جمهوريت انسان ذات لاءِ
(ترجمو)
جمهوريت جو جنم، جيئن هرڪو ڄاڻي ٿو، يونان ۾ ٿيو. (2) لفظ
”ڊيموڪرَسِي“ (اڄ جي معنيٰ اسين ”جمهوريت“ ڪريون
ٿا) پڻ يونان ۾ جڙيو، جو ٻن لفظن جو مرڪب آهي:
ڊيموس (Demos) معنيٰ ”عام ماڻهو“ (جنهن لاءِ اسان وٽ لفظ ”جمهوريه“ به ڪم
اچي ٿو) ۽ ڪريٽوس (Kratos)
معنيٰ ”راڄ“، سرڪار يا حڪومت. انهيءَ طرح
”ڊيموڪريسي“ جي معنيٰ ٿي ”عام ماڻهن جو راڄ“،
جمهور جو راڄ، عوامي حڪومت يا جمهوريت. راڄ يا
حڪومت جي هن طريقي ۾ عام ماڻهو حڪومت جي قاعدن
قانونن ٺاهڻ ۽ ان جي ڪمن ڪارين هلائڻ ۾ سڌيءَ طرح
پاڻ حصو وٺندا هئا. اُن کان اڳ، اهو ڪم يعني حڪومت
جو ڪم ڪار، يا حڪمراني، ماڻهن جو هڪڙو ڪو خصوصي
ننڍو ٽولو يا خاص هڪڙو ڪو ”ڏاڍو مڙس“ هلائيندو هو،
۽ ان وقت تائين، سڄيءَ دنيا ۾ حڪومت جو اهو پويون
طريقو ئي رائج هو.
اِنهيءَ طرح يوناني جمهوريت، دنيا جي هن تختي تي، جتي هر هنڌ،
ڪنهن به استثنيٰ يا نيارپ کان سواءِ، رڳو ڏاڍ ۽
حڪما حڪميءَ جو راڄ هلندو هو، ڏاهپ ۽ ڀل مانسيءَ
جو هڪ وڏو اڳتي قدم شمار ٿئي ٿو.
بهحال، جمهوريت جو هيءُ خيال يا تصور، جنهن لاءِ حڪمرانيءَ جي
سرشتي ۾ نگر واسين (Citizens) جي سڌيءَ حصيداريءَ جي ضرورت هئي ۽ عملاً به ائين ئي
ٿيندو هو- ڇاڪاڻ ته اڳوڻا ماڻهو سياسي
”نمائندگيءَ“ جي اُصول کان نه واقف هئا ۽ نه ان جي
کين اڃا گهرج هئي- اُنهيءَ دؤر ۾ فقط ”ڳوٺ راڄ“ يا
”نگر راڄ“ (Polis)
سان لاڳو هو ۽ اوسين تائين محدود هو.
هن ڳالهه جي به عام طور گهٽ ڄاڻ آهي ته يوناني ”پولِس“ (نگر،
شهر) جو سماجي ۽ اقتصادي ڍانچو اهڙي ڏانءَ جو هو،
جو ان جي رهواسين جي وڏيءَ گهڻائيءَ يا اڪثريت کي
اُتي جي نگر واسين وانگر نه پر ڌارين ماڻهن وانگر
رهڻو ٿي پيو- اُهي اتي پهنجي ئي نگر ۾ ٻانها يا
غلام (Doulio)
ٻاهريان (Barbario)
۽ ڌاريان يا اجنبي (Metoikio)
سڏيا ۽ سمجهيا ويندا هئا. اُن صورتحال ۾ اُتان جي
نگر جي سڄي آدم ۾ ”نگر واسي“ فقط ڏهه يا پندرهن في
سيڪڙو مس هوندا هئا.
اِنهيءَ طرح، يوناني جمهوريت ۾ جيتوڻيڪ ڪيئي گهڻيون چڱايون
هيون، ته به اصل ۾ اُها ٿورائيءَ جي يعني اقليت
جي، ۽ ڪڏهن ته بلڪل ئي اقليت جي حڪومت هوندي هئي.
انهيءَ ڪري ئي ٽي- آر- گلوَور (T.R.Glover)
کي، جيڪو ٻيءَ طرح ته يوناني جمهوريت جو بيحد مداح
۽ شيدائي هو، تسليم ئي ڪرڻو پيو ته ”ائين اُن جي
نقادن وٽ واقعي ڳرا دليل آهن، جيڪي چون ٿا ته
”پيريڪلس (3) جي اُن اعليٰ جمهوريت جو بنياد غلامن
جي پگهر ۽ رت تي ئي رکيل هو.“ (4)
يا، جيئن هڪڙي ٻئي مصنف چيو آهي، ”اها قديم جمهوريت نه رڳو
غلاميءَ سان بلڪل ريڌل ۽ ٺهيل هئي، پر غلامي اُن
لاءِ عين ضروري هئي، ڇو ته پاڻ سان گڏوگڏ غلاميءَ
جي موجود هجڻ سان ئي اُن پنهنجي ”نگر واسين“ کي
فرصت مهيا ڪئي ٿي، جنهن ۾ هو عام مسئلن ڏانهن ڌيان
ڏيئي سگهيا ٿي.“ (5)
دنيا ۾ رومن شهنشاهيت جي وارد ٿيڻ کان پوءِ، جمهوريت جيڪا يونان
۾ ئي ايتري ڪمزور ۽ اڻپوري هئي، هيڪر ته مرڳو ئي
ڌرتيءَ جي گولي تان غائب ٿي ويئي. هيءَ عالمي درجي
جي رومن حڪومت دنيا ۾ پنج سئو سال قائم رهي، ۽ ان
جي ڏاڍائيءَ، ڪٺورتا ۽ پاڻ ڀرائيءَ سبب جمهوريت
لاءِ ان حڪومت وٽ ڪا گنجائش ڪانه هئي.
اڳتي هلي تاريخ جي وچين دؤر ۾، جمهوريت ڪجهه ڪجهه پنهنجو ڏيک ۽
ڏيکاءُ ڪٿي ڪٿي البت ڏنو- خاص طرح انگلنڊ ۽
سوئٽزرلنڊ ۾. پر جديد طرز جي قومن جي جنم سان ۽
انهن جي پندرهين ۽ سورهين صدي عيسويءَ جي طاقتور ۽
ڇڙواڳ سلطاني حڪومتن هيٺ جمهوريت جي ڪنهن به ادا
يا عمل کي اُڀرڻ جو موقعو ملي نه سگهيو، ۽ اُن جو
هر اُمنگ ۽ اظهار اُنهن شخصي ۽ آمرانه حڪومتن جي
ڳرن ڳرن پيرن ۾ چپبو ۽ چيڀاٽبو ئي رهيو.
انهيءَ ڪري بني نوع انسان جي ارتقا جو وڏو حصو، جمهوريت جي خيال
کان، هڪ وڏي ۽ ڊگهي صحرا وانگر نظر ٿو اچي، ۽
جمهوريت اُن ۾ جاگرافيائي طور فقط ڪٿي ڪٿي ڪنهن
سبز واديءَ مٿان ۽ تاريخي طور فقط ڪٿي ڪٿي ڪنهن
وٿيءَ يا ويساهينءَ جي صورت ۾ نظر اچي ٿي.
ائين ٿيندي ٿيندي، نيٺ ارڙهين صديءَ جي آخر ۾، دنيا کي جمهوريت
جي آدرش جي ٻئي جنم جي ڏسڻ جو موقعو مليو، ۽ اُهو
واقعو ايترو ته طاقتور ۽ جاندار واقعو هو، جو اُن
وقت کان وٺي اڄ تائين تاريخ تي اُن جي ڌاڪ موجود
آهي، ۽ اسان جي اڄوڪيءَ دنيا ۾، حڪومت جي مثالي يا
آدرشي صورت طور، جمهوريت جي جاءِ يا درجو ايتريءَ
ته مضبوطيءَ سان قائم آهي ۽ اَمٽ آهي، جو اُن کي
بدلائڻ يا مٽائڻ لاءِ وڏي ڪنهن تاريخي ڌماڪي يا
زلزلي جي ضرورت پيش اچي ٿي، جنهن جي هولناڪ نتيجن
تي سوچڻ ۾ ذهنُ سدائين ڪنبي وڃي ٿو.
سچ پچ ته ارڙهين صديءَ جي آخر ۾ خواب ۾ ستل ماڻهو ڄڻ من ۾ اهو
خيال کڻي جاڳي اُٿيا، ته حڪومت جو پروانو يا
سرچشمو سماجي ڍانچي جي تري ۾ يعني پيڙهه ۾ رکيل
آهي ۽ نه اُن جي چت يا ڇوٽيءَ تي. ٻين لفظن ۾، هن
خيال هنن جي ذهن ۾ اک کولي ته حڪمرانيءَ جي سڄي
طاقت يا اختيار، يعني حاڪميت جو حق (يا، اصلي
معنيٰ ۾، اقتدارُ) ماڻهن وٽان، عوام وٽان، خلق
وٽان، (نه خدا وٽان ۽ نه بادشاهه وٽان) ملي ٿو، ۽
هي حاڪم يا حڪمران فقط ماڻهن جا، عوام جا، خلق جا،
”عارضي نمائندا“ يا ”وقتي عيوضي“ آهن.
اِنهيءَ خبر، انهيءَ ڄاڻ- جنهن جنوري 1776ع جي آمريڪي انقلاب کي
۽ 1789ع جي فرينچ انقلاب کي جنم ڏنو- جديد
نمائندگيءَ واريءَ يا عيوضائپ واريءَ جمهوريت جا
بنيادي پٿر رکيا، ۽ اِها سياسي فڪر جي اوسر ۾
انسان جي هڪ وڏي ۾ وڏي ڪاميابي ۽ تاريخي حاصلات
هئي.
پر، ٿورو ئي وقت نه گذريو، يعني اڻويهين صديءَ جي وچ ئي ڌاري،
جمهوريت جو خود هيءُ (گهڻن جي نظرن ۾) تقريباً
ڪامل تصور ماڻهن جي تنقيد جو نشانو بڻيو. ڪارل
مارڪس ۽ فريڊرڪ اينجلس خاص طرح پنهنجي ڪتاب
”سرمايو“ (Das
Kapital)
۾ سرمايه داري سرشتي جي فڪري بنيادن تي اعتراض
ڪيو، ۽ انهن جي حق ۽ صداقت تي شڪ اُٿاريا، جن تي
جمهوريت جو هيءُ نئون تصور بيٺل هو، جيڪو ان وقت
جي لحاظ کان سچ پچ به ته اُن جو نئون تصور هو.
جمهوريت جو هيءُ تصور- جيتوڻيڪ اِهو هڪ وڏو اڳتي قدم هو- مارڪس
۽ اينجلس جي نظر ۾ وري به ٿورائيءَ لاءِ يعني
اقليت لاءِ ئي جمهوريت جو تصور هو، ۽ تاريخ ۾
پنهنجي ”اوائلي“ صورت وانگر اُن به سماج جي مٿڀرن
۽ مفاد پاتل طبقن جي پاسداري ٿي ڪئي. اُن ۾ هيٺين
۽ محروم طبقن جو، خاص طرح مزدورن ۽ هارين جو، ڪوبه
حصو يا آواز ڪونه هو، ۽ جي هو ته به تمام ٿورو-
سندن دُکي صورتحال ۽ اُن جي نتيجي ۾ ٻين طبقن جي
هٿان ڦُرجندي ۽ لُٽجندي رهڻ ڪري، انهن جي اعلان
ڪيل حقن ۽ آزادين جي اصليت رڳو علمي يا نظرياتي
ڳالهين جي وڃِي ٿي رهِي. انهيءَ ڪري، مارڪس ۽
اينجلس جي خيال ۾، اِن ڳالهه جي سخت ضرورت هئي ته
جمهوريت جي اڃا ئي هڪ ٻي صورت موجود ڪئي وڃي، جيڪا
نه رڳو سياسي هجي ۽ دولتمندن، سيٺين ۽ شاهوڪارن
لاءِ هجي، پر اُها سماجي به هجي ۽ غريبن لاءِ به
هجي.
|