سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: هوءَ جا ٽمڪي باهڙي

باب: --

صفحو :20

 

ٻاهرينءَ دنيا بابت اسان کي ڪهڙي خبر آهي؟

(ترجمو)

تمهيد: فلسفي جو ڪتاب ڪيئن ۽ ڪٿان شروع ڪجي، اهو فيصلو ڪرڻ آسان نه آهي. فلسفي جا مسئلا هڪٻئي سان ايترو ته ڳنڍيا ۽ ڳُتيا پيا آهن، جو بعضي فيلسوفن جو خيال آهي ته منجهانئن ڪنهن به هڪ مسئلي جي حل تلاش ڪرڻ ۽ ان کي بيان ڪرڻ سان گڏوگڏ گويا ٻين سڀني مسئلن جو حل ڳولڻ ۽ اُنهن کي بيان ڪرڻ ضروري بڻجي ٿو پوي. هيءُ خيال ڪيتري قدر صحيح آهي، سو چئي نٿو سگهجي؛ ڇاڪاڻ ته انسان جو ذهن، جنهن حالت ۾ اڄ آهي، فلسفي جي ڪنهن به خاص مسئلي جو ڪو مڪمل ۽ فيصله ڪن حل ڳولي لهي، سو قريب قريب ناممڪن پيو لڳي. اهو البت صحيح آهي ته فلسفي جا اڪثر مسئلا آخرڪار وڃيو ساڳين ئي سوالن کي ڇيڙين ٿا، ۽ ائين واقعي چئي سگهجي ٿو ته فلسفي جي سمورن رستن جو رخ هڪ ئي منزل ڏانهن آهي- يا ائين کڻي چئجي ته فلسفي جا سڀئي مسئلا هڪ ئي قسم جي پيچيدگين ڏانهن اشارو ڪن ٿا، تنهن ڪري فلسفي جي ڪتاب شروع ڪرڻ وقت پهريائين ڪهڙو مسئلو هٿ ۾ کڻجي، اِهو سوال ڪا خاص اهميت به ڪانه ٿو رکي.

فلسفي جي هڪڙي مسئلي کي ڇڏي ٻئي مسئلي کي پهريائين هٿ ۾ کڻجي، تنهن لاءِ ته واقعي ڪو خاص سبب ڪونهي؛ پر انهيءَ حالت ۾ آخر ڪهڙي خاص مسئلي کي پهريائين هٿ ۾ کڻي فلسفي جو ڪتاب شروع ڪجي، سو خود هڪ مشڪل ۽ پيچيدو سوال بڻجي ٿو پوي. ڳالهه ٿا ڪن ته فيلسوف ”بريڊن“ (Buridon 1300-1350ع) وٽ هڪ عقل جو اڪابر ۽ منطق جو ڪوڏيو گڏهه هوندو هو. هن جي سامهون هوبهو هڪجهڙا ۽ هڪ جيترا گاهه جا ٻه گڏا جڏهن رکيا ويا، تڏهن منجهي بيهي رهيو ته ڪهڙي گاهه جو گڏو اول کائڻ گهرجي. انهيءَ فلسفيانه ڀڃ- گهڙ ۾ بيهي بيهي، بک ۾ پاهه ٿي، ڳري ڳري، آخر مري ويو، پر اهو نازڪ فيصلو پڇاڙيءَ تائين ڪري ڪين سگهيو ته ٻنهي گڏن مان ڪهڙي کي اول وات وجهڻ گهرجيس ها!

ضروري سوچ ويچار کان پوءِ، مون پنهنجي لاءِ فصلو هيءُ ڪيو آهي ته آءُ ”حواسن وسيلي خبر“ (Sense Perception) واري مسئلي سان شروعات ڪريان: انهيءَ لاءِ نه ته هن مسئلي کي ٻين مسئلن بنسبت حل ڪرڻ ڪو زياده آسان آهي، يا اُن جو حل قريب قريب حاصل ٿي چڪو آهي؛ پر ڇاڪاڻ ته هن مسئلي تي ويچار ڪرڻ سان اهڙا ٻيا سوال هڪدم نروار ٿي سامهون اچي ٿا بيهن، جن تي هرڪو شخص پنهنجي پنهنجي منهن به يچار ڪري سگهي ٿو، ۽ ڪنهن حد تائين واقعي ويچار ڪندو به رهي ٿو؛ ڇاڪاڻ ته فلسفي مان جيڪي به مختلف نتيجا اخذ ٿين ٿا، تن سڀني مان هيءُ نتيجو ته ”ٻاهرين دنيا حقيقتاً موجود ئي ڪانهي“، يا .اها في الواقع ڪا حقيقت ڪانه ٿي رکي“، هڪ اهڙو نتيجو آهي جو فيلسوفن کان علاوه ٻيا عام ماڻهو به ڄاڻن ٿا ۽ ان جي بنا تي فيلسوفن تي عام طرح طنز ۽ ٽوڪبازي به ٿيندي رهي ٿي، پر، عام ماڻهو هن نتيجي تي ٽوڪبازي ڪن، ان کي قبول ڪن، يا مناظري ۾ محض مخالفن کي منجهائڻ لاءِ استعمال ڪن،- هر حالت ۾ هيءَ حقيقت آهي ته هو فلسفي جي هن نتيجي يا تعميم کان واقف ضرور آهن.

عام سمجهه موجب ٻاهرينءَ دنيا بنسبت خيال:- هيءُ مسئلو آسانيءَ سان چند سوالن جي صورت ۾ پيش ڪري سگهجي ٿو: مثلاً اسان جا حواس ٻاهرينءَ دنيا بنسبت اسان کي ڪهڙي قسم جي خبر ڏين ٿا؟ اها خبر اعتبار جوڳي آهي يا نه؟ جيڪڏهن ها، ته اهي شيون جن جي باري ۾ اها خبر ملي ٿي، تن جي نوعيت ڪهڙي آهي؟ ٻين لفظن ۾ هيءُ سوال هيئن پڇي سگهجي ٿو ته ٻاهرين دنيا جيڪا حواسن وسيلي اسين معلوم ڪريون ٿا، سا آخر ڪهڙي قسم جي شين جي جڙيل آهي؟ هنن سمورن سوالن جا تڪڙا جواب عام سمجهه موجب هيٺئين نموني ڏنا ٿا وڃن:

1- ٻاهرين دنيا ڪن موادن جي ٺهيل آهي، جن کي ڪي خاصيتون ٿين ٿيون- مثلاً ڪاٺ، جيڪو سخت آهي يا نرم آهي، ڌاتو، جيڪو ڪارو آهي يا پيلو.

2- اهي مواد اسين مجسم شين جي صورت ۾ معلوم ڪريون ٿا- مثلاً ڪرسيون آهن، ميزون آهن، سونيون منڊيون آهن، چانديءَ جا رپيا آهن، ۽ جيڪڏهن ڪو سائنسدان آهي ته هو اڃا به زياده بنيادي موادن جي خبر حاصل ڪري ٿو- مثلاً ڪيمياوي مرڪب ۽ ذرڙا، جن جا اهي مواد ٺهيل آهن، ۽ جيڪڏهن اسان جا تجرباتي اوزار ۽ وسيلا زياده تيز ۽ باخبر آهن، ته پوءِ اسين تنهان ئي زياده بنيادي موادن کي معلوم ڪنداسين- مثلاً ائٽمي جزا ۽ انهن کان به وڌيڪ، برقي جزا، وغيره.

3- مجسم يا طبيعاتي شيون ٻاهرينءَ دنيا ۾ في الواقع موجود آهن، ۽ اهي حقيقتاً جيئن آهن هوبهو تيئن اسان جي حواسن وسيلي اسان تي ظاهر ٿين ٿيون، ۽ ائين هرگز نه آهي ته انهن جي وجود جو دارومدار اسان جي ذهن يا شعور تي بيٺل آهي. جڏهن اسان جا حواس- اکيون، ڪن، نڪ، وغيره- انهن شين جي ويجهو يا پري مناسب مفاصلي تي اچي بيهن ٿا، ته ائين چيو ٿو وڃي ته اهي حواس انهن شين جي خبر حاصل ڪن ٿا، ورنه ته اهي شيون بذات خود اسان جي انهيءَ ”خبر“ کان سواءِ به واقعي موجود آهن. ساڳئي وقت، ”عام سمجهه“ جو هيءُ به رايو آهي ته ٻاهرين شين جي خبر اسان جا حواس نه، بلڪه اسان جو ادارڪ يا اسان جو ذهن (Mind) حاصل ڪري ٿو؛ حواس ته فقط هڪ قسم جا اوزار يا وسيلا آهن، جن جي معرفت اها خبر اسان جي ذهن تائين رسي ٿي.

فلسفي جي ڄاڻن کي معلوم آهي ته اڪثر فيلسوف مٿين سمورن جوابن کي قبول ڪرڻ کان انڪار ٿا ڪن. ائين برابر آهي ته اُنهن جوابن جي عيوض ٻيا ڪهڙا جواب پيش ڪجن، تنهن جي ڪا خاطريءَ جهڙي صفائي ٿيل ڪانهي؛ تنهن هوندي به عام فيلسوفن وٽ تقريباً هيءُ تسليم شده عقيدو آهي ته مٿي بيان ڪيل جوابن مان هڪڙو جواب به واقعي صحيح نه آهي.........

هن باب ۾ في الحال اسان جو واسطو صرف ٽئين رايي سان آهي، جنهن موجب چيو ٿو وڃي ته ”مجسم طبيعاتي شيون، جن جي خبر اسان کي حواسن جي وسيلي پوي ٿي، دنيا ۾ في الواقع موجود آهن ۽ اُنهن جو وجود اسان جي ادارڪ يا ذهن جو محتاج نه آهي.“ اڪثر فيلسوفن جو چوڻ آهي ته اهي شيون، جيئن عام طرح سمجهيو ٿو وڃي تيئن، موجود نه آهن. منجهانئن گهڻن جو ته هيءُ رايو آهي ته شين جو وجود اسان جي ادارڪ يا ذهن کان سواءِ، جيڪو سندن خبر حاصل ڪري ٿو، حقيقتاً آهي ئي ڪونه. بعضي فيلسوف چون ٿا ته اسان جي پنهنجي ذات کان علاوه به ”ڪجهه“ واقعي موجود آهي، ۽ اُن جو وجود اسان جي ذهن يا ادارڪ جو به محتاج نه آهي؛ پر جيڪي مادي شيون اسين ٻاهر، ”عام سمجهه“ موجب، ڏسون ٿا يا معلوم ڪريون ٿا، تن سان انهيءَ ”ڪجهه“ جي ڪابه مشابهت نه آهي. انهن فيلسوفن مٿي بيان ڪيل جوابن مان گويا ٻئي جواب کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي......

اسان جا حواس ڇا ٿا ظاهر ڪن:- جيڪي شيون حواسن وسيلي اسان کي معلوم ٿين ٿيون، يا جن کان اسان جا حواس اسان کي باخبر ڪن ٿا، تن کي ”حواسن جوڳيون“ (Sensible) شيون چيو وڃي ٿو. هاڻي ڏسڻو آهي ته انهن شين متعلق اسان جا حواس اسان کي آخر ڇا ٿا ٻُڌائين! ظاهري طور ته ڏسڻ ۾ ٿو اچي ته هو اسان کي گهڻو ئي ڪجهه ٻُڌائين ٿا، پر زياده غور ڪرڻ سان معلوم ٿيندو ته جيڪا خبر ڀانئجي ٿو ته حواس اسان کي پهچائين ٿا، سا گهڻي ڀاڱي اهڙي آهي، جنهن جو واسطو اسان جي ذات کان ٻاهر جيڪي ڪجهه واقع ٿي رهيو آهي، تنهن سان نه آهي، بلڪه ان جو واسطو اسان جي پنهنجي اندر ۾ جيڪي ڪجهه رونما ٿي رهيو آهي، تنهن سان ئي آهي: يعني ان جو واسطو ٻاهرين ”حواسن جوڳين“ شين سان نه، پر اسان جي پنهنجي داخلي تجربن سان آهي.

فرض ڪريو ته آءُ پنهنجي زبان پنهنجن ڏنن سان گسايان ٿو: هاڻي سوال آهي ته ائين ڪرڻ سان آءُ ڇا ٿو معلوم ڪريان، يا مون کي ڪهڙيءَ چيز جو تجربو ٿو ٿئي؟ ظاهر ۾ ته جواب ملندو ته ”مون کي پنهنجن ڏندن جو تجربو ٿو ٿئي، ۽ معلوم ٿو ٿئيم ته منهنجا ڏند آهن“،- پر واقعي هيءُ جواب صحيح جواب آهي؟ ڇا، جيڪي مون کي معلوم ٿيو سو حقيقت ۾ منهنجي زبان ۾ ئي پيدا ٿيل احساس جو تجربو نه آهي، جيڪو احساس شايد منهنجي زبان ۽ ڏندن جي گسڻ سان ئي پيدا ٿيو آهي، پر بهرحال آهي احساس؛ ۽ ڇاڪاڻ ته اهو حقيقتًا احساس آهي، تنهن ڪري محض منهنجي ذهن جي ئي پيداوار آهي؟ فرض ڪريو ته آءُ پنهنجي آڱرين سان ميز تي زور ٿو ڏيان؛ ڇا، ائين ڪرڻ سان جيڪي مون کي معلوم ٿئي ٿو سا ميز آهي؟ ظاهري طور جيڪو جواب ٿي سگهي ٿو،  سو وري به اڳئين جواب وانگر زياده غور ڪرڻ سان مشڪوڪ ۽ غير تسلي بخش نظر ايندو. مون کي جنهن چيز جو فوري اطلاع مليو آهي، جنهن کان آءٌ سڌيءَ طرح واقف ٿيو آهيان، سا ميز هرگز نه آهي. مون کي جيڪو تجربو ٿيو سو ته هڪ قسم جو ڇهاءُ يا تَحَسُسُ آهي، جنهن جي خبر مون کي پنهنجين آڱرين وسيلي ملي- ۽ اهو تحسس آهي محض لساڻ، سختيءَ ۽ ٿڌاڻ جو تحسس، منهنجي آڱرين جي انهيءَ تحسس کي ڪنهن به صورت ۾ ”ميز نٿو چئي سگهجي: پوءِ آءُ ڪيئن ٿو چئي سگهان ته مون کي ميز جي خبر ملي؟

هڪڙو وڌيڪ مثال وٺو: باهه کان ٻه فوٽ کن مفاصلي تي بيهڻ سان مون کي تؤ محسوس ٿو ٿئي، ۽ عام سمجهه موجب آءُ چوان ٿو ته هيءُ تؤ يا گرمي باهه جي خاصيت آهي. پر جيئن جيئن آءُ باهه جي زياده ويجهو ٿيندو ٿو وڃان، تيئن تيئن گرميءَ جي شدت به وڌندي ٿي وڃي- تان جو آءُ هڪ قسم جي تڪليف يا ايذاءُ محسوس ٿو ڪريان. ظاهر آهي ته ايذاءُ جيڪو آءُ محسوس ٿو ڪريان، سو مون ۾ آهي، ۽ نه باهه ۾ ۽ ڇاڪاڻ ته ايذاءُ گرميءَ جي محض زياده مقدار جو ئي ٻيو نالو آهي، تنهن ڪري هيءُ نتيجو بلڪل صحيح طور ڪڍي سگهجي ٿو ته تؤ يا گرمي پڻ محض منهنجو ئي ذاتي تحسس هو ۽ نه باهه جي هڪ خاصيت. هڪ حقير جيوڙو يا جيت وٺو. ان جون ڄنگهون ايتريون ته مختصر آهن، جو سواءِ خوردبينيءَ جي اسين ان کي بلڪل ڏسي نٿا سگهون. ان مان ائين چئي سگهبو *ڇا ته اهو جيوڙو پاڻ به پنهنجون ڄنگهون ڏسي نٿو سگهي؟ ظاهر آهي ته ائين وسهڻ غلط ٿيندو. تنهن ڪري، لازمي نتيجو ان مان هيءُ نڪرندو ته جيوڙي جي ڄنگهن جو ظاهري قد مختصر آهي انهيءَ ادارڪ يا ذهن تي، جيڪو انهن جو معائنو ٿو ڪري: يعني جيوڙي جي ڄنگهن جو قد خود جيوڙي جي نظر ۾ هڪڙو آهي، ۽ اسان جي نظر ۾ بنهه ٻيو. پر، اهو ته ناممڪن آهي ته جيوڙي جون ڄنگهون ساڳئي وقت ٻن مختلف قدن جون هجن!- ته پوءِ انهن جو حقيقت ۾ ڪو خاص قد آهي به يا بلڪل آهي ئي ڪونه؟ ائين نٿو ٿي سگهي ڇا ته معائني هيٺ آيل شيءِ جو قد ان شيءِ جي ڪا اصلي (Intrinsic) خاصيت *نه آهي، جيڪا وٽس لازمي طرح موجود هجي، پر فقط ڏسندڙ يا معائني ڪندڙ جي ذهن يا ادارڪ جي نوعيت تي ئي ان شيءِ جي قدبت جو سڌيءَ طرح انحصار رهي ٿو؟

مناري جو مسئلو: قد يا مقدار جي مسئلي تي اسان کي اڃا به زياده غور ڪرڻ جڳائي. سمجهو ته آءُ ڪنهن مسجد جي نيل يا ڪنهن قلعي جي مناري ڏانهن پيو ٿو ناهريان. ظاهر آهي ته جنهن مفاصلي تان آءٌ ان ڏانهن نهاريندس، تنهن موجب اُن جي اوچائي منهنجي نظرن ۾ ويندي گهٽبي يا وڌندي. مثال طور، سڏ کن پنڌ تان اُن جي اوچائي هڪڙي نظر ايندي، ته ٻه سئو کن فوٽن تان ٻي، ۽ ويهارو کن فوٽن تان وري ٽِي؛ ۽ جيڪڏهن ان جي بنهه هيٺان اچي بيهندس ته اُن جي اوچائيءَ جو اندازو ئي شايد ڪين ڪري سگهندس. هن مان هيءُ ته ثابت ٿيو ته ظاهري طرح مناري کي مختلف اوچايون آهن. ان حالت ۾ آءُ’ ڪيئن چوان ته انهن اوچاين مان مناري جي واقعي اوچائي ڪهڙي آهي؟ عام سمجهه موجب شايد جواب ملندو ته فوٽ- پٽي يا وال- ماپ يا ٻيو ڪوبه اهڙو اوزار، جنهن سان اهڙيون شيون ماپي سگهجن ٿيون، کڻي، مناري کي ماپي ڏسو، ۽ پوءِ جيڪا اوچائي انهيءَ اوزار ۾ ظاهر ٿئي، اها ٿي مناري جي واقعي اوچائي. سمجهو ته اسان ائين مناري جي ماپ ورتي ۽ ڏٺوسين ته اسان جو ماپ جو اوزار يعني وال ماپ اها 150 فوٽ ٿو ڏيکاري؛ هاڻي شايد اسين چونداسين ته مناري جي واقعي اوچائي 150 فوٽ آهي: پر اهو جواب زياده تفصيلي ڇنڊ ڇاڻ تي صحيح ثابت ٿيندو؟ جواب آهي ته ”عام طور ته بيشڪ، پر فلسفي جي نظرن ۾ قطعاً نه!“

پهريون سبب ان جو هيءُ آهي ته اسان اڳ ئي قبول ڪري چڪا آهيون ته مختلف مفاصلن تان مختلف معائني ڪندڙن لاءِ ظاهري طرح مناري کي مختلف اوچايون آهن. هاڻي، اسين ڪيئن چئون ته انهن مڙني مختلف اوچاين مان فقط هيءَ يا هوءَ خاص اوچائي مناري جي حقيقتاً اوچائي آهي؟ ظاهر آهي ته 150 فوٽن جي اوچائي به انهن اوچاين مان هڪڙي اوچائي آهي- يعني اها، جيڪا مناري جي بنهه ٻاهران ڀت تي لڳو لڳ مٿس وال- ماپ رکڻ سان وال- ماپ اسان کي ٻڌائي ٿو. هاڻي سوال ٿو اُٿي ته وال- ماپ کي، ۽ مناري جي ڀت سان لڳو لڳ واريءَ جڳهه کي اسين اها مخصوص حيثيت ۽ اهو مخصوص حق ڇو ڏيون، جو ڳنڍ ٻڌي ويهي رهون ته بس اهو جيڪو محض انهيءَ جڳهه تان مناري جو معائنو ڪندو، فقط انهيءَ کي ئي مناري جي حقيقي اوچائي معلوم ٿي سگهي ٿي؟

ٻي ڳالهه وري هيءَ ته وال- ماپ تي جو اسان 150 فوٽن جو انگ پڙهيو، ان مان اسان کي آخر خبر ڪهڙي ملي؟ اسان معلوم ڪرڻ ٿي گهريو ته مناري جي حقيقي اوچائي ڪهڙي آهي، ۽ اسان کي ٻڌايو ٿو وڃي ته مناري جي اوچائي 150 فوٽ آهي: پر ”150 فوٽ“ نيٺ آهي ڇا؟ گهڻي ۾ گهڻو هيءُ هڪ رياضيءَ جو انگ آهي، يا هڪ نالو آهي، جيڪو اسين ڪن خاص اوچائيءَ جي قسمن ڏانهن منسوب ڪريون ٿا، جن ۾، مثال طور، اها اوچائي به اچي وڃي ٿي، جيڪا مناري جي اوچائي آهي. هاڻي، جڏهن اسين معلوم ڪرڻ ٿا گهرون ته مناري جي واقعي اوچائي ڪهڙي آهي، ته اسان کي ٻڌايو ٿو وڃي هت ”150 فوٽ“، ۽ وري جڏهن ڄاڻڻ ٿا گهرون ته ”150 فوٽ“ ڇا آهي، ته جواب ٿو ملي ته اها هڪ قسم جي اوچائي آهي، جيڪا مناري يا هوبهو مناري جيترين ٻين ڊگهين شين کي هوندي آهي! ظاهر آهي ته هيءُ ته محض هڪ گول مول خبر آهي، جنهن جو نه ٿيو ڪو منهن، نه ٿيو ڪو سِر!

ٽِي ڳالهه هيءَ آهي ته خود وال- ماپ متعلق اسان کي ڪهڙي قسم جي خبر آهي؟ اسين چند مثال مٿي پيش ڪري چڪا آهيون، جن مان اسان ثابت ڪرڻ ٿي گهريو ته اهي خاصيتون، جيڪي ظاهري طور حواسن جوڳين شين ۾ ڏسجن ٿيون، سي حقيقتاً انهن شين جون خاصتون ڪين آهن، بلڪه اهي يا ته محض اسان جي پنهنجي ذاتي تجربن جون خاصيتون آهن، يا اهي خاصيتون،- ڇاڪاڻ ته اسان جي خبر موجب وقت بوقت منجهن پير گهير واقع ٿيندي ئي ٿي رهي- اسان جي تجربي تي مدار رکن ٿيون ۽ ان جي ماتحت آهن. جيڪڏهن واقعي ائين آهي، ته پوءِ اسان کي ڪو حق ڪونهي جو چئون ته وال- ماپ مٿي آيل بحث ۾ انهن پيدا ٿيل نتيجن کان آجو آهي، ۽ اهي خاصيتون جيڪي ان ۾ ظاهري طور ڏسڻ ۾ اچن ٿيون، سي حقيقتاً به اُن جون خاصيتون آهن- ۽ خاص طرح، اُن جي ظاهري ڊيگهه اُها ئي آهي، جيڪا اُن جي في الواقع ڊيگهه ٿي سگهي ٿي. جيڪڏهن اسين انهن سڀني ڳالهين کي وال- ماپ جي حالت ۾، سواءِ ڪنهن چون چرا جي، کڻي صحيح مڃينداسين، ته پوءِ مناري جي اوچائيءَ متعلق سوالن ڇيڙڻ جي ڪا ضرورت ئي ڪانه رهندي، پر مناري جي واقعي اوچائي ڪهڙي آهي، تنهن لاءِ شڪ ڪرڻ جا اسان وٽ جيڪي به سبب ۽ دليل آهن، هوبهو اهي ئي سبب ۽ دليل، وال- ماپ جي حالت ۾ به اسان جي دل ۾ شڪ اُٿاري سگهن ٿا ته ”وال- ماپ جي في الواقع ڊيگهه ڇا آهي؟“ مطلب ته اسين مناري جي في الواقع اوچائي، وال- ماپ جي في الواقع ڊيگهه جي حوالي سان هرگز لهي نٿا سگهون؛ ڇاڪاڻ ته ”في الواقع اوچائي، ۽ ”في الواقع ڊيگهه“ لفظ ئي ته آهن، جن جي صحيح معنيٰ متعلق اسين تسلي حاصل ڪرڻ چاهيون ٿا!

پيسي جي شڪل:- شڪل جو مسئلو پڻ بلڪل اوچائيءَ جي مسئلي جهڙو آهي. مثال طور: پيسي جي شڪل کي ئي کڻي سامهون رکو، عام سمجهه موجب اها گول سمجهي ويندي آهي، پر پيسي ڏانهن تقريباً ڪهڙي به ”نقطي نگاهه“ کان يعني ڪٿان به نهاريندؤ ته اُهو اوهان کي گول نه پر چپترو ڏسڻ ۾ ايندو. اِها ڳالهه اوهين هڪدم معلوم ڪري سگهو ٿا، بشرطيڪ ڪاغذ تي پيسي جي شڪل بلڪل اهڙيءَ طرح ليڪي وٺو، جهڙيءَ طرح اها اوهان کي اُتان ڏسڻ ۾ ايندي هجي- ايترو سو آهي ته اُن جي چپترائي، ٿولهه ۽ سنهائيءَ ۾، جنهن ”نقطي نگاهه“ کان پيسي ڏانهن ڏسبو، تنهن موجب بدلبي رهندي. فقط ٻن جڳهن تان، يعني سڌو مٿان ۽ سڌو هيٺان، جڏهن پيسي ڏانهن نهاربو، تڏهن ئي اُن جي شڪل ظاهريءَ طرح گول نظر ايندي؛ ۽ اهي ٻئي نهارڻ جون جڳهون اهڙيون ته غير معمولي جڳهون آهن، جو انسان جون نگاهون اتان پيسي ڏانهن شايد ئي ڪڏهن نهارينديون هجن!

هاڻي، سوال آهي ته جيڪڏهن رواجي طرح پيسي جي شڪل چپتري ٿي ڏسڻ ۾ اچي، ته پوءِ ڇو اسين ان کي گول ٿا سڏيون؟ ان جو جواب ايترو آسان نه آهي. هڪڙو سبب شايد هيءُ آهي ته اهو هڪ عام عقيدو ٿي ويو آهي ته پيسي جي شڪل گول آهي، ۽ بس- ايتري قدر جو جيڪڏهن فيلسوفن جي گروهه کان ٻاهر ٻيو ڪو ماڻهو ان ڳالهه ۾ ٿورو به شڪ کڻي ڏيکاري، ته هرڪو کيس هوند اڌ چريو سڏي. پر سوال آهي ته اهو ”عام عقيدو“ پيدا ڪيئن ٿيو ۽ بيٺل ڪهڙن بنيادن تي آهي؟ غالبنً، اهو عام عقيدو هن حقيقت تي مبني آهي ته پيسو پنهنجي اڪثر اوصافن ۾ گول جي وصف سان ٺهي ٿو اچي. مثلاً، ان جي مٿاڇري تي هڪ اهڙو نقطو آهي، جتان جيڪي به ليڪون ان جي دائري تان ڪبيون، سي سڀئ هڪ جيتريءَ ڊيگهه جون ٿينديون. اُن جو دائرو برابر آهي ”نيم قطر 2x22/7“ جي، ۽ اُن جِي ايراضي نيم قطر x نيم قطر 22/7“ جي برابر آهي، پر جيڪڏهن اسين رڳو گول جي انهيءَ وصف کي خيال ۾ رکي پيسي جي شڪل کي گول سڏينداسون ته پوءِ اسان کي ساڳين انهن سمورن مشڪل سوالن کي حل ڪرڻو پوندو، جيڪي مناري جي حالت ۾ آخر تائين اسان کان حل طلب رهجي ويا. اسين ڄاڻڻ گهرون ٿا ته اها شڪل، جنهن ۾ اهي مٿيان رياضيءَ جا اوصاف موجود آهن، تنهن شڪل جي نوعيت ڪهڙي آهي؟ جيڪڏهن ان جو جواب ملي ٿو ته اها شڪل گول شڪل آهي، ته پوءِ سوال ٿو اُٿي ته ”ڇا، پيسي جي اُها شڪل آهي؟“ افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته دستوري طرح جيئن پيسو ڏسجي ٿو تيئن ته اُن کي اها شڪل آهي ئي ڪانه، ۽ نڪي وري اُن کي ڇهڻ سان ئي ثابت ٿو ٿئي ته ان جي شڪل گول آهي؛ ڇاڪاڻ ته ان کي ڇهڻ سان ائين هرگز محسوس نٿو ٿئي ته اسين ڪو هڪ گول شڪل کي ڇهي رهيا آهيون، پر ائين پيو ٿو ڀانئجي ته ڄڻ اسين هڪ تراکڙي مٿاڇري کي ڇهي رهيا آهيون، يا جيڪڏهن آڱر سان ان جي ٻاهرئين ڪناري کي وڪوڙبو ته ڀانئبو ته ڄڻ ڌاتوءَ جي هڪ وريل ليڪ کي ڇهي رهيا آهيون! تنهن جي معنيٰ ته دستوري حالتن ۾، نه ڏسڻ ۾ ۽ نه ڇهڻ ۾ ڪو ائين ظاهر ٿو ٿئي ته پيسو گول آهي:- ته پوءِ آخر اهو ڪنهن کي ٿو گول نظر اچي؟ شايد ائين چيو وڃي ته ”پلڪار“ کي! پر ان حالت ۾- جڏهن پيسي جي في الواقع شڪل، اوتري قدر جيتري قدر اسان کي پنهنجين اکين ۽ آڱرين معرفت معلوم ڪين ٿي سگهي- اسان کي ڪهڙو حق آهي ته اها پوءِ جيئن پلڪار تي ظاهر ٿي يا ائين کڻي چئجي ته جيئن پلڪار ان کي معلوم ڪيو، تيئن ان تي اعتبار ڪري ويهي رهون ۽ چئون ته پلڪار جي ٻڌايل اها خبر واقعي صحيح خبر آهي؟ مطلب ته پلڪار کي اسين اهو مخصوص ۽ واحد امتيازي درجو ڇو ڏيون ته ان جو ئي ڪيل معائنو يا تپاس اعتبار جوڳي آهي؟ ٻئي ڪندي، خود ”پلڪار“ جي خاصيتن متعلق اسين ڪهڙو رايو قائم ڪريون؟ جڏهن اصلي خاصيتن رکڻ وارين طبيعاتي شين جو خود وجود ئي شڪ ۾ آهي ته پوءِ پلڪار جي حالت ۾ ان جي وجود کي چپ چاپ مڃي ڪري، ”پيسي جي شڪل“ واري مسئلي جو جواب هڪدم ان جي مدد سان گهڙي وٺون، ته ڇا ائين ڪرڻ ۾ اسين حق بجانب ٿينداسون؟

مٿئين بحث کان پوءِ ائين چئي سگهجي ٿو ته جهڙيءَ طرح شين جي بناوت توڙي اُنهن جي گرم يا سرد هجڻ جي ڪيفيت، انهن جي قد و قدامت توڙي شڪل و شبيهه جي جيڪا ظاهري صورت ڏسڻ ۾ اچي ٿي، اها سندن في الواقع صورت نه آهي، بلڪل تهڙيءَ طرح، انهن شين جِي، جيڪڏهن سمورين خاصتن جي نه، ته به سندن اڪثر خاصيتن جي پڻ اها ساڳي حالت آهي: يعني شين جون اڪثر خاصيتون آخرين طرح خود اسان جي ذات سان ئي وابسته ۽ منسوب آهن، ۽ اسان جي پنهنجيءَ ذهني ڪيفيت تي ئي دارومدار رکن ٿيون. مثلاً اسان جي پنهنجي بدن ۾ جيڪا گرمي موجود آهي، تنهن ۾ جيڪڏهن ٿورڙين ڊگرين جو به اضافو کڻي ٿئي ته ٻاهرين دنيا اسان لاءِ هڪدم بدلجي بنهه ٻي ٿي پوندي؛ ۽ ظاهر آهي ته ان حالت ۾ اڄ اسين دنيا کي جيئن ڏسون ٿا يا محسوس ڪريون ٿا تنهن کان بلڪل ٻئي روپ ۾ اُن کي ڏسنداسون ۽ محسوس ڪنداسون، ثابت ٿيو ته اسان وٽ ڪوبه معقول سبب ڪونهي، جو چئون ته جيڪا دنيا جيئن ڪنهن خاص ملڪ جو ڪو خاص رهواسي، جيڪو عمر ۾ بالغ آهي، جنهن جي بدن ۾ 98.4  گرميءَ جا درجا آهن، ڏسي ٿو ۽ محسوس ٿو ڪري، صرف انهيءَ ئي دنيا کي اهو شرف حاصل آهي، جو چئجي ته بس دنيا في الواقع آهي به ائين!

جديد سائنس جا نتيجا:- جديد سائنس عموماً، خاص طرح علم طبيعات ۽ علم بدن، حواسن وسيلي خبر (Perception) متعلق جن نتيجن تي پهتا آهن، تن مان مٿي ذڪر ڪيل دليلن کي، جيتري قدر اهي ڏيکارين ٿا ته ٻاهرينءَ دنيا ۾ جيڪي خاصيتون ظاهري طرح جيئن موجود ڀانئجن ٿيون اهي ڏسندڙ يا معائنو ڪندڙ جي ذهن سان ئي وابسته آهن، پاڻ زياده تقويت ملي ٿي. جديد سائنس جي انهن نتيجن جو زير ويچار مسئلن تي ڪهڙو اثر هئڻ گهرجي، تنهن متعلق ڪجهه چئجي، انهيءَ کان اڳ مناسب آهي ته ٻه لفظ چتاءُ طور بروقت ٻڌائي ڇڏجن ته جيئن اڳتي هلي ان باري ۾ ڪا غلط فهمي پيدا نه ٿئي.

پهرين ڳالهه ياد رکڻ جهڙي هيءَ آهي ته سائنس ۽ فلسفي جو باهمي تعلق خود اڃا تائين هڪ زير بحث مسئلو آهي ۽ اڪثر فيلسوفن جو چوڻ آهي ته ڪوبه سائنس جو ڏسيل نتيجو فلسفي جي ڪنهن به مسئلي تي نه اثرانداز آهي ۽ نه ڪڏهن اثرانداز ٿي سگهي ٿو- يعني سائنس جو فلسفي سان ڪوبه واسطو نه آهي.

ٻي ڳالهه هيءَ آهي ته مٿي پيش ڪيل مثالن تي تبصري ڪرڻ وقت جن فيلسوفن جي طريقي فڪر کي خيال ۾ رکيو ويو آهي، ۽ جن جو ٻڌايل فلسفيانه نتيجو (ته حواسن وسيلي جيڪا خبر اسان کي خارجي دنيا متعلق ملي ٿي انهيءَ جو انحصار اسان جي پنهنجي داخلي ذهني ڪيفيت تي آهي) ڪتاب جي هِن باب جو مکيه موضوع آهي، انهن فيلسوفن پنهنجن دليلن ۾ سائنس جي نتيجن کي يا ته بنهه استعمال ڪين ڪيو آهي، پر جي ڪيو به اٿن ته نهايت مختصر ۽ محدود انداز ۾. انهن فيلسوفن مان (جن کي داخلي عينيت کي مڃڻ وارا Subjective Idealists چيو وڃي ٿو) مکيه ٽي فيلسوق هئا: هڪڙو ”لاڪ“ (Lock, 1704-1632/104-17)، ٻيو ”برڪلي“، (Berkeley, 1753-1685) ۽ ٽيون ”هيوم“ (Hume, 1776-1711)، ۽ جنهن زماني ۾ اهي فيلسوف پيدا ٿيا تنن ۾، يعني سترهينءَ ۽ ارڙهينءَ صديءَ جي زماني ۾، علم طبيعات ۽ علم بدن هونئن به، نسبتاً اڄوڪي زماني جي، ناقص ۽ غير ڪمل هئا، نه فقط ايترو پر انهن فيلسوفن ڄاڻي ٻجھي به پنهنجا دليل انهن علمن جي ٻُڌايل نتيجن جي مدد کان سواءِ مرتب ڪيا.

ٽين ڳالهه هيءَ آهي ته اهي فيلسوف موجوده ويهين صديءَ جي سائنس جي ٻُڌايل نتيجن کان جيڪڏهن واقف به کڻي هجن ها، تڏهن به اها خاطري نٿي پئجي سگهي ته هو ڪو انهن نتيجن کي پنهنجي فلسفي کي تقويت ڏيڻ لاءِ استعمال ڪري به سگهن ها؛ ڇاڪاڻ ته ائين ڪرڻ سان هو هڪ بنيادي غلطي ڪري ويهن ها، ۽ اسان کي سندن روشن دماغيءَ ۾ اها اُميد ضرور آهي ته کانئن اهڙي نمايان غلطي هرگز سرزد ڪين ٿئي ها. اسين ائين ڇو ٿا سمجهون، ان جا به ڪي سبب آهن، جن جو ذڪر جڏهن هنن فيلسوفن جي فڪر جو اختصار پيش ڪنداسون تڏهن پنهنجيءَ جاءِ تي ضرور آندو ويندو.

سائنس جو فلسفي سان ڪيترو ۽ ڪهڙي قسم جو واسطو آهي، يا هئن گهرجي، تنهن متعلق چتاءُ طور هي چند لفظ پيش ڪرڻ کان پوءِ منهنجو ارادو آهي ته جديد سائنس جا اهي نتيجا مختصر طور بيان ڪريان، جن مان فلسفي جو هيءُ خيال زياده مضبوط ۽ پختو ٿو ٿئي ته حواسن وسيلي حاصل ڪيل تجربي سان شين جون جيڪي خاصيتون معلوم ٿين ٿيون سي حقيقتاً انهن شين جون اصلي خاصيتون نه آهن، بلڪه اهي گهڻي قدر معائني ڪندڙ جي محض داخلي حالتن تي ئي مدار رکن ٿيون. معائني ڪندڙ جي ذهن جو ان سلسلي ۾ ڪيترو دخل آهي- هيستائين اسان فقط ان پهلوءَ تي پئي ويچار ڪيو آهي: پر هاڻي سائنس جي روشنيءَ ۾ اسين هي به ڏسنداسون ته حواسن وسيلي جيڪي ڪجهه معلوم ٿئي ٿو، تنهن تي معائني ڪندڙ جو جسم ڪيتري قدر اثرانداز آهي.

علم بدن جو ماهر، حواسن وسيلي خبر جي سرشتي متعلق ڇا ٿو چوي؟

سمجهو ته آءُ اونداهيءَ رات جو هڪ تاري، مثلاً ”سِريَس“ (Sirius) کي ڏسي رهيو آهيان: علم طبيعات جو چوڻ آهي ته سال ٿيا، جو ”سريس“ جي روشنيءَ جا ڪرڻا ان وٽان نڪتا، ۽ هڪ خاص عرصي کان پوءِ- جنهن جو پورو اندازو فلڪيات جا ماهر ئي لڳائي سگهن ٿا- مس مس اسان جي ڌرتيءَ تائين رسيا؛ پوءِ اهي ڪرڻا جڏهن منهنجي اکين جي تارن سان ٽڪرجن ٿا، تڏهن ئي مون کي ائين چوڻ جو سبب ملي ٿو ته آءُ سريس تاري کي ڏسي رهيو آهيان. ظاهر آهي ته جنهن ”سريس“ متعلق اهي ڪرڻا مون کي خبر ڏين ٿا، اهو ”سريس“ تارو تڏهن موجود هو جڏهن اهي ڪرڻا وٽائنس نڪتا هئا. ممڪن آهي ته اهو تارو هن وقت موجود ئي نه هجي، درمياني عرصي ۾ ممڪن آهي ته اهو مرڳو ئي گم ٿي ويو هجي. هاڻي، ائين چوڻ ته آءُ هن وقت هڪ اهڙي شيءِ ڏسي رهيو آهيان، جيڪا هن وقت وجود ۾ ئي ڪانهي، هڪ نهايت غير معقول ڳالهه چئبي. ثابت ٿيو ته آءُ جيڪي ڪجهه هن وقت ڏسي رهيو آهيان، سو ٻيو ڪجهه به هجي، پر ڪم از ڪم ”سريس“ تارو نه آهي. حقيقتاً جو ڪجهه آءُ ڏسي رهيو آهيان، سو محض هڪ خاص مقدار، شڪل ۽ تيزيءَ يا گهرائيءَ وارو هڪ ڳاڙهو يا پيلو گول نشان آهي، ۽ ان مان آءُ اهو اندازو پيو لڳايان ته هن نشان جو هڪڙو خاص ابتدائي سرچشو هو، جنهن سان ان جو (طبيعاتي واقعن جي هڪ لاڳيتي ۽ ڊگهي سلسلي دوران) ڪروڙن ميلن جي مفاصلي ۽ متعدد سال اڳ جو تعلق هو. نهايت ممڪن آهي ته اهو منهنجو اندازو به غلط فهميءَ تي مبني هجي؛ جنهن کي آءٌ تارو ٿو سڏيان، انهيءَ گول پيلي نشان جو اصلي سبب ممڪن آهي ته هيءُ هجي جو مون کي ڪنهن نڪ تي زور سان مُڪ هنئي هجي ۽ منهنجين اکين اڳيان انڌارو اچي ويو هجي، ۽ ان انڌاري ۾ هڪ خاص قسم جا چمڪاٽ منهنجين اکين اڳيان پيدا ٿيندا هجن، يا دراصل آءٌ پري ڪنهن جهاز جي کوهي جي چوٽيءَ ۾ ٽنگيل ڪا ٻرندڙ بتي ڏسي رهيو هجان!

هن معاملي ۾ محض اهو هڪڙو اندازو ئي مشڪوڪ نه آهي، پر ان سان گڏ ٻي هڪڙي بنيادي ڳالهه پڻ آهي، جنهن لاءِ دل ۾ تهان ئي زياده شڪ جاڳي سگهن ٿا. مثلاً، آءُ واقعي سمجهان ٿو ته آءُ هڪ پيلو نشان ڏسي رهيو آهيان، پر ڇا، ائين سمجهڻ ۾ آءُ واقعي حق بجانب آهيان جيتري قدر علم طبيعات ۽ علم بدن جو هن ڳالهه سان واسطو آهي، اوتري قدر مون کي صرف هي چوڻ جو حق آهي ته منهنجي اک جون تنتون (Optic nerves) هڪ خاص انداز ۾ متاثر يا متحرڪ ٿي رهيون آهن، جنهن سبب کان صرف منهنجي مغز م ڪي خاص حالتون ۽ ڪيفيتون رونما ٿي رهيون آهن: ڇا، انهيءَ کان وڌيڪ به ڪجهه چوڻ جو مون کي حق آهي؟

ان سلسلي ۾ نامياري فيلسوف برٽرنڊ رسيل (Bertrand Russel) هڪ نهايت مشهور مثال ڏنو آهي، جنهن ۾ هن هڪ علم بدن جي ماهر جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪو فرض ٿو ڪجي ته پنهنجي هڪ مريض جي مغز جو معائنو پيو ٿو ڪري. علم بدن جو ماهر واقعي ائين پيو سمجهي ته هو هڪڙي ٻئي شخص جي مغز کي ڏسي ۽ جانچي رهيو آهي، پر، فيلسوف رسيل جي چوڻ موجب، جيڪڏهن علم بدن جي ٻڌايل ڳالهين کي صحيح ڄاڻبو، ته پوءِ ان ماهر جي جانچڻ يا ڏسڻ جو جيڪو عمل آهي، تنهن جا اسباب اهي ئي آهن، جيڪي سندس پنهنجي مغز ۾ رونما ٿي رهيا آهن. زير نظر مغز وٽان روشنيءَ جون لهرون نڪري علم بدن جي ماهر جي اکين تائين پهچن ٿيون، جتي ظاهر آهي ته هو ضرور ڪجهه عرصي کان پوءِ ئي رسنديون هونديون. درمياني وقفو کڻي ڪيترو به مختصر هجي، پر آهي ضرور. علم بدن جو ماهر جيڪي ڪجهه تپاسي رهيو آهي، سو هو فقط تڏهن ڏسي ٿو، جڏهن روشنيءَ جون لهرون سندس اکين تائين پهچن ٿيون- يعني انهيءَ مختصر پر محدود عرصي کان پوءِ ئي هو ان کي ڏسي ٿو. تنهن جي معنيٰ هيءَ ٿي ته اهو عمل جنهن کي سندس ”ڏسڻ“ ٿو چئجي، سو ”زير نظر مغز“ کان وٺي جيڪو واقعن جو سلسلو شروع ٿيو، ۽ ويندي جڏهن اهو سلسلو سندس پنهنجي مغز تائين پهتو، تنهن کان پوءِ ئي وجود ۾ آيو. هاڻي اسين ڪيئن چئون ته جو ڪجهه هو واقعي ڏسي رهيو آهي، سو اهو ئي آهي جيڪو هو ڏسڻ گهري ٿو، ۽ جيڪڏهن اسين ائين نٿا چئي سگهون، ته پوءِ هڪڙو ئي نتيجو نڪري سگهي ٿو ته جو ڪجهه هو ڏسي رهيو آهي، يا جا ڪجهه خبر سندس ڏسڻ جو حواس کيس ڏيئي رهي آهي، سا سندس پنهنجي ئي مغز ۾ موجود آهي. جڏهن اسين اهي ويچار ٿا ڪريون ته هن ماهر جي واقعي ڏسڻ کان اڳ جيڪو واقعن جو سلسلو پيدا ٿيو ۽ ان جي ختم ٿيڻ تائين جيڪو وقت لڳو، تنهن درمياني عرصي ۾ ممڪن آهي ته مريض جو مغز ڪيڏانهن گم ٿي ويو هجي، ته پوءِ اسان لاءِ هيءَ ڳالهه مڃڻ نهايت مشڪل ٿيو ٿي پوي، جو ائين سمجهون ته هو پنهنجي مغز کان ٻاهر ڪنهن ٻئي مغز کي ڏسي رهيو آهي!

ڇهڻ ۽ سونگهڻ: ڇهڻ وسيلي جيڪا خبر اسان کي ملي ٿي، تنهن تي غور ڪرڻ سان هن مسئلي تي پاڻ زياده روشني پئجي سگهي ٿي. اچو ته اهو مثال، جنهن ۾ هڪ شخص پنهنجين آڱرين سان ميز کي ڇُهي رهيو آهي، يا دٻائي رهيو آهي، تنهن تي زياده تفصيل سان غور ڪريون. جيئن آءُ هي اکر لکي رهيو آهيان، تيئن آءُ پاڻ به ميز تي ساڳئي قسم جو زور ڏيئي رهيو آهيان. رواجي طرح ته آءُ چوندس ته ائين ڪرڻ سان منهنجون آڱريون ۽ ميز، يعني ٻه مادي شيون، هڪٻئي سان گڏجن ٿيون؛ پر جديد علم طبيعات جي روشنيءَ ۾ منهنجو اِهو چوڻ سراسر غلط ٿيندو. علم طبيعات جي ماهرن جي نظرن ۾، جو ڪجهه واقع ٿيو آهي سو صرف هيءُ آهي ته منهنجين آڱرين جي ائٽمي جزن ۽ ميز جي ائٽمي جزن جي وچ ۾ برقي مدافعت (Repulsion) پيدا ٿي ٿئي. جيترو زياده زور سان آءُ ميز تي دٻاءُ ڏيندس اوترو زياده تيز برقي قوت پيدا ٿيندي، جيڪا منهنجين آڱرين کي پري هٽائيندي. هن برقي قوت سبب منهنجين آڱرين جي چوٽين وارين تنتن جي پڇڙين ۾ هڪ قسم جي برقي لهر پيدا ٿئي ٿي، جيڪا آخر وڃي منهنجي مغز تائين پهچي: جنهن ڪري آءُ محسوس ٿو ڪريان گويا آءُ ميز کي ڇهي رهيو آهيان. حقيقتاً پنهنجي بدن کان ٻاهر آءُ ڪنهن به شيءِ سان ڳنڍيل يا لڳل نه آهيان، ۽ جيڪڏهن منهنجي تنتي سرشتي جا واسطيدار حصا هونئن ئي ساڳئي مناسب نموني متحرڪ يا متاثر ڪيا وڃن، ته هوند آءُ اهڙو ساڳيو ئي ميز کي ڇهڻ جو احساس ماڻي سگهان ٿو- جيتوڻيڪ ان حالت ۾ منهنجي سامهون ڪا ميز کڻي نه به هجي، جنهن کي واقعي آءُ ڇهي رهيو هجان. نه فقط ايترو، پر آءُ پنهنجي هٿ کان بنهه وڍيل ۽ الڳ ٿيل آڱر ۾ ٽاچنيءَ جي چڀڻ کي به محسوس ڪري سگهان ٿو- بشرطيڪ منهنجي ٻانهن جي واسطيدار تنتن جي پڇڙين کي مناسب نموني متحرڪ يا متاثر ڪيو ڃي.

سونگهڻ جي حقيقت به هوبهو ڏسڻ ۽ ڇهڻ جي حقيقت وانگر آهي. ٻيو ته ٺهيو، پر شايد عام سمجهه جي نظرن ۾ پڻ ائين هرگز نه آهي ته شيءِ جي بوءِ يا واس انهيءَ شيءِ وٽ ڪو في الواقع موجود آهي. گهڻا ماڻهو شايد هي به قبول ڪندا ته جيڪا جاءِ اها شيءِ خود والاريو بيٺي آهي، ڪم از ڪم انهيءَ جاءِ تي سندس بوءِ موجود نه آهي. هو ائين چوندا ته پوءِ اهو تاثر آهي. جيڪو هڪ شيءِ ٻاهر ڪڍندي ٿي رهي، ۽ جو ان شيءِ کان ٻاهر ئي اسان کي محسوس ٿئي ٿو. آءُ ڀانيان ٿو ته اڪثر ماڻهو ”بوءِ“ لاءِ هيءُ خيال رکن ٿا ته اها نهايت مختصر جزن جي- جن کي انگريزي زبان ۾ ماليڪيولس (Molecules) چيو وڃي ٿو- ٺهيل هڪ قسم جي گئس آهي، ۽ جڏهن اها گئس ماڻهوءَ جي ناسن تائين پهچي ٿي، ۽ اُن جا جزا جن جي اوءَ ٺهيل آهي سي ناسن اندر حساس پردن کي وڃي ڇيڙين ٿا، تڏهن ڪي تنتي تاثرات مغز ڏانهن روانا ٿا ٿين، جنهن ڪري اسان کي بوءِ جي سونگهڻ جو احساس ٿو ٿئي. پر، اها ”چيز“ يعني بوءِ جيڪا اسين سونگهون ٿا، تنهن جو انهيءَ شيءَ سان ڪهڙو تعلق آهي، جنهن مان اها ڀانئجي ٿو ته نڪري ٿي، سا ڳالهه هڪ نهايت مبهم ۽ سمجهه ۾ اچڻ کان ٻاهر ڳالهه آهي. بلڪل ساڳي حالت ”آواز“ جي آهي. هوا جون لهرون ٻاهران هوا مان ٿيندي ٿيندي، ڪَنَ جي پردن سان اچي لڳن ٿيون. پوءِ ڪن جي ٻاهرئين، وچئين ۽ اندرئين حصي ۾ جيڪي ڪجهه واقع ٿئي ٿو، سو به هڪ عجيب اسرار آهي. مثلاً اندرئين ڪن ۾ ڪوڏيءَ جي شڪل جهڙي هڪ هڏائين ڪٽوري آهي، جنهن ۾ هڪ پاڻياٺو مواد رهي ٿو: جڏهن ڪن جي وچئين حصي وارين هڏين ۽ پردن ۾ تحرڪ پيدا ٿئي ٿو، تڏهن اندرئين ڪن جي انهيءَ پاڻياٺي مواد ۾ جنبش ٿي پيدا ٿئي، جنهن سبب وري هڏائين ڪٽوريءَ جي پاسن کان بيٺل نازڪ ڌاڳن جهڙن نهايت سنهڙن وارن ۾ تحرڪ ٿو پيدا ٿئي. پوءِ هي متحرڪ باريڪ وار هڪ قسم جا تنتي تاثرات مغز ڏانهن موڪلين ٿا، جنهن ڪري اسين ”آواز“ ٻُڌون ٿا. هاڻي سوال آهي ته جيڪو آواز اسان ٻُڌو، سو دراصل آهي ڪٿي ۽ بذات خود آهي ڪهڙي چيز؟ آءُ سمجهان ٿو ته سواءِ خاموشيءَ جي انهن سوالن جو ٻيو ڪو خاطر خواه جواب اسان وٽ آهي ئي ڪونه، جو آسانيءَ سان ڏيئي سگهون.

فيلسوف ”ايڊنگٽن“ (Eddington) جو عينيائي نتيجو:- علم طبيعات ۽ علم بدن جيڪي ڪجهه حواسن وسيلي خبر ملڻ جي سرشتي متعلق اسان کي ٻُڌائين ٿا، تنهن مان هيءُ ئي نتيجو نڪري سگهي ٿو ته ٻاهرينءَ دنيا ۾ جيڪي واقعا حقيقتاً عمل ۾ اچن ٿا، حواسن وسيلي اسان کي هوبهو واقعات معلوم نٿا ٿين؛ اسان کي معلوم فقط اهو ڪجهه ٿئي ٿو، جيڪو انهن مادي واقعن سبب يا واسطي سان خود اسان ۾ داخلي طرح رونما ٿئي ٿو: يعني حواسن وسيلي اسان کي پاڻ کان ٻاهر واريون شيون، جيئن اهي في الواقع آهن، تيئن نٿيون معلوم ٿين، بلڪه انهن شين مان جيڪي مختلف قوتون- مثلاً روشنيءَ جا ڪرڻا، گئسون، فضائي لهرون وغيره- نڪرن ٿيون، تن جو اسان جي بدن تي جيڪو اثر ٿو ٿئي، صرف انهيءَ اثر جا نتيجا اسان کي معلوم ٿين ٿا.

سر آرٿر ايڊنگٽن جي ڪتاب ”سائنس ۽ اڻڏٺل دنيا“ جي هيٺئين ڏنل اقتباس مان اهو صاف ٿي ويندو ته جديد علم طبيعات جا ماهر ڪيتري قدر هن خيال جا آهن ته خارجي دنيا متعلق اسان کي جيڪا ڪجهه خبر آهي، سا اسان کي سڌيءَ طرح حواسن وسيلي حاصل ٿيل نه آهي، بلڪه محض اسان جي پنهنجي ذهن جي داخلي تاثرات تي ئي مشتمل آهي. هو لکي ٿو: ”اوهين هن ڳالهه تي ويچار ڪريو ته جيڪا معلومات اوهان ڀانيو ٿا ته اوهان کي ڪنهن خاص مادي شيءِ متعلق آهي، سا اوهان کي ڪيئن ٿي حاصل ٿئي. حقيقت هيءَ آهي ته ان شيءِ مان ڪي اثر نڪرن ٿا، جيڪي اوهان جي ڪن خاص تنتن جي پڇڙين سان اچي لڳن ٿا، جنهن کان پوءِ طبيعاتي ۽ ڪيمياوي تبديلين جو هڪ خاص سلسلو وجود ۾ ٿو اچي، ۽ انهن تنتن معرفت اوهان جي مغز جي ڪنهن خاص جزي تائين اهو سلسلو وڃي ٿو رسي: اتي گويا هڪ قسم جو معجزو واقع ٿو ٿئي، ۽ هڪدم اوهان جي ذهن ۾ اهڙي هڪ خاص قسم جي شڪل يا ان جو احساس ظاهر ٿي ٿو بيهي،- جيڪا شڪل يا جيڪو احساس پنهنجي محرڪ کان يعني انهن طبيعاتي ۽ ڪيمياوي تبديلين کان، جن اُن کي براهه راست پيدا ڪيو، بنهه هڪ جداگانه نوعيت جو آهي،  جنهن سان ان کي ڪنهن قسم جي مشابهت نه آهي. هاڻي، ائين چئي سگهجي ٿو ته مادي دنيا متعلق اسان کي جيڪا ڪجهه ڄاڻ يا خبر آهي، اها ڪنهن نه ڪنهن حالت ۾ تنتن وسيلي رسايل اهڙن محرڪات معرفت ئي اسان کي حاصل ٿيل آهي. انهيءَ نقطي نگاهه کان، اسان جو ذهن گويا هڪ مرڪزي دفتر آهي، جتي تنتن وسيلي آيل خبرون داخل ٿين ٿيون، ۽ ٻاهرينءَ دنيا جون ڪل شيون جدا جدا حيثيت ۾ گويا خبرن موڪلڻ جا مرڪز آهن: پوءِ هڪ شيءِ وٽان جڏهن ساڳئي قسم جون خبرون وري وري اسان جي ذهن کي ملن ٿيون، تڏهن مرڪز کي اسان جو ذهن بلڪل ائين سڃاڻيو ڇڏي جيئن ”ريڊيو“ ٻڌندي ٻڌندي دنيا جي مختلف ريڊيو نشرگاهن کان اسين اهڙا واقف ٿي ويندا آهيون، جو هڪدم چئي ڏيندا آهيون ته هي خبرون ڪراچيءَ کان، دهليءَ کان يا لنڊن کان اچي رهيون آهن. پر هڪ نشرگاهه جيڪي ڪجهه اُهو نشر ڪري ٿو خود ان جهڙو هرگز نه آهي؛ يعني نشرگاهه ۽ ان جي نشريات ۾ ڪنهن به قسم جي ڪا مشابهت نه هوندي آهي. بلڪل ساڳيءَ طرح، اسان جي ارد گرد رکيل مادي شيون مثلاً ڪرسيون، ميزون وغيره وغيره، جن جون متواتر موڪليل خبرون اسان جي ڏسڻ، ڇهڻ يا ٻين اهڙن حواسن تي اثر وجهنديون رهن ٿيون، تن جي نوعيت اها هرگز نه آهي جيڪا وٽانئن خبرن يا انهن خبرن معرفت پيدا ٿيندڙ تاثرات جي آهي. نهايت تعجب آهي ته اهڙن هڪڙن اُبتن ۽ اڻ سڌيءَ طرح مليل پيغامن ۽ اطلاعن تي اسين وسهي ويهي ٿا رهون ته انهيءَ طريقي سان مادي دنيا جو ڪو واقعي رٿائتو ۽ اعتبار جوڳو علم اسان کي حاصل ٿي ٿو وڃي.“!

مٿئين قسم جي ويچارن کي سامهون رکندي، سر آرٿر ايڊنگٽن اڳتي هلي اهي نتيجا اخذ ٿو ڪري، جيڪي عينيت جي فلسفي کي مڃڻ وارن فيلسوفن جي راين ۽ خيالن کان ڪنهن به صورت ۾ مختلف نه آهن. ٻاهرينءَ دنيا متعلق اسان جي علم کي اهڙيءَ طرح صرف انومان تي بيٺل ۽ گول مول علم سڏيندي، هو اڳتي هلي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ٿو ڪري ته برخلاف ان جي خود پنهنجي ذات يا خود پنهنجي نفس متعلق اسان جو علم ڪيتري قدر نه سڌو، صاف ۽ معتبر علم آهي.

انهيءَ باري ۾ هو چوي ٿو: ”(البت) هڪڙي قسم جو علم اهڙو آهي، جيڪو انهن (مٿي بيان ڪيل) وسيلن جو محتاج نه آهي؛ ۽ اهو آهي اطلاعاتي تارن جي پڄاڻين ۽ پڇڙين وٽ جيڪي ڪجهه آهي تنهن جي اصلي نوعيت جو علم.“

هيءُ علم اهو نه آهي، جيڪو ٻاهريون شيون پنهنجي متعلق اسان کي پيغامن يا خبرن جي صورت ۾ تنتي سرشتي جي اطلاعاتي تارن وسيلي پهچائينديون رهن ٿيون، بلڪه هيءُ علم، هڪ شيءِ جيئن بذات خود آهي، تنهن شيءِ جو علم آهي؛ ۽ اها شيءِ جيئن بذات خود آهي، يعني اها واحد شيءِ جنهن کي اسين، سندس اصلي صورت ۾، سڌيءَ طرح ڄاڻون ٿا، هڪ ذهني شيءِ آهي: يعني اها شيءِ آهي خود اسان جو ذهن، نفس يا من. اهڙيءَ ريت سر آرٿر ايڊنگٽن آخر هن نتيجي تي ٿو پهچي ته ”ذهن (نفس، من) ئي اها پهرين شيءِ آهي، جنهن جو سڌيءَ طرح اسان کي تجربو حاصل ٿي سگهي ٿو ۽ ٿئي ٿو: هن کان سواءِ ٻيون جيڪي به ڳالهيون آهن سي سڀ محض ڏورانهان انومان آهن. اسان کي صرف پنهنجي ئي ذهني ۽ روحاني شخصيت جو علم حاصل ٿي سگهي ٿو: اسين ڪنهن به ٻيءَ شيءِ کي ايترو ويجها نه آهيون، جيترو پنهنجي پاڻ کي. هيءُ علم زياده ۾ زياده ويجهڙائيءَ کان، ۽ پنهنجي پاڻ سان اسان کي جيڪي قريب ترين واسطا آهن، تن معرفت اسان کي حاصل ٿئي ٿو. هن علم جي تحصيل جا طريقا علم طبيعات جي سمورن ٻڌايل طريقن کان الڳ ۽ اعليٰ آهن.“

سائنس مان نڪتل نتيجن جي اهميت:

آءُ اشارتاً به ائين چوڻ نٿو چاهيان ته مٿي بيان ڪيل نتيجو ڪو هرو ڀرو صحيح آهي. جيڪو فلسفو، داخلي عينيت (Subjective Idealism) کي مڃڻ وارن فيلسفن وانگر، چوي ٿو ته اهي شيون جيڪي حواسن وسيلي اسين معلوم ڪريون ٿا، سي صرف معلوم ڪندڙ جي ذهن ۾ ئي موجود آهن يا سندس ذهن تي ئي انهن جي وجود جو انحصار آهي، اُنهيءَ فلسفي کي ڪو حق ڪونهي، جو سائنسدان جن ڳالهين جي بنا تي سائنس جا نتيجا مرتب ڪن ٿا، تن ڳالهين کي هو وٺي پنهنجي ثابتيءَ ۾ استعمال ڪري. مون حواسن وسيلي خبر متعلق سائنس جا ٻڌايل نتيجا جو هتي پيش ڪيا آهن، تنهن مان منهنجو مقصد فقط هيءُ آهي ته عام سمجهه جو هيءُ خيال ته ٻاهرين دنيا ڪن جسماني شين جي ٺهيل آهي، جن کي ڪي اصلي خاصيتون آهن، ۽ اهي شيون هوبهو جيئن آهن تيئن، گويا ڪنهن الهامي طريقي سان، اسان جي ذهن کي معلوم ٿي وڃن ٿيون، انهيءَ عام خيال جي مخالفت ۾ جيڪي به دليل اسان وٽ موجود آهن، پوءِ اهي فلسفي جا بيان ڪيل هجن يا سائنس جا، اهي سمورا دليل هتي، هڪ ئي وقت بيان ڪري ڇڏيان. ٻاهرينءَ دنيا متعلق اسان کي جنهن به سلسلي ماتحت خبر يا ڄاڻ حاصل ٿئي ٿي، انهيءَ سلسلي ۾ اسان جي ذهن جو زياده دخل آهي يا اسان جي بدن ۽ حواسن جي عضون جو،- ٻنهي حالتن ۾ هن خيال کي اسين ڪنهن به طرح نظرانداز نٿا ڪري سگهون ته دنيا جون جيڪي به خاصيتون اسين معلوم ڪريون ٿا، تقريباً انهن سمورين خاصيتن جو انحصار اسان تي آهي. جيڪڏهن ائين نه هجي ته پوءِ ساڳي شيءِ مختلف ماڻهن کي، يا مختلف حالتن ۾ ساڳئي ماڻهوءَ کي، مختلف صورتن ۾ ڇو ڏسڻ ۾ اچي؟ ”الف“ کي هڪڙي شيءِ نيري ٿي ڏسڻ ۾ اچي، ۽ ”ب“ جيڪو رنگ- انڌو (Colour Blind) آهي، تنهن کي اها ساڳي شيءِ سائي ٿي ڏسڻ ۾ اچي، ائين ته نٿو چئي سگهجي ته اها شيءِ هڪ ئي وقت نيري به آهي ۽ سائي به! ته پوءِ اسان وٽ ڪهڙو معقول سبب آهي، جو چئون ته اها واقعي نيري آهي، سواءِ رڳو هن جي ته ”دستوري“ نظر ۾ اها نيري ٿي ڏسڻ ۾ اچي؟ ائين ڀلا ڇو نه چئون ته اها جيئن هڪ رنگ- انڌي شخص کي سائي ڏسڻ ۾ ٿي اچي، تيئن واقعي آهي به سائي؟ ڇا، ائين محض ان ڪري نه چئون ته رنگ- انڌو شخص اقليت ۾ آهي؟ سڌو سادو نتيجو هن مان ته هيءُ ئي ڪڍي سگهجي ٿو ته ظاهري رنگن جو هيءُ فرق هنن ٻنهي شخصن جي محض مختلف بدني ساخت تي آهي. ٻيو مثال وٺو: جيڪڏهن اسين پنهنجين اکين ۾ سئنٽونين (Santonin) وجهنداسون ته اسان کي هر ڪا شيءِ پيلي ڏسڻ ۾ ايندي. هن حالت ۾ اسين ائين به نٿا چئي ته اسان جي ڏسڻ جي حواس ۾ اندروني تبديلي واقع ٿي آهي، جنهن ڪري اسان کي دنيا مختلف ڏسڻ ۾ اچي ٿي: تنهن جي معنيٰ ته اسين صرف ائين چئي سگهون ٿا ته هر طرف جو پيلاڻ اسين ڏسون ٿا، سو محض اسان جي ڏسڻ جي حواس جي هڪ خاص حالت ڪري ائين ٿيو آهي. جيڪڏهن پيلاڻ جي حقيقت اها آهي، ته پوءِ اسان کي ڪو سبب ڪونهي جو چئون ته ٻيا سڀئي رنگ جيڪي رواجي طرح اسين ڀانيون ٿا ته دنيا ۾ ڏسندا رهون ٿا، تن سڀني جي به اها ئي ساڳي حقيقت نه آهي!

(ڪراچي، فيبروري 1957ع)


*  اصلي خاصيت شيءِ جي اُها خاصيت آهي، جنهن جو منجهس موجود هئڻ ڪنهن به ٻيءَ شيءِ يا ڪنهن به ٻين شين سان سندس لاڳاپي هئڻ تي مدار نٿو رکي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org