و‎ٺون- اهڙو هڪڙو، جو سماجي زندگيءَ سان لاڳاپيل آهي. مثلاً ماڻهو شاهوڪار ۽ غريب ڇو آهن؟ هيءُ هڪڙو سوال آهي، جيڪو گهڻا ماڻهو، خاص طرح غريب ماڻهو پڇن ٿا.

سڀ کان وڌ سڌو سنئون تصورائي جواب هن سوال جو رڳو هيءُ آهي ته ائين انهيءَ ڪري آهي، جو خدا انهن کي ائين بڻايو آهي! اِها خدا جي مرضي آهي ته ڪي ماڻهو شاهوڪار هجن ۽ ٻيا غريب هجن.

پر ٻيون گهٽ سڌيون سنيون سمجهاڻيون به ان سوال جون اڄ مروج آهن. مثال طور: اهو انهيءَ ڪري آهي، جو ڪي ماڻهو وڌيڪ باخبر آهن ۽ ڊگهي نظر رکندڙ آهن، ۽ هو پنهنجا وسيلا سنڀالي خرچ ڪن ٿا ۽ شاهوڪار بڻجن ٿا، ۽ ٻيا فضول خرچ ۽ بي عقل آهن، ۽ اُهي غريب رهجي ٿا وڃن. جيڪي شخص ان قسم جي سمجهاڻي پسند ٿا ڪن سي چون ٿا ته اهو سڀ انهيءَ ڪري آهي، جو ”انساني فطرت“ اول کان ائين آهي: انسان جِي ۽ ان جي سماج جي فطرت اهڙي آهي، جو شاهوڪار ۽ غريب جو فرق لازمي طور اُڀري ٿو ۽ پيدا ٿي پوي ٿو!

جيئن وڄ جي ڪڙڪاٽ جي حالت ۾، تيئن شاهوڪار ۽ غريب جي حالت ۾، تصوريت کي مڃڻ وارو يا اُن جي اثر ۾ آيلُ ڪنهن تصورائي، اٺسٺائي، روحاني سبب جِي تلاش ڪري ٿو- جيڪڏهن خدا جي مرضيءَ يا رضا الاهيءَ ۾ نه ته انساني من جي ڪنهن اصلوڪيءَ، ڄائي ڄم واريءَ خصوصيت ۾!

ٻئي طرف ماديت کي مڃڻ وارو اِن حالت جي سبب جي تلاش سماجي زندگيءَ جي مادي ۽ اقتصادي حالتن ۾ ڪري ٿو. جيڪڏهن سماج شاهوڪارن ۽ غريبن ۾ ورهايل آهي، ته اُهو ان ڪري، جو زندگيءَ جي مادي ذريعن جي پيداوار يا اُپت اهڙيءَ طرح انتظاميل آهي، جو ڪن وٽ زمين جِي ۽ اُپت جي ٻين ذريعن جِي ملڪيت آهي، ۽ باقي ٻين کي انهن ملڪيتدارن لاءِ ڪم ۾ ڳهڻو پوي ٿو (جيڪي پاڻ اُن ملڪيت سبب پنهنجي لاءِ به ڪونه ٿا ڳهن!) ڪيترو به سخت ڪم هو ڪن ۽ ڪيترو به ڪوئِن ڪَسوئِن ۽ بچائين، پر اُهي غير ملڪيتدار ماڻهو غريب ئي رهندا ۽ ملڪيتدار ماڻهو انهن جي پورهئي جي ميوي تي وڌ کان وڌ شاهوڪار ٿيندا ويندا.

انهيءَ ڪري اهڙن سوالن جي سلسلي ۾، مادي ۽ تصورائي سوچ جي وچ ۾ فرق تمام وڏي اهميت وٺي بيهي ٿو، ۽ اُهو فرق رڳو اُصولي يا نظري خيال کان اهم نه آهي، پر عملي خيال کان به اهم آهي.

مثال طور، وڄ ۽ ان جي ڪڙڪاٽ جي مادي سوچ اسان کي اُن کان بچاءُ جي اقدامن کڻڻ ۾ مددگار ٿي سگهي ٿي، جيئن ته عمارتن ۾ اسين وڄ- جهٽڻا هڻي سگهون ٿا؛ پر جيڪڏهن وڄ جي ڪڙڪاٽ لاءِ اسان جي سمجهاڻي تصورائي آهي، ته ان پٽاندر جو ڪجهه اسين ڪري سگهون ٿا سو رڳو بيهي ڏسڻ ۽ دعائون گهرڻ ئي ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن اسين شاهوڪاريءَ ۽ غربت جي حقيقت لاءِ تصورائي سمجهاڻي قبولين ٿا، ته ان لاءِ اسين فقط اهو ئي ڪري سگهون ٿا ته موجود صورتحال کي تسليم ڪريون- ۽ خاص طرح پنهنجي بهتر حالت يا درجي تي خوش ٿيون ۽ ٿورو ڪجهه صدقي ۽ خيرات جي صورت ۾ ڪڍي ٻين ڪن کي ڏيون ۽ وڌيڪ خوش ٿيون، ۽ جيڪڏهن غريب آهيون ته پنهنجي ڀاڳ کان ڀانيون يا اُن کي ويهي پٽيون ۽ گهٽ وڌ ڳالهايون. پر سماج جي ماده وادي سمجهاڻيءَ جي روشنيءَ ۾ اسين سماج کي تبديل ڪرڻ جي رستي جي تلاش ڪري سگهون ٿا ۽ اُهو اسين دريافت به ڪري سگهون ٿا.

اِنهيءَ ڪري، اِها ڳالهه ظاهر آهي ته تصوريت سان جيڪڏهن ڪن ٿورن جو محفوظ مفاد وابسته آهي، ته وڏيءَ اڪثريت جي مفادن ۾ وري ائين آهي ته هو سوچڻُ سکن ۽ ڳالهين کي ماده وادي رستي سان سمجهڻ شروع ڪن.

ته پوءِ، اسين ماديت ۽ تصوريت جي وصف ڪيئن ڪريون ۽ انهن جو شروع ڪيو. طبقاتي سماج جي ابتدا کان وٺي، جڏهن ماڻهو سماجي تعلقاتن جي دٻاءُ هيٺ رهڻ تي مجبور ٿيا، جيڪي اُنهن تي حاوي هئا ۽ جيڪي هُنن کي سمجهه ۾ نٿي آيا، اُنهن کان وڌي، هنن فوق الفطرت ايجنسيون (ڪرتا ڪارڻيون) ايجاد ڪيون، ۽ ائين هنن سماجي صورتحال جي گويا هڪ ٻِٽي اٺسٺائي روئداد قائم ڪري ورتي، جنهن ۾ بني نوع انسان کان برتر خدائن کي ايجاد ڪيو ويو، جيئن سچي پچي سماج ۾ بادشاهه ۽ نواب اڳي ئي عام ماڻهن کان برتر هستيون هئا.

ڪُل مذهب ۽ سڄيءَ تصوريت جي تهه ۾ اِن قسم جي ٻِٽي دنيا موجود هجي ٿي. اها ٻِٽِڻِ يا ٻٽاڻ (Pairing)، ٻه- لَڙهاڻ (Doubling)، دوئي (Dualism) آهي، ۽ حقيقي مادي دنيا سان لڳو لڳ اُها هڪ ٻيءَ تصورائي يا فوق الفطري دنيا کي ايجاد ڪري ٿي.

تصوريت جي اها واضح هڪ خصوصيت آهي ته اُن وٽ تضادن جا جوڙا موجود هجن ٿا، مثلاً: ساهه (روح) ۽ جسم؛ خدا ۽ ماڻهو؛ آسمان جي بادشاهت ۽ زمين جي بادشاهت؛ يعني هڪ پاسي شين جا روپ ۽ تصور جيڪي ذهن فقط ٻجهي ٿو يا جهٽي ٿو، ۽ ٻئي پاسي مادي حقيقت جي دنيا، جيڪا حواسن سان سُوجهجي يا معلوم ڪجي ٿي.

تصوريت جي آڏو هميشه هڪ مٿڀري، وڌيڪ ”حقيقتائِي“، غير مادي دنيا هجي ٿي- جيڪا مادي دنيا کان اول آهي، اُن جو مُنڍ ۽ سبب آهي، ۽ مادي دنيا جنهن جي ماتحت آهي. ٻئي طرف، ماديت جي آڏو صرف هڪ دنيا، مادي دنيا، هجي ٿي.

تصوريت مان اسان جي مراد ڪو به اُهو اُصول يا سڌانت آهي، جيڪو چوي ٿو ته مادي حقيقت کان پرانهين هڪ مٿڀري، روحاني حقيقت هجي ٿي، جنهن جي ئي ٻوليءَ ۾ ۽ ماپن ۾، آخري طور، مادي حقيقت کي سمجهڻو آهي.

اڄ جي دؤر جي تصوريت جون ڪي آراڌيون (علحدائيون):

هن جاءِ تي جديد بورجوازي (سرمايه پسند) فلسفي جي ڪن مخصوص اُصولن بابت ڪي ويچار ڪمائتا ثابت ٿيندا.

لڳ ڀڳ ٽن صدين کان فلسفي جي هڪ آراڌائي پيش ٿيندي پئي آئي آهي، جنهن کي ”موضوعي تصوريت“ چيو وڃي ٿو، اُها اسان کي ٻُڌائي ٿي ته مادي دنيا بلڪل موجود ئي ڪانهي، ڪجهه به موجود ڪونهي، سواءِ اسان جي ذهن جي تصورن ۽ اؤسانن جي، ۽ انهن جي ميل ۾ يا اُنهن سان لڳو لڳ، ڪابه خارجي مادي حقيقت موجود ڪانهي.

۽ ٻيو ته، هيءَ موضوعي تصوريت اسان جي آڏو علم يا ڄاڻ جي هڪ اُصول طور پيش رکي پئي ويئي آهي: اُهو اُصول اِن کان انڪاري آهي ته پاڻ کان ٻاهر ڪنهن معروضي حقيقت بابت اسين ڪجهه ڄاڻي به سگهون ٿا، ۽ چوي ٿو ته اسين فقط ظاهري ڏيکن جِي، ۽ نه ”شيون جيئن واقعي اُهي آهن.“ تن جِي، ڄاڻ پرائي سگهون ٿا.

هن قسم جي تصوريت اڄ ڏاڍي هڪ عام فيشن ۾ اچي چڪي آهي، ۽ اُها بيحد ”علمي“ يا ”سائنسي“ هجڻ جي شرف سان پاڻ کي ڍڪي، ڏيهه ۾ اڄ وڏو پنهنجو ڏيکاءُ به ڪري رهي آهي. جڏهن سرمائيداريت اڃا هڪ ترقي پذير قوت هئي، تڏهن بورجوازي مفڪر اهو مڃيندا هئا ته اسين حقيقي دنيا بابت جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪري سگهياسون ٿي ۽ اُن طرح فطرت جي قوتن تي قبضو رکي ۽ بني نوع انسان جي حالات کي اکٽ انداز ۾ سڌاري سگهياسون ٿي. هاڻي هو چوڻ لڳا آهن ته  حقيقي (يا حقيقتائي) دنيا اَڪَلُ آهي، ڄاڻڻ کان مٿي آهي- اها غيبي قوتن جو هڪ آکاڙو آهي، جيڪي اسان جي سُرت ۾ اچڻ کان پري آهن. اِن مان اسان لاءِ اهو ڏسڻ مُشڪل ڪونهي ته اُن طرح جي اُصولن ۽ سڌانتن جو هيءُ فيشن سرمائيداريت جي زبونيءَ ۽ زوال جو ئي هڪ آثار يا علامت آهي.

اسين ڏسي آيا آهيون ته اصل ۾ تصوريت هميشه ٻن دنيائن کي مڃي ٿي- تصورائي دنيا ۽ مادي دنيا کي، ۽ اُها تصورائي دنيا کي مادي دنيا کان اول ۽ مٿي رکي ٿي. ٻئي پاسي، ماديت فقط هڪ ئي دنيا کي سڃاڻي ٿي، يعني مادي دنيا کي ۽ ٻيءَ هڪ خيالي، برتر، تصورائي دنيا کي ايجاد ڪرڻ کان انڪار ڪري ٿي.

ان طرح ماديت ۽ تصوريت ٻه اڻ ٺهڪندڙ مخالف فڪر آهن، پر گهڻا فيلسوف وري به انهن ۾ سرچاءُ آڻڻ ۽ اُنهن کي ملائي هڪ ڪرڻ جي ڪوشش کان پاڻ کي روڪي نٿا سگهن. فلسفي ۾، ڪافي اهڙيون فرق عمومي لفظن ۾ ڪيئن بيان ڪريون، ته جيئن اسين اِن مسئلي جي جوهر کي ڄاڻي سگهون؟ اِهو ڪم اسان لاءِ اينگلس ڪيو آهي.

سندن لفظن ۾: ”سڄي فلسفي جو، خاص طرح جديد فلسفي جو، وڏو بنيادي سوال آهي فڪر ۽ وجود جي تعلق جو سوال.... فيلسوفن جيڪي جواب هن سوال جا ڏنا آهن، تن انهن کي ٻن وڏين ڪئمپن ۾ ورهائي ڇڏيو آهي. هڪڙا، فطرت تي روح جي اوليت کي مڃين ٿا ۽ اِن ڪري، سوچ جي آخري نقطي تي، ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ دنيا جي ”تخليق“ فرض ڪري وٺن ٿا: اُهي تصوريت جي ڪئمپ ۾ داخل آهن. ٻيا اُهي آهن، جيڪي فطرت کي اوليت ڏين ٿا- اُهي ماديت جي ڪئمپ ۾ داخل آهن.“ (اينگلس: لُڊوِگ فيورباخ، 1-2)

تصوريت شين جي تعبيرڻ جو اُهو رستو آهي، جيڪو مادي وجود کان روحاني وجود کي اول سمجهي ٿو، ۽ ٻئي طرف ماديت روحانيءَ کان مادي وجود کي اول سمجهي ٿي. تصوريت جو مفروضو آهي ته هر شيءِ، جا مادي آهي سا روحانيءَ ڪنهن شيءِ تي آڌاري آهي ۽ اُن تي حُدوديلَ آهي؛ ٻئي طرف ماديت مڃي ٿي ته هر شيءِ جا روحاني آهي، سا مادي ڪنهن شيءِ تي آڌاري آهي ۽ ان تي حُدوديلَ آهي. ۽ اِهو فرق مجموعي طور دنيا بابت عمومي فيلسوفي خيالن ۾، ۽ پڻ مخصوص شين ۽ واقعن بابت خيالن ۾، پاڻ کي ظاهر ڪري ٿو.

تصوريت ۽ فوق الفطرت وجود:

بنيادي طور، تصوريتَ مذهب آهي، دين آهي، ”الاهيات“ آهي، لينن لکيو آهي ته ”تصوريت ڪلريڪلزم (Clericalism) آهي“- ڪِلَرِڪِيلَزم بمعنيٰ ڪليسائيت، ملائيت، برهمنيت- (لينن: ”جدليات بابت“- مضمون- ”فيلسوفائي نوٽ بڪن“ ۾ آيل.) سڄي تصوريتَ سوالن ڏانهن مذهبي رُخ جي لاڳيتي توسيع آهي، توڻي جو مخصوص تصورائي نظرين هيستائين پنهنجو اُهو اصلوڪو مذهبي پوش لاهي به ڇڏيو آهي. تصوريت ويساهپ (Fideism) کان، انڌ- وشواس (Superstition) کان، يعني فوق الفطرت ۾، غيب ۾، اَڪَلَ ۾ مڃتا کان اَڇُٽُ آهي.

ٻئي طرف ماديت سمجهڻَ، معلوم ڪرڻ، ۽ سببن ۽ سمجهاڻين جي تلاش ۾ رهي ٿي- مادي دنيا جي شين ۽ ڳالهين جي صورت ۾، اهڙن سببن ۽ عوامل جي صورت ۾، جيڪي اسين چڪاسي ۽ آزمائي سگهون، سمجهي سگهون ۽ پنهنجي وس ۾ آڻي سگهون.

مطلب ته شين جي تصورائي نظريي جون پاڙون ساڳيون اُهي آهن، جيڪي مذهب جون آهن.

ويساهيُن لاءِ، مذهب جي تصورن- مطلب ته فوق الفطرت روحاني وجودن جي تصورن- جا عمومي طور جوازَ حواسن جي ڪنهن به شهادت ۾ موجود نه هوندا آهن، پر انسان جي روحاني فطرت جي عميق گهراين ۾ ڪٿي ڪنهن هنڌ موجود ٻُڌايا ويندا آهن. ۽ اِهو به واقعي سچ آهي ته اِهي تصور انساني شعور جي تاريخي اوسر جي سلسلي ۾ تمام جهونيون ۽ اونهيون پاڙون رکن ٿا: پر اُنهن جو نيٺ به اصل ڇا آهي، اول اول اُهي تصور نيٺ به ڪيئن اُڀريا؟ اهڙن تصورن کي اسين ڪنهن الهام جِي يا ٻئي ڪنهن فوق الفطرت سبب جِي پيداوار چئي، مطمئن به نٿا ٿي سگهون، جيئن مذهبُ دعويٰ سان اسان کي ٻُڌائي ٿو، بلڪه اسين اِهو به صاف ڏسي ٿا سگهون ته انهن تصورن جو هڪ فطرتي اصل آهي ۽ ان اصل جي واضح نشاندهي به اسين ڪري سگهون ٿا.

فوق الفطرت وجود يا وجودن جي تصورن جِي، ۽ عمومي طور مذهبي خيالن جي، ابتدا سڀ کان اول ته فطرت جي قوتن جي مقابل انسانن جي اڻ ڄاڻائيءَ ۽ بيوسيءَ ۾ موجود ڏسي سگهجي ٿي. اُهي قوتون جن جي ڪارڪردگيءَ کي انسانَ سمجهي نٿي سگهيا، اُنهن کي، شخصائڻ کان پوءِ، هُنن روحن جي ڪارڪردگيءَ جا مظهر سمجهيو.

مثال طور، وڄ جي ڪڙڪاٽن جا خوفائتا واقعا، جيئن اسان مٿي ڏٺو، اٺسٺائي انداز ۾ خدا يا خدائن جي غصي جا نتيجا سمجهيا ويا. وري، فصلن جي ڦٽڻ، اُڀرڻ ۽ پچڻ جا اهم مظهر هڪڙي روح (ذي- حيات وجود) جي ڪارڪردگيءَ جا نتيجا سمجهيا ويا: ۽ ائين مڃيو ويو ته مڪائيءَ جو، ڪڻڪ جو يا ٻيو به ڪو ”اناج جو روح“ هو، ديوتا هو، خاص ڪو ”خدا“ هو، جنهن اُهو فصل وڌايو ٿي ۽ بچايو ٿي.

اوائلي دورن کان وٺي، ماڻهن فطرت جي قوتن کي انهيءَ ريت شخصائڻ ڪوششُون به عمل ۾ آيل آهن، جن ۾ تصوريت ۽ ماديت جي وچ ۾ ڪيئي ملاوٽون ۽ سمجهوتا ترتيب ڏنا ويا آهن.

هڪڙيءَ اهڙيءَ ڪوشش جو ترتيب ڏنل سمجهوتو يا ٺاهه، فلسفي ۾ ”دُوِيَت واد“ (Dualism) جي نالي سان ڄاتو وڃي ٿو. اُن ۾ روحاني حقيقت جو وجود مادي حقيقت جي وجود کان جدا ۽ صاف الڳ مڃيو وڃي ٿو، پر ٻنهي کي هڪ ئي سطح تي رکڻ جي ڪوشش ڪئي ٿي وڃي. اِن طرح ”دُويت واد“ جو هيءُ سرچائي فلسفو اڻ- جيئندڙ (اَجِيوُ، بيجان) مادي جي دنيا کي بلڪل ئي مادي نگاهه سان ڏسي ٿو، ۽ اُن لاءِ چوي ٿو ته اُهو فطري قوتن جي عمل جو دائرو آهي ۽ ان ۾ روحاني عوامل جو ڪنهن به ريت ڪو عمل دخل ڪونهي، پر ذهنَ ۽ معاشري (سماج) جي حالت ۾، هيءُ فلسفو دعويٰ ڪري ٿو ته اِهو خالص روح جي عمل جو دائرو آهي، ۽ اُتي اسان کي سوالن جو تعبير يا سمجهاڻي ماديت جي ٻوليءَ ۾ نه پر تصوريت جي ٻوليءَ ۾ دريافت ڪرڻ گهرجي!

ماديت ۽ تصوريت جي وچ ۾ اهڙي سمجهوتي جي عملي معنيٰ اها ٿي وڃي بيهي ته انسانن ۽ انساني سماج ۽ تاريخ سان تعلق رکندڙ سڀني اهم ترين سوالن جي سلسلي ۾ اسان کي ماديت جي مخالفت بلڪه ترديد ڪرڻي آهي، ۽ تصوريت جي خيالن جي موافقت بلڪه اُنهن جو پورو پورو استعمال اسان تي لازم آهي!

ٻيو اهڙو سرچائي (مصلحتي، مصالحتي) فلسفو ”حقيقت“  يا ”حقيقت پسنديءَ“ (Realism) جي نالي سان ڄاتو وڃي ٿو، ۽ پنهنجي جديد صورت ۾ موضوعي تصوريت جي مقابلي ۾ اُڀري سامهون آيل آهي.

”حقيقت پسند“ فيلسوف چون ٿا ته خارجي مادي دنيا حقيقتاً اسان جي سُوجهين يا تصورن کان ڌار وجود رکي ٿي ۽ اُن جو وجود اُنهن تي آڌاري نه آهي، ۽ هڪ طرح اُها ئي اسان جي سوجهين ۾ عڪسجي ٿي. اِن ۾، هي ”حقيقت پسندَ“، موضوعي تصوريت جي خلاف، مادي فيلسوفن سان ئي متفق آهن. واقعي ڪوبه، سواءِ مادي دنيا جي حقيقي وجود کي تسليم ڪرڻ جي، ۽ اِن ۾ پوريءَ طرح ”حقيقت پسند“ هجڻ جي، پاڻ کي ماديت جو حامي چوائي ئي نٿو سگهي.

پر رڳو ائين چوڻ ته خارجي دنيا اسان جي سُوجهڻ کان سواءِ به پنهنجو وجود رکي ٿي- ماده وادي هجڻ لاءِ اِهو ڪافي نه آهي، مثال طور، وچين دؤر جو ڪئٿلڪ مسيحي فيلسوف ٿامس اَڪئانس به اِن معنيٰ ۾ ”حقيقت پسند“ هو، ۽ اڄ ڏينهن تائين اڪثر ڪئٿلڪ مسيحي فقيههَ فلسفي ۾ ”حقيقت پسند“ نه ٿيڻُ پنهنجي لاءِ ڪفر برابر سمجهندا آهن. پر ساڳئي وقت هو ائين وسهندا آهن ته مادي دنيا، جيڪا حقيقتاً موجود آهي، ابدي روح جي خلقيل آهي، ۽ سڄو وقت اُن جي قدرت سان قائم آهي ۽ هلي رهي آهي. مطلب ته ائين اُهي ماديت جي فلسفي کان تمام گهڻو پري آهن: اُهي دراصل تصوريت جا ئي مڃيندڙ آهن.

اِن کان سواءِ، ”حقيقت پسنديءَ“ جو لفظ فيلسوفن وٽ ڪافي غلط استعمال به پئي ٿيو آهي. جيستائين اوهين ائين مڃو ٿا ته هيءَ يا هوءَ شيءِ ”حقيقت“ آهي، تيسين واقعي اوهين پاڻ کي ”حقيقت پسند“ سڏي به سگهو ٿا. ڪي فيلسوف ته ائين به سمجهن ٿا ته نه فقط مادي شين جي دنيا حقيقي آهي، پر زمان ۽ مڪان کان ٻاهر به هڪ ”ڪُليَتُن“ جِي، شين جي نبار جوهرن جِي، دنيا آهي: ۽ اِن طرح اُهي پاڻ کي ”حقيقت پسند“ سڏين ٿا. ٻيا وري چون ٿا ته جيتوڻيڪ سواءِ اسان جي ذهنن ۾ اسان جي خيالن ۽ سُوجهين جي، ٻيو ڪجهه به موجود نه آهي، پر بهرحال اُهي اسان جا خيال ۽ سوجهيون حقيقي آهن: ۽ اِنهيءَ روءِ اُهي به پاڻ کي ”حقيقت پسند“ سڏين ٿا. هي سڀ ڳالهيون ڏيکارين ٿيون ته ڪي فيلسوف لفظن جي پنهنجي استعمال ۾ تمام گهڻا هوشيار ۽ چست بڻجن ٿا.

تصوريت جي مقابل ماديت جي بنيادي تعليم:

تصوريت جي سڀني صورتن ۽ ماديت ۽ تصوريت جي سڀني اهڙن ڳلٿائي سرچائن ۽ سمجهوتن جي مقابلي ۾، ماديت جي بنيادي تعليم تمام واضح ۽ سڌن سادن لفظن ۾ بيان ڪري سگهجي ٿي.

هن تعليم جي مغز کي، نچوڙ کي، سمجهڻ لاءِ، اسان کي پهريائين هي به سمجهڻ گهرجي ته تصوريت پنهنجي سڀني صورتن ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون خاص دعوائون ڪري ٿي. تصوريت جون اهڙيون ٽي خاص ۽ مکيه دعوائون آهن:

(1) تصوريت جي دعويٰ آهي ته مادي دنيا روحاني دنيا تي آڌاري آهي.

(2) تصوريت جي دعويٰ آهي ته روح، يا ذهن، يا تصور (خيال) مادي کان الڳ وجود رکي سگهي ٿو ۽ رکي ٿو. (هن دعويٰ جي تمام انتهائي صورت ”موضوعي تصوريت“ آهي، جيڪا دعويٰ ڪري ٿو ته مادو بلڪل موجود ڪونهي- اهو نبار مايا آهي).

(3) تصوريت جي دعويٰ آهي ته غيب ۽ اَڪَل (ڄاڻ ۾ نه ايندڙ) جي هڪ دنيا موجود آهي- جيڪا اُن سڀ ڪجهه کان به ”مٿي“، ”پرانهين“ يا اُن جي ”پٺيان“ آهي، جيڪو سوجهيءَ، تجربي ۽ علم (سائنس) وسيلي ڄاڻي سگهجي ٿو.

ماديت جي بنيادي تعليم تصوريت جي اِنهن ٽنهي دعوائن جي عين مقابل هِن طرح بيٺل آهي:

(1) ماديت ٻُڌائي ٿي ته دنيا پنهنجيءَ سڄيءَ فطرت ۾ مادو آهي، ۽ هر شيءِ جيڪا موجود آهي مادي سببن جي بناءَ تي وجود ۾ اچي ٿي ۽ مادي جي تحرڪ جي قانونن مطابق اُسري ٿي ۽ وڌي ٿي.

(2) ماديت ٻُڌائي ٿي ته مادو ذهن کان ٻاهرتُو (پاڻَ هُرتو) ۽ آزاد، معروضي حقيقت آهي؛ ۽ بجاءِ اِن جي ته ذهني ڪا شيءِ مادي وجود کان جدا هجي، هر ذهني يا روحاني شيءِ مادي سلسلي عمل جي ئي اُپت يا پيداوار آهي.

(3) ماديت ٻُڌائي ٿي ته دنيا ۽ اُن جا قانون پوريءَ طرح ڄاڻي سگهڻ جهڙا آهن، ۽ توڻي جو وقت جي هڪ نه ٻئي مرحلي تي گهڻو ڪجهه اڄاتل ئي رهي، پر ڪابه اهڙي شيءِ ڪانهي، جيڪا پنهنجي فطرت ۾ اڪل (ڄاڻ ۾ اچڻ کان ٻاهر) هجي.

مارڪسي- لينني فلسفي جي امتيازي خصوصيت هيءَ آهي ته اُهو سڄي پنهنجي سلسلي فڪر ۾ پوريءَ طرح يڪسماني ماديت جو رُخ ۽ روش رکي ٿو، ۽ اُن ۾ ڪنهن به مرحلي تي اُهو تصوريت کي جاءِ نٿو ڏئي.

اسٽالن اِن سلسلي ۾ چيو آهي:

(الف) تصوريت جي برعڪس، جيڪا دنيا کي هڪ ”مطلق تصورَ“، ”روحَ ڪُلَ“، ”شعورَ جامع“ جو مجسمو شماري ٿي، مارڪس جي فلسفيائي ماديت جو موقف هيءُ آهي ته دنيا پنهنجي خاص فطرت ۾ مادي (Material) آهي، دنيا جا ڪثيرالنوع مظاهر تحرڪ ۾ هجندڙ مادي جون مختلف صورتون آهن........ ۽ هيءَ دنيا مادي جي تحرڪ جي قانونن مطابق وڌي ويجهي ٿي ۽ ڪنهن ”روحَ ڪُلَ“ جو احتياج ڪانه ٿي رکي.

(ب) تصوريت جي برعڪس، جيڪا چوي ٿي ته فقط اسان جو ذهن حقيقتاً موجود آهي..... مارڪسي مادي فلسفي جو موقف آهي ته مادو، فطرت، وجود هڪ معروضي حقيقت آهي ۽ اُها اسان جي ذهن کان ٻاهرتُو ۽ آزاد موجود هجي ٿي؛ ته مادو ابتدائي آهي، ڇو ته اُهو اَوسانن جو، تصورن جو، ذهن جو، اصل آهي، منڍ آهي، ۽ ذهن ثانوي آهي، ماحصل آهي (مُشتَقُ آهي)، ڇاڪاڻ ته اُهو مادي جو، وجود جو، هڪ عڪس آهي؛ ته سوچ مادي جي پيداوار آهي، جيڪو پنهنجي واڌ ۾ ڪماليت جي هڪ اعليٰ درجي تي رسي چڪو آهي، يعني مغز جي درجي تي، ۽ مغز سوچ جو هڪ اوزار آهي، وسيلو آهي؛ ته اِنهيءَ ڪري، سوچ، سواءِ ڪنهن وڏيءَ غلطيءَ سرزد ٿيڻ جي، مادي کان الڳ نٿي ٿي سگهي.

(ج) تصوريت جي برعڪس، جيڪا دنيا ۽ اُن جي قانونن کي ڄاڻي سگهڻ جي امڪان کان انڪار ڪري ٿي...... مارڪسي فلسفيائي ماديت جو موقف آهي ته دنيا ۽ اُن جا قانون پوريءَ طرح ڄاڻي سگهڻ جهڙا آهن؛ ته فطرت جي قانونن بابت اسان جي ڄاڻ، تجربي ۽ استعماليءَ تي چڪاسيلَ مستند ڄاڻ آهي، جنهن کي معروضي سچ جي جائزگي حاصل هجي ٿي؛ ته دنيا ۾ ڪي به اهڙيون شيون نه آهن، جيڪي ڄاڻي سگهڻ جهڙيون نه هجن؛ پر فقط اهڙيون شيون آهن جيڪي اڃا ڄاڻجي نه سگهيون آهن، ۽ جيڪي سائنسي تحقيق سان ۽ استعماليءَ ۾ ظاهر ٿينديون ۽ ڄاڻي سگهبيون.“

(اسٽالن: ”جدلياتي ۽ تاريخي ماديت“)

 

ماديت ۽ تصوريت، استعمال ۾:

جيئن مٿي چيو ويو، ماديت ۽ تصوريت جو اختلاف- جيڪو ائين بلڪل عام لفظن ۾ بيان ڪيو ويو آهي- دنيا جي فطرت بابت محض ڪو خيالي نظرين جي وچ ۾ اختلاف ڪونهي، پر اُهو هر سوال کي سمجهڻ ۽ کولي ڏسڻ (تعبير) جي مختلف طريقن جي وچ ۾ اختلاف آهي. انهيءَ ئي ڪري اِهو ايتريءَ وڏيءَ ۽ بنيادي اهميت جو اختلاف آهي.

اچو ته بلڪل ڪي عملي صورتون ڏسون جن ۾ ماديت ۽ تصوريت جي هن اختلاف جو اظهار ٿئي ٿو.

تصور وادي، مثال طور، اسان کي ٻُڌائين ٿا ته سائنس تي اسان کي ”تمام گهڻو“ ڀروسو رکڻ نه کپي. اُهي اسان کي ٻُڌائين ٿا ته سڀ کان وڏا ۽ اهم سچَ سائنس جي پهچ کان ٻاهر آهن. اِن کان پوءِ هو اسان کي صلاح ڏين ٿا ته اسان کي ظاهري ثابتين، تجربي ۽ استعماليءَ جي آڌار تي ڳالهيون مڃڻ نه کپن، پر جيڪي بهترين ڄاڻ رکڻ جِي ۽ ڄاڻ جي ”اعليٰ“ ذريعي جي ميسر هجڻ جِي دعويٰ ڪن ٿا، انهن تي اعتبار رکڻ کپي.

اِن طرح، تصوريت رجعتي پروپئگنڊا جي هر صورت ۾ بهترين مددگار ۽ زرهه آهي. اِها سرمايه دوست پريس ۽ سڄي سرمايه دوست نظام جي اعلانيل سرشتي جو فلسفو آهي. اِها قسم جي ڀرم ۽ انڌ- وشواس کي فائدو ڏئي ٿي، اِها اسان کي پنهنجيءَ پر ۾ سوچڻ کان ۽ اخلاقي ۽ سماجي مسئلن ڏانهن سائنسي رُخ اختيار ڪرڻ کان روڪي ٿي.

تصور وادي اسان کي ٻُڌائين ٿا ته اسان لاءِ سڀ کان اهم ڳالهه آهي اسان جي ساهه جِي، روح جِي، اندروني صحت ۽ زندگي. هو اسان کي ٻُڌائين ٿا ته اسان کان پنهنجا انساني مسئلا سواءِ اندر جي ڪنهن اُڀار جي، سواءِ ڪنهن ”روحاني آبياريءَ“ جي، ڪڏهن به حل نه ٿي سگهندا. پيٽ ڀريل ماڻهن جي ڳالهين ۽ تقريرن جو هيءُ ڪُل- وقتي دل- پسند موضوع هوندو آهي. پر ڪيترا هٿَ پورهيت- کيتن ۾، ڪارخانن ۾، آفيسن ۾ ۽ رستن تي ڪم ڪندڙ- به اهڙن ٿڌن، مٺن ۽ نِنڊاکيندڙ لفظن ۾ ڦاسي پون ٿا. تصورائي ڏاهپ جا ترجمان اسان کي پنهنجين حالتن کي بهتر بنائن واسطي جدوجهد ڪرڻ لاءِ نه پر پنهنجي اندر کي، روح کي، سڌارڻ ۽ اُجارڻ لاءِ چوندا آهن. اُهي ڪڏهن به اسان کي ائين نه چوندا آهن ته مادِي ۽ اخلاقي طور پاڻ کي بهتر بنائڻ لاءِ اسان کي پنهنجيءَ دنيا ۾ هلندڙ امن لاءِ ۽ سوشلزم لاءِ جدوجهد ۾ شامل ٿي وڃڻ گهرجي.

تصوريت جي ذهني ڪيفيت گهڻن ”سوشلسٽن“ ۾ به موجود ڏسبي آهي. ڪيترائي سچا ۽ مخلص سوشلسٽ به، مثال طور، سمجهندا آهن ته سرمايه داري نظام جي لازمي خرابي اِها آهي ته اُن ۾ اُپت جِي، شين جِي اڻپوري ۽ بي انصافيءَ سان ورهاست ٿئي ٿي، ۽ جيڪڏهن اسين سرمايه- دارن سميت سڀني ماڻهن کان اِن سلسلي ۾ انصاف ۽ ديانتداريءَ جو هڪ نئون تصور تسليم ڪرائي وٺون، ته هوند سرمايه داريءَ جي خرابين کان اسين نجات پائي سگهون ٿا، هنن لاءِ سوشلزم رڳو انصاف ۽ ديانتداريءَ جي هڪ خيالي تصور کي سمجهڻ تسليم ڪرڻ جو نالو آهي، ۽ بس.

اِن ويساهه جي تصوريت اُن جي اِنهيءَ مفروضي يا مڃتا ۾ آهي ته رڳو اسان جا خيال يا تصور جيڪي اسان جي ذهنن ۾ آهن، اُهي ئي اسان جي طرز زندگي بڻائين ٿا، ۽ اسان جي سماجي نظام ڍنگ لاءِ ذميوار آهن. جيڪي ماڻهو انهيءَ روءِ سوچين ٿا، تن کان اُن سڄيءَ صورتحال جي ذميوار مادي سببن ۽ عوامل تي نگاهه وجهڻ وسري وڃي ٿي. ڇاڪاڻ ته سرمايه پسند سماج ۾ اُپت جي شين يا مال جي ورهاست لاءِ سچ پچ ذميوار حقيقت جيڪا هجي ٿي، يعني هيءَ ته سماج جو هڪ ننڍو حصو ئي آهي جيڪو دولت جو مالڪ آهي، ۽ ٻيو حصو، جيڪو تمام وڏو حصو آهي سو غربت ۾ گذاري ٿو- اُن حقيقت جو سبب اِهو نه آهي ته ماڻهو دولت جي ان ورهاست بابت ڪهڙا خيال يا تصور ذهن ۾ رکن ٿا، پر اُهو مادي سچ آهي ته اپتڪاريءَ جو دستور سرمايه دار هٿانب مزدور جي استحصال يعني ڦرجي لُٽجي بنهه فقير ٿي جيئڻَ جي بنياد تي بيٺلُ آهي. جيستائين انصاف جا اشتراڪي (سماج وادي) خيال انصاف جي سرمايه پسند خيالن کان ائين دٻيا رهندا، تيستائين دولت ۽ غريبيءَ جون انتهائيتون پنهنجيءَ پنهنجيءَ جاءِ تي قائم رهنديون. اشتراڪين جو انهيءَ ڪري اهو فرض ٿئي ٿو ته هو پورهيت طبقي کي منظم ڪن ۽ سرمايه- پسند طبقي جي استحصالي مفادن خلاف جدوجهد لاءِ انهن جي اڳواڻپ ڪن، ته جيئن پورهيت طبقو سرمايه پسند طبقي کان اقتدار حاصل ڪري ۽ اُن جو مالڪ پاڻ بڻجي سگهي.

جيڪڏهن اسين اها ڳالهه نٿا سمجهون، ته اشتراڪ (سماج واد) جي قيام لاءِ اثرائتي نموني وڙهڻ جي راهه به اسين لهي نه سگهندا سين؛ بلڪ اسين ڏسنداسين ته اسان جا اشتراڪي آدرش سدائين اسان کان دور ٿيندا ويندا، ۽ اسين انهن تائين رسي ئي نه سگهندا سون. دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾، خاص طرح برطانيه ۾، فرانس ۾، اٽليءَ ۾ اشتراڪيت جي جدوجهد جو اهوئي تجربو حاصل ٿي سگهيو آهي.

اِنهن مثالن مان ڏسي سگهجي ٿو ته تصوريت ڪيئن رجعت جي هڪ هٿيار طور استعمال ٿئي ٿي، ۽ اشتراڪي جڏهن وڌي تصوريت کي پنهنجيءَ جهوليءَ ۾ وجهن ٿا، ته اُهي ڪيئن سرمايه پسند نظريي جي اثر ۾ ۽ ان جي رنگ ۾ رنڱجي وڃن ٿا. اسين اشتراڪي نظريي جي مقصدن لاءِ يعني اشتراڪيت جي تعمير لاءِ، سرمايه پسند حڪومتي نظام کي- اُن جي ادارن کي ۽ سڄي ان جي عملداري سرشتي کي- ئي کڻي استعمال ۾ آڻي ٿا سگهون.

دراصل، سڄيءَ تاريخ دوران، تصوريت رجعت جو ئي هڪ معزز ۽ معتبر هٿيار ٿي رهي آهي. فلسفي ۾ ڪهڙا به اِن جا دلڪش نمونا وقت بوقت ٺهي جڙي سامهون پئي آيا آهن، تصوريت هميشه پرماري طبقن جي حڪمرانيءَ جي حمايت ۽ تقويت جو ۽ پرماريت جي شڪار طبقن کي گمراهه ۽ ڪمزور جو ڪردار پئي ادا ڪيو آهي.

اِن جو اهو مطلب به ڪونهي ته تصوريت جي ڍڪ ۾ ڪنهن سچ يا ڪن سچن جو اظهار ئي ڪونه ٿيو آهي. بلڪل ٿيو آهي، ڇو ته تصوريت جون اسان جي سوچ جي رنگ ڍنگ ۽ نقش نگار ۾ تمام اونهيون پاڙون موجود آهن، ۽ انهيءَ ڪري ماڻهو اڪثر پنهنجن خيالن ۽ اُڌمن کي تصورائي پوشاڪ پهرائين ٿا، پر سوچ جي تصورائي طرز سچ جي اظهار ۾ هميشه هڪ جهل، هڪ روڪ، جو ڪم پئي ڪيو آهي- بنهه ائين ڄڻ اُها سوچ جي مونجهارن ۽ غلطين جو ڪو سرچشمو يا منڍ هجي.

ائين به آهي ته ترقي پسند تحريڪن گذريل دؤرن ۾ تصورائي نظرين کي قبول ڪري، اُنهن هيٺ پنهنجا جدوجهد به ڪيا آهن، پر ان صورتحال ۾ فقط ائين پئي ثابت ٿيو آهي ته اُنهن ترقي پسند تحريڪن ۾ خود به مستقبل جي رجعت جا ٻج موجود هئا- ان قدرِ يا حد اندر، جو اُنهن ۾ اقتدار ۾ ايندڙ نئين پرماري طبقي جي اُڌمن ۽ ارادن ۽ مقصدن جي ترجماني موجود هئي، يا اُهي تحريڪون خود رجعتي خيالن کان متاثر هيون؛ يا اُها ڪيفيت اُنهن جي ضعف يا ناپختگيءَ جي هڪ نشاني هئي. مثلاً، سترهين صديءَ ۾ انگريز بورجوازيءَ جي عظيم انقلابي تحريڪ تصورائي مذهبي نعرن هيٺ پنهنجي جدوجهد کي اڳتي وڌايو، پر اُن جي اڳواڻ، ڪرامويل، جنهن خدا جو نالو وٺندي، پنهنجي مطلق العنان بادشاهه چارلس جو سر ڌڙ کان ڌار ڪيو؛ ان ساڳئي ڪرامويل. انهيءَ ئي طرح خدا جو نالو وٺندي، انساني مساوات (برابريءَ) جي نعري هڻندڙ مجاهدن (Levellers) جو به ائين ئي قتل عام ڪندي ڪا هٻڪ محسوس ڪانه ڪئي.

اوائلي جمهوريت پسندن ۽ اشتراڪين جي ذهنن ۾ ڪافي گهڻا، اوچا، اوچا، تصورائي خيال موجود هوندا هئا، پر سندن اُهي خيال- هوائي، غير عملي ۽ معصومانه- سندن جمهوريت ۽ اشتراڪيت جي تڏهوڪيءَ تحريڪ جي عدم پختگيءَ ۽ ڪمزوريءَ جا ئي عڪس هئا. اُنهن تصورائي وهمن کان مٿي چڙهڻ ضروري هو، ۽ پوءِ ئي انقلابي پورهيت طبقي جي تحريڪ اُڀري مٿي اچي ٿي سگهي ۽ ڪاميابيءَ سان همڪنار ٿِي ٿي سگهي، ۽ ائين جيئن تحريڪ ۾ مضبوطي پيدا ٿي ۽ شعوري پختگي آئي، اُن ۾ اُنهن تصورائي وهمن جي وڌيڪ موجودگي ظاهر ظهور عوام دشمن ۽ رجعتي اثرات جو نتيجو معلوم ٿي.

اسين خاطريءَ سان چئي سگهون ٿا ته تصوريت پنهنجي اصل ۾ هڪ رجعتي قوت آهي- اهڙي هڪ نظريائي قوت، جيڪا شيون جيئن آهن انهن جي ائين قائم رکڻ ۾، ۽ ماڻهن جي ذهنن ۾ سندن سچيءَ حالت بابت جيڪي ساده فهميون موجود هجن ٿيون، اُنهن کي محفوظ رکڻ ۾ مدد ڏئي ٿي.

ٻئي طرف، هر سچي پچي سماجي ترقي- اپتڪاري قوتن ۾ هر اضافو، سائنس جو هر اڳتي قدمُ- ماديت جي اؤسر جو سبب بڻجي ٿو ۽ تِئان ئي اڳتي وڌڻ ۾ مادي خيالن جي مدد وٺي ٿو. ۽ انساني فڪر جي سڄي تاريخ تصوريت خلاف ماديت جي مقابلي ۽ چٽاڀيٽيءَ جي ۽ تصوريت جي وهمن ۽ ساده فهمين تي اُن جي سوڀ جي تاريخ رهي آهي.

ماديت لاءِ جاکوڙ:

انسان هٿان انسان جي پرماريت کي ختم ڪرڻ لاءِ جاکوڙيندڙ پورهيت طبقي جي منظم اڳواڻ جٿي جي حيثيت ۾، اسان اشتراڪين ۽ اشتمالين لاءِ تصوريت، پنهنجيءَ ڪنهن به صورت ۾، ڪنهن ڪم جي نه آهي.

ان سلسلي ۾ لينن، مثال طور، ڪجهه هن طرح سمجهايو آهي:

”مارڪس ۽ اينگلس جي عظمت هِن ئي حقيقت مان پروڙي سگهجي ٿي ته هڪ طويل عرصو، تقريباً اڌ صديءَ جو، هُنن ماديت جي فڪر کي اجاگر ڪرڻ، ۽ فلسفي جي اِن بنيادي رُخ کي اڳتي ۽ نت اڳتي وڌائڻ ۾ صرف ڪيو.....

”مارڪس جي مختلف فلسفيانه قولن کي اوهين ڏسو.... اوهين اُنهن ۾ هڪ بنيادي رنگ ڏسندا. مثلاً، ماديت تي سندن وري وري زور ۽ سڄيءَ ۽ سڀ قسم جي تاريڪ خياليءَ، سڄيءَ ۽ سڀ قسم جي مُنڌل ۽ گهمساني سوچ، ۽ تصوريت ڏانهن سڄيءَ ۽ سڀ قسم جي ذهني رولاڪيءَ ۽ دربدرائيءَ تي سندن جُلهه ۽ ٺٺول.......

”مارڪس ۽ اينگلس فلسفي ۾، اول کان آخر تائين، جانبدار هئا؛ هو ماديت کان تصوريت ڏانهن هر قسم جي ڀُلڪارَ ۽ هر ”نئين“ لاڙي ۽ هر جديد ”ڪشش“ کي ڏسي ۽ سڃاڻي ٿي سگهيا.....

”حقيقت پسندَ وغيره، اثباتين (Positivists) سميت، سڀ هڪ ردي پاههُ آهي؛ هي فلسفي ۾ هڪُ ڪينَ جهڙو وچ وارو ٽولو آهي، جيڪي هر سوال تي مادي ۽ تصورائي لاڙن کي منجهائين ۽ وچڙائين ٿا. فلسفي ۾ هِنن ٻن بنيادي صورتن کان فرار جي ڪوشش، سواءِ مصلحتائي نيم حڪيمائيءَ جي ٻيو ڪجهه به نه آهي.“ (لينن: ”ماديت ۽ حقيقت پسندائي تنقيد“ باب 4، ڀاڱو 4.)

هر مسئلي تي، ۽ هر مامري ۾، اسين تصوريت جي مقابلي ۾ ماديت جا پاسدار آهيون. اِهو انهيءَ ڪري آهي، جو اسان کي خبر آهي ته اسان لاءِ ماديت جي نظريي جي روشنيءَ ۾ ئي ممڪن آهي- جيڪو تصورائي خوش فهمين کان آزاد ٿي، شين جو ائين مطالعو ڪري ٿو جيئن اُهي آهن- ته اسين فطرت جي ۽ سماج جي قوتن کي ائين سمجهي سگهون، جو اسين سماج کي تبديل ڪرڻ ۽ فطرت جي قوتن تي قابض بڻجڻ جي لائق ٿي سگهون.

۽ اِنهيءَ ئي ڪري ماديت اسان کي پنهنجي پاڻ تي، پورهيت طبقي تي- سڄي عوام تي- ڀروسو ڪرڻ سيکاري ٿي. اُها اسان کي سيکاري ٿي ته اسان جي سمجهه کان بالاتر ڪي به غيب ڪين آهن؛ ته اسان لاءِ ائين قبولڻ ضروري نه آهي ته جا حالت جيئن آهي سا خدا جي مرضي آهي؛ ته جيڪي اسان تي آقا بڻجي ويهن ٿا تن جي ”حڪما حڪمي“ ڳالهين کي اسين هيچ سمجهي عدولي سگهون ٿا؛ ته اسين فطرت ۽ سماج کي پاڻ ئي سمجهي سگهون ٿا، اِنهيءَ لاءِ ته اُنهن کي اسين تبديل ڪرڻ لائق ٿي سگهون.

اسين تصوريت کي بلڪل ئي رد ٿا ڪريون، ڇاڪاڻ ته اعليٰ آوازيل ڳالهين جي پوش ۾ اُها ماڻهوءَ تحت ماڻهوءَ جي غلاميءَ جي تبليغ ڪري ٿي ۽ انسان ذات جي طاقت کي بي بس بڻائي ڇڏي ٿي.

مئڪسم گورڪيءَ انسانذات ۾ بنيادي نقطي نگاهه کان پنهنجي اعتماد جو اظهار ڪندي، لکيو آهي ته-

”منهنجي نظر ۾، ماڻهوءَ کان پري خيالن جو ڪو وجود ڪونهي؛ مون لاءِ، ماڻهو ۽ فقط ماڻهو معجزا ڪري ڏيکاريندڙ قوت آهي، ۽ ماڻهو ئي، مستقبل ۾، فطرت جي سڀني قوتن جو مالڪ ٿيڻو آهي. هِن اسان جي پنهنجيءَ دنيا ۾ سهڻين ۾ سهڻيون شيون آهن، جي پورهئي جي پيداوار آهن- هنرمند انساني هٿن جون؛ ۽ سڀ اسان جا خيال پورهئي جي سلسلي عمل مان اُتپن ٿيل آهن.

”۽ جيڪڏهن مقدس شين جو ذڪر ڪرڻ ضروري سمجهيو ٿو وڃي، ته هڪ مقدس شيءِ ماڻهوءَ جِي پنهنجي پاڻ سان ناراضگي آهي ۽ جو ڪجهه هو آهي تنهن کان بهتر بڻجڻ جو سندس اُدم آهي؛ مقدس آهي سندس نفرت پنهنجي ئي تخليق ’ خسيس ڪِن ڪچري سان؛ مقدس آهي سندس خواهش لوڀَ، ڪروڌَ، ڏوههَ، بيماريءَ، جنگ، ۽ ڌرتيءَ تي انسانن جي وچ ۾ عداوت کي ختم ڪرڻ جِي؛ ۽ مقدس آهي سندس پورهيو،“ (گورڪي: ”ادب ۽ زندگي- مون لکڻ ڪيئن سکيو“،)

(حيدرآباد، سنڌ، 1989ع)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org